ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

چرياڻ

ٽيهارو سال ئي ته عمر هئس، پر لڳندو چاليهن کان چڙهيل هيو، اڌ کان وَڌِ اڇا وارَ، مٿي ۾، ڏاڙهي ۾، زماني جي ظلمن، دلي صدمن ۽ ذهني پيڙائن، نرڙ تي ڪئي گهنج ڏئي ڇڏيا هئس. کاڏيءَ اندر لٿل ٻئي چُگہه جُهورَ پوڙهي جو چٽو نمونو ڀاسندا هئس. پوري زندگي، خوشين لاءِ سِڪيو هو، هر پاسي، ماڻهن جي روين ۽ عملن ڏکائي هانءُ هيڻو ڪري جيئڻ عجيب تر بڻائي ڇڏيو هوس. وڏي سهپ، وڏو حوصلو، سمنڊ جيڏي دل رکڻ وارو عباس! دنيا جي سڀني رنگن کي ڏسي ۽ پَسي چڪو هو. ڄاتائين حق ۽ ناحق کي، سڃاتائين سچ کي- ڪوڙ کي، پروڙيائين، نيڪي ۽ بَدي کي، سمجهيو هئائين پيار ۽ تڪرار کي_ پَسيائين، انسانيت کي ۽ شيطانيت کي! گڏوگڏ ريتن- رسمن، عزت، وقار، چمچاگيري، چاپلوسي، خواب، حقيقت، لالچ، لوڀ ڀي ڄاڻي ورتائين. اڌ کان گهڻا، شايد اڃان به گهڻا ظالم ۽ ظالمن جو پاسو هئا، جيڪي پوري معاشري تي ڇانئجي، جُڳاڙ ۽ بِگاڙ بڻائي، وقت کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائي رهيا هئا، پئسي جي زور تي، ذاتين جي ٽيڪ تي، ڀائرن جي آسري، زبان سان، هٿ سان، سوچ سان عمل سان، مفاد ۽ انا ساڻ ڪيون، ڪنهن ديوَ کان ڀي بدتر شڪل ٺاهيون، مظلومن ۽ هيڻن، غريبن، ۽ مسڪينن کي ڳِڙڪائڻ ۾ مشغول هئا. حساس ۽ ساڃاهه وند هجڻ ڪري زماني وارن جا سڀئي سور پنهنجا محسوس ڪندو هو. انفرادي ۽ اجتماعي طور ڪجهه سور پنهنجا ڀي هئس. انهن اَهنجن ۽ ايذائن جون خبرون ماڻهن کان ٻڌي، انسانيت تي ميار ڏيندي اهڙن ڪِريل عملن تي افسوس ڪندو هو. ٻين سان ٿيندڙ ناجائزين ۽ اُرهه زوراين تي ته چپ پر پاڻ سان ٿيندڙ ويڌنن ۽ ناانصافين تي به خاموش! ڏوهه ڏيندو هو علم ۽ شعور تي! اڪثر چوندو هو ”جهالت ئي سڀني براين جي جَڙَ آهي جنهنڪري معاشري جو توازن بگڙيل آهي“ اها ڳالهه چوندي گهري سوچ ۾ ٻڏي ويندو هو. ”هيءَ به ڪا زندگي آهي؟ هيءَ به ڪا انسانيت آهي؟ هيءَ به ڪا مسلماني آهي؟ هي به ڪو جيئڻ آهي؟؟“ انهن سوالن تي سوچيندي، اکيون آليون ٿي وينديون هئس. اڪيلو هو، ڪا طاقت، ڪو اختيار نه هئس، جو ظالم کي ظلم کان روڪي، مظلوم کي داد رسائي سگهي. مان وري سڀني ڳالهين جي اجائي ڇڪ ۽ بڪ کان ڀٽائي سرڪار جو هي بيت پڙهي ٻڌائيندو هيو مانس-
” جَووڙُ جُڙي جَن سين، سي وڙ سوئي ڪن..“
سدائين منهنجي سوچ جي حمايت ڪرڻ وارو، چڙي پيو. جهڙو ڪر وڙهي پيو. ”زاهد! ظالم کي ظالم نه ٿو چئي سگهين ته نه چئه، پر هن کي ظالم ته سمجہه.“ مون کي به آيو غصو دير ئي نه ڪيم چيو مانس. ”وڏي ۾ وڏو ظالم ته اهو آهي، جيڪو پاڻ تي ظلم سهي ٿو“. ڌڪ لڳي ويس_ سدائين هارائڻ وارو اڄ پاڻ هارجي ويو هو. ان ڏينهن کان پوءِ ٻُڌل، پڙهيل ۽ اکين ڏٺل ناجائزيءَ تي کليل احتجاج شروع ڪيائين. حق کي حق، ظلم کي ظلم، گناهه کي گناهه، دوکي کي دوکو، غلط کي غلط، سچ کي سچ چيائين. اندر جي آهه، سوچ بڻجي زبان تي آيس ته ماڻهن تماشو ٺاهي ورتس. رونشو ٿيڻ لڳس. ڪيئي خطاب، ڪيئي لقب ڏنائونس. ڪنهن انسان ڪوٺيس، ڪنهن ڪامريڊ، ڪنهن مُلو ته ڪنهن دهريو، ڪنهن ايجنسين جو ماڻهو ته ڪنهن چرياڻ. مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون. عباس لاءِ ماڻهن جا لقب، ۽ خطاب واقعي مونکي به سچ سُهندا هئا، ڇو جو نشانيون ٻڌائي ۽ پاڻ پسائي رهيون هيون.
”انساني جيون انمول آهي. انهيءَ املهه جيون جو قدر ڪيو، هن جي قيمت، اهميت ۽ افاديت کي نه لڄايو. دهشت گرديءَ، قبائلي تڪرارن، ڪاروڪاريءَ جي واقعن، دشمنين ۾ انساني رت وهائي، انسان جي اشرف المخلوقات جي لقب کي نه لڄايو. انساني رت پيئندڙ زمين، توهان جي انسانيت تي ٽوڪ ۽ ٺٺول ڪري ٿي. ان کان علاوه ٻي مخلوق به، انسان جي سڀني عملن جي نندا ڪري ٿي.“ چڱي خاصي مجموعي ۾ شهر جي وڏي چوڪ تي وڏي واڪي خطاب ڪري رهيو هو. ”محبت ڪريو، محبت ۾ ئي عزت، وقار، حق، سچ، انسانيت ۽ مسلماني آهي. محبت منزل مقصود آهي.“ ڪنهن ٽوڪيس ”محبت جي ڪڍ لڳاسين ته پوءِ پيٽ ڪيئن ڀرينداسين“ جذباتي ٿي ويو، چيائين ”هن دنيا جون سڀوئي برايون ۽ سموريون لڙايون هي طبقا، طبقاتي سوچ ۽ عمل پيٽ جا ئي پيدا ڪيل آهن. انهيءَ پيٽ ضرورتون ٺاهيون، ضرورت، دل دماغ ۽ هڏن سان، حيلا وسيلا ٺاهيا، ۽ تلاش ڪيا. تلاش ڪنهن کي حلال ۽ جائز پاسي ته ڪنهن کي حرام ۽ ناجائز پاسي گهلي وئي، حرام ۽ حلال، حق ۽ سچ، صحيح ۽ غلط جي توازن کي برقرار رکڻ ۾ اسان وساري ويٺاسين، ته انساني معيار قدر ۽ ماپا ڇا ٿيندا آهن. ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ، ائٽمي قوت، چنڊ کي ۽ ٻين انيڪ منزلن کي ڇُهيوسين، پر پوئتي نظر نه ڪئي سون، اڳيان لڳا مصري، پويان ويا وسري ..“ گهڻو ڪجهه ڳالهائي ها! پر گشتي پوليس اچي وئي هئي، رونشائي مجموعو کسڪي ويو، پاڻ پڪڙجي پيو هو. ٻيو ڪوئي جڳ جهان ۾ نه هئس، مجبورن مونکي ئي وڃڻو پيو. پوليس چئي ”مَس هٿ لڳو آهي، وڏي وقت کان اسان کي ڳولا هئي. هي ته غير ملڪي جاسوس آهي“ ٻيوي چوي ”نه هي دهشت گرد آهي، شهر جا لساني فساد هن جا ڪرايل آهن.“ مطلب سڀني پنهنجي باهه ڪڍي. ڪنهن فرقيورانه فسادن ۾ ملوث ڪيس. ڪنهن ڪامريڊ ته ڪنهن ملڪ ٽوڙ باغي چيس، پر جڏهن منهنجي کيسي مان نڪتل 20 هزارن، بيگناهه ڪوٺيس ته پوءِ پوليس عزت ۽ احترام ڏئي، کيس باعزت طريقي سان آزاد ڪري ڇڏيو.
ٿاڻي کان ايندي پورو ساهه ئي نه کنيائين ته، ٻُکين تي کڻي ڏنو مانس، ”ڏس عباس! پنهنجي سِر کان ڪَڪِ آهين ته پوءِ ٺيڪ آهي... پر خدا جي واسطي منهنجي عزت جو خيال ڪر، سڀني جون نظرون ۽ اشارا تنهنجي حوالي سان مون طرف آهن. هٿ ٿو ٻڌانءِ، چئين ته ڳاڙهي جو ديدار ڪرايانءِ... انسانيت جو واسطو ۽ ميڙ اٿئي مون تي رحم ڪر!“ چپ، چپ ۽ صفا چپ! ان ئي عادت ۽ خصالت جي ڪري ته وڻندو هو. ڪاوڙ کان ڳالهيانس، ڇنڊ پٽيانس اصل نه ڪچي نه ئي دَبِري- اهڙي حالت تي چنڊ لمحن کانپوءِ وڏي کان وڏي ڪاوڙ لهي ختم ٿي ويندي هئي ته هن تي احساس ۽ رحم ٿيڻ لڳندو هو، نه ته هو ڪيرُ ۽ مان ڪير..!! ٻن سالن جي مختصر عرصي واري ڪاليجي واقفيت جو ڪو واسطو هو جنهنجي تندُ، ساٿ ۽ سهارو بڻي، نه ته پنهنجن ته ڌاريو ۽ اڪيلو ڪري، وقت جي وار سان وار ڪري چڪناچور ڪيو هوس. پڻنس مئي، وڏيري ڪرم علي خان منڇي ڪري رکيس، پر وڏيري، ڪمدارن ۽ ڪاراون جي ڪڙمين سان ٿيندڙ ويڌنن ڪري گهڻو وقت رهي نه سگهيو، ننڌڻڪو ۽ ويچارو سمجهي، مڱ ۽ محبوبه سهڻي کي ٻي هنڌ پرڻايو ويس. هڪ دل باغي ٿيس. سهري، سهڻي ۽ سندس ور سميت سمورن رشتيدارن کي ماري، مات ڪري دلي سڪون حاصل ڪري، پر ظالم جو ڪردار بڻجڻ کان پاڻ هاري نڪري پيو، ڪٿي سرڪاري ۽ نيم سرڪاري نوڪريون به ڪيائين. طبقاتي نظام، ٻيائي- ڪوڙ، فريب ۽ دوکي سان گڏ ڇا ڇا نه ڏٺائين. ظاهري حسين دنيا جي اندروني داغن کي پرکيندي مون وٽ آيو ۽ منهنجي روين ۽ ڪردار جي ڪري رَهي پيو، انهن شروعاتي ڏينهن دؤران هڪ ڏينهن چيومانس؛ ”عباس! تو جهڙي فرشتي لاءِ هيءَ دنيا، ٺيڪ ناهي، انهيءَ ڪري تون آسمان تي هليو وڃ. تنهنجي اصل ۽ بقا واري رهائش اُتي ئي آهي، سو تون سوير ئي مٿينءَ منزل جو سفر شروع ڪر..!!“ بنان رنڊ روڪ جي ڪڙڪ آواز ۾ چيو هئائين ”زاهد يار! تو انسان کي فرشتو بڻائي، انسان ۽ انسانيت جي گهٽتائي سان گڏ توهين به ڪئي آهي.. انسان ته اشرف المخلوقات آهي، رهي ڳالهه هن دنيا کي ڇڏڻ جي، سو يار توکي ٻڌايان ته مان اڃان هن جهان ۽ جهان وارن مان نا اُميد ناهيان ٿيو، تبديلي جي آسَ ۾ حياتي کي چنبڙي پيو آهيان“.
جمع ڏينهن 8 وڳي آفيس کولي، ڇنڊ ڦوڪ ڪري مس ٿڌو ساهه کنيم ته آفيس ۾ گهڙي آيو. پاسي تي رکيل صوفي تي ويهندي ئي روئڻ ۾ شروع ٿي ويو ۽ روئيندو ئي رهيو. مان حيران هوندي به دَمَ دلاسا ڏيندو رهيومانس، ڪافي لمحن کانپوءِ ماٺ ڪري منهنجي اصرار تي ڳالهايائين. ”يار زاهد! اڄ پوري انسانيت دَم ڏئي ڇڏيو! هڪ مرد ٻي مرد سان نڪاح ڪري ورتو_ هاڻ سڀ ڪجهه ختم ٿيڻ گهرجي، دنيا فنا ٿيڻ گهرجي، هاڻي قيامت اچڻ گهرجي.“ گهڙي کن لاءِ مان به ساڪت ۾ رهجي ويس. پر پاڻ سنڀالي، دلجاءِ ڏني مانس ”ڇڏي ڏي دنيا جون سڀئي ڳالهيون_ گهڻو ئي دنيا کي ٻاهران ڏسي ورتئي. هاڻي دنيا جي اندر يعني گهر اندر جنتن جو ڀي سير ڪرِ، سموريون بي جا گڏ ٿيل هوائون دماغ مان نڪري ويندئي..!! ايندڙ جمعي تي منهنجي شادي ۽ گهر وَسائڻ کانپوءِ تون به گهر وسائڻ جي تياري ڪرِ، سڀ ڪجهه منهنجي ذمي! تون ڪا دوشيزه پسند ڪر، باقي سڀ بندوبست منهنجي کاتي آهن!!“ ڪيترن لمحن لاءِ منهنجي اکين، عباس جي چهري تي اڀري آيل خوشين جي لهرن کي ڏٺو ۽ سڪون حاصل ڪيو.
شادي ٿي، منهنجي زندگي خوشگوار گذرڻ لڳي، پر عباس نه آيو. مان حيران ۽ پريشان ٿيس، پر ثريا کي محسوس نه ڪرائڻ لاءِ سڀ خيال هٽائي، زندگيءَ جي حسين ۽ دلفريب رنگن ۾ وڃائجي ويس. پورن پندرهن ڏينهن کان پوءِ هُو گهر آيو، ساڳيائي حال هئس، ثريا سان تعارف ڪرايو مانس ته چهري تي ڪيئي رنگ آيس_ ويس، هن جي خاطر تواضح لاءِ ڪچن ۾ ثريا سان مدد ڪرائي، چند منٽن کان پوءِ وريس ته خالي صوفا کلي، چٿرون ڪري رهيا هئا. حيرت به ٿي ته ڪاوڙ ڀي آئي، هُو ائين گم ٿي ويو، جو ڳولا جي باوجود هٿ نه آيو- سڀئي ڪوششون ناڪام رهيون. پوري هڪ مهيني کانپوءِ هن جو خط پوسٽ ذريعي مليو. کولي پڙهڻ کانپوءِ پوري جسم ۾ بجليءَ جا شاڪ لڳي ويا. خط کي پرزا، پرزا ڪري ڦاڙي ڇڏيم. پنهنجي چونڊ ثريا تي ڀروسو ڪيان ها، يا ثريا جي مليل محبت تي، يا اعتبار ڪيان ها عباس تي، جنهن لاءِ مُلي کان وٺي چرياڻ جا خطاب هئا، چٺي ڦاڙڻ باوجود پني جا وکريل ٽڪرا به کلي، بڙڇيون ۽ ڀالا هڻي رهيا هئا، جنهن ۾ لکيل هو. ”زاهد! هڪ ڀيرو وري تو دوکو کاڌو، دنيا جي ظاهري حالت نه ڄاڻي سگهين، تون جنهن کي پنهنجي جنت ۽ محبت ٿو سمجهين، سا تنهنجي ئي شهر جي مشهور ڪال گرل رهي چڪي آهي!!“
***