مهاڳ: دلبر: جديد سنڌي ڪهاڻي جو صف اول ڪهاڻيڪار
”ڪهاڻي ڇيڳرو“ ٻن دوستن جو هلڪو ڦلڪو ڇيڳراڻو اظهار آهي، مسڪراهٽ، کل- خوشي به ميرانجهڙي، علائقائي، ملڪي ۽ عالمي ظلم تي بحث ۾ وري اجرائپ: سنڌ تي ارغونن، ترخانن ۽ تاتارين جون هلائون، افغانستان تي آمريڪا جي جارحاڻي ڪاهه، پاڪستان ۾ وڌندڙ طالبانائيزيشن، سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ سبب سنڌين جو معاشي قتل ۽ ڳوٺاڻي ماحول ۾ چوري چڪاري ۽ ڪُسَهائپ جو ظلم، ڪهاڻيءَ جي مرڪزي خيال سان، ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا خيال ملائي، ڪامياب ڪهاڻي لکڻ دلبر جي سگهاري ڪهاڻيڪار هجڻ جو اثرائتو ثبوت آهي، سندس ڪهاڻي ”روايتي ڇوڪري“ جوانيءَ جي اڙٻنگين ۾ مست هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ جي تن مستين جو تيور آهي، جيڪا پاڙي جي سهڻي سيبتي گريجوئيٽ يوسفي ڪردار جمال کي ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو پائي مٿس ڇُڙواڳ روايتن جو جبل ڪيرائي ٿي وجهي.
دلبر جون ڪهاڻيون گهرن، گهٽين، اوطاقن، ٻنين، ٻارن ۾ جنم وٺن ٿيون ۽ اتي ئي پروان چڙهن ٿيون. فطري ۽ غير فطري تبديلين، ضروري ۽ غير ضروري غرضن جي حاصلات پٺيان ڊوڙندڙ ڪردار ”دلبر“ جي خيال ۽ قلم تائين پاڻ ئي اچي پُهچن ٿا. ڪاروڪاريءَ جهڙي دقيانوسي بُرائيءَ تي لکيل ڪهاڻي ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي ”جيجل منهنجي قسمت“ پڙهندي محسوس ٿيندو ته، ڪهاڻي پنهنجي ئي آهي، پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي تر جي- اکين اڳيان ٿيل-گذريل- ٻنيءَ جي لالچ، خوبصورت ڇوڪريءَ تي هُرکجي، ان کي حاصل ڪرڻ جي حوس ۽ ساڙ جو پاڙُ پاڙڻ واري ڏاڍ مڙسيءَ ۾، بيڏوهيءَ کي ڏوهي ڪيو ٿو وڃي ۽ زندگيءَ جي ٽياس تي ٽنگجن ٿيون- ڪيتريون ئي معصوم نياڻيون-!
ڪهاڻي جنهن دور مان لانگهائو ٿئي ٿي، ان دور جي حالتن، قصن ۽ ڪربناڪين کي پاڻ ۾ اوتي وٺي ٿي. گذري ويل وقت، ڪهاڻيءَ جي روح ۾ هڪ ادبي تاريخ هوندو آهي، سٺي ڪهاڻي لکڻ هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو هر ڪنهن جي ذات ۾ ڏات جون ڏياٽيون نٿو ٻاري. دلبر اهو ڪهاڻيڪار هيو، جنهن ڏات ۾ ذات جون ڏياٽيون به ٻاريون، سندس ڪهاڻين جا اڪثر محرڪ ۽ محور پنهنجي ذات ۽ قوم جي اٿل پٿل واري روين جا اولڙا آهن. سندس ڪهاڻي ”چرياڻ“ جو عباس، چرياڻ نه، پر دلبر جو منصور آهي، جيڪو هر بيواجبيءَ تي احتجاج واري حق ۽ سچ جو اعلان بڻجي پوي ٿو. هو اجتماعي اهنجن، قبائلي ڪروڌ ۽ رياستي ڏاڍ جو ڇيد محبتن جو عَلمُ کڻي، ڪرڻ کي سمجهي ٿو:
”محبت ڪريو، محبت ئي عزت ۽ وقار، حق ۽ سچ، انسانيت ۽ مسلماني آهي“.
دلبر پنهنجي ٽهيءَ جي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ الڳ مقام رکندڙ سگهارو ڪهاڻيڪار هيو. هڪ ئي ويهڪ ۾ شاندار ڪهاڻي لکي، هن هم عصر ڪهاڻيڪارن تي مثبت اثر ڇڏيا- سندس هرڪهاڻي جي ابتدا سج جهڙي ۽ انتها چنڊ جهڙي آهي. نت نڪور سوجهرن ۽ چانڊوڪين سان سرشار!!- ”ڪهاڻي ماڻهپي جي سوڀ ۾“ ، ٿاڻيدارن جي گهاڻيدارين تي لفظن جو چلهو ٻريل آهي، صوبيدار گامڻ خان، پاٿاريدار شهباز خان ۽ جمعدار يوسف جي ٻيگهين واري ٻيگهه ۾، ماڻهپي جا پاسدار ذلتن ۽ قهرن جي ڪوٽن ۾ واڙجن ٿا، بيڏوهي گرفتار، ڏوهي آزاد...!!
دلبر ڪهاڻين ۾ لفظن ۽ ڪردارن جي راند ناهي کيڏي- مشاهدن کي مهارتن سان، لفظن جي بامقصد تخليقي ترتيب ڏني آهي، هو سلجهيل مشاهداتي ڪهاڻيڪار هيو، سندس ڪهاڻين ۾ ٻهراڙيءَ جي زرعي سونهن به آهي، ته نج مَکڻائتي محبت به! ”پيار کان پوءِ“ ۽ ”مجبور“ جو جمالياتي مزاج هڪ جهڙو آهي، پر پيار جي پنڌ تي هي ٻه الڳ ٿلڳ ڪهاڻيون آهن. ”پيار کانپوءِ“ جي جادوئي حسن رکندڙ صائمه شهر جي ملڪه آهي ته ”مجبور“ جي خوش اخلاق زرينه شهر جي شهزادي. ٻنهين جي پيار جا پوپٽ ٻهراڙيءَ جي گلن تي اچي ويهن ٿا. لفظن جي هڪجهڙن ٽهڪڙن، جملن جي ڀاڪرن ۽ سياري جي سياٽن ۾ احساسن جي ساڳئي گرمائش ٻنهي ڪهاڻين کي جاڙيتو بڻائي ڇڏيو آهي- پر جڏهن ڪهاڻيون پڙهجن ٿيون ته هر ڪهاڻيءَ جي شروعات ۽ پڄاڻيءَ جدا جدا دڳ ٺاهي ٿي.
ڪهاڻي ”سجني“ دلبر جي روح سان رچيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ دل جي خون سان مصوري ٿيل آهي. لفظن جا رڌم ۽ جملن جا سر، ڄڻ ڪو گيت آهي، جيڪو روح ۾ لهندو ٿو وڃي. ڪمال فن جو مظهر هيءَ ڪهاڻي، دلبر جي تخيلي ڄمار جو جوڀن آهي. ڪهاڻيءَ ۾ حسين تشبيهن جو خوبصورت استعمال ٿيل آهي:
(گول گول لسا ڳل، گلاب جي پنکڙين جيئن لال چپ، وشال آسمان مٿان جهرمري ستارن جهڙا ڏند، ڀورا ناسي وار، چيلهه جو چوٽو، قدبت وچولو ۽ ٺاهوڪو،صفا من موهيندڙ، لوڏ هرڻيءَ جهڙي، اکيون وڏيون، سرمائي ۽ ڪجليدار اکيون، جنهن طرف اٿن، اصل ڪهي ڍير ڪري ڇڏين)
دلبر محبتن جو سفير ۽ جديد سنڌي ڪهاڻي جو بانيڪار هو. سندس هر ڪهاڻيءَ ۾ محبتن جا گل پوکيل آهن، ڪهاڻي ”محبتن جو سفر“ ۾ زندگيءَ جي ڪارج جو ڀروسو آهي، جنهن ۾ اعتبار جو اهو ڏيئو روشن آهي ته، سماجي انقلاب ضرور ايندو. ڌڪار ۽ انارڪيءَ جو ڇيد اوس ٿيڻو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ دونهاٽيل سماج کي اجرو ڪرڻ لاءِ، هڪ سماج سڌارڪ استاد محبتن واري سفر جو پانڌيئڙو آهي.
ڪهاڻي ۾ ٻٽن لفظن، جملن ۽ خيالن جي لکڻ واري شوق ۾ دلبر جيڪو چس رکيو، اهوئي کير ۾ کنڊ بڻيو. هن جون ڪهاڻيون اڪسير آهن- پڙهه ته پڙهندو ئي وڃ!
”دنيا درنگي“ ۾ ملڪيتي لالچ ۽ مذهبي فرمائش جا ٻه رنگ آهن: هڪ پيءُ پنهنجي پٽ کي ماءُ وٽ محض ان ڪري رهڻ نه ٿو ڏي، ته جيئن هو ناناڻڪي ملڪيت مان، ماءُ جي حصو ڇني وٺي، ماءُ جي طلاقيل زندگيءَ تي طلاق کان به ڀاري اذيتناڪ پل ڇڏي- ٻيو پيءُ ڌيءُ جي پيار کي پڪي مسلمان ٿيڻ واري جبل جيڏي شرط تان ڌڪو ڏيئي سندس شاديءَ جا احساس ئي ماري ٿو ڇڏي.
دلبر جي ڪهاڻين ۾ دلڪش منظر ڪشي ٿيل آهي.
(ٻيرين جي هيٺان لوسڻ جو فصل- مٿان وري عجيب جهار جي مٺڙي موسم..... هوا جي هلڪن وڻندڙ جهوٽن جو اثر.... چوڌاري ڪڻڪ جي فصل جي سرسبز چادر....سرنهن جو پولار.... مٽرن جا ڳاڙها نيرا گل- سوليءَ وڌ سزا)
دلبر سماج جو مختلف زاوين کان اڀياس ڪري ڪهاڻين ۾ حقيقت نگاريءَ جو اظهار ڪيو. سندس ڪهاڻي ”سوڍل سائين“ ان اظهار جو عڪس آهي.
هيءَ هڪ ست پيڙهئي، مرشد جي ڪهاڻي آهي، جنهن جو ڏاڏو جمال سائين، اشارن تي ڀتيون هلائيندڙ، پيءُ وڏل سائين ڪاني ڪماني ناظرو ۽ پاڻ هر فن مولا مرشد آهي.- تيتري، ڪوڪڙي ۽ ڇوڪريباز! .... حق کي ناحق ڪرڻ جو ڌڻي....
دلبر جي قلم جا عَلمَ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي منبر ۾ کتل آهن، هن جديد سنڌي ڪهاڻيڪارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، هميشه، هر ڪهاڻيءَ ۾ حق ۽ سچ جي پرچار ڪئي. وقت ۽ حالتن پٽاندڙ، قلم جا عَلمَ بلند ڪري، خوب ۽ ڀرپور لکيو، سندس ڪهاڻي ”ڀاڙي“ وقت جي فرعون رئيس سهڻي خان جي ظلمن جو قهر آهي، جنهن جي اڳيان هڪ ڪمزور نوجوان سچائيءَ مان سينو تاڻي ڳوٺ جي مظلومن جو ڏڍ، ڀرجهلو ۽ خير خواهه ٿي بيهي ٿو!
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جهول ۾، ڪهاڻين جا گل پرٽي، دلبر سنڌي ادب ۾ ڪهاڻين جا رابيل ورهائيندڙ مالهي هو، سندس ڪهاڻين ۾ خوشبو جو واسُ آهي، جو پڙهندڙ هڪ ئي پڙهت ۾ مهڪ ماڻي ٿو وٺي.
(اجن واري کوهه کان اولهه پاسي، وشال آسمان تي بادلن واري هڪ شام، آنڀو (ڪڻڪ جا سنگ) سرنهن جي ڦرٽ مٿان رکي، سيڪي مروڙي، سروڙي کائڻ واري مرحلي ۾ هو ته، کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاءِ، آيل ناري صدوري کيس سڏيو- سڏ ۾ جيڪو رڌم، جيڪو سوز سمايل هوس، تنهن جسم جي رڳ رڳ وڃي ورتس- ”گوري“)
رواني جي درياءَ ۾ دلبر جون ڪهاڻيون، ٻيڙين جيان ترن ٿيون.
ڪهاڻي دلبر جي رڳ رڳ ۾ رچيل هئي، اندر جي سونهن ڪهاڻين جي ڪينواس تي لاهي، هن ڪهاڻي کي رت جو ريج ڏئي، دل ۽ دنيا جي ڳالهه سهڻي انداز ۽ آسان لهجي ۾ ڪئي، ”ڪوهيڙو“_ ”سانورو“ ۽ ”قادو ڪبوتري“ سندس فن ۽ فڪر جي پختگيءَ جو شاهڪار حسن آهن.
دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
مٺل چانڊيو
ڊکڻ
03433571954
31 ڊسمبر 2014ع