ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1176
  • 582
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

ڪرامتن وارو مولوي

چوڌري موجو پراڻي بڙ جي ڇانوَ ۾ کٽ تي سڪون سان حقو پي رهيو هو ۽ هن جي وات مان دونهون نڪري ٻن ٻنپهرن جي گرم هوا ۾ گم ٿي پئي ويو.
هو صبح کان پنهنجي ٻنيءَ ۾ هر هلائي ٿڪجي پيو هو، سخت گرمي هئي ڪانوَ جي پئي اک نڪتي، پر هن سڪون سان حقو پي مزو پئي ورتو. حقو پيئڻ سان هن جو سارو ٿڪ لهي ويو هو.
هن جو پگهر به سُڪي ويو آهي پر هن کي جسم ۾ ٿڌاڻ محسوس ڪو نه ٿي هو جيڪڏهن ٿڌاڻ محسوس ڪري پيو ته اها هن کي حقي پيئڻ سان نصيب ٿئي پئي.
هو حُقي مان ڀرپور مزو وٺي رهيو هو، هن کي خبر آهي ته هن جو ٿَڪُ صرف چند گهڙيون حقو پيئڻ سان لهي سگهي ٿو.
هن جو پگهر بلڪل سُڪي ويو آهي ۽ گرم هوا هن کي ڪا به ٿڌاڻ ڪو نه ٿي پهچائي، پر حقي جو ٿڌو لذيذ دونهون هن جي دل ۽ دماغ کي سُرور پهچائي رهيو آهي.
هاڻي مانيءَ جو وقت هو، ماني ۽ لسي هن ڏانهن سندس اڪيلي سڪيلڌي ڌيءَ جينان کڻي ايندي هئي، هو روزانو ٺيڪ وقت تي ماني کڻي پهچندي هئي. گهر ۾ جينان کي ڪو به هٿ ونڊائڻ وارو ڪو نه هو. هن جي ماءُ هئي جنهن کي به ٻه سال اڳ چوڌري موجوءَ طلاق ڏيئي ڇڏي هئي.
هن جي سڪيلڌي ڌيءَ جينان نهايت فرمانبردار ڇوڪري هئي، هو پنهنجي پيءُ جو تمام گهڻو خيال رکندي هئي، گهر جو ڪم ڪار به نهايت هوشياري سان ڪندي هئي، واندڪائي ۾ هوءَ چرخو هلائيندي هئي يا پنهنجي سهيلين سان ڳالهين ۾ گذاريندي هئي. چوڌري موجو جي زمين ايڏي وڏي به ڪا نه هئي پر هن کي پنهنجي گذاري لاءِ ڪافي هئي. جنهن ڳوٺ ۾ چوڌري موجو رهندو هو، اهو ڳوٺ بلڪل ننڍڙو ڳوٺ هو. هن جي ڳوٺ ڀرسان ڪا به ريلوي اسٽيشن ڪا نه هئي. ڪو به سڌو رستو شهر ڏانهن ڪو نه پئي آيو. ڪچو رستو هو جيڪو ڪنهن ٻئي وڏي ڳوٺ وٽان پڪي رستي سان ملندو هو. چوڌري موجو هر مهيني ۾ هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي گهوڙي سوار ڪري ان وڏي ڳوٺ ڏانهن ويندو هو ۽ روزمرهه جو ضروري سامان وٺي ايندو هو.
پهريون هو ڏاڍو خوش هو. هن کي ڪو به فڪر ڪو نه هو. ٻن ٽن سالن کان هن کي پٽ جي اولاد/وارث بابت فڪر ورايس جيڪا سندس نصيب ۾ نه هئي پر پوءِ هن شڪر ڪندي چيو ته جيڪو الله کي منظور، هينئر جڏهن کان هن پنهنجي زال کي طلاق ڏئي پيڪين اماڻي ڇڏيو آهي تڏهن کان هن جي زندگي تتل رڻ بڻجي وئي آهي، هو سمجهي ٿو ته سندس زال سڄو ڀاڳ ساڻ کڻي وئي آهي.
چوڌري موجود هڪ مذهبي ماڻهو آهي پر هن کي صرف ٽن شين جي خبر آهي هڪ الله جي عبادت ڪرڻ، ٻيو محمد صه جيڪو الله جو رسول صه آهي ان جا حڪم مڃڻ ۽ ٽيون قرآن پاڪ جيڪو خدا جو ڪلام پاڪ آهي ۽ محمد صه جن تي نازل ٿيو آهي ۽ بس.
نمازن ۽ روزي کان بي پراوهه ماڻهو هن ڳوٺ ۾ رهندا هئا. هن جي ڳوٺ ۾ ڪا به مسجد ڪا نه هئي ڏهه پندرهن گهر هئا اهي به ٿوري ٿوري سڏ پنڌ تي آباد هئا. ماڻهو صرف الله جو ذڪر ڪندا هئا. انهن جي دلين ۾ صرف خدا جو خوف رهندو هو. تقريبا هر گهر ۾ قرآن شريف موجود هوندو هو پر پڙهڻ ڪو به ڪو نه ڄاڻيندو هو. سڀئي احترام قرآن شريف کي پوتيون پهررائي طاق تي رکي ڇڏيندا هئا. قرآن شريف جي ضرورت تڏهن پوندي هئي جڏهن ڪنهن کان ڪا ڳالهه سچي ڪرائڻي پوندي هئي يا ڪنهن ڳالهه تي قسم کڻڻو پوندو هو.
ڳوٺ ۾ ملان، مولوي جي شڪل تڏهن نظر ايندي هئي، جڏهن ڪو وهانءُ ٿيندو هو باقي جنازي جي نماز به ڳوٺ وارا پاڻ پڙهندا هئا. چوڌري موجو اهڙن موقعن تي تمام گهڻو ماڻهن جي ڪم ايندو هو. هن جي گفتار ۾ وڏو اثر هو، هو جڏهن به ڪنهن مرحوم جي خوبين جي واکاڻ ڪندو هو يا مغفرت لاءِ دعا ڪندو هو ڄڻ هن جي گهر جو ڀاتي هو.
گذريل سال هن جي دوست دينو جو جوان پٽ مري ويو ته هن ان نوجوان جي لاش کي قبر ۾ لاهيندي چيو ته هاءِ هاءِ ڇا ته حسين جوان هو، ٿُڪ اڇليندو هو ته ويهه وال پري ڪرندي هئي، هن جي پيشاب جي ڌار تمام پري وڃي ڪرندي هئي، ساهه منجهائڻ جو ته ماهر هو نعرو هڻي ٻن آڱرين سان نڪ کي ائين کوليندو هو جيئن ڪرتي جو بٽڻ کلي پوي. يار دينو تو لئه اڄ قيامت جو ڏينهن آهي، تون ڪڏهن به هي صدمو برداشت ڪري نه سگهندي، اهڙو حسين نوجوان...
اهڙو خوبصورت للنگ جوان.... نيتي سونارڻ جهڙي خوبصورت هٺيلي ڇوڪريءَ هن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪيترائي تعويذ ڪيا پر واهه سائين واهه قربان وڃانس دينو تنهنجي پٽ تان... تنهنجو ڇوڪرو لنگوٽي ٻڌڻ جو ماهر هو، خدا ڪري جنت ۾ سڀ کان حسين حور هن کي ملي ۽ اتي به لنگوٽي ٻڌڻ ۾ پڪو رهي ته جيئن الله تعاليٰ خوش ٿي هن مٿان رحمتون نازل ڪندو رهي آمين.
هن جي خطبي ٻڌڻ کانپوءِ ماڻهن جنهن ۾ دينو به شامل هو اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا ۽ پاڻ موجوءَ جي اکين مان به ڳوڙها وهي نڪتا هئا.
چوڌري موجوءَ جڏهن پنهنجي زال ڦتان کي طلاق ڏني هئي ته هن ڪنهن بزرگ يا ملان مولوي سان صلاح جي ضرورت محسوس ڪو نه ڪئي، هي وڏن کان ٻڌندو پئي آيو ته ٽي ڀيرا طلاق.... طلاق.... طلاق چوڻ سان قصو ئي ختم ٿي وڃي ٿو. طلاق ڏيڻ کانپوءِ ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن کي احساس ٿيو ته هن جلدبازي مان ڪم ورتو آهي ۽ غلط فيصلو ڪيو آهي، جنهن تي هن کي پشيماني ٿي ۽ هاڻي هو پڇتائي رهيو هو. زال مڙس وچ ۾ جهيڙو ٿيندو رهندو آهي پر طلاق واري نوبت نه ايندي آهي، درگذر ڪرڻ گهرجي هان!
ڦتان هن کي بيحد پسند هئي هاڻي هو جوان ڪو نه هئي پر پوءِ به هن کي هن جو سينڊول جسم وڻندو هو، هن جون مٺيون مٺيون ڳالهيون هن کي موهي وجهنديون هيون. آخر هوءَ جينان جي ماءُ به هئي هاڻي ڇا ٿيندو تير ڪمان مان نڪري چڪو هو.
چوڌري موجو جڏهن به ڦتان بابت سوچيندو هو ته هن جي حقي جو دونهون هن جي نڙي ۾ ڦاسي پوندو هو.
ماءُ وانگر جينان به نهايت حسين خوبصورت هئي، ٻن سالن ۾ ڪافي وڏي ٿي چڪي هئي، هاڻي خوبصورت جينان جواني جي ڏاڪي تي چڙهي چُڪي هئي، هن جي انگ انگ مان جواني ڦٽي نڪتي هئي، چوڌري موجوءَ کي هاڻي هن جي وهانءَ جو به فڪر هو، ان موقعي تي ڦتان هن کي گهڻو ياد ايندي هئي.
وڏي کٽ تي چوڌري موجو پنهنجي جاءِ ٺاهيندي ۽ گوڏ کي ٺيڪ ڪري حُقي مان ڊگها ڊگها ڪش هڻڻ لڳو ۽ کنگهڻ لڳو. کنگهڻ دوران هن کي ڪنهنجو آواز ٻڌڻ ۾ آيو “السلام عليڪم ورحمته الله وبرڪاتهُ”.
چوڌري موجوءَ ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو ته هن کي سفيد ڪپڙن ۾ هڪ ڊگهي ڏاڙهيءَ وارو بزرگ نظر آيو. هن سلام جو جواب ڏنو ۽ سوچڻ لڳو ته هي شخص ڪٿان آيو؟ بزرگ وڏين اکين ۾ سرموپاتل هو ۽ رعبدار پئي لڳو. سندس ڏاڙهي (سونهاري) جا وار اڌ اڇا ۽ اڌ ڪارا هئس پر ڪارا گهٽ هئا. سفيد دستار سان مٿو ڍڪيل هو ۽ ڪنڌ تي پيلي رنگ وارو رشمي رومال ۽ هٿ ۾ چانديءَ جي مٺئي واري ٿُلهي لٺ هئي، پيرن ۾ ڳاڙهي رنگ جو نرم جوتو پهريل هوس.
چوڌري موجوءَ جڏهن بزرگ کي غور سان ڏٺو ته هن جي دل ۾ عزت ۽ احترام پيدا ٿيو ۽ هو کٽ تان جلدي اُٿي بزرگ کي هٿ ادب جا ٻڌي چوڻ لڳو سائين اوهان ڪٿان کان آياآهيو ۽ ڪيئن حاضر ٿيا آهيو؟
بزرگ چپن تي هلڪي مسڪراهٽ آڻي چيو پير فقير ڪٿان به اچن هنن جو ڪو به گهر نه هوندو آهي هنن جي اچڻ وڃڻ جو ڪو به وقت مقرر ڪونهي. الله تبارڪ تعاليٰ جيڏانهن وڃڻ جو حڪم ڏنو اوڏانهن هلي پوڻ، جتي رڪجڻ جو حڪم مليو اتي رڪجي پياسين”.
چوڌري موجو، بزرگ جي انهن لفظن مان تمام گهڻو متاثر ٿيو هن اڳتي اچي بزرگ جا هٿ وڏي احترام سان چميا ۽ پنهنجي اکين تي رکيا. چوڌري موجوءَ جو گهر اوهان جو پنهنجو گهر آهي “بزرگ سائين”.
بزرگ سڳورو هلڪي مرڪ سان کٽ تي ويٺو ۽ پنهنجي چانديءَ جي مٺئي واري لٺ کي ٻنهي هٿن سان جهلي ان تي پنهنجو مٿو ٽيڪي چيو “الله جل شانهُ کي تنهنجي الائي ڪهڙي ڳالهه پسند آئي جو پنهنجي هن حقير ۽ عارضي بندي کي تو وٽ موڪليو آهي”.
چوڌري موجو خوش ٿي پڇيو ته مولوي صاحب اوهان الله جي حڪم سان هتي آيا آهيو؟
مولوي صاحب پنهنجو لٺ مٿان ٽيڪيل ڪنڌ مٿي کڻي چيو “ ته ڇا مان تنهنجي حۡڪم تي آيو آهيان اسين تنهنجا ٻانها آهيون يا ان جا جنهن جي عبادت ۾ چاليهه سال گذاري رتبو حاصل ڪيو آهي؟
چوڌري موجو ڊڄي ويو ۽ پنهنجي مخصوص سادي ۽ ڳوٺاڻي پُر خلوص سچن جذبن سان احترامن مولوي صاحب کان معافي ورتي ۽ چيائين “مولوي صاحب اسان کي ته نماز پڙهڻ به ڪو نه ٿي اچي اسان کان روزانو ڏوهه به ٿي وڃن ٿا. اسين گهنگار آهيون اسان جي بخشش هاڻي تنهنجي هٿن ۾ آهي”.
مولوي صاحب سرمي لڳل وڏين اکين کي بند ڪندي چيو “مان ان لاءِ هتي آيو آهيان”.
چوڌري موجو پاڻ زمين تي هيٺ ويهي رهيو ۽ مولوي صاحب جي پيرن کي زور ڏيڻ لڳو، ان وچ ۾ چوڌري موجوءَ جي سڪيلڌي ڌيءَ جينان به آئي. جينان مولوي کي ڏٺو ته رئي سان مُنهن کي ڍڪي پردو ڪرڻ لڳي، مولوي جڏهن جينان کي ڏٺو ته پڇيو چوڌري هي ڪير آهي؟
منهنجي ڌيءَ مولوي صاحب “جينان”
مولوي صاحب اڌ اکيون کليل ۽ اڌ اکيون بند ڪري جينان کي ڏسي چوڌري کي چيو “ اسان جهڙن فقيرن کان ڪهڙو پردو؟”.
“اوهان کان ڪو به پردو ڪونهي مولوي صاحب، پردو وري ڪهڙو سائين”.
چوڌري جينان کي چوڻ لڳو “جينان هي مولوي صاحب آهي، الله جو خاص نمائندو هن کي ڪهڙو پردو ٿي ڪرين، پردو نه ڪر”.
جينان رئي سان ڍڪيل چهري تان رَئو هٽائي پنهنجي پيءُ جي حڪم جي بجا آوري ڪئي. مولوي سرمي لڳل اکين مان جينان کي ڏسي، موجو کي چيو تنهنجي ڌيءَ خوبصورت آهي چوڌري”.
انهن لفظن تي جينان شرمائڻ لڳي ۽ مولوي صاحب کي موجوءَ جواب ڏيندي چيو: “مولوي صاحب، ماءُ تي وئي آهي”.
مولوي صاحب وري جينان جي ڦوهه جواني تي نظر وڌي.
چوڌري موجو گهٻرائجي ويو ته هو هاڻي ڪهڙو جواب ڏي. مولوي صاحب وري پڇيو “هن جي ماءُ ڪٿي آهي چوڌري؟”.
چوڌري جلدي جواب ڏنو “گذاي وئي آهي”.
مولوي صاحب جون اکيون وري جينان ڏانهن گهورڻ لڳيون. مولوي صاحب چوڌري جي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ وڏي رعب سان پڇيو “چوڌري تون ڪوڙ ٿو هڻين؟”.
موجو مولوي صاحب جي پيرن تي ڪري پيو ۽ پشيماني واري حالت ۾ چيو “جي سائين مون ڪوڙ ڳالهايو آهي... مون کي معاف ڪندا.. .مان وڏو ڪوڙو ماڻهو آهيان، مون جينان جي ماءُ کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي.” مولوي هڪ ڊگهي “هون” ڪري نظرون جينان کان هٽائي موجوءَ کي چيو “تون گنهگار آهين ڪهڙو قصور هن ان بي زبان جو”.
موجو پريشان ٿي ويو ۽ چيائين “مون کي ته ڪا خبر ڪانهي مولوي صاحب.... معمولي ڳالهه هئي جو وڌي وڃي طلاق تائين پهتي، مان واقعي گهنگار آهيان، طلاق ڏيڻ کان پوءِ ٻي ڏينهن تي ئي مون سوچيو هو ته مان ڪهڙي بيوقوفي ڪئي آهي؟ پر ان وقت ڇا ٿي سگهيو پئي، جهرڪيون فصل چُڳي چڪيون هيون پڇتاءُ سان ڇا ٿي سگهيو پئي مولوي صاحب.
مولوي صاحب چاندي جي مُٺئي واري لٺ موجو جي ڪنڌ تي رکي چيو “الله تعاليٰ جي ذات وڏي آهي هو رحيم ۽ وڏو ڪريم آهي هو چاهي ته بگڙيل ڪم به بڻائي سگهي ٿو. ان جو حڪم ٿيو ته هي حقير فقير تنهنجي نجات لاءِ ڪو رستو ڪڍي وٺندو”.
موجو شڪر گذار ٿي مولوي جي ٽنگن کي چنبڙي پيو ۽ روئڻ لڳو. مولوي صاحب وري جينان کي گهورڻ لڳو. هن جي اکين مان به ڳوڙها وهي نڪتا هئا.
مولوي صاحب رعبدار ۽ حاڪماڻي لهجي ۾ جينان کي چيو “هيڏانهن اچ ڇوڪري اهڙي حۡڪم کي جينان به ٽاري نه سگهي. هوءَ ماني ۽ لسي کي هڪ پاسي رکي مولويءَ جي کٽ ڏانهن هلي آئي. مولوي صاحب هن کي ٻانهن کان وٺي چيو “هتي ويهه....”.
جينان زمين تي ويهڻ لڳي ته مولوي هن جي ٻانهن کي مٿي ڇڪي چيو “مٿي کٽ تي مون سان ويهه...”.
جينان مولوي سان کٽ تي ويهي رهي. مولوي صاحب جينان جي چيلهه ۾ ٻانهن ٽپائي ڇڪي پنهنجي ويجهو ڪري پڇيو “ڇا کڻي آئي آهين منهنجي کائڻ لاءِ”.
جينان هن کان پاڻ ڇڏائڻ لڳي پر مولوي جي ٻانهن هن جي چيلهه ۾ مضبوط جڪڙيل هئي، جينان ڪو چارو نه سمجهي جواب ڏنو “جي... جي ماني ساڳ ۽ لَسي آهي”.
مولوي صاحب جينان جي نازڪ پر مضبوط چيلهه کي هڪ ڀيرو وري هٿ سان زور ڏيندي چيو “ماني ڪڍ ۽ مون کي کاراءِ”.
جينان اُٿي ته مولوي صاحب جي موجو جي ڪنڌ کي چانديءَ جي مُٺئي واي لٺ سان زور ڏئي اٿاريو.
اُٿ چوڌري.... منهنجا هٿ ڌوئار”.
موجو ٽِپ ڏئي اٿيو، ڀرسان کوهه هو اتان پاڻي ڀري آيو ۽ مولوي جا هٿ عاجزي ۽ مريداڻي انداز ۾ ڌوئاريا، جينان کٽ تي ماني رکي مولوي صاحب سموري ماني ۽ ساڳ چٽ ڪري ويو. مٿان لَسيءَ جا ٻه ٽي وٽا پي جينان کي حڪم ڏنو ته هوءَ هاڻي هٿ ڌوئاري. جينان حڪم جي انحرافي نه ڪري سگهي ڇاڪاڻ جو مولوي جي شڪل صورت ۽ ان جو لب و لهجو حاڪماڻو هو.
مولوي صاحب اوڳرايون ڏئي زور سان الحمدالله چيو ۽ ڏاڙهي تي آلو هٿ ڦيرايائين ته ايتري ۾ هڪ ٻي اوڳرائي ڏئي کٽ تي ليٽي پيو. مولوي هڪ اک کي بند ڪري ٻي اک سان جينان جي اڀريل ڇاتين کي ڏسندو رهيو. جينا جلدي ٿانوَ کڻي هلي وئي مولوي صاحب هاڻي ٻئي اکيون بند ڪري چيو “موجو هاڻي آءُ آرام ڪندس”.
موجو ڪافي دير تائين مولوي صاحب جي ٽنگن ۽ پيرن کي زور ڏيندو رهيو. جڏهن هن ڏٺو ته مولوي سمهي پيو آهي ته هن چلم ۾ تماڪ وجهي بکي پيٽ حقو پيئڻ لڳو. پر هو اڄ ڏاڍو خوش هو هن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ هن جي زندگيءَ جووڏو بار هلڪو ٿي ويو هجي. هن دل ۾ پنهنجي مخصوص سادي ۽ ڳوٺاڻي انداز ۾ الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو. جنهن پنهنجي طرفان مولوي صاحب جي روپ ۾ رحمت جو فرشتو هن ڏانهن موڪليو هجي.
پهريون هن چيو ته مولوي وٽ ويٺو رهي ته جيئن خدمت ۾ ڪا ڪسر نه رهجي وڃي، پر جڏهن ڏٺائين ته ڪافي دير ٿي وئي آهي ۽ مولوي به گهري ننڊ ۾ ستل آهي ته هو اٿيو ۽ پنهنجي زمين ڏانهن هليو ويو ۽ پنهنجي ڪم ۾ مشغول ٿي ويو. هن کي ته اهو به خيال نه رهيو ته هو پيٽ بُکيو آهي پر هو نهايت خوش هو ته هن جي حصي جي ماني به مولوي کائي ويو ۽ هن کي ان جو ثواب ضرور مليو هوندو.
شام کان پهريائين جڏهن زمين جي ڪم ڪار کان واندو ٿي واپس وريو ته هن کي نهايت ڏک پهتو ته مولوي صاحب موجود ڪو نه هو. هن پنهنجو پاڻ تي لعنت ملامت ڪئي ته هو مولوي کي اڪيلو ڇڏي ڇو ويو هو، ڪاش! هن جي حضور ۾ ويٺو رهان ها. شايد هو ناراض ٿي ويو هجي ۽ بد دعا ڪري ويو هجي، جڏهن موجو اهو سوچي رهيو هو ته هن جو جسم ڏڪي رهيو هو ۽ اکين مان نير وهي نڪتا هئا.
موجوءَ مولوي صاحب کي هر هنڌ تلاش ڪيو،پر هو ڪٿي به ڪو نه مليو شام ٿي وئي، هن جو ڪو به اطلاع يا پتو نه پئجي سگهيو. موجو پنهنجو پاڻ کي سست ڪاهل چئي لعنت ملامت ڪئي. هو ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳو هن کي رستي ۾ ٻه گهٻرايل نوجوان مليا، موجو انهن نوجوانن کان گهٻراهٽ ۽ پريشاني جو سبب پڇيو ته هنن پهريائين لنوايو پر پوءِ اصل ڳالهه ڪري ٻڌائي ته هو جڏهن زمين ۾ پوريل شراب جو مَٽُ ڪڍي پي رهيا ته هڪ نوراني صورت وارو بزرگ يڪدم نظر آيو ۽ غضبناڪ نظرن سان اسان کي ڏسي چيو ته اوهين حرام پي رهيا آهيو جنهن شيءِ کي الله تبارڪ و تعاليٰ حرام قرار ڏنو آهي اهو پي ڪري ڪيڏو گناهه ڪيو آهي جنهن جو ڪو به ڪفارو ڪونهي. پوءِ اسان کي ڪا به جرئت ڪا نه ٿي سگهي ته ڪجهه چئي سگهون واءُ مينهن هڪ ڪري هتي پهچي ساهه کنيو آهي.
موجوءَ انهن نوجوانن کي ٻڌايو ته اهو نوراني صورت وارو بزرگ الله جو پهتل ٻانهو آهي، خدا خير ڪري هاڻي هن ڳوٺ تي الائي ڪهڙو عذاب نازل ٿيندو. هڪ ته هو هن کي اڪيلو ڇڏي هليو ويو ٻيو وري نوجوانن کي حرام شئي پيئندي ڏسي ورتو هُئائين.
“الله پناهه ۾ رکي... هاڻي الله ئي نگهبان آهي نوجوانو”. چوڌري وڦلندو پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. جينان گهر ۾ موجود هئي پر هن سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪيائين خاموش ٿي کٽ تي حُقو پيئڻ لڳو. هن جي ذهن تي پهتل ٻانهو سوار هو. هاڻي هن کي يقين ٿي ويو ته خدا جي آفت ضرور نازل ٿيندي.
شام جو ماني تيار هئي جينان مولويءَ لاءِ به ماني تيار ڪئي هئي جڏهن هن پنهنجي پيءُ موجوءَ کان مولويءَ بابت پڇيو ته هو ڪٿي آهي؟ ته موجوءَ ڏک ڀري لهجي ۾ چيو “هليو ويو... هليو ويو....” هن جو اسان گنهگارن وٽ ڪهڙو ڪم....”.
جينان کي خود ڏک ٿيو ڇاڪاڻ جو مولوي صاحب چيو هو ته ڦتان واپس اچي سگهي ٿي. پر هينئر ته هو الائي ڪيڏانهن وڃي چُڪو هو. جينان خاموش ٿي ننڍڙي کٽولي تي ويهي رهي ۽ ماني به ٿڌي ٿي وئي.
ٿوري دير ۾ ڪنهن جي اچڻ جو آواز آيو. پيءُ ۽ ڌيءَ ڇرڪجي ويا. موجو تڪڙ ۾ اٿي ٻاهر ويو ۽ چند گهڙين ۾ مولويءَ سميت گهر ۾ داخل ٿيو. ڏيئي جي هلڪي روشني ۾ جينان مولوي کي ڏٺو ته هو لڏندو لمندو پئي آيو ساڻ هن جي هٿ ۾ هڪ ننڍڙو مَٽُ هو.
موجوءَ مولوي صاحب کي سهارو ڏئي کٽ تي ويهاريو، مولويءَ مَٽُ موجو کي ڏيندي وڦلندي چيو “اڄ خُدا منهنجو سخت امتحان ورتو آهي”. تنهنجي ڳوٺ جا ٻه نوجوان شراب جو مَٽُ ڪڍي پيئڻ وارا هئا ته آءٌ پهچي ويس. اُهي نوجوان مون کي ڏسي وٺي ڀڳا. مون کي گهرو صدمو پهتو ته ننڍڙي عمر ۾ ايڏو وڏو گناهه پر پوءِ مون سوچيو ته هن عمر ۾ اڪثر نوجوان ڀٽڪي وڃن ٿا. ان لاءِ مون لاءِ الله تعاليٰ جي حضور ۾ نياز نوڙت سان منٿون ڪري عرض ڪيو ته اي الله هنن نوجوانن جو گناهه معاف ڪيو وڃي، نيٺ جواب مليو، خبر اٿئي موجو! ڪهڙو جواب مليو؟”
“نه سائين، نه....”.
“الله تبارڪ و تعاليٰ جواب ۾ فرمايو ته ڇا تون انهن نوجوانن جو گناهه پاڻ تي کڻين ٿو”. مون عرض ڪيو “ها سائين...” آواز آيو ته “هي سارو مَٽُ کڻي پي وڃ، مان الله..... انهن جوانن جي بخشش ڪري ڇڏيندس”.
موجو وري اهڙي دنيا ۾ هليو ويو جيڪا هن جي پنهنجي خيال جي پيداوار هئي، هن جي لڱن مان سيسراٽيون نڪري ويون، “ته اوهان پي ڇڏيو”.
مولوي ڳالهائڻ وقت تمام گهڻو وڦلي رهيو هو.
ها! مون پي.... پي.... مون نوجوانن جو گناهه پنهنجي سِر تي کنيو آهي... رب العزت جي آڏو سرخرو ٿيڻ لاءِ پيتو آهي. مَٽُ ۾ اڃان شراب آهي اهو به مون کي ئي پيئڻو پوندو. مٽُ کي سنڀالي رک ۽ ڏس هن مان هڪ ڍُڪ به هيڏي هوڏي نه ٿئي.
موجوءَ مٽ جو منهن ڪپڙي سان بند ڪري ڪمري ۾ رکي آيو ۽ موجو واپس صحن ۾ آيو ته مولوي صاحب جينا کان مٿي تي زور ڏياري رهيو هو ۽ هن کي چئي رهيو هو “جيڪو ماڻهو ٻي ماڻهوءَ جي ڪم اچي اهو شخص الله تعاليٰ کي تمام گهڻو پيارو آهي ۽ الله ان مان خوش رهندو آهي ۽ هاڻي هو مون مان تمام گهڻو خوش آهي ۽ مان تو مان گهڻو خوش آهيان”.
ان خوشيءَ ۾ مولوي صاحب جينان کي ڀرسان ويهاري هن جي پيشاني چُمي ورتي ۽ جينان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر مولويءَ زوريءَ ڀاڪر وجهي ويهي رهيو. مولوي جينان کي پنهنجي سيني سان لڳائي موجو کي چيو “چوڌري تنهنجي ڌيءَ جينان جا ڀاڳ کُليا اٿي.”. چوڌري اها ڳالهه ٻڌي مولوي آڏو هٿ ادب جا ٻڌي احسانمند ۽ شڪر گذار ٿيڻ لڳو ۽ چوڻ لڳو “ هي سڀ اوهان جي ڪرم سان ٿيو آهي. اوهان جون لک لک ڀلايون.
مولويءَ جينان کي وري ٻيهر پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيو. “الله مهربان آهي، جينان آءٌ توکي هڪ وظيفو ٻڌائيندس اهو پڙهندي رهه توتي الله تعاليٰ هميشه مهربان رهندو”.
ٻي ڏينهن مولوي ڏاڍي دير سان ننڊ مان اٿيو. موجو ڀَوَ کان زمين تي به ڪو نه ويو ۽ صحن ۾ مولوي جي کٽ ڀرسان ويٺو رهيو. جڏهن هو اٿيو ته هن کي ڏندڻ ڪرايو. وهنجاريو ۽ هن جي حڪم مطابق شراب جو مٽُ کڻي هن جي آڏو رکيو. مولوي صاحب ڪجهه پڙهي مٽ جو منهن کولي ٽي ڀيرا مٽ ۾ شوڪاريو ۽ ٽي پيالا ڀري پي ويو ۽ مٿي آسمان ڏانهن نهاري ڪجهه پڙهيائين ۽ بلند آواز ۾ چيو “يا منهنجا مولا آءٌ تنهنجي هر امتحان ۾ پورو لهندس”.
موجو وڃ.... حڪم ٿيو آهي ته تون هاڻي وڃ ۽ پنهنجي گهر واري ڦتان کي وٺي اچ. هينئر رستو ملي ويو آهي تون وڃ.
موجو ڏاڍو خوش ٿيو. جلدي جلدي هن گهوڙي تي زين رکي مولوي کي چيائين آءٌ صبح ڪي سج ۾ واپس ورندس ۽ جينان کي چيائين ته مولوي صاحب جو خيال رکجانءِ ۽ خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه رهائيجانءِ.
جينان ٿانوَ صاف ڪرڻ ۾ رڌل هئي ۽ هوڏانهن مولوي کٽ تي ويهي هن کي گهوري رهيو ۽ شراب جون پياليون پي رهيو هو. ان کان پوءِ هن ٿلهن مڻين واري تسبيح کيسي مان ڪڍي پڙهڻ شروع ڪئي. جڏهن جينان ڪم مان واندي ٿي ته مولوي چيو “جينان وضو ڪري آءُ” جينان سادگيءَ سان جواب ڏنو مولوي صاحب مون کي وضو ڪرڻ نه ٿو اچي.
مولوي پيار مان جينان کي هدايت ڪئي ته هوءَ الله تعاليٰ کي ڪهڙو جواب ڏيندي. اهو چئي مولوي جينان کي وضو ڪرائڻ لڳو ۽ جيئن ئي جينان وضو ڪري رهي هئي ته مولوي هن جي بدن جي هر عضوي کي تڪيندو رهيو.
“ وضو ڪرائڻ کانپوءِ مولوي صاحب مُصلو گهرايو مُصلو نه مليو ته مولويءَ جينان کي دڙڪا ڏنا ۽ رلهي وڇائڻ لاءِ چيو هوءَ رلهي کڻي آئي مولوي حڪم ڏنو ته هن کي اندر ڪمري ۾ وڇاءِ ۽ جينان ڪمري ۾ رلهي وڇائي، جڏهن جينان رلهي وڇائي ته مولوي جينان کي ٻاهرين در جي ڪنڊي لڳائڻ لاءِ حڪم ڪيو ۽ جينان در کي ڪنڊي ڏني پوءِ مولوي صاحب چيو شراب ۽ پيالو کڻي آ. جينان شراب جو مٽ ۽ پيالو کڻي هن جي اڳيان رکيو، مولويءَ شراب جو مَٽُ ۽ پيالو ڀري اڌ پيالو هڪ ڳيت ۾ پي ويو ۽ اڌ پيالو سامهون رکي ڇڏيو. پوءِ تسبيح کي سورڻ لڳو انهيءَ دوران جينان سندس ڀرسان وٺي رهي ڪافي دير مولوي اکيون بند ڪري وظيفو پڙهندو رهيو ۽ اکيون کولي ٽي ڀيرا شراب جي پيالي ۾ شوڪاريو ۽ جينان کي حڪم ڪيو ته هي شراب جو پيالو پي ڇڏ”.
جينان شراب جو پيالو هٿن ۾ کنيو ته هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا مولوي جلال ۾ اچي ويو ۽ جينان کي گهورڻ لڳو “مان چوانءِ ٿو پي وڃ تنهنجا سمورا ڏک سور لهي ويندا”.
جينان شراب جو پيالو کڻي پي وئي مولوي چپن تي هلڪي مسڪُراهٽ آڻي جينان کي چيو آءُ وري وظيفو پڙهڻ شروع ڪيان ٿو جڏهن وظيفو پڙهندي شهادت جي آڱر سان اشارو ڏيانءِ ته اڌ پيالو مَٽُ مان ڪڍي پي ڇڏجانءِ... سمجهي وئينءَ”.
مولوي صاحب هن کي ڳالهائڻ جو موقعو ئي ڪو نه ڏنو ۽ اکيون بند ڪري مراقبي ۾ هليو ويو جينان جي وات جو ذائقو خراب ٿي ويو. هن کي ائين لڳو ته هن جي سيني مان باهه جا اُلا نڪري رهيا هجن. هوءَ چاهي پئي ته اُٿي ٿڌو پاڻي پيئي پر هوءَ اُٿي نه سگهي. نڙي سڙي رهي هئي ايتري ۾ مولوي صاحب شهادت واري آڱر مٿي کنئين. جينان به مڪمل هپناٽائيز ٿي چُڪي هئي. هن بي وسي ۾جلدي پيالو مَٽُ مان ڀري پي ڇڏيو.. هن کي ڪوڙاڻ جو احساس ٿيو ۽ ٿوڪڻ به چاهيو پر هوءَ اُٿي نه سگهي. مولوي صاحب وري اکيون بند ڪري تسبيح کي سورڻ لڳو. جينان جو مٿو چڪرائجي رهيو هو ۽ هن کي ننڊ اچي رهي هئي. هن نيم بيهوشي واري حالت ۾ محسوس ڪيو ته هوءَ ڪنهن ڏاڙهي مڇ ڪوڙيل جوان مرد جي هنج ۾ هئي ۽ هو بهشت ڏيکارڻ لاءِ وٺي وڃي رهيو هو.
جينان جڏهن اکيون کوليون ته هن پاڻ کي رلهيءَ تي ليٽيل محسوس ڪيو. هن خماريل اکين سان هيڏي هوڏي نهاريو پوءِ هن ان متعلق سوچڻ شروع ڪيو ته هوءَ هتي ڇو سمهي پئي هئي. ٿوري دير ۾ جينان کي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو ۽ هوءَ وري سمهڻ لڳي پر هڪدم اُٿي ويٺي، مولوي صاحب ڪٿي هو؟ ۽ بهشت...؟
ڪير به ڪو نه هو هوءَ ڪمري کان نڪري صحن ۾ آئي ته ڪافي ڏينهن گذري چڪو هو ۽ مولوي ٻاهر وضو ڪري رهيو هو. مولوي جينان جي پيرن جو آواز ٻڌي پوئتي جينان ڏانهن نهاريو ۽ هلڪي مسڪراهٽ چپن تي آندائين ايتري ۾ جينان واپس ڪمري اندر هلي وئي ۽ رلهيءَ تي ويهي پنهنجي ماءُ بابت سوچڻ لڳي جنهن کي پڻس موجو وٺڻ ويو هو، جنهن جي واپس ورڻ ۾ پوري رات باقي هئي.
هن کي سخت بک لڳي هئي، هن ڪجهه پچايو به نه هو. هن جي ننڍڙي پريشان دماغ ۾ بيشمار ڳالهيون آيون ان وچ ۾ مولوي صاحب آيو ۽ چئي هليو ويو ته “مون کي تنهنجي پيءُ لاءِ هڪ وظيفو ڪرڻو آهي. ساري رات قبر مٿان ويهندس ۽ صبح سوير موٽي ايندس ساڻ تنهنجي لاءِ دعا گهرندس”.
مولوي صبح سوير گهر ۾ آيو هن جي وڏين اکين ۾ سرمو ڪو نه هو. اکيون ڳاڙهيون هيون. هو هٻڪي هٻڪي ڳالهائي رهيو هو ۽ قدم به لڙکڙائجي رهيا هئس. هو صحن ۾ ايندي ئي جينان کي ڏسي مسڪرائڻ لڳو ۽ اڳتي وڌي جينان کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي چمڻ لڳو پوءِ کٽ تي ويهي رهيو. جينان ننڍڙي کٽ تي ويهي رهي ۽ گذريل ڌنڌلي واقعي بابت سوچڻ لڳي. هاڻي هن کي پيءُ جو به انتظار هو جنهن کي هينئر تائين پهچڻ گهرجي ها. ماءُ کان وڇڙي به هن کي ٻه سال ٿي چڪا هئا ۽ بهشت.... بهشت ڇا ته بهشت هو ۽ ڇا ته بهشت جا مزا ها.....!! اهو مولوي صاحب هو؟ پر هن کي ڌنڌلو خيال هو ته ان ماڻهوءَ کي ڏاڙهي مڇ بلڪل ڪو نه هئي ۽ هو بلڪل ڳڀرو جوان هو.
مولوي ٿوري دير کان پوءِ جينان کي چيو “جينان اڃان تائين موجو ڪو نه پهتو آهي”.
جينا خاموش رهي.
مولويءَ وري هن کي چيو “مون ساري رات هڪ پراڻي قبر مٿان ڪنڌ جهڪائي اونداهي رات ۾ هن لاءِ وظيفو پڙهندو رهيس ڪڏهن ايندو هو؟ ڇا هو تنهنجي ماءُ کي وٺي ايندو؟
جينا صرف ايترو جواب ۾ چيو “مونکي خبر ناهي شايد ايندا هجن...” ايندا.....!” امان به ايندي پر صحي خبر نٿي پوي”.
ايتري ۾ ڪنهن جي اچڻ جو آواز آيو. جينان جيئن ئي اُٿي ته سندس ماءُ ڦتان سامهون نظر آيس هوءَ هن کي ڏسي ڀاڪر ۾ پئجي وئي ۽ هن جي اکين مان لڙڪ وهي نڪتا.
موجو اچڻ سان ئي مولوي صاحب کي وڏي عزت ۽ احترام سان سلام ڪيو. هن پنهنجي زال ڦتان کي چيو “ڦتان سلام ڪر مولوي صاحب کي”.
ڦتان ڌيءَ کان الڳ ٿي ۽ اکين مان وهندڙ ڳوڙهن کي اگهي اڳيان وڌي ڪري مولوي کي سلام ڪيو. مولوي پنهنجي ڳاڙهين اکين سان ڦتان کي گهوري موجوءَ کي چيو “ساري رات قبر مٿان ويهي تنهنجي لاءِ وظيفو ڪيو آهي. هاڻي جو هاڻي اتان اٿي آيو آهيان. الله تعاليٰ منهنجي ٻڌي ورتي آهي انشاءَ الله سڀ ٺيڪ ٿي ويندو”.
موجو فرش تي ويهي مولوي جي پيرن کي زور ڏيڻ لڳو ۽ ايترو ته مولوي جو احسانمند هو جو ان احسان جو اظهار به نه ڪري پئي سگهيو. هن ڦتان کي روئڻهارڪي آواز ۾ چيو “هيڏانهن اچ ڦتان تون ئي مولوي جو شڪر ادا ڪر مون کي ته نٿو اچي”.
ڦتان پنهنجي مڙس سان گڏ اچي ويٺي ۽ صرف ايترو چئي سگهي ته “اسين غريب تنهنجي احسان جو بدلو ڪيئن چڪائينداسين”.
مولوي ڦتان کي غور سان ڏسي موجو کي چيو “موجو تون درست چيو ته ڦتان خوبصورت آهي، هن عمر ۾ به جوان آهي بلڪل ٻي جينان ٿي لڳي، پر ان کان به وڌيڪ خوبصورت آهي آءٌ سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏيندس، ڦتان اهو سڀ الله جو فضل ۽ ڪرم سان ٿيو آهي”.
زال مڙس خاموش ٿي ويا. موجوءَ مولوي جي پيرن ۽ ٽنگن کي زور ڏيندو رهيو. جينان چلهو ٻاري رهي هئي ٿوري دير ۾ مولوي اٿيو ڦتان جي مٿي تي هٿ رکي شفقت ۽ پيار ڏنو. موجو کي چيو ته الله تعاليٰ جو حڪم آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ۽ پوءِ وري انهيءَ کي پنهنجي زال بڻائڻ چاهي ته اها عورت ڪنهن ٻي مرد سان نڪاح ڪري ۽ پوءِ ان کان طلاق حاصل ڪري. اهڙيءَ طرح پوءِ اها ساڳي زال ساڳئي مڙس جي جائز زال آهي”.
موجو آهستي چيو ”سائين اهو ته مون به ٻڌو آهي”.
مولوي موجو کي اٿاريو ۽ هن جي ڪنڌ تي هٿ رکي چيو ”مون خدا تعاليٰ جي حضور ۾ دعا گهري آهي ته موجو کي اهڙي ڏکي سزا نه ڏي هن غريب کان ڀُل ٿي چڪي آهي. پوءِ آواز آيو ته آءٌ الله روزانو تنهنجون سفارشون ڪيستائين ٻڌندو رهندس. توکي پنهنجي لاءِ جيڪو گهرڻو آهي گهر. آءٌ الله ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. مون عرض ڪيو يا الله منهنجا آقا، دنيا جهان جا مالڪ مان پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه گهرندس. تنهنجو سڀ ڪجهه مون کي ڏنل آهي موجوءَ کي پنهنجي زال سان محبت آهي. ارشاد فرمايائون “آءٌ الله موجوءَ جي پنهنجي زال سان محبت جو ۽ تنهنجي ايمان جو امتحان وٺندس. تون هڪ ڏينهن لاءِ ڦتان سان نڪاح ڪر ۽ ٻي ڏينهن طلاق ڏئي موجو جي حوالي ڪري ڇڏ” مان الله تنهنجي لاءِ صرف اهو ئي ڪري سگهان ٿو. اهو به ان ڪري جو تون چاليهه سال منهنجي دل سان عبادت ڪئي آهي.
موجو خوش ٿيندي مولوي صاحب کي چيو ”سائين مون کي منظور آهي.....” مون کي منظور آهي”. موجو جي منظوري کان پوءِ مولوي جي منهن جو رنگ ڳاڙهو ٿي ويو ڦتان تي فاتحانه نظر وجهندي پڇيو ”تون ٻڌاءِ ڦتان؟
پر موجوءَ ڦتان جي جواب جو انتظار ئي ڪو نه ڪيو ۽ چئي ڇڏيو “سائين اسان ٻنهي کي منظور آهي”.
مولوي اکيون بند ڪري چپن ۾ ڪجهه پڙهڻ لڳو، پڙهي ٻنهي مٿان شوڪاريائين ۽ آسمان ۾ نهاريائين.
“الله تبارڪ تعاليٰ اسان سڀني کي امتحانن ۾ پاس ڪيو آهي، موجو کي چيائين “چڱو موجو مان هاڻي هلان ٿو. تون ۽ جينان اڄ رات ڪٿي هليا وڃجو ۽ صبح سوير اچجو”. اهو چئي مولوي ٻاهر هليو ويو.
جينان ۽ موجو تياري ڪئي. جڏهن شام جو مولوي واپس آيو ته هنن سان نهايت مختصر ڳالهايو. شايد هو ڪجهه ورد ڪري رهيو هو. آخر ۾ مولوي اشارو ڪيو جنهن تي موجو جينان کي ساڻ ڪري گهر کان ٻاهر نڪري ويو.
مولوي صاحب در جي ڪنڊي چاڙهي ڦتان کي چيو “تون اڄ رات منهنجي زال آهين وڃ اندران بسترو کڻي کٽ تي وڇاءِ اسين سمهنداسين”.
ڦتان اندران ڪمري مان بسترو کڻي کٽ تي وڇايو مولوي ڦتان کي چيو “تون ويهه مان اچان ٿو”.
اهو چئي مولوي اندر ڪمري ۾ ويو ۽ ڪمري ۾ ڏيئو ٻاري ڪنڊ ۾ پيل مٽ کي ڇلڪائي ڏٺو. اڃان شراب اٿس، هن مٽ کي وات تي چاڙهي وڏا وڏا ڍڪ پيتا ۽ ڪنڊ ۾ پيل ريشمي رومال سان ڏاڙهي، مڇن ۽ چپن کي صاف ڪرڻ لڳو.
ڦتان کٽ تي ويٺي رهي. ڪافي دير کان پوءِ مولوي ڪمري کان ٻاهر آيو ته هن جي هٿ ۾ پيالو هو ۽ پيالي ۾ ٽي ڀيرا پڙهي دم ڪيائين پوءِ ڦتان کي ڏنائين “وٺ هي پيالو پي وڃ”.
ڦتان سارو پيالو پي وئي، اُلٽي اچڻ لڳس ته مولوي هن جي پٺيءَ کي مهٽڻ لڳو ۽ چيائين “جلدي ٺيڪ ٿي وڃ”.
ڦتان مولوي جي ڪرامت سان جلدي ٺيڪ ٿي وئي ۽ مولوي صاحب هن جي جسم کي چنبڙي پيو.
صبح سوير جينان ۽ موجو گهر واپس آيا ته هنن ڏٺو ته صحن ۾ ڦتان ليٽي پئي آهي ۽ مولوي موجود ڪو نه هو موجو سوچيو ته شايد مولوي ٻاهر زمين ڏانهن ويو آهي. هن ڦتان کي ننڊ مان جاڳايو. ڦتان آرس ڀڃندي آهسته آهسته اکيون کولي چپن ۾ ڀڻڪڻ لڳي.
بهشت....
بهشت... پر جڏهن هن موجوءَ کي سامهون ڏٺو ته هن مڪمل اکيون کوليون ۽ بستري تي ليٽي پئي.
موجوءَ پڇيو “مولوي صاحب ڪٿي آهي”.
ڦتان اڃان پوري هوش ۾ ڪو نه آئي هئي. “مولوي صاحب ڪهڙو؟ مولوي صاحب هو ته ... خبر ناهي ڪيڏانهن ويو هتي ته ڪونهي”.
“ناهي” موجوءَ چيو “مان ٻاهر ٿو ڏسانس”.
هو وڃي رهيو هو ته ڦتان جي هلڪي رڙ هن کي ٻڌڻ ۾ آئي، موجو واپس وريو. هن ڏٺو ته ڦتان ڪاشئي وهاڻي هيٺان ڪڍي رهي هئي ۽ جڏهن پوري ڪڍي ٻاهر رکيائين ته چيو “هي ڇا آهي...!”.
موجوءَ چيو .... “وار”
ڦتان وارن کي فرش تي اڇلايو، موجوءَ وارن کي فرش تان کڻي غور سان نهاريو ته ڏاڙهي ۽ مُڇ.”
جينان گڏ بيٺي هئي تنهن چيو “مولوي جي ڏاڙهي ۽ مُڇ”.
ڦتان کٽ تي ويٺي ئي چيو “ها! ها مولوي جي ڏاڙهي ۽ مڇون آهن”.
موجو وڏي چڪر ۾ پئجي ويو “ته مولوي ويو ڪيڏانهن” پر جلد هن جي سادي ۽ سٻاجهي دماغ ۾ خيال آيو ته هن جينان ۽ ڦتان کي چيو ته توهان بلڪل نه سمجهو پر مان سمجهي ويس. ڪوئي ڪرامتن وارو بزرگ هو، جيڪو اسان جو ڪم لاهي ويو ۽ هي نشاني ڇڏي ويو. هن انهن وارن کي چميو ۽ اکين تي رکيو ۽ وارن کي جينان کي ڏيندي چيو “وڃ انهن وارن کي صاف ڪپڙي ۾ ويڙهي وڏي صندوق ۾ رک، خدا جي حڪم سان گهر ۾ برڪت رهندي. جينان اندر ڪمري ۾ وئي موجوءَ ڦتان جي ڀرسان ويهي رهيو ۽ پيار سان چوڻ لڳو “مان هاڻي نماز پڙهڻ سکندس ۽ ان بزرگ لاءِ دعا گهرندس جنهن اسان ٻنهي کي ملايو. موجوءَ جي انهن لفظن تي ڦتان خاموش ٿي وئي.