محبتن جو سفر
”بابا سائين! سڀئي دوست ۽ ڪلاسي شاگرد اسڪول کان جڏهن گھر پنھنجن پنھنجن سوارين تي واپس ٿيندا آهن، تڏهن مون کي پنھنجي سواري نه هجڻ جو احساس ٿيندو آهي، جيڪڏهن منھنجو هي نماڻو عرض يا سوال مڃو ته مھرباني ٿيندي؟“
بابا سائين هميشه جيان کليو، ڏڍ ڏيندي چيائين ”پٽ! سڀ ضرورتون ۽ سڀ واعدا پورا ڪرڻ، هر انسان جي وس ۾ نه هوندا آهن، مان نه چاهيندو هوندس، ته منھنجو به اولاد ٻين جيان موج ۽ مستيون ڪري، پر چند مجبوريون آهن جيڪي...“
”بابا سائين! اوهان جي انھيءَ جملي ”چند مجبوريون“ سڀني گھر ڀاتين کي اصل منجھائي ماريوآهي... اهي ”چند مجبوريون“ اسان جي زندگيءَ مان ڪڏهن وينديون؟ وينديون به يا چنبڙيل ئي رهنديون؟“ جملو اڌ ۾ ڪٽي وڌو مانس.
بابا جي چھري تي ڪئي رنگ آيا ۽ ويا، وري کليو، ڏڍ ڏنائين،
”پٽ! مجبوريون چند يا زياده شڪل ۾ نه هونديون آهن، اصل ۾ مجبوريون مجبوريون هونديون آهن. بھرحال پٽ مان هن وقت تو کي ايترو ئي ٻڌائي ۽ سمجھائي سگھان ٿو، تون به هن عمر ۾ ايندين، ته توکي به چند مجبورين جي اصلي ۽ صحيح معنيٰ ۽ مفھوم جي خبر پوندي!“
بابا سائينءَ جون ڳالھيون وقتي طور منجھائي ۽ مڃائي ته وٺنديون هيون، پر ظالم زمانو، زماني جون کوڙ ساريون ضرورتون، معيار ۽ حيثيت، اٿڻي ويھڻي جا نت نوان سوال، سوال مٿان سوال ڪاريھر بڻجي ڏنگڻ ايندا هئا. چڱو کائي نه سگھون، سٺو پائي نه سگھون، اوڙي پاڙي سان، سنگتين، ساٿين سان، مٽن مائٽن سان شادي، غميءَ ۾ اٿي ويھي نه سگھون. اهڙي بي حال جيون مان تنگ ته هئاسين ئي. مٿان بابي سائينءَ جي هم عمر، هم پيشه، استاد رجب علي جي وڏي ڌيءَ آپا زاهده بي ايد ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کان شھر آئي هئي. ڏاڍي ڪاوڙ آئي، گذارو ڪيئن ٿيندو؟ خوشي به ٿي ته مھمان رحمت هوندو آهي، پاڻ کي هر ڀيري جيان پنھنجن سوالن جو پاڻ جواب ڏئي ماٺ ڪئي.
بابو سائين، جيجل امڙ، ٻه ننڍڙا ڀائر، عارف ۽ ڪاشف، ٻه ڀيڻون شازيه ۽ ماريا ۽ مان، ڪل ست ڀاتي. اڪي کي ٻڌي ڪرڻ لاءِ آپا زاهده اچي وئي هئي.
آپا زاهده جي ايندي ساري گھر ۾ خوشيون ٻيڻيون ٿي پيون هيون. پاڻ کي پنھنجي سوال جو جواب ڏئي ماٺ ڪرائڻ، هڪ ٻئي کان نظرون چورائي لڪڻ وارا کلڻ ۽ ٻھڪڻ لڳاسين، هر وقت کل خوشي. رونشو، مذاق، چڙڻ ۽ پرچڻ، مطلب ته زندگي جاڳي پئي هئي. اسان جو اندازو غلط ثابت ٿيو، ته مھمان اچڻ سان مسئلا وڌندا، پر ڪنهن چواڻي مھمان پنھنجو رزق پاڻ سان ساڻ کنيون ايندو آهي. بابا سائينءَ جي ٽن سالن کان ڦاٿل ڊفرنس پي ملي وئي، مالڪ لڄ رکي، خوددار ۽ انسان دوست گھر مالڪ بابي سائين جمعي نماز ۾ نمازين کي شڪراني ۾ ديڳ ڀت جي کارائي.
گھر جي سٺي حالت منھنجي لاءِ ٿورا مسئلا پيدا ڪيا. اسڪول کان واپسي وقت شھر کان ٻاهر باءِ پاس تي بي ايڊ ڪاليج مان آپا زاهده کي وٺڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. پوڻا 2 ڪلوميٽر پنڌ، منھنجي ٽنگن مان ٺڪاو نڪرندا هئا. واپسيءَ وقت ٻئي رڪشي تي گڏ ايندا هئاسين. سج لٿي مھل کان ٿورو اڳ گھر موٽندي لالاڻ ۽ پيلاڻ واري ماحول ۾ ڏاڍو سٺو لڳندو هو، ان کان وڌيڪ سٺي لڳندي هئي، رڪشي جي سواري، مان بي انت کِلندو هئس، رعب تعب ڪندو هئس، هر ايندڙ ويندڙ ماڻھوءَ تي! اڪثر پاڻ سان کلي پوندو هئس. هڪ ڏينھن آپا پڇيو:”اظھر! خير ته آهي نه!... پنھنجو پاڻ سان کلندو آهين؟!“ بي تڪلف ۽ پنھنجائپ وارو اسان جو پھريون بحث هو. مان بنا ڪنھن جہجھڪ جي ساڻس ڳالھائڻ لڳس. هوءَ عمر ۾ مون کان 10 سال وڏي هئي، پر مون سان ڳالھائڻ، ٻولھائڻ وقت منھنجي عمر جي يا مان سندس عمر جو ٿي ويندو هئس.
” آپا! ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ئي چند مجبوريون زندگيءَ مان غائب ٿي وڃن ۽ ضرورتون پوريون ٿي، خواهشون حقيقت ماڻي وٺن ته پوءِ ائين ئي کلڻو پوندو آهي.“
” اظھر! مون سمجھيو ڪونه؟!“
”آپا! اسڪول ايندي ويندي سڀني هم ڪلاسين ۽ اوڙي پاڙي جي شاگردن کي پنھنجين سوارين ۾ سفر ڪندي ڏسندو هئس ته، ڪئي آسون جنم وٺي مري دفن ٿي وينديون هيون، هاڻي توهان سان رڪشي تي سفر ڪندي، ساڳي ئي نموني سان، رعب تعب سان، داٻي سان ڏسڻ وارن کي جلائي پلاند ڪندو آهيان“ منھنجي ڳالھه تي آپا واهه جا ٽھڪ ڏنا، سندس کليل ۽ هيڪاندا ٽھڪ ٻڌي دل ۽ اکيون ڀرجي آيون. ڇو جو سندس ٽھڪ ڏيڻ وقت انداز ۽ آواز هوبھو پاڙيسرياڻي ريشمان جهڙو بيهندو هو. جنھن لاءِ پھريون ڀيرو منھنجي دل تيز، تيز ڌڙڪي هئي، مان ان ماهه لقا، ماهه جبين جا اهي ٽھڪ ٻڌي ۽ سندس سھاني شڪل ڏسي نه سگھيس، ڇو جو هُوءَ بجليءَ جي شاڪ لڳڻ سبب گذاري چڪي هئي. مان خيالن ۾ هئس، آپا ڳالھايو،
”اظھر! تون ايترو گھرائيءَ سان هن عمر ۾ ڳالھائڻ ڪٿان سکئين؟!“
اکين ۾ آلاڻ لڪائڻ جو موقعو ملي ويو هو. مون چيو: ”آپا! جيڪي ماڻھو اڪثر ”چند مجبورين“ ۾ پنھنجو جيون گذاريندا آهن، سي باقي ڪجھه ته حاصل نه ڪري سگھندا آهن پر سٺو ڳالھائڻ ٻولھائڻ ضرور ڄاڻندا آهن“ مان ٻٽو ڏکي پيو هئس. آپا ڏڍ ڏيڻ لاءِ سري ويجھو هلي آئي، مان سندس ٻانھن جي هلڪي جڪڙ ۾ تسلي ٻڌندو رهيس، پر منھنجو من، منھنجي دل، منھنجو دماغ دنيا کان نڪري ويو. ڪافي لمحن تائين منھنجا سڏڪا هلندا رهيا، نيٺ گھر اچي وڃڻ جو دڙڪو ڏئي آپا ڇرڪ ڪڍرايو. مان جلدي حواسن ۾ آيس، اکين مان آلاڻ اگھي ورتي. آپا جو کاٻو هٿ پوءِ ڀي ڪافي لمحن تائين منھنجي بيقرار من کي ٿڦڪيون ڏيندو رهيو.
ائين اسڪول اچڻ وڃڻ، شام جو آپا کي واپس وٺي اچڻ، گھر ۾ ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ٽيوشن وٺڻ، ڳالھيون ٻڌڻ، ڪچھريون ڪرڻ، بحث مباحثا ڪرڻ، سياسي، سماجي، ادبي ۽ قومي مسئلن تي ڳالھائڻ، سوال ڪرڻ، جواب ٻڌڻ، مطلب ته مونکي وندر جو سٺو موقعو مليو هو. گھر جي رونق پوريءَ طرح سان اجڙي ويندي هئي، جڏهن آپا ڇنڇر شام چاچي رجب علي سان پنھنجي ڳوٺ هلي ويندي هئي. شروع ۾ سندس وڃڻ جو ڏک ٿيڻ لڳندو هو، پر پوءِ آهستي آهستي سندس واپسيءَ جي خيال سان خال ڀرجي ويندو هو. دستور مطابق ڇنڇر جي شام جو هوءَ کلندي کلائيندي مو ڪلائي وئي، سومر جي صبح تي واپس آئي ته آپا آپا نه رهي هئي، ڪا اوپري، زاهده اسان سان ملي هئي، گھر ڀاتي حيران ٿي وياسين، کيس ڏڍ ڏنوسين، پر سندس زبان نه کلي، مان سمجھي ويس ته ڪو مسئلو ضرور آهي، ان لاءِ سڀني کي کِلائي، ٽارڻ لاءِ ڪوڙي ڳالھه جوڙي ٻڌايم، چيم:” هڪ ڏينھن ڪنھن ڪم سانگي تڪڙو تڪڙو گھر کان دڪان تي ويس پئي، اوچتو هڪ در سامھون پردي کان اندران ڪتو ٻاهر نڪتو، مان ڪتي کي ڏسي ڇرڪي ويس، ڪتو مون کي ڏسي دهلجي ويو، مان ته هليو ويس، پر ڪتو بيھي رهيو، واپس ايندي مون کان معافي وٺي پوءِ اندر ويو“ سڀ کلي پيا، کلي کلي کيرا ٿي پيا. هوءَ به کلي، سڀني سان خوب کلي، ايترو کلي جو روئي پئي ۽ روئندي رهي، اسان کيس رلجي دلاسا ڏنا ۽ پرچايو ته مس وڃي ٺيڪ ٿي.
ڪاليج کان هڪ شام واپس ايندي ڏٺوسين، سگنل چوڪ وٽ ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو ويو هو. ڪامريڊن جي اهڙن ڪمن تي مون کي بڇان ۽ چڙ ايندي هئي، آپا منع ڪئي”عقل ڪر اظھر! عقل ڪر...! ڪنھن کي به گھٽ وڌ ناهي ڳالھائبو، تون ننڍڙو آهين، في الحال ڪامريڊن جي ڪمن ۽ عملن کي سمجھي نه سگھندين، پر ڪاليج پھچندي سڀ پروڙي وٺندين“
”پر آپا! ضروري ناهي ته ڪنھن ڀي مسئلي جي حل نه ٿيڻ لاءِ روڊ بلاڪ ڪجي ۽ هر ايندي ويندي کي به مصيبت ۾ وجھجي....؟!“
”اظھر! هي پاڻيءَ لاءِ روڊ بلاڪ ڪيو ويو آهي ۽ پاڻي گھرڻ لاءِ روڊ بلاڪ ڪرڻ، رڳو ڪامريڊن جو مسئلو ناهي، پر اسان سڀني جو اجتماعي ۽ پھريون مسئلو آهي.“
”پر آپا! ڳالھيون ته ڳالھائڻ وارن سان ڪبيون آهن، ڀلا آپا! اهي ڪامريڊ پنھنجي ڪم سان سچا آهن؟!“
”شايد هاٰ! شايد نه !.... پوءِ ڀي ضروري آهي واويلا ڪرڻ، واويلا سان ٿورا ڪي گھڻا مسئلا حل ٿين ٿا، حق ملن ٿا“
” آپا! تون ڪامريڊن واريون ڳالھيون نه ٿي ڪرين؟!“
”اظھر! سڀاڻي تون پاڻ ڀي اهڙيون ڳالھيون ڪندين!“
”مان ته صرف محبتن جون ڳالھيون ڪندس.“
”محبت! سور ته ڏئي سگھي ٿي پر بنيادي حق ڏيارائي نه ٿي سگھي.“ آپا ٺهه پهه وراڻيو ۽ منهن ڦيري ڇڏيائين.
”آپا! تو ڪڏهن ڪنھن سان محبت ڪئي؟!“ آپا منهنجي سوال تي هن جھان مان خلا ۾ وڃائجي وئي. ڪجھه گھڙين کانپوءِ چيائين: ”اظھر! تنھنجي شڪل وارو ته نه پر تنھنجي هوبھو، قد بت ۽ بيھڪ وارو نوجوان منھنجو پنھنجو ڳوٺائي، منظور منھنجي پھرين ۽ آخري محبت هو، اسان جي محبت ٻه طرفي ۽ گھري محبت هئي، ٻنھي جي والدين جي راضپي سان اسان جو مڱڻو ٿيو، خوابن جي حسين دنيا، حقيقت جا سڀئي رنگ پسيا، اڳتي اميدون ۽ آسون منزل تي رسن، تنھن کان اڳ کيس ماستري ملي، استاد ٿيندي ئي مون سان گڏ گڏ يا شايد مون کان به وڌ اهميت، عزت ۽ وقت سماجي ڪمن کي ڏيڻ لڳو. منھنجي ڪا به ميار، ڪا به شڪايت اثر ڪري نه سگھي. مظلوم سان هر پل ساٿ ۽ سھڪار، ظالم ۽ هر ظلم سان کلي عام مزاحمت ڪري، ٿوري ئي وقت ۾ ڪافي سارو نانءُ، عزت ۽ شھرت ملي ويس. ماڻھو ساڻس محبت ۽ عقيدت ڀي ڪرڻ لڳا. هڪ مڪمل مقصد ”ماروئڙن لاءِ جيئڻ“ سندن ڪم ڪرڻ، کين خوش رکڻ ۽ ڏسڻ زندگيءَ جو پھريون پھريون ڪم هو. دل اندر ٻه وڏا ڪم رهندا هئس. جيڪي هن مڪمل ڪيا هئا. ڳوٺ ٻاهران خشڪ ۽ بنجر زمين جي آبادي ۽ سرسبزيءَ لاءِ پڪو واٽر ڪورس ۽ صحت مرڪز قائم ڪرائي ورتائين. انھيءَ ڪم سان هزارين ماروئڙن جا مسئلا حل ٿي پيا، انھيءَ وڏي ۽ اهم ڪم ڪرڻ کانپوءِ تنھائيءَ ۾ مليو، ڪيتريون ميارون ۽ شڪايتون ڪٺيون ڪري چوڻ واري هئس، جو منھنجو ارادو سمجھي ويو، راضي ڪرڻ لاءِ کلي اڇلون ڏئي منھنجي ماستريءَ جو آرڊر ڏنائين، مان خوشيءَ کان ٻھڪي پيس، ان خوشيءَ کان وڏي خوشي ڀرسان ايندي ڪنن ۾ سُس پُس ڪيائين”زندگي آهي ته، سماجي ڪم ٿيندا رهندا، پاڻ جلد شادي ڪنداسين، صرف آخري ڪم آهي شھر کان ڳوٺ تائين پڪي روڊ- جو پوءِ تون، مان ۽ محبتون، محبت جو حسين سفر...!“
شھر کان ڳوٺ تائين روڊ به ٺھي ويو، شاديءَ جي تاريخ ٻڌجي وئي، مان خوش خوش، پوري تر ۾ وڏي ناليواري سماج سڌارڪ جي ڪنوار ٿي رهي هئس، پر شايد قدرت وري ڪجھه ٻيو سوچي ورتو هو، شاديءَ کان ٺيڪ ٽي ڏينھن اڳ هڪ رات واپسيءَ دوران محبتن جي راهه جي مسافر منھنجي دنيا، منھنجي سڀ ڪجھه، منظور کي سماج بگاڙ رهزنن ڌڪي ڪري وڌو، ڪافي دير تائين هو بي حس ماڻھن جي بي حس احساسن تي تڙپندو رهيو، همت ڪري، پويان پساهه ساڻ ڪري مون وٽ آيو، آخري لمحن ۾ منھنجن ٻانھن ۾ هو، روح پرواز ڪري ويس، هڪ گھري ۽ سواليه حسرت ڇڏي ويو، منھنجو سڀ ڪجھه لٽجي چڪو...“ آپا ايترو چوندي پاڻ روڪي نه سگھي، زور سان روئڻ لڳي. ان وقت منھنجي ننڍڙين ٻانھن جو ٻک هئس، پاڻ لڪائڻ ۽ ريجھائڻ جي ڪوشش ڪيائين، تمام ويجھو هئاسين، حد کان وڌيڪ. هوش ۽ حواس تڏهن بحال ٿيا، جڏهن چانڊوڪي ڪڪرن جي زد ۾ اچي وئي، پوري ماحول تي اونداهي ڇائنجي وئي، آپا وري ڳالھايو
”اظھر منھنجي سموري جيون تي ائين ئي اونداهه ڇانيل آهي“
”آپا هر اونداهه کانپوءِ هڪ نئون سويرو به ضرور هوندو آهي.“ مون ڳالهايو.
”ها! پر سڀ سويرا هڪ جھڙا اجرا ۽ سڀاويڪ به نه هوندا آهن“
”اک، اک جو به فرق ٿي سگھي ٿو؟“
”جيون جي اونداهه کي اجرو ڪرڻ لاءِ ڪنھن به سويري جي پرک ۽ پروڙ دل کانسواءِ ڪو به عضوو ٺيڪ طرح سان نه ٿو ڪري سگھي.“
”دل کي واقعي ايتري پرک ۽ پروڙ جي ڄاڻ آهي ته اوسي پاسي ڪنھن ڪرڻي کي ڀي محسوس ڪري وٺندي هوندي؟“
”پر ڪو به ڪرڻو، ڪنھن به اجري ۽ قھري سويري جي جاءِ نه ٿو ڀري سگھي.....!! بھرحال انھيءَ ننڍڙي ڪرڻي جي جذبن جو، احساسن جو احترام آهي، پر مان منظور جي ڇڏيل وک وڌائي پوري تر ۾ روشني ڦھلائي محبتن جو سفر عام ڪرڻ ٿي چاهيان، جيئن ڪو به منظور ڪا به زاهده هڪ ٻئي کان جدا نه ٿين... اظھر! تون به پنھنجي ڪنھن صحيح مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي وڃ، ڪنھن سٺي مقصد جي حاصلات يا ان راهه ۾ ڪنھن رهزن هٿان شھيد ٿي امر بڻجي نالو پيدا ڪرڻ ۾ جيڪو مزو ۽ سڪون آهي، سو شايد ئي ڪنھن ٻئي ڪم يا ٻئي ڪنھن مقصد ۾...!“ هن بس ڪئي - هڪ لڪل قوت منھنجي اندر ۾ ڦوڪجي وئي، پاڻمرادو لفظ نڪري ويا،
”مان محبتن خاطر جيئندس... محبتن جو ئي سفر منھنجو مقصد هوندو.“
آپا چيو ”اظھر! مون کي اميد آهي ته تون پنھنجي نيڪ مقصد ۾ ضرور ڪامياب ٿيندين.“ هڪ جوش هڪ ولولو، هڪ اميد، ۽ انھيءَ جي منزل جھومائي وڌو، اسان جا هٿ ملي ويا ۽ اکيون پھڻ بڻجي ويون.
انھيءَ کانپوءِ اسان کلي عام ڪنھن به موضوع يا مسئلي تي ڳالھائي نه سگھياسين، واسطو ۽ رابطو ته رهيو، پر ڪشش هوندي ڀي سرحدن کي ڇھي نه سگھياسين. آپا اٺن مھينن کانپوءِ بي ايڊ ڪري جو وئي ته وري نه موٽي.
زندگيءَ پنھنجي اثرن کي ڏينھن، هفتن، مھينن ۽ سالن جي صورت ۾ سامھون آندو. بابو سائين جھان ڇڏي ويو، سگھو ئي امڙ به موڪلائي وئي. ڀيڻ ۽ ڀائرن جو پالڻھار بڻجي پنھنجي خوشي ۽ خواهش وساري سندن لاءِ جيئڻ لڳس، بابي جي پينشن مان پرائيويٽ اسڪول کوليم، علم جي روشن لاٽ سان گڏجي محبتن جي سفر جو راهي بڻجي ويس. ٻئي ڀائر يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لڳا، ڀيڻن مان هڪ جي شادي بئنڪ آفيسر سان ۽ ننڍيءَ لاءِ رشتو ڊاڪٽر جو آيو هو، جيڪو قبول ڪري آجو ٿي ويهڻ کان پوءِ بور ٿي پيو هوس، انھيءَ ڪري اڪثر اسڪول ۾ رهندو هئس. فارغ وقت ۾ لطيف جي نگريءَ مٿان رهندڙ پنھنجن مٺڙن ماروئڙن جي لاءِ محبت جا پيغام کڻي رٺلن کي پرچائڻ، وڇڙيلن کي ملائڻ لاءِ سڀئي فرق پري رکي، هر ذات پات، قبيلي، سوچ، فرقي، ڪردار ۽ عمل کان بالاتر رهي ڪم ڪرڻ لڳس. هڪ ڏينهن پنھنجي پرائيويٽ اسڪول جي خوبصورت ۽ خوب سيرت ٽيچر مس صدف محبتن لاءِ ٻانھون وڌايون، اسان جي عمر ۾ 12 سالن جو فرق وچ تي هو، ڪافي سمجھائڻ، باوجود مس صدف سمجھي نه سگھي، چيومانس، ”مس صدف! مان اهو ڏيئو آهيان، جيڪو ٻين لاءِ ته سويرو ڪندو آهي پر پاڻ اونداهه ۾ رهندو آهي“
”سر! مان وري اها شمع آهيان، جنھن جا سڀ ڪرڻا اوهان جي طرف ئي هجن ٿا“ هن مرڪي جواب ڏنو.
”سڀ ڪرڻا روشن ڪرڻا ڀي نه هوندا آهن؟“
” مان گھٽ ۾ گھٽ روشن ڪرڻو آهيان“
ٻئي ڪجھه دير لاءِ چپ رهياسين، چيائين ”سر! مان توهان جو سھارو بڻجڻ ٿي چاهيان.“
”مون کي ڪو اعتراض ناهي ... اسان جو ساٿ ۽ سھارو پوري ديس لاءِ روشني ۽ محبت ثابت ٿيندو.“
”سر! مان جيون سھاري جي ڳالھه ڪئي آهي“
”مس صدف! مان تنھنجي جذبن جو احترام ڪيان ٿو، مون کي تنھنجن احساسن جو به قدر آهي، پر هڪ فرق عمر جو، ٻيو ذات جو، ٽيون حيثيت جو....“ منهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي وڌائين. چيائين: ”سر! عمر جو فرق خاص ناهي، ذات پات جي قائل ناهيان، حيثيت توهان جي به گھٽ ناهي. کوڙ ساري عزت ۽ نانءُ اٿو، منھنجو ساٿ قبول ڪيو.“
ٿڌو ساهه ڀري ها ڪيم، پر پنهنجي گھر وارن ڪئي سوال ڪيس، سمجھايس، پر هوءَ گھر ڇڏي ڪورٽ ميرج لاءِ ضد ٻڌي بيهي رهي. مان صفا پڙ ڪڍي بيٺس، جواب ڏنومانس، ”مس صدف! منھنجي محبتن جو سفر بي داغ آهي، انھيءَ تي آڱريون کڻائڻ نه ٿو. ڃاهيان، ان ڪري منھنجي محبت خاطر گھر واپس هلي وڃ، ضروري ناهي ته هر ڪنھن کي محبت ملي وڃي ۽ جيڪو چاهجي اهو حاصل ٿي وڃي، تون وڃ محبتن جي سفر ۾ روشني ۽ ساڃاهه ڦھلاءِ ته جيئن ڪو به محبت جو پانڌيئڙو لاحاصلات جي ڪَڙاڻِ، نه چکي.“ هن لڙڪ اگھيا. منھنجن هٿن کي وٺي درد کان وڏو سڏڪو ڀريندي چيائين.
”سر! نه ڄاڻ ته هي محبتن جا سفر ڪيستائين جاري رهندا؟“ هوءَ هلي وئي. ٻه کارا لڙڪ اکين کان ڳلن تي لهي آيا.
***