ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

ڀــاڙي

سڪندر جڏهن کان هوش سنڀاليو هو، تڏهن کان هن پنهنجي اٻوجهه ۽ مسڪين ماروئڙن کي مدي خارج ريتن ۽ رواجن جي سِنگهرن ۾ جڪڙيل ڏٺو هو. ظلم ۽ جبر جي علامت بنيل رئيس سهڻي خان، پنهنجي نالي جي ابتڙ، بدصورتيءَ، چالاڪي ۽ حرفتن جي انتها ڪري ڇڏي هئي. پورو ڳوٺ سندس قول ۽ فعل سان ٻڌل هيو. ڪير ڪُڇي، ڪير چِنگهي، ننڍا، وڏا بار ۽ تڪليفون سڀني کي سَهڻيون پيون، نه سَهڻ وارو ويتر عذابن ۽ ايذائن کان ٽپي سڀئي مظلوميت جون حدون اُڪري ويندو هو. تعليمي قابليت جي بنياد ۽ انهيءَ جي اثر سبب سڪندر ظلم کان بچي ويو. پنهنجي انفرادي بچاءَ کي اجتمائي طور ڦهلائڻ ۽ خوف هٽائڻ لاءِ هن اعلانِ جنگ ڪري ڇڏي. رئيس سهڻي خان جي چيلن ۽ چمچن جا بي جا ۽ فضول ڏاڍ مڙسيءَ جا سڀ ڪم ۽ سڀ عمل بند ٿي ويا. ڪيترن سالن کان، ظلم ۽ ڏاڍ جي ڏهڪاءَ کان رُسي ويل سڪون واپس اچي ويو. پوري تر جا ناجائز ۽ ڏاڍ جا ڪم ختم ٿي ويا. سڀني ذاتين جي فردن پنهنجي مٿان داٻي کي، ٽٽندي، ڀور، ڀور ٿيندي ڏٺو. رئيس جي ”ها“ تي، نَهَه، ۽ نهه تي ها ڪرڻ وارو ڄمي چڪو هو، مزاحمت جي انهيءَ سَرڪردي نوجوان سڪندر جو نانءُ سِگهو ئي ساري تر جي زائفن، مردن، ٻارن، ٻڍن ۽ سڀني جي زبان تي اچي ويو هو. هن نئين دم، نئين مجال، غلط ڪم جي مخالفت، جائز جي حمايت، وڏي عرصي جي دهشت ۽ داٻي کي ٽوڙي مروڙي، حق کي حق، ناحق کي ناحق طور نروار ڪري ڇڏيو. رئيس سهڻو خان وقت جي واءُ کي سمجهي ئي سمجهي، تيستائين هڪ وڌيڪ وارُ سَهڻو پيس، پنهنجو خاص ماڻهو نورل، پنهنجي مائٽ رمضان سان اُرهه زورائي جي جواب ۾، سڪندر جي ڪوشش سان لاڪپ تائين پهچي ويو. رئيس سهڻو خان نورل جي سالن جي وفاداري ۽ ڳوٺائي طاقت مان، نورل سان نڀاءَ جي چونڊ ڪري، پوليس معرفت سڪندر کي هيٺ ڪرڻ جي به نيت ڪئي، پر قدرت سندس بي جا ڏاڍ جي تسلسل کي ٽوڙڻ ۽ شيطاني عملن کي نروار ڪرڻ لاءِ سڪندر کي موڪليو هيو. جنهن مزاحمت ڪري پاڻ مڃايو هو.
رئيس سهڻو خان، حد جي ٿاڻيدار ڏي ڪهي ويو. ٿاڻيدار سندس پڳ مٽ يار هيو. ڇوڪري سان زوريءَ جو ڪيس هيو، تنهنکي، کنگهي به نه ها، رئيس راضي ڪري ها! پر سڪندر سامهون هيس. انڌ ۽ ڏاڍ اڳيان، مظلومن، ظلمَ سهي، سهي باغي بڻجي، سينو تاڻيو هو. ڏاڍ ۽ جبر جي للڪار تي خونخوار شير ڇرڪي ۽ جاڳي پيو. جهور پوڙهي رمضان ۽ نوجوان سڪندر کي ڪوبه خوف نه هيو. رئيس سهڻي خان، پنهنجو رعب بحال رکڻ لاءِ ڳالهايو ”صوبيدار صاحب! ڊيگهه ناهي، ڳالهه ٿوري، نورل بيڏوهه آهي، ڪراڙي رمضان الائي ڇو پنهنجي پٽ سان ڇيڙڇاڙ جو ڪوڙو الزام هڻي، پنهنجي ڪُذات هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، ۽ اهڙي الزام کي ٿاڻي تائين رسائڻ ۾ نوجوان سڪندر جو ئي هٿ آهي. اسان پنهنجي بدناميءَ جو سور پي سگهون ٿا، پر ان شرط تي ته رمضان ۽ سڪندر ڪيس تان هٿ کڻي معافي وٺڻ لاءِ تڏي ميڙ کڻي اچن....“. صوبيدار، رمضان ۽ سڪندر کي ڏٺو، سڪندر کي غصو وٺي ويو، پاڻ سنڀالي، سِرَ جو جواب پٿر سان ڏيڻ لاءِ هن ڳالهايو ”... صوبيدار صاحب! تَنهن جي معنيٰ اُلٽو چور، ڪوٽوال کي ڊيڄاري.... رئيس گهڻا ڏينهن، پنهنجي ڏاڍ، پنهنجي ڏهڪاءَ جي ڪمائي کاڌي آهي، هاڻي سموري کاڌل ڪمائي، وياج سميت ادا ڪرڻي پوندس“. رئيس کي پيرن کان وٺي مٿي تائين باهه وٺي وئي. صوبيدار به ڇرڪي پيو، اکيون کليل رهجي ويس. صوبيدار ته ماٺ رهيو پر رئيس پاڻُ روڪي نه سگهيو... ”سڪندر! نانگن جي ٻِرَ ۾ هٿ وجهندين ته ڏنگجي، ختم ٿي ويندين.... نئون رَتُ اٿئي، ويرُ نه وجهه، متان پڇتائڻو پوئي....“.
”رئيس! باهه سان کيڏڻ وارن کي سڙڻ جو فڪر نه هوندو آهي“. سڪندر سنجيده ٿي وار ڪيس.
رئيس سهڻي خان سمجهي اڻ سمجهيو ڪري چيو ”سڪندر! تنهنجي نيت ڇاهي...؟“
”رئيس سهڻا خان! عزت ڏي عزت وٺ، محبت ڏي محبت وٺ، هٿ ڏئي هٿ وٺ، نه ڪي، ظلم ڪري ظلم وٺجان، ذلت ڏئي، ذلت ڏسجان، ۽ نه ئي سر هڻي پٿر جهلجان...“. رئيس جا چمچا اُلري آيا. پر ٿاڻي جي خيال، رئيس جي هڪل ۽ سڪندر جي ساٿين آڏو ٺري ويا. سهڻي خان ڪاريهر جهڙا وٽ کاڌا، چيائين ”بس ڙي وات ڳاڙها، ڪالهوڪا ڇورا!... تنهنجي ايڏي مجال جو...“. ”رئيس! پيئي نه ملڪ جهان جي خبر“. سڪندر ڪٽي وڌس. رئيس به ڳالهائي ها، پر صوبيدار وچ ۾ ڳالهايو ”توهان بس ڪريو مسئلو حل ڪرڻ ڏيو“. ان کانپوءِ ڏاڍ ۽ جبر جي ارڏائي، مظلوم ۽ بيوس ماڻهن جي سچائي جو، مقابلو دوبدو شروع ٿيو، ڇڪ ڇڪان شروع ٿي وئي. صوبيدار لاٿِ ڪري پنهنجي تجربي جو وارُ ڪيو، ٺاهڻ جي ڪئي، راءِ ڏني، قانوني عڪس ڪڍيو، رئيس به حامي ڀري، ڏاڍ وري ٽٽي پيو، پر ڏاڍ ۽ ظلم جي بدنامي، ۽ رُسوائي خاطر حق جو آواز بلند ڪرڻ ۽ ناجائزيءَ ڪندڙ کي سزا ڏيارڻ لاءِ، رمضان ۽ سڪندر ڪيس تان هٿ نه کنيو ۽ ڪيس، چالان ٿي ويو.
پوري تَرَ جي مظلوم ماڻهن واهه، واهه ڪري، سڪندر جي قابليت ۽ سندس ڪاميابيءَ تي کيس مبارڪون ڏنيون. چند ماڻهو اڃان به سهڻي خان جي دهشت ۽ داٻي ۾ آيل هئا، تن ڀي اندر ئي اندر ۾ سڪندر کي داد ڏئي دعائون پئي ڏنيون، هن جي جيون لاءِ، ۽ جياپي لاءِ! ڪافي وقت تائين ڏاڍ ۽ جبر جو سرچشمو، حرفتن ۽ چالاڪين جي مسند تي ويهي آمرانه حڪومت ڪندڙ سهڻو خان، سامهون نه اچڻ باوجود، اشاري سان پنهنجن پاليل ماڻهن هٿاران سڪندر کي ڪجهه به ڪرائي سگهيو پئي ۽ هن گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ ڪرايو به، پر جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي، سهڻي خان ڪيتريون ئي سازشون جوڙي به، مرد مجاهد جو وار ونگو نه ڪري سگهيو. سڪندر جي همت، ۽ حوصلو اڃان وڌيو. جوش ۽ خروش تڏهن آيس، جڏهن سهڻي خان جو پراڻو ساٿي، نادر سندس عمل ۽ ڪردار کان متاثر ٿي، هن جي بغاوت ۽ جدوجهد ۾ شامل ٿيو. نادر اهو ماڻہو هو جنهن ماضيءَ ۾ رئيس جي چئي لڳي، سندس ساٿ ۽ سهاري سان ڪئي گهر ويران ڪيا، ڪيتريون خوشيون ماتم بڻائي ڇڏيون هيون، ڪٿان به مزاحمت نه ٿي هئس، وڏو ڏَرُ هيس، سڀ ئي ٽهندا ۽ خوف کائيندا هيس، رڳو دل ئي دل ۾ پِٽون، پاراتا ڏيندا هئس. انهن پٽن ۽ پاراتن کانئس سڀ ڪجهه ڦري ورتو هو. هڪ رات چوري ڪندي، ڀاڳئي کي سجاڳ ٿيندي، بندوق هڻي ڪڍي هئائين ته گهر ۾ 10 سالن جو سهڻو سيبتو پٽ، پيٽ جي سور کان تڙپي، تڙپي دم ڏئي چڪو هوس، انهيءَ وڏي واقعي، نادر کي وري انسان بڻايو هو، هن توبهه ڪري، رٺل پرچائي معافيون ورتيون هيون، ۽ خدائي عذاب کان ڊڄندي ناحق جو مخالف بڻجي، سڪندر جي پاسي ٿي بيٺو هو. سڪندر جي حق، سچ جي آواز ۾ آواز ڏئي، امن ۽ آجپي جو پڙلاءُ پيدا ڪري سهڻي خان جي هانءَ تي مُڱ ڏرڻ شروع ڪيا.
نادر خوش هيو، جو هن سڪندر جهڙي بي بها موتيءَ جو ساٿ ڏنو هو. هن انڌاري دنيا مان نڪري، روشن ڏيهه ايندي انسانيت جي اصولن، حق ۽ سچ، پيار ۽ محبت، عزت ۽ اصلي حيثيت کي پرکيو ۽ پروڙيو هو. هن جي مدي خارج دل ۽ دماغ مان سموري انا، سمورو زنگ لهي صاف ٿي چڪو هو. هن سڪندر سان رهي معاشري جون تلخ ۽ ڪڙيون، حقيقي ڳالهيون ٻڌي ۽ سمجهي ورتيون هيون ۽ گڏ گڏ رهندي، هن، سڪندر جي اندر ۾ هڪ ڪومل ۽ نازڪ سڪندر به ڳولي لڌو هو. سڪندر جي اندر ۽ من مندر ۾ ڪيترن جذبن، اُمنگن ۽ احساسن جو وجود قائم ۽ دائم هيو. سڪندر پنهنجي دل جي راڻي، احساسن جي ملڪه ۽ من جي محبوبه رابعه کي دل جي گهراين سان چاهيو ۽ پوڄيو هو. رابعه جيڪا سندس سڳي سئوٽ به هئي. ايترن گهاٽن رشتن ۽ ناتن باوجود سڪندر رابعه سان اظهار محبت نه ڪري سگهيو هو. هن کي ڪاليج تائين پڙهائڻ ۾ سندس ئي هٿ هيو ته مدد به! رابعه ننڍي هوندي کان وڏڙن جي زباني ، سندس نانءِ ٿيل هئي، پر هن ڪٽرپڻو نه ڌاريو هو. رابعه کي پنهنجي زندگي، پنهنجي مرضيءَ سان گذارڻ جا سڀ اختيار ڏئي پاڻ اندر ئي اندر ۾ ڪڙهندو، ڪنهن کٽڪي کان خاموش محبت ۽ وفا جو پتلو بڻجي جلندو هو.
رابعه سڪندر کي ڀائيندي ته هئي، پر چاهيندين ڪونه هئي. تڏهن هن جي سماجي ڪمن کان کيس چڙ رهندي هئي. هن جون سوچون ڳوٺاڻي ماحول کان پري شهر جي تيز ۽ هُل هنگامي واري دنيا وسائي چڪيون هيون. رابعه سڪندر جي ئي سهاري آزادي حاصل ڪئي هئي. جنهن آزاديءَ جو ڳوٺ جي مسڪين ماروئڙن کي ڪو حق نه هو.، هن پنهنجي مطلب دنيا جي سفر لاءِ آزاد ٻيڙيءَ تي سواري چاهي، نه ڪي اهڙي ٻيڙيءَ ۾ سفر جو سوچيو“ جنهن ۾ وقت ۽ حالتن جا ڪيترا لوڏا لما هئا. غريبن ۽ اٻوجهن جا غم ۽ ڏک به هئا ته ڪيتريون اميدون ۽ حسرتون به! ائين سفر ورهائجي ويو، منزل الڳ ٿي وئي.
سڪندر ڪو رئيس، وڏيرو يا زميندار نه هو، ڪنهن غيباتي قوت، مدد ۽ سهارو بڻجي، ڪئي سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرايس، هن جي انفرادي ۽ اجتماعي ڪمن کي ڏسي، سڀ ڪو دنگ رهجي ويو. ڳوٺ ۾ ٻارڙن جي اسڪول جي پڪي بلڊنگ وٺي اُن جو درجو به وڌرائي، مڊل تائين ڪرايائين، نياڻين جو اسڪول منظور ڪرائي کولرايائين، مين روڊ کان ڳوٺ تائين لنڪ روڊ ٺهرايائين، بجلي لڳرايائين، واٽرسپلاءِ حاصل ڪري، صحت جي حوالي سان ڊسپينسري جو بنياد وجهرايو هئائين. اهڙين گهرجن ۽ ضرورتن جي پورائي سان، سڄي ڳوٺ واسين جي زندگيءَ ۾ نئون موڙ اچي ويو هو. سڀني واتان سڪندر لاءِ لکين دعائون ٿينديون رهيون، سڪندر واقعي به ڌرتي ڄائي جو حقي قرض ادا ڪيو هو. هن پنهنجي لاءِ محبتي ماڻهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو هو. سهڻي خان پنهنجي سڀني شرارتن، ناجائزين کي روڪي، پنهنجي حيثيت برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي، گڏوگڏ وقت جي انتظار ۾ پلاند ڪڍڻ لاءِ موقعي جي تاڙ ۾ رهڻ لڳو.
سنڌ، سونهن، ۽ سچائيءَ جي پرچاري سڪندر جو روح ۽ رڳ رڳ، خوش و خرم هئي، هن جي سوچ ۽ خيال کي عملي جامو اچي ويو هو. پر اوچتو رستي روڪ کڙي ٿي پئي، منزلن جي حاصلات جي سرواڻ سڪندر کي ڪافي ڪجهه قربان ڪرڻو پيو. سڀني ناڪامين ۽ پلاندن جي زهر سان ٽمٽار رئيس سهڻي خان، پنهنجي پاليل نانگن هٿان، محفلن جي مور حق ۽ سچ جي پوئلڳ، پيار ۽ پريت جي پرچاري سڪندر کي رات جي اونداهي ۾ مرکي ڪرائي ڇڏيو، ته سڪندر جي جيجل امڙ کان اُڀ ڏاريندڙ دانهن نڪري وئي ۽ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي. هن جي دانهن ۽ رڙين تي ڪيئي همدرد ۽ ڪيئي چاهيندڙ، پيرين ۽ مٿي اُگهاڙي اچي پهتا. پنهنجي محسن کي رت ۾ لت پت ڏسي، اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا. درد جي شدت ته نادر جي دل ۾ به گهٽ نه هئي، پر وقت وڃائڻ بجاءِ چستيءَ سان وهندڙ رت کي ڪپڙي سان مضبوط بند ڪري. وڏي اسپتال پهچايو ۽ ڊاڪٽرن کان مدد وٺي هن پنهنجو فرض پورو ڪيو. ڊاڪٽرن فوري طور طبعي امداد ڏئي، خاطري ڪرائي ته خطري جي ڳالهه ناهي، سڀني آيلن مالڪ جو ٿورو مڃيو.
سڪندر کي ڌڪ ڪافي تعداد ۾ هئا، پر سڀني کان وڌيڪ نقصانڪار ڌڪ گوڏي وارو هيو جيڪو ڪافي ڏينهن علاج ٿيڻ باوجود نه پئي ڇُٽو، ڊاڪٽرن گڏجاڻي ڪري، پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪيو ته ڦٽ جي ناسور ٿيڻ کان بچڻ لاءِ، ٽنگ کي ڪٽڻ جو پروگرام ڪيو آهي. نادر سميت ڪئي، دکي پنهنجي حالت کي سنڀالي نيم بيهوش ٿي ويا. جيجل امڙ سڪتي ۾ اچي وئي، پر اهڙين حالتن سان ڪجهه به نه ورڻو هو. ڊاڪٽرن پنهنجو فرض پورو ڪري سڪندر جي ٽنگ ڪٽي سندس صحت ۽ زندگي بچائي ورتي.
سڪندر جي قسمت شايد کائنس ناراض ٿي هئي، جسماني طور تي معذور ٿيڻ سبب سڪندر سورن ۽ صدمن جي ور چڙهي ويو. سندس دل جي دنيا، رابعه، سندس ئي دوست جبار سان مڱڻو ڪري ڇڏيو. جيجل امڙ صدمن ۽ حالتن کان پاڻ بچائي نه سگهي ۽ اصلي ڏيهه تي رواني ٿي وئي. نادر کي وهم ۽ خدشو ورائي ويو ته ايترن سارن واقعن ۽ حادثن کان پوءِ سڪندر جي دل نه ٽُٽي پئي ۽ هو..........! انهيءَ کان اڳتي هو سوچي نه سگهيو.
سڪندر جيجل امڙ جو سور، قسمت جو فيصلو سمجهي قبولي ورتو ۽ پاڻ کي معذور بڻائڻ وارن کي قرآن شريف کڻي اچڻ ۽ نياڻيون ميڙ ڪري لنگهي اچڻ تي، معاف ڪيو. رابعه جي خوشي کي پنهنجي خوشي سمجهي قبولي ورتو. نادر پوين ٻنهي ڳالهين جي فيصلن تي سڪندر کان رنج ٿيو. سڪندر کلندي سمجهايس ”نادر! ڪڏهن، ڪڏهن ٿورو ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪجهه وڃائڻو پوندو آهي، ۽ ڪڏهن وري ڪافي ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ٿوري ٿَڪي قرباني ڏيڻ بهتر آهي. منهنجي معذوري، پوري تر جي آزاديءَ، امن ۽ ميٺ، محبت کان مٿي ناهي. رهي ڳالهه پلاند جي، سو پلاند کان معاف ڪرڻ بهتر آهي... ڳالهه رابعه جي ڪئي اٿئي ته هوءَ جڏهن منهنجي مڪمل هجڻ وقت منهنجي نه ٿي سگهي ته پوءِ منهنجي معذور ٿيندي، ڪيئن قبول ڪري ها! ۽ مان به ائين نه ڪريان ها!...“. نادر لاجواب ٿي چڪو هو. پر اندر ۾ باهه ٿي ٻريَس، ظالمن جي ظلم تي ۽ رابعه جي ڌارين ۾ رشتي ٿيڻ تي. نادر چيو ”سڪندر تون ڀاڙي آهين... ڀاڙي“. نادر ٻاهر نڪري ويو ۽ سڪندر کلندو رهجي ويو!!.
***