ڪھاڻيون

جيجل منهنجي قسمت

دلبر چانڊيي جي ڪهاڻين ۾ پريم جي پيڙاءَ به آهي ته محبت جون مرڪون ۽ مذاقون به! هن جي ڪهاڻين ۾ ممتا جي اداسي به آهي ته بهتر سماج جي تلاش به! دلبر جون ڪهاڻيون پڙهي ايمان تازو ٿي وڃي ٿو ته: ”سنڌي ڪهاڻي زندهه آهي ۽ زندهه رهندي.“
سنڌي ڪهاڻيءَ جي جُڃَ ۾، دلبر جو هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ”جيجل منهنجي قسمت“ امن جو لاڏو آهي. جيڪو هر ڪنهن جي چپن تان آلاپجي ٿو.
Title Cover of book جيجل منهنجي قسمت

ڇيڳرو

گهر جي لوهي در تي ٿيندڙ ٺڪ، ٺڪ منهنجا ڪن کائي ڇڏيا، ننڊ پيو هوس، ڇرڪ ڀري جاڳي پيس ”صبح سوير ڪير ٿي سگهي ٿو... يڪو در کڙڪائي مٿو ئي کائي ويو آهي... واندا، واندا وتن ٿا پرائي سڪون ۾ خلل وجهندا“ سوچڻ لڳس، گڏوگڏ ڪاوڙ ۽ غصو به چڙهندو ويو. جلدي هڪ نئون خيال آيو ته غصو ئي لهي ويو.
”شمن هوندو... ٻيو ڪوبه نه!“ دل جو خيال دماغ ۾ هيو ته، ٻيو اونو ورائي ويو. در جي کڙڪي مستقل ڪن کائي ڇڏيا هئا. مان ته سَهي وڃان ها پر، پاڙي وارن جي آرام ۾ خلل پوي ها، ۽ اهو خلل شمن لاءِ ڏچو ۽ مصيبت پيدا ڪري سگهيو پئي. سوچيندي ئي در طرف وٺي ڀڳس، بي انتها ڀڳس، پيرين اُگهاڙي ڀڳس. مونکي شمن ڀڄرايو هو. سندس غريبي ڊڪرايو هو، جيڪو پنهنجي عمل ڪارڻ پاڙي وارن جي عتاب ۾ اچڻ وارو هو. دروازي تي بنان ساهيءَ کڙڪائڻ جي رفتار وڌندي رهي، مون هڪلون ڪيون ”آيو ڙي... آيو.. آيو...“ پر فرق نه پيو، در تي پڄڻ وارو هوس، منهنجي نيت ۽ منهنجي ڪوشش ڪاميابي ماڻڻ واري هئي، جو منهنجي وڌايل هٿ کان اڳ منهنجي دل جي تمنا، امڙ جي ڌاريل، دادلي مينهن لاءِ لڳل ڪلو کائي، ڳڙڪائي ويو. مينهن لاءِ لڳل ڪلو، گهر در جي اچڻ وڃڻ واري رستي جي وچ تي لڳل هو. امڙ اوڙي پاڙي وارن کي ڏيکارڻ لاءِ، خاص طور اُهو ڪلو در سامهون هڻايو هو، جيئن ڏسڻ وارا جلن ۽ پچن. ٻه مهينا ته ڏسڻ وارا ڏسندا رهيا، پر جلڻ وارن اندر جلائي مينهن ئي چوري ڪري ڇڏي هُئي، نه بانس رهيو نه بانسري. پوين ٽن هفتن کان ڪِلو نه ڪپيو سو نه ڪپيو. ڀڄڻ دؤران، ننڊ جي اثر ۾ هجڻ ڪري، گهڻو ئي سنڀالڻ باوجود ساڄو پير ڪلي سان اٽڪي پيو، توبهه زاري. پير وچڙندي گهڻو ئي پاڻ سنڀاليم پر سنڀالي نه سگهيس. ڀت ۾ لڳڻ سان مٿو ڦاٽي سگهيو پئي. منهن وڃائجي سگهيو پئي، ٻانهن به ڀڄي سگهي پئي، وڏي ڦڙتيءَ ۽ چستيءَ سان پاڻ بچائڻ لاءِ، ڀت ۾ لڳڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪامياب وئي، پر ڀت ۾ لڳڻ کان بچڻ لاءِ جنهن پاسي ڪِري پيس. اُتي ڌڪ ته نه لڳو هو، پر هزارين، احساس ضرور مجروح ٿيا هئا. انهيءَ کان ڀت ۾ لڳان ها، مٿو ٽوڙايان، يا ٻانهن ڀڃرايان ها، اهو ڀلو هو، ههڙي حالت ته ڪونه ٿي ها! اهڙي حالت جيڪا منهنجي وهم گمان ۾ به نه هئي، ڪلي ۾ وچڙي، ڀت کان پاڻ بچائڻ واري ڦڙتيءَ تي، غصو آيو. اهڙي چستي وڃي ٻَنِ پئي ها، مون سان اهڙي حالت ته نه ٿي ها. ڪلي ۾ وچڙي، ڀت ۾ لڳڻ کان پاڻُ بچائي، جنهن هنڌ وڃي ڪِريُس، سو هنڌ جيجل امڙ جي پياري مينهن جو واڙو هيو، مينهن، جنهن کي پاڙي جو ڪانڀو خان، پاٿاريدارن جو چمچو، پوليس جو چاپلوسي عيد محمد، عرف عيدو چورائي ويو هو. ڪالهه تائين چوڻ ايلاز ڪرڻ، باوجود، امڙ منهنجو چيو نه ڪيو هو، امڙ کي چيو هوم ”جيجل امڙ! اهو مينهن جو لڳل ڪلو ڪپي ڇڏ، ظالم مينهن کائي، ڳڙڪائي ويو، اها ڪڏهن به اوڳاڇجي ناهي ملڻي... تون ڪِلو ڪپي ڇڏ، ڪنهنجو پير وچڙي سگهي ٿو، ڪوئي ٿاٻڙجي، ڪري ڌڪ کائي سگهي ٿو“. منهنجو چوڻ، امڙ جون گاريون، لعنتون، ملامتون، پٽ ۽ پاراتا عيدوءَ لاءِ ته ٿيا، پر ڪلو ڪپجي نه سگهيو. ڪلي جي نه ڪپجڻ تي ڪوبه ڏک نه هو، پر ڏک انهيءَ ڳالهه جو هو ته، جيجل امڙ، پنهنجي چورائجي ويل مينهن جي ڇيڻن کي نشاني طور سنڀالي رکيو هو. سو اڄ مان ڪلي ۾ وچڙي، ڀت کان بچي، ڇيڻن جي انهيءَ ڍير تي ڪريو هوس. اڌ سينو، ٻئي ڪلها سڄي ڳچي ڇيڻن جي ڍير ۾ لهي وئي هئي، انهيءَ جو به ڪو غم نه هو، پر افسوس منهنجو مُنهن هاءِ، منهنجو منهن منهنجو سهڻو، سيبتو منهن ڇيڻن جي رِٻَ ۾ لڳي، پنهنجي شڪل وڃائي ويٺو هو، پوءِ به اهڙي حالت تي شڪر ڪيو هوم جو رڳو احساس مجروح ٿيا هئا، بي عزتي ٿي هئي، سا به ٿوري بي عزتي، گهڻي تڏهن سمجهان ها، جڏهن ڪو ملو هجان ها! شمن جو خيال ايندي ئي، در کڙڪڻ جو واقعو ياد اچي ويو، در وڄڻ بند ٿي چڪو هو، پر در ڀرسان گوڙ ٿيڻ جا وهم ۽ وسوسا جاڳي پيا، تڪڙ مان، ابتا، سبتا هٿ هڻي، منهن، مٿو صاف ڪري، در کان ٻاهر پهتس ته، مون وارو دلي دوست شمن خان، سڄي سماج جي هٿن ۾، چنبن ۾، ۽ گهيرن ۾ هيو. سماج جيڪو ڪجهه ڪري رهيو هو، سو ڏسڻ ۽ سهڻ وٽان نه هو، لُوهه ڀري، ساري سماج ۾ گہڙي پيس. سماج کي چيريندو، وڃي، انهن هٿن، انهن چنبن تائين پهتس، جيڪي شمن جي گريبان کي چاڪ ڪري، کيس ڇڪي ۽ ڌڪي رهيا هئا. مس، مس، سمجهائڻ ۽ تکو ڳاهائڻ کانپوءِ سارو سماج سڌيرو ٿيو، شمن خان آزاد ٿيو، مان وڌيڪ ڪنهن سوال جواب ڪرڻ، وضاحت ڪرڻ، معافي وٺڻ، دشمني ڪرڻ ۽ دڙڪي ڏيڻ بجاءِ، شمن کي ورتيون، لوهي در کولي، اندر هليو آيس، هلندي اڃان گهر اڱڻ تي پيل کٽن تائين به نه پهتو هوس، ته پويان شمن خان کلي ڏنو، ۽ کلندو رهيو. اهو ڏسي ۽ ٻڌي مونکي غصو آيو، ته ”جيڪر کلڻ وارو منهن ڀڃي وجهانس“. مونسان جيڪا حالت ٿي هئي، تنهن تي شمن کلي کيرو ٿيل هو. شمن خود ڀي ساڙيلي سماج هٿان بي حالتو ۽ بي عزتو ٿيل هيو. هن جي حالت مونکان به بدتر هئي.پنهنجيءَ کي وساري، مونکي ساري رهيو هو. پاڻ سنڀاليندي هڪل ڪئي مانس ”ڀلا ٿي شمو!... مونتي کلڻ کان اڳ، پنهنجي حالت به ڏس، ساڙيلي سماج، چيريو، ڦاڙيو ٿي يا ڪن ڪتن...“ پنهنجو طنزيه ڳالهائڻ، ڪٽي ڇڏيو هوم، ڇو جو منهنجي هڪل کان، آخري اُچار ڳالهائڻ تائين، منهنجين نظرن، شمن جي چهري جا ڪئي آيل، ويل رنگ ڏسي ورتا هئا. پاڻ کِلي ٻين کي کِلائيندڙ شمن خان! مُنهَن پڪائيءَ ۽ ڦڪائيءَ باوجود پاڻ سنڀالي نه سگهيو هو، روئي پيو هو. هن جو کلڻ، ۽ روئڻ گهڻن کي ماري ويندو هو. مونکي پڇتاءُ وڪوڙي ويو. سمجهي چڪو هوس ته ساڙيلي سماج هٿان سَٽجي، ڪٽجي، پنهنجو سور پي، منهنجي حالت تي کلي هُو مونکي کلائي، منهنجو من ريجهائڻ لڳو هو. منهنجا جذبا ۽ منهنجا احساس ڏکي، ملامت ڪرڻ لڳا. شمن خان کي سڃاڻي نه سگهيو هوس. لڄي ٿي، وڌي وڃي، پرچائڻ لڳو مانس ته ڪافي لمحن تائين، روئندو ۽ سڏڪا ڀريندو رهيو. پرک ٿي وئي ته ساڙيلو سماج ڪيڏو نه ظالم آهي، جنهن اڄ به ظلم ڪري، هڪ سادي، سلوڻي ۽ صاف دل معصوم کي ڪٽي، سٽي ناڙ ڪيو هو.
شمن هڪل ڪري چيو ”ڀلا ٿي ڇيڳرا! متان رُنو آن... روئنديون، رَنون آهن، نه ڪي مرد، مان پنهنجي حالت تي رُنو آهيان... ڪيڏو نه ساڙيلي سماج ظلم جو نشانو بنايو آهي....!“ مان حيران رهجي ويس. ٿورو اڳ هن جي حالت رحم جوڳي هئي، هو ڏکارو هيو، وري منهنجي ڏکاري ٿيڻ تي، پنهنجو پاڻ وساري مونکي کلائي رهيو هو. کل ۾ کيرو ٿي پيو، مان به کلندي بي حال ٿيس ته، هٿ ٻڌي چيومانس- ”شمن! خدا جي واسطي، هاڻي رحم ڪري کڻي بس به ڪر وڌيڪ نه کِلاءِ، مونکي پيٽ ۾ سور ٿو پوي“.
”سڪندر! ساڙيلي- سماج سور ڏئي رت ئي ساڙي ڇڏي آهي“.
شمن خان، ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ”سو انهيءَ رت جي پورتِ ڪرڻ لاءِ، ۽ رت وڌائڻ لاءِ، واحد ذريعو، کلڻ ۽ کلائڻ ئي آهي...“.
”پوءِ ڀلجان ساڙيلو سماج هر روز رت ساڙيندو رهي“ وچ ۾ ڪٽي وڌومانس ”اسان کلندا رهون ۽ رت وڌائيندا رهون... جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اها کِل به ختم ٿي وئي ته پوءِ..........؟!“
”سڪندر! خدا جو قسم آهي، جيستائين ساڙيلو سماج هوندو، تيسيتائين کلڻ، کلائڻ ڀي هوندو“ شمن بنان ساهيءَ جي ڳالهائيندو رهيو. ”اسان ساڙيلي سماج کان پاڻُ سٿرو، ڪونه هارائينداسون، کلندي کلائيندي هن کي جهڪائينداسون، يا جهڪائي، کلڻ تي مجبور ڪنداسون، يا رت روئڻ تي پهچائينداسون“.
”شمن! مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ظلم جي ايجاد ڪرڻ وارو، پاڻ ڪيترو نه ظالم ٿي گذريو هوندو“.
”رڳو ظالم! سفاڪ، بي رحم، ۽ پٿر دل به هوندو“ ڪٽي وڌو هئائين.
”ظلم جي ايجاد ڪندڙ جي صحيح ۽ مستند تاريخ نه آهي، پر منهنجي اندازي مطابق دنيا جو پهريون ظلم هابيل ۽ قابيل کان شروع ٿيو هو، جنهن ۾ هابيل هٿان قابيل جو قتل ٿيو هو ۽ پوءِ اهي ظلم جا سلسلا اڄ تائين جاري و ساري آهن“.
”شمن! ڀلا اهو ٻڌاءِ ته ظلم کي ڪائي شڪل ٿيندي آهي...؟“
”سڪندر! ڏاڍوڪو سادو آهين“ شمن کلي ڏنو هو. ”ڀاءُ! ظالم هر دؤر ۾ هر وقت هر هنڌ، پنهنجون شڪليون مٽايون آهن، پر ظلم جي شڪل و صورت هڪڙي ئي آهي. هن سدائين، هيڻي، بيوس، لاچار، مٿان ڪِرندي پنهنجو رنگ ۽ پنهنجو اثر ڏيکاريو آهي. جيئن اسان وٽ ڌارين آبادڪارين سبب، معاشي بدحالي، ڪلاشنڪوف ڪلچر، منشيات، بدامني ۽ لاقانونيت چوٽ چڙهيل آهي. ان کان وڌ ڇا توکي اڄ ڪلهه جي حالات ۽ واقعات ۾ ظلم جو اثر، ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. افغانستان ۽ عراق مٿان، آمريڪا پنهنجن ساٿين سميت ظلم جا پهاڙ ڪيرائي رهيو آهي....“. شمن چُپ ٿي ويو.
”شمن! تنهن جي معنيٰ تون وساري ويٺو آهين“ لفظن تي زور ڏئي، مقصد بيان ڪرڻ لڳس ”ارغوني، ترخاني ۽ تاتاري ظالمن کي، جن اسان وٽ ”گهوڙا، ڙي، گهوڙا“، ”جڏهن، ڪڏهن سنڌ ڙي، توکي قنڌاروءَ خطرو“ جهڙيون چوڻيون ڇڏيون، 16، 17 صدين واري ظلم جو حساب، ڪتاب، 21 صديءَ ۾ آمريڪا وارن ورتو- سٺو ٿيو...!!“
”ڀلا ٿي ڇيڳرا ڪنهن جاءِ جا، آئين نه پنهنجي اصليت تي!“ شمن هڪل ڏئي ٽوڪي وڌو ”پنهنجن سورن، پورن کي، دشمن جي سورن سان ميٽڻ وارا ڀي ظالمن ۾ شمار ٿيندا آهن“ شمن چند لمحا ٿڌا ساهه کنيا ۽ پوءِ ڳالهايو ”سڪندر! ظلم ڪٿي به ٿي ۽ ڪنهن تي به ٿئي، سو ظلم، ذات، پات، نسل ۽ سرحدن کان مٿيرو، انسانيت تي ئي ٿئي ٿو. ظالم وحشي ته ٿي سگهي ٿو، انسان نه! انسان ۽ انسانيت جي گهرج اها آهي ته ظالم کي ظالم ۽ مظلوم کي مظلوم ضرور چئجي...“.
ڳالهائيندي ڪٽيومانس ”ائين چئجي ته، اڄ افغان حمايتي ٿي آيو آهن...؟“
”سمجهي سگهين ٿو“ مختصر جواب ڏنائين.
”ته پوءِ لعنتي آهين“ ٺهه، پهه خطاب ڏنومانس ”پنهنجيءَ ڌرتيءَ مٿان ماضيءَ جا سمورا ظلم وساري ويٺين، جنهن دؤر جون آهون ۽ دانهون، تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به روئن ۽ رڙن ٿيون“.
چهري تي ناگواري تاثر اڀري آيا ته، ٿڌو ٿي ويو، پل کن رکي وري ڳالهايائين ”سڪندر! تون سمجهين نه ٿو ته مان ارغون، ترخان ۽ تاتارين کي صحيح نه ٿو چوان، غلط مان آمريڪا کي به چوان ٿو. ڳالهه آهي، ظالم جي ظلم جي- مظلوم جي سهپ جي... ڪالهه اسان مظلوم هئاسون، اڄ افغاني آهن ۽ بس...“.
مان به هار کائڻ وارن مان نه هئس، مقابلو ڪري، فاتح بڻجڻ وارن مان هوس ”شمن! مونکي تنهنجا نظريا سمجهه ۾ نه ٿا اچن، ڪجهه وقت اڳ، آمريت خلاف واويلا ٿي ڪيئه، هفتو اڳ، قومپرست بڻجي، ناڻي ۽ پاڻيءَ جي ورڇ متعلق باغي بڻيو رهين ۽ اڄ وري افغان حمايتي! تنهنجي فطرت، رجعت پرست ته نه ٿي پئي آهي؟“.
”اڙي ڇيڳرا! تون نه سڌرندين ۽ نه سمجهندين“ شمن جي ارادي ۾ پختي هئي. ”بابا! پوري دنيا جي پوري ڪنڊ ڪڙڇ جا مظلوم منهنجا پنهنجا آهن، انهن جي حمايت ڪرڻ، هر ساڃاهه وند جي نس، نس ۾ سمايل هوندي آهي. آمريت مخالف آهين، جمهوريت ئي انسانيت کي روح ۽ ظلم کي کي ٻنجو ڏئي ٿي. قوم پرست هوس، آهيان ۽ رهندس- پنهنجي ماروئڙن جي جائز حقن تي، ڳالهائڻ منهنجو فرض آهي، قومي ۽ ملڪي ليول کانپوءِ افغان مسئلو، انٽرنيشنل اِشو طور آهي، تڏهن اسان، پنهنجا مسئلا پاسي رکي، وڏي اِشو کي وٺون ٿا. وقت ۽ حالت ڦرندي، وري پنهنجا حق، پنهنجون ڳالهيون ٿينديون“.
”شمن! خدا جا بندا، هاڻي بس به ڪر“. تنگ ٿي جند ڇڏائڻ لاءِ چيم ”مون کي تڙ ڪرڻو آهي، تيستائين، تون ڀي پنهنجي حالت سڌارڻ جون تياريون ڪر،....“.
تڙ ڪرڻ لاءِ، قميص، گنجي، ۽ شلوار لاهي، انگوشو ٻڌي نلڪي کي گيڙا ڏئي، پاروٿو ۽ ٿڌو پاڻي ڪڍي، گرم پاڻي وهائي وهنجڻ لڳس، هو اندر ويو، اندران منهنجي ۽ پنهنجي لاءِ ٻه جوڙا ڪپڙن جا کڻي آيو، ڪپڙا استري ٿيل هئا، قميصون الڳ ڪري، ٻنهي شلوارن ۾ واري، واري سان اڳٺ وجهندي، اوچتو هن کي، نڇن ورايو، نڇن سان عجيب قسم جو آواز ڪڍندو رهيو. مان چپ رهيس، پر وري نڇون آيس، ساندهه ست نِڇون ڏنائين ته غصو وٺي ويو، پر ماٺ رهيس، هن وڌي منهنجي ڇيڻن ۾ ٿڦيل قميص جي پاسي واري کيسي ۾ هٿ وجهي رومال ڪڍيو ۽ عجيب آواز ڪري، نڇون ڏنائين ته رهڻ نه ٿيو، پڇيومانس ”ڇورا! خير ته آهي، رڳو ٿو رڙين... ڇيڳرا ڪجهه خيال ڪر، تنهنجا جراثيم وچڙي نقصان ڏئي سگهن ٿا،... ڪجهه خيال ڪر...“.
منهنجو ڳالهائڻ ڪٽيائين ”نڀاڳا! وڏو دهشتگرد ۽ ڇيڳرو ته تون آهين“. منهنجون حيرت ۽ غصي کان اکيون کلي ويون. هن وري ڳالهايو ”هونهه! پاڻ کي وڏو صفائي پسند ۽ سيبتو سمجهندو آهين، پاسي واري کيسي ۾ رومال بجاءِ جوراب رکيون ٿو گهمندو وتين... ٻڌاءِ اڃان ڇيڳرو ناهين...؟؟“ ان کان اڳ جو ڪو جواب ڏيان، يا ڳالهايان، شمن خان نڪري ويو ۽ هن جي هٿ مان اُڇلايل ويڙهيل، سيڙهيل جوراب، زمين تي ڪري ٽوڪي رهيو هو ۽ مان سمجهڻ کان قاصر هيس ته اهو جوراب منهنجي کيسي اندر ڪيئن آيو، جيڪڏهن آيو به ته پوري رات ۾ ٻه ٽي ڀيرا استعمال ڪرڻ سان مونکي سُڌِ ڇو نه پئي سگهي هئي.......!!؟؟
***