شاعري

اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو

مهراڻ ڌامراهو جي شاعريءَ ۾ سادگي، سچائي ۽ زميني صحيفن جا اهڃاڻ جابجا جهلڪندي نظر اچن ٿا، سندس شاعريءَ ۾ انفراديت جا رنگ ان ڪري به نمايان محسوس ٿيندا جو مهراڻ لفاظيءَ جي پاڇي کان پرڀرو ٿي پنهنجو رستو جوڙي بغير هام جي مسلسل لکندو رهي ٿو. ”اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو“ مهراڻ جي انهن خوابن جو مجموعو آهي جيڪي خواب ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي عشق مهراڻ کي ڏيکاريا آهن.

Title Cover of book Awhan Chha Pyar maan JHanou

پنهنجي پاران

شروعاتي دور ۾ مونکي ياد آ ته مان شاعري لکي ڦاڙي ڇڏيندو هيس چوندو هيس ته مان وري ڪهڙو شاعر ٿيندس سنڌ ۾ شاعر کوڙ آهن. پر اندر ۾ لڪل جڏڙو شاعر هميشه ڪجهه نه ڪجهه لکڻ لاءِ مجبور ڪندو رهندو هو، ياد آ مان اڪثر وڏن ۽ سٺن شاعرن ( اياز گل، مختيار ملڪ، سعيد ميمڻ ۽ ٻيا ڪافي دوست شاعر) کي پڙهي دل ۾ چوندو هيس ته يار مهراڻ شاعري ته هن کي چئبو آهي باقي تون ته الائي ڇا پيو لکين...! پر دل جهلي ڪچو پڪو لکندو رهيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن دوست کي ٻڌائيندو ڀي رهندو هيس، منهنجيءَ شاعريءَ جو سفر بس ايئن شروع ٿيو.
هڪ پاسي اگر مان پنهنجي زندگيءَ جو مشاهدو ڪيان ته ايئن لڳندو ته مان هميشه ڄڻ ته خوشين جي بارڊر تي هن پار بيٺل ڪو سڪڻو ٻار هجان، جيڪو اسٽيل جي نوڪدار تارن جي پويان بيهي خوشين ۽ مستين کي حسرتن جي نگاهن سان ڏسندو هجي ۽ پوءِ شام ٿي ويندي هجي ۽ غم جو سج پنهنجي ئي وجود اندرلهندي محسوس ڪندو هجان...
هميشه پيار، سڪ ۽ پنهنجائپ ڄڻ ته اڌوري اڌوري ملي، اسان جهول ڀري پيار ورهايو سي پر موٽ ۾ نراسائي نصيب ٿي. ڪافي سالن کانپوءِ واقعيءَ ۾ ڪجهه دوست اهڙا مليا جن مهراڻ کي پرکڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهن جي پرک ۽ پيار جي ڪري مان سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان، خوشيءَ ۽ تشڪر جي ابدي ڪيفيت ۾ آهيان ته مان ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهيان. انهن سڀني دوستن جا لک قرب جن مون کي نه رڳو ميڙڻ ۾ مدد ڪئي پر ڀري ٻڌائي ماڳ به رسايو.
ٻي پاسي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ڪندو آهيان ته منهنجو ڪو به وجود ناهي مان ڄڻ آهيان ئي نه... توڙي جي اهو احساس ڪجهه پل هلندو آ پر ساهه ڪڍي وجهندو آهي.حقيقت ۾ مان هاڻي ڄاڻي ورتو آ ته اها ڪيفيت ئي آهي جيڪا هڪ شاعر کي شاعر بڻائي ٿي ، شاعر جي اندر جي ڀڃ ڊاهه جو رد عمل شاعري آهي ۽ منهنجي اندر هميشه اهڙي قسم جي ڀڃ ڊاهه ٿيندي رهندي آهي. مون کي گلزار جي هيءَ سٽ ڏاڍي وڻندي آهي “ کتنے امن سے ميں، اپنے گھر میں اداس رہتا هوں) مان به پنهنجي اندر جي اڪيلائي ۾ ڏاڍو امن پسند انسان رهيو آهيان.
ادبي يا عام گروهه بنديءَ واريءَ بيماريءَ کان هميشه شفا گهرندو رهيو آهيان دل نه چوندي آ ته جنهن دوست کي ڪجهه پل اڳ پيار ۽ پاٻوهه سان مليو هجان ۽ هن پل ان مان ويهي عيب ڪڍان، ٻيو ڪوئي ان جي باري ۾ ذاتي راءِ رکي طنز يا ٺٺول ڪري مان ڀي ان سان همنوا ٿي پوان، نه بابا ڪڏهن به نه.
سڀني دوستن سان دل سان محبت ڪندو رهندو آهيان ڀلي ڪو گهٽ ڀائيندو آ پر منهنجو پيار گهٽ ناهي ٿيندو. مان سڀني انهن دوستن کي هٿ ٻڌي عرض ڪندس ته يار مون سان رنج نه رهجو، مان ڪڏهن به پاڻ کي وڏو شاعر ياوڏو ماڻهو نه سڏيو آ، وڏا شاعر به اوهان آهيو سڀ لقب به اوهان کي، مان تمام ننڍڙو انسان ۽ بنهه ننڍڙو شاعر آهيان ۽ پاڻ کان ننڍڙن سان ساڙ نه بلڪه پيار ڪبو آ. زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي مهراڻ اوهان کي ڪڏهن به وڏائيءَ ۽ تڪبر ۾ مبتلا نظر ايندي نه ايندو. ادب جو سمنڊ تمام اونهو ۽ وشال آ، ان ۾ مهراڻ هڪ بوند جي هڪ حصي جيترو به ناهي.
علم ۽ ادب سان جيڪي دوست واڳيل آهن اهي گهڻو ڪري استاد، ريڊيو يا ڪنهن سماجي پيشي يا ڪجهه دوست سياسي تنظيمن سان تعلق رکن ٿا مان آفيس ۽ گهر جي حدن تائين محدود رهندڙ ماڻهو آهيان پوءِ جڏهن ڀي وڏن شاعرن ۽ اديبن جي پروگرامن ۾ ويندو آهيان ته دل زور سان ڌڙڪڻ ۽ ڄنگهون ڏڪڻ لڳنديو آهن زوريءَ دل کي دهمان ڪري ڪنهن مشاعري يا پروگرام ۾ بيهاري سگهندو آهيان پر اگر جي ڪنهن ڪجهه لفظ ڳالهائڻ جي لاءِ چيو ته سمجهه ماري وڌائين، مان نثر جو ڏاڍو ڪچو آهيان. لفظ ڀرسان اچي لال ڦيري ڏئي الائي ڪاڏي گم ٿي ويندا آهن هٿ ئي نه ايندا آهن جو پڪڙي زبان جي ور چاڙهي ڪجهه ڳالهائي سگهان مطلب ته مونکي ڳالهائڻ جو هنر نه ايندو آ. جيئن ڪافي دوست ڳالهائڻ جا اهڙا ڀڙ جو جيئن الفاظ انهن جي آڏو ٻانهون ٻڌي جهڙوڪ قطار ٺاهي بيٺا رهن ته اسان کي ڳالهاءِ، شال اهڙا دوست هميشه جڙيا رهن.
پنهنجي پاران لکندو هلان، پنهنجي شريڪ حيات جو ذڪر نه ڪيان ته نا انصافي ٿيندي، شاهده منهنجي سؤٽ آهي گرلس ڪاليج ۾ باٽني جي پروفيسر آهي ،اسان جي شادي ارينج ميرج هئي پر هاڻي لو ميرج بڻجي وئي آهي، شروعاتي ڏينهن کان شاهده کي پيار منجهان اڃان تائين آنءُ شاهه ئي ڪوٺيندو آهيان جيڪا بي سوچ ۾ عام عورتن جهڙي هئي پر هن (مهراڻ) کي جلد سمجهي ۽ پرکي ورتو ۽ منهنجي ايترو خيال رکيائين جو ڪڏهن ڪڏهن ڪوئي ڪاليج ۾ پڇندو هيس ته توهان کي گهڻا ٻار آهن ته هوءَ چوندي هئي ته مون کي پنج ٻار آهن چار پٽ پنجون منهنجو مڙس. منهنجو هميشه اهو اصول رهيو آهي ته زندگي ننڍ وڏائي جي بنياد تي نه پر understanding جي بنياد تي گذاريو.
جنهن سان اوهان محبت ڪيو ٿا ان کي واڪا ڪري وڏي آواز ۾ ٻڌايو ته مان توهان سان محبت ڪندو آهيان، هميشه پيار جي احساس ۾ رهو. مان به ايئن ڪندو آهيان جنهن سان پيار ڪندو آهيان ان کي ڏاڍو دل سان ۽ کليل انداز سان اظهاريندو آهيان. مان ‘‘شاه’’ جي ڏنل پيار جو نهايت دلي ٿورائتو آهيان هوءَ نه هجي ها ته شايد هي مهراڻ مڪمل نه هجي ها. مان دل جي حضور سان سندس جو احسان مند آهيان. منهنجا سٻاجهڙا پٽ زين، جواد، احسن ۽ علي مصطفى هميشه منهنجي آٿت ۽ طاقت بڻيارهيا آهن.
عمر جي هن حصي ۾ سوين اهڙا سٺا دوست آهن جن جي لاءِ هميشه سڪ زور ڪري اظهارڻ جي لاءِ سٽُون ڏيندي آهي، مان ڪنهن جا نالا کڻي نالا کڻان هر دوست املهه ۽ مانائتو آ.
مان تهه دل سان ٿورائتو آهيان سنڌ جي ڀلوڙ شاعر پياري علي زاهد جو جنهن نه رڳو ههڙو سهڻو مهاڳ لکي ڏنو پر منهنجيءَ ٽٽل ڦٽل شاعريءَ کي حجت ڪري گهڙي جڙي نکاري ڇڏيو. مان انهن سڀني دوستن، پڙهندڙن، ٻڌندڙن جو نهايت تهه دل سان شڪرگذار آهيان جن مون کي ايڏو پيار ڏنو جو مان اڄ ان لائق ٿيو آهيان جو پنهنجو ڪتاب آڻي رهيو آهيان.
مان بنيادي طور تي ڏاڍي سادي طبيعت جو انسان آهيان ننڍين ننڍين ڳالهين تي به ايترو خوش ٿي ويندو آهيان جو سمجهندو آهيان ته جڳ جهان منهنجي جهول ۾ اچي ويو آهي ڪتاب جي ڇپجڻ جي خوشي ته تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي .
خالد ۽ ساجد چانڊئي ٻنهي ڀائرن جا لک ٿورا جن نه رڳو مونکي برداشت ڪيو پر منهنجيءَ شاعريءَ ۾ رهنمائي ڪندا رهيا.
پبلشر دوست ساجد سنڌيءَ جا لک قرب جيڪو منهنجي حال تي هليو. پياري دوست روشن علي ٻگهيو جا به لک قرب جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي ڪتاب جي لاءِ ٻه لفظ لکيا، ڀائو روشن جو طرز زندگي ڏاڍو مصروف آ هن جي نوڪري ئي اهڙي نوعيت جي آ پر پوءِ ڀي لک شابس هجيس جو مونکي سنڀالي ياد ڪندو آ.سهڻي شاعر شهمير سومرو جا به قرب جنهن ٻه لفظ لکي ڏنا. سنڌ جي سهڻي ۽ ورسٽائيل آرٽسٽ نظير شيخ جا لک قرب جنهن منهنجي ڪتاب جي لاءِ اهڙو سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو.
ڀائو اياز گل جيڪو منهنجو نه رڳو محسن آ پر منهنجي شعور جي پهرين جهاتِ جو روشن سج ۽ منهنجي اتساه جي علامت پڻ آهي،اياز گل اهو شاعر آ جن کي پڙهي اسان لکڻ سکيو سي . تنهن جا به ڪروڙين قرب جنهن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. ڀائو اياز گل منهنجي زندگيءَ جي انهن ماڻهن مان آهي جن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ لاءِ دل سڪندي رهندي آهي.تمام ٿورا سينيئر شاعر هوندا جيڪي نون شاعرن کي اتساهيندا ۽ همٿائيندا آهن انهن مان اياز گل ڀي نمايان آهي.
آخر ۾ دوستن ۽ پڙهندڙن کي عرض رکندس ته اگر اهي مهراڻ کي محبت جي اک سان پڙهندا ۽ پرکيندا ته مهراڻ دل ۾ سانڍي رکڻ جهڙو آ، اگر سرسري اک سان پرکيندا ته مهراڻ ڪجهه ڀي ناهي.
اسان جي زندگي ائين اسان جي بندگي ائين
مليو ڪو سک خوشي مليو جي ڏک قبوليو


ساٿ سلامت
مهراڻ ڌامراهو
03337542836