مصنف جو مهاڳ
پنهنجي زندگيء جا يارنهن سال مون علم ڪيميا پڙهيو. ڌاتُن کي سون ۾ تبديل ڪرڻ، يا آبِ حيات جي ڳولا وارو خيال هڪ اهڙي شخص لاء دلچسپيء جو سبب بڻيو جنهن زندگيء ۾ پهريون ڀيرو پنهنجي آمهون سامهون اهي ڪرامتون ٿيندي ڏٺيون هجن.
آءٌ اهو باسيان ٿو ته جنهن شيء مونکي پاڻ ڏانهن گھڻو ڇِڪيو اها آبِ حيات هئي. اڳ ۾ خدا پاڪ جي موجودگيء جو صرف ٻڌو هئم ۽ محسوس به ڪيو هئم، پر هڪ نه هڪ ڏينهن هر شيء کي ختم ٿيڻو آهي، ان ڳالهه مونکي تمام گھڻو نراس ڪري ڇڏيو هو. تنهنڪري جڏهن اهو ٻُڌم ته هڪ اهڙي پاڻياٺي شيء جو وجود آهي، ۽ انکي حاصل ڪرڻ ممڪن آهي جيڪا ڪيترن ئي سالن تائين ڄمار وڌائي سگھي ٿي، ته مون پنهنجو تَن مَن ان شيء کي حاصل ڪرڻ لاء اَرپي ڇڏيو.
سَتَر عيسويء واري ڏهاڪي جي شروعات ۾، جڏهن هڪ وڏو سماجي انقلاب آيل هو، تنهن وقت برازيل ۾ علم ڪيميا جي ميدان ۾ ڪو ڳنڀيرتا وارو ڪم نه ٿي ڇپيو. تنهنڪري هن ڪتاب جي ٻن ڪردارن وانگي مون وٽ به جيڪي ٿورا گھڻا ڏوڪڙ هئا تن مان ٻاهران جا مهانگا ڪتاب وٺڻ شروع ڪيم، ۽ ڏهاڙي ڳچ وقت انهن ۾ موجود مُنجھيل نشانين کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. رِيَو ڊِي جنيرو ۾ ان حڪمت واري ڪم ۾ ڳنڀيرتا سان ڪم ڪندڙ ٻن شخصن جا پيرا وٺندو وڃي وٽن پُهتُس، پر انهن مونسان ملڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. آءٌ ٻين به ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان مليس جن پاڻ کي ڪيمانگر ٿي سڏرايو، جن وٽ پنهنجيون ذاتي تجريبيگاهون پڻ هيون، تن چڱي ڀلي معاوضي جي عيوض مونکي ان فَنَ جا ڳُجھ سيکارڻ جا واعدا پڻ ڪيا. پر اڄ آءٌ اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته کين ان بابت ڪا به ڄاڻ نه هئي جنهن جي سيکارڻ جو هو ڍونگ ڪري رهيا هئا.
منهنجون سڀ ڪوششون اَجايو ويون ۽ مونکي ڪجھ به نه وَريو. انهن مان ڪا به شيء جيڪا هنن مونکي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، علم ڪيميا جي ڪنهن به ڪتاب ۾ ڇپيل نه هئي. اهي ڪتاب تمام ڏُکي ٻوليء ۾ لکيل هئا، ۽ اجگر جانورن، شينهن، سج، چنڊ ۽ پاري جهڙين ڳُجھين نشانين سان ڀريل هئا. انهن عجيب و غريب نشانين مونکي اهڙي بي يقيني ۾ وجھي ڇڏيو جو مونکي اهو محسوس ٿيو ته آءٌ غلط رستي تي هلي رهيو آهيان. 1973 عيسويء ڌاري پنهنجي ناڪاميء کان مايوس ٿي مون هڪ انتهائي غير ذميواريء وارو قدم کنيو. ان وقت آءٌ هڪ سرڪاري ملازم جي طور تي ناٽڪن جي بابت پڙهائيندو هئس. ان وقت مون پنهنجي شاگردن کي زمرد جي تخطيء جي حوالي سان ڪجھ مشقون ڪرائڻ شروع ڪري ڏنيون.
اُن عمل ۽ اُن سان گڏوگڏ جادوگريء جي اُونداهي دنيا ۾ داخل ٿيڻ جهڙن تجربن “جيڪي پوکيندئو سو ئي لُڻندئو” واري پهاڪي جيان منهنجي سموري زندگيء کي پِيڙائن جي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ ايندڙ ڇَهه سال مون پاڻ کي اهڙي قسم جي ڳُجھن مشاهدن کان ڏُور رکيو. اُن روحاني پَرَواسيء جي دوران مون گھڻو ڪجھ سکيو؛ مثال طور اها ڳالهه ته، اسين سچائيء کي پهريان مڪمل طور تي ٿُڏڻ کانپوء ئي تسليم ڪندا آهيون؛ ۽ اهو به سکيو ته اسانکي ڪڏهن به پنهنجي تقدير کان ڀَڄڻ نه گُهرجي؛ ۽ اهو به ته خدا پاڪ جو وٺُ ڏاڍو سخت به آهي ته هو نهايت ٻاجھارو به آهي.
1981ع ڌاري آءٌ رَيم ( قديمي اُندلس جي جادوگرن جي هڪ مَنڊليء (RAM: regnum, agnus, mundi) ۾ پنهنجي هڪ اُستاد سان مليُس، جنهن مونکي سڌي رستي تي آندو. اهو رستو جنهن تي مونکي سفر ڪرڻو هو. جيئن ئي هُن مونکي پنهنجي اعتقادن سان متعارف ڪرايو ته آءٌ پنهنجي سِر پاڻ علم ڪيميا پڙهڻ لاء نِڪري پيُس. هڪ رات خيالن جي ڊِگھي ڏي وٺ کانپوء مون کانئس پُڇيو ته ڪيمانگرَ هميشه اهڙي مُبهم ٻولي استعمال ڇو ڪندا آهن؟
منهنجي اُستاد وراڻيو، “ڪيمانگرَ ٽن قسمن جا ٿين ٿا؛ هڪڙا اُهي جيڪي مبهم انڪري ٿين ٿا جو کين خبر ئي نه هوندي آهي ته هو ڇا پيا ڪن؛ ٻيا اُهي جيڪي مبهم انڪري ٿين ٿا جو کين اها خبر هوندي آهي ته هو ڇا پيا ڪن، ۽ کين اها به خبر هوندي آهي ته علم ڪيميا جي ٻولي دماغ سان نه پر دل سان مخاطب ڪندي آهي.”
“ ۽ ٽيون قسم ڪهڙو آهي؟” اُستاد کان پڇيومانس.
“ ٽئين قسم جا ڪيمانگرَ اُهي آهن جن ڪڏهن به علم ڪيميا جي بابت ٻُڌو ئي ناهي، پر پوء به هو پنهنجي حياتيء ۾ پارس جو پٿر ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا.”
۽ اهڙي نموني، منهنجو اُستاد جيڪو ٻئي قسم جي ڪيمانگرَن مان هو، مونکي علم ڪيميا پڙهائڻ لاء راضي ٿي ويو.
ان دوران مون اهو دريافت ڪيو ته، جنهن نشانين واري ٻوليء کان آءٌ سدائين منجھيل ۽ ڪَڪ ٿي رهيس سا دنيا جي روح تائين پهچڻ جو واحد رستو هئي، جنهن کي ڪارل گستاو يُونگ (سوئزرلينڊ جو رهواسي نفسيات جو ماهر) “مجموعي لاشعوري عمل” ڪوٺيو هو. مون خدا جي ذات جي عظمت ۽ سندس نشانين ۽ اهڙين حقيقتن کي پڻ دريافت ڪيو جن جي سادگيء جي سبب منهنجي ادنى دماغ انهن کي تسليم نه ٿي ڪيو. مون اهو پڻ دريافت ڪيو ته پارس پٿر ۽ آبِ حيات کي حاصل ڪرڻ وارو حڪمت جو ڪم صرف ڪجھ ماڻهو نه پر هر انسان ڪري سگھي ٿو. ائين به ناهي ته سدائين ان حڪمت واري ڪم سان اسانکي پارس جو پٿر ۽ آبِ حيات ملي سگھي. پر اُن کان بغير به هر ڪو پنهنجي وهم جي پاڇن کا پَرڀرو ٿي دنيا جي روح ۾ داخل ٿي سگھي ٿو.
اهو ئي سبب آهي جو ‘ڪيمانگر’ پڻ هڪ خيالي لفظ آهي. هن ڪتاب ۾ هر اها شيء جيڪا مون سکي اها پڙهندڙن تائين پهچائي آهي. مون اهڙن عظيم ليکڪن کي پڻ ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جن ڪائنات جي ٻوليء کي سمجھڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هيمنگوَي، بليئڪ، بورگس (جنهن پنهنجي هڪ مختصر آکاڻيء ۾ فارسي تواريخ جو پڻ استعمال ڪيو آهي)، مالبا، تاهن پڻ شامل آهن.
هن ڊگھي مهاڳ جي پُڄاڻي ڪرڻ لاء ۽ ٽئين قسم جي ڪيمانگرن جي بابت ڏنل منهنجي اُستاد جي سمجھاڻي کي بيان ڪرڻ لاء هڪ قصو هت بيان ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان جيڪو هُن مونکي پنهنجي تجريبيگاهه ۾ ٻڌايو هو. اهو قصو ڪجھ هن ريت آهي، “ بيبي مريمؑ سندس جھوليء ۾ ننڍڙي عيسىؑ سان گڏ زمين تي لهي هڪ خانقاهه گُھمڻ جو رِٿيو. اُتي موجود راهبَ انتهائي احترام سان بيبيء کي ڀيٽا ڏيڻ لاء قطار ۾ بيٺا. واري واري سان بيبيء جي آڏو اچي ڪنهن کيس عمده شاعري ٿي ٻڌائي، ته ڪنهن وري توريت ۾ موجود مضمونن تي ٺاهيل پنهنجي چترڪاريء جا نمونا پيش ڪيا، هڪ وري مڙني درويشن جا نالا ورجايا. هڪ پٺيان ٻئي ٻائي بيبي مريمؑ ۽ ننڍڙي عيسىؑ جي شان ۾ سندن واکاڻ ڪئي.
“انهن مڙني مان آخري راهب پوري خانقاهه ۾ نماڻو ٿي لڳو. جنهن ڪڏهن به ڪنهن به قسم جا ڪتاب نه پڙهيا هئا. سندس مائٽ به سادا ماڻهو هئا، ۽ پنهنجو گُذر سفر ڪرڻ لاء هو ميڙاڪن ۾ ڪرتب ڏيکاريندا هئا. هنن پنهنجي پُٽ کي صرف هوا ۾ بال اُڇلائڻ وارو ڪرتب ئي سيکاريو هو.
جڏهن سندس وارو آيو، ته مڙني ان ڀيٽا ڏيڻ واري سلسلي جي پُڄاڻي ڪرڻ لاء سوچيو. ڇاڪاڻ جو هو آخري راهب جيڪو صرف هڪ مداري هو، وٽس پيش ڪرڻ لاء يا چوڻ لاء ڪجھ به نه هو، جنهن سان خانقاهه جي ساک تي بُرو اثر پڻ پئجي ٿي سگھيو. پر هن ته دل جي گهراين سان عيسىؑ ۽ بيبي مريمؑ کي ڪجھ نه ڪجھ پيش ڪرڻ چاهيو ٿي.
هو شرمسارهو ۽ ساڻس گڏ ٻائن جون نظرون مٿس هيون، هن پنهنجي ٿيلهَي مان ڪجھ نارنگيون ڪڍي هوا ۾ اُڇلائي ڪرتب ڏيکارڻ شروع ڪيو، ۽ معذرت سان اهو پڻ چيائين ته وٽس ان ڪرتب ڏيکارڻ کانسواء ٻيو ڪجھ ناهي.
“ اهو ڪرتب ڏسي، ننڍڙو عيسىؑ جيڪو بيبيء جي ڪڇ ۾ ويٺو هو، مُرڪيو ۽ خوشيء منجھان تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيائين. تنهن کانپوء بيبيء کيس ننڍڙي عيسىؑ کي کڻڻ جي سعادت نصيب ڪئي.