ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

سجني

ڇٺيءَ جو نالو ته سائره هيس، پر پنهنجا گهر ڀاتي، اوڙي پاڙي وارا سَني ڪري سڏيندا هيس، مان اڪيلو هيس، جيڪو وري سائره کي سَني نه پر سجني ڪري سڏيندو هيس. ننڍپڻ کان جواني رَسندي سجنيءَ جي سڀني نازن نخرن کان متاثر ٿي، پاڻُ هاري ويٺس، ۽ وساري ويٺس ڏينهن جو چين، رات جو سڪون، لمحن جو قرار!! اٿندي به سجني ته ويهندي به سجني. گهمندي، ڦرندي، کائيندي، پيئندي، ڏک ۾، سک ۾ ۽ ساهه پساهه ۾ صرف سجني! دل جي ڌڙڪن سجني! ڏينهن سجني، رات سجني، هفتا ۽ مهينا سجني. سجنيءَ جو سمورو عڪس فلم جيئن سامهون، گول گول لَسا ۽ ميرا ڳل، گلاب جي گل جي پنکڙين جيئن لال چپ. وشال آسمان مٿان جهرمِري ستارن جهڙا ڏند، ڀورا ناسي وار، چيلهه جو چوٽو، قد بت وچولو ۽ ٺاهوڪو، صفا من موهيندڙ! لوڏ هرڻيءَ جهڙي، اکيون، وڏيون، سُرمائي ۽ ڪجليدار اکيون، جنهن طرف اُٿن، اصل ڪُهي، ڍير ڪري ڇڏين، ان کان علاوه سجني ڳالهائي ته چَڙو- اسڪول جو گِهنڊُ هئي، گهنڊ!
پنهنجي سڄي گهر جي سڀني سانورن ڀاتين ۾ ڀوري رنگت رکندڙ، سجني! لاڏ ڪوڏ سان پلجڻ، نپجڻ ڪري، کِلمُک وات کُلي ۽ چنچل بڻجي پئي هئي، خوبصورتيءَ تي فخر هيس ته غرور به! بهرحال سڀ حقيقتون سامهون هيون، لاڏلي به هئي ته حسين و جميل به، قدرت واري وڏي فرصت ۾ ٺاهيو هوس، هوءَ به سجني هئي ته مان ڀي ساجن هيس، گهر ڀاتين، سنگتين، ساٿين، اوڙي پاڙي وارن، ننڍن، وڏن سان کُلي ڳالهائڻ وارو، پر پوءِ به الائي ڇو هن جي آڏو هوش، حواس خطا ٿي ويندا هئا، سڀ عقل ڦرجي ويندو هيو، اڻ ڄاڻ، سادو، سودو ۽ ڪورو بڻجي ويندو هوس. سٺي روانيءَ ۾ حوالن سان ڳالهائڻ، ٻولهائڻ وارو، هن جي عام جملن ۽ سوالن جوابن ۾ مُنجهي، ڊڄي، هٻڪي ۽ ڳيتون ڏيندي رهجي ويندو هوس. هن جي حرڪتن کان ڪن هڻندو هوس. چوان ”خدا ڪري سجني سامهون وري نه اچي“ ۽ هوءَ پَري وڃي ته وري، پنهنجي سوچ، پنهنجي خيال يا پنهنجي چوڻ تي چڙ ۽ ڪاوڙ اچيو وڃي، پوءِ پريشاني يا اُڻ تڻ وري تڏهن ٽٽي، جڏهن سامهون اچي، ديدار ٿي ته سڪ لهيو وڃي. اهڙو جذبو ۽ احساس، پيار جي سڀني رنگن سان من مندر ۾ واسجي چڪو هو.
پنهنجي هڪ طرفي اُڃايل، سڪايل ۽ ڏکايل چاهت کي رنگين ۽ زندگيءَ کي حسين بنائڻ لاءِ، سجنيءَ سان اظهار جي ضرورت هئي. ڊڄندي، ڊڄندي همت ۽ حوصلو جوڙيندي، ٽوڙيندي، زبان جي اشارن ۽ مختلف نمونن ۽ حُربن سان اڳتي وڌڻ چاهيندي به خاموش هيس ۽ پوئتي هيس. ڪڏهن ڪڏهن هن جي رويي، ناز ۽ انداز مان شڪ اندر ۾ ويهجي ويندو هو ته هڪ دل، هڪ لمحي هن سان کلي عام اظهار ڪرڻ جو پروگرام جوڙي وٺندي هئي، پر ٻي دل ٻي لمحي ڀاڙي ٿي پوندي هئي. مطلب پل ۾ سير ته پل ۾ ماسو. رُسي وڃڻ ۾ دير نه ڪري، پوءِ چند لمحن گذرندي، اڳرائيءَ تي معافي وٺيو پرچائي وجهندي هئي، سٺو ڳالهائي ته موهي، مَٺو ڳالهائي ته ڏکائي ۽ تڙپائي. کِلي ته خوب وڻي، ڪَرڙي يا اک ٽيٽ ڪري ته هيسجي وڃڻ کان رهي نه سگهان.
تنهن ڏينهن گهر آئي، صفا چپ ۽ صفا خاموش، ڪجهه لمحن کانپوءِ پڇيومانس ”سجني! ڇا ڳالهه آهي... خير ته آهي... ڪوئي مسئلو آهي ڇا.......؟؟؟“ ڪونه ڏسيائين. ڪجهه نه اُڪليائين. مان به چپ رهڻ مناسب سمجهيو، چپ ئي رهيس. ڪمري ۾ مسلسل سانت رهي ته کن پل کانپوءِ پاڻ ئي ڳالهائڻ شروع ٿي وئي. هي اَنڌ، هو پنڌ، هيءَ ڳالهه، هوءَ ٻولهه، هِتان کان هُتي، سمجهي نه سگهيس ته هوءَ بلا ڪهڙي آهي؟ ڳالهائيندي رهي، پوري پاڙي جا حال احوال، هيڏانهن، هوڏانهن جون خبرون چارون، ملڻ، ٽٽڻ جون ڳالهيون. وفا، جفا جون وارتائون، زال مڙس جا مسئلا، ماءُ، ڌيءَ جو جهڳڙو، پيءُ پٽ جو فساد، سڀ ڪجهه سُڻائي، نيساهي ٿي ته خودبخود چپ ٿي وئي. مونکي چپ ڏسي شروع ٿي وئي تپائڻ، نئون رنگ، نئون نمونو سامهون آيس، کلڻ لڳي، کلندي، کلندي کيري ٿي پئي ۽ نيٺ ڪمري مان نڪري وئي. مان خاموش، تماشو ڏسندو رهجي ويس. سورپي، ٿڌو ساهه کڻي، وڏو دم هنيم. ڪنڌ هيٺ هُيو، سوچي رهيو هيس ته موٽي آئي. در مان مُنهن ٽپائي ششڪر ڏنائين، هلڪو ڇرڪ ڀري تَڪيومانس ته ويچارو ڪڍي، کلندي هلي وئي. مان سوچيندو رهجي ويس ”عجيب ڇوڪري آهي... اُف خدايا رحم ڪر“.
اڳلي شام وري آئي. ان سُهانيءَ شام سجنيءَ سان پنهنجي منجهيل محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ تياري ڪيم پر سموري سوچ، سمورو خيال پاڻيءَ ۾ ملي ويو. هن جي سنجيده وقت غيرسنجيدگي ۽ غيرسنجيده وقت سنجيدگيءَ واري عمل کان هارجي، پروگرام ختم ڪري ڇڏيم. انهيءَ وقت احساس ڪمتري ورائي وئي. ٿڪاوٽ ۽ ذهني ٻوجهه کان اوٻاسيون، اوٻاسين مٿان ڏيندي اکين ۾ پاڻي اچي ويو. الائي ڪهڙي مهل کان تاڙ ۾ هئي، آرس ڀڃي اوٻاسي ڏنم ته هڪل ڏئي چيائين ”بند ڪر... بند ڪر... اهو در... ڪٿي مَڇَرُ اندر نه هليو وڃئي...!!“ نه چاهيندي به ٽهڪ نڪري ويو، هوءَ کِلي ويٺي ۽ پوءِ ڪيترو وقت ٻئي گڏجي کلندا رهياسين. هن جي کلڻ تي، هن جي موتين جهڙن ڏندن جُهلڪا ڏنا، دل جي هورا کورا وڌي، چهرن تي تاثر آندا، جلد ئي سانت ٿي وياسين، چند لمحن کانپوءِ مڙي، مڙي تڪيندي بنان ڳالهائڻ جي هلي ڏنائين.
مزي جي ڳالهين تي مان به هن سان گڏ کلندو هوس، خوش به ٿيندو هوس. پر جڏهن نه بنان ڪنهن ڳالهه جي، سنجيده وقت اچي کلندي هئي، سوبه منجهيل ٽهڪ ڏئي، ته غصو ڀڙڪي پوندو هو. منهن ڳاڙهو لال ڏسي پاڻ ئي سمجهي يا خاموش ٿي سنجيده ٿي ويندي هئي، ڳالهيون، يا موضوع مٽائي رُسامو ٽوڙائي چوندي هئي ”غصو نه ڪر منهنجا ساجن! تون ته منهنجو ساجن آهين ۽ مان تنهنجي سجني.“ غصو ڇا- ڪاوڙ ڇا، سڀ ختم! رهندو سوال اچي واسو ڪندا هئا ته ان سمي پوري دنيا ۾ پاڻ کي ڀاڳوند ۽ خوشنصيب سمجهڻ لڳندو هوس. دل جي فرياد کي، داد ملي پوندو هو. پهرين ڀيري ائين ئي چيو هئائين، ته جهومي، نعرو هڻي جُهمر هڻڻ شروع ٿي ويو هيس، ته موٽي آئي هئي. خوشيءَ کان مست ڏسي، توجهه ڇڪائيندي هڪل ڪيائين ”اي ڀوڪ بصر! ڀوڳ، ڀوڳ ئي هوندو آهي، نه ڪي سچ يا حقيقت“. سڀ ڪجهه ٽُٽي ڀور، ڀور ٿي پيو هو، پر هاڻ ته معمول بڻجي پيو هو، عجيب قسم جي مخلوق هئي، کِلُ ته چڙي، چڙ ته سنجيده، سنجيده ته کلي، مذاق ڪر ته رُسي، رُس ته پرچائي. ڇوڪري هئي يا مصيبت! سوچيندو ئي رهندو هوس.
پنهنجي دل جي دٻيل دانهن، گہرن احساسن ۽ سجنيءَ جي لاپرواهي جي سڀني عملن حساس بڻائي، ليکڪ ڪري ڇڏيو هو. روڳي من کي قرار ڏيڻ ۽ دماغ کي ڪجهه آٿت ڏيڻ لاءِ ڪتابي دوستن جو سهارو ورتم ته شوق ۽ زور لکڻ لاءِ اُتساهيو، ڪجهه لکيم ته ڇپائڻ جي آرزو وڌي، لکڻي شايع ٿي وئي ته ذوق ۽ شوق اڃان وڌي. همٿ افزائي ٿي، ته لکندو ويس. اندر جي آواز کي حالتن ۽ واقعن جي سهاري هلائي، سٺو نالو، سٺي شهرت مِلي، منهنجي هنن ڪاميابين تي ڪڏهن به مبارڪ نه ڏنائين نه ئي ڪڏهن موضوع ڇيڙي تعريف يا تنقيد ڪيائين. اها ڳالهه، اها حالت سمجهه کان چڙهي وئي. هر ڪم، هر عمل ۾ مداخلت ڪري نقص يا تعريف ڪرڻ واري هن تبديليءَ ۽ هن ڪاميابيءَ تي نه سَرهي هئي نه اَرهي. حيران هيس.
ٽيپهريءَ ڌاران لکي رهيو هوس ته هوءَ آئي. چپ چُپات ۾ ڊائري کڻي ورتائين. پڙهندي ئي لال ٿي وئي ڳاڙهي مرچ جيان، ڊائري تي ڪجهه يادون، ڪجهه خيال، ڪجهه سوچون لاحاصل محبتن ۽ رولاڪ روح جون رڙيون اُڪريل هيون. غصي کان باهه هئي ”هونهه!... جيڪو ٿو رُسي، سو شاعر! منهنجي نه حڪومت هجي ته، ڪوڙ لکڻ ۽ وڌائي، چڙهائي لکڻ وارن کي سرِعام گشت ڪرايان، سَونِ جي سلامي ڪرايان“. سجنيءَ تي پهريون ڀيرو حد کان وڌيڪ غصو آيو هو. بي عزتي ڪري روح کي مجروح ڪيائين ته هلڪي ٿڦ وهائي ڪڍي مانس.
”سجني! ڊائريءَ تي لکيل سڀ ڪجهه سچ ۽ حقيقت آهي، مونکي توسان محبت آهي... ڊائريءَ تي اُڪريل هڪ حرف ڀي وڌاءُ ناهي، سڀ حقيقت آهي....“ مان پنهنجي سوچ کي عملي جامو پهرايان، تنهن کان اڳ ئي هوءَ هلي وئي.
اهو ڏينهن، اها رات، وَرندو ڏينهن، وَرندي رات، پورو هفتو گذري ويو، ڪونه آئي. ڪاوڙ لهي، بيقرار بڻجي پئي، وڃي ٿو معافي وٺانس. ملڻ جو ارادو ڪيم پر اِرادو، ارادو ئي رهجي ويو. ان واقعي جي ٻي هفتي هن جو مڱڻو عارف سان ٿي ويو. چپ چپات ۾ ۽ اوچتو، پتو ئي نه پيو. هاڻ ته دانهن ۽ ڪوڪ ڪرڻ، واويلا ڪرڻ اجائي ۽ بي سود هئي. پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب سمجهي ڪري چپ ٿي ويس. دقيانوسي سماج ۾ رهندي چپ ئي ڪرڻي هئي. مڱڻي جي ٻئي ڏينهن تي آئي هئي، شايد حالت ڏسڻ آئي هئي. عجيب نظرن سان عجيب شيءِ کي ڏسندو رهيس، هوءَ ڳالهائيندي رهي ”شاعر صاحب! جنهن ڇوڪريءَ لاءِ لکين ٿو، اها ڇوڪري پڪ ته نڪ ڦٿل هوندي، جي نه ته ٽيڏي ته هوندي ئي هوندي. ائين به نه ته پوءِ پڪ سان لولي - لنگڙي يا ڪالي ڪلوٽي ته ضرور هوندي، ڇو جو جهڙو سودو تهڙي بَها ته هوندي آهي نه...!!“ حد ٿي چڪي هئي، چپ رهڻ ڳاري، ماري وجهي ها، وڌي وڃي ٻنهي هٿن سان، ٻنهي ڳلن کي زور سان پڪڙيومانس ۽ اکيون اکين سان ملائي چيومانس ”سجني! بس ڪر بس... منهنجو توکانسواءِ ٻيو ڪنهن سان پيار ناهي. منهنجي دل جي دنيا ۾ صرف تون آهين. تو سِوا ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ لاءِ سوچڻ، پاپ برابر سمجهندو آهيان“.
قيامت ٽٽي هئي ڌماڪو ٿيو هو. ڪافي لمحن تائين ساڪت ٿي هڪ ٻي کي تڪيندا رهياسون پر پوءِ نظرون چورائيندا لڪندا رهياسون. نيٺ هن ئي ڳالهايو. پهريون ڀيرو سنجيده وقت سنجيده لڳي، اکين ۾ سنڌوءَ جون ڌارائون اچي ويون هيس. ”ساجن! منهنجو ته شروع کان توسان ئي چاهه هيو، توکي پٽائڻ ۽ تنگ ڪرڻ ۾ انهيءَ لاءِ سڪون ايندو هو ته من توکي چيڙائي، توکي ڀڙڪائي، ڪجهه ڳالهرائي وٺان، ڀل جان نفرت ئي سهي، ڳالهه دٻيل کلي ته وڃي ها. مان عورت هيس، جهڙوڪر بي زبان ۽ شرم حياءَ جو مجسمو! تون ته مرد هئين، هونئن اظهار ته ڪرين ها، اظهار ته پري پر منهنجي ڪاوڙ ۽ غصي تي به تون خاموش رهين، نه ڳالهائي سگهين، منهنجي خوف، منهنجين مذاقن ۽ منهنجين حرڪتن توکي حساس ليکڪ بڻائي ڇڏيو. اهڙي توقع نه هئي. تنهنجي لکڻين ۾ درد ۽ دانهن پڙهي آهي...“
سڏڪو اُڀريس، ڳالهائيندي، رُڪجي وئي. سُڏڪندي، روئيندي ڳالهايائين ”ساجن! تنهنجي خاموشي، تنهنجي ماٺ، منهنجي محبت کي، منهنجي اندر مان تڙي ڪڍڻ بجاءِ وڌائيندي رهي، ايتري قدر جو هاڻِ ته هر ساهه، هر ڌڙڪن ۾ تون ئي تون آهين... توسان ازلي ناتي هجڻ جو يقين دل ۾ ويهاري ڇڏيو آهي، جنهن ناتي ۾ ميلاپ جي مزي کان وڇوڙي جو ذائقو وڌيڪ مزيدار هوندو آهي جڏهن تو پيار، درد ۽ وڇوڙي کان علاوه هن معاشري جي مدي خارج ريتن، رسمن خلاف، ظلمن، ڪِيسن خلاف، مسڪين ۽ اٻوجهه ماروئڙن جي ڀوڳنائن ۽ وارتائن تي قلم کنيو، ته مان خواهشي آسرو ڀي پلي ڇڏيو، جيڪو ڪڏهن، ڪڏهن جاڳي پوندو هو. پوءِ اهو فيصلو ڪيم، هوءَ وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي، کارا لُڙڪ اُگهي ڊڪندي نڪري وئي.
ڪي سوال، ڪا مونجهه، ڪائي ڳالهه منجهيل، سُلجهائڻ لاءِ ٽاڪ منجهند جو هن وٽ ويس. ته هوءَ وَنواهه ۾ ويٺل هئي. پنهنجي اچڻ واري مقصد کان آگاهه ڪيومانس ته چيائين ”ساجن! هاڻي ڪافي دير ٿي چڪي آهي، دير جيڪڏهن نه به ٿئي ها، تڏهن به تنهنجي صلاح، تنهنجي سوچ جي ڪڏهن به حامي نه ٿيان ها! منهنجي لاءِ منهنجين خواهشن کان وڌ منهنجي والدين جي عزت ۽ وقار آهي. ”ڀڄي هلون“ واري تنهنجي سوچ تو وٽ هجي، باقي توکي پنهنجي ڳالهه ٻڌائي ڇڏيان... ته ساجن! سجني ڪالهه به تنهنجي هئي، آهي ۽ رهندي. منهنجو ساجن به مون سان گڏ آهي. منهنجو تن ڀلجان ڪنهن ٻئي جو ٿي وڃي، پر من جو مالڪ منهنجو ساجن ئي رهندو. پيار ته هڪ پاڪ جذبو آهي، جيڪو پاڪائي ۽ ناپاڪائيءَ جي سرحدن کان به اڳتي نون جلون، نين راحتن جي آس ۽ نراس جو پيوندڪار آهي. پاڻ چاهت جي هن ملڻ ۽ وڇڙڻ جي گاڏڙ ساڏڙ درد ۽ خوشيءَ جو هڪ نئون مثال ٿينداسون... ساجن! تون منهنجي ماروئڙن لاءِ لک، هنن جي خوبين ۽ خامين تي لک، هنن ۾ سجاڳي پيدا ڪر، هنن جي مئل سوچ ۾ نئون روح ڦوڪ، هنن کي آزاديءَ سان جيئڻ جو گس ڏيکار، منهنجو من، منهنجي دل ڪروڙين دعائن سميت توسان ساٿ ۾ آهي... مان تنهنجي عزت ۽ تنهنجو شان ڏسڻ چاهيان ٿي... اميد ته تون منهنجي خواهشن جو مان ۽ لڄ رکندين.“ اهو چئي چُپ ٿي وئي.
سجنيءَ جي شاديءَ جو ڏينهن آيو. هر پاسي خوشي هئي. صبح کان شام تائين، ڪئي ڪم ڪري ٿڪجڻ سبب، رات جو نڪاح وقت اٿي وڃڻ چاهيم، پر پڪڙيو ويس. گهوٽ ڪنوار جي گڏيل قبوليت لاءِ وڪيل طورَ!! ڪمري اندر ويس ڳاڙهي جوڙي ۾ ملبوس سجني زائفن جي جهرمٽ ۾ غضب لڳي رهي هئي. کن پل لاءِ دل ڌڙڪڻ ڇڏي وئي. دل ته پويان پير ڪيا، پر دماغ بيهاري وڌو. سائره کان عارف جي جيون ساٿي طور، قبوليت وٺندي ڪا به رنڊ روڪ نه ٿي، ڇو جو اها سائره جي ته قبوليت هئي، پر سجني جي نه! سجني ته ڪافي عرصي کان منهنجي ٿي چڪي هئي.
***