بُوءِ
دريءَ ٻاهران پپل جا پن رات جي گهگهه انڌيري ۾ جهومڪ وانگر جهومي رهيا ها ۽ عيسائي ڇوڪري رنڌير جي ڳلن تان چُميون وٺي رهي هئي. هڪ انگريزي اخبار جو سموريون خبرون ۽ اشتهار پڙهڻ کان پوءِ جڏهن هو تفريح خاطر گهر جي بالڪونيءَ ۾ اچي بيٺو ته هن عيسائي ڇوڪريءَ کي جيڪا شايد سُٽَ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي هئي سا مينهن کان بچڻ لاءِ گدامڙيءَ جي وڻ هيٺان اچي بيٺي هئي تنهن کي کنگهڪر ڪندي هن پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نيٺ هٿ جي اشاري سان کيس مٿي اچڻ لاءِ چيائين.
هو ڪيترن ئي ڏينهن کان اڪيلائپ جو شڪار هو، ٻي جنگ عظيم سبب بمبئيءَ جون سموريون عيسائي ڇوڪريون جيڪي اڳ سولائيءَ سان ملي وينديون هيون سي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويون ته ڪيترين وري ڇانوڻيءَ جي علائقي ۾ ڊانسنگ اسڪول قائم ڪري ورتا جتي صرف انگريز فوجي وڃي سگهندا هئا.
رنڌير انهن ڏهاڙن ۾ ڪافي اُداس هو، ڇاڪاڻ ته عيسائي ڇوڪريون اڻلڀ ٿي ويون هيون، ٻيو سبب اهو هو ته رنڌير جيڪو گورن جي مقابلي ۾ مهذب، تعليم يافته ۽ صحت مند نوجوان هو صرف ان لاءِ هن تي چڪلي چڪلي ۾ وڃڻ جي پابندي هئي جو هن جي چمڙي گوري ڪا نه هئي.
جنگ کان پهريائين رنڌير ناگ پاڙي ۽ تاج محل هوٽل جي ڀرسان قائم چڪلن ۾ ڪيترن خوبصورت عيسائي ڇوڪرين سان راتيون گذاري چڪو هو ۽ هن کي ڄاڻ هئي ته هو عيسائي لونڊن جي مقابلي ۾ سهڻي نموني ميلاپ ڪري سگهي ٿو. انهن ڇوڪرين سان جيڪي فيشن جي خاطر عشق ڪن ٿيون ۽ آخر ۾ ڪنهن چرٻٽ سان نڪاح ڪري ڇڏينديون آهن.
رنڌير صرف دل ئي دل ۾ پيدا ٿيل ڪاوڙ جو بدلو وٺڻ لاءِ هن عيسائي ڇوڪريءَ کي پاڻ وٽ گهرايو، هيزل هن جي فليٽ جي هيٺين حصي ۾ رهندي هئي صبح جو ساجهر وردي پائي ڪٽيل وارن تي ٽيڏي خاڪي ٽوپي رکي فئڪٽريءَ ڏانهن ويندي هئي ته هن کي ڏسي ڦٽ پاٿ تي هلندڙ ماڻهو هن جي لوڏ تان قربان ويندا ها. رنڌير سوچيو ته آخر هن جو عيسائين ڇوڪرين تي ايترو توجهه ڇو آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عيسائي ڇوڪريون پنهنجي خوبصورت جسم جو سهڻي طريقي سان نماءُ ڪن ٿيون. ڪنهن به قسم جي حجاب کان سواءِ پنهنجي ماهواريءَ جو ذڪر پڻ ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پنهنجن پراڻن عاشقن جا قصا به بي حجاب ٿي ٻڌائينديون آهن. جڏهن ڪا ميوزڪ ٻڌنديون آهن ته نچڻ لڳنديون آهن..... هي سڀ ڪجهه ٺيڪ آ پر ڇا ڪا ٻي عورت انهن خاصيتن جي مالڪ ٿي سگهي ٿي؟
رنڌير جڏهن عيسائي ڇوڪريءَ کي مٿي سڏ ڪيو ته کيس يقين نه هو ته هو هن کي پاڻ سان گڏ پنهنجي بستر تي سمهاري سگهندو. پر ٿوري دير ۾ جڏهن هن جا پسيل ڪپڙا ڏٺائين ته کيس خيال آيو ڪٿي ويچاريءَ کي ٿڌ سبب نمونيا نه ٿي وڃي ان ڪري رنڌير چيس “ڪپڙا لاهي وٺ، ڪٿي سيءُ نه لڳي وڃئي...”
هوءَ هن جو مطلب سمجهي، شرمائجي وئي هئي پر ٿوري دير ۾ جڏهن رنڌير هن اڳيان سفيد چادر رکي ته هوءَ ڪجهه دير لاءِ سوچن ۾ پئجي وئي، پوءِ آخر اسڪرٽ لاهي ورتائين ۽ آهستي آهستي جسم جي مٿين حصي تي پيل آلي چوليءَ کي لاهڻ جي ڪوشش ڪيائين، هن سفيد چادر اوڙهي ڇڏي ۽ اندران ٻنهي هٿن سان چوليءَ کي لاهڻ جي ڪوشش ڪيائين پر چولي آلي هئڻ ڪري جسم تي چنبڙي پئي ته هن مرهٽي زبان ۾ رنڌير کي ڪجهه چيو جنهن جو مطلب اهو هو: “ڇا ڪريان چولي نٿي لهي...”
رنڌير ان جي ويجهو اچي هڪ هٿ سان چوليءَ کي پڪڙي ٻئي هٿ سان سٽ ڏنائين ته چولي ڦاٽي پئي ۽ هن جي اڳيان ٻه خوبصورت اُرهه اُڀري اچي بيٺا....! رنڌير کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن ڪنڀار جي هٿان تازي ڳوهيل مٽيءَ منجهان ٻه پيالا تيار ٿي ويا. هن جي اُرهن ۾ اُها ساڳي تازگي، مزو ۽ تراوت نظر آئي ٿئي جيڪا هن جي هٿن مان نڪتل تازن ٺڪرن جي ٿانون ۾ محسوس ٿيندي آهي، هن جي ڳاڙهه سرين جوان ڇاتين ۾ جيڪي بلڪل بيدار هيون انهن ۾ عجيب قسم جي چمڪ هئي، ائين پئي لڳو ڄڻ تالاب جي ميري پاڻيءَ ۾ ٻه ڏيئا ٻري رهيا هجن انهن ۾ ڌنڌلي روشني موجود هئي جنهن ۾ چمڪ هُجڻ جي باوجود چمڪ نه هئي.
برسات جا ساڳيا ڏينهن هئا دريءَ جي ٻاهران پپل جي پنن ۾ شور هو، هن عيسائي ڇوڪريءَ جا ٻئي ڪپڙا جيڪي مينهن جي پاڻيءَ ۾ پُسي چڪا هئا هڪ غليظ ڍير جي شڪل ۾ فرش تي پيا هئا ۽ هوءَ رنڌير سان ٻکيل هئي، هن جي اگهاڙي ۽ ميري جسم جي گرمي رنڌير جي سرير ۾ اهو احساس پيدا ڪري رهي هئي جيڪا سخت سردين ۾ حجامن جي غليظ حمامن ۾ تڙ ڪرڻ وقت محسوس ٿيندي آهي. سڄي رات هوءَ رنڌير سان ٻکيل هئي، ٻئي ڄڻا هڪٻئي ۾ سمائجي ويا، هنن مشڪل سان ٻه ٽي ٻول ڳالهايا هوندا، ڇو ته جيڪو ڪجهه چوڻو ۽ ٻڌڻو هو سو گرم ساهن، نرم هٿن ۽ آلن چپن سان ڳالهائجي رهيو هو. رنڌير جا هٿ سڄي رات هن جي اُرهن تي ڦرندا رهيا. نرم اُرهن جي چوڌاري ننڍا ننڍا ڦُڙا جيڪي هڪ ڪاري دائري ۾ ڦهليل هئا سي اُڀري پيا ۽ هن ڇوڪريءَ جي ساري جسم مان سسراٽيون اُڀري آيون ۽ رنڌير ڪجهه وقت لاءِ ڇرڪي پيو. اهڙين لمحن مان هو ڪيئي ڀيرا گذري چڪو هو ۽ هو ان جي لذت کان به چڱيءَ ريت واقف هو، ڪيترين ئي ڇوڪرين جي نرم ۽ سخت اُرهن سان سينو ملائيندي ڪيئي راتيون گذاريون هيائين، هو اهڙين ڇوڪرين سان به راتيون گذاري چڪو هو جن اڃا جوانيءَ جي پهرين ڏاڪي تي قدم رکيو هو، هن جو انهن ڇوڪرين سان جيءُ جڙيو هو. جيڪي هن جي سيني سان چنبڙي پنهنجا ذاتي تجربا به ٻڌائي ڇڏينديون هيون. جيڪي ڪنهن به ڌاري کي ٻڌائي نه ٿيون سگهجن.... اهڙين ڇوڪرين سان به هن جو واسطو پئجي چڪو هو، جيڪي سڄو پورهيو پاڻ ڪنديون هيون ۽ هن کي ڪا تڪليف ڪرڻ نه ڏينديون هيون. پر هيءَ عيسائي ڇوڪري جيڪا گدامڙيءَ جي وڻ هيٺان پُسيل بيٺي هئي جنهن کي رنڌير هٿ جي اشاري سان مٿي گهرائي ورتو هو اُها سڀني ڇوڪرين کان بنهه مختلف هئي.
سڄي رات رنڌير کي هن جي بدن مان عجيب قسم جي بوءِ اچي رهي هئي، جيڪا هڪ طرف خوشبودار ۽ ٻئي طرف ڌپ هاڻي به هئي، رنڌير سڄي رات پيئندو رهيو، هن جي اُرهن کي، هن جي بغلين کي ۽ هن جي پيٽ کي چمندو رهيو هر جاءِ کي چميائين جتان هن کي خوشبو اچي رهي هئي ته بدبوءِ به آئي ٿي. سڄي رات رنڌير سوچيندو رهيو ته هو ڪڏهن به ايترو اُن عيسائي ڇوڪريءَ جي ويجهو نه وڃين ها جيڪڏهن هُن جي اگهاڙي جسم مان اها پگهر جي بوءِ نه اچي ها.......... اها بوءِ جيڪا هن جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي ۽ هن جي سڄي جسم ۾ گهر ڪري وئي.
ان پگهر جي بوءِ رنڌير ۽ ڇوڪريءَ کي هڪ رات ۾ هڪٻئي جي ويجهو آڻي ڇڏيو. ٻئي هڪٻئي ۾ سمائجي ويا هئا ۽ سمنڊ جي اونهائين ۾ ڄڻ لهي ويا هئا. اها لذت جيڪا متصر هجڻ جي باوجود دائمي محسوس ٿي رهي هئي، ائين پئي لڳو ڄڻ هلندڙ لمحو رڪجي ويو هجي، ۽ هو اُهي پکي بڻجي ويا هجن جيڪي آسمان جي نيراڻ ۾ اڏندي اڏندي گم ٿي ويندا آهن، هن عيسائي ڇوڪريءَ جي جسم مان نڪرندڙ برقي قوت کي رنڌير چڱيءَ ريت سمجهي سگهيو ٿي جڏهن ته هن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي طاقت وٽس نه هئي. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن چيڪيءَ مٽيءَ مٿان پاڻي پوڻ سان تازي خوشبو پيدا ٿي پر هيءَ اها بوءِ به ڪا نه هئي هيءَ ڪا ٻي بوءِ هئي، جنهن ۾ عطر ۽ لوبان جي مصنوعيت نه هئي پر اصلي خوشبوءِ هئي. عورت ۽ مرد جي ميلاپ واري ازلي خوشبو.
رنڌير کي پگهر جي ڌپ کان سخت نفرت هئي، تڙ کان پوءِ هو اڪثر پنهنجن بغلن ۾ خوشبودار پائوڊر لڳائيندو هو يا اسپري استعمال ڪندو هو جنهن سان پگهر جي ڌپ نه اچي پر عجب اهو هو جو هو ڪيترائي ڀيرا نه چاهيندي به عيسائي ڇوڪريءَ جي وارن ڀريل بغلن کي چٽيندو رهيو الائي ڇو هن کي ڪا به ڪراهت محسوس نه ٿي پر هن کي عجيب قسم جي لذت ضرور محسوس ٿي رهي هئي، هن جي بغلن جا نرم وار جيڪي پگهرجڻ سبب آلا ٿي ويا هئا انهن مان بوءِ اچي رهي هئي جيڪا سمجهندي به هو سمجهي نه سگهيو. رنڌير کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هو ان بوءِ کان هُو واقف هو ان جو مطلب به سمجهي پيو پر ڪنهن ٻئي کي ان جو مطلب سمجهائي نه پئي سگهيو.
برسات جا ڏهاڙا هئا ان دريءَ جي ٻاهران جڏهن هن ڏٺو ته پپل جا پن مينهن جي پاڻيءَ ۾ وهنجي رهيا هئا جن ۾ هوا جي ڪري سُرسراهٽ پيدا ٿي چُڪي هئي. اونڌاهي هئي پر ان ۾ روشنيءَ جا ترورا موجود هئا. برسات جا اهي ئي ڏهاڙا ها جڏهن رنڌير جي ڪمري ۾ ساڳ جي واڻ سان اڻيل هڪ پلنگ هيو پر هاڻي ان سان گڏ هڪ ٻيو پلنگ به پيو هو ۽ ڪنڊ ۾ هڪ ڊريسنگ ٽيبل به رکيل هئي ڏينهن برسات جا هئا موسم بلڪل ائين ئي هئي جو مينهن جي ڦڙن سان گڏ ٿوري ٿوري روشني به لهي آئي هئي، هوا ۾ عطر ۽ مهنديءَ جو هڳاءُ سمايل هو.
ٻيو پلنگ خالي هو هن پلنگ تي جنهن تي رنڌير اوندهي منهن ليٽي دريءَ وٽان پپل جي جهومندڙ پنن تي مينهن ڦڙين جو رقص ڏسي رهيو هو، هڪ خوبصورت ڇوڪري پنهنجي اوگهڙ کي ڍڪڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي سُمهي پئي هئي....... هن جي ڳاڙهي ريشمي سلوار ٻئي پلنگ تي پئي هئي، جنهن جو ڳاڙهو اڳٺ هيٺ لڙڪي رهيو هو، ان پلنگ تي هن جا ٻيا لٿل ڪپڙا به پيا ها. هن جي سونهري گلن واري قميص، بريزر ۽ رئو جن جو رنگ ڳاڙهه سرو هو هي سڀ ڪپڙا مهندي ۽ عطر جي تيز خوشبوءِ ۾ سمايل ڇوڪريءَ جي ڪارن وارن ۾ مٽي نما خشڪيءَ جا ذرا ڄميل هئا. چهري تي وکريل لالي ۽ سرخي عجب رنگ پيدا ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته اُرهن مٿان انگيءَ ڪچي گلابي رنگن جا داغ ڇڏيا هئا.
هن جا اُرهه کير وانگر اڇا هئا، جن ۾ ٿوري ٿوري نيراڻ به هئي، بغلن جا وار ڪوڙيل هيا جنهن ڪري اُتي سُرمئي رنگ پيدا ٿي پيو هو رنڌير ڪيئي ڀيرا هن ڇوڪريءَ ڏانهن نهاري سوچيو ته ڇا ائين نٿو لڳي ڄڻ ڪوڪا اکيڙي هن کي ڪاٺيءَ جي بند پيتيءَ مان ٻاهر ڪڍيو ويو هجي. ڪتابن ۽ چينيءَ جي ٿانون وانگر، ڇاڪاڻ ته جيئن ڪتابن جي مٿان وزن پوڻ ڪري نشان پئجي ويندا آهن ۽ چينيءَ جا ٿانوَ هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ ڪري نشان پئجي ويندا آهن ٺيڪ اهڙي طرح هن ڇوڪريءَ جي بندن تي اهڙا نشان کيس نظر آيا.
جڏهن رنڌير هن جي تنگ ۽ چست بريزر جون ڏوريون کوليون ته هن جي پٺيءَ، سيني ۽ نرم نرم اُرهن تي جهريون نظر آيون جن ۾ جوڀن جون عڪس نظر نه ٿي آيو ۽ چيلهه مٿان اڳٺ جا نشان پئجي ويا هئا ۽ سيني تي ڄڻ ڪي رانڀوٽا پاتل هجن، برسات جا ساڳيا ڏينهن هيا پپل جي نرم نرم پنن تي مينهن جون ڪڻيون وسڻ ڪري آواز اچي رهيو هو ۽ اُن آواز کي رنڌير سڄي رات ڪنائيندو رهيو، موسم خوشگوار هئي، هير گهلي رهي هئي، ان ۾ مهندي ۽ عطر جي تيز خوشبوءِ شامل هئي.
رنڌير جا هٿ هن جي چٽي بدن تي دير تائين ڦرندا رهيا هن جي آڱرين سندس گوري بدن ۾ پيدا ٿيل چرپر کي محسوس ته ڪيو ۽ هن کي جسم جي ڪيترن حصن ۾ پيدا ٿيل گرمائش ۾ محسوس ٿي. جڏهن هن پنهنجو سينو هن جي سيني سان ملايو ته رنڌير جي جسم کي ڇڙيل سازن جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا...... پر اها ڪيهه ڪٿي هئي؟ اُها بوءِ ڪٿي هئي؟ جيڪا عيسائي ڇوڪريءَ جي جسم مان هن کي آئي ٿي، اُها ڪيهه جيڪا بُکئي ٻار جي روئڻ مهل ٻڌڻ ۾ ايندي آهي.
رنڌير دريءَ ۾ لڳل شيخن کان ٻاهر ڏسي رهيو هو. هن جي ڀر ۾ پپل جا پن هوا ۾ جهومي رهيا هئا هو وڻ کان پار ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جتي هن کي عجيب قسم جي ڌنڌلي روشني نظر آئي ٿي. اُها اهڙي روشني هئي جيڪا عيسائي ڇوڪريءَ جي ڇاتين ۾ ڏٺي هئائين. روشني جيڪا ڪنهن راز وانگر لڪيل به هئي ته ظاهر به.
رنڌير جي سيني ساڻ چنبڙيل گورو جسم گيهه ۾ مليل اٽي وانگر نرم هو، پر جيڪا هن ڇوڪريءَ جي جسم مان عطر جي خوشبو اچي رهي هئي سا مزيدار نه هئي، رنڌير کي اها مُردي کي لڳل خوشبوءِ وانگر محسوس ٿي رهي هئي، هُن ۾ ڪجهه کٽاڻ هئي، اهڙي کٽاڻ، جيڪا بدهضميءَ کان پوءِ آيل اوڳرائيءَ سان ماڻهو محسوس ڪندو آهي.
رنڌير پنهنجي ڀر ۾ سُتل ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو، جنهن جو جسم ڦٽل کير جهڙو بي رنگ ۽ بي سوادو محسوس ٿي رهيو هو، ڇوڪريءَ ۾ عورت پڻو ته ظاهر ئي نه هو ۽ جسم تي ڳاڙها داغ به نظر آيا ٿي. اصل ۾ رنڌير جي دماغ ۾ اُها پگهر جي بوءِ سمايل هئي جيڪا عيسائي ڇوڪريءَ جي جسم مان ازخود اچي رهي رهي هئي...... اُها بوءِ جيڪا عطر کان وڌيڪ اثرائتي هئي جنهن جي سنگهڻ سان طبيعت خراب نه ٿي، اُها بُوءِ پاڻمرادو نڪ ذريعي دماغ کي فرحت بخشي رهي هئي.
رنڌير آخري ڪوشش ڪندي ڇوڪريءَ جي جسم تي هٿ گهمايو، پر هن کي اها لذت محسوس ڪا نه ٿي، جيڪا کيس عيسائي ڇوڪريءَ مان محسوس ٿي هئي. رنڌير جي نئين نويلي زال فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ جي ڌيءَ هُئي ۽ تعليم يافته پڻ هئي، جيڪا پنهنجي ڪاليج ۾ هزارن ڇوڪرن جي دلين جي ڌڙڪن بڻيل هئي، پر هوءَ رنڌير جي مرداڻي حس کي جاڳائي نه سگهي...... هو پنهنجي گهر واريءَ جي جسم ۾ مهنديءَ جي واحيات خوشبوءِ ۾ ان عيسائي ڇوڪريءَ جي پگهر جي بُوءِ ڳولهي رهيو هو جيڪا برسات جي انهن ئي ڏهاڙن ۾ پپل جي وڻ هيٺان اچي بيٺي هئي، اُن عيسائي ڇوڪريءَ جي جسم مان جيڪا بوءِ اچي رهي هئي رنڌير ان بُوءِ کي هر هر تلاش ڪري رهيو هيو.