ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

ماڻهپي جي سوڀ

جڏهن هوش سنڀاليم ته سڄو گھر غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيو هو، ڇو ته ان وقت بابو مزدوريءَ تان موٽندي هڪ خطرناڪ ايڪسيڊنٽ جو شڪار ٿي معذور بنجي ويو هو. وقت جي وهڪري گھر جو سڄو بار منھنجي نازڪ ڪلھن تي آڻي بيھاريو هو. گھر جي خراب حالتن ۽ بابي جي بيوسيءَ مان وهندڙ ڳوڙهن مون کي ان وقت کان، اڄ تائين مسئلن ۽ مونجھارن سان منھن ڏيڻ سيکاري ڇڏيو آهي. هوٽل جي بيراگيريءَ کان مون پنھنجي محنت سان جدوجھد شروع ڪئي ۽ اڄ هن ئي شھر جو سٺو ۽ مڃيل بورچي آهيان. ان عرصي دوران حالتن ۽ گھر جي خرچن جو پورائو ڪندي، علم جي اهميت کي سمجھندي انٽر تائين تعليم به حاصل ڪري ورتي هئم.
حڪومت جي غلط پالسين جي ڪري، انٽر تائين نه ڄاڻ ڪھڙن ڏکن ۽ اڻانگن پيچرن مان گذريو هئس ۽ نوڪريءَ جي تلاش لاءِ وري ڪيترن ئي ڪامورن، وزيرن جي در در تي ڌڪا ٿاٻا کاڌا هئم پر بيروزگاريءَ جو شديد احساس، صوبيدار گامڻ خان جي گھر جو بورچي بڻجڻ کان پوءِ ٿورو دور ٿي ويو هو.
”اسلم تون هڪ خوبصورت نوجوان ۽ سيبتو بورچي آهين!“ صوبيدار گامڻ خان جي تعريفي جملن ڪري احساس ٿيو هو ته آئيني ۾ پاڻ کي چتائي ڏٺم ۽ پاڻمرادو چئي ويٺم ته ”يار واقعي مان خوبصورت به آهيان“ ۽ پوءِ اهو احساس وڪوڙي ويو ته مان به ڪا حيثيت رکان ٿو. سَرهائيءَ واري احساس ۾ ٿاڻي جي اولهندي پاسي ٻين ڪوارٽرن کان پري ۽ مختلف ڪوارٽر ۾ ڪم ڪري وڌيڪ سرهائي محسوس ڪري رهيو هئس. وڌيڪ اتي موجود گامڻ خان جي زال زينت ۽ ڌيءُ شھرِبانو طرفان ملندڙ خلوص - عزت ۽ ٻن ننڍن پٽن، شاهد ۽ زاهد جي پيار ۾ هيءُ گهر مون کي ڄڻ پنھنجو ئي گھر محسوس ٿيڻ لڳو. منھنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري اُهي ٻئي (مائر ڌيئر) گھور، گھور وڃڻ لڳيون، پر بعد ۾ خبر پئي ته اهو گھورجڻ به منھنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري گھٽ، پر منھنجي شڪل ۽ صورت جي موچاري هئڻ تي وڌيڪ هو. ٻنھي ڄڻن کان مليل خلوص ۽ عزت وگھي دل مستيءَ کان جھومڻ لڳي، ڇو ته شھربانو جي قيامت خيز وجود ۽ چال چلت من موهي وڌو هو. ان ڪري ٿاڻي تي ايندي، منھنجي دل کي ڪجھه سڪون حاصل ٿيو هو.
منھنجي انھيءَ سڪون ۽ آرام ۾ تڏهن زلزلو ٿي آيو، جڏهن ٿاڻي جي حالتن ۽ واقعن طرف ڌيان ٿي ويو. روز جو معمول ۽ واسطو هئڻ ڪري ٿاڻي جي عملدارن ۽ اتي جي اچ وڃ ڪرڻ وارن ماڻھن بابت انڪشاف ٿيا ته دنيا ئي ٻي نظر اچڻ لڳي. جنھن دنيا جو ٻاهران ٺاٺ ۽ باٺ سٺو ۽ سھڻو هو، سا اندارن ناقص هئي. ٿاڻي تي سرڪاري ورديءَ جي عزت، مان ۽ مرتبو وِڃايو ويو هو. رشوت ۽ لالچ جي ڀرپور مارڌاڙ... مڪاري، فريبي... چغلي ۽ هُشي... انساني حقن جي لتاڙ... عورتن ۽ ڇورن سان رنگ رليون... ڪڪڙن، ڪتن جو شوق... شراب ۽ جوا جو کلي عام واهپو، مطلب ته معاشري جي هر برائي جو ٽوڙ ڪرڻ وارا خود ان برائيءَ کي واپرائي ۽ وڌائي ان جو ڦھلاءُ ڪري رهيا هئا.
گامڻ خان جي ايندي ئي ٻين براين ۽ ظلمن کان علاوه چورن ۽ پاٿاريدارن جو راڄ به شروع ٿيو. گامڻ خان، جمعدار يوسف ۽ تر جي نامور پاٿاريدار شھباز خان جي ٻيگھيءَ جي ڪري، تَر جو مسڪين ۽ اٻوجھه عوام رهندو به دٻجي ۽ هيسجي ويو. ظلم ۽ ڏاڍ کان علاوه انساني حقن جي کلي عام لتاڙ ٿي، تَر جي چڱن مڙسن پنھنجي نيڪيءَ ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ ٽيليفون ڪيا. پر......! اعليٰ آفيسرن جي عاليشان بلڊنگن مان سندن حيثيت کي سمجھندي به جواب ”سوري“ جو آيو. ان وقت چڱن مڙسن کي احساس ٿي ويو ته گامڻ خان ڪيتري هلنديءَ پڄنديءَ وارو صوبيدار آهي ۽ پوءِ جڏهن هلندي وارو هلندو آهي ته هڪ الڳ تاريخ جوڙيندو آهي ۽ گامڻ خان به ظلم ۽ جبر جي تاريخ جوڙي رهيو هو.
گامڻ خان جي ڪيس ۽ قھر جا ظالم ساٿاري، جمعدار يوسف ۽ پاٿاريدار شهباز خان ساڻس گڏ گڏ هئا. يوسف جيڪو گذريل ٻن سالن کان هن ئي ٿاڻي تي موجود آهي سو ٿاڻي جي حد جي ڏوهارين، پاٿاريدارن، شريف ۽ عزتدارن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي چُڪو هو. شھباز خان پراڻي وقت جو رهزن ڏوهاري هيو.
سندن مسڪين ۽ اٻوجھه ماروئڙن مٿان جبر ۽ ڏاڍ ڏسي اکين رت روئي ڏنو ۽ مان اکين سان اهڙا عذاب ۽ اذيتون نه ڏسي سگهڻ ڪري واپس هوٽل تي (نوڪريءَ لاءِ) هليو آيس پر اتي به گامڻ خان جي ڊپ ۽ دهشت کان ڊڄي مالڪ مون کي هوٽل تي بيھارڻ کان نابري واري ڇڏي. گھر ويھڻ جو سوچيم ته گھر جون بکون، تنگيون منھنجي آڏو فلم وانگر ڦرڻ لڳيون. مجبور ۽ بيوس ڪردار وانگر مان ساڳي اذيت گاهه تي واپس پھچي ويس.
صوبيدار گامڻ خان جمعدار يوسف ۽ شهباز خان جي ٻيگھيءَ جي ڪري راڄ ڪُٽجڻ لڳو. انھن، ڏوهي بي ڏوهي ۽ مظلوم ماڻهن کي ڪٽڻ لاءِ ٿاڻي جي سڀني عملدارن کي کلي عام ڇوٽ ڏني هئي، ڪيترائي ماڻھو ٿاڻي جي نالي کان ڪنبڻ لڳا پئسا ڪڍڻ لاءِ صوبيدار گامڻ خان نوان ۽ انوکا حُربا استعمال ڪرڻ شروع ڪري ورتا هئا. پھريون حُربو، ٿاڻي جي بلڪل سامھون واري کليل ميدان ۾ چار ڪلا هڻائڻ هو ۽ پوءِ واردات ڪرڻ دوران هٿ پير ڪلن سان ٻڌي، ننگو ڪري، سچو پترن سان، لٺين سان ۽ خطرناڪ طريقي سان مارڻ ۽ ڪٽڻ“_ هن حربي تحت ڪيترن ويچارن، پنھنجي جان عذابن کان ڇڏائڻ لاءِ اوڌر ورتي ۽ ڪيترن گهر کپايا.
ٻيو حربو تمام خطرناڪ هو. ٻنھي هٿن ۾ هٿڪڙي هڻي، لاڪپ جي لوهي گيٽ ۾ زمين کان ٽي چار فوٽ مٿي ٽنگيندا هئا. انھيءَ عمل ۽ طريقي جي ڪري ته ڪيترائي همراهه بيھوش ٿي ويا هئا. حُربن جي هاڪ ڪيترن ئي ماڻھن کي ڇرڪائي وڌو ۽ هُو ٿاڻي ۽ پوليس جي نالي کان به ڪنبڻ ٿي لڳا.
گامڻ خان جي ساٿاري ۽ ٻيگھيءَ جي ڪردار شھباز خان، پنھنجي پاٿاريءَ جي چورن ۽ ڇاڙتن کي کُلي عام موڪل ڏئي ڇڏي هئي. چورن ۽ لوفرن تَر جي مسڪين، مالوند ماڻھن جي راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون. ڳوٺن ۾ چورين ۽ زورين جا ڪيترائي واقعا روز روز ٿيڻ لڳا. چوريءَ جي واردات جو پيرو سِڌو شھباز خان جي ٻُوڙن سان ڍڪيل اوڏڪي اوطاق تائين پهتو ٿي ته هرڪنهن پئي چيو”هاڻي سمجھو ته ڍور زمين ڳھي وئي، يا آسمان کائي ويو، ڪجھه نه ٿيندو، سٺو، اٿوَ ته ساجھر سويل پوئتي ورڻ جي ڪريو نه ته ڏاڍا بيعزتا ۽ بدنام ٿيندؤ“ اهڙي تلقين کانپوءِ به جڏهن ڪو اوطاق تائين ويندو هو ته کيس گارين ۽ موچڙن جو منھن ڏسڻو پوندو هو ۽ ڪيترائي مسڪين ۽ ابوجھه ماروئڙا پنھنجو سڳ موٽائڻ لاءِ شھباز خان وٽ قرآن شريف کڻي ويندا هئا، پر هي همراهه کين منھن ڏئي نه ڳالھائيندو هونِ ۽ چوندو هو ”اهو قرآن شريف لڀائيندوَ ابا......!“ پوءِ وري ٻي ڏينھن ڀُنگ تي ساڳيو ئي سڳ ان ئي واطاق تان ڀاڳيو ڪاهي ويندو هو.
غريبن ۽ مسڪينن جي مجبوريءَ هٿان مليل پئسو صوبيدار گامڻ خان وٽ رهي نه سگهندو هو. ڇو ته گامڻ خان جا ڪيترائي شوق هئا. جن ۾ ڇوري بازي اهم شوق هوس. هو هاڻي هن ئي شھر جي ڪيترن ئي سھڻن پر بدچلن ۽ آواره ڇوڪرن کي ساڻ کڻي هلڻ لڳو ۽ گھر واريءَ جو حق....... هو ڪافي عرصي کان انھن ئي ڳالھين جو هيراڪ ۽ شوقين هو. شايد هن مون کي به اڇي چمڙيءَ جي ڪري ئي گھر جو بورچي بڻايو هو. هو منھنجي ڪڍ لڳو پر......! مان ته ان قسم جو عادي ۽ هن جي آرزوئن جو شوق نه هئس....... جنھن ڪري هن منھنجو پيڇو ڇڏيو ۽ منھنجي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي ڪري هن مونکي پنهنجي گھر جون سڀ ذميوايون ۽ سار سنڀالون سونپي ڇڏيون. جنھنڪري گھر ۾ رهندڙ سڀني انساني وجودن جي فطرتن ۽ عادتن کان واقف ڪار ٿي ويو هوس. اتي هڪ انڪشاف ٿيو ته بيگم صاحبا پنھنجي وَرَ جي گھر کان بي توجھيءَ ۽ پنھنجي حق نه ملڻ ڪري ٻين سان پيچ ۽ ناتا اڙائي ورتا هئا. هتي ايندي ئي هن جون پھريان نظرون مون ۾ هيون پر.......! مان پاڻ بچائي ويس جو هوءَ منھنجي امڙ جيڏي هئي ۽ کيس عزت به امڙ جيڏي ڏيڻ لڳو هئس ان کان علاوه هن جو وڏو پٽ شاهد به ته شھر جي بدچلن ڇوڪرن جيان ٻين (سپاهين، جمعدارن) جي سھاري پلبو هو ۽ عادت جو پورائو ڪندو هو. سڄو ٿاڻو ڄڻ انڪشافن جو گھر هو. ڪيترائي انوکا انڪشاف ۽ راز ڏسي ورتا هئم. انھن انڪشافن جي ڪري ذهني مريض مريض ٿي پوان ها....... جي شھربانو پنھنجي شرابي نيڻن سان منھنجي دل نه موهي وجھي ها.... مان هاڻِ ٻين مسئلن تي ٿورو سوچڻ لڳس ۽ شھربانو جي خوبصورت چھري کي هر وقت تصور ۾ آڻڻ لڳس...... هن جا گول گول ماس وارا ڳل....... هن جون ڪاريون ڪجليدار اکيون....... ڀرون جاڙا......... چپ ڳاڙهاڻ مائل ۽ هر وقت شرم ٻوٽيءَ جيان ڳاڙهو سندس چھرو. منھنجي اندر جي تھن ۾ لھي ويو. مان پنھنجي بيوسي (بورچي هجڻ) ڪري اظھار نه ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيس ۽ خاموشيءَ جا ڪڙا ڍڪ پيئڻ تي مجبور رهڻ لڳس.
ان ڏينھن مان جيئن ئي سومھڻي ڌاري، ڪم ڪار کان جند ڇڏائي گھر واپسيءَ جي تياري ڪري ٻاهر نڪرڻ تي هئم ته بيگم صاحبا منھنجي آڏو چادر اوڙهي ٻاهر نڪري چُڪي هئي. مان حيرت جي نظرن سان کيس ڏسندو ۽ پويان لڪندو سندس ڪڍ لڳس. منھنجي حيرت گھڻي دير تائين برقرارنه رهي سگھي، پر وڌي ضرور وئي. ڇو ته بيگم صاحبا پنھنجي وجود کي وڪڻڻ لاءِ جنھن ڪوارٽر ۾ وئي هئي اهو ڪوارٽر جمعدار يوسف جو هو. باغي خيال ڪر کڻي اڀا ٿي ويا. آرزو ۽ تمنا جاڳي پئي ۽ شھربانو جي قيامت واري جسم جو هر انگ منھنجي آڏو نچڻ لڳو. مان جلديءَ ۾ شھربانو وٽ پھچي ويس. ان وقت مون کي ڪو به ڊپ، ڊاءُ نه هو. صرف هڪ خيال هو شھربانو کي حاصل ڪرڻ جو.......!
مون کي پنھنجي مٿان اوچتو ڏسي شھربانو حيرت ۾ وڪوڙجي وئي. جنھن ۾ شرم ۽ حياءُ جو پھلو به نمايان هو. هن جي شرابي نيڻن ۾ نھاري مون پنھنجي اچڻ جو مقصد کيس اشاري ۾ ٻُڌائي ڇڏيو. هوءَ شرم ٻوٽيءَ جيان ڳاڙهي ٿي وئي ۽ اٿي بيھي رهي، گھڻي دير تائين ساڳي ڪيفيت ۾ محو هئي. ڪجھه دير کانپوءِ هن جي چھري تي ڪي خوشيءَ جا آثار اڀري آيا ۽ مون هن کي بي صبرو بڻجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. هن ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ منھنجي ڀاڪر ڍري ٿيڻ کانپوءِ هن چيو”اسلم تو نه ٿو ڄاڻين ته ڪيتري عرصي کان منھنجي من مندر ۾ به ڪنھن مرد جي مورتي بڻائي رکڻ جي آس هئي. پر هن بگھڙن واري ماحول ۾ مون کي ڪو به مرد (شريف) نظر نه آيو، سڀ ڪو بگھڙ هو، وحشي هو. سڀني جون نظرون منھن جي جسم تي کپنديون هُيون نه وري منھنجي نيڻن جي اشارن تي ۽ نه منھنجي مقصد (حقيقي زال مڙس واري رشتي) تي. هتي ايندي مون توکي ئي حقيقي مرد سمجھيو ۽ توکي ئي من مندر ۾ مورتي بنائي ڇڏيو، گذريل عرصو مان ڪيئن صبر ڪندي گھاريو آهي اهو مان ۽ منھنجو خدا ٿو ڄاڻي، ڪيتري نه اذيت ۽ پيڙا سٺي.“ هن وري چيو” اسلم خدا جي واسطي مون کي هن جھنم مان، هن بگھڙن جي ديس مان ڪڍي هل. مون کي ڀڄائي هل. مان تنھنجو سڀ ڪجھه مڃڻ لاءِ تيار آهيان، تون مرد آهين. مونکي هن باهه مان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ تون ئي بھتر آهين. ڇو ته تنھنجي چھري ۽ نيڻن ۾ اها بگھڙن واري چمڪ نه آهي. پر منھنجي چھري ۽ نيڻن ۾ به بگھڙن وارا آثار اچي ويا هئا ۽ هڪ بيوس ۽ مجبور ڇوڪري پنھنجي آرزوئن ۽ تمنائن جي خاطر هڪ مرد جي شيطاني ضرورت جو شڪار ٿيڻ لاءِ راضي ٿي هئي. جسم تان ڪپڙا لھي ويا ۽....... ۽....... حاصلات وارو تجسس وڌي ويو....... جسم پاڻ ۾ ڀڪوڙجي هڪ ٿي ويا ۽ پوءِ ڪجھه پل دير....... آسمان ڦرڻ لڳو.
هڪ ڏينهن ٿاڻي جي ٻاهران هڪ ڳوٺ جي رهندڙ نورل جي پٽ اختيار کي پوليس، شھباز خان جي هُشي تي گرفتار ڪري آئي. نورل ويھارو سال اڳ نامور رهزن ۽ چور هو پر حق ۽ ناحق جي تميز، قرآن شريف ۽ عورت (ست قرآن) جي عزت کان واقف هو. تر ۾ هو سٺو اثر رکڻ وارو هو. ان اثر دؤران هن ڪڌا ڪم ته ضرور ڪيا ۽ ڪرايا پر ڪڏهن به ڪنھن مسڪين کي خالي هٿين نه موٽايائين. قرآن شريف ڏسي کيس چنبڙي پوندو هو. وڏن جي عزت ڪندو هو ۽ ننڍن سان پيار ڪندو هو. اهو جذبو شايد ان ڪري هن ۾ موجود هوندو هو جو، هو خود پاڻ هڪ مسڪين ۽ همدرديءَ جي لائق هڪ ڪڙمي ۽ محنتي ماڻھو هو. پر تر جي هڪ چڱي مڙس گلڻ خان جي ظالم جو شڪار ٿيو هو. نورل جي گھر واري سڪينه هڪ حسين و جميل عورت هئي ۽ ان ئي سبب جي ڪري، گلڻ خان ٻين جي عزت (عورتن) سان کيڏڻ وارين عورتن مان هن کي سمجھيو هو، پر....... هو غلط هو. سڀ عورتون هڪ جھڙيون نه هونديون آهن. نورل کي جڏهن خبر پئي ته هو معاملي کي سمجھي گلڻ خان کان نفرت ڪرڻ لڳو. پر جلد ئي هو پاڻ گلڻ خان جي حسد ۽ نفرت جو شڪار ٿي لاڪپ پھچي ويو. گلڻ خان مائونٽ ايورسٽ جي چوٽيءَ تائين پھچڻ لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو هو. مائونٽ ايورسٽ پنھنجي توهين سمجھي کيس ڌڪا ڏئي بيعزتو ۽ خوار ڪيو ۽ جلد ئي هوءَ پيڪين هلي وئي، جنھن کي گلڻ خان ڳوٺاڻن ۾ غلط رنگ (ڀڄڻ) ڀرڻ جي به ڪوشش ڪئي. پر شايد هن جا ڏينھن خراب ٿيڻ وارا هئا جو نورل ٿاڻي مان ڇٽڻ کانپوءِ زال کي گھرايو ۽ کيس پنھنجو خواب ٻُڌايو ۽ ان خواب جي حقيقت جلد ئي سامھون اچڻ لڳي. گلڻ خان جي گھران چورين، زورين جون وارداتون معمول بڻجي ويون. جنھن جي ڪري هو ڪجھه ئي مھينن اندر انجام تائين پھچي، ڪنگال بڻجي ويو. ان وقت نورل جي ٽولي ۾ شھباز خان به شامل هو. هڪ ڏينھن پنھنجي ڪيل چوريءَ جي وڌيڪ حصو کڻڻ واري لالچ تي نورل هٿان مار کاڌي هئائين ۽ اها اڄ تائين ياد هئس. هو پنھنجي طاقت جي زور تي بدلو وٺڻ جو سوچي رهيو هو پر دل ٻڌي نه سگھيو هو ۽ آخر بدلي جي باهه وسائڻ لاءِ پوليس کي هُشي ڏئي نورل جي پٽ کي ٻُڌرائي ڇڏيائين.
نورل تر جي چڱن مڙسن جي مدد سان پٽ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر...... هن کي پوليس آڏو پيش ٿيڻ جو شرط وڌو ويو. هن منھن (پاڻ) ته ڏنو. پر....... پُٽھنس اهو ئي قابو_ نه ڇڏيائونس، ان ڪري هن جا ڪجهه ڏينھن اندر فرسٽ ايئر جا امتحان شروع ٿيڻ وارا آهن. هن رڙيون ڪيون، ڪوڪون ڪري چيو خدا جي واسطي منھنجي پٽ کي ڇڏيو. هن جو قيمتي سال کري ويندو. پر ٻوڙن هن جي ڳالھه ڄڻ ٻُڌي ئي نه هئي. هن جي ذهن ۾ باغي ٿيڻ وارا خيال اچڻ لڳا. هن افسوس منجھان هٿ مھٽڻ شروع ڪيا. اولاد ڄمڻ کانپوءِ ۽ پنھنجي مقصد پوري ٿيڻ کان پوءِ به هو رهزن ۽ پاٿاريدار هجي ها ته شايد لاڪپ ۾ نه هجي ها ۽ جيڪڏهن هجي ها ته صوبيدار جي ڀرسان واري ڪرسيءَ تي ويٺل هجي ها. ان ڏاڍ خلاف ڳوٺ جي هڪ اظھر جو نه رڳو پر ڪيترن ئي مظلومن جو آواز پڻ گڏ هو. حق ۽ انصاف لاءِ آواز....... پر امن ريلي....... انساني حقن جي ڪميشن کي ياداشت....... ۽ پريس ڪانفرنس.......
پاڻي مٿي کان چڙهي ويو هو....... صبر جو پيالو ڇلڪي پيو هو....... ٿاڻي جي ٻيگھيءَ دارن انھي آواز (اظھر) کي به گرفتار ڪري ورتو. مظلومن جو آواز....... همدرد ۽ هڏ ڏوکي...... لاڪپ جي اذيتن ۾ گذارڻ لڳو. هڪ شام ڇڻڪار ڏنل ميدان ۾ اظھر. نورل ۽ اختيار کي آندو ويو ته هٿ ڪڙين ۾ جڪڙيل ٽنھي ڄڻن جي هٿن جون ويڻيون هٿڪڙيءَ جي سور ڪري ڏکڻ لڳيون...... خاص ڪري اختيار جي نازڪ ۽ خوبصورت هٿن مان ته رت وهڻ لڳو...... ان وقت منھنجي اکين مان ٻه کارا لڙڪ، منھنجي بيوسي ۽ مجبوريءَ تي کلندا ڳلن تي لڙي آيا ته اگھي ڇڏيم. معاشري جي همدرد ۽ هڏ ڏوکي ماڻھن کي هيٺ ويھڻ لاءِ چيو ويو. نابري وارڻ کانپوءِ صوبيدار گامڻ خان جي دهشت ناڪ هڪل کانپوءِ نيٽ جي لڪڻ اختيار کان تيز رڙ ڪڍائي ڇڏي. سڀ ويھي رهيا. ڪپڙن لاهڻ ۽ ننگو ٿيڻ وارو سوال اڀريو....... نابري ۽ انڪاري...... اختيار جو نازڪ ۽ ڪمزور وجود....... صفا ننگا....... اونڌو ليٽڻ تي مجبور....... ٽھڪڙن، ٽوڪن ۽ چٿرن جا ڪيترائي آواز....... خاموشي....... سچو پترن جو ويھڻ واري جاءِ تي لڳڻ....... آسمان جو ڦرڻ زمين جو لھي وڃڻ. هڪلون....... مظلوم جون رڙيون ۽ ڪوڪون....... نازڪ وجود جي نازڪ کل رت سان ڀرجي وئي....... هڪل سان گڏ ٻيا سچ پترا....... وڏي هانءَ ڦاڙ رڙ....... ۽ پوءِ بيھوشي....... هاڻ اهو دردناڪ منظر وڌيڪ تماشائي بڻجي ڏسي نه سگھيس ۽ ڪوارٽر تي هليو آيس.
جنگيون منھنجي ننڍي ذهن ۾ڊوڙي آيون. هڪڙي جنگ انڌير نگريءَ جي ٿاڻيدارن جي ٻيگھيءَ واري ظلم ۽ جبر جي جنگ....... بيگناهه ٻن وجودن هڪ شاعر ۽ سوشل ورڪر کي سندس تنظيم طرفان ڪيل ڪوششن، اعليٰ آفيسرن ۽ ڪامورن جي ٽيليفونن تي سوالن ۽ پوليس طرفان انھن سڀني کي ڏوهي قرار ڏيڻ واري جوابن جي جنگ....... ٻي جنگ ۾ ڪو به تشدد يا ظلم نه هو. اها پيار جي جنگ هئي. حاصلات جي جنگ هئي....... شھربانو جي چھري تي هر وقت آرزو ۽ تمنا جا تاثر نمايان بکندا هئا....... پر منھنجي اندر م گامڻ خان لاءِ جا نفرت جُڙي چُڪي هئي. تنھن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ مان شھربانو جي حسرتن ۽ تمنائن سان کيڏي کيس آزادي ڏيڻ جا ڪوڙا وچن ڏئي هن جي کير جھڙي اڇي بدن سان کيڏندو هئس....... پوءِ احساس ٿي ويو ته، پڇتاءُ جو اڇلايل ڀتر منھنجي من دُٻي (پاڻي) ۾ ڇوليون پيدا ڪندو رهيو. مان هن کان دور ٿيڻ لڳس. پڇتاوَ جي احساس کان....... ڀائرن جي مستقبل جي ڪري....... يا گامڻ خان جي ڊپ کان.......!
اخبارن ۾ خبرون، احتجاج ۽ ان کان علاوه صوبي جي گورنر صاحب جي هائوس مان به ٽيليفون آئي. گامڻ خان اظھر ۽ ان جي سماجي تنظيم جي طاقت کان خوفزده ٿي ويو ۽ اظھر واري سموري ڳالھه ۽ مسئلو، پنھنجي ڪنڌ ۾ پوندي محسوس ڪيو ۽ ان جا آثار به هئا......هن ڪميڻائپ جي ته حد ڪري ڇڏي هُئي. انڪوائري آفيسر (ايس ڊي ايم) جي آڏو پاڻ کي بيگناهه ثابت ڪرڻ لاءِ هن ڪيترائي قسم کنيا، پر ايس ڊي ايم هن جا تارا ڦوٽرائي ڇڏيا ته ”گامڻ خان هاڻي تنهن چالاڪي وڌيڪ هلي نه سگھندي، تنھنجي پڄڻ جي ڀيڻي ڀر نه آهي....... تون ظلم، ڏاڍ ۽ سفاڪيءَ جي انتھا ڪري ڇڏي، تون نسورو ناحق ڪري مسڪينن ۽ شريف ماڻھن کي ڏاڍيون اذيتون ڏنيون ۽ ويل وهايا، تون انھن بي ڏوهي ماڻھن (اظھر، اختيار ۽ نورل) کان معافي وٺ، جيڪڏهن پاڻ کي بچائڻ گھرين ٿو ته....... نه ته انڪوائري جا ڪاغذ پٽ اعليٰ آفيسرن تائين وڃڻ لاءِ تيار آهن.“
گامڻ خان سڄي عمر ۾ هارائڻ ۽ شڪست کائڻ ته ٺھيو، پر ان لاءِ سوچيو به نه هو....... پر.......! وقت جي وهڪري جي ڪري مظلوم بڻيل هو ۽ رحم جوڳيءَ حالت ۾ هو. پڇتاءُ جي هڪ لھر....... هر عھد ٽٽي پرزا ٿي ويو....... هار مڃڻ تي مجبور ٿي پيو....... حق جي فتح ٿي....... ناحق هار کاڌي....... انڌيرو باک ۾ ٿبديل ٿي ويو....... اڄ گامڻ خان اڪيلو هو. تنھا هو، ساڻس گڏ شھباز خان هو. نه وري جمعدار يوسف. سڀ هن کي اڻانگي ۽ مشڪل وقت ۾ ڇڏي پري تماشائي بڻجي مڇون وٽيندا گھمندا ٿي رهيا. انسانيت جي ستل مرد ڪر کنيو ۽ تڙپي اٿيو. ڪيترن ئي ظلمن ۽ ڏاڍاين جا باب هن آڏو فلم وانگر ڦرڻ لڳا....... گامڻ خان دل جي سچائيءَ سان اظھر آڏو ليلائي رهيو هو. پيرن مُرشدن جا قسم ۽ واسطا وجھي رهيو هو. پر اظھر جا ته ڄڻ ڦٽ چُڪي پيا. هن گامڻ خان کي سزا ڀوڳيندي ڏسڻ چاهي، پر گامڻ خان قرآن شريف کڻڻ لاءِ اٿيو....... ته اظھر اختيار ۽ نورل کان پنھنجي مٿان سَٺل اذيتون ۽ وارداتون يڪدم وسري ويون، دل جي سٺائي ۽ انسانيت جي همدردي رکڻ واري مرد، هن جي سچائيءَ سان ظلم کان توبھه ڪرڻ تي کيس معاف ڪندي چيو ته ”مون لاءِ اها ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالھه آهي جو هڪ راهه ڀٽڪيل ماڻهو سڌي راهه تي اچي. مون توکي سچي دل سان معاف ڪيو گامڻ خان.“
مون اظھر جي آزاديءَ تي کيس مبارڪون ڏنيون ته هن وراڻيو تو شايد ڌرتيءَ جي انقلابي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي غزل جا هي بند نه ٻڌا آهن.
غريبن کي گھوگھا گھٽا ڪيستائين؟؟
پيا ڏيندا، پٽڪي لٿا ڪيستائين!؟؟
اونداهيءَ رات جو اٽڪل هڪ وڳي صوبيدار گامڻ خان، اظھر ۽ نورل کي سندن گھر ڇڏي اچي ٿاڻي تي پھتو ته هن کي گھڻو ڪجھه ياد آيو. هو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو پنھنجي ڪوارٽر طرف وڌي ويو. مان سندس ڪڍ هئس، در تي ايندي ئي جوڻس کيس ٻُڌايو ته ”صبح جي ويل شهربانو هن مھل تائين گھر نه پھتي آهي. الائي ڪاڏي وئي...؟“
”شھربانو الائي ڪاڏي وئي؟“ مان حيران ٿي ويس. مون کي ياد آيو ته هن چيو هو”اسلم خدا جي واسطي مون کي هن جھنم مان هن بگھڙن جي دنيا مان ڪڍي هل، مون کي ڀڄائي هل...!“
آخر شھربانو ڪيڏانھن وڃي سگھي ٿي!؟“
گامڻ خان سوچ ۾ ٻُڏي ويو، ”شھربانو ڀڄي وئي..!!!“ منھنجي دل ۾ چيل ڳالھه شايد هن ٻُڌي ورتي هن جون اکيون ڦاٽي ويون ۽ هو بيھوش ٿي ڪِري پيو.
***