ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

پيار کانپوءِ

تن من تي سوين مڻن جو بار ڀائيندو آهيان، ان ڏينھن جنھن ڏينھن اندر جي آنهُن کي لفظن جو روپ ڏئي زبان مان نه اُڪلايان، يا وري قلم جي نوڪ سان ڪوري ڪاغذ تي نه اچاريان ته جھڙوڪر من اندر ۾ سنڌوءَ جي موجن جيان اُٿل پُٿل پئي رهندي اٿم.
اها حالت گذريل ٻن سالن جي اذيتناڪ ۽ ڊگھي وقت کان مسلسل هلندي پئي اچي، اجھو هينئر ته ڪنھن وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وئي اٿم. صائمه کي جڏهن کان ويجھو ۽ دل جي گھرائيءَ ۾ ڏٺو هوم ته هن جي جادوءَ جھڙن اثرن کان پنھنجي دل ڦرائي ويٺم. صائمه مامي گل محمد جي وڏي ۽ خوبصورت ڌيءُ هئي. ان کان علاوه مامي کي ٻه پٽ هئا. پر مان اهو ضرور چوندس ته مامي جي ٻين ٻارن ۾ وصف انگ ۽ اکرن جي حساب کان صائمه گوءِ کڻي وئي هئي، ان ۾ منھنجي ڪا به تعريف نه سمجھجو. ڇو ته هوءَ بنا تعريف جي هڪ وڻندڙ ۽ ڇُھندڙ هستيءَ جي مالڪ هئي ۽ ان کان وڌ ڳالھه ته هوءَ جوانيءَ ۾ هئي، جوڀن ۾ هئي ۽ مستيءَ ۾ هئي!
ڪيئي ڀيرا اڳ به ته هن کي ڏٺو هوم، پر الائي ڇو ان ۾ ڪا خاص ڪشش واري ڳالھه نظر نه ايندي هئي. هنن جو اڪثر پنھنجي ننڍڙي خاندان سان شھر کان ڳوٺ طرف شادي غميءَ ۾ اچڻ پيو ٿيندو هو، ان وقت هوءَ مون کي به ڪنھن عام ۽ رواجي ڇوڪرين جيان لڳندي هئي.
تازو جڏهن فضل وارن جي طھرن جي ڪانڍ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پنھنجي فيمليءَ سان آئي هئي، ته اصل قيامت لڳي هئي. هن جي هر عضوي ۽ هر ادا ۾ شور هو - طوفان هو ۽ مان پنھنجي دل ڦرائي ويٺو هوس. بھار جي موسم پنھنجي اوج تي هئي، جوڀن ۾ هئي مستي ۾ هئي ۽ مٿان وري هڪ حسين دوشيزه جا ناز. مان پاڻ هارائي ويٺو هوس، هن جي دوستيءَ جي رشتي سان گڏ ٻيو رشتو پيار ۽ عشق جو جڙي ويو هو.
چيائين ”پنھنجون زمينون گھمائڻ هل“... وراڻيم ته ”اکين تي“... اندر جي ڳالھه زبان تي آڻڻ لاءِ هڪ موقعو ملي ويو. قسمت جي ديوي راضي هئي. ڀاڻس زبير به پويان لڳو. مون کي ڌڪ لڳو، پر اڳتي هلي ڄڻ درد ئي ڇڏي ويو، زبير منھنجي ٻنيءَ مٿان بيٺل مَڪئي ٻيرين طرف لڙي، اسان کي آزادي ڏئي ويو. چوڌاري ساوڪ هئي، سرسبزي هئي، شادابي هئي ۽ وري مٿان تيز هوا، جنھن ته مون کي هر هر ڏڪائي ٿي وڌو، هوا وجود سان ٽڪرجي سيئاٽو پيدا ڪندي منھنجي انگ انگ ۾ ڏڪڻي ٿي پيدا ڪئي. هوا جي زور جي ڪري ڪڻڪ ۽ سرنھن جي بيٺل فصل ۾ بي سڪوني به دل کي تسڪين پھچائي رهي هئي.
چيو مانس، ”ڪٿي وڃائجي وئينءَ“ مون ڏانھن ڏٺائين، اکين ۾ سمنڊ جيان گھرائي هئس، شورسان گڏ بي سڪوني ڀريل هئس، اکين ۾ شور هئس ۽ هڪ قسم جو جادو هئس. هميشه جيان هن جي نظرن جي سحر کان نظرون هٽائي، نٽائي ويس، هرڀيري جيان، هن ڀيري به پنھنجي، بيوسي ۽ بي حسيءَ تي ڪاوڙ آئي، ڪجھه چوان يا وري ڪجھه ڪريان ئي ڪريان ته هن چيو، ”شھر جي آلودگي ۽ شور کان پاڪ فضا ۽ صاف ماحول جي انھن سرسبز ۽ شاداب منظرن کي نقش بڻائي هميشه جي لاءِ قيد ڪرڻ ٿي چاهيم“.
”صائمه هن موسم ۾ انسان جو وجود ته ڇا جانور به پنھنجي هوش حواس ۾ نه رهڻ ڪري، مدهوشيءَ ۾ هوندا آهن.“ ڳالھائيندي هٻڪندو رهيس، منھن ورائي ڏٺائين، ساڳيو ئي سحر ۽ نشو هئس، نه سمجھڻ واري انداز ۾ چيائين، ”شايد....“ ڪجھه وقت خاموش هلندا رهياسين، هلندي هلندي ڏٺائين، ڪا ڳالھه چپن ۾ جنبش بڻجي رهجي ويس. دل کي ڌڪ لڳو، ”مان ڊڄڻو آهيان - بزدل آهيان........!“ ڇو ته مان ڪيتري عرصي گذرڻ جي باوجود پرينءَ کي سامھون ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڏسي به پنھنجي پريت ۽ پنھنجي عشق جي درد جي دانھن به کيس ٻڌائي نه ٿو سگھان. آخر ڇو..... آخر.....!!
”ڪڏهن محبت ڪئي اٿئي؟“ اوچتي ڳالھه جي ڪري ڇرڪ نڪري ويو. ڪجھه دير بعد ۾ چيم، ”صائمه ازل کان وٺي انسان محبت سڪ ۽ عزت جو تلاشي رهندو آيو آهي، ان جي جسم ۾ ٻين مختلف عضُون کان علاوه حساس عضوو دل به هوندو آهي، جنھن ۾ پيار ۽ عزت جو جذبو سدائين رهندو آهي، پوءِ انھن چاهيندڙن مان ڪي سورهيه ته ڪي وري بزدل ۽ ڊڄڻا هوندا آهن، جيڪي پنھنجي محبت ۽ پنھنجي دنيا کي سامھون ڏسندي به پنھنجي محبت جوا اظھار نه ڪري سگهندا آهن.“ منھنجي نامڪمل تشبيھن تي سرسري سوچ ڪرڻ ۽ تنقيد ڪرڻ بجاءِ، منھنجا قھر ڀريا جملا ٻڌي هن کي مزو آيو ۽ چيائين، ”تون ڪھڙن ماڻهو آهين؟؟ وڇونءَ ڏنگي وڌم جھڙوڪر! ڇا جواب ڏيان، ڇا ڳالھايان، انتھا ٿي چڪي هئي، هن جي طرفان چاهت جي اشارن جي ۽ اظھار جي عمل کي ڏسي چيم، ”ڪجھه بزدل آهيان ۽ ڪجھه سورهيه.....“ وچ ۾ ٽوڪيندي چيائين:”اهو وري ڪيئن.....؟“
”جڏهن مان پنھنجي دل ۽ من جي راڻي کي پنھنجي محبت ۽ پنھنجي عاشقيءَ جو احوال لفظ به لفظ ڪري ٻڌائڻ ۽ پنھنجي منزل کي پائڻ لاءِ جبل جيڏو مضبوط ٿي ويندو آهيان پر جڏهن هن جي سامھون ويندو آهيان ته، ڪپھه کان به نرم ٿي ويندو آهيان.“
”معنيٰ ته تون بزدل آهين؟“ مختصر چيائين.
مان ڪجھه چوان ئي چوان، جو هن ڏٺو، ڀانيم چوندي هجي، ”واقعي تون بزدل آهين ڊڄڻو آهين جو پنھنجي محبت ۽ پنھنجي چاهت کي سامھون ڏسندي به زبان نه ٿو کولي سگھين.“ هڪ پل لاءِ هن جي چھري تي مايوسيءَ جون لڪيرون اڀري آيون. پاڻ مٿان ڏاڍي ملامت ڪرڻ لڳس. موضوع مٽائيندي چيم، ”هوءَ سامھون اها ئي جاءِ اٿئي، جتي تون مونکي سرنھن جي پيلن گلن جي نازڪ حملي جي جواب ۾ سونهن جو ٿلھو ڳنر وهائي ڪڍيو هو. اکين ۾ هڪ قسم جي چمڪ اڀري آيس. ڪنڌ ڌوڻيندي هائو ڪار ڪيائين.
”پنھنجي زيادتيءَ جو اعتراف ٿي ڪرين.“
”ها! مون توسان ڏاڍي زياد ڪئي هئي رياض!“
محسوس ڪيم ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا ۽ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئس، ڄڻ ڪي ڦٽ چڪي پيا هئس. ڪجھ دير خاموش هلندا رهياسين. ٿورو اڳتي هلي چيائين، ”هيءَ اها جاءِ آهي نه رياض! جتي تون ۽ مان مائيٽاڻين جي پٺيان لوسڻ لُڻائڻ هليا هئاسون، جو، هتي اقبال جوڳي جي مُرلي جي آواز کان مان ڊڄي ڀڳي هئس ۽ تون وڌيڪ ڊيڄارڻ لاءِ ريڊيي جو آواز وڌائي ڪڍ ڊوڙيو هئين.“
سڄي سرير ۾ خوشيءَ جي هڪ لھر ڊوڙي وئي هئي. هن کي مون سان ننڍپڻ واريون گھاريل گھڙيون به ياد هيون. هن منھنجي محبت جي اظھار جي لاءِ اشاري جو جواب اشاري سان ڏنو هو. ”مون کي هاڻي دير نه ڪرڻ گہرجي، ائين نه ٿئي ته ڪٿي، ڪو ٻيو.....؟ نه ..... نه مان هُن کي پنھنجي دل جي ڳالھه چئي ڏيندس، مان هُن کي کولي ٻڌائيندس ته توکي ڪافي عرصي کان دل جي گھراين سان چاهيان ٿو.“ سڄي وجود منجھه بيچينيءَ بجاءِ خوشيءَ جي لھر ڊوڙي وئي. منھنجو سڄو وجود سڪونيت ۾ اچي ويو. اوچتو صائمه هلڪي رڙ سان گڏ مون سان چنبڙي سيني سان اچي لڳي.....؟ اصل باهه لڳي وئي. سڄو وجود ڪنھن بٺيءَ جيان تپي ويو، محسوس ڪيم ته هن جو وجود به ان لمحي باهه جي کوري کان گھٽ نه هو. جذبن کي ڀڙڪو آيو، لڪل ۽ خاموش چاهت جاڳي پئي، محبت جي شدت وچان ڀاڪر ۾ ڀريومانس، روئي ڏنائين، اصل ڇڄي پئي- چيائين، سُڏڪن ۾ رياض ”آءِ لوَيو..... ري ئلي آءِ لوَيو“ وري به ڀاڪر ۾ ڀري ورتومانس، ڄڻ جذبن جي شدت ڪارڻ جھڙو ڪر هڪ قسم جو دؤرو اچي ويس، منھنجي منھن ۽ ڇاتيءَ تي چمين جي برسات لائي ڏنائين. ذهن سوچن مٿان ٻين سوچن ۽ خيالن غالب ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اڳيان منھنجي چاهت هئي منھنجي دنيا ۽ منھنجو سڀ ڪجھه پڻ! بيڪار خيالن کي جھٽڪو ڏئي ذهن مان ڪڍي ڇڏيم. جذبن ۾ ماٺار آئي ته چيومانس. ”هيءَ اها جاءِ اٿئي، جت تو هڪ ڀيرو اڳ به ڏيڏر جي ڊپ کان منھنجي ڳلي لڳي هئينءَ.“ شرم و حياءَ جو مڪمل مجسمو بڻجي وئي، شرمائيندي ڪنڌ جھڪائي هائو ڪار ڪيائين. مون کان ٽھڪ نڪري ويو، هوءَ به دٻيل کل کلڻ لڳي. ٻانھن کان ڇڪيومانس. چيائين ”ظالم! جڏهن تو کي مون سان محبت به هئي، پوءِ باقي مونکي ڇو ٿي جلايئي، تون اشارو ڪرين ها ته مان اڏامي اچان ها!!“......
مان به تنھنجي شمع بڻجي سڀ رنڊڪون ٽوڙي توسان ملان هان!“
”شرير ڪنھن جاءِ جا..... خاموش رهه ڊڄڻا.....!“ کلڻ سواءِ رهي نه سگھيس ۽ هوءَ به خوشيءَ مان کلڻ لڳي.
اڳئين ڏينھن طھرن جي ڪانڍ هئي. اوري پري جي مھمانن دوستن ۽ رشتيدارن سان کلندي ڳالھائيندي ۽ هِنَ، هن کي ڀت وغيره کارائيندي پيئاريندي سڄو ڏينھن وهامي ويو، دوستن ۽ عزيزن جي خدمت چاڪريءَ منجھان سج لٿي مس وڃي واندو ٿيس، ٿڪجي پيو هوس، سڄي ڏينھن ۾ پيٽ جي بک به ماپي نه سگھيو هوس. سوچيم ٻه گراهه هڻان، ان ڪري فضل جي گھر جو رخ ڪيم. گھر ۾ اندر سھرن ۽ ڳيچن جي ڌوم متل هئي. دُهل ۽ شرناين جو سُريلو آواز نوجوان ۽ الھڙ ڇوڪرين جي رم جھم موهي وڌو. الھڙ ڇوڪرين جي وجود جون سڀئي مستيون ۽ تيور هنن جي هٿن ۽ پيرن جي اُڇل سان ڏسڻ وارا حيران هئا، وسري ويم ته هتي ماني کائڻ آيو هوس، کائڻ لاءِ سوچيم ئي پئي ته ٿڪ ڪري اکيون ٻوٽجڻ لڳيون، گھر اچي سُمھي پيس. ٻئي گھر گڏ هئا. گوڙ ۽ شور جي ڪري مٿي ۾ سور پوڻ لڳو. گھران ٻه رليون ۽ ويھاڻو کڻي پنھنجي ڪوٺي ۾ پٿاري آهلجي پيس ته ننڊ اچڻ لڳي. اڃا ويرم ئي ٿوري گذري هئي ته ڪنھن جوان وجود جي خوشبوءِ سان سڄو اندر سراپجي ويو. وجود ۾ سرور واري ڪيفيت طاري ٿي وئي، کڻي جو نهاريان ته صائمه مٿان چنچل نيڻن سان گھوري بيٺل هئي. ڪنڌ سان ويجھي اچڻ جو اشارو ڪيومانس ته ويجهو وڌي آئي. سڄي وجود مان سيسراٽيون نڪري ويون، وجود کي ٽامڻي جيان ڀانيم. ڪنڌ کڻي نشيلن نيڻن سان نھاري اصل ڪُھي وڌائين - ڇا ته ادا هئس ۽ ڇا ته ان جو اثر هو. ڀرسان آئي هن جي ساهن جو هٻڪار رڳ رڳ ۾ پکڙجي وئي. ڪنڌ مٿي کڻي اکيون اکين سان ملائي پھرين محبت جي هڪ ڊگھي چُمي ورتي مانس.
هُن جو حسن جھڙو ڪر ٻري رهيو هو. گھرن گول لسن ڳلن تان روشني تر ڪندي جھلڪا ڏئي ڇرڪ پئي ڪڍيا. چيومانس، ”تون ته ڏاڍي خوبصورت آهين.“ وڏو ٽھڪ ڏنائين. ڪجھه پلن کانپوءِ اکين ۾ شيطانگري تري آيس. هن حسين ۽ پُرمسرت رات جي ڪا يادگار نشاني ڇڏيون.....“ نه سمجھندي هائو ڪار ڪيم ته بنا دير اچي سڄي ڳل تي اک جي هيٺان کڻي چڪ وڌائين. چڪ ڇا وڌائين اصل ظلم ڪري ڇڏيائين، ساهه ٻوساٽجي ويو. رڙ ڪرڻ کان بچڻ جي لاءِ کڻي وات ۾ هٿ وڌم. جڏهن چڪ ڪڍيائين ته ڳل جو اهو حصو سارو ٺري ويو. ڪجھه پلن بعد درد جُکڻ لڳو. چيومانس ”ٻيلي ظلم ڪري ڇڏيئي.....!!“
چيائين،”ڪونه ظاهر ٿيندئي. اچ تون به ڪا نشاني ڪر“. پر ڳل تي اهو چَڪُ اڄ تائين داغ جي شڪل ۾ آهي، گڏوگڏ خوش به آهيان ڇو جو هڪ دلفريب ياد به آهي.
سڄي ڳوٺ ۾ مان ۽ ظفر تمام سُٺا دوست ۽ ڀائر ڄاتا، ويندا هئاسين. هو ۽ مان ٻئي گھر جي مسئلن راز جهڙين ڳالھين ۽ ٻين معاشرتي مونجھارن جي حل لاءِ هڪ ٻئي کان صلاح وٺندا هئاسين. مونکي مونجھه ۽ مشڪل ان لاءِ پيش آئي، جو ابي ۽ مامي گل محمد جو پاڻ ۾ ٺاهه نه هو. انھيءَ ڪري ظفر کان صلاح مشورو وٺڻ چاهيم، سوچيم ته پنھنجي چاهت ۽ محبت جي باري ۾ سڀ ڪجھه ٻڌايانس، جيئن هو ڪا سٺي صلاح ڏئي. تنهن ڪري سندس گهر ويس پر گھر ٻاهران ننڍڙي ڀيڻس زرينا ٻڌايو ته ادا سوير گھر مان نڪري ويو آهي، واپس گھر آيس.
صائمه وارا ٻين مھمانن جيان موڪلائڻ ۾ هئا. اندر ويس ته صائمه به ڪڍ لڳي آئي، اکين جا اشارا اثر ڇڏيندا ويا. وڌي وڃي ڀاڪر وڌو مانس ٻئي وجود دنيا و فيھا کان بي خبر... سوز ۽ سرور واري ڪيفيت ۾ محو هياسين. پيار جو ۽ سڪ جو اهو ڊگھو ڀاڪر، ڪنھن جي اچڻ جي ڊپ کان نه چاهيندي به ٽوڙڻو پيو. ڳالھائيندي ڳالھائيندي چاهت ۽ محبت جا واعدا ۽ وچن ورتائين، گڏوگڏ پاڻ به ڪري وئي.
شام جو امڙ کي پنھنجي چاهت، عشق بابت سڀ ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ خوشامد ڪرڻ ۾ لڳي ويس. هوءَ به منھنجي نماڻي ۽ معصوماڻي انداز تي رڳو کلندي رهي، جھڙو ڪر سڀ ڪجھه سمجھي وئي. امڙ جو سٺو موڊ ڏسي، بنا هٻڪ ۽ جھجھڪ جي حقيقت ڪري ٻڌائي ڇڏيم. امڙ جي دل ۾ به صائمه کي پنھنجي نُنھن بڻائڻ جي خواهش هئي، پرابي ۽ مامي گل محمد جي وچم ۾ زميني تڪرار جو ضد هجڻ ڪري پنھنجي مجبوري ۽ بيوسي ظاهر ڪيائين
”امان! جيڪڏهن زمين وڪڻڻ وارو گهڻن پئسن تي زمين وڪڻي ٿو ته ان ۾ مامي گل محمد جو ته قصور نه ٿيو نه.....“
”پر پٽ پڻھين جو چوڻ آهي ته هُن ٻنيءَ وٺڻ تي چڙهت ڪئي آهي، ان ڪري هُن ساڻس برادري ٽوڙي، ان مسئلي کي پنھنجي عزت ۽ وقار جو مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي سو اهو ڪيئن لنگھي هلندو، مامنَھن کان سڱ گھرڻ جي لاءِ.....“ مسئلو واقعي مونجھاري وارو هو. ڇو ته ابا ان کي پنھنجي عزت ۽ انا بڻائي وڌو هو!!
ان ڏينھن رات تائين ظفر جو اوسيئڙو ڪيم، پر الائي ڇو گھر نه موٽيو هو. بيچيني ۽ بيقراري ۾ وقت شام جي پاڇن جيان لڳو. انھيءَ حالت ۾ گھر اچي بنا کائڻ ۽ پيئڻ جي سمھي پيس. ڊپ پئي ٿيم ته ڪٿي ابو وڙهي نه پئي ۽ ان ڪري چپ چاپ ليٽيو رهيس، صبح جو جاڳيس ته ابو ڪنھن ڪم سانگي وڃي چُڪو هو. وهنجي سھنجي، ڪپڙا پائي ماني ٽڪر کائي گھران نڪري پيس. صائمه جي تات هئي، دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي وئي، جيڪا حالت اڄ تائين ان کي ياد ڪرڻ سان مون سان لپٽيل آهي. ٻئي جي واتان هُن جو نالو ٻڌي، يا هن کي ياد ڪرڻ سان بيچيني ۽ بيقراري دل جي ڌڪ ڌڪ جيان وڌي ويندي آهي. مامي جي گھر وڃي پهتس. سڄي گھر جي ڀاتين تمام گھڻو خلوص ۽ پيار ڏنو. صائمه جو ته چھرو خوشيءَ مان ٻهڪي پيو. مامو به خوش ٿي پيو ۽ شايد هن جي نظرن ۾ هڪڙو سٺو تصور جُڙي پيو. ٻه ڏينھن ۽ ٻه راتيون انھڻ وٽ رهيس. سڄي گھر جي ڀاتين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، پيار ڪيو، خلوص ڏنو ۽ صائمه به محبت جي انتھا ڪري ڇڏي. ان گھر ۾ پنھنجي لاءِ محبت ۽ عزت خاطر بابي اڳيان باغي بڻجڻ لاءِ سوچيم، نافرماني جا لقب قبولڻ جو عھد ڪري ورتم.
گھر ۾ ابي جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ چوٽيءَ تي پھتل هو. سموري حقيقت امڙ ٻُڌائي. بظاهر ته امڙ ابي جي ڳالھين جي ۽ فيصلي جي طرفدار پئي لڳي، پر هن جو اندر صاف ۽ شفاف هو، جنھن ۾ پنھنجي لاءِ محبت ۽ شفقت چٽي طرح بکي رهي هئي. ڳالھين دوران ائين به لڳو ڄڻ منھنجي خوشين ڪارڻ امڙ به هڪ عھد ڪيو هجي.
ظفر سان مليس وڏيءُ خوشيءَ منجھان آڌر ڀاءُ ڪري مليو. هن جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ واري ڳالھه تي، مون کان پنھنجو سڄو مسئلو مونجھارو وسري ويو. ٻنھي هٿن سان ڪنن کان وٺي کڏ تي ويھاري چيائين ”ڇا ته زندگي آهي!“ پڇيو مانس ”ڪنھن جي؟“ وراڻيائين ”اڙي يار! پنھنجي، ٻيو وري ڪنھن جي ٿي سگھي ٿي“ پڇيو مانس ڇا ڳالھه آهي، جو ايترو خوش پيو لڳين؟“ ٿوري دير بعد جيڪو ڪجھه چيائين، جھڙو ڪر قيامت ٽٽي پئي. هن، جي حسن ۽ محبت کان وڌيڪ سندس دولت کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ اُها خواهش هئس ته هن حسين ۽ مھه جبين سان شادي ڪري پنھنجي زندگي عيش ۽ عشرت ۾ گھاري. صائمه هن جي سائوٽي سئوٽ هئي ۽ هن کيس حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. هڪ دل ٿي چيو ته هن ظالم سماج جي هڪ ڪردار ظفر جو ڳالھائڻ وارو مُنھن ئي ڀڃي ڇڏيان، جنھن جي وات مان منھنجي زندگي، منھنجي دنيا - منھنجي صائمه کي حاصل ڪرڻ لاءِ گندا لفظ نڪتا هئا. ظفر ڏي نھاريم هو انھي خوشيءَ ۾ مست لڳو پيو هو ۽ جھومي رهيو هو. هڪ طرف محبت هئي ته وري ٻئي طرف دوست جي خوشي ۽ خواهش. ڪيترائي سوال اڀريا، ڪيترائي جواب آيا ويا. آخر سوچيم محبت رڳو حاصلات جو نالو نه آهي. زندگي جو اصل مزوٻين کي کلائڻ ۽ خوشي ڏيڻ سان آهي. دل ۽ ان ۾ رهندڙ محبت جو پاسو هلڪو ٿي ويو. دوستيءَ جو پاسو کڻي ظفر جي لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيم ۽ دل جي لڳيءَ کي ڀلائڻ جي ڪوشش جو پھريون قدم کڻي ابتدا شروع ڪيم.
گھر آيس ابي ۽ امڙ جو پاڻ ۾ جھڳڙو لڳو پيو هو. امڙ، ابي کي مڃائڻ جي ڪوشش ۽ منھنجي پھرين ۽ آخري خواهش پوري ڪرائڻ ۾ لڳل هئي؟ پر ابو به ضد جو پڪو هو، ضد ٻڌي بيٺو رهيو. وچ ۾ مداخلت ڪندي چيم، ”توهان ٻئي نه وڙهو، مان ان ڇوڪريءَ سان شادي نه ڪندس ۽ نه ئي هينئر شادي ڪرڻي اٿم.“ابي جي عزت ۽ انا کي ٿوڻي آئي- امان جو حيرت مان وات پٽجي ويو ۽ منھن جي دل ڀور ڀور ٿي پئي. ظفر جي مٿان پنھنجي چاهت جي قرباني ڏئي پڇتايو نه هيم، خوش هيم ته ڪنھن جي ڪم آيس، پر دل جي لڳيءَ جي زخم جو علاج ڪا به مرهم نه ڪري سگھي. يادون، هر لمحي ۽ هر وقت زخم کي چچلائينديون رهيون. سارڻ وسارڻ جي ڪوششن ۾ لڙائي هلندي رهي، پر اڪثر يادگيرين جو پاڇو ڳرو ٿي ويندو هو، تان جو ڪجھه ئي مھينن ۾ زخم، ناسور بڻجڻ شروع ٿي ويو. دل ۾ وسندڙ هن جي هر ياد دماغ تي اثر ڇڏيندي هئي، ۽ مان بيمار ٿي پيس. درد جي شدت ۽ دلي صدمي مون کي حساس بڻائي وڌو هو. اڪثر هن جي يادن ۾ گھاريل گھڙين کي لکڻين جي صورت ۾ ڊائريءَ جي ورقن ۾ قيد ڪري ڇڏيندو هوس. پوءِ جھڙوڪر دل دماغ جو غبار هلڪو ٿيڻ لڳندو هو.
صائمه کان دور ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم، پر اتفاق سان سامھون اچڻو ٿي پيو. ظفر جي ڀاءُ قمر جي شادي هئي. پنھنجي ڀاءُ سان گڏجي شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ آئي هئي، پاڻ کان پري ۽ نٽائيندڙ سمجھي ميار ڏنائين ۽ ٽوڪيائين، مان پنھنجي دل جي هر درد کي پنھنجي خواهشن کي دٻائي خاموش رهيس. مون کي ڪاوڙيل سمجھيائين ۽ پيارن ۽ مٺڙن ٻولن سان پرچائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي وئي. ڳالھائڻ لاءِ حيلا هلايائين. پر مان ڪُڇان جھڙي ڀت! محسوس ڪري ڇڏيم ته هوءَ به مون جيان محبت ۾ اڳتي اچي چُڪي هئي. هاڻي هن جو به پوئتي موٽڻ مشڪل لڳي رهيو هو. سڄي ڪانڍ ۾ شريڪ ماڻھو خوشيءَ ۾ مگن هئا ۽ مست هئا، پر نه هن کي آرام هو ۽ نه وري مونکي چين. توڙي جو هن کان دور ٿيڻ جي لاءِ دل نه پئي چاهيو، پوءِ به هن جي اڳيان نه ٿي آيس، هن تنھائيءَ ۾ ملڻ جي لاءِ ماڻھو موڪليا، پر مون انھن کي جواب ڏئي ڇڏيو. چوٿون ماڻھو هئي زهره، جيڪا منھنجي پراڻي ديواني ۽ چاهيندڙ هئي. دوستيءَ جي لاءِ اڳلي قرباني جو سوچي ڇڏيم، جيئن ظفر لاءِ رستو صاف ٿي پوي. هٿ ٻڌي عرض ڪيومانس، منھنجو هڪ ڪم ڪر، هن منھنجي مجبوري ۽ بيوسي مان فائدو ورتو هڪ شرط رکيائين جڪيو نه چاهيندي به قبول ڪري ورتم. زهره صائمه کي وڃي منھنجا ئي سمجھايل لفظه چيا ”اڙي صائمه تون جنھن ديواني لاءِ مري پئين، ان ته نه صرف مون سان عشق ڪيو آهي پر نه ڄاڻ ته مون جھڙين ڪيترين حسين ڇوڪرين جي جوڀن مان به مزو چکيو آهي“. پروگرام جيئن ٺاهيو ويو هو تھڙوئي ڪيامياب ويو. پنھنجي مٿان الزام ڏياريم، تهمت سر تي کنيم ۽ ان کان علاوه زهره جي شرط جي پورائي جھڙيون هانءُ ڦاڙ قربانيون ڏئي خوش هوس، مطمئن هوس، جو هوءَ مون کان نفرت ۽ ڌڪار اندر ۾ رکي چُڪي هئي ۽ پنھنجي دوست جي لاءِ هيءَ قرباني به ٻين قربانين جيان ڪامياب وئي. ائين ڪرڻ سان مان اندران بلڪل ڪورو ۽ مفلوج ٿي چڪو هوس. هن ڀيري به پنھنجي بدن جي خواهش کي دٻائي پنھنجي ڏنل قربانين تي سرسري نظر وڌم ته پاڻ کي پھاڙ هيٺان دٻجندي محسوس ڪيم. دل جي مٿان اهڙي ڪيس ۽ قھر تي اکين روئي ڏنو هو، پر مان ٻاڦ به ٻاهر نه اُڪلائي هئي ۽ نه وري اهڙي ڪوشش ڪئي. بس صرف لکندو رهيس، اندر جي اڌمن کي ڪهاڻين جو روپ ڏيندو.
منھنجون ڪھاڻيون سنڌي ٻوليءَ جي هر ننڍي توڙي وڏي رسالي ۽ ڊائجسٽ جي صفحن جي زينت بڻجڻ لڳيون. جنهن کان پوءِ شاعري به سرجيم، تان جو جلد ئي ڪجھه مشھور آوازن منھنجي سوز کي ساز سان جوڙي البم جي روپ ۾ پڌر نامو ڏنو. پوءِ اڪثر هر نڪرندڙ ڪيسٽن جي واليم ۾ منھنجو ڪلام هوندو هو.
منھنجي حالت روز بروز بدتر ٿيندي پئي وئي. گھڻي سوچ ويچار ۽ دل جي درد پيڙاءَ ۽ ذهني مونجھاري جو شڪار ٿي پيس. اهڙن مسئلن جو هُجڻ يقيني به هو. مٿي کي ڪمزوريءَ سبب اڪثر ڦيراٽيون اچي وينديون هيون، دل جي روڳ ۽ ذهني هنگامن جي ڪري اڪثر بيمار رهيس ۽ ڪجھه ڏينھن ٽائفائيڊ جي زد ۾ رهيس. امڙ ۽ ابي کان علاوه دوست ۽ عزيز به منھنجي حالت تي حيران هئا. خود مامي گل محمد جي گھر به منھنجي حال تي ڳڻتي ڏيکاري افسوس ڪيو ويندو هو.
توڙي جو مان صائمه جي سامھون نه ٿيڻ جو عھد ڪيو هو ۽ ڪيترو پاڻ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس، پر اندر جي ڪنھن ڪنڊ مان صائمه جو ديدار ڪرڻ لاءِ خواهش ۽ آس ڪر کڻي اڀرندي هئي. ان جي پورائي لاءِ اڪثر شھر ويندو هوس. تازو جڏهن شھر ويس سواءِ صائمه جي رسمي هٿ ڏيڻ جي، ٻين سڀني منھنجي شاعري جي تعريف ڪئي، اُتي ويٺي صائمه جي بي رُخي تي ويچاريم ئي پئي ته ڀاڻس زبير صائمه جي سھڻي ڊائري آڻي اڳيان رکي چيو ته، ”هن تي پنھنجي شاعري لکي ڏيو ادا“ چيم، ”ياد ڪونھي“ چيائين ٻئي ڪنھن جي ئي کڻي لکي ڏيو، مون کي وقتائتو ۽ ڪُھي وجھندڙ شعر ياد اچي ويو.
وري، نه در تي اچئون پر سڄڻ سري ئي نه ٿي.
اوهان جي بي رُخي دل تي اثر ڪري ئي نه ٿي.
هن شيطان جي پيءُ هجڻ جي انتھا ڪئي. ڊائري کڻي سڌو ڀيڻ کي ڏيکاريائين. صائمه جي مُنهن مان شعلا ٿي نڪتا. محسوس ڪيم ته وڙهي پئي ها، جي گھر جا ٻيا ڀاتي گھر ۾ موجود نه هجن ها! واپس آيس ته ٽائفائيڊ جو ٻيھر حملو ٿيو. پندرنھن ڏينھن تائين بستري تي داخل ٿيس. ظفر ملڻ آيو چيائين رياض توکي ياد هوندو ته مون کان ته صائمه ننڍي هوندي کان ئي ڌڪار رکندي آهي. توکي اهو به ياد هوندو ته هڪ ڀيري هن جي اسڪول ويو هوس. اتي سڌيون ٻڌائڻ کانپوءِ گھر اچي ڏاڍي جُٺ ڪئي هئائين. مان سمجھيو هو ته هن پراڻا خيال (ڌڪار ۽ نفرت) ڪڍي ڇڏيا هوندا، پر اڄ به ساڳئي طرح مون کان ڌڪار ۽ نفرت ڪري ٿي. خير! وري ٻئي جڳھه تي جڳاڙ ٿي ويندو. هيءُ شڪار ويو ته ڇا ٿيو؟“ سڄو ٻري ويس. ڪاوڙ مان هڪ تيز ٿڦ وهائي ڪڍيمانس ۽ پوءِ سڀ ڪجھه ٻڌائي ڇڏيو مانس ته، ”ظالم جيڪڏهن تنھنجي رڳو دولت حاصل ڪرڻ جي خواهش هئي ته کُلي ٻڌائين هان مان ته پنھنجي محبت ۽ صائمه جي جذبن ۽ اميدن کي قربان نه ڪريان ها. ظالم تو ٻن دلين جي مٿان ظلم ڪري ڇڏيو“...... هو روئي پيو، پيرن تي ڪرندي چيائين ”رياض تون عظيم آهين.... تون عظيم آهين“. ڪيتري دير تائين ٻئي روئيندا رهياسين. پوءِ ڳلي لڳايومانس.
ٻئي ڏينھن هڪ چٺي آڻي ڏنائين لکيل هو!
”پيارا رياض اميد ته خوش و خرم هوندين آمين
تنھنجي دوستيءَ مٿان محبت جي قرباني ڏاڍو پسند آئي، تنھنجي انھيءَ قربانين جي کنيل قدمن جو اندازو ته لڳائي سگھان ٿي، پر انھي قربانين جي پويان لڪل درد جو اندازو مون کان مٿي آهي. مان خوش آهيان جو منھنجا توتي مڙهيل الزام بي بنياد آهن. منھنجي چونڊ ۽ چاهت سچي نڪتي. خير! منھنجا والدين منهنجي لاءِ ساجد جو انتخاب ڪري چڪا آهن. انھن جي خوشين خاطر آئون به خوش آهيان باقي جيتري قدر پيار جي ڳالھه آهي، سو عورت پنھنجي زندگيءَ ۾ جنھن کي به هڪ ڀيرو چاهيندي آهي آخري پساهن تائين اُن جي دل اندر اهو ئي مرد وسيل هوندو آهي. پيارا پيار کانپوءِ ضروري ناهي ته ميلاپ به ٿئي ميلاپ کان پوءِ پيار ناهي بچندو، تون زندگي جي سماجي ڪارج ۾ لڳي وڃ ۽ خوش رهڻ سکي وٺُ!
فقط تنھنجي پنھنجي
صائمه
***