ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

مجبور

سھڻي ۽ من موهڻي صورت ۽ خوش اخلاقيءَ جو هڪ لاجواب مجسمو هئي زرينا، سھڻو سڊَول جسم، ڪارا وار چيلھه تائين لٽڪندڙ، جھڙوڪر ڏنگيندڙ هئا، نانگن جيان! ڀوريون ناسي اکڙيون کڻي جڏهن ناز سان نھاريندي هئي ته ڏسندڙن جون دليون ڦاٽي ڦاڪون ٿي پونديون هيون. شڪارپور شھر جي مشھور واپاري سچل خان جي ڌيءُ هئي. زرينا، والدين جي لاڏلي اکين جو ٺار، ٻئي اولاد کان وڌيڪ پياري.....
ننڍي هوندي کان وٺي سندس هر خواهش ۽ ضد جلديءَ ۾ پورو ڪيو ويندو هو، پر زرينا جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي ته وڏي ڪشمڪش ۾ مبتلا ٿي ويو سچل خان، زرينا ڪاليج ۾ پڙهڻ جو شوق ڏيکاري ضد ڪيو. هوڏانھن وري سچل خان کي سندس ڀائرن سڌو سنئون روڪيو هو نياڻيءَ کي پڙهائڻ کان، ۽ اعتراض واريو هئائون. سچل خان گھٻرائجي ويو هو، پريشان ٿي ويو هو ته هو ڇا ڪري ۽ ڇا نه ڪري؟ منجھي پيو هو_ هُڪ طرف ڌيءُ جو شوق ۽ ضد، علم وارو، جيڪو جنون جي حد تائين پھتل هو ۽ ٻي طرف ڀائرن جون روايت پسند سوچون ڳوٺ واري زمين جو ته کيس ڀئه نه هو ته ڪا ڀائر سندس زمين نه ڏيندا، ڊپ ان ڳالھه جو هو ته ڀائر برادري ۽ رشتيدار منھن نه مٽي وڃن. ٻن تڪليفن ۾ گھاري رهيو هو. ڀائرن ڏي لنگھي ويو. نياڻيءَ جي شوق خاطر وس ڪيائين، حيلا هلايائين، پر ڪجھه نه وريو. مجبور ٿي پيو هو، ڀائرن کان منھن موڙي ڌيءُ کي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيائين.
والد جي فيصلي کانپوءِ ته زرينا جا رنگ ۽ ڍنگ ئي بدلجي ويا هئا. هن جي سوچن ۽ جذبن ۾ نوان رخ آيا هئا. سھيلين سان ڪچھري ڪندي ۽ بحث ڪندي ٿڪبي نه هئي، هو ڏانھن وري جوانيءَ دل جي پاسي کان وڃي پھتي هئي، بسنت بھار ۾. ڪاليج ايندي ويندي چاچي رفيق جي ٽانگي تي ڏسندي هئي، رستن تي ورن وڪڙن ۽ ڪاليج واري چؤڪ تي ڀيڙ ۽ رش، رؤنشيبازن ۽ شودن ڇوڪرن جي! جيڪي اڇا اڇا ڪپڙا پائي قميصن آڏو رکندا هئا ساوا ۽ ڳاڙها نوٽ_ مختلف حرڪتون ڪري هر وقت پوز هڻندا هئا، پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. انھيءَ ڳالھه تي زرينا کي نه رڳو بُڇان وٺندي هئي، پر اچرج ۽ حيرت به ٿيندي هئي. آخر سڀئي مرد ائين ڇو ٿا عورتن کي گُھوري ۽ کائڻ وارين نظرن سان ڏسن؟ چاچي رفيق ٻُڌايو هئس اهي خونخوار نظرن وارا مرد ڀُلائي ٿا ويھن ته هنن جون به ڪي ڀينر آهن، ڀائيٽيون آهن ۽ سؤٽيون ۽ ماساتيون به آهن جيڪي به ڪنھن مجبوريءَ کان يا خريدو فروخت لاءِ نڪرنديون آهن، گھٽين ۾ يا بازارن ۾! جيڪڏهن اها پرک هميشه هو پاڻ سان، پنھنجي سوچ سان ساڻ رکن ته جيڪر اهڙا واقعا ئي ڪو نه ٿين. پر ڪاليج جي زولاجي ڊپارٽمينٽ جي مسزعنايت عليءَ مطابق ته ”هر مرد ۽ عورت هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم ٿيندا آهن، جنھن ڪري ٻنھي جنسن وچ ۾ ڪشش يا حوس حائل رهندي آهي ۽ ان کان علاوه اهو به واضح ڪيائين ته عورت ۾ چاليھه ڀيرا وڌيڪ ڪشش يا ڇڪ هوندي آهي، هڪ مرد جي بنسبت! عورتون تنھن هوندي به روڪن ٿيون پنھنجن جذبن کي ۽ اُڌمن کي! جنھن کان مرد ويچارا بيوس هوندا آهن.“ طنز ڪندي چوندي هئي. زرينا اڪثر انھيءَ واقعن تي سوچيندي نڪري ويندي هئي پري، پوءِ هر مرد لاءِ هن جي تن ۽ من ۾ نفرت پيدا ٿيندي هُئي. نفرت ۽ ڌڪار، بدظن ٿي پوندي هئي، ڪاليج وڃڻ کان پر مجبوري هئس، هن کي علم پرائڻ جو شوق هو، بس پوءِ اندر ئي اندر زهر جا ڪڙا ڍُڪ پي خاموش ٿي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ڪاوڙ مان انھن اهڙن مردن کي دل جو دل ۾ گاريون ڏئي سور ماريندي هئي.
حُسنِ اتفاق سان هڪ اهڙي ئي مرد (ڇوڪري) لاءِ هن جي دل ميڻ بنجي وئي، جيڪو پڻ ٻين جيان هن کي گُھوري رهيو هو. پر هُن ان جي نظر کي بُرو محسوس نه ڪيو هو ۽ نه وري نظر آئي هئس حوس، هن جي گُھورڻ ۾! خوبصورت شڪل جو سھڻو ۽ سيبتو جوان، اڻڄاتل هو ۽ پرديسي هو. جنھن جي هڪ ئي گُھور ڪُھي وڌو هئس ۽ تن من ۾ آنڌمانڌ جا طوفان ڏئي هليو ويو هئس. ڪير هو؟ ڪٿان جو هو؟ هن کي خبر ئي نه پئي ۽ نه وري ڪو پتو ان نوجوان کي وسارڻ ۽ ذهن تان لاهڻ چاهيائين پر ڪجھه نه ڪري سگھي ۽ اڃا به هن جي پريم ۾ جڪڙجي وئي. نوجوان جي نشيلن نيڻن ۽ اندازن ايڏا ته هوش ڇڏايس جو علم وارو جنون ختم ٿي ويس، وسري ويس کائڻ پيئڻ، ڪجھه ڍنگ سان پائڻ ۽ ان کان به وڌيڪ معاشري ۽ مردن لاءِ نفرت ڌڪار ختم ٿي وئي هئس. مسزعنايت عليءَ جو مؤقف سچو لڳس ته ”مرد ۽ عورت هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم هوندا آهن.“
سڄو گھر پريشان ۽ سھيليون حيران، ڇوڪريءَ کي اوچتو ڇا ٿو ويو؟ ڪھڙو واءُ گھليو جيڪو اُڏاري ويو هن جي باغي سوچن ۽ چلولائين کي! زرينا هرهڪ سوالي نظر آڏو خاموش ته هئي، پر ان خاموشيءَ ۾ به ديدار محبوب سندس ذهن جي اسڪرين تي هلندو رهندو هو. سچل خان حيلا هلايا پر ان جي ڊپريشن ختم نه ٿي سگھي. ڌيءُ جي طبيعت مٽائڻ خاطر آبھوا جي لاءِ ڳوٺ جو خيال آيس ۽ پوءِ سڀ ڳالھيون ڀلائي رکيائين رخ ڳوٺ جو، جتي پنهنجا هئس، رت هئس.
هوءَ ڳوٺ جو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي هئي، جتي هوءَ ٽن سالن کانپوءِ وڃي رهي هئي، اتي مسڪين ماروئڙن ۽ پورهيتن جا ڪچا گھر ۽ جايون به هيون اتي امن هئو، شانتي هئي ۽ ميٺ محبت هئي. پر وري چاچن وارين ڳالھين کيس غمگين ڪري ڇڏيو هو. سڀ غمگينيون دل ۾ رکي هوءِ پيءُ سان گڏ ڳوٺ جي راهي ٿي پئي، هن کي خبر ئي نه رهي ته ڪو سندس خوابن جو شھزادو، هنن جي گاڏيءَ کان پوئتي موٽر سائيڪل تي ڪراس ڪري ويو. خير سان هي ڳوٺ پهتا، شھرين تڏي تي لنگھي اچي ڀائرن کي ڀاءُ ڪيو هو ۽ پنھنجو ڪيو هو، پراڻي تلخ ڳالھين کي ڀلايو هو ۽ ڀلائين به ڇو نه ها ڇو ته سچل خان جو وڏو ڀاءُ بچل خان ته وري تصور ۾ ئي زرينا ۽ پنھنجي پٽ سعيد کي ڏسي ورتو هو ڪنوار ۽ گھوٽ جي روپ ۾! جيڪو جوان پاڻ به دل هارائي ويٺو هو زرينا جي خوبصورتيءَ تي ۽ هن سادگيءَ تي... زرينا پاڻ به محسوس ڪيو هو هن جورويو ۽ ڳالھه ٻولھه پر هوءَ ته مجبور هئي، ڇو ته هوءَ پاڻ ڪنھن جي پريم ۾ ڦاٿل هئي.
مٽرن جون ڦريون پٽيندي پٽيندي هڪ آواز ٻُڌائين جيڪو نه رڳو سُريلو هو پر ڪافي ڪشش وارو به هو.
”اڄ ته آهيون ورونهن ڪر مونسان، مان سڀاڻي متان هجان نه هجان!“
زرينا آواز طرف متوجھه ٿي، ٻيون سھيليون به ان طرف ئي گُھوري رهيون هيون. هڪڙيءَ سھيليءَ چيو” آيو اَٿوَ مجنون! پوءِ به الائي ڇو وٺ ئي نه ٿو ڏي! ٻيءَ چيو، ”غرور آهي جاني!...... غرور جيڪو ازل کان ٿيندو آهي حسن کي ۽ اميريءَ کي!“ هن ڏسي ورتو هو اهو مغرور جوان، جيڪو سڃاتائين. دل کي ڪوڙڪيءَ ۾ پاتائين ۽ پاڻ کان بي قابو سمجهيائين. اهو ئي ته اڻڄاڻ هو، جيڪو هن جو چين ڦري ويو هو، چين ۽ سڪون باهه ڏني هيائين! هوءَ گُھوريندي رهجي وئي هئي، اهي واٽون جنھن کان جوان اوجھل ٿي ويو هو.”ڀيڻ زرينا! اهو سوفراز اٿئي! ٻن سالن کان هتي اچي لڏي ويٺا آهن. باقي سندن ڪجھه عزيز ڏوڪريءَ جي پاسي اڃان تائين آباد آهن. ڪافي دولت وارا ۽ امير آهن. هڪڙي ڳالھه ضرور ٻُڌايانءِ ته الائي ڪيترين ڇوڪرين جي دلين تي ڌاڙو هڻي، هنن کان سڪون ۽ چين کسيو آهي ۽ پاڻ وائکو گھمندو ٿو وتي“.
”صرف اهي درديلا ٻول چوڻ! هجنس ۽ پرايون دليون جلائڻيون هجنس.“
زرينا هر ڳالھه کان بي خبر ۽ بي نياز هئي. هن ته پنھنجي ننڊ کسڻ واري کي سڃاتو هو، جھڙوڪر پاتو هو. هن کي ته قدرت واري جي ان ڪرشمي تي يقين نه ٿي آيو ته، هو ڪو هن جي ايترو ويجھو ۽ ڳوٺاڻو به نڪرندو.
پنھنجي محبت کي ويجھو ڏسي هوءَ مجبور ٿي پئي، لنگھي اچي سرفراز جي دل جو در کڙڪايائين. هن به مھمان نواز ٿي آڌر ڀاءُ ڪيس ۽ پنهنجي دل جا سمورا در دريون کولي ڇڏيون. ڪجھه ملاقاتن ۾ برهه جون باتيون ڪيائون. ڪافي واعدا ۽ وچن ڪيائون، درديلن ٻولن لاءِ پڇيائين. سرفراز چيو ته،”شاعر حقيقت چئي آهي جيڪي به ڳالھيون ۽ ڪچھريون ڪرڻيون اٿوَ ته ڪري وٺو نه ته سڀاڻي توهان هليا ويندؤ ۽ توهان کي هليو ئي وڃڻو آهي.“
هڪ طرف محبت جو ٻوٽو پروان چڙهي چڪو هو ته ٻئي طرف سعيد اظھار عشق ڪيو ته هن کي انڪار کان علاوه ڪافي بڇڙو به ٿيڻو پيو هو. هن هڪڙو عھد ڪيو جنھن ۾ پھرين وار هن پنھنجي پيءُ کي زرينا جي سڱ لاءِ سچل خان ڏي موڪليو. ڀائرن جو ڳنڍجڻ سٺو سنؤڻ هو پر شھري ماحول جي تقاضا ڳڻيندي، سچل خان چيو ته،”ڀاءُ اڄوڪي دؤر جي ڪجھه تقاضا آهي ته زندگين جي فيصلن ۾ انھن گھارڻ وارن سان به صلاح مشورو لازمي آهي، سو مان ان بابت ٿورو زرينا کان به پڇڻ گھرندس.“ ڀاءُ کي ٽاري ڇڏيائين، پر گھر ايندي سچل خان سعيد جي رشتي جو اظھار اشاري طور ڪري ڇڏيو، سواءِ زرينا جي سڀني جواب ۾ هائو ڪار ۽ راضپو ڏيکاريو. زرينا جي سوچ ته”مون کي شادي ڪرڻي نه آهي، شادي ڪري هينئر ئي قيد ۾ گھارڻ مون کي پسند نه آهي. آئون آزاد رهڻ چاهيان ٿي، سو براءِ مھرباني شاديءَ جي ڳالھه نه کوليندا ڪريو.“ اڳئين ڏينھن وري سرفراز جي لاءِ سندس ڀاءُ قربان جڏهن سڱ جي لاءِ آيو ته زرينا ٻھڪي رهي هئي. سرفراز جو اخلاق ته سچل خان کي ڪافي وڻيو هو، پر پوءِ به سندس سوچ مطابق سعيد جو پاسو ڳرو هو ڇو جو هو سندس ڀائٽيو هو. گھر ۾ وري سرفراز جو ذڪر نڪتو ته زرينا ڪنڌ جھڪائي خاموشيءَ سا دٻيل مرڪ مرڪندي رهي. سچل خان ويچار ۾ پئجي ويو ۽ سڄي گھر وارن جون اکيون حيرت کان کُلي ويون. ڳالھه جي پروڙ لاءِ هو ڳوٺ تائين پھتو، کوڙ ساريون سر گوشيون سندس ڪن کائي ويون، باقي ڪم ۽ ٻيو وار سعيد ڪيو. ڳالھه اينگھائي ڇڏيائين، شفقت ۽ محبت جو ميڻ جيان سچل خان ڌيءُ لاءِ رُڪ کان مضبوط بڻجي بيٺو. ڀاءُ کي راضي ڪيائين. اڳئين ڏينھن مڱڻيءَ جي مٺائي ۽ ڪپڙو سعيد جي پاران شادماني جي انتظامن سان در کڙڪايو. هڪ طرف خوشيون ۽ شادمانا هئا ته ٻئي طرف حيرت جي درياءَ ۾ بي يقينيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ ويٺل زرينا، جنھن کي پيءُ جي ان تڪڙي قدم تي يقين ئي نه ٿي آيو. هن جي تن ۽ من مان پيءُ لاءِ عزت ۽ وقار جو ديوتا جيڏو بُت واريءَ جي ديوار جيان ڊهندو رهيو ۽ نيٺ زبون ٿي ويو ۽ هوءَ خاموش گونگا ڳوڙها ڳاڙيندي رهي. اوچتي ۽ تڪڙي فيصلي هن جي ذهن کي ڦيراٽيون ۽ گھوماٽيون کارائي ڇڏيون، ڇو ته چاهت جي پروان چڙهي ويندڙ گل کي روايت پسنديءَ جي هٿان مروڙيو ويو هو، ٽوڙيو ويو هو. هنن جي خوابن ۽ حسرتن کي ڪنھن شيشي جيان... زرينا سان حالت به هئي، پر سرفراز پاڻ کي اندران ڳرندو ڀانئين رهيو هو. درد جي شدت وقت سان وڌندي رهي. ڪجھه سوال ۽ ميارون ساڻ ڪري پھتو زرينا وٽ، جتي نه رڳو زرينا جي بيوسيءَ کي پر کيائين، پر چاهت جو کُليو امتحان به ڏسي ورتائين. هن ليلائڻ چاهيو، محبت جي لاءِ پنڻ چاهيو پر جلدئي ساههُ رڪجندو محسوس ڪيائين. سچل خان هن کي نه رڳو روڪيو هو پر ڪچين گارين سان به نوازيو هو. هن ته ڪڏهن به سوچيو نه هو ته سچل خان ايڏو اڳتي نڪري سگھي ٿو. درد جي شدت کان علاوه سچل خان جي ڪريل حرڪت ڪري سوچيندي، سوچيندي سرفراز جي اندر درد روڳ بڻجڻ شروع ڪيو هو. هو هڪ جواريءَ جيان آخري داءُ به هارائي چُڪو هو. هن جي اميدن ۽ ارمانن جو قتل ڪيو ويو هو. هن جو جيئڻ وِههُ ٿي ويو هو. زندگي بار ڀانيائين. خود ڪشي ڪري زندگيءَ کان جان ڇڏائڻ چاهيائين پر هڪ پڙهيل ڳڙهيل باشعور ڇوڪري کان اها ڳالھه چڙهيل هئي، ڇو جو مذهب جي لحاظ کان به خود ڪشي حرام آهي.
جدائي ۽ درد دل کان ذهني ۽ اندروني طور ختم ٿيندو رهيو. سوچي سوچي ساڻو ٿي پوندو هو. گھروارا هن جي حالت تي پريشان هوندي به هن کي سمجھائيندا همٿائيندا هئا پر ڪجھه نه ورندو هو. ڪجھه ڏينھن اندر اميدن جي ڪرڻي اندر ۾ جھلڪو ڏنو. زرينا پنھنجي قيد واري حالت تي ماءُ کي ليلايو ۽ ستم ظريفين تي روئي ڏنو. ماءُ جي دل پٿر هوندي به ميڻ بڻجي پئي ۽ پنھنجي وس آهر ڌيءُ جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيائين، پوءِ ته اهو ڪجھه ٿي ويو جنھن تي خوني تڪرار ٿي ويندا آهن، ڪيترائي خاندان ڪَسي ويندا آهن. سرفراز ۽ زرينا ڪورٽ تي وڃي پھتا، ڪورٽ سڳوريءَ سندن جائز قانوني ۽ اصولي مدد ته ڪئي پر هيءُ فيصلو ڏنائين ته نڪاح ڪريو پر رخصتي زرينا جي عمر جي لحاظ کان پنج مھينا دير ٿيندي ڇو ته زرينا جي عمر اڃان 18 سال نه ٿي هئي، سچل خان ۽ بچل خان ڪجھه ڪن ها! پر سرفراز وارن جو هڪ عزيز وڏي عھدي تي پوليس آفيسر هو، جنھن ڪري هو ڊپ کان جوابي ڪاروائي نه ڪري سگھيا. سچل خان هارائجي ويو هو، هن کي هارائڻو ئي هيو حق جي ڳالھه کان وڌيڪ ڪجھه نه ڪري سگھيو پر سڄي حياتي پنھنجي گھر جو در هميشه جي لاءِ ڌيءُ لاءِ بند ڪري ڇڏيائين.
مجبوريءَ کان کنيل قدم (اُٻھريءَ) کڻندڙ زرينا گھڻو ڪجھه وڃائيندي به ڏاڍو خوش هئي. هن کي پنھنجو حق ملي ويو هو. هن جي جذبن ۽ احساسن کي مان ملي چُڪو هو. سرفراز ۽ زرينا خوش هئا، ڇو ته هنن جي آرزوئن ۽ امنگن کي ٽوڙڻ وارن جي مات ٿي هئي. اها خوشي جھڙوڪر سرفراز کي راس نه آئي هئي. هو اڪثر بيمار رهڻ لڳو. هن کي علاج لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ جي اسپتالن ۾ ڏيکاريو ويو، پر هر ڊاڪٽر هن جي بيماري کي سمجھي نه سگھيو ۽ چيائون ته اسان کي بيماريءَ جي خبر نه ٿي پوي. سڄي گھر جي فردن ۽ ڳوٺ جي همدردن جا هٿ بارگاهه خدا تعاليٰ طرف هر وقت هوندا هئا شڪل و صورت ۾ ته هو بلڪل تندرست هو پر اندران ختم ٿي چُڪو هو. ماضيءَ جي اوچن صدمن ۽ ڏکن کيس ساڙي ڇڏيو هو. زرينا به ان ڏينھن کان سرفراز جي بيماريءَ جو سبب پاڻ کي. سمجھندي هئي. ذهن تي سدائين بار هئس، ڇو ته ڳالھين ڳالھين ۾ اشاري طور هڪ زائفان اها ڳالھه چئي هئي ته ميلاپ ۽ جدائي جي مرحلن هن کي ڳاريو آهي، جيڪا زرينا جي ڪري ئي ٿي آهي، هوءَ ان ڏينهن ڏاڍو رُني هئي. سرفراز سان ڳالھه ڪيائين ته هن کيس دلداري ڏني هئي ۽ انھن ڳالھين تي ڌيان نه ڪرڻ جو چيو هيائينس. ماڻھن جي چوڻ تي پيرن ۽ فقيرن جي درگاهن تي نيازيون ۽ کوڙ ساريون باسون باسيائون، ڪجھه چاڙهو نه ٿيو. خدا جي گھر آڏو خير خيراتون ڪيائون، نظر نيازنگر ڏنائون پر ڪو فرق نه پيو. ٻنھي پريمين جو جلد لايو سجايو ڪرڻ لاءِ تاريخ طئي ڪئي وئي، تاريخ ويجھو ايندي، خوشيون ٻھڪي اٿيون هيون. جذبن ۽ ڪوششن جو پورائو ٿيڻ وارو هو، پر وري قدرت جو چرخو ڦري ويو. خوشيون ۽ مسرتون ڳوڙها بڻجي اکين مان وهڻ لڳيون. زرينا سوير کان آس لڳايون ويٺي هر هر نگاهون کڻي ان ڪچن رستن طرف ٿي نھاريو، جتان گاڏيءَ کي اچڻو هو. گاڏي ڏسندي ئي سندس من جھومي اٿيو. سرفراز جي استقبال لاءِ پاڻ سينگارڻ چاهيائين ته ڪنن تي روئڻ جو آواز ٻڌائين، کڄندڙ پير رڪجي ويس، جھڙوڪر زنجير لڳي ويا هجنس. روڄ جو آواز گاڏيءَ جي آواز سان وڌندو رهيو، هوءَ پٿر بڻجي چڪي هئي. هن جي ڇھين حس خطري جو الارم وڄائڻ شروع ڪيو، پوءِ ٿيو به ائين جيئن هن جي اندر ۾ انديشو اچي ويٺو هو. ڪجھه پلن کانپوءِ سرفراز جو مرڪندڙ ۽ مھڪندڙ وجود لاش جي صورت ۾ اڱڻ تي هو. زرينا هن جي مٿان آئي ۽ آلين اکين سان هن جي پيشاني تي هڪ ڊگھي چُمي ڏنائين. هن جي ذهن ۾ ماضيءَ جا پل ۽ واقعا واچوڙو بڻجي ڦرڻ لڳا. هن جا سڀ رستا ۽ گس بند ٿي چُڪا هئا هن پنهنجي ٻانهنِ ۾ پِيل چوڙيون ڀڃي ڀور ڀور ڪري ڇڏيون ۽ چپن تي لڳل سُرخي به مٽائين ڇڏيائين، درد هُن جي دل ۾ ڪنهن پکيءَ وانگر آکيرا ٺاهڻ لڳو، هُن جو ساهه منجهڻ لڳو، سرفراز سان گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جا واعدا ياد اچڻ لڳس ته رڙيون ڪرڻ لڳي، ”نه نه... ائين نه ٿيندو، مان توکان سواءِ نه جيئندس“، هوءَ چپن ئي چپن ۾ ڀُڻڪي ۽ واعدو نڀائڻ خاطر اندر ڪمري ۾ وئي ۽ ريوالور جي ساندهه فائرن سان پاڻ کي ختم ڪري وڃي سرفراز سان ملي.
***