ڪھاڻيون

منٽو جا 100 سال

اردوءَ جي نامياري افسانا نگار سعادت حسن منٽو جي 13 چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل ھن مجموعي جو سنڌيڪار ناميارو ليکڪ ۽ شاعر بشير منگي آھي.
منٽو جي زندگي به هڪ طويل درد جي ڪهاڻي آهي. هو اذيتناڪ دور ۾ گُذاري ويو، پر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ آيل طوفانن جا داستان ڪاغذ تي لکي هڪ دور جي تاريخ رقم ڪري ويو. منٽو انساني مزاج ۽ فطرت کان بخوبي واقف هو ۽ هو لفظن جي فن جو جراح هو. هن جي ڪهاڻين ۾ ايتري ڪشش آهي جو پڙهندڙ تي جادو طاري ٿي وڃي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 1136
  • 576
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بشير منگي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book منٽو جا 100 سال

پَنو، جيڪو گيشوري ڪاليج بمبئي ۾ پڙهيو ويو

سعادت حسن منٽو
(پهرين جنوري 1944ع)

منهنجي مضمون جو عُنوان ”جديد اَدب“ آهي ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته مان اُن جو مطلب ئي سمجهي نه سگهيو آهيان! پر هي زمانو ڪُجهه اهڙو آهي، جو ماڻهو اُن موضوع بابت ڳالهيون ڪن ٿا، جيڪي هُنن جي سمجهه کان ٻاهر آهن. مثال طور: ڪجهه ڏينهن اڳ مهاتما گانڌيءَ آغاخان جي مَحل ۾ ويهي روزو رکيو. ماڻهن کي سمجهه ۾ نه آيو ته مهاتما جيئرو رهندو يا..... هڪ نارنگي پيدا ٿي پئي جيڪا سمجهه ۾ نه پئي آئي: ڪنهن چيو ته نارنگي آهي، ڪنهن موسَمي سڏيو ته ڪنهن وري چيو ته مالٽو آهي.... ڳالهه صفا وڌي وئي ۽ ماڻهن موسمي جا سمورا قسم ڳڻايا: ڪن چيو ته مالٽو آهي، ڪن کٽو ليمو سڏيو ته ڪن وري سَنگترو چيو. ڊاڪٽرن وري ڇا ڪيو جو هر هڪ ۾ موجود وٽامن ڳڻائڻ لڳا ته ڪن وري مالٽي ۾ موجود ڪلوريز جي ڳالهه ڪئي. مثال طور: هڪڙي 75 سالن جي پوڙهي کي سال ۾ ڪيتري ڪلوريز کپن. ڳالهه وڌي وئي/ بحث ڇڙي پيو. مهاتما گانڌي جي ان نارنگي يا ليمو جيڪي ڪُجهه هو، اُن مان سعادت حسن منٽو جنم ورتو... ها، اهو ئي منهنجو نالو آهي پر ڪي ماڻهو جديد ادب يا نئين ادب يعني ترقي پسند ادب کي سعادت حسن منٽو چون ٿا ۽ جن کي وري اها جنس پسند ناهي ته پوءِ هو ان کي عصمت چُغتائي سڏين ٿا.
جهڙيءَ طرح سعادت حسن منٽو پنهنجي پاڻ کي ڪجهه نه ٿو سمجهي، اهڙيءَ طرح جديد ادب المعروف نئون ادب يا ترقي پسند ادب به منهنجي سمجهه کان بالاتر آهي ۽ جيئن مان عرض ڪري چڪو آهيان ته ٻين ماڻهن جي سمجهه کان مٿي آهي جيڪي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مثال طور: ڪُجهه مضمون اهڙا آهن جن کي انهن اديبن فحش نگاري ۽ مزدور پرستي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.
مان ذاتي طرح شين جي نالن کي خراب نه ٿو سمجهان. جيڪڏهن منهنجو ڪو نالو نه هُجي ها ته اُهي گاريون ڪنهن کي ڏين ها. جيڪي لکن جي تعداد ۾ ادبي نقادن مون کي ڏنيون؟ نالو هُجي ته پوءِ ڪنهن کي گاريون ڏيڻ يا شهپارن تي داد ڏيڻ سئولو ٿي پوي ٿو پر نالا اگر گهڻا هوندا ته ماڻهو منجهي ويندا.
سڀ کان وڌيڪ مغالطو ترقي پسند ادب ڪري پيدا ٿيو آهي، جيڪو پيدا ٿيڻ نه کپي ها. ادب يا ته ادب آهي نه ته پوءِ ادب ناهي. جيئن ماڻهو آهي ۽ جي ماڻهو نه هوندو ته پوءِ گڏهُه سڏبو. جيئن گهر آهي، ميز آهي، ڪرسي آهي.... چيو وڃي ٿو ته سعادت حسن منٽو ترقي پسند انسان آهي. هيءَ ڪهڙي بڪواس آهي! بابا سعادت حسن بس انسان آهي ۽ هر انسان کي ترقي پسند هُجڻ گهرجي. هو مون کي ترقي پسند سڏي ڪا وڏي کيپ ڪو نه پيا کٽين، پر اصل ۾ پنهنجي برائيءَ جو ثبوت پيا ڏين.... مان سڀ سمجهان ٿو. مطلب اهو ٿيو ته هو پاڻ ترقي پسند ناهن ۽ نه وري انساني ترقي کي سُٺو سنوڻ سمجهن ٿا.... ڳالهه سڌي آهي: مان هر شيءِ ۾ ترقيءَ جو خواهشمند آهيان ۽ چاهيان ٿو ته اوهان به ترقي ڪريو! اڄ شاگرد آهيو، سڀاڻي ترقي ڪري پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي وڃو. هر ماڻهو ترقي پسند هوندو آهي. اُهي ماڻهو به جن کي تخريبي يا رجعت پسند سمجهو ٿا سي به پاڻ کي ترقي پسند سمجهندا آهن. ڏسو هر شخص اڳوڻي نسل جي مقابلي ۾ وڌيڪ ذهين ۽ روشن خيال هوندو آهي. اهو ئي حال ادب جو آهي: شرر جو ناول هجي يا وري راشد الخيري جا افسانا اڄ اسان کي اهي مرده نظر اچن ٿا. پڙهندڙن جو به اهو ئي حال آهي: ڪتابن جي مارڪيٽ ۾ وڃو ته اتي ڏهه/ويهه سال پراڻا ڪتاب ڳولهيا نه لڀندا پر انهن جي جاءِ تي ڪرشن چندر، راجندر سنگهه بيدي، عصمت چغتائي ۽ سعادت حسن منٽو جا ڪتاب ايم. اسلم، تيرٿ رام فيروزپوري، امتياز علي تاج، عابد علي عابد جي ڪتابن کان وڌيڪ وڪاجن ٿا. ان لاءِ جو ڪرشن چندر ۽ سندس جوڙ جي اديبن پنهنجي لکڻين ۾ نواڻ پيدا ڪئي آهي. اڄ کان 22/20 سال اڳ ملڪ جون سياسي ۽ معاشي حالتون مختلف هيون. توهان سمجهي ويا هوندا ته 50/60 سال پهريان مغلن جي حڪومت هُجي ها ته منهنجي گهر ۾ به هڪڙو حرم خانو هجي ها ۽ چار/ پنج رکيل (ٻانهيون) هُجن ها جيڪي مونکي زور ڏين ها، مان تترن جو شڪاري هُجان ها ۽ هي مضمون پڙهڻ بدران گيشوري ڪاليج جي پرنسپال جي شان ۾ ڪو قصيدو ويٺو لکان ها ۽ هو منهنجي جهول موتين سان ڀري ڇڏي ها! پر اڄ حالتون بدلجي ويون آهن: هن تقرير کان پوءِ مون کي فلم نگري ڏانهن پنڌ وڃڻو آهي ۽ اتان جي دادن کي وڃي جواب ڏيڻو پوندن ته ايتري دير مان ڪٿي هُيس، ٿي سگهي ٿو ته هنن جي آڏو ڪُوڙ به ڳالهائڻو پويم ته مان ڊاڪٽر وٽ دوا وٺڻ ويو هوس.
ها، وري چوان ٿو ته حالتون مٽجي ويون آهن ۽ حالتن جي مَٽاسَٽا ادب ۾ نرالو رنگ پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اڳي ماڻهو واندا هوندا هئا، آرامي ۽ عيش پرست هئا. ان زماني جو ادب دماغي عياشي هوندو هو ۽ مطالعي بعد محسوس ٿيندو هو ته ان زماني جا اديب ننڊ جي کيپ ۾ ورتل هئا ۽ شار ويچارا ڪُڪڙَ ويڙهائيندا هئا پر اڄوڪو شاعر پنهنجي جواني جو نوحو ويٺو لکي، اڳوڻا ڪهاڻيڪار جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون لکي نالو ڪمائيندا هئا پر اڄوڪا ڪهاڻيڪار عورت ۽ مرد جي مسئلن تي لکن پيا جيڪي جنن ڀوتن کان وڌيڪ دلچسپ ڪهاڻيون آهن. اڳوڻو ليکڪ مطمئن نظر ايندو هو پر اڄوڪو اديب بي چين آهي، هو پنهنجي ماحول، سياسي نظام ۽ سڄي معاشري کان بيزار آهي ۽ روايتي ادب کان به ..... هن جي ان بي اطميناني کي ماڻهن غلط رنگ ڏنو آهي: ڪو ان کي ترقي پسند ٿو سڏي، ڪو ان کي فحش نگاري سڏي ٿو ۽ ڪو وري ان کي مزدور پرستي سڏي ٿو! اهو به چيو ٿو وڃي ته نون اديبن جي اعصابن تي رڳو عورت سوار آهي. ڇو نه هجي، مرد جي اعصابن تي عورت نه ته ڇا گهوڙو سوار هوندو. اگر ڪبوتر ڪنهن ڪبوتريءَ کي ڏسي گُٽر گون ڪري نچڻ لڳي ٿو ته پوءِ ڪنهن خوبصورت عورت کي ڏسي غزل يا ڪو افسانو لکي نه ٿو سگهجي ڇا؟ عورتون ته ڪبوترين کان وڌيڪ حسين ۽ من موهيندڙ ٿين ٿيون. ڇا مان غلط ٿو چوان؟
ڪجهه وقت اڳ جي شاعري جيڪڏهن پڙهندئو ته محبوب عورت بدران ڇوڪرو نظر ايندو. ظاهر آهي ته ان زماني جي شاعرن جي ڪا مصلحت هوندي پر اڄوڪي دور جا شاعر ان سوچ جي خلاف آهن.. اهي عورت جي چهري تي ڏاڙهي ڏسڻ جي خلاف آهن، عورت ته خدا ٿي نظر اچي ۽ ڇا توهان پنهنجي پالڻهار جي ڳٽن تي ڊگهي ڏاڙهي ڏسڻ پسند ڪندا؟
مان عرض ڪري رهيو آهيان ته زماني جي حالتن کي ڏسي ادب پنهنجو رويو تبديل ڪري ٿو. اڄ جيڪا بدليل حالت آهي ان جي خلاف اخبارن ۾ مضمون لکڻ يا جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ بيڪار ڪم آهي اهي ماڻهو جيڪي جديد ادب، ترقي پسند ادب وارو فحش ادب جو خاتمو ڪرڻ چاهين ٿا انهن کي صلاح ڏيندس ته انهن حالتن کي تبديل ڪري ڇڏين جنهن جو اظهار ادب ۾ ٿي رهيو آهي.
راجا صاحب محمود آباد، حيدرآباد جي شاعر ماهر القادري يا بمبئي جو دوا فروش حڪيم ميرزا حيدر بيگ جو جديد لٽريچر جي خلاف قرارداد پاس ڪرڻ بيڪار آهي. جيستائين مرد ۽ عورت جي جذبات جي وچ ۾ روين جي ديوار کڙي هوندي ته عصمت چغتائي تيز ننهن سان ان ديوار کي کوٽيندي رهندي. جيستائين ڪشمير جي خوبصورت ڳوٺن ۾ شهرن جي غلاظت ڦهلبي رهندي ته ويچارو ڪرشن چندر روئيندو رهندو. جيستائين انسان خاص طور سعادت حسن منٽو ۾ ڪمزوريون موجود هونديون ته هو خوردبين سان جراثيمن کي ڳولهي ٻين کي خبردار ڪندو رهندو. راجا صاحب محمود آباد ۽ هن جا ڀرجهلو ڀل چوندا وتن ته هي سڀ ڪجهه بيهودا آهي تون جيڪو ڪجهه لکين ٿو اهو سڀ بڪواس آهي ته مان جواب ۾ چوندس توهان درست پيا چئو، ڇو ته مان انهن بيهودگين ۽ واهيات پڻي تي لکندو رهيو آهيان. راجا صاحب محمود آباد ڪنهن ڪانفرنس ۾ صدر محفل بڻجي وڃي يا حڪيم حيدر بيگ صاحب کنگهه دور ڪرڻ جو شربت ايجاد ڪري ته مون کي ان جي شربت مان ڪا به دلچسپي ناهي. ها مان ريل گاڏي ۾ ويهي قلم ڪڍي لکندو رهندس ته جيئن ماڻهن کي ڪو سنئون دڳ ڏيکاري سگهان.... ڪا چڱي ڳالهه ٻڌائي سگهان.... منهنجي پاڙي ۾ ڪا عورت مڙس کان مار کائي ۽ پوءِ وري رئي سان مڙس جا بوٽ صاف ڪري ته مون وٽ ان عورت لاءِ ڪا همدردي ڪانهي پر جيڪڏهن ڪا عورت مڙس سان وڙهي خودڪشي جي دهمڪي ڏئي فلم ڏسڻ وڃي ٿي ۽ ان جي پويان مڙس ٻه ڪلاڪ هن جي غير موجودگي ۾ پريشان رهي ٿو ته ان عورت لاءِ منهنجي دل ۾ همدردي پيدا ٿئي ٿي، ڪنهن ڇوري کي ڇوڪريءَ سان عشق ٿي وڃي ٿو ته مان زڪام جي برابر به نٿوسمجهان پر اهو ڇورو منهنجي توجهه ضرور ڇڪائيندو جيڪو ظاهر ڪري ته هن تي سوين ڇوڪريون قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهن. پر دراصل ۾ هو محبت جو ايترو بکيو آهي جيترو بنگال جو بکايل ماڻهو.
بظاهر ڪامياب عاشق جي رنگين ڳالهين ۾ جيڪا ٽريجڊي آهون ڀريندي هوندي ان کي مان پنهنجي دل ۽ ڪنن سان ضرور ٻڌندس ۽ ٻين کي به ٻڌائيندس.... چڪي پيئندڙ عورت جيڪا سڄي ڏينهن ۾ ڪم ڪار ڪري ٿي ۽ رات جو اطمينان سان سمهي ٿي منهنجي افسانن جو موضوع اها عورت نٿي بڻجي سگهي. منهنجي افسانن جي هيروئن چڪلي جي اها رنڊي ٿي سگهي ٿي جو سموري رات جاڳي گذاري ٿي ۽ ڏينهن جو ننڊ ۾ ڀوائتو خواب ڏسي اٿي ويهي ٿي رهي ته شايد پوڙهائپ هن جي در جو دروازو کڙڪائي رهي آهي.... هن جي ننڊاکڙين اکين جي دوڏن تي سالن کان اوجاڳيل اکين ۾ ننڊ ديرو ڄمائي ويٺي هجي.... منهنجي افسانن جا موضوع ٿي سگهن ٿا ان ۾ غلاظت، بيماريون هن جي چيڙائپ، هن جون گاريون اهي سڀ مون کي وڻنديون آهن.... مان ان بابت لکڻ ٿو چاهيان ۽ گهريلو عورتن جي پاڻ ۾ سُس پس، صحت، نفاست پسندي کي نظرانداز ڪري ٿو وڃان.
اعتراض واريو ٿو وڃي ته نون ليکڪن عورت ۽ مرد جي جنسي تعلقاتن کي پنهنجو موضوع بڻايو آهي. مان ٻين جي ڳالهه نه ڪندس پر پاڻ متعلق ايترو ضرور چوندس ته مون کي اهو موضوع وڻي ٿو. ڇو ٿو وڻي....؟ بس وڻي ٿو... اوهان فرض ڪيو ته مون ۾ بدڪاري آهي ۽ جيڪڏهن اوهان عقلمند آهيو ۽ ڳالهه کي سمجهي وڃو ٿا ته پوءِ ضرور سمجهي ويندئو ته مون کي اها بيماري ڇو لڳي، زمانو جنهن ۾ اسين رهون ٿا ان کان جيڪڏهن توهين اڻ واقف آهيو ته پوءِ منهنجا افسانا غور سان پڙهو جيڪڏهن انهن افسانن پڙهڻ کان پوءِ توهان چڙي ٿا پئو ته هن جو مطلب اهو ٿيو ته توهان جو دور ناقابل برداشت آهي مون ۾ جيڪي برايون نظر اچن ٿيون اهي اصل ۾ هن دور برايون آهن نه ڪي منهنجي افسانن جو ڪمال آهي. مثال طور: جنهن خرابي کي منهنجي نالي سان سڏيو ٿو وڃي اها سموري سماج جي خرابي آهي مان ڪنهن کي چيڙائڻ نٿو چاهيان نه وري تهذيب ۽ معاشري جا چولا لاهڻ چاهيان ٿو اها تهذيب پاڻ اگهاڙي آهي مان هن کي ڪپڙا به پارائي نٿو سگهان ڇو ته اهو ليکڪ جو نه درزين جو ڪم آهي. ماڻهو مونکي ڪاري قلم جو ليکاري سڏين ٿا. پر مان ڪاري ڀت تي اڇي چاڪ سان لکڻ جو عادي آهيان. اهو منهنجو مخصوص انداز آهي مان ڇا ڪريان.... مونکي فحش نگاهه، ترقي پسند نه ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن نالن سان سڏيو ويو آهي، لعنت هجي سعادت منٽو تي، جنهن نڀاڳي کي گاريون به ڏيڻ نٿيون اچن. ڇا ڪجي؟ مون جڏهن لکڻ شروع ڪيو هو ته سڀ گهر وارا بيزار ٿي پيا هئا پر ٻاهرين ماڻهن کي منهنجون لکڻيون وڻڻ لڳيون پر تنهن هوندي به گهر وارا چوندا هئا ڪا نوڪري ڪر.... ڪجهه ڪمائي وٺ، ائين بيڪار افسانا لکڻ مان ڪهڙو فائدو. ها اٺ ڏهه ورهيه اڳ افسانا نگاري کي بيڪار سمجهيو ويندو هو اڄ وري ان کي جديد ادب سڏيو ٿو وڃي ان جو مطلب اهو ٿيو ته ماڻهن جي ذهنن ڪجهه ترقي ڪري ورتي آهي. اهو وقت پري ناهي جڏهن جديد ادب جو درست مطلب واضح ٿي ويندو. حڪيم حيدر بيگ پنهنجي شفاخاني مان اٿي نون ليکڪن جا نبض ڏسڻ ڇڏي ڏيندو.
جڏهن کان ٻي جنگ عظيم شروع ٿي آهي جديد ادب تي نئين رخ کان حملا پيا ٿين: چيو وڃي ٿو ته سموري دنيا جنگ جي شعلن ۾ ورتل آهي هر روز هزارين ماڻهو مٽيءَ ۾ فنا ٿي رهيا آهن ٻين جنسن وانگر انساني گوشت جا دوڪان به کلي رهيا آهن پر اهي نوان ليکڪ پنهنجي ۾ پورا آهن. هنن جا قلم جنسيات جي مس سان ڀريا پيا آهن. دنيا جو نقشو بدلجي رهيو آهي هي ويٺا پنهنجي ڳالهه ڪن. نئون طوفان سامهون آهي پر هي پنهنجي ڳالهه پيا ڪن. مان ٻين جو جواب ته ڪو نٿو ڏيان پر پنهنجي پاران ايترو ضرور چوندس ته دنيا جو نقشو بدلجي رهيو آهي ان بابت لکيم ته منهنجو روپ ئي بدلجي ويندو.... مان انتهائي ڊڄڻو ماڻهو آهيان مون کي جيل کان ڀئو ٿيندو آهي پر جيڪا زندگي گهاري رهيو آهيان اها جيل کان گهٽ تڪليف واري ناهي. حالت بدلجي وڃي جيل اندر ٻي جيل قائم ڪري ويهان ته منهنجو ساهه منجهي ويندو. پر مون کي ته زندگي سان پيار آهي سدائين حرڪت ۾ رهيو آهيان سيني تي گولي کائي ويندس پر منگهڻ جي چڪ پائڻ کان الائي ڇو خوف ٿيندو اٿم. هتي اوهان سڀ اٿي مونکي مار ڏيو ته سهي ويندس پر جيڪڏهن هندو مسلم فساد ۾ منهنجو مٿو ڦاٽي ٿو پوي ته اها تڪليف سهي ڪو نه سگهندس مان آرٽسٽ آهيان، خراب زخم، گهرا گهاوَ سهي نه سگهندس. جنگ جي باري ۾ لکندس پر پستول ڏسي ڏڪي ويندس ۽ جيل جي اونداهي بيرڪ ۾ مري وڃڻ مون کي پسند ناهي اهڙي موت کان بهتر آهي ته لکڻ کان توبه تائب ٿي ڪڪڙين جو فارم کولي ويهان يا وري پاڻي مليل کير وڪڻڻ شروع ڪريان. توپ جا گولا ۽ راڪيٽ هڪ طرف پر مون ته ڇُري واري هوائي بندوق به ڪو نه هلائي آهي.
ننڍپڻ جي ڳالهه آهي اسان جي پاڙي ۾ هڪ ٿاڻيدار رهندو هو ان وٽ پستول هو پيٽي لاهي جڏهن به کٽ تي رکي ڇڏيندو هو ته ٻارن کي سختي سان جهليندو هو، “ڏسو ان پيٽيءَ تائين نه وڃجو ان ۾ پستول اٿوَ”. ڪڏهن اسان ڪمري ۾ ويندا هئاسين ته پري کان بيهي ان خطرناڪ پستول کي رڳو ڏسندا هئاسون ته دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳندي هئي ائين محسوس ٿيندو هو ته اجهو ٿو پستول مان فائر ٿئي هاڻي ٻڌايو مان توپن ۽ ٽينڪن بابت ڇا لکان... ها مان لکي سگهندس، جيڪڏهن جنگ ۾ پستول اوهان جي هٿ ۾ هجي ۽ اوهان جا هٿ ڏڪندا هجن ته ڪٿي اهو فائر نه ٿي وڃي ته توهان پنهنجي دشمن تي ڪهڙو وار ڪري سگهندئو. اهو پستول توهان کي پنهنجو پاڻ کي لڳي ويندو. ان موت تي منهنجو ڪو نقاد جيڪڏهن چوي ٿو “منٽو وڏو ڪو چريو هو” ته مان اهي لفظ پاڻ لاءِ وڏو اعزاز سمجهي سيني تي سجائي پيو گهمندس.