ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

دلبر جي جيون ۾ جهاتي

دلبر چانڊيو 23 ڊسمبر 1972ع ۾ ضلعي شڪارپور، تعلقي ڳڙهي ياسين جي پُٺ تي پيل ڳوٺ ملان چانڊيو ۾ ڄائو. سندس اصل نالو، عنايت الله هو. پر کيس ڏاڏو پيار ۾ دلبر ڪوٺيندو هيو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ڀر واري پرائمري اسڪول علي خان مان، مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊکڻ، انٽر ڊگري ڪاليج رتيديري، بيچلر ۽ ماسٽرس جي ڊگري لطيف يونيورسٽي خيرپور مان حاصل ڪئي.
وچٿري ماحول ۾ تربيت حاصل ڪرڻ جي ڪري هن جو لاڙو ادب طرف رهيو. پنهنجن ويجهن رشتيدارن، سرڪش سنڌي ۽ زخمي چانڊيو جي سرپرستي ۾ هن 1990ع ڌاران ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪئي. هن جون ڪهاڻيون سنڌ جي سڀني رسالن مئگزينن ۽ ڊائجيسٽن ۾ جهجهي انداز ۾ ڇپجنديون رهيون. ان دوران هن بيروزگاري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي نامڪمل ڪيريئر جي شروعات 1996ع ۾ نئين کليل ريڊيو پاڪستان لارڪاڻي تي اسڪرپٽ طور ڪئي. جتان کيس 600 روپيه ماهوار پگهار ملندي هئي، اڳتي هلي هو ريڊيو تي انائونسر، ۽ ڊيوٽي آفيسر به رهيو. 2000ع ۾ سندس پگهار 1200 ۽ ٿورو اڳتي هلي پگهار 3600 تائين پهتي. مهانگائي جي وڌندڙ طوفان هيٺ هن جي اها پگهار خرچ جي پورائي لاءِ تمام ٿوري هئي. بيروزگاري جي ان بار کي منهن ڏيڻ لاءِ هن 1994ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ذريعي ڪميشن ۾ اي ايس آءِ جي ٽيسٽ پاس ڪئي، پر کيس پيپلز پارٽي جي حڪومتي دؤر ۾ نوڪرين تي پابندي لڳڻ سبب کيس نوڪري نه ملي سگهي ۽ هن ان عمل خلاف 2002ع ۾ ٻن پاس اميدوارن سان گڏجي هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي.
ننڍي عمر ۾ پنهنجي ئي ڪُڙم جي هڪ ڇوڪري سان سندس 1993ع ۾ شادي ڪرائي وئي، کيس ٻه ڀائر، ٽي ڀينرون آهن. مهانگائي جو بار کڻندي هن پنهنجي وڏي ڀاءُ سان گڏجي هڪ ميڊيڪل ڊسٽري بيوٽري شروع ڪئي جنهن ۾ نقصان پوڻ سبب هن سپٽمبر 2007ع ۾ هڪ دوست جي معرفت گهوٽڪي ۾ هڪ بهتر ڪيريئر جي شروعات ڪئي جنهن جي عيوض کيس 2000 پگهار ملڻ لڳي. ان ئي سال جي آڪٽومبر مهيني ۾ هن جي طبيعت خراب ٿي ۽ کيس بلڊ شگر جي تصديق ٿي.جنهن سبب سندس جسم ۾ ڪمزوري وڌڻ لڳي ۽ هو 15 ڊسمبر 2007ع تي سخت بيمار ٿي پيو. 27 ڊسمبر 2007ع تي محترمه جي شهادت جو ٻڌي هن کي گهرو شاڪ لڳڻ سبب چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. جتي بي رحم ڊاڪٽرن جي بي ڌياني سبب کيس اين جي وي، ٽيوب نڪ ۾ زخم ڪري وڌو جنهن سبب ڪراچي کڻي وڃڻ لاءِ چيو ويو، پر فنگس وڌي وڃڻ ڪري هن جي دماغي رڳن تي خطرناڪ اثر پيا ۽ هو 26 جنوري 2008ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
دلبر پوئتي ڇهن ٻارن جو اولاد ڇڏي ويو، جيڪي هن وقت پنهنجي ننڍي چاچي سان گڏجي رهن ٿا. هن وقت سندس وڏو پُٽ فيصل سنڌ يونيورسٽي ۾، وڏي ڌيءَ نائلا ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي، ۽ باقي ٻار عادل مرڪ مهڪ ۽ عديل به لاڙڪاڻي جي مختلف سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

نعمت چانڊيو