ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

زندگيون بدلائيندڙ ڪتاب ۽ سنڌي ترجمو

ڪُجهه وڏو ظرف رکندڙ دوست ننڍڙن ماڻهن جو قد ڪاٺ وڌائڻ ۾ وڏا چالاڪ ثابت ٿين ٿا. منهنجو دوست سليمان وساڻ به انهن مان هڪ آهي جنهن مون کي هڪ اهڙي ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکڻ جو چيو آهي جنهن ڪتاب کي سڄي دنيا پڙهيو ۽ پسند ڪيو ۽ ليکڪ کي اڻ ڳڻي مڃتا ملي.
هِن ڪتاب تي ته جام لکجي چُڪو ۽ جڏهن ڪتاب پڙهيو هئم (انگريزي ۾) ته ڪتاب تي آيل رايا درست به لڳا. هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي جنهن وٽ مايوسي نالي ڪُجهه آهي ئي نه. بس هڪ جنون ۽ جستجو آهي ٻيو سفر جنهن تي هلڻ ئي سندس مقدر آهي.
پر اڄ سنڌ سلامت جي رُڪن “فهيم اختر ميمڻ” پاران هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پيش ڪيو پيو وڃي. هِن همراهه اهو ترجمو ڪري ڪمال ته ڪيو پر کيس اُها خوشي نه رهي ڇو جو سنڌ جي وڏي ۽ ناليواري پبلشر پاران هي ڪتاب ترجمو ڪرائي ڇپيو ويو پر اسان جي دوست کي شابس آهي جنهن اعلىٰ ظرف جو مظاهرو ڪندي هِن ڪتاب جو ترجمو تڪميل تي پُهچائي سنڌ سلامت تي بنا ڪنهن ذاتي غرض جي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. فهيم ميمڻ پاران ترجمو ڪيل هي ڪتاب مون ان وقت پڙهيو جڏهن آئون تازو سندري اُتمچنداڻي جهڙي مهان سنڌي ليکڪه پاران مليالم ٻولي جي ڪتاب “ساگر جي سنتان” جو بيمثال ترجمو پڙهي ويٺو هُجان. اهڙي ۾ هِن ڪتاب شروع ڪرڻ وقت يقين هو ته ترجمي ۾ مزو نه ايندو. پر هن ڀلي همراهه جو ترجمو پڙهندي ڪٿي به اهو احساس نه ٿيو ته لفظي ترجمو آهي ۽ انهي جي ڪري صاف ظاهر ٿيندڙ بيزاري واري ڪيفيت جو شڪار ٿيڻو پئي ٿو.
آئون سمجهان ٿو ته فهيم اختر ميمڻ کي اها ڏات رڳو انهيءَ ڪري ملي آهي ته هو هڪ سخي شخص آهي. اڄڪلهه خود غرضي ايتري عام ٿي وئي آهي جو ڪو ٻه اکر لکي ٿو ته به پيو سوچيندو آهي ته ايئن بنا ڪنهن مفاد جي ڪنهن کي ڇو ڏيان. پر هن سخي همراهه سڄي ساري محنت ايئن سڀني اڳيان رکي ڇڏي. اُميد ته پڙهندڙ هن مان ضرور مستفيد ٿيندا.
منهنجي فهيم اختر ميمڻ کي گذارش آهي ته هو هِن ڪم کي روڪي نه. ڇوته دنيا جي انيڪ قومن ۽ ٻولين ۾ لکيل ادب سڀني جي پڙهڻ لاءِ صرف تڏهن دستياب ٿيندو جڏهن سندس جهڙا سخي مرد بهترين ترجمو ڪري انهن تائين پُهتو ڪندا. رهي ڳالهه سِلي ملڻ جي ته اُهو بس ڏاتار سان حساب آهي جيڪو ڏيئي نه پچاري.

عبدالحفيظ لغاري
سچل ڳوٺ، ڪراچي