ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

امهاڳ : جوڀن جي رُت ۾ ڇڻيل گل!

زخمي چانڊئي جي وڇوڙي واري حادثي کانپوءِ ”ڊکڻ سنگت“ جي نجُ ادبي، سماجي ۽ قومي ڌارا جي تشخص/ ماحول کي ساڳئي ئي انداز سان روان دوان رکڻ ۾ دلبر جو ڪردار سڀني کان منفرد هو، هُن پنهنجي نفيس/ بيروزگار ڪُلهن تي ذميوارين جوٻوجهه کڻندي ڪڏهن به دانهن نه ڪئي. – سنگت سماچار ۾ تخليق جا رنگ ڀريندي، هو سنڌي ادب ۾ نئين ٽهي جو نمائنده ڪهاڻيڪار ٿي اُڀريو، هُن جي ادبي اڀار جي اثر ۾ مٺل چانڊيو، مصور حسين، اظهر جوابپوري ۽ مون سميت ڪيترن ئي لکارين اُتساهه جي روشني وٺي ڪهاڻي جي ڪٺن سفر ۾ پير پاتو!- نظم جي ڀيٽ ۾ نثر نويس دوستن جو تعداد ٻيڻو ٿيندي ڏسي سڄي سنڌ جا ڏات ڌڻي، ڊکڻ سنگت جي دوستن کي ڪهاڻيڪارن جي سنگت جو نانءُ ڏيڻ لڳا.
ڪهاڻين جي ترتيب ۾ جتي دلبر جون ڪهاڻيون پنهنجي سادي ۽ منفرد احساس سان نکري نروار ٿيون آهن، اتي دلبر جو شخصي پهلو به نرالو ۽ مخلصانه هو. دلبر جي يادن جي ان ڌنڌلي ڊوڙ ۾ اڄ منهنجا احساس گهايل بڻجي ماضي جو حصو ٿي رهيا آهن، جتي پير پٿون ڪندي دلبر پنهنجي ٻالڪپڻ ۽ جواني جا به چار ڏهاڙا گذاريا_پر مون نه ٿي ڄاتو ته مستقبل ۾ يادن جا اهي ٻه چار ڏهاڙا زندگي جو روڳ بڻجي، حقيقت جي حصي ۾ شمار ٿي ويندا..
دلبر ٻهراڙيءَ جو سادو پر سليقي وارو نوجوان!
لکڻ پڙهڻ سان بيحد لڳاءُ رکندڙ_
ڳوٺ جو اميراڻو ٻار_
ٻن ڀائرن ۽ ٽن ڀينرن جو دادلو_
مال وند_ ميهار_
وڏيرو به پاڻ ته ڪڙمي به پاڻ، ڄڻ شاهه عنايت جي فڪر”جو کيڙي سو کائي“ جو پوئلڳ_ غريبن جو هڏ ڏوکي ۽ مددگار، جيڪو پنهنجي لاءِٰ فيصلو، سوئي ٻين جي لاءِ ڪارگر ۽ موزون!
هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون، هر ڪهاڻي ۾ معاشري جي اصلاح_
لکي ته اديب لڳي ۽ زمينون سنڀالي ته زميندار، پر انهن سڀني پاسن تي پورو لهندڙ هن ماڻهو ۾ انسان دوستي جا تمام گهرا رنگ شامل هئا. دشمنين ۽ مدي خارج رسمن کي ختم ڪرڻ جي تنبيهه ڪندي اوچتو بينظير ڀٽو جي شهادت جي صدمي ۾، هي ڳڀرو جذبن جو ترجمان ليکڪ حياتي هارائي، جديد ڪهاڻي جي سفر کي الوداع ڪري ويو. وقت کان اڳ وڇڙي ويل هن دلبر ڪهاڻيڪار جا آخري پساهه به منهنجي اڳيان گذريا- درد جون اهي گهڙيون جوڀن جي رُت ۾ ڇڻيل گل جي درد جيان اڄ به منهنجي احساسن تي حاوي آهن. مان هُن جي يادگار ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ کي پڙهي گهري سوچ ۾ گم ٿي، هن ڪهاڻين جي مضبوط اتهاس جُڙڻ جو خاڪو جوڙي رهيو آهيان!!
دلبر جون ڪهاڻيون سهيڙيندي مان پيڙاءَ جي مختلف مرحلن مان گذريو آهيان. هن جون ڪهاڻيون هن جي ئي اکين ڏٺين حالتن جو اظهار آهن، هن ڪهاڻي ”ماڻهپي جي سوڀ“ لکي بظاهر ته هڪ ٿاڻي ۾ ٿيندڙ ڪلورن تان پردو کنيون آهي، پر حقيقت ۾ اها ڪهاڻي سنڌ جي سمورن ٿاڻن جي ڪهاڻي آهي، جتي جا ٿاڻا گهاڻا بڻيل آهن. ڪهاڻي ”قادو ڪبوتري“ مردانگي معاشري جي تذليل جو چٽو آئينو آهي، جنهن ۾ ڪبوترن جي شوق ۾ عصمتن جي نيلامي ٿئي ٿي. ڪهاڻي ”سوليءَ وڌ سزا“ معصوميت جي ور چڙهيل اهڙن هجتن ڀريل رشتن تي سمايل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ هڪ وحشي صفت نوجوان جواني جي جوش ۾ پنهنجي ساليءَ جي عزت تي راتاهو هڻي ٿو ۽ پوءِ کيس رسواين جي سوليءَ پلئه پوي ٿي. ڪهاڻي ”مجبور“ ٻن پيار ڪندڙ دلين جي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ساڀيائن جي ويجهو ايندي، زندگي وڇوڙن جي واءُ ۾ تحليل ٿئي ٿي.
ڪهاڻي ” جيجل منهنجي قسمت“ دلبر جي ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائيٽل ۽ نه وسرندڙ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ٽن معصوم عورتن سان ٿيندڙ انياوَ، اهڙي ته انداز سان ڏيکاريا ويا آهن، جو پڙهندي بيخوديءَ ۾ دانهن نڪريو وڃي ٿي!

يار محمد چانڊيو
رتوديرو
yaarchandio@gmail.com