ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

قسط 12

“وقت سان گڏو گڏ قافلا به گذرندا رهن ٿا.” ڪيمانگر سوين ماڻهن ۽ جانورن کي نخلستان ۾ پهچندي ڏسي سوچي رهيو هو. اتان جا ماڻهو نون ماڻهن جي آمد تي کين ڀلي ڪار ڪري رهيا هئا، ڌوڙ مٽيء ريگستان ۾ سج جي روشنيء کي جَھڪو ڪري ڇڏيو هو، ۽ نخلستان جا ٻار پڻ گرمجوشيء منجھان نون آيلن سان ملي رهيا هئا.
ڪيمانگر ڏٺو ته قبيلي جو سردار قافلي جي سردار کي ڀليڪار ۽ ڳچ دير تائين ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو.
پر اها ڪيمانگر لاء ڪا نئين ڳالهه نه هئي. هن ڪيترائي ماڻهو ايندي ويندي ڏٺا، پر ريگستان ڪڏهن به تبديل نه ٿيو. ان ئي ريگستان جي واري ۾ هلندي هن بادشاه به ڏٺا ته فقير به. واريء جا دڙا واء جي زور تي برابر مٽجندا رهندا هئا، پر اها واري ته ساڳي ئي هئي جيڪا هو سندس ننڍپڻ کان ڏسندو آيو ٿي. کيس اهو ڏسي سدائين سرهائي ٿيندي هئي جڏهن مسافر هئڊي واري ۽ نيري آسمان ۾ هفتن جي سفر کانپوء جڏهن پهريون ڀيرو کجين جي وڻن جي ساوڪ ڏسندا هئا. “ ٿي سگھي ٿو ته خدا ريگستان ان جي ڪري ئي ٺاهيو هجي ته جيئن ماڻهو ان ۾ کجيء جا وڻ ڏسي انجو قدر ڪن،” هن سوچيو. هن ڪجھ ضروري مسئلن تي پنهنجو ڌيان ڏيڻ جو سوچيو. کيس اها خبر هئي ته قافلي ۾ ڪو اهڙو ماڻهو ضرور آهي جنهن کي هو پنهنجا ڪجھ ڳُجھ سيکاريندو. اهو کيس سَوڻَن ٻڌائي ڇڏيو هو. کيس ان ماڻهوء جي خبر نه هئي ته اهو ڪير آهي، پر جڏهن هو آڏو آيو ته سندس پرکڻ واري اک کيس ضرور سڃاڻي وٺندي. کيس اها اميد به هئي ته هو سندس پهرين شاگردن وانگي قابل هوندو.
“خبر ناهي ته الائي ڇو هنن شين جو اظهار ڪرڻ لاء لفظن جي گُهرج پوي ٿي.” ڪيمانگر سوچيو. اهي دراصل ڪي ڳُجھ ته نه هئا، ڇاڪاڻ جو خدا پنهنجا اهي ڳجھ مخلوق تي تمام آسان نموني ۾ چِٽا ڪري ڇڏيا هئا.
وٽس ان حقيقت جي صرف هڪ وضاحت هئي؛ ته اهڙين ڳالهين کي هڪ کان ٻئي هنڌ ان ئي طريقي سان منتقل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ جو اهي شيون يا اهي ڳُجھ هڪ نِجُ زندگيء مان ٺهيا آهن. ۽ اها زندگي تصويرن ۽ لفظن جي آڌار تي نه ٿي حاصل ڪري سگھجي. ڇاڪاڻ جو ماڻهو لفظن ۽ تصويرن ۾ مُستَغرق ٿي دنيا جي ٻولي وساريو ڇڏين.

نِينگَرَ کي يقين نه پئي آيو ته هو ڇا ڏسي رهيو آهي؛ نخلستان، جيڪو هن جاگرافيء جي هڪ ڪتاب ۾ چوڌاري ڪجھ کجيء جي وڻن سان ڏٺو هو، پر هي ته اندلس جي ڪيترن ئي ڳوٺن کان به وڏو ٿي لڳو، اتي ٽي سو کوهه، پنجاهه هزار کجيء جا وڻ ۽ انهن جي وچ ۾ لا تعداد رنگين خيما پڻ موجود هئا.
“ اهو سڀ ڪجھ ‘هڪ هزار هڪ راتيون (الف ليلى) ’ واري افساني وانگي لڳي رهيو آهي،” انگريز چيو، جيڪو ڪيمانگر سان ملاقات جو بي صبريء سان انتظار ڪري رهيو هو.
هو ٻارن سان گھريل هئا، جيڪي اتي پهتل جانورن ۽ ماڻهن کي سرهائيء منجھان ڏسي رهيا هئا. نخلستان جي رهواسين مسافرن کان ريگستان ۾ هلندڙ ويڙهه بابت ڄاڻڻ ٿي چاهيو، ۽ اتان جي عورتن ڪپڙي ۽ واپارين جي ذريعي آندل اَمُلُهه پٿرن جي نمائش لاء هڪٻئي کان گوء پئي ورتي. ريگستان جي سانت هاڻ هڪ ڏورانهون خواب ٿي لڳو؛ قافلي جا ماڻهو هاڻ لڳاتار هڪٻئي سان ڳالهائي ٻولهائي رهيا هئا، سندن وچ ۾ ٽهڪڙا ۽ شور شرابو هلي رهيو هو، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هو ڪنهن روحاني دنيا مان هڪ ڀيرو ٻيهر انسانن جي دنيا ۾ اچي ويا هجن. هو مطمئن ۽ سَرَها هئا.
هنن ريگستان ۾ نهايت ئي احتياط سان ڏنل هدايتن تي عمل ڪيو ٿي، پر جَتَ نِينگَرَ کي ٻڌايو هو ته نخلستانن کي سدائين غير جانبدار علائقا سمجھيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو اتي رهواسين جي اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي. ريگستان ۾ چوڦير ڪيترائي نخلستان آهن، ۽ ڇاڪاڻ جو اهي سَامَ گاهون آهن، ان ڪري قبيلي وارا ويڙهه ريگستان ۾ ئي ڪن ٿا.
ڏکيو ته هيو پر پوءِ به قافلي جي اڳواڻ پنهنجي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ کين هدايتون ڏنيون ته قافلو قبيلائي ويڙهه جي خاتمي تائين نخلستان ۾ ئي ترسندو، ۽ کين اتان جي رهواسين سان گڏ رهڻو پوندو، ۽ کين سٺي کان سٺي رهائش پڻ ڏني ويندي. اهو ئي مهمان نوازيء جو اصول به آهي. قافلي جي اڳواڻ کين ۽ سندس چوڪيدارن کي پڻ چيو ته هو پنهنجا هٿيار قبيلي جي سردار پاران منتخب ڪيل ماڻهن جي حوالي ڪن جيڪي اسانجي حفاظت لاء لڳايا ويندا.
“اهي جنگي قانون آهن،” قافلي جي اڳواڻ چيو.
“نخلستان سپاهين ۽ پهريدارن کي پناهه نه ڏيندو آهي.”
جڏهن انگريز پنهنجي ٿيلهي مان رُڪَ جو هڪ پستول ڪڍي هٿيار گڏ ڪرڻ واري کي ڏنو ته نِينگَرُ اهو لقاء ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو.
“ پستول ڇا لاء؟” هن پڇيو.
“ اهو ماڻهن تي ويساهه ڪرڻ ۾ منهنجي واهَرَ ڪري ٿو.” انگريز وراڻيو.
ان دوران نِينگَرَ کي پنهنجي خزاني جو خيال آيو. هو جيترو پنهنجي خواب کي ماڻڻ جي ويجھو پهچي رهيو هو ايترو ئي مشڪلاتون وڌنديون ٿي ويو. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ پوڙهي بادشاه جي “سيکڙاٽ جي ڀاڳ” واري ڳالهه هاڻ ڪم نه پئي ڏيکاريو. خواب جي ساڀيان ماڻڻ ۾ لڳاتار سندس ثابت قدمي ۽ همت کي پرکيو ٿي ويو، ته جيئن هو ڪابه جلد بازي يا بي صبري نه ڪري. جيڪڏهن هو تڙ تڪڙ ۾ اڳتي وڌي ها ته سندس رستي ۾ خدا جي ڏيکاريل علامتن کي ڏسڻ ۾ ناڪام وڃي ها.
“ خدا انهن علامتن کي منهنجي رستي ۾ آندو!” کيس ان ڳالهه تي حيرت ٿي. اڄ تائين هو انهن علامتن کي بس دنيا جي عام شين وانگي سمجھي رهيو هو. جيئن سمهڻ، کائڻ پيئڻ، پيار محبت، نوڪري جي کوجنا وغيره آهن. هن ڪڏهن به انهن علامتن جي بابت ان ريت نه سوچيو ته خدا کيس پيچرو ڏيکارڻ لاء انهن علامتن جي ٻولي ڪَتب آڻي ٿو.
“بي صبر نه ٿيڻ گھرجي،” هن پنهنجي پاڻ سا ورجايو.” اها ڳالهه ائين ئي آهي جيئن جَتَ چئي هئي ؛ ‘ ته کائڻ جي وقت صرف کائڻ ۽ هلڻ جي وقت صرف هلڻ گھرجي.’ “
پهرئين ڏينهن انگريز سميت سڀ ٿَڪ ۾ چُور هجڻ هجڻ سبب سمهي پيا. نِينگَرَ کي آرام لاء پنهنجي دوست کان ڳچ پري هڪ خيمو مليل هو، جتي سندس ئي ڄمار جا پنج ڄڻا ٻيا به ٽڪيل هئا. هو ريگستاني ماڻهو هئا ۽ هنن نِينگَرَ جي وڏن شهرن بابت قصن کي وڏي شوق سان ٻڌو ٿي.
نِينگَرَ کين پنهنجي ريڍار واري زندگيء بابت پڻ ٻڌايو، ۽ کين ٿانوَن جي هَٽَ ۾ گھاريل وقت جي بابت ٻڌائڻ ئي وارو هو ته خيمي ۾ انگريز اچي نڪتو.
“ آءٌ صبح کان وٺي توکي ڳوليان ويٺو،” انگريز نِينگَرَ کي ٻاهي وٺي ايندي چيو. “ مونکي ڪيمانگر کي ڳولڻ ۾ تنهنجي واهَرَ جي گُهرج آهي.”
پهريان هنن پاڻ مرادو ڪيمانگر کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪيمانگر جي رهڻي ڪهڻي ضرور اتي رهندڙ باقي ماڻهن کان مختلف هوندي، ۽ سندس خيمي ۾ هڪ چُلهو لڳاتار ٻرندو هوندو.
هنن کيس هر جڳهه تي کوجنا ڪئي، پوء کين اهو احساس ٿيو ته نخلستان سندن سوچ کان تمام وڏو آهي، اتي سوين خيما هئا.
“ اسان سڄو ڏينهن وڃائي ڇڏيو،” انگريز نِينگَرَ سان گڏ هڪ کوهه جي ڀر ۾ ويهندي چيو.
“ اسانکي ڪنهن کان پڇڻ گھرجي،” نِينگَرَ صلاح ڏني.
انگريز پنهنجي نخلستان ۾ هجڻ جو سبب ڪنهن کي نه ٿي ٻڌائڻ چاهيو، ۽ نِينگَرَ جي صلاح تي پنهنجو ذهن آماده نه پئي ڪري سگھيو. پر آخرڪار هو نِينگَرَ جي صلاح تي راضي ٿيو، ڇاڪاڻ جو نِينگَرَ کي سٺي عربي ڳالهائڻ آئي ٿي، سو اهو ڪم هو ئي ڪري سگھيو ٿي. نِينگَرُ هڪ عورت ڏانهن وڌيو جيڪا کوهه تان مَشڪَ ۾ پاڻي ڀرڻ آئي هئي.
“السلام عليڪم، سانئڻ، آءٌ هتان جي رهاڪو ڪيمانگر کي ڳولي رهيو آهيان.”
عورت چيو ته هن ان شخص جي بابت ڪڏهن به نه ٻڌو آهي، ۽ اهو چئي هلي وئي. پر وڃڻ کان اڳ، هن نِينگَرَ کي مشورو ڏنو ته هو هت موجود پردي ۾ رهندڙ عورتن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪري، ڇاڪاڻ جو هو شادي شده آهن، ۽ کيس ان رواج جو احترام ڪرڻ گھرجي.
انگريز نا اميد ٿي پيو. کيس ائين لڳي رهيو هو ته سندس ايڏي وڏي مسافري مان کيس ڪجھ به نه وريو. نِينگَرُ پڻ اُٻاڻڪو ٿي پيو؛ سندس دوست پنهنجي تقدير جي کوجنا ۾ هو ۽ جڏهن ڪو به ماڻهو اهڙي ڀانت جي کوجنا ۾ هوندو آهي ته پوري ڪائنات سندس ڪاميابيء لاء ڪوشش ڪندي آهي _ جيئن پوڙهي بادشاه چيو هو. ۽ هو غلط نه ٿو ٿي سگھي.
“ مون اڳ ڪڏهن به ڪيمانگرن جي بابت نه ٻڌو آهي،” نِينگَرَ چيو. “ ٿي سگھي ٿو ته هت به ڪنهن کي ان بابت ڪا ڄاڻ ناهي.”
انگريز جون اکيون ٻري پيون، “ ائين ئي هوندو! ٿي سگھي ٿو هت واقعي ڪنهن کي خبر نه هجي ته هڪ ڪيمانگر ڇا ٿيندو آهي! هاڻ اهو ڳولڻو آهي ته هت ماڻهن جو علاج ڪير ڪندو آهي!”
برقعي ۾ ڪيتريون ئي عورتون کوهه تان پاڻي ڀرڻ لاء اچي رهيون هيون، پر نِينگَرَ انگريز جي زور ڀرڻ باوجود به ڪنهن سان به نه ٿي ڳالهايو. ايتري ۾ هڪ ماڻهو آيو.
“ ڇا توهان هت ڪنهن اهڙي شخص جي بابت ڪجھ ڄاڻو ٿا جيڪو ماڻهن جي بيمارين جو علاج ڪندو هجي؟” نِينگَرَ پڇيس
“ الله سائين اسانکي بيمارين کان شفا ڏئي ٿو،” ان ماڻهوء وراڻيو، هو پَرَهَنڌَن (اجنبي) کان ڊنل ٿي لڳو. “ توهان جادوگرن جي ڳولا ڪري رهيا آهيو.” هن قران مان ڪجھ آيتون پڙهيون ۽ هليو ويو.
اتي هڪ ٻيو ماڻهو نظر آيو. هو ٿورو جھونو ٿي لڳو، کيس هٿ ۾ هڪ ننڍڙي ٽوڪري هئي. نِينگَرَ کانئس ساڳيو سوال ورجايو.
“ توهان اهڙي ڀانت جو ماڻهو ڇو پيا ڳوليو؟” جھوني عرب پڇيو.
“ ڇاڪاڻ جو منهنجي دوست ان سان ملڻ لاء ڪيترن ئي مهينن جو سفر طع ڪيو آهي،” نِينگَرَ وراڻيو. “ جيڪڏهن اهڙو ڪو ماڻهو هت نخلستان ۾ موجود آهي به ته هو تمام گھڻو طاقتور هوندو،” جھوني ڪجھ گھڙيون سوچڻ کانپوء جواب ڏنو. “ قبيلي جو سردار به جيڪڏهن چاهي ته ان سان نه ٿو ملي سگھي، جيسيتائين جو سندس رضامندي نه هجي.”
“ ويڙهه ختم ٿيڻ جو انتظار ڪيو، ۽ قافلي سان هتان هليا وڃو. نخلستان جي زندگيء جو حصو بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪيو.” اهو چئي هو جھونو شخص روانو ٿيو.
پر انگريز سَرَهو هو. هو هاڻ صحيح رستي تي هئا.
آخرڪار هڪ ڳڀرُو ناري کوهه وٽ آئي جيڪا بغير برقعي جي هئي. سندس ڪنڌ تي هڪ ٿانء رکيل هو، ۽ کيس نقاب پهريل هو پر سندس صورت نظر آئي ٿي. نِينگَرُ ان ڏانهن ڪيمانگر جي بابت پڇڻ لاء وڌيو.
ان گھڙيء کيس ائين لڳو ڄڻ ته وقت رُڪجي ويو هجي، ۽ دنيا جو روح سندس اندر سمائجي ويو هجي. جڏهن نِينگَرَ سندس ڪارن نيڻن ۾ جھاتي پاتي، ۽ جڏهن هن سندس چپن تي غور ڪيو جيڪي هڪ ئي مهل مُرڪ ۽ خاموشيء جو منظر پيش ڪري رهيا هئا، ته ان مهل هن ان ٻوليء جو اهم حصو سکي ورتو جيڪا پوري دنيا ڳالهائي ٿي. اها ٻولي جيڪا هن زمين تي هر ڪو ئي پنهنجي اندر ۾ ئي سمجھي سگھي ٿو. اها محبت جي ٻولي هئي. محبت جيڪا انسان ذات ۽ هن ريگستان کان به قديم آهي. جڏهن ٻه اکيون ملن ٿيون ته محبت ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي. ۽ سندن ٻه اکيون ان کوهه تي ملي ويون هيون. نِينگِريءَ مرڪيو، ۽ اهو به هڪ سَوڻُ هو. اهو سَوڻُ جنهن جو هو انتظار ڪري رهيو هو، کيس اها به خبر نه هئي ته هو ڪو پنهنجي سڄي ڄمار ان ئي شيء جو انتظار ڪري رهيو هو.
اهو سَوڻُ جيڪو هو پنهنجين رڍن سان ۽ ڪتابن ۾، ٿانوَن جي هَٽَ ۾ ۽ ريگستان ۾ ڳولي رهيو هو.
اها نِجُ دنيا جي ٻولي هئي. ۽ انکي وضاحت جي به گُهرج نه ٿي پوي، بلڪل ڪائنات وانگي ئي، جيڪا بي انت آهي، جنهن کي پڻ ڪنهن وضاحت جي گُهرج ناهي. ان گھڙيء نِينگَرُ اهو محسوس ڪري رهيو هو ته هو ان واحد عورت سان گڏ آهي جيڪا سندس زندگيء جو حصو آهي، ۽ اها نِينگَرَ به بغير لفظن جي سهاري ان ڳالهه کي سمجھي رهي هئي. کيس ان ڳالهه تي پڪو يقين هو. هن پنهنجي ابن ڏاڏن کان اهو ٻڌو هو ته ڪنهن سان به رشتو ناتو ڳنڍڻ کان پهريان ان جي بابت ڄاڻڻ ۽ ان سان محبت ڪرڻ ضروري آهي. پر جيڪي ماڻهو ان طريقي سان سوچين ٿا انهن ڪڏهن به ڪائنات جي ٻولي نه سکي آهي. ڇاڪاڻ جو جڏهن توهان اها ٻولي ڄاڻو ٿا ته اهو سمجھڻ نهايت آسان ٿيو پوي ته دنيا ۾ ڪير نه ڪير توهانجو انتظار ڪري رهيو آهي، پوء ڀلي اهو ريگستان جي وچ ۾ يا ڪنهن وڏي شهر ۾ ڇو نه هجي. ۽ جڏهن هو آمهون سامهون ٿين ٿا ۽ سندس اکيون ملن ٿيون ته ان مهل ماضي ۽ مستقبل جي ڪا حيثيت نه ٿي رهي. فقط اها گھڙي اهم ٿيو پوي، ۽ اها پَڪ ٿيو پوي ته هر شيء فقط هڪ ئي قلم سان لکيل آهي. اهو ئي قلم آهي جيڪو محبت جاڳائي ٿو، ۽ دنيا ۾ هر شخص لاء هڪ جوڙو پڻ ٺاهي ٿو. ان محبت کانسواء ڪنهن جا به خواب بي معنى آهن.
“لکيو،” نِينگَرَ سوچيو.
انگريز نِينگَرَ کي ڌوڻيندي چيو؛ “ هن کان ڪيمانگر جي بابت پڇ!”
هو نِينگِريءَ جي ٿورو ويجھو ويو، ۽ هو ٻئي هڪٻئي کي ڏسي مرڪيا.
“ توهان جو نالو ڇا آهي؟” نِينگَرَ پڇيو.
“فاطمه،” نِينگِريءَ پنهنجون نظرون ڦيريندي وراڻيو.
“ منهنجي ملڪ ۾ به ڪجھ عورتن کي ان نالي سان سڏيو وڃي ٿو.” نِينگَرَ چيو.
“ اهو اسانجي پيغمبرﷺ جي نياڻيء جو نالو آهي، فاطمه چيو. “ جنگجو اهڙا نالا هر جاء تي ڇڏي ايندا هئا.” اها حسين نِينگِري جنگجوئن جي بابت وڏي فخر سان ڳالهائي رهي هئي.
انگريز نِينگَرَ کي اشارو ڪيو، ۽ نِينگَرَ فاطمه کان ان حڪيم جي بابت پڇيو.
“ هي اهو ماڻهو آهي جيڪو دنيا جا سمورا ڳُجھ ڄاڻي ٿو، ۽ هو ريگستان جي جنن سان پڻ هم ڪلام ٿيندو آهي.”
جنن ۾ به نيڪ ۽ شيطاني روح موجود آهن. نِينگِريءَ ڏکڻَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ان طرف هڪ اهڙي ڀانت جو عجيب شخص رهي ٿو. پوء هن پنهنجو ٿانء پاڻيء سان ڀريو ۽ هلي وئي.
انگريز پڻ ان ڪيمانگر کي ڳولڻ لاء نڪري پيو. نِينگَرُ اتي ئي کوهه جي ڀر ۾ ڳچ وقت تائين ويٺي ان اوڀر ڏانهن ايندڙ هِير (ليوانٽر) جي بابت سوچيندو رهيو جيڪا هڪ ڏينهن طريفا ۾ وٽس ان نِينگِريءَ جو هُڳاءُ کڻي آئي هئي، کيس اهو محسوس ٿيو ته هو ان نِينگِريءَ سان تڏهن کان محبت ڪري ٿو جڏهن کيس ان نِينگِريءَ جي موجودگيء جو به پتو نه هو. هو اهو ڄاڻي چڪو هو ته ان نِينگِريءَ جي محبت کيس دنيا جا سمورا خزانا ڳولڻ جي سگھ ڏئي سگھي ٿي.
ان نِينگِريءَ سان ملڻ جي اميد ۾ ٻئي ڏينهن به نِينگَرُ کوهه تي آيو. پر کوهه تو هو اهو ڏسي حيران ٿيو ته انگريز اتي بيٺي ريگستان ڏانهن ڏسي رهيو هو.
“مون منجھند کان وٺي سانجھيء تائين انتظار ڪيو،” انگريز چيو. “ ڪيمانگر سانجھين مهل پڌرو ٿيو. مون ساڻس پنهنجي کوجنا جي بابت ڳالهه ڪئي، پوء هن مونکان پڇيو ته تو ڪڏهن شيهي کي سون ۾ تبديل ڪيو آهي. مون کيس وراڻيو ته اهو ئي ته آءٌ هت سکڻ آيو آهيان. هن مونکي چيو ته مونکي انجي ڪوشش ڪندو رهڻ گھرجي. اهو ئي سڀ ڪجھ، هن چيو ته، ‘وڃ ۽ ڪوشش ڪندو رهه’ .”
نِينگَرَ ڪجھ نه ڪڇيو. ويچاري انگريز ايڏي وڏي مسافري ڪئي صرف اهو ٻڌڻ لاء ته هو ڪوشش ڪندو رهي، جيڪا هو ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو آهي.
“ ٺيڪ آهي، ته پوء ڪوشش ڪندا رهو،” نِينگَرَ انگريز کي چيو.
“ اهو ئي آءٌ ڪرڻ وارو آهيان، ۽ هاڻ کان ئي آءٌ شروع ٿو ڪيان.”
جيئن ئي انگريز ويو، ته فاطمه پاڻي ڀرڻ لاء اچي کوهه تي نڪتي.
“هت توهان سان صرف هڪ ڳالهه ڪرڻ آيو آهيان،” نِينگَرَ چيو. “ آءٌ توهان سان محبت ڪريان ٿو ۽ توهان سان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.”
نِينگِريءَ کان هٿان ٿانء ڇڏائجي ويو ۽ پاڻي هارجي پيو.
“ آءٌ هت توهان جو هر روز انتظار ڪندو رهندس. آءٌ ريگستان لتاڙي هڪ خزاني جي کوجنا ۾ نڪتو آهيان جيڪو احرامن جي ويجھو آهي، مونکي اڳ ۾ قبيلائي ويڙهه ڪو سٺو سوڻ نه ٿي لڳي، پر هاڻ اها منهنجي لاء هڪ نعمت بڻجي چڪي آهي، ڇاڪاڻ جو ان مونکي توهان تائين پهچايو آهي.”
“ اها ويڙهه هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندي،” نِينگِريءَ چيو.
نِينگَرَ پنهنجي چوڌاري کجيء جي وڻن ڏانهن ڏٺو. کيس ياد آيو ته هو هڪ ريڍار هو، ۽ هو ٻيهر به ريڍار بڻجي سگھي ٿو. فاطمه خزاني کان وڌيڪ اهم آهي.
“ قبيلائي ماڻهو سدائين خزاني جي کوجنا ۾ هوندا آهن،” نِينگِريءَ چيو، ائين ٿي لڳو ڄڻ کيس خبر هجي ته نِينگَرُ مَنَ ۾ ڇا سوچي رهيو آهي. “ ۽ ان ڳالهه تي ريگستان جون عورتون پنهنجي مَردن تي فخر محسوس ڪنديون آهن.”
هن ٻيهر پنهنجو ٿانء ڀريو ۽ هلي وئي.
نِينگَرُ هر روز کوهه تي فاطمه سان ملڻ لاء ايندو رهيو. هن کيس پنهنجي ريڍارڪي زندگيء ، بادشاهه سان ملڻ ۽ ٿانوَن جي هَٽَ تي ڪم ڪرڻ جي بابت سڀ ڪجھ ٻڌايو.
هو دوست بڻجي ويا، ۽ انهن پندرهن منٽن جي ملاقات کانپوء نِينگَرَ کي ائين ٿي لڳو ته باقي سڄو ڏينهن نه گذري سگھندو. نخلستان ۾ رهندي کين مهينو ٿيڻ وارو هو، ان دوران قافلي جي اڳواڻ پاڻ سان گڏ مڙني مسافرن جي گڏجاڻي گھرائي.
خبر ناهي ته ويڙهه ڪڏهن ختم ٿيندي، تنهنڪري اسين پنهنجو سفر جاري نه ٿا رکي سگھون،” اڳواڻ چيو. “ اهي جنگيون ڳچ وقت لاء هلنديون رهن ٿيون، ورهيه به لڳي سگھن ٿا. ٻنهي پاسي طاقتور ڌريون آهن، ۽ اها جنگ ٻنهي ڌرين لاء اهم آهي. اها جنگ برائيء جي خاتمي جي لاء نه پئي وڙهي وڃي پر اها جنگ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾طاقت جو توازن برقرار رکڻ لاء وڙهي پئي وڃي. ۽ اهڙي ڀانت جون جنگيون عام جنگين کان ڊگھيون ٿي پونديو آهن، ڇاڪاڻ جو اللهﷻ ان صورت ۾ٻنهي جي طرف هوندو آهي.”
انکانپوء هر ڪو پنهنجي عارضي رهائشگاهه ڏانهن روانو ٿي ويو، ۽ نِينگَرُ ٻپهري ڌاري فاطمه سان ملڻ لاء هليو ويو. نِينگَرَ کيس گڏجاڻي وارو حال احوال ٻڌايو. “ پنهنجي ملڻ کانپوء تو مونسان محبت جو اظهار ڪيو. پوء تو مونکي ڪائنات جي ٻولي ۽ دنيا جي روح جي بابت ڪجهه ڳالهيون سيکاريون. صرف انهن ڳالهين جي ڪري ئي آءٌ هاڻي تنهنجي وجود جو حصو بڻجي چڪي آهيان.”
نِينگَرَ سندس آواز تي غور ڪندي اهو سوچي رهيو هو ته سندس آواز کجيء جي وڻن سان ٽڪرائجندڙ هِير کان به وڌيڪ خوبصورت آهي.
“ آءٌ تنهنجي لاء هن نخلستان ۾ ڳچ عرصي کا انتظار ڪري رهي هيس. آءٌ پنهنجو ماضي، هتان جا ريت رواج ۽ ريگستان جي ماڻهن جا عورتن جي بابت طور طريقا سڀ وساري چڪي آهيان. آءٌ جڏهن اڃا ننڍي هئس ته مون خواب ڏٺو هو ته هي ريگستان مون لاء هڪ نه هڪ ڏينهن هڪ عمده تحفو آڻيندو. ۽ هاڻي، منهنجو اهو تحفو مون تائين پهچي چڪو آهي، ۽ اهو تون آهي.”
نِينگَرَ سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلڻ ٿي چاهيو پر هٿ پاڻيء جي ٿانء جي ڳَنَ ۾ هو.
“ تون مون سان پنهنجي خوابن، پوڙهي بادشاهه ۽ پنهنجي خزاني جي بابت حال اوريو آهي، ۽ تون مونکي سَوڻَن جي بابت پڻ ٻڌايو آهي. سو هاڻي مونکي ڪو خوف ناهي، ڇاڪاڻ جو هي اهي ئي سَوڻَ آهن جن توکي مون تائين پُهچايو آهي. ۽ آءٌ تنهنجي خوابن ۽ تنهنجي تقدير جو حصو آهيان. تون ڀل انکي ڇا به چَئُه.”
“ تنهن ڪري آءٌ چاهيان ٿي ته تون پنهنجو مقصد پورو ڪر. جيڪڏهن توکي جنگ ختم ٿيڻ تائين انتظار ڪرڻو آهي ته ڀلي ڪر. پر جيڪڏهن توکي پنهنجي خوابن جي ساڀيان پويان وڃڻو آهي ته ڀلي وڃ. واريء جا دڙا واء جي زور تي مَٽجندا رهن ٿا، پر ريگستان ڪڏهن به نه ٿو مَٽجي، اهڙي ريت پنهنجو پيار به ڪڏهن نه مَٽبو.”
“لکيو،” نِينگِريءَ چيو. “ جيڪڏهن آءٌ واقعي تنهنجي خواب جو حصو آهيان ته تون هڪ ڏينهن ضرور واپس ايندي.”
نِينگَرُ ان ڏينهن ڏاڍو اُٻاڻڪو هو. هو انهن مڙني شادي شده ريڍارن جي بابت سوچي رهيو هو ته ڪيئن هو پنهنجي گھر وارين کي سندن ڏورانهن ميدانن ۾ وڃڻ کان اڳ ان ڳالهه لاء قائل ڪندا هوندا. جڏهن ته محبت جي تقاضا اها آهي ته پيار ڪرڻ وارن کي سدائين گڏ رهڻ گھرجي. هو اهو سڀ ڪجھ فاطمه کي هڪ ٻي ملاقات ۾ ٻڌائي رهيو هو.
“ريگستان اسان جي مَردن کي اسان کان کَسي وٺي ٿو، ۽ اهي ورلي واپس موٽندا آهن. پر اسين اهو به ڄاڻئون ٿيون ته اسين هاڻي ان ڳالهه جون عادي ٿي چڪيون آهيون ته جيڪي واپس نه ٿا ورن سي آسمان ۾ موجود ڪڪرن، انهن چوپاين جيڪي غارن ۾ سَامَ وٺن ٿا ۽ ان پاڻيء جيڪو زمين مان نڪري ٿو جو حصو بڻجيو پون. اهي هر شيء جو حصو بڻجيو پون، اهي دنيا جو روح بڻجيو پون. انهن مان جيڪي واپس ورن ٿا، ته سندن عورتن سان گڏ ٻيون عورتون پڻ ان اميد ۾سَرَهيون ٿين ٿيون ته هڪ ڏينهن سندس مرد به ضرور موٽندا. آءٌ پڻ انهن عورتن جي سرهائيء کي ساڙ ۽ حسد وچان ڏسندي هيس. ۽ هاڻي آءٌ پڻ انهن منتظر عورتن منجھان هڪ ٿي پوندس.”
“ آءٌ ريگستان جي عورت آهيان، ۽ مونکي انهي ڳالهه تي فخر آهي. آءٌ چاهيان ٿي ته منهنجو مڙس به ان آزاد واء وانگر گھمندو ڦرندو رهي جيڪو واريء جي دڙن کي هڪ صورت ڏئي ٿو. ۽ جيڪڏهن اها نوبت آئي ته آءٌ ان حقيقت کي به تسليم ڪرڻ لاء تيار آهيان ته هو به هڪ ڏينهن آسمان ۾ موجود ڪڪرن، چوپاين ۽ ريگستان مان نڪرندڙ پاڻي جو حصو بڻجي ويندو.”
نِينگَرُ انگريز کي فاطمه بابت احوال ٻڌائڻ لاء نڪتو. کيس اهو ڏسي حيرت ٿي ته انگريز پنهنجي خيمي جي ٻاهران هڪ بٺي تيار ڪئي هئي. اها عجيب ڀانت جي بٺي ڪاٺين جي باهه تي ٻري رهي هئي، جنهن جي مٿان هڪ شفاف ڪائَي جي گُگھي رکيل هئي. انگريز ريگستان ڏانهن تڪي رهيو هو، ۽ ان وقت سندس اکين ۾ ڪتاب پڙهڻ واري وقت کان به وڌيڪ چمڪ هئي.
“هي منهنجي ڪم جو پهريون مرحلو آهي، مونکي گندرف الڳ ڪرڻو آهي. ۽ ان ۾ ڪاميابيء لاء مونکي پاڻ مان ناڪاميء جو خوف ڪڍڻو پوندو. اهو ناڪاميء جو خوف ئي هو جنهن مونکي حڪمت واري ڪم ڪرڻ کان روڪيو ٿي. ۽ جيڪو مونکي ڏهه ورهيه اڳ ڪرڻو هو سو مون هاڻ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. پر آءٌ اڃا به سَرَهو آهيان ته مونکي ويهه ورهيه انتظار ڪرڻو نه پيو.”
هو باهه ۾ ڪاٺيون وجھندو رهيو، ۽ نِينگَرُ سج لٿي ريگستان جي گلابي رنگ ۾ مَٽجڻ تائين اُتي بيٺو رهيو. کيس ريگستان ۾ وڃڻ جي گُهرج محسوس ٿي، اهو ڏسڻ لاء ته ٿي سگھي ٿو ته متان انجي خاموشيء ۾ ئي سندس سوالن جا جواب ملي وڃن.
هو نخلستان ۾ موجود کجيء جي وڻن کي ڏسندو هيڏانهن هوڏانهن جَهاڳِيندو رهيو. هو هِير جو آواز ٻڌي رهيو هو ۽ سندس پيرن جي هيٺان پٿرن کي محسوس ڪري رهيو هو. ان دوران هن هڪ سِپي لڌي، ۽ کيس اهو محسوس ٿيو ته ڪن وقتن ۾ هي ريگستان هڪ سمنڊ هو. هو هڪ پٿر تي ويٺو، ۽ پاڻ کي آڪاس منڊل ۾ مُستَغرق ڪري ڇڏيائين. هو محبت ۾ حاصلات جي نظريي کي هڪٻئي کان الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ۽ هو ٻنهي کي الڳ نه ڪري سگھيو. پر ڇاڪاڻ جو فاطمه جو تعلق ريگستان سان هو سو نِينگَرَ کي اهي سڀ ڳالهيون سمجھڻ ۾ جيڪڏهن ڪا شيء واهَرَ ڪري سگھي ٿي ته اهو ريگستان ئي هو. هو اتي ويٺي اڃان سوچن ۾ ئي هو ته کيس پنهنجي مٿان ڪا چُرپُر محسوس ٿي. مٿي ڏٺائين ته بازن جي جوڙي آسمان ۾ اُڏامي رهي هئي. هو بازن کي واء جي زور تي ٿِڙندي ڏسي رهيو هو. جيتوڻيڪ انهن جي اُڏام هڪ ترز جي نه هئي، پر نِينگَرَ کي اهو سڄو منظر معنى خيز محسوس ٿيو. پوء به هو ان جي مطلب کي سمجھي نه ٿي سگھيو. هو پکين جي چر پر کي ڏسندو رهيو ۽ انکي سمجھندو رهيو. ٿي سگھي ٿو ته اهي ريگستان جا پکي کيس بغير حاصلات واري محبت جو مطلب سمجھائي سگھن.
هو ننڊاکڙو ٿي پيو، هن جاڳڻ چاهيو ٿي، پر ان سان گڏ هو سمهڻ پڻ چاهي پيو. “ آءٌ دنيا جي ٻولي سمجھي رهيو آهيان، ان سان مونکي دنيا جي هر شيء ۾ ڪو نه ڪو مطلب نظر اچي ٿو.. بازن جي اُڏام ۾ به ڪو مطلب لڪيل آهي،” هو پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو. ۽ ان ڪيفيت ۾ هو محبت ۾ گرفتار ٿيڻ لاء شڪر گذار هو. “ جڏهن توهان ڪنهن سان محبت ڪريو ٿا ته، شيون وڌيڪ معنى خيز ٿيو پون،” هو سوچي رهيو هو.
اُمالَڪُ هڪ باز ٻئي تي حملي ڪرڻ لاء آسمان ۾ هڪ ڀڙڪيدار ٽُٻي هنئي. اهو ڏسندي نِينگَرَ کي هڪ تڪڙو الهامي منظر نظر آيو؛ هڪ فوجي جٿو جيڪو پنهنجي تلوارن سان تيار نخلستان ۾ داخل ٿي رهيو هو. پر اهو منظر اُمالَڪُ لَمڻجي ويو. پر ان منظر کيس لوڏي ڇڏيو. هن ماڻهن کان اهڙا ڪيئي الهامي واقعا ٻڌا به هئا پر هاڻ پاڻ ڏسي به ورتائين؛ هي واقعا اهي خواهشون هيون جيڪي پنهنجي شدت جي سبب ريگستان جي مٿان حاوي هيون. پر سندس اها خواهش هرگز نه هئي ته نخلستان تي اهڙي ڀانت جي ڪا ڪاهه ٿئي.
هن اهو منظر وساري پنهنجي خيال ۾ واپس اچڻ ٿي چاهيو. هن ريگستان جي گلابي پاڇن ۽ انجي پٿرن تي ٻيهر توجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر سندس مَنَ ۾ ڪا اهڙي شيء هئي جيڪا سندس ڌيان هٽائيندي ٿي رهي.
“سدائين سَوڻَن تي ڌيان ڏيو،” پوڙهي بادشاه چيو هو. نِينگَرَ ان منظر ۾ جيڪي ڏٺو تنهن کي ٻيهر ياد ڪرڻ جي ڪوشس ڪندي اهو محسوس ڪيائين ته اهو واقعي ٿيڻ وارو آهي.
هو اُٿيو ۽ واپس کجيء جي وڻن ڏانهن روانو ٿيو. هڪ دفعو ٻيهر هن ڪيترين ئي ٻولين کي پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ ڳالهين ۾ محسوس ڪيو؛ پر هن دفعي ريگستان محفوظ هو پر نخلستان کي خطرو هو.
کجيء جي وڻ هيٺان جَتَ ويٺي سج لهڻ جو مشاهدو ڪيو، هن نِينگَرَ کي واريء جي دڙي جي پاسي مان ايندي ڏٺو.
“ ڪا فوج اچي رهي آهي،” نِينگَرَ چيو. “ مونکي الهام ٿيو آهي.”
“ ريگستان ماڻهن جي دليان کي اهڙن الهامن سان ڀري ڇڏي ٿو،” جَتَ وراڻيو.
پر نِينگَرَ کيس بازن جي بابت پڻ احوال ڏنو؛ ته هو انهن بازن جي اُڏام ڏسي رهيو هو ته اُمالَڪُ پاڻ کي دنيا جي روح ۾ غرق محسوس ڪيائين.
جت نِينگَرَ جي ڳالهه سمجھي رهيو هو. کيس اها به خبر هئي ته زمين تي موجود ڪا به هڪ شيء مڙني شين جي تواريخ جو ڪاٿو لڳائي سگھي ٿي. ڪير به ڪنهن به ڪتاب جو ڪو به ورق کولي، يا ماڻهن جي هٿن جي ترين کي ڏسي، يا وري تاش جا پتا ورائي، يا پکين جي اُڏام ڏسي.... ڪا به شيء جيڪا مشاهدي هيٺ آئي، ته ڪير به پنهنجي تجربي کي ڪَتب آڻيندي ان شيء جو ٻي شيء سان ناتو ڳولي سگھي ٿو. حقيقت ۾ هي اهي شيون ناهن جيڪي پاڻمرادو ڪنهن ٻي شيء کي پڌرو ڪن ٿيون، پر اهي ماڻهو ئي آهن جيڪي پسگردائيء ۾ ٿيندڙ واقعن مان ڪا معنى ڪڍي دنيا جي روح ۾ داخل ٿين ٿا.
ريگستان اهڙن ماڻهن سان ڀريل هو جيڪي پنهنجيون زندگيون اهڙي راحت ۾ گذاري رهيا هئا جو هو دنيا جي روح ۾ آسانيء سان داخل ٿي سگھيا ٿي. هو انترجامي (نُجومي) هئا، ۽ گھڻو ڪري عورتون ۽ پيرسن انهن کان خائف ٿي رهيا. قبيلائي ماڻهو پڻ وٽن صلاح مشورن لاء ويندا هئا، ڇاڪاڻ جو ان لاء جنگ وڙهڻ نا ممڪن ٿيو پوي جنهن کي مرڻ جو خوف آهي. قبيلائي ماڻهو جنگين ۽ انهن جي نتيجي جي پرواهه ڪندي بغير جيڪو ٿرٿلو مچندو هو انکي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا؛ ڇاڪاڻ جو اڳتي جيڪي ڪجھ ٿيڻو آهي سو الله تعالى لکي ڇڏيو آهي، ۽ جيڪي به لکيل آهي سو انسانن جي ڀلي لاء ئي آهي. تنهنڪري قبيلائي ماڻهو صرف حال ۾ رهيا ٿي، ڇاڪاڻ جو سندن حال تعجب سان ڀرپور هو، ۽ کين ڪيترين ئي ڳالهين جي خبر رکڻي ٿي پئي ته دشمن جي تلوار ڪٿي آهي، سندس گھوڙو ڪٿي آهي، زندهه رهڻ لاء ٻيو وار ڪهڙو ڪرڻو آهي. جَتُ ويڙهاڪ نه هو، پر هن پڻ پنهنجي مستقبل جي بابت انهن انترجامين سان صلاح مشورا ڪيا هئا، جن مان ڪيترائي صحيح هئا، پر ڪجھ غلط به هئا. هڪ ڏينهن جَتُ انهن مان هڪ بزرگ انترجاميء سان مليو، جنهن هن کان پڇيو ته هڪ جَتَ جي ڀلا مستقبل ۾ ڪهڙي دلچسپي آهي.
“ اهو انڪري ته جيئن آءٌ پنهنجا ڪم آسانيء سان ڪري سگھان، ۽ جيڪي شيون آءٌ نه ٿو چاهيان انهن شين کي ٿيڻ کان روڪي سگھان،” جَتَ وراڻيو.
“ پر پوء اهي تنهنجي مستقبل جو حصو بڻجي نه سگھنديون،” بزرگ انترجاميء چيس.
“ ٿي سگھي ٿو ته آءٌ پنهنجو مستقبل صرف انڪري ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته ته جيئن آءٌ پاڻ کي ان لاء تيار ڪري سگھان.”
“ جيڪڏهن ڪا سٺي ڳالهه ٿيڻ واري هئي ته اهو ته هڪ تمام سٺو سوڻُ ٿيندو، پر جيڪڏهن ڪا بري ڳالهه ٿي پئي ۽ انجي توکي اڳڪٿي ملي وڃي ته ان جي ٿيڻ کان اڳ ئي تون تمام گھڻو ڀوڳيندي.”
“ آءٌ پنهنجي مستقبل جي بابت انڪري به ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته آءٌ هڪ مرد آهيان، ۽ مرد سدائين پنهنجون زندگيون مستقبل کي نظر ۾ رکي گذاريندا آهن.” جَتَ بزرگ انترجاميء کي جواب ڏنو.
اهو انترجامي وڻ جي ٽارين سان مستقبل جي اڳڪٿي ڪرڻ جي هڪ عمل جو ماهر هو؛ هن ڪجھ ٽاريون زمين تي اُڇلايون ۽ انهن جي زمين تي ڪرڻ جي انداز مان ڪجھ سمجھيائين. پر ان ڏينهن هن ڪا اڳڪٿي نه ڪئي. هن اهي ٽاريون ڪپڙي جي هڪ ٽڪري ۾ ويڙهي پنهنجي ٿيلهي ۾ رکي ڇڏيون.
“ آءٌ ماڻهن جي مستقبل جي اڳڪٿي ڪري پنهنجو گذارو ڪندو آهيان،” بزرگ انترجاميء چيو. “ مونکي وڻ جي ٽارين جي حڪمت جي ڄاڻ آهي، ۽ آءٌ اهو به ڄاڻان ٿو ته کين ڪَتب آڻيندي ڪيئن ان جاء تي پهچي سگھجي ٿو جتي سڀ ڪجھ لکيل آهي. ۽ ان جاء تي آءٌ ماضي پڙهي سگھان ٿو، ۽ جيڪي ڪجھ وسري يا مٽجي چڪو آهي ان کي به ڳولي سگھان ٿو، ۽ انهن علامتن کي به سمجھي سگھان ٿو جيڪي حال ۾ موجود آهن. جڏهن ماڻهو مون کان صلاح مشورو وٺڻ اچن ٿا ته، ائين ناهي ته آءٌ مستقبل بابت سڀ ڪجھ کين پڙهي ٻڌايان ٿو، پر آءٌ کين سندن مستقبل جو صرف هڪ ڪاٿو يا گمان ٻڌائيندو آهيان. مستقبل جي ڄاڻ صرف خدا وٽ آهي، ۽ خدا ئي ان کي ڪجھ تمام پيچيده حالتن ۾ پڌرو ڪري سگھي ٿو. ۽ آءٌ مستقبل جو ڪاٿو ڪيئن لڳائيندو آهيان؟ صرف حال ۾ موجود ڪجھ علامتن جي ذريعي. جيڪڏهن توهان پنهنجي حال تي ڌيان ڏيو ته انکي بهتر بڻائي سگھو ٿا. ۽ جيڪڏهن توهانجو حال بهتر ٿي ويو ته مستقبل پڻ پاڻمرادو بهتر ٿي ويندو. مستقبل کي وساري ڇڏيو، ۽ هر ڏينهن ان بابت گذاريو جيئن انکي گذارڻ لاء سيکاريو ويو آهي، ۽ ان ڀروسي سان زندگي گذاريو ته خدا پنهنجي مخلوق سان محبت رکي ٿو. هر ڏينهن پاڻ سان گڏ جياپي جو ڏَڍُ آڻي ٿو.”
جَتَ انترجاميء کان پڇيو ته اهي ڪهڙا حالات آهن جن ۾ خدا کيس مستقبل ڏيکاري سگھي ٿو.
“اهو صرف تڏهن، جڏهن هو چاهي، تڏهن پڌرو ڪري سگھي ٿو. ۽ خدا گھڻو ڪري ته مستقبل کي پڌرو ئي نه ڪندو آهي. پر جڏهن هو ائين ڪندو آهي ته ان جي پويان صرف هڪ سبب هوندو آهي؛ اهو انڪري ته اهو مستقبل تبديل ڪرڻ لاء لکيو ويو هجي.”
“خدا نِينگَرَ کي مستقبل جي هڪ جھلڪ ڏيکاري هئي،” جَتُ سوچي رهيو هو. “ اهو آخر ڇا آهي جنهن کي پڌرو ڪرڻ لاء خدا نِينگَرَ کان اهو ڪم وٺي رهيو آهي؟” جَتَ سوچيو.
“ قبيلي جي سردار سان وڃي اها حقيقت بيان ڪر ته هڪ فوجي جٿو هيڏانهن اچي رهيو آهي،” جَتَ نِينگَرَ کي چيو.
“ هو مون تي کلندا.”
“ هو ريگستاني ماڻهو آهن، ۽ هو انهن علامتن کي سمجھندا آهن.”
“ ته پوء گھڻو ڪري کين ان ڳالهه جو اڳ ۾ ئي پتو هوندو.”
“ هنن جو ان ڳالهه سان في الوقت ڪو تعلق ناهي. سندن ان ڳالهه تي ايمان آهي ته جيڪڏهن الله تعالى کين ڪنهن ڳالهه کان آگاهه ڪرڻ چاهيندو آهي ته ڪو نه ڪو اوهانکي ان بابت ٻڌائيندو. اهو اڳ به ڪيترائي ڀيرا ٿي چڪو آهي، پر هن ڀيري اها خبر ٻڌائڻ وارو شخص تون آهين.”
نِينگَرَ فاطمه جي بابت سوچيو. ۽ هن اهو طع ڪيو ته هو قبيلي جي سردارن ڏانهن ملڻ ضرور ويندو.