لاري اڏو
نوڪر بيمار هو جڏهن سندس سهيليءَ گهڻو زور ڀريو ته هوءَ اڪيلي ئي ان جي گهر هلي وئي هئي.... ٻه ڪلاڪ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪنديون رهيون، وقت سٺو گذري ويو.... هن جي سهيليءَ جنهن جو نالو شاهده هو تنهن ويندي وقت چيو “سلمه هاڻي تنهنجي شادي ٿيڻ گهرجي” سلمه شرمائجي وئي.
“ڪهڙيون ٿي ڳالهيون ڪرين شاهده، مون کي شادي ناهي ڪرڻي”
“ته ڇا سڄي عمر ڪنواري رهندينءَ؟”
“ڪنواري رهڻ ۾ ڪهڙي تڪليف آهي؟” شاهده مسڪرائڻ لڳي، “مان به ائين چوندي هيس پر جڏهن شادي ٿي ته دنيا جون سڀ مسرتون مون تي ظاهر ٿيون، اها ئي ته عمر آهي جڏهن ماڻهو پوري طرح شاديءَ مان مزو حاصل ڪري ٿو... تون منهنجو چوڻ وٺ بس هڪ ٻن مهينن اندر ڪنوار ٿي وڃ، تنهنجي هٿن تي مهندي مان لڳائينديس”.
“ڇڏ ان مذاق کي...” شاهده سلمه جي ڳل تي هلڪي پيار مان ٿڦڪي هنئي.
“اهو مذاق آهي؟ جيڪڏهن اها مذاق آهي ته هيءَ پوري دنيا به هڪ مذاق آهي، مرد ۽ عورت جو رشتو به فضول آهي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر تون هڪ ابدي ۽ ازلي رشتي کان انڪار ڇو پئي ڪرين؟ ڏسان ٿي ته تون مرد کان بغير ڪيئن ٿي گذاري سگهين؟ خدا جو قسم چري ٿي وينديءَ..... چري”.
“سٺو آ ته چري ٿي وڃان، چرين لاءِ هن دنيا ۾ ڪا جاءِ ڪانهي ڪا؟ هيترا سارا چريا آهن آخر اهي به ته جهڙي تهڙي زندگي گهاري رهيا آهن”.
“جهڙي تهڙي جيئڻ ۾ ڪهڙو مزو آ پياري سلمه.... مان تو کي چوان ٿي جڏهن کان منهنجي شادي ٿي آهي ته منهنجي دنيا ئي بدلجي وئي آهي، منهنجو مڙس ڏاڍو پيار ڪندڙ آهي”.
“ڪهڙو ڪم ڪندو آهي”
“مون سان محبت ڪندو آهي، اهو ئي ان جو ڪم آهي، الله جو ڏنو سڀ ڪجهه آهي.... منهنجو هٿ هن ڪڏهن به تنگ ٿيڻ ناهي ڏنو”، سلمه محسوس ڪيو ته هن جي دل تنگ ٿي رهي آهي.
“شاهده مون کي تنگ نه ڪر، مونکي شادي ناهي ڪرڻي، مون کي مردن کان سخت نفرت آهي”.
“ڇو؟”
“بس ائين ئي هاڻي مان توکي ڇا چوان!”
“مردن کان مون کي به نفرت هوندي هئي پر جڏهن منهنجي شادي ٿي ۽ منهنجي مڙس مون کي پيار ۽ اٿاهه محبت ڏني مون کي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو ته مرد عورت لاءِ ڪيترو ضروري آهي”.
“ڀلي هجي، پر مون کي ان جي ضرورت ناهي”
شاهده مسڪرائيندي، “سلمه هڪ ڏينهن تون ضرور ان ڳالهه جي قائل ٿي وينديءَ ته مرد عورت لاءِ ضروري آهي، ان کانسواءِ هوءَ هڪ اهڙي سواري آهي جنهن جا ڦيٿا نه هجن، منهنجي شادي کي پورو سال ٿيو آهي.... ان سال ۾ مونکي جيتريون خوشيون منهنجي مڙس ڏنيون آهن مان بيان نٿي ڪري سگهان.... خدا جو قسم هو هڪ فرشتو آهي.... فرشتو... مون تي هر وقت فدا رهندو آهي”.
سلمه اهو ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ هن جي مٿي تي فرشتا پَرَ ڦڙڦڙائي رهيا آهن، هن سوچڻ شروع ڪيو ته شايد مرد عورت جي ضرورت هجي.... پر جلد هن جي دماغ ۾ اهو خيال آيو ته هن جو عقل هن جو ساٿ نه ڏئي رهيو آهي، مرد جي ڪهڙي ضرورت آهي، ڇا عورت ان کانسواءِ زندگي گهاري نٿي سگهي، جي شاهده هن کي ٻڌايو ته هن جو مڙس ڏاڍو پيار ڪرڻ وارو آهي، سٺي عادتن وارو مرد آهي پر ان مان اهو ته ثابت نٿو ٿئي ته هو شاهده لاءِ ضروري هيو...”
سلمه حسين هئي... ڇا ته هن جو جوڀن هو.... ڀريل هٿ پير.... ويڪري پيشاني.... چيلهه کان هيٺ تائين ڊگها ڪارا وار.... ڊگهو نڪ ۽ ان تي تر.... جڏهن هوءَ پنهنجي سهيليءَ کان اجازت وٺي غسل خاني ۾ وئي ۽ پاڻ کي آئيني آڏو بيهي پنهنجي جوڀن تي هڪ ڀرپور نظر وڌي، هن کي ڏاڍي الجهن محسوس ٿي، هن سوچيو آخر هي جسم ۽ حسن، هي اڀار ڪنهن لئه آهي؟ قدرت جي سڄي ڪاريگري بيڪار پئي وڃي.... اَنُ پيدا ٿيندو آهي ته ماڻهو ان مان پنهنجو پيٽ پاليندو آهي.... ان جي جواني به ته ڪنهن ٻنيءَ ۾ بيٺل سنگ جيان هئي، آخر ان کي ڪوئي ته کائيندو نه ته سڙي سُڪي ويندي.
هوءَ ڪافي دير تائين غسل خاني ۾ آئيني اڳيان سوچيندي رهي، هن جي ذهن ۾ هن جي سهيلي جون سڀ ڳالهيون پڙاڏو ٿي گونجي رهيون هيون.... مرد عورت لاءِ ضروري آهي... هن جو مڙس هن سان ڏاڍو پيار ڪندو آهي، هو هڪ فرشتو آهي، سلمه هڪ لمحي لاءِ محسوس ڪيو ته هن جا ڪپڙا ۽ هن جو رئو فرشتن جا پَرَ بڻجي چڪا آهن، هوءَ گهٻرائجي وئي.... جلدي فارغ ٿي ٻاهر نڪري آئي.
ٻاهر ورانڊي ۾ مکيون ڀون ڀون ڪري رهيون هيون. سلمه کي ائين لڳو ڄڻ هي به فرشتا هجن جيڪي ويس بدلي آيا آهن. پوءِ جڏهن هن جي سهيلي هن کي پنهنجي گهر جي سامهون واري باغ ۾ وٺي وئي ۽ اتي هن ٻه ٽي پوپٽ ڏٺا ته اهي به هن کي فرشتا ڏسجڻ ۾ آيا.... پر هن ڪيئي دفعا سوچيو ته اهڙا رنگين ننڍڙا پتڪڙا فرشتا ڪيئن ٿا ٿي سگهن... هن کي ڪافي دير تائين فرشتا ئي فرشتا پئي ڏسجڻ ۾ آيا، جيڪي هن جي ويجهو ئي آيا هن کي پيار ٿي ڪيائون. هن جي چهري کي ٿي چميون ڏنائون... هن جي سيني تي هٿڙا پئي ڦيرايائون.... جنهن مان هن کي ڏاڍو سڪون پئي مليو... پر هن فرشتن جي هٿن کي سختي سان پري ڪندي انهن کي چيو___ وڃو ____ هليا وڃو توهان جو گهر ته آسمان تي آهي هتي ڇا ڪرڻ آيا آهيو.... هو فرشتا هن کي چوڻ لڳا. اسان فرشتا ناهيون، حضرت آدم جي اولاد آهيون، اهو بزرگ جنهن کي جنت مان ڪڍيو ويو، پر اسان تو کي وري جنت ۾ پهچائڻ جو وچن ٿا ڪيون. ها اتي کير ۽ ماکي جون نديون ٿيون وهن.... سلمه ائين محسوس ڪيو ڄڻ هن جي سيني مان کير جا گوها نڪرڻ لڳا هجن ۽ هن جا چپ مٺاڻ سان ڀرجي ويا هجن. شاهده هر هر هن سان پنهنجي مڙس جون تعريفون پئي ڪيون.
اصل مقصد هن جو اهو هيو ته جيئن هن جي ڀاءُ سان سلمه جو رشتو ٿئي، پر گهر ۾ هي پهرين ملاقات هئي ان ڪري هو کُلي ڳالهائي نه سگهي.... بهرحال هن اشارن اشارن ۾ سلمه تي اهو واضح ڪري ڇڏيو ته هن جو مڙس ڏاڍو شريف ۽ محبت ڪرڻ وارو ماڻهو آهي ۽ ان جو ڀاءُ ان کان به وڌيڪ شريف ماڻهو آهي. سلمه اهو اشارو نه سمجهي سگهي. ان ڪري جو هوءَ ڏاڍي سادي طبيعت واري هئي. هن صرف ايترو چيو، “اڄڪلهه جي زماني ۾ شريف ماڻهن جو ملڻ مشڪل آهي. تون خوش نصيب آهين جو تو کي اهڙو سٺو ڪٽنب مليو آهي جنهن جو هر ماڻهو نيڪ ۽ صالح آهي.... افسوس آ جو منهنجو مڙس هن وقت گهر ۾ موجود ناهي نه ته مان تو کي ان سان ضرور ملايان ها. وري ڪڏهن سهي..”
“ڇا ڪندو آهي؟”
“ ائين ته هن کي ڪم ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي، لکن جي ته جائداد آهي، گهر ۽ دڪانن جي مسواڙ ئي هر مهيني ٻن هزارن جي قريب وصول ٿيندي آهي. ان کان علاوه ماشاءَ الله زمين آهي. ان جي آمدني جدا آهي. اَنُ پاڻي جي ڪائي کوٽ ناهي، ڪڻڪ گهر ۾ پئي آهي، چانور به جام، هر قسم جي ڀاڄي به ميسر آهي. الله جو وڏو فضل ڪرم آهي. ان جو ننڍو ڀاءُ اڄ ڪلهه لنڊن ۾ آهي. زراعت متعلق خبر ناهي ڇا سکي رهيو آهي.... هڪ مهيني اندر واپس اچي رهيو آهي اهو پنهنجي وڏي ڀاءُ کان وڌيڪ سهڻو آهي، تون ان کي ڏسندينءَ ته...”
سلمه گهٻرايل لهجي ۾ چيو: “ها ها... جڏهن هو ايندو ته ان سان ملڻ به ٿي ويندو....”.
شاهده چوڻ لڳي “ڏاڍو شريف ڇوڪرو آهي، اصل پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگر”.
“جي ها. ضرور هوندو. آخر شريف خاندان سان تعلق اٿس”.
“هو بس اچڻ وارو ئي آهي... تون مون کي پنهنجي هڪ تصوير ڏئي ڇڏ”.
“ڇا ڪندينءَ؟”
“بس ماکي لڳائي چٽيندي مانس”. اهو چئي شاهده سلمه جي منهن کي چميو ۽ پنهنجي مڙس جون تعريفون شروع ڪري ڏنائين. سلمه بيزار ٿي پئي ۽ هن کان بهانو بڻائي اجازت ورتي ۽ هوءَ لاري اڏي تي پهتي جتان هن کي اي روٽ واري بس ذريعي وڃڻو هو....
هوءَ جڏهن اتي پهتي ته هڪ مرد هن کي گهوري رهيو هو. هوءَ پريشان ٿي وئي. سياري جا ڏينهن هئا پر پوءِ به هن ڪيئي دفعا نرڙ تان پگهر اگهيو. لاري اڏي تي هڪ بس آئي هن ان جو نمبر به نه ڏٺو جيئن ئي ٻه ٽي مسافر لٿا هوءَ تڪڙي ان بس ۾ سوار ٿي.
اهو ماڻهو به بس ۾ داخل ٿيو. هن جي پريشاني اڃا وڌي وئي، اتفاق اهڙو ٿيو جو بس جي انجڻ ۾ خرابي پيدا ٿي جنهن سبب ان کي بيهڻو پيو. سڀني مسافرن کي چيو ويو ته توهان لهي وڃو، ضروري مرمت سبب بس وقت تي هلي نه سگهندي. سلمه هيٺ لٿي ته اهو شخص جيڪو هن کي گهوري رهيو هو اهو به هيٺ لهي آيو. روڊ تي هڪ ڪار وڃي رهي هئي. هن ان جي ڊرائيور کي سڏ ڪيو، “امام الدين”.
امام الدين ڪار هڪدم بيهاري _ ان شخص سلمه کي هٿ مان ورتو ۽ چيائين، “اچو هيءَ ڪار منهنجي آهي، جتي به توهان وڃڻ چاهيو مان توهان کي ڇڏي ايندس”.
سلمه انڪار نه ڪري سگهي ۽ ڪار ۾ ويهي رهي. هن کي ماڊل ٽائون وڃڻو هيو پر هو ته هن کي ڪنهن ٻي هنڌ وٺي ويو ۽ سلمه محسوس ڪيو ته مرد واقعي عورت جي ضرورت آهي.
هن پنهنجي زندگي جو بهترين ڏينهن گذاريو. خير پهريان ته هن ڏاڍا حيلا هلايا، انڪار ڪيو پر ان شخص آخر هن کي ايلاز بهانا ڪري راضي ڪري ورتو. ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ جڏهن سلمه ان شخص جو ٻٽون کولي ائين ئي ڏٺو پئي ته ان ۾ هڪ پاسي کان شاهده جو فوٽو هيو. هن هٻڪندي پڇيو، “هي، هي عورت ڪير آهي؟”
ان شخص جواب ڏنو، “منهنجي زال”
سلمه جي وات مان رڙ نڪري وئي، “توهان جي زال!”
شاهده جو مڙس کلڻ لڳو “ ڇا مردن جون زالون ناهن هونديون!”