مهاڳ
انسان هر دور ۾ ان ڳالهه جو قائل رهيوآهي ته هو پنهنجي علم ۽ عقل جي بنيادن تي دنيا بدلائي سگهي ٿو، ڇو ته هن وٽ تخليقي سگهه آهي جيڪا سگهه پڻ کيس ٻين مخلوقات کان منفرد ڪري ٿي. انسان تخليقڪار آهي ان ڪري وٽس جڏهن علم جو حصول ڪجهه سرس ٿئي ٿو ته سندس عقل کيس تخليق سان روشناس ڪرائي ٿو ۽ جنهن کي اها ڳالهه، اهو فلسفو سمجهه ۾ اچي وڃي ته پوءِ هو تخليق جي دڳن جو مسافر بڻجي ٿو، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انهن دڳن جي مسافرن کي ڪو من چاهيو ماڳ به ملندو آهي؟ ڇو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جي سماج ۾ تخليق جيترا ڏنڀ ڏئي ٿي اوترا لاڀ نٿي ڏئي، پوءِ به ماڻهو تخليقڪار ڇوٿو بڻجي؟ اهو هڪ وڏو اهم سوال آهي جنهن جي جواب جي سڀني کي خبر به آهي ۽ هر ڪو اڻڄاڻ پڻ آهي. اسان جي سماج جو تمام وڏو الميو اهو به آهي ته هتي فنڪار ڀوڳي ٿو، فنڪارن ۾ وري ليکڪ ڪجهه سرس ٿو ڀوڳي، ليکڪن ۾ وري شاعر جون ڀوڳنائون ڪجھه وڌيڪ آهن ڇو ته شاعر نه صرف سماجي حالتن کي ڀوڳي ٿو پر هو پنهنجي ئي گروھ يعني شاعرن جي روين جي نٽهڻ اس ۾ به هر وقت سڙندو رهي ٿو. هڪڙو سوال اهو به آڏو اڀو ٿئي ٿو ته ان جي باوجود هڪ شاعر شاعري ڇوٿو ڪري؟ شايد انڪري جو شاعر پنهنجي اندر جي ڀڃ ڊاھ، محسوسات، جذبات ۽ خوشيءَ توڙي ڏک کي اظهارڻ جو هڪ خوبصورت دڳ ڳولي لهي ٿو، هڪ اهڙو پيچرو جيڪو نه صرف شاعر کي پنهنجي ان اڻانگي پنڌ جون تسڪين جي روپ ۾ سڦلتائون ارپي ٿو پر هو عام ماڻهن لاءِ پڻ روح جي راحت جي سامان جو وسيلو بڻجي ٿو. شاعري وسيلي ماڻهو پنهنجي من جي مانڌاڻ کي لفظن ۾ پروئي پڌرو ڪري ٿو، اندر ۾ اڀرندڙ جذبا جڏهن اٻڙڪا ڏئي ٻاهر اچن ٿا ته انهن کي لفظن جو روپ مليو پوي ٿو ۽ شاعري جهرڻن وانگر ڦٽڻ لڳي ٿي. واقعي به زندگي خواب جو ٻيو نانءُ آهي, اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪي ماڻهو جاڳندي به سپنا ڏسندا آهن. ننڊ ۾ ڏٺل خوابن کي ثبات ناهي هوندي، اک کلي ته خواب اڏامي ويندا آهن. هليا ويندا آهن، اسان کان پرانهان، ڄڻ اسان جا هئا ئي ڪين، پر جاڳ جا سپنا ڏسندڙن انسان عام ناهن هوندا انهن جا خواب تيستائين جيئرا رهندا جيستائين هن دنيا جو وجود آهي. اهڙن ماڻهن جا خواب ٻين ماڻهن لاءِ خواب ڏسڻ جو وسيلو بڻجي ويندا آهن. اسان جو دوست مهراڻ ڌامراهو پڻ اهڙن شاعرن منجهان آهي جنهن اهڙا ڪيترا ئي خواب ڏٺا آهن، پر هن پنهنجي خوابن لاءِ راهون ۽ انهن جا ماڳ پنهنجي سماج، پنهنجي ماڻهن جي من ۾ جهاتيون پائي ڳولي ورتا آهن، اوهان جي هٿن ۾ موجود ڪتاب ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ مهراڻ جي انهن خوابن جو مجموعو آهي جيڪي خواب ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي عشق مهراڻ کي ڏيکاريا آهن. ڪتاب جو ٽائيٽل مهراڻ جي هڪ غزل جي سِٽ آهي جيڪو غزل اڄ به سڄي سنڌ ۾ محبتن ۾ نارسايون ماڻيندڙ عاشقن جي زبان جو ترانو بڻيل آهي ۽ جيڪو مهراڻ جي سڃاڻپ ۽ مقبوليت جو ڪارڻ بڻيل آهي:
اوھان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوھان لاءِ پيار بي معني!
اسان ھاڻي ڇڏيو ڄاڻي اوھــان جي ســـار بي معني!
اکين ۾ لڙڪ ڦٿڪن ٿا، اسـان جو چين تڙپي ٿو،
سندءِ ڳالھيون ڪجن ڪنھن سان، ٿيواظھار بي معني!
اجايو ٿـو تڪين سھڻا وڇائي نيڻ راھن ۾،
اجائي سينڌ شرمايئه، اڱڻ ڇڻڪار بي معني!
قدر ناھي ھـتي ڪنھن کي جھونگارين ڇا ٿو صحرا ۾،
اجايو گيـت ڇيڙين ٿـو، اهي سر تار بي معني!
وفا ڪاڏي وئي آھي، پڇي ڪوئي نه ٿو ڪنھن کان،
دنيا ۾ ڪجھه رهيو نــاھي، سڄو سنسار بي معني!
ورھايون ٿا اسان ھتڙي، جفا جي موٽ ۾ “مھراڻ”،
لکن جـو پيـار ھو جيڪو، سو اڄ بيڪار بي معني!
مهراڻ جا اهي خواب سندس شاعريءَ جي ڪينواس تي مينهن رنگيءَ جي رنگن جيان نکري بيٺا آهن، انهن رنگن مان هر رنگ جي ڀر ۾ ڌرتيءَ جو رنگ به بيٺو آهي جنهن کي جڏهن به ڏسبو، سوچ جي آڱرين سان ڇهبو ته ان مان مٽيءَ جي خوشبو ايندي محسوس ٿيندي، اهو هڳاءُ پنهنجو پاڻ سان وٺي هلي ٿو انهن جهانن جا سير ڪرائڻ جيڪي جهان مهراڻ ڌامراهي پنهنجي شاعريءُ ۾ جوڙيا آهن، جيڪي نج پج هن جا پنهنجا آهن ۽ جن منجهان سنڌ جي چيڪي مٽيءَ جي خوشبو محسوس ڪري سگهجي ٿي.
مينهن وسن، مــــال چرن ، سنڌ ســـڄي ۾.
گل ٽڙن گاھ ڦـــٽن، سنڌ ســڄي ۾.
ساڳ، پليون، ڦوٽا ڦريون، ڪڻڪ ۽ ٻاجهر،
ماکي مکڻ، کير پيئن، سنڌ سڄي ۾.
مهراڻ پنهجي شاعريءَ اندر ڌرتيءَ جي رنگن کي نه صرف هئيتي ڪينواسن ۾ چٽي انهن کي جلا بخشي آهي پر هن اهي رنگ پنهنجي هستيءَ تي به رڱيا آهن، هن پنهنجي آتما سان گڏ پنهنجي وجود کي به انهن رنگن سان رڱيو آهي، جيڪا شاعريءَ جي ميدان تي سندس سوڀ ليکبي. مهراڻ جو هي شعر ڏسو جنهن ۾ هن فخريه انداز ۾ سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جي مهانتا کي هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ سان پيش ڪيو آهي:
سکڻو اجرڪُ نه چـهءُ،
سکــڻيِ ٽوپي نه چـهءُ،
ســنڌ ٿو پائي گھمان،
سنڌ ٿو ويڙھي گھمان.
اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جو ذڪر ته سنڌ جي شاعريءَ ۾ تمام گهڻو ٻڌو ۽ پڙهيو آهي پر انهن کي سنڌ سان تشبيه ڏئي پنهنجي وجود تي اوڍڻ واري ترڪيب بنهه نئين، منفرد ۽ دلفريب آهي. مهراڻ جي خوابن ۾ پنهان خواهشن ۾ پنهنجي امڙ سنڌ جي خوشحالي ۽ ان جي ويرين جي برباديءَ جون خواهشون پڻ عيان آهن.
ٿورو چپ ڪر خيال سوچيندا.
زندگـــيءَ جا سوال سوچيندا.
تو ڪئي خوب توکي بخشيو سين،
تـرس هاڻي بيحال سوچيندا.
جي چڙهي ويا عروج جون چوٽيون،
هاڻ تن لئه زوال سـوچيندا.
يا
جنھن سان منھنجو وير آ.
تنھن سان تنھنـجو خير آ.
تنهنجي چال ڏَسي پئي،
تنھنجي مـن ۾ مير آ.
مهراڻ جي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جي ڇولين جهڙا آواز آهن، اهي آواز شور ڪرڻ ۽ واڪا ڪرڻ بجاءِ اسان جي ڪنن ۾ سرگوشيون ڪندا اسان جي اندر ۾ لهي ٿا وڃن. پنهنجي اندر جي ڪيفيت ۽ معاشري سان سلهاڙيل خارجي ڪيفيتن جي گاڏڙ احوالن، انومانن ۽ الڪن سان ڀريل سندس آواز انتهائي متوازن انداز ۾ نه صرف سماجي اڻبرابريءَ جا اشارا ٿا ڏين پر براين جي نشاندهي به ڪن ٿا. ۽ عشق جي راهن تي نوان پير کڻندڙ نوجوان عاشقن کي زندگي، محبت ۽ جمالياتي حس جا هنر پڻ سيکارن ٿا.... ۽ ڏکن جي موسمن ۾ مايوس ٿيڻ بجاءِ اميدن ۽ حوصلي سان زندگي گهارڻ جا گُر سيکارن ٿا. تنهن کي پيار اڏي ٿو ٻيهر، جيون مان جو نراس هجي. عشق ۽ انقلاب مهراڻ جي شاعريءَ ۾ گڏ هلن ٿا...... ڄڻ هڪ نديءَ جا ٻه ڪنارا هجن، جتي هو محبوب جي رنج، رسامن، نازن نخرن جون ڳالهيون ڪري ٿو اتي ئي ڌرتي جي ڳالهه به ڪري ٿو...... ان کان علاوه وٽس خارجي ڪيفيتن سان ٽٻٽار خيال پڻ آهن ڇو ته هن جي نظر سماج جي ڪارنهوار تي به گهري آهي، هو سماج جي پيڙهيل طبقي جي به ڳالهه ڪري ٿو..... غريبن ۽ غربت جي ڳالهه به ڪري ٿو.......
زندگيءَ کي گيت سمجھي گنگناءِ.
درد پيا ايندا ۽ ويندا، دل نه لاءِ.
خيرآ جي ناھي ڪوئي ڀرجھلو،
نفرتن کي سيني لائي مسڪراءِ.
مهراڻ ڌامراهو نج پج سادي طبيعت جو مالڪ، سٻاجهڙو ۽ محبتي ماڻهو آهي، کيس هروڀرو منظر تي رهڻ جو شوق بنه ناهي، هو ته گمناميءَ ۾ رهي پنهنجي اندر جي اور کي شاعريءَ جو روپ ڏيندو رهيو آهي..... ۽ ڪاڳر تي اتاريندو رهيو آهي.... سندس ان گمناميءَ تي سوچي ذهن ۾ اهو خيال بارها تري ٿو اچي ته هُو اهو درويش صفت شاعر آهي جيڪو هونءَ ته هر وقت ماڻهن جي ميڙ ۾ رهي ٿو پر پنهنجي اندر ۾ ڏاڍو گوشانشين آهي، سندس فقرائي طبيعت جو ذڪر هن پنهنجي شاعريءَ اندر به انتهائي خوبصورت انداز ۾ اظهاريو آهي:
فقير آ، طبيعتن.
اسان جو من حقيقتن.
نه هاڻ بس رنجائجو،
چؤ نوَ ٿا نصيحتن.
سندس ان شاعريءَ واري گوشانشينيءَ کان بغاوت ڪري پاڻ هي ڪتاب ته عام آڏو آندو اٿائين پر ان ڪتاب ۾ موجود جاڳ جي سپنن کي اهي ماڳ، اهي ماڻهو ڪيئن، ڪيترا ۽ ڪٿي ٿا ملن....؟ ان ڳالهه جو فيصلو وقت ڪندو.... هتي مان سندس شاعريءَ جي سحر جون ڳالهيون ڪندي قصي کي اڳتي وٺي هلڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو:
، بحر ننڊ پـيو آ.
ٿي جاڳي ضعيفي، قھر ننڊ پيو آ.
ڪري ڪير قائل سگھيو آھي ڪنھن کي،
چپن تي اچي ڇو زھر ننڊ پيو آ.
جڏھن وار کولـيا اوھان پنھنجا ڪارا،
تڏھن کان گهٽا جو سحر ننڊ پيو آ.
مهراڻ ڌامراهي جي شاعريءَ اندر عشق جون سموريون منزلون موجود آهن، وٽس داخلي ڪيفيتن جو هڪ بي ڪنار سمنڊ آهي جنهن جو ڪو انت نه پار آهي. سندس هن ڪتاب ۾ موجود هي غزل اوهان سان ضرور ونڊ ڪرڻ چاهيندس جنهن ۾ مهراڻ جون اهي داخلي گهرايون ۽ خارجي اوچايون پسي سگهجن ٿيون جيڪي ڪنهن اٿاھ ساگر وٽ هونديون آهن ۽ ان ساگر مان ئي جنم وٺندڙ ڪڪرن کي نصيب ٿينديون آهن. شاعراڻي اسلوب سان سينگاريل مهراڻ جو هي گيڙو ويس غزل پڙهون ٿا:
مون ۾ به آ، جدا به آ.
محبوب آ، خدا به آ.
ڏِسجي نه ٿو هو روبرو،
ڏِسجي ته چؤڏسا به آ.
آ جُون جيئن تکو گهڻو،
۽ ڏاکڻي ھوا به آ.
منهنجي خطا به پاڻ هُو،
منصف به آ سزا به آ.
باعث بڻيو آ درد جو،
ها پر سندم دوا به آ.
مهراڻ جي هن عشقيه غزل کي گيڙو ويس غزل ان ڪري ڪوٺيو آهي جو ان کي تصوف جو به تڙڪو ڏنل آهي، ها تصوف جنهن کي مهراڻ رسمن، شعورن يا ضرورتن پنهنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي پر تصوف ته سندس ذات جو اهو پاڇائون آهي جيڪو هر وقت سندس وجود سان سلهاڙيل رهي ٿو. ڏيکاءَ واري تصوف کان گهڻو پراهون، پنهنجي ئي رنگ سان رڱيل، ڏات جيان سندس حصي ۾ آيل تصوف جو رنگ جيئن ڪڏهن ڪڏهن سندس ڳالهين ۽ عملن مان جهلڪندو رهندو آهي تيئن ئي سندس شاعريءَ منجهان به بي ساختا عيان ٿي بيهي ٿو ۽ هو خود ساخته لکي ويهي ٿو ته:
‘‘مھراڻ’’ جي طبيعت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.
ھن حال جي حقيقت، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.
بيحال ٿي ويا ھـو، منھنجي وئي پڄاڻان،
منھنجو ھجڻ غنيمت ، سمجھي نه ڪو سگھيو آ.
مهراڻ جي شاعريءَ جي ٻولي توڙي جو سادڙي آهي پر ان منجهه خيالن جي نواڻ ۽ نيون ترڪيبون بنهه وڻندڙ آهن، وٽس شاعراڻو اسلوب موجود آهي جنهن سبب ڪٿي ڪٿي ته سندس خيال ڇرڪايو ٿا ڇڏين. سندس هن شعر ۾ ڏسو ڪيڏي نه خوبصورت ۽ ڇرڪائيندڙ ترڪيب استعمال ڪئي اٿائين:
ھي ڪيڏو غضب جـــو نظارو ڏٺو سين،
گلن کي گلن سان پٽيندي رھي ھوءَ.
محبوبه جي هٿن کي گلن سان تشبيه ڏئي گلن سان گل پٽڻ واري ترڪيب ڪمال جي آهي، سندس ان شعر تي کيس داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. اهي ۽ اهڙيون ٻيون به کوڙ سارين ترڪيبن، تشبيهن ۽ استعارن سان مهراڻ جي شاعري سينگاري پئي آهي. سندس هن خيال کي ڏسو ڪيڏي نه نفاست آهي..... هي شعر ڄڻ ته مهراڻ جي طبيعت ۽ سندس اندر جي هوبهو عڪاسي ڪري رهيو آهي..... دنيا تارڪ ڪندڙ ماڻهو ڪي عام ماڻهو ناهن هوندا.... اهي ته پنهنجي اندر ۾ اهي درويش هوندا آهن جيڪي زماني جي رهزنيءَ تي ڪڙهي، پچي ۽ پڄري دنيا ئي ڇڏي ڏيندا آهن..... گوشانشيني اختيار ڪري وٺندا آهن..... يا وري الفي پائي صوفي يا جوڳي بڻجي ويندا آهن......
گم ٿي ويو ھان گھر ۾ ھوندي.
تنھنجي گھر جي ڀر ۾ ھوندي.
پوءِ به ڇا لئه اڃ مرون ٿا!
پنھنجون پاڙون جر ۾ ھوندي.
الائي ڇو هر شاعر جي مقدر ۾ رولاڪي به هوندي آهي، هڪ شاعر هجي، مٿان وري عشق جو نزول ٿئي ته پوءِ لطيف سرڪار جي هن بيت جي ڪيفيت جو طاري ٿيڻ ته اوس ٿي وڃي ٿو:
جاءِ نه سڄو ڏينهن،هينئڙو اوٺي وڳ جيئن،
مون پريان سين نينهن،ڇنڻ ڪارڻ نه ڪيو.
ايئن ئي مهراڻ پڻ جيئن پنهنجو پاڻ کي رولاڪين کان بچائي ناهي سگهيو تيئن سندس اندر جو عاشق شاعر به ڪيترا ئي داخلي جهان جهاڳي اچي کيس هنن خيالن جون مالهائون پارائي ٿو:
وکريل ماڻھو ڳولي ڇا ڇا؟
وڇڙيل ماڻھو ڳولي ڇا ڇا؟
سمنڊ آ، ڪائي ڍنڍ ته ناھي،
ڀٽڪيل مـاڻھو ڳولھي ڇا ڇا؟
ڪنهن جي وصال جي خواهش، پاڻ پتوڙڻ، جهنگ جهاڳڻ ، الفي پائي رولاڪيون ڪرڻ ۽ دنيا تياڳڻ تي مجبور ڪري ٿي.... تڏهن ڪنهن موڙ تي دل مان ويڻ به نڪري اچن ٿا.... بي اختيار چئي ڏجي ٿو ته:
مڃو ڪين ٿا پر پڪا ٿي ويا ھو.
اچڻ ۽ وڃڻ کان جھڪا ٿي ويا ھو.
مڙئي بس کلو ٿا، مڙئي بس ملو ٿا،
سچي جي پڇو ٿا، رکا ٿي ويا ھو.
کليا سين، رناسين، نه ماڻا نه منٿون،
ملڻ کان اڳي ئي جدا ٿي ويا ھو.
ذاتي وارتائون هجن يا اجتماعي مسئلا... مهراڻ جي دردشناسي هر حوالي کان نروار بيٺي آهي....هو پنهنجي شاعريءَ اندر جديد خيالن ۽ نئين اسلوب کان واقف آهي.... سندس ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ مون ڄاتو آهي ته مهراڻ ۾ هڪ اهڙي انفراديت ضرور آهي جيڪا پنهنجي سڃاڻپ جي لاءِ وقت جي آويءَ مان پچي راس ٿي نڪرڻ جو حوصلو رکي ٿي:
مون کي پٺتي ڇڏي کلڻ وارا،
مون کي پرواز باز جي آهي.
توکي ڏيکاءَ تي ڀروسو آ،
مونکي محبت ۾ راز جي آهي.
مهراڻ جي شاعريءَ جي هن پهرئين پورهيي ۾ موجود سندس خوبصورت غزلن جو ساٿ سندس ڪجهه وايون به ڏئي رهيون آهن. مهراڻ جي واين جي سادگي بذات خود پنهنجي اندر خوبصورتين جا نوان جهان جوڙيون بيٺي آهي. سندس واين جو مزاج نج پج رومانوي آهي ۽ منجهن خيال قدرِ سادا پر وڻندڙ ۽ پر اثر آهن. واين ۾ موسيقيت به موجود آهي ته شاعراڻو تاثر پڻ خوب سمايل آهي:
روشنين جي پٺيان،
رات ڀر شھر ۾،
ڪير رلندو رھيو.
ناوَ ساڙي ڪٿي،
ھيڏي ھن بحر ۾،
ڪير رلندو رھيو.
مهراڻ ڌامراهي جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ دوران جڏهن سندس شاعريءَ کي مختلف رخن کي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون کي سندس شاعريءَ ۾ عوامي رنگ ۾ اظهاريل رومانوي خيال بار بار اهو سوچڻ تي مجبور ڪري رهي هئا ته مهراڻ وٽ جيڪو رومانوي تصور آهي ان جو انداز ٺيٺ سنڌي آهي، اسان جو پنهنجو آهي. هن وٽ پنهنجي جذبن ۽ اندر جي اور اورڻ جو شاعراڻو فن آهي جيڪو سندس پيغام کي عام ماڻهوءَ تائين به سولائيءَ سان پهچائڻ ۽ سمجهڻ ۾ انتهائي ڪارائتو آهي. مهراڻ جي شاعري رومانس جي دائري اندر ته گردش ڪري ئي ٿي پر وٽس نراسائي، لاحاصل، ويراڳ جا وڍ، هجر، درد ۽ محبتن جي پيڙائن جا احساس سندس سمورن احساسن تي ڀاري نظر اچن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ شاھ لطيف ڀٽائيءَ جي سُر ‘‘رپ’’ وارو درد به آهي ته سُر ‘‘سامونڊيءَ’’ واري وڇوڙي جا اولڙا ۽ ايذائيندڙ احساس پڻ موجود آهن. دعا آهي ته سندس تخليق جو هي سلسلو اڳتي اڃان به اڳتي وڌندو هلندو، سندس شاعريءَ جي ۽ پيار جي هن پهرئين پورهيي جي عام آڏو اچڻ کان پوءِ پنهنجون ٻيون تخليقون به پڌريون ڪري عام آڏو رکڻ ۾ ايتري دير نه ڪندو جيتري دير هن پنهنجي پهريٽي ڪتاب ڇپائڻ ۾ ڪئي آهي. مان پنهنجي هن مهاڳ جي پڄاڻي مهراڻ جي هڪ اهڙي ئي تاثر ڇڏيندڙ شعر تي ڪندس:
الائي ته هُن در بنديو هو سنجهي سان،
الائي اسان ئي اويلا ھياسين؟
علي زاهد