پنهنجي پاران
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. ان حوالي سان سعادت حسن منٽو لاءِ ڪرشن چندر جو حوالو ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان:
“هڪ صبح جو ڪرشن جي گهر جو دروازو زور سان کڙڪيو، ڪرشن دروازو کوليو ته هڪ همراهه سامهون بيٺو هو، نهايت غمگين هيو ۽ ڏکويل لهجي ۾ ڪرشن چندر کي چيو، ته اوهان جو دوست منٽو گُذاري ويو آهي، تنهن تي ڪرشن چندر فورن ان همراهه کي وراڻيو ته “ هو زندهه ڪڏهن هو....؟”
سعادت حسن منٽو پنهنجي جيئري ئي پنهنجي هٿن سان قبر جو ڪتبو هيئين لکيو هو:
پهريون لفظ
786
ڪتبو
هِتي
سعادت حسن منٽو دفن آهي
جنهن جي سيني ۾ فنِ افسانا نگاريءَ جا سمورا راز
۽ اسرار دفن ٿيل آهن،
هو هاڻِ به مڻين مٽيءَ هيٺان سوچي رهيو آهي،
ته هو وڏو افسانه نگار آهي،
يا خدا؟
سعادت حسن منٽو
18 آگسٽ 1954ع.
منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو. منٽو پنهنجي سوچ ۾ هڪ پختو ماڻهو هو، پنهنجي دور جو هڪ وڏو سچ هو، جنهن مملڪت فرنگي ۽ مملڪت خداداد جي ريتن، روايتن تحت انهن جي مڙهيل قانونن سان پوري عمر جنگ وڙهندي گذاري. هو نه صرف حاڪمن تي چٿرون ڪندو رهيو، پر انهن جي خلاف هميشه سچ لکندو رهيو، هن پنهنجن افسانن ۾ ڪوڙهه ورتل سماج جي مسئلن ۽ مونجهارن جي حل لاءِ پنهنجي قلم کان تلوار جو ڪم ورتو آهي. معاشرتي تعصب رکندڙ ۽ سچ جي وجود کان انڪاري ماڻهن کي منٽو ڏوهي قرار ڏنو آهي. منٽو، ڪهاڻي “دونهون” ۽ “ ڪاري سلوار” لکڻ سبب 5 ڊسمبر 1944ع ۾ گرفتار به ٿيو. جڏهن ته “ٿڌو جسم” ، “بوءِ” ۽ “کولي ڇڏ” جهڙين ڪهاڻين تي به هن خلاف ڪيس درج ڪيا ويا ۽ ڪورٽن جي ڪٽهڙن ۾ مرد مانجهي بڻجي پنهنجي ڪهاڻين جو دفاع ڪندي سگهارا دليل ڏنا. هن لکيو ته منهنجي ڪهاڻين ۾ “جيڪي بُرايون آهن اُهي هن دور جون بُرايون آهن منهنجي ڪهاڻين ۾ ڪو به نقص ناهي، جيڪو نقص منهنجي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو دراصل اُهو موجوده نظام جو نقص آهي مان تهذيب، تمدن ۽ سوسائٽيءَ جو چولو نه ٿو لاهي سگهان ڇاڪاڻ جو اها اڳ ۾ ئي ننگي آهي. مان ڪپڙا نه پارائيندس ڇاڪاڻ جو اهو به منهنجو ڪم ناهي.” هن پنهنجي خلاف سڀني ڪيسن کي همت ۽ جرئت سان منهن ڏنو.
منٽوءَ لکيو آهي ته “سماج لاءِ ڀلو سوچيندڙ ماڻهو اڄ به مونسان گڏ آهن، سڀاڻي به هوندا ۽ جيڪي اسان کان پوءِ ايندا اُهي به اسان سان گڏ سلهاڙيل نظر ايندا”. ان حوالي سان منٽو گذريل صديءَ جو تخليقڪار نه پر هو ڪهاڻيءَ جي اُڀ تي چمڪندڙ ستاري وانگر اوسيتائين چمڪندو رهندو جيستائين هن ڌرتيءَ تي هڪ به ماڻهو جيئرو هوندو. جيستائين هن ڌرتيءَ تي ماڻهو هوندا ته ڪهاڻيون به جنم وٺنديون افسانه به جنم وٺندا، ماڻهن جا مسئلا به هوندا. ان وقت تائين هي عظيم انسان جيئن تاريخ ۾ جنگجو وطن پرست، سپهه سالار، فاتحن جا نالا زنده رهندا تئين هن جو نالو به تاريخ جي ورقن ۾ عظيم ڪهاڻيڪار جي نالي سان زندهه رهندو.
منٽو لاءِ اهو لکڻ ته هو وڏو افسانه نگار هو، نهايت معمولي ڳالهه آهي. هن لاءِ اهو لکڻ ته هن جديد افساني کي سگهه ڏني ته اهو به هن جي قد ڪاٺ اڳيان هڪ ننڍڙو جملو آهي.
منٽو تي ورهاڱي وقت اهو الزام لڳو ته هو صرف عورت جي جنسي مسئلن تي لکي ٿو، جڏهن ته هن خطي جو نقشو بدلجي رهيو آهي هن ان جي جواب ۾ چيو ته دنيا جو نقشو واقعي بدلجي رهيو آهي ۽ هندوستان ٻن حصن ۾ ورهائجي رهيو آهي پر جيڪڏهن مون انهن مسئلن تي لکيو ته منهنجي حلئي جو نقشو تبديل ٿي ويندو. هن لکيو آهي “مان ڊڄڻو ماڻهو آهيان، جيل کان ڏاڍو ڀئو ٿيندو اٿم، هيءَ زندگي جيڪا بسر ڪيان ٿو ڇا اها جيل جي عذاب کان گهٽ آهي، جيڪڏهن هن جيل ۾ هڪ ٻيو جيل اڳيان اچي وڃي ته منهنجو ساهه گهٽجي ويندو. مون کي زندگيءَ سان پيار آهي، سامهون هلندي گولي کائي سگهان ٿو پر جيل ۾ مڇر جي موت مرڻ نه ٿو چاهيان”.
منٽو جي افسانن ۾ چڪلي جي رنڊيءَ جو ذڪر بار بار ملي ٿو، ان لاءِ هو لکي ٿو “منهنجي افسانن جي هيروئن چڪلي جي رنڊي ٿي سگهي ٿي جيڪا رات جاڳي گذاري ٿي ۽ ڏينهن جو ڊڄندڙ خواب ڏسي ڇرڪ ڀري اُٿي ويهي ٿي ته شايد پوڙهائپ هن جو دروازو کڙڪائي رهي هجي. ان خوف ڪري هوءَ ننڊ نه ٿي ڪري سگهي. ان عورت جي غلاظت، بيماري، چيڙاڪ طبيعت، گاريون، سڀ مون کي وڻنديون آهن انهن ڪيفيتن تي مان لکندو رهندس”.
عظيم ڪهاڻيڪار سعادت حسن منٽو جون ڪهاڻيون ترجمو ڪندي مون کي سرهائي ٿي رهي آهي، کيس سئو سالا جنم سال جي موقعي تي عقيدت جا گل پيش ڪندي “منٽو جا سئو سال” نالي ڪتاب دوستن آڏو پيش ڪريان ٿو. اميد ته منهنجي هيءَ ڪاوش پڙهندڙن کي پسند ايندي.
بشير منگي
03332927374