دنيا دُرنگي
ابو رنج ڇا باهه لڳو وتندو هو، انهي لاءِ نه ته مان سندس پٽاڻو اولاد، امان کي ڏنل سندس طلاق کانپوءِ ساڻس گڏ ڇو نه ٿو رهان. نه بلڪل نه! صرف انهيءَ لاءِ هن پاڻ وٽ رهائڻ پئي چاهيو ته جيئن هو امان جي خانداني ملڪيت (جيڪا ناني سائينءَ طرفان امان کي مليل هئي) کي حاصل ڪري مون کي پاڻ وٽ رهائي سندس آخري سهارو به کسي وٺي ها، پر منهنجي فيصلي ابي جي نيت کي سبوتاز ڪري ڇڏيو. امان کي ۽ سندس ملڪيت کي ابي کان ته مان جهڙو ڪر بچائي ويس، پر مامن چڪر ئي ٻيو ڪيو، ملڪيت ۽ ڪاروبار جي فائدن جون ڳالهيون ڪري امان کي اڦٽ سڃو ڪري ڇڏيائون، پوءِ وري مامن مامين، ماروٽن ۽ ماروٽين کي بڇي، ڪجهه ڏينهن ۾ اسان کي گهر ڇڏي وڃڻ تي مجبور ڪيو. ڪنگالي ٿي پويان آسرو پلي اسان وڌندا رهياسين. هڪ مسواڙ جي گهر کان پنهنجي گهر تي پهتاسين. سڀ پنهنجن گڏيل محنتن جي ڪري امان سانئڻ، ڪپڙا سبڻ، ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪندي هئي ۽ آئون ڇولن کان چاٽ کپائڻ، تنهن بعد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جهڙو بڻيس ته، پرائيويٽ اسڪول ۾ استاد ٿيس ۽ ٽيوشن سينٽر سنڀاليندڙ جي حيثيت سان وڏو مرتبو ٺهندو ويو. ماضي حال ۽ مستقبل جا واچوڙي جهڙا وراڪا رکندڙ سنگين عڪس جاري هئا ۽ ٿوري دير اڳ واري شوريا گوڙ واري ماحول کان ڪنن جا زوزاٽ مس ختم ٿيا هئا، ته ڪنهن وجود کي خالي ڪلاس روم ۾ پاڻ ڏانهن ايندي ڀانيم. مان ڏسان، تنهن کان اڳ ان وجود جي چپن تي هيپي برٿ ڊي ٽو يو، اچي ويو. هوءَ ڪومل هئي. سونهن ۽ سوڀيا جا سمورا رنگ قدرت واري سوئي سموئي پويا هئس. ڊگهي قد ۽ ماسيري بت واري ڪومل، سڊول جسم جي ڏيک ڏيندي ڪنهن اپسرا جهڙي لڳندي هئي. ڪومل غضب جهڙي مرڪ سان موتين جهڙي مهڪار ڪري پورو روم معطر ڪري ڇڏيو. هن پهرين گلاب جي گلن جي خوشبو وارو گلدستو پيش ڪيو. تنهن بعد ٻه عدد پيڪٽ تحفا مون تحفا پاسي تي رکي کيس ڪيڪ کائڻ جي آڇ ڪرڻ بجاءِ ڪيڪ ڪٽي سندس منهن تائين آندو. هن منهنجي هٿ کي پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ آهستگيءَ سان ورتو ته مون سندس جهانورين اکين ۾ گهوريو. انيڪ محبتن جو سلسلو جهلڪا ڏيندو لڙڪن جي صورت وٺي ويو. منهنجي دل کي ڌڪ لڳو. سڄي جسم مان سيئاٽو نڪري ويو. سڄو ساڪت ٿي ويس. سرت آئي ته ٻنهي پاڻ سنڀاليو. محبتن، جو سفر جاري رکندي، مرڪندي کيس ڪيڪ کارايم. پوءِ ڪافي وقت تائين کلندا ۽ ٽهڪندا رهياسين.
ڪومل جي ويندي، سندس آندل تحفي کي کولي ڏٺم، شيشي جو تاج محل هو ۽ هڪ چٺي به هُئي.
”جانو! مڃان ٿي تنهنجي زندگي ڏکن، ڏولاون م گذري آهي. خوشين ۽ مسرتن جي حاصلات لاءِ پاڻ پتوڙڻ ڪو توکان سکي، پر تون سڀ ڪجهه پنهنجي مدد پاڻ تحت حاصل ڪرڻ جو قائل آهين، مان به تنهنجي آهيان ۽ تون مون کي پنهنجو سمجهي، هن چٺيءَ کي مان ڏئي هٺ تان لهي، صرف بابا وٽ لنگهي ايندين ته تنهنجي عقلمندي چئبي. ڇو ته بابي سائينءَ توکي گهڻو ڪجهه سمجهي ساٿ ۽ سهڪار جي پڪي دلجاءِ ڏني آهي، سو تنهنجي هوشياري يا ڏاهپ ۽ بابي سائينءَ جي سفارش ۽ ڪوشش، رلجي ڪاميابي جا سوين ڏاڪا اُڪري سگهن ٿيون. جانو! ضد نه ڪجانءِ ملڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. جيون سٺو گذرندو ته پاڻ سکيا ۽ اولاد به سکيو ستابو رهندو. تنهنجي ۽ فقط تنهنجي ڪومل.“
مان ان ڏينهن ته ڇا پر پورا ڏهه سال ڪومل جي بابي سائينءَ وٽ نه ويس. ڇو ته سندس سوچ ۽ لوچ اڳ ئي پروڙيل هئي. منهنجي ۽ ڪومل وچ ۾ ڪابه رڪاوٽ نه هو. پر هڪ شرط پٽاندڙ هن جو شرط هو ته مان مذهبي ماڻهو ٿيان_ مسلمان ته هئس، پر سندس حساب ڪتاب سان اهو ڪجهه ڪافي نه هو. الله هڪ، رسول هڪ ۽ قرآن هڪ واري سوچ ڪافي نه هئي، پر عملن کي وڌائڻو، ويجهائڻو هو ۽ ثابت به ڪرڻو هو ته پوري سماج ۾ مان سندس نياڻو هوندي، سندس راهه جو راهي ۽ پڪو صفا پڪو مسلمان آهيان، پر مان ڪومل جي سخت سوچ رکندڙ پيءَ جي چئي نه هليس ۽ سڀ ڪجهه کسجي ويو. دل جي دنيا ويران ۽ ڀڙڀانگ ٿي وئي. ان رات ته ايترو رنس جو حد ئي نه هئي. هن جي هڪ اهڙي ئي ماڻهو سان شادي ٿي وئي جيڪو سندس پيءَ چواڻي مڪمل طور تي پڪو صفا پڪو مسلمان هو. مان نه رڳو ڪچي مسلمان جي حيثيت ۾ رهجي ويس، پر اڌورو، بنهه اڌورو رهجي ويس، سڀ ڪجهه وسري ۽ وکري ويو. دوستن، دشمنن، پنهنجن، پراون، مٽن مائٽن، گهڻو ڪجهه سمجهايو، پر ڪجهه نه ٿيو، پڙهائڻ، پڙهڻ، سوچڻ، سمجهائڻ سڀ هليو ويو. دنيا جي آخري ۽ مٺي سهاري امڙ منهنجي دل ٽٽڻ کي پنهنجي ذهن تي ايترو رکيو، جو منهنجو اهو سور پنهنجي دل ۾ سانڍي هن جهان مان هلي وئي ۽ مان ننڌڻڪو رهجي ويس!!
***