جيجل منهنجي قسمت
اسان جي ذات ۽ خاندان ۾ اڪثر اهڙا ڏڪائيندڙ ۽ ڇرڪائيندڙ دکدائڪ واقعا ٿيندا رهندا هئا. توڙي جو ڌرتيءَ جي ٻين حصن جيان اسان جي تر ۾ به علم جو نور رَسي ويو هو، پر ننڍيرن ۾ سو به نه جهڙو!! ساڳي طرح ڪيني ۽ ڪدورت مفادن ۽ انائن وارا وڏڙا- سندن چوڻ موجب ”مرد درياءَ جي هُن ڀر ۽ زائفان وري اورين ڀَرِ، ٻن ٻولن ”ڪارو، ڪاريءَ“ جي ڪڍڻ سان، هو دنيا ۽ سماج جي نظر ۾ ڏوهي آهن، هنن جي لڳل انهيءَ داغ کي ملڪ جو ڪو به قانون، ڪوئي سماج ڌوئي، اڇو اُجرو ڪرڻ يا قبولڻ جي سگهه نه ٿو ساري سگهي. زندگيءَ جي پوئين پساهن تائين به ڪارنهن جي ان چُٽي جي ڪاراڻ رهي ٿي. اهڙو اثر ۽ اهڙي لوڙ نسلن تائين قائم رهندي پئي اچي.
حسد، بغض ۽ لالچ انهيءَ روايت کي هٿي ڏئي، بدلي پاڙڻ لاءِ دشمنيون زنده رکڻ لاءِ... نفرتون قائم رکڻ لاءِ... زمينن کي قبضي ۾ رکڻ لاءِ... سهڻي ۽ حسين ڇوڪري کي حاصل ڪرڻ لاءِ، هر ڪنهن وڏيري چور، لوفر ۽ مفاديءَ روايت کي استعمال ڪندي فائدا حاصل ڪيا آهن.
ڳالهه هيئن هئي ته گلو حسب دستور راتين جو رولاڪ بڻجي ڌڪا، ٿاٻا کائي مقصد کان ناڪام ٿي پرهه ڦٽيءَ ويل گهر پهتو هو. سياري جي سخت سرديءَ جي اثر کان گهٽ، پر چوريءَ جي ناڪاميءَ ڪري وڌيڪ ڏمريل هو. ڏمر ۾ ان وقت تيزي اچي ويس جڏهن نظر ڪوٺيءَ اندر ستل زال تي پيس. سوڙ کان منهن ٻاهر لالٽين جي ڌيمي روشنيءَ ۾ به ٻهڪي رهيو هوس. شڪي طبيعت ڪر موڙي اڀري پيس. جوڻس سڪينه جو ائين بي خوف ٿي سمهڻ تي، باهه ڀڙڪي پيس. ڪاوڙ مان تيز ۽ خونخوار نظرن ۽ هانءُ ڦاڙ هڪل سان هڪ تيز ٿڦ ڳل تي ٺڪاءُ ڪيائينس... ڇرڪ... هرڻيءَ جيئن هيسجڻ... اکيون ڏرا ڏئي ويس، رنگ اُڏامي ويس. مڙس جي مار ڌاڙ ياد آيس، ڪنبي وئي- لٺين ڪهاڙين جا ڌڪ... گاريون... رڙيون... ڪوڪون... دانهون آسمان ڦاڙ... وڏو ڌڪ... هڪ وڏي، صفا وڏي رڙ... خاموشي... ۽ هوءَ ڍرڪي، تڙپي ختم ٿي وئي.
گلوءَ جو پيءُ رڙين، ڪوڪن تي ڊوڙندو آيو، پر پهچندي ساڪت ٿي ويو. رت ۾ ريٽو ٿيل، ننهن جو بي ترتيبو لاش ڏسي، ڪاراٽجي ويو. گلو کي تڪيائين، چهري مان رنگ اُڏاميل هئس، اکيون ڏرا ڏئي ويون هئس. پڻس کان بيهڻ ڪونه ٿيو. ڪوٺيءَ کان نڪري اڱڻ تائين آيو. پٽ تي ڪاوڙ ۽ ملال هيس، جيڪو جلد ئي ختم ٿي ويس. پٽ جي محبت ”جيڪو ٿيو سو گذريو“ اڳتي جو سوچي، چهري تي شيطاني ۽ حرفتي رنگ پکڙي ويس. عقل جي ڊوڙ ڊوڙي چڪو هو. ناحق مارڻ جي لعنت کان بچڻ ۽ ٻڏل ڳهو تارڻ لاءِ گلوءَ کي اچي ڪن ۾ ڪجهه سڻايائين. شيطانيت ۽ فاتح مرڪ گلوءَ جي مک تي مهڪڻ لڳي پوءِ رت ۾ رنگيل ڪهاڙِي کڻي گلو گهر کان نڪري چيو ”ڪارو آ... نه ويندو سڄڻ... ڪارو آ... نه ويندو...!!!“ ڪجهه هڪلون ڪجهه گاريون... ماڻهو گهرن مان هيسيل نڪرندا، عجيب و غريب نظرن سان ڏسندا رهيا. گلوءَ جو مقصد حاصل ٿي چڪو هو.
منهنجي گهر به قيامت ڪڙڪي پئي هئي. اکين رت روئڻ شروع ڪيو هو. ڇو ته ”ڳاڙهي“ ڌر وارا منهنجا پيڪا هئا ۽ ”ڪاري“ ڌر وارا وري ساهرا. هڪ پاسي ڀت ۽ ٻي پاسي باهه وارو ماحول جڙي ويو هو. قدرت واري منهنجي مٿان امتحان جي گهڙي سامهون آندي هئي. اهو امتحان وري منهنجي ذهني، روحاني ۽ جسماني حصن لاءِ اذيت ناڪ هيو. انديشا ۽ خطرا حقيقت ۽ يقين ۾ تبديل ٿي ويا. ڪجهه وقت لاءِ جهڪا ٿي ويل ايذاءَ ۽ ظلم وري روان دوان ٿي ويا. اڳ ته ڇڏائڻ وارو سڄڻ هوندو هو، جيڪو ڀاءُ جي ڏمر ۽ ڏاڍ کان بچائي وٺندو هو. سو آسرو ته هڪ ظالم جي ڪيل ناحق ظلم سان ٽٽي دور ٿي چڪو هو، ۽ انهيءَ ظالم جي ڪارنامي شامت آندي هئي. مار...!! لتون... مُڪون... رڙيون... ڌڪ... گاريون... تنهنجي ڀيڻ... تنهنجي ماءُ... تنهنجون ستئي پيڙهيون... زوردار ڌڪ... مٿي کي ڦيري... اکين ۾ آنڌيون ترورا... بيهوش...!!! ڪجهه مدت لاءِ آرام ۽ سڪون سان رهڻ جي عادي ڪيڏو نه درد ۽ ايذاءَ سٺو هوم. ٿورو ڪي غلطي يا ٿوري ڏاڍيان ڳالهائڻ بعد قيامت مچي وڃي. مون سمجهي ورتو، محتاط ٿي ويس. سوچي سمجهي ڪم ۽ قدم کڻڻ لڳس. نيٺ ائين ڪرڻ کانپوءِ هن جي نيت جي پروڙ ٿي وئي، هن چيو ”تنهنجي مائٽن ناحق ڪيو آهي“.
خاموش زهر جو ڍڪ پي ويس.
”هٿ سان ماري مائي- الزام اسان تي هنيائون...“
هاڻي رهڻ ڪونه ٿيو ڳالهائي وڌم
”تو وري ڪهڙو حق ڪيو هو“
سارو ٻري تپي ويو. تنهنجي ڀيڻ.. ماءُ... ڪني رَنَ... ڀڙوي رن... سامهون ٿي ٿئين... ڪجهه وقت کان شريف ڇا ٿيم مٿي چڙهي وئي آهين. مار ۽ موچڙا- جيڪو ڌڪ هٿ اچي- منهنجي مٿان زيپاٽُ... منهنجا ڪن منهنجون رڙيون ۽ دانهون ٻڌڻ لڳا. ۽ پوءِ لوهه لڳل بانس جي لٺ نرڙ ۾ ٺڪاءُ ٿي وئي. رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو.
ڪجهه لمحن گذرڻ کانپوءِ انور جي ظلمن کي وساري پنهنجي مظلوميت ۽ معصوميت جي ڪهاڻي تي سوچڻ لڳيس. آئيني سامهون آيس نرڙ تي خاڪ ۽ سُرمي ڪارڻ ڌڪ واري جاءِ تي چڱو خاصو ڪارو نشان ٿي ويل هو. پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي. زندهه رهڻ جي خواهش ڪومائجي وئي. خودڪشي ڪرڻ لاءِ سوچيم، پر سال کن جي کير پياڪ ۽ ابهم زرينا منهنجي ڪوشش کي پوري دفن ڪري ڇڏيو. هن جي روئڻ زنده رهڻ ۽ حالتن سان منهن ڏيڻ جو حوصلو ڏنو. خدا کان دعا گهريم ته هو مونکي هن ڏکي وقت ۾ صبر ۽ شڪر عطا ڪري.
اسان جو گهر ساري ڳوٺ ۾ سُکيو ۽ ستابو ليکيو ۽ سڃاتو ويندو هو. سٺي کائڻ ۽ چڱي پائڻ ڪري ڳوٺائي وڏيرو ڪوٺيندا هئا. زمين جي ٽڪري کان علاوه، ڪجهه ڪلوميٽر پري شهر ۾ بابو سائين دوڪان هلائيندو هيو. بابو سائين پڙهيل ته ڪونه هيو، پر علم جي نور جي اهميت ۽ حيثيت کان واقف ضرور هيو. ان ڪري هن پنهنجي ٻارن کي علم جي نور سان نوازڻ جو موقعو ڏنو هو. ايتري قدر جو پرائمري پاس ڪرڻ کانپوءِ مڊل ۽ ساڳي طرح نائين درجي تائين رَسيس. ادي صابر سان روزانو گڏجي ٽانگي تي اسڪول ايندي، ويندي هيس. گهر ۾ ڪنهن به امير جي ٻار کان گهٽ ڪونه پاليائين. هر شيءِ مهيا هوندي هئي، چوڻ آکڻ جي دير هوندي هئي. خوشين ڀري هن گهر جي سڀ خوشي دشمن کان ڏٺي ۽ سَٺي ڪونه ٿي. انور_ منهنجي روزانو شهر اچ وڃ خلاف مائٽن مٽن کي ڀڙڪايو... ”ڪيئن ذات ۽ خانداني عزت شهري گهٽين ۾ ٿي رُلندي وتي... ننڍين ذاتين وارا پاڻ تي ٽوڪون ۽ چٿرون ٿا ڪن ته ڇوڪريءَ کي ٿا پڙهايو... ڪا خبر اٿو؟ پڙهڻ بهاني، ڪٿي ٿي رُلي ۽ گُهمي... ڪنهن کي پتو به آهي“. اتان جي سماج ۽ سوچ آهر انور جي اشاري ۽ ڳالهين ۾ وزن هو...!! سڀئي مٽ، عزيز بابي سائين وٽ مڙي آيا... بابي سائين سڀن کي واضع ڪري ٻڌايو ته ”اسان جي ذات ۽ خاندان ۾ واقعي ڪابه ڇوڪري ڪانه پڙهي آهي. پر اهڙي سوچ سڀني والدين جي بي جا ۽ اجائي آهي. عورت آخر ڇونه ٿي پڙهي سگهي؟ اڙي چريئو عورت نه هجي ها ته توهان جو نسل وڌي ۽ ويجهي نه سگهي ها! ڪجهه وقت اٿو، عورت جي حقن کي تسليم ڪريو. اها اڄ جي دور جي گهرج آهي. پاڻ ڪريم صه جن به پنهنجي حديث ۾ فرمايو آهي ته علم مرد ۽ عورت ٻنهي تي هڪ جيترو فرض آهي.“ سڀئي عزيز سندس ڳالهيون ٻڌي ڏمرجي ويا. شادي، غميءَ سميت ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۽ ٻيو اٿڻ ويهڻ بند ڪيائون. بابي سائين انهن جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي. اسان جي همٿ ۽ حوصلي ۾ اضافو آيو. صابر پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت سان نوجوانن ۽ ننڍڙن ۾ علم جي نور سان گڏ پنهنجن حقن کي حاصل ڪرڻ جي ڳالهه، هر ماڻهوءَ جي ڪن تائين رَسائي. نتيجو خراب نه هو، پر ايڏو بهتر به ڪونه هيو. ٻي طرف مون وري عورتن جي مردن کان آزادي ۽ سندس جائز حقن لاءِ کين اُڀارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هڪ ٻن کانسواءِ سڀن کي ڊپ ٿيو ته ڪٿي سندن مڙس اهڙين ڳالهين ڪرڻ عيوض نه ماري وجهن يا پاڪ ۽ پوتر خاندان مٿان نه لهندڙ داغ چهٽي نه پون. صابر وڌيڪ محنت ڪرڻ لڳو. ماڻهن کي متاثر ڪرڻ پاڻ مڃرائڻ لاءِ سندن ننڍا، وڏا ڏک ۽ مسئلا شيئر ڪرڻ ۽ سندن پوري مدد ڪرڻ وارو نانءُ ڪم جو ٿيو. ڪافي تعداد ٿي ويو، جيڪي ادي جي سوچ کي حق ۽ سچ جي راهه ڪوٺڻ ۽ مڃڻ لڳا.
ڳوٺ ۾ هڪ بري سوچ رکندڙ انور کي پنهنجو جڙتو مقام ڪرندو محسوس ٿيو. چڱ مڙسي لڏندي محسوس ڪندي. هن باقاعدي ادي صابر سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ اندروني طرح ڪوششون ورتيون. پاٿاريدار هجڻ ڪري، هن پنهنجن لُچن ۽ لفنگن کي زور ڀريو ته هو انهي سلسلي ۾ ڪجهه ڪن. هڪ رات جي پهرين پهر لڪي رستي سان بي خيالو ۽ بي اونو ايندڙ صابر کي رت ۾ لال ڪيو ويو. هو صبح جو کٽ تي بي ساهو هجي ها. جيڪڏهن ماسات ظفر ڪراچيءَ کان ڳوٺ ڏي نه ايندو هجي ها! ماسي حياتان به بڇڙي ۽ مدي خارج رسم جو شڪار ٿي هئي. نانو ماسيءَ جو منهن نه پسڻ واري ضد سان سندس وهانءُ ڏيٺ واري هنڌ جو ڪري وريو هو ته وري نه ويو هو نه ئي ماسي کي اچڻ سٺائين، تان جو مري ويو. تنهن کانپوءِ ماسي ۽ سندس اولاد اچڻ شروع ڪيو هو. اڄ ظفراوچتو پنهنجي ذهانت ۽ علمي قابليت سان ادي جي زندگي بچائي ورتي هئي. وقت سر سندس خون بند ڪري اچي ڳوٺ رَسيو هو. ظفر جي لاءِ منهنجي اندر ۾ عزت ۽ مان مرتبو وڌي ويو. وري هن جي مٺڙن ٻولن ۽ سٺين مُرڪن جي ڪري دل ۾ محبت جو ٻوٽو نسرڻ لڳو. سندس سيرت ۽ صورت جي تعريف جا به ڪريان ۽ جيتري ڪريان گهٽ هوندي. مون لاءِ دنيا جي سڀ خوشي سندس مک کي ڏسڻ سان ٿيڻ لڳي. ان دؤران مونکي هڪ بي نام محبتي مواد مليو. جنهن ۾ لکيل هيو.
منهنجي دل جي راڻي
شاهده!
سکي ۽ سلامت رهندينءَ. آمين
مان تنهنجي حسين ادائن جو ديوانو ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري قلم ۽ ڪوري ڪاغذ جو سهارو وٺي ڪجهه ارمان ۽ ڪجهه آسون، اميدون اُڪري رهيو آهيان. زبان سان اظهار محبت ان لاءِ نه ٿو ڪري سگهان، جو شايد ايتري سگهه ڪانهي ۽ شايد مان بزدل به آهيان. هڪ ڀيرو وري لکان پيو ته توسان محبت آهي ۽ سچي محبت.
تنهنجو اي. بي. سي
چٺي دل ۾ سمائي ڇڏي. چٺي جو انداز ۽ آواز منهنجي دل جو آواز هيو. پوءِ ڪجهه ئي ڏينهن جي ڪجهه ئي لمحن اندر چٺي وارو چور ظفر نظرون چورائيندي پڪڙجي پيو. اکين ئي اکين سان ديدار ٿيندا رهيا. زبانن مان واعدا ۽ وچن ٿي ويا. جيئڻ مرڻ جا قول ٿي ويا. اسان جي چوري اسان جي والدين کي به آئڙي، تڏهن ئي ته اسان جي جيون ساٿي ٿيڻ جون پچارون سندن زبان تي ڦرڻ لڳيون. ڪيترا خواب... حسرتون، اميدون ۽ آسون جڙيون. پر شايد قسمت کي وري ستم ئي آيو ڪرڻو هو. واعدن ۽ وچنن جو پورائو نه هو لکيل، منهنجون حسرتون، ظفر جون آسون ۽ سڀ سهانا سپنا روايتن جي وهڪري ۾ وهي ويا. اسان جي سک ۽ خوشين جي دشمن انور جي دل ۾ اسان جي گهر جون خوشيون ۽ حسرتون زهر ٿي پيون. صابر جي وڌندڙ عزت ۽ مقام ڪارڻ پنهنجي چڱ مڙسي ڊهندي، ڪرندي ڀانيائين. دشمني ۽ چالاڪي جي انتها ڪري، هن صابر کي پنهنجي زال حسنه سان بي ڏوهي ڪارو ڪيو. بي ڏوهي ۽ ناحق هڪ عورت ڪنهن شريف مرد جي زندگي بچائيندي مڙس جي بندوق مان نڪتل باهه جو شڪار ٿي وئي.
ميڙيون... نياڻيون... سندن سيني سان قرآن ٻي ميڙ... جوان، ٽين ميڙ تي مس راضي ٿيا. بابو بي وس ۽ مجبور فيصلي ٻڌڻ جي انتظار ۾، انور جي حرفت ۽ چالاڪيءَ جو نئون وار ٿيو... فيصلو ٻڌي بابي جي پيرن هيٺان زمين ڇڏائجي وئي. دشمنيءَ جو هي وار به ڌماڪو ڪري ويو. منهنجي ٻانهن صابر جي زندگيءَ جي قيمت بڻي. بي وس ۽ بي پهچ پيءُپٽ جي زندگيءَ لاءِ ڌيءَ جي سِرَ جي قرباني قبول ڪري آيو. ظفر مٿان قيامت ڪڙڪي پئي. بغاوت ڪرڻ لاءِ ڳالهائي ها پر کيس روڪيم؛ ”مقدر ۾ ملڻ نصيب نه هو. ملي نه سگهياسين ته ڇا ٿيو. جذبن ۽ خواهشن جي ارپنا به هڪ ميلاپ آهي نه کٽندڙ، نه ٽٽندڙ ميلاپ“- منهنجي ڳالهائڻ تي پاڻ جهليائين. منهنجي همٿ وڌائڻ لاءِ ڳوڙها وهائڻ بجاءِ پنهنجا ڳوڙها لڪائي ويو.
منهنجو وهانءُ ڪيڏو نه عجيب وهانءُ هيو. نه ونواهه هيو - نه ڳيچ ۽ نه وري جهمر... نه هئي ڄڃ ۽ نه هيا ساٺ ۽ سنوڻ. بس ٻن پاتل ڪپڙن ۾ انور طرفان نياپي موڪليل شام پنهنجن کان جدا ڪئي ويس. ڪٿي اکيون آليون هيون. دل ۾ درد ۽ اندر ۾ دانهون هيون. جيجل امڙ جي حالت تمام خراب ٿي وئي. مضبوط دل وارو بابو سائين به اڄ ميڻ نظر ٿي آيو. واقعي اولاد والدين جي سڀ کان وڏي ڪمزوري هوندي آهي. اکين مان ڳوڙها اُگهي آخري سمي ظفر ڏي نهاريم. وڏو جگر ۽ سمنڊ جيڏي دل هيس. مرڪي الوداع ڪري رهيو هو. اندر مان هڪ وڏي ڍنڍ ڪر نڪتي. موتين اکين ۾ ترورا آڻي ڇڏيا. مان جلديءَ ۾ هلي ڏنو. روئڻ ۽ سڏڪڻ جو آواز شروع ٿي ويو. پري ڪنهن هنڌان مائيءَ ڀاڳيءَ جو ڳايل گيت ڪنن تي پيو؛
”جيجل منهنجي قسمت
ڪنڌ نوايو-
لکيو لوهه قلم ۾!“
پنهنجي لکئي کي ئي پنهنجون خوشيون ۽ حسرتون سمجهي جهوليءَ وٺي. انور جي ذهنيت کي بدلائڻ ۾ لڳي ويس. مار کائي، وڙهي، رسي ۽ پرچي ڪوششن ۾ ايترو ڪامياب ويس، جو هن جي سوچ بلڪل ٿڌي ۽ انسانيت پرست بڻجي وئي. پاٿاريداري ۽ جوئا وارو شوق به هلندو، هلندو زرينا جي ڄمڻ کانپوءِ ختم ٿي ويس. مان ڪامياب ٿي وئي هيس، هن کي مٽائي ڇڏيو هوم. پر پوءِ به ڪڏهن، ڪڏهن ساڳي رڳ تي ايندو هو ته ڪُٽي لاهيندو منهنجي چپن مان ملندڙ مار ڪري دانهون نڪرنديون هيون.
”ڪٿي آهين... مار پوئي... ڳاٽو ڀڄئي... ڪٿي آن...“
انور جي ڪڙڪيدار هڪلن ماضيءَ مان حال ۾ اچي پهچايو.
”گلو ٿاڻي تان پئسا ڏئي جان ڇڏائي آيو آهي... تون ڪجهه زائفن سان قرآن کڻائي هل... ته مان سيد سڳوري کي اوطاق مان وٺي اچان... جلدي ڪر... !!!
حڪم جي غلام عورت ۽ مڙس جي چوڻ سان تياري ورتم ٺاهه ۽ فيصلي لاءِ سيد سڳورو اڳ ۾... سندس پويان ڪجهه نياڻيون ۽ کين ساڻ قرآن شريف ۽ اسان جي پويان انور ۽ سندس خاندان وارا. چڱ مڙسي ۽ ڏاڍ مڙسي پر ڪري اُڏامي وئي هئس. بابي وانگر بي وس ۽ لاچار هيو. قسمت جي انهيءَ چڪر ۽ ڪرشمي کي ڏسي توبهه ڪرڻ لڳس. انور جو غرور ۽ تڪبر سڀ مٽيءَ ۾ مليل هئا. ڪيڏو ته مسڪين ۽ شريف ماڻهو پئي لڳو. ائين جيئن ڪجهه سال اڳ بابو سائين! پهرين ميڙ... ٻي ميڙ... ٽين ميڙ... مس وڃي راضي ٿيا. فيصلو ڳالهيون... مفاد... خواهشون... ارمان... ٺاهه ٿيو. جهڳڙو ٽريو، پر مونتي قسمت جو تکو وار ٿي وريو. منهنجي هڪ سال جي کير پياڪ زرينا ڪارنهن جي پورائي سڱ طور ۽ پيٽ جي باهه ڀرڻ لاءِ چاليهه هزار حرج پيو. هڪ دل چيو ته انهيءَ فيصلي تي رڙيون ڪري احتجاج ڪريان... دانهون ڪري انصاف گهران... پر هت سڀ مرد هئا. جيڪي مفادي هئا. جيڪي انڌا به هئا ته ٻوڙا به هيا. هي سماج ئي اهڙو هيو، جتي عورت ئي مرد جي تڪرار نبيرڻ لاءِ... شادي جي ضرورت لاءِ... مطلب هر قسم جي ضرورت لاءِ عورت ته پوءِ ضرورت وارين ٻين شين جيان کيس اهميت ۽ عزت ڇونه ٿي ڏني وڃي.......؟؟؟ انهن سوالن جو ڪوبه جواب ڪونه هيو. انور اڄ ٽُٽِي وِکري ويو هو. سندس ويجهو ويس ڪلهي تي هٿ رکيومانس ته روئي پيو، ٻارن جيئن ڳوڙها منهنجي اکين ۾ تري آيا. رشتن جي اهميت ۽ اولاد جي قربانيءَ جي احساس ۽ درد جي پروڙ پئي هئس. سَٽ ڏئي زرينا کسيائين ۽ ان کي ڀاڪر ۾ ڀري چمڻ لڳو ۽ گڏوگڏ ڍنڍڪر ڏئي روئڻ لڳو. منهنجي نظر نئين نسل ۽ نوجوانن طرف هئي، جيڪي علم جي نور سان روشن ٿي رهيا هئا. جن کي سڀاڻو سنڀالڻو هيو، جيڪي اڳتي هلي عورت کي سندس اصلي ۽ حقيقي روپ وٺي ڏيندا، جيئن ڪا عورت روايتن جي ڦاهيءَ تي نه چڙهي!!!
***