ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

قسط 10

عمارت ۾ هڪ انگريز هڪ بينچ تي ويٺل هو، ان عمارت ۾ ڌوڙ مٽي هئي ۽ جانورن ۽ پگھر جي ڌپ ٿي آئي؛ اها عمارت ڪجھ گدام پئي لڳي ته ڪجھ پکين جو پڃرو. “ مونکي اهو ڪاٿو نه هو ته پڇاڙيء ۾ آءٌ هن جهڙي جڳهه تي اچي پهچندس،” انگريز هڪ ڪيميائي مخزن جا ورق اُٿلائيندي سوچي رهيو هو. “ ڏهه ورهيه يونيورسٽيء جي تعليم ماڻڻ کانپوء آءٌ هڪ پڃري ۾ آهيان.”
پر کيس اڳتي وڌڻو هو. کيس سَوڻَن تي ويساهه هو. سندس سموري حياتي ۽ سمورو علم ڪائنات جي اصل ٻوليء کي سمجھڻ لاء صرف ٿيل هو. پهريائين هن ايسپيرانٽو ٻولي پڙهي، پوء هن دنيا جي مختلف مذهبن جي بابت علم حاصل ڪيو ۽ هاڻ هو علم ڪيميا جو مطالعو ڪري رهيو هو. کيس ايسپرانٽو ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ آئي ٿي، ۽ کيس دنيا جي مڙني وڏن مذهبن جي ڄاڻ پڻ هئي، پر هو اڃا تائين ڪيمانگر بڻجي نه سگھيو هو. هو ڪجھ خاص سوالن جي پٺيان لڪل حقيقت کي به سمجھي چڪو هو، پر سندس ڏات کيس ان مقام تي پهچائي ڇڏيو هو. جو ان کان اڳتي هن وڃڻ نه ٿي چاهيو. هو هڪ ڪيمانگر سان به لهه وچڙ ۾ آيو هو جيڪو هڪ بي لاڀ عمل هو. پر ڪيمانگر عجيب ٿين ٿا، هو صرف پنهنجي بابت ئي سوچين ٿا، ۽ هنن سدائين سندس واهَرَ کان انڪار ڪيو.
ڪهڙي خبر، ٿي سگھي ٿو ته هو اُن حڪمت واري ڪم يعني پارس جي پٿر جي ڳُجھ تائين پهچڻ ۾ ناڪام ويا هجن، ٿي سگھي ٿو ته ان ئي سبب جي ڪري هنن پنهنجي ڏات پاڻ تائين محدود ڪري ڇڏي هئي.
هو اڳ ۾ ئي پنهنجي پيء جو ڇڏيل ناڻو پارس جي پٿرکي ماڻڻ لاء اجائي لُٽائي چڪو هو. هن دنيا جي وڏي کان وڏن ڪتاب گھرن ۾ به پنهنجو ججھو وقت گذاري چڪو هو، ۽ ڪيميا جا ڪيترائي ناياب ڪتاب پڻ خريد ڪري چڪو هو. هڪ ڪتاب ۾ هن ڪيترائي ورهيه اڳ هڪ عرب ڪيميا گر جي يورپ گھمڻ جي بابت به پڙهيو هو. اهو ٻڌايو پئي ويو ته سندس ڄمار ٻه سوء ورهين کان به مٿي هئي، ۽ هن پارس جو پٿر ۽ وڏي ڄمار ماڻڻ وارو آبِ حيات به ڳولي لڌا هئائين. انگريز ان سڄي قصي کان انتهائي درجي تائين متاثر ٿي چڪو هو. پر هو ان قصي کي ايستائين هڪ ڏند ڪٿا سمجھي رهيو هو جيسيتائين سندس هڪ دوست بيابان مان قديم آثارن جي مهم تان موٽندي کيس هڪ پوڙهي شخص جي بابت ٻڌايو هو جيڪو غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو.
“ هو ريگستان جي وچ ۾ هڪ سرسبز جاء الفَيوم ۾ رهي ٿو.” سندس دوست کيس چيو. “ ۽ ماڻهو چون ٿا ته هو ٻه سوء ورهين جو آهي ۽ هو ڌاتن کي سون ۾ تبديل ڪرڻ جو ماهر آهي.”
انگريز پنهنجي بي تابي گھڻي دير روڪي نه سگھيو. هو پنهنجا سڀ ڪم ڪاريون منسوخ ڪري، پنهنجا ڪجھ مخصوص ڪتاب کڻي هاڻي هو هڪ ميري بدبودار گدام ۾ ويٺو هو. ۽ ٻاهر هڪ وڏو قافلو سهارا ريگستان پار ڪرڻ جي تياري ۾ هو، ۽ ان قافلي کي الفَيوم وٽان به گذر ڪرڻو هو.
“ آءٌ ان ڪيمانگر کي ڳولي لهندس،” انگريز سوچيو. هاڻ کيس پکين جي بدبوء به برداشت ڪرڻ جھڙي لڳي رهي هئي.
هڪ عرب ڳڀرُو به پنهنجو سامان رکي اندر داخل ٿيو ۽ انگريز کي کيڪاريائين.
“ اوهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟” ڳڀرُو عرب پڇيو.
“ آءٌ ريگستان ڏانهن وڃي رهيو آهيان،” انگريز پنهنجو مطالعو جاري رکندي جواب ڏنو. هن ان وقت ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي ڪرڻ چاهي. کيس ان سڄي ڏات جو ٻيهر جائزو وٺڻو هو جيڪو ڪيترن ئي ورهين دوران پڙهيو هئائين، ڇاڪاڻ جو اهو ڪيمانگر کيس ضرور پرکيندو.
عرب ڳڀرُو ڪتاب ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو. ڪتاب اندلسي ٻوليء ۾ لکيل هو.
“ڏاڍو چڱو،” انگريز سوچيو. هو عربيء کان وڌيڪ اندلس جي ٻولي بهتر ڳالهائي رهيو هو، ۽ جيڪڏهن هي نِينگَرُ به الفَيوم ڏانهن وڃي رهيو آهي ته اتي واندڪائيء ۾ ڪو نه ڪو ڳالهائڻ لاء ته ملي ويندو.



“ عجيب ڳالهه آهي،” نِينگَرَ هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڪتاب ۾ جنازي وارو قصو پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. “ آءٌ ٻن ورهين کان ان ڪتاب کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، پر آءٌ شروع وارن صفحن کان اڳتي ڪڏهن به نه وڌي سگھيس.” پوڙهي بادشاه جي خلل نه وجھڻ جي باوجود به ڪتاب تي ڌيان نه پئي ڏئي سگھيو.
کيس اڃا پنهنجي فيصلي تي شڪ هو. پر هو هڪ شيء سمجھي سگھيو ٿي؛ ڪو به فيصلو ڪرڻ صرف هڪ مُنڍ آهي. جڏهن ڪير به ڪو فيصلو ڪري ٿو ته ، ته حقيقت ۾ هو هڪ زوردار وهڪري ۾ ٽُٻي هڻي رهيو هوندو آهي ۽ اهو وهڪرو کيس سندس ان پهرئين فيصلي ڪرڻ کانپوء ان مقام تي پهچائي ڇڏي ٿو جنهن جو کيس گمان به نه هوندو آهي.
“جڏهن مون خزانو ڳولڻ جو فيصلو ڪيو هو ته مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته آءٌ هڪ ٿانوَن جي هَٽَ تائين اچي پهچندس. ۽ هن قافلي تائين اچي پهچندس. پر هاڻ اهو جيئن به هلي رهيو آهي، مون لاء هڪ ڳجھ آهي،” هن سوچيو.
سندس ڀر ۾ ئي انگريز ڪتاب پڙهي رهيو هو. هو بي پريتو انسان ٿي لڳو. ۽ جنهن وقت نِينگَرُ اندر داخل ٿيو هو ته کيس خار لڳي هئي. سندن وچ ۾ دوستي ٿي سگھي پئي پر انگريز ڳالهه ٻولهه ئي بند ڪري ڇڏي.
نِينگَرَ پنهنجو ڪتاب بند ڪيو. نِينگَرَ سوچيو ته کيس ان انگريز وارو رويو اختيار ڪرڻ نه گھرجي. هن سندس کيسي مان يورم ۽ ٿومم انهن سان ڪڏڻ شروع ڪيو.
“ يورم ۽ ٿومم!!” انگريز رڙ ڪندي چيو.
گھٻرائيندي نِينگَرَ پٿر پنهنجي کيسي ۾ رکي ڇڏيا.
“اهي وڪري لاء ناهن،” نِينگَرَ چيو.
“ اهي گھڻا مهانگا به ناهن،” انگريز چيو. “ اهي فقط پٿر جا ٽڪڙا آهن، ۽ اهڙا پٿر جا ٽڪڙا زمين جي اندر جام آهن. پر جن کي اهڙين شين جي ڄاڻ آهي، اهي ئي اهو سمجھي سگھن ٿا ته اهي يورم ۽ ٿومم آهن. مونکي اها خبر نه هئي ته اهي دنيا جي هن حصي ۾ به موجود آهن.”
“ هي پٿر هڪ بادشاه مونکي تحفي طور ڏنا هئا،” نِينگَرَ چيو.
انگريز جواب نه ڏنو؛ انجي بجاء هن پنهنجي کيسي ۾ هٿ وجھي ساڳيا پٿر ڪڍيا جيڪي نِينگَرَ وٽ هئا.
“ ڇا تون هڪ بادشاه جي ڳالهه ڪئي؟” انگريز پڇيو.
“ آءٌ ڀائنيان ٿو ته توهان کي ان ڳالهه تي يقين نه ايندو ته ڪو بادشاه مون جهڙي هڪ ريڍار سان ڳالهائيندو،” نِينگَرَ اهو چوندي وڌيڪ ڳالهه ٻولهه نه ڪرڻ چاهي.
“ ائين هرگز ناهي. اهي ريڍار ئي هئا جن بادشاه کي سڃاتو هو جڏهن ته پوري دنيا ان ڳالهه کي تسليم نه ٿي ڪيو. سو بادشاه جو ريڍار سان ڳالهائڻ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه ناهي.”
هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي ۽ هو خائف به هو ته متان نِينگَرُ سندس ڳالهيون نه سمجھي سگھي، “ اهو توريت ۾ لکيل آهي. هي اهو ئي ساڳيو ڪتاب آهي جنهن مونکي يورم ۽ ٿومم جي بابت ڄاڻ ڏني. اهي پٿر خدا جي طرف کان برڪت وارا پٿر آهن. پادري انهن پٿرن کي سون جي پَٽَي ۾ رکندا آهن.”
هاڻ نِينگَرُ ان گدام ۾ ويٺي سرهائي محسوس ڪري رهيو هو.
“ ٿي سگھي ٿو ته هي به ڪو قدرت جو سَوڻُ هجي،” انگريز ٿورو وڏي آواز ۾ چيو.
“ توهانکي انهن سَوڻَن جي بابت ڪنهن ٻڌايو؟” نِينگَرَ جي دلچسپي وڌي رهي هئي.
“ زندگيء ۾ هر شيء قدرت جو هڪ سَوڻُ آهي،” انگريز هاڻ پنهنجو مخزن (رسالو) بند ڪندي کيس جواب ڏنو.
“ هڪ ٻولي آهي جنهنکي پوري ڪائنات جي ٻولي چيو وڃي ٿو، ٻين شين سان گڏ ان ڪائنات جي ٻوليء جي کوجنا ۾ آهيان. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ هت آهيان. مونکي اهو ماڻهو ڳولڻو اهي جيڪو اها ٻولي ڄاڻي ٿو. ۽ اهو صرف هڪ ڪيمانگر ئي آهي.”
گدام جي مالڪ سندن ڪچهري ۾ رخنو وڌو.
“ توهان ٻئي سڀاڳا آهيو،” گدام جي مالڪ ٿلهي عرب چيو.
“ اڄ هڪ قافلو الفَيوم ڏانهن وڃي رهيو آهي.”
“پر مونکي ته مصر وڃڻو آهي،” نِينگَرَ چيو.
“الفَيوم مصر ۾ ئي آهي،” گدام جي مالڪ چيو. “ تون ڪهڙي ڀانت (قِسم) جو عرب آهين، توکي اها به خبر ناهي.”
“اهو سڀاڳ جو سَوڻُ آهي،” گدام جي مالڪ جي وڃڻ کانپوء انگريز چيو. “ جيڪڏهن آءٌ اهو ڪري سگھيس ته صرف ٻن لفظن “ڀاڳ” ۽ “اتفاق” تي هڪ تمام عميق معلوماتي خُلاصو لکندس، ڇاڪاڻ جو انهن ٻن لفظن سان ئي اها ڪائنات جي ٻولي لکيل آهي.”
هن نِينگَرَ کي چيو ته سندس ان نِينگَرَ سان هٿ ۾ يورم ۽ ٿومم کنئي ملڻ اتفاق ناهي. ۽ نِينگَرَ کان اهو به پڇيائين ته ڇا هو پڻ هڪ ڪيمانگر جي کوجنا ۾ آهي.
“ آءٌ هڪ خزاني جي کوجنا ۾ آهيان،” نِينگَرَ چيو، ۽ يڪدم کيس اها ڳالهه ٻڌائڻ تي افسوس ٿيو. پر انگريز سندس ان ڳالهه کي ڪا خاص اهميت نه ڏني.
“ هڪ طرح سان ته آءٌ به هڪ خزاني جي ئي کوجنا ۾ آهيان،” انگريز چيو.
“ مونکي علم ڪيميا جي بابت ڪا ڄاڻ ناهي،” نِينگَرُ اها ڳالهه ڪري ئي رهيو هو ته گدام جي مالڪ کين ٻاهر سڏيو.



“آءٌ قافلي جو اڳواڻ آهيان،” ڏاڙهيء سان هڪ ڪرڙين اکين واري ماڻهوء چيو. “ جيڪي به مونسان گڏ آهن انهن جي زندگيء ۽ موت جو ذميوار آءٌ آهيان. ريگستان هڪ خيالي عورت وانگي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهن کي چريو ڪريو ڇڏي.”
اتي لَڳُ ڀَڳُ ٻه سئو کن ماڻهو ۽ چار سئو جانور جن ۾ اُٺ،گھوڙا، خچر ۽ پکي گڏ ٿيل هئا. ان انبوه ۾ ٻار ، عورتون مرد هئا ۽ مَرد تلوارن ۽ بندوقن سان هئا. انگريز وٽ به ڪتابن سان ڀريل ڪيترائي ٿيلها هئا. اتي تمام گھڻو شور هو، جنهن جي ڪري قافلي جي اڳواڻ کي پنهنجي ڳالهه هر هر دهرائڻي پئي پوي ته هرڪو سمجھي سگھي ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي.
“ هت هر ڀانت جا ماڻهو آهن، ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي خدا تي ايمان رکي ٿو. پر آءٌ فقط هڪ الله تي يقين رکان ٿو، ۽ آءٌ انجو قسم کڻي اهو ٻيهر دهرايان ٿو ته آءٌ اوهان کي هي ريگستان پار ڪرائڻ لاء پنهنجي هر ممڪن ڪوشش ڪندس. پر آءٌ اوهان مان هر هڪ کان اهو چاهيان ٿو ته توهان به پنهنجي پنهنجي خدا جو قسم کڻي چئو ته توهان منهنجي احڪامن جي هر صورت ۾ فرمانبرداري ڪندئو. ريگستان ۾ فرمانبرداري نه ڪرڻ جو تَتُ صرف موت آهي.”
انبوه ۾ ڀڻ ڀڻ شروع ٿي وئي، هرڪو ماٺ ۾ پنهنجي پنهنجي خدا جو وچن ڏئي رهيو هو. نِينگَرَ عيسيٰؑ جو قسم ڏنو. جڏهن ته انگريز خاموش رهيو. ۽ اها وچن ڏيڻ واري ڀُڻ ڀُڻ ڪيتري ئي وقت تائين جاري رهي. ماڻهو پنهنجي حفاظت لاء پنهنجي خدائن جي عبادت پڻ ڪري رهيا هئا.
بِگل وڳو، ۽ هر ڪو مٿي چڙهيو. نِينگَرَ ۽ انگريز اُٺ خريد ڪيا هئا، ۽ هو بي يقيني واري ڪيفيت ۾ انهن تي چڙهي ويٺا. نِينگَرَ کي انگريز جي اُٺ کي ڏسي افسوس ٿيو، جيڪو ڪتابن جي وزن جي ڪري جُھڪي پيو هو.
“اتفاق جھڙي ٻي ڪا شيء ناهي،” انگريز وري اُتان کان ڳالهه شروع ڪئي جتان گدام ۾ ڇڏي هئائين. “ آءٌ هت انڪري آهيان جو منهنجي هڪ دوست هڪ عرب جر بابت ٻڌو هو جيڪو.........” قافلو هلڻ شروع ٿيو ۽ انگريز جي ڳالهه کي ٻڌڻ ناممڪن هو. پر نِينگَرَ کي خبر هئي ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي، جيتوڻيڪ ؛ هڪ الهامي سلسلو جيڪو هڪ شيء کي ٻي شيء سان ڳنڍي ٿو، ان ئي ساڳي سلسلي جي ڪري هو ريڍار بڻيو هو، انجي ڪري ئي هو وري وري اهو خواب لهي رهيو هو، ان سلسلي ئي کيس آفريڪا تائين پهچايو،بادشاه سان ملايو، ۽ قلمي ڪائَي جي واپاريء سان ملڻ لاء ڦورن کان به ڦريو، ۽..........
“جيڪڏهن ڪير پنهنجي تقدير کي سمجھڻ جي ويجھو پهچي ٿو، ته اها تقدير ئي سندس جياپي جو سبب بڻجي ٿي،” نِينگَرَ سوچيو. قافلو اوڀر طرف هلڻ شروع ٿيو. قافلو پرهه ڦٽيء کان سفر شروع ڪري پيو، ٻن پهرن جو ٽاڪ منجھند جي ڪري منزل هڻي آرام ٿي ڪيائون، وري ٽئين پهر ۾ هلڻ ٿي شروع ڪيائون. نِينگَرَ ۽ انگريز جي گھٽ ڳالهه ٻولهه پئي ٿي ڇاڪاڻ جو انگريز ڳچ وقت ڪتاب پڙهڻ ۾ صرف ڪري رهيو هو.
نِينگَرُ سانت ئي سانت ۾ ريگستان ۾ ماڻهن ۽ جانورن جو مشاهدو ڪري رهيو هو. سفر شروع ڪرڻ واري ڏينهن جي نسبت هاڻ خاموشي آهي، ان وقت مڙني کي آنڌ مانڌ هئي ۽ هر طرف رڙيون هيون، ٻارن جا رنڀاٽ ۽ جانورن جون هينگڻ، ان کان علاوه قافلي جي مختلف ٽولين جي رهبرن ۽ واپارين جي پريشاني سڀ شيون گڏجي ويون هيون.
پر، ريگستان ۾ صرف واء ۽ جانورن جي کُرن جو آواز هو. قافلي جي ٽولين جا رهبر پڻ هڪٻئي سان گھٽ ڳالهائي رهيا هئا.
“ مون هي ريگستان ڪيترائي ڀيرا پار ڪيو آهي،” هڪ اُٺ واري هڪ رات ڳالهه ڪئي. “ پر ريگستان تمام وڏو وسيع آهي، ۽ آڪاس منڊل تمام ڏور، هت انسان پاڻ کي ادنيٰ محسوس ڪري ٿو ۽ ان ڪري ئي خاموش رهي ٿو.”
نِينگَرُ ريگستان ۾ پهرين دفعي سفر ڪرڻ جي باوجود سندس ڳالهه سمجھي ويو ته هو ڇا ٿو چوڻ چاهي، جڏهن به هو سمنڊ يا باهه کي ڏسندو هو ته انهن جي اصلي طاقت کي ڏسي سانت ۾ اچي ويندو هو.
“ مون اهي شيون رڍن ۽ ٿانوَن مان سکيون آهن، آءٌ هن ريگستان مان به ڪجھ سکي سگھان ٿو، ڇاڪاڻ جو اهو تمام قديم ۽ ساڃهه وند آهي.” هن سوچيو.
هِير هلندي رهي، ۽ نِينگَرَ کي اهو ڏينهن ياد آيو جنهن ڏينهن هو طريفا ۾ قلعي تي ويٺل هو ۽ اها ساڳي هِير سندس چهري سان ٽڪرائي رهي هئي. ان هِير کيس سندس رڍن جي يادگيري ڏياري. سندس رڍون هن وقت سدائين وانگي اندلس جي ميدانن ۾ خوراڪ ۽ پاڻيء جي ڳولا ۾ هونديون.
“ هاڻ هو منهنجيون رڍون ناهن رهيون،” ماضي ۾ گذريل سٺي وقت کي ياد ڪئي بغير هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. “ اهي هاڻ پنهنجي نئين ريڍار جون عادي ٿي چڪيون هونديون، ۽ گھڻو ڪري مونکي به وساري چڪيون هونديون. اها ته تمام ڀلي ڳالهه آهي. رڍن جهڙي مخلوق جيڪا سفر ڪرڻ جي عادي آهي سا اڳتي وڌڻ ڄاڻي ٿي.”
هن واپاريء جي ڌيء جي بابت سوچيو، ۽ کيس پڪ هئي ته هوء شادي ڪري چڪي هوندي؛ گھڻو ڪري هڪ نانوائيء سان يا ڪنهن ٻئي ريڍار سان جيڪو کيس دلچسپ آکاڻيون ٻڌائي سگھندو هوندو. هونئن به ان نِينگِريءَ لاء هي هڪ ته نه هو. هو اُٺ واري جي ان لڪيل ڳالهه کان گھڻو متاثر ٿيو هو؛ ٿي سگھي ٿو ته اهو اٺ وارو پڻ اها ڪائنات جي ٻولي سکي رهيو هجي جيڪا ماڻهن جي ماضي ۽ مستقبل سان تعلق رکي ٿي. سندس ماء انهن ڳالهين کي “وهم” سڏيندي هئي. نِينگَرُ ان ڳالهه کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته وهم روح جو ڪائنات ۾ موجود زندگيء جي وهڪري ۾ اوچتي ٽٻيء جو نالو آهي، جتي انسانن جي تاريخ هڪٻئي سان ڳانڍاپي ۾ آهي، ۽ اسين سڀ ڪجھ سمجھڻ جي قابل آهيون، ڇاڪاڻ جو سڀ ڪجھ لکيل آهي.
“لکيو،” نِينگَرَ کي ٿانون جي واپاريء واري ڳالهه ياد آئي.
ريگستان جو ڪجھ حصو وارياسو ۽ ڪجھ حصو جابلو هو. جيڪڏهن ڪو وڏو پٿر يا ڪا وڏي ٽڪري قافلي جي رستي ۾ آيا ٿي ته قافلي کي انجي چوڌاري ڦيرو ڪٽي گذرڻو ٿي پيو؛ ۽ جيڪڏهن ڪٿي ريتي انتهائي سنهي ٿي آئي جتي جانورن جا کر ڦاسيو ٿي پيا ته گذر لاء ڪنهن سخت جڳهه جي ڳولا ٿي ڪئي وئي، جتي زمين سُڪل ڍنڍن جي لوڻ سان ڍڪيل هئي، اُتي جانور بيهي ٿي رهيا.، ۽ جَتَن (اُٺ ڪاهيندڙ) کي پنهنجي اُٺن تان وزن هلڪو ٿي ڪرڻو پيو. جَتَن وٽ اهڙين جڳهين تي الڳ وزن کڻڻ لاء گاڏا پڻ هئا. اهڙن لنگھن تا گذرڻ کانپوء وري وزن اُٺن تي واپس ٿي رکيو ويو. جيڪڏهن قافلي جي ڪنهن ٽوليء جو اڳواڻ بيمار يا فوت ٿيو ٿي ته جَتَن پُکن جي ذريعي نئون اڳواڻ منتخب ٿي ڪيو.
پر انهن سڀني ڳالهين کانپوء به سندن هڪ ئي مقصد هو؛ ڀلي کڻي ڇا به ٿي پوي يا ڪيترائي ڦيرا کين ڪاٽڻا پون پر قافلي کي هڪ ئي گھير نُقطي تي هلڻو هو. هڪ دفعو اَڙاڪا ختم ٿيڻ کانپوء اهو نُقطو واپس اچي ٿَي ويو، هڪ تاري کي ڏسي هنن ريگستان ۾ ساوڪ ۽ پاڻي وغيره جو ڪاٿو ٿي لڳايو. جڏهن ماڻهن اهو تارو آسمان ۾ صبح جي وقت ٿي ڏٺو ته کين ڪاٿو ٿي ويو ٿي ته اهي صحيح طرف پاڻي، کجين جي وڻن ۽ صحيح پناه گاهه ڏانهن سفر ڪري رهيا آهن. اهو انگريز ئي هو جنهن کي ڪنهن ڳالهه جي سُڌ نه هئي ۽ هو ڳچ وقت ڪتابن پڙهڻ ۾ ئي غرق ٿي رهيو.
نِينگَرَ وٽ پڻ هڪ ڪتاب هو، ۽ سفر جي مُنڍَ وارن ڏينهن ۾ هن اهوڪتاب پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پر سندس دلچسپي قافلي تي غور ڪرڻ ۽ ان هِير جي آواز ۾ وڌيڪ هئي. جيئن ئي هو پنهنجي اُٺ کي سمجھڻ لڳو هو، ۽ ان سان ناتو جوڙڻ شروع ڪيو هئائين تيئن ئي هن سندس ڪتاب پاسي تي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ نِينگَرَ اهو تصور جوڙي ڇڏيو هو ته هر دفعي جڏهن به هو ڪتاب کوليندو ته ڪا نه ڪا خاص ڳالهه سکندو، پر هن اهو سوچيو ته هن وقت هي هڪ غير ضروري وزن آهي.
نِينگَرَ جي گڏ سفر ڪرڻ واري هڪ جَتَ سان دوستي ٿي وئي هئي، رات جو جڏهن هو مَچَ جي چوڌاري ويهندا هئا ته نِينگَرُ کيس پنهنجي ريڍارڪي وقت جا قصا ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي ان ڳالهه ٻولهه جي دوران کيس پنهنجي زندگيء جو قصو ٻڌايو.
“ آءٌ القاهرة ۾ رهندو هئس، مون وٽ پنهنجو باغيچو هو، ٻار ٻچا ۽ اهڙي آرامده زندگي هئي جيڪا منهنجي مرڻ تائين تبديل نه ٿئي ها. هڪ سال جڏهن فصل تمام بهترين ٿيو هو، ته اسين مڪي پاڪ هليا وياسين، ۽ مون پنهنجي زندگيء جو اهو اهم فرض ادا ڪيو. جنهن کانپوء آءٌ سَرَهو ٿي سڪون واري موت مري ٿي سگھيس. هڪ ڏينهن زلزلو آيو، ۽ نِيل ندي جو پاڻي بند ٽوڙي اُٿلي پيو. مون اهو ڪڏهن به نه سوچيو هو ته اهڙي ويڌن مونسان ٿيندي. منهنجي پاڙيسرين کي اهو خوف هو ته سندن زيتون جا وڻ ان ٻوڏ ۾ لُڙهي ويندا، منهنجي زال ان ڳالهه کان ڊنل هئي ته ٻوڏ اسانجا ٻار ٻچا به لوڙهي کڻي ويندي، مون به اهو ئي ٿي سوچيو ته مون وٽ جيڪي ڪجھ آهي سو هاڻ تباهه برباد ٿي ويندو. ٻوڏ آئي ۽ سڀ ڪجھ ختم ۽ ويران ٿي ويو، تنهن کان پوء مونکي گذاري لاء ڪجھ ته ڪرڻو هو. تنهنڪري آءٌ جَتُ بڻجي ويس. پر ان تباهيء مونکي الله پاڪ جي فرمان کي سمجھڻ ۾ مدد ڪئي، ته، جيڪڏهن انسان جيڪي چاهي ٿو يا جيڪا انجي گُهرج آهي انکي ماڻڻ جي قابليت رکي ٿو ته کيس ڪنهن شيء کان گھٻرائڻ جي گُهرج ناهي.
“ اسين ڪا به شيء وڃائڻ کان خوفزده ٿا رهون، پوء ڀلي اها زندگي هجي يا ڪا ملڪيت يا ڪو ٻيو ساز و سامان. پر اهو خوف تڏهن جنم وٺي ٿو جڏهن اسين پاڻ کي ان ڳالهه تي قائل ڪيون ٿا ته اسانجي زندگيء جي ڪهاڻي ۽ دنيا جي تاريخ ساڳئي ئي قلم سان لکيل آهن.”
ڪڏهن ته سندن قافلو ٻئي قافلي سان ٿي وڃي مليو. ان وقت هر ڪنهن وٽ اها شيء ضرور هوندي هئي جيڪا ڪنهن ٻئي جي گُهرج ۾ هئي _ جيئن واقعي هر شيء هڪ ئي قلم سان لکي وئي هجي. جَتَ جڏهن باهه جي مچ جي چوڏاري ويٺا ٿي، ته هو هڪٻئي کي ريگستان بابت ۽ ان ۾ ايندڙ واچوڙن جي بابت واقعا ٻڌائيندا ٿي رهيا.
ڪنهن ويلي ته عجيب و غريب ڀانت جا ماڻهو مٿي تي پوتڙا ٻڌل ظاهر ٿي ٿيا؛ اهي عرب بَدُو هئا جن قافلي جي رستن جي نگهباني ٿي ڪئي، ۽ چورن ۽ جنگلي خونخوار قبيلن جي بابت اطلاع ٿي ڏنو. اهي خاموشيء سان اچي خاموشيء سان ئي هليا ٿي ويا، کين ڪاريون پوشاڪون پهريل هيون جن مان رڳي سندن اکيون ٿي نظر آيون.
هڪ رات هڪ جَتُ باهه جي مچ وٽ آيو جتي نِينگَرُ ۽ انگريز ويٺا هئا. “پسگردائيء ۾ قبيلائي ويڙهه جون افواهون آهن،” هن کين آگاهه ڪيو.
ٽئي ڄڻا سانت ۾ اچي ويا. نِينگَرَ کي چوڌاري خوف جو احساس ٿيو، جيتوڻيڪ ڪير به ان بابت ڪجھ ڪڇيو نه ٿي. هڪ ڀيرو ٻيهر هو لفظن جي بغير ٻوليء جو تجربو ڪري رهيو هو... اها ئي ڪائنات جي ٻولي.
انگريز پڇيو ته ڇا اسان هاڻ خطري ۾ آهيون؟
“ هڪ دفعو جڏهن توهان ريگستان ۾ پير پاتو ته پوء واپسيء جو ڪو پيچرو ناهي،” جَتَ وراڻيو. “ ۽ ان حالت ۾ جڏهن توهان پوئتي نه ٿا وڃي سگھو ته پوء اڳتي وڌڻ جي بهترين پيچري جي کوجنا ڪيو. باقي سڀ ڪجھ الله تي آهي.” هن پنهنجي ڳالهه اهو ڳجھو لفظ “لکيو” چوندي پوري ڪئي.
“ توهان کي قافلي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گھرجي،” جَتَ جي وڃڻ کانپوء نِينگَرَ انگريز کي چيو. “ اسان ڪيترائي ور وڪڙ ٺاهيا پر اسانجي منزل ته هڪ ئي آهي.”
“ ۽ توهانکي به دنيا جي بابت پڙهڻ گھرجي،” انگريز کيس وراڻيو. “ ڪتاب به ساڳئي نموني سان قافلن وانگي ئي آهن”
ماڻهن ۽ جانورن جو انبوه هاڻ تيز تيز هلڻ شروع ٿيو. ڏينهن ته سدائين سانت ۾ ئي هئا پر هاڻ ته راتيون به سانت ۾ پئجي ويون هيون. باهه جي مچ جي چوڌاري جيڪي ماڻهو ويهي ڪچهرا ڪندا هئا هاڻ تن کي به ماٺ اچي وئي هئي. هڪ ڏينهن قافلي جي اڳواڻ اهو فيصلو ڪيو ته هاڻ باهه جو مچ نه ٻاريو وڃي ته جيئن قافلي جي ڪنهن کي خبر نه پوي. مسافر سمهڻ مهل سيء کان بچڻ لاء جانورن کي دائري جي شڪل ۾ بيهاري وچ ۾ سمهندا هئا. ۽ اڳواڻ قافلي جي ٽولين جي حفاظت لاء هٿيارن سان چوڪيون پڻ لڳايون ٿي.
هڪ رات انگريز کي ننڊ نه ٿي آئي. هن نِينگَرَ کي سڏيو ۽ هو هلندي هلندي قافلي واري جاء کان ٿورو اڳتي نڪري آيا. پورنماس جي رات هئي، ۽ نِينگَرَ انگريز کي پنهنجي زندگيء جي ڪهاڻي بيان ڪئي. انگريز نِينگَرَ جي ٿانوَن واري هَٽَ تان حاصل ڪيل ترقيء واري ڳالهه کان گھڻو متاثر ٿيو.
“ اهو ئي قائدو آهي جيڪو هر شيء کي هلائي ٿو،” انگريز چيو.
“ علم ڪيميا ۾ انکي دنيا جو روح چيو وڃي ٿو. جڏهن توهان پنهنجي دل و جان سان ڪنهن شيء جي طلب ڪيو ٿا، ته ان وقت توهان دنيا جي روح جي ويجھو اچي وڃو ٿا. ۽ اها سدائين کان هڪ مثبت قوت آهي.”
هن چيو ته ، “ اهو ڪو انساني تحفو ناهي، پر زمين تي موجود هر شيء جاندار آهي ۽ هر شيء کي روح آهي، ڀلي اهي ڌاتو، ڀاڄيون، يا جانور، يا صرف هڪ خيال ڇو نه هجي.”
“ دنيا ۾ موجود هر شيء مسلسل تبديل ٿيندي رهي ٿي، ڇاڪاڻ جو زمين زنده آهي ۽ زمين کي به روح آهي. ۽ اسين ان روح جو حصو آهيون، سو اسانکي اها خبر ئي نه ٿي پوي ته اها اسان لاء زنده آهي ۽ اسان لاء ئي ڪم ڪري رهي آهي. هَٽَ ۾ تو اهو محسوس ڪيو هوندو ته هڪ شيشو به تنهنجي ڪاميابيء ۾ تنهنجي مدد ڪري رهيو هو.
نِينگَرَ چنڊ ۽ واريء ڏانهن ڏسندي ڪجھ دير لاء ان بابت سوچيو پئي.
“ مون قافلي کي ريگستان مان گذرندي ڏٺو پئي،” نِينگَرَ چيو. “ قافلي ۽ ريگستان جي به هڪ ئي ٻولي آهي، اهو ئي سبب آهي جو ريگستان گذر ڪرڻ جي اجازت ڏيئي رهيو آهي. ۽ اهو قافلي جي هر قدم کي پرکي رهيو آهي ته قافلو پنهنجي مقرر وقت تي آهي يا نه، جيڪڏهن قافلو وقت تي آهي ته هو پاڻيء ۽ ساوڪ تائين به پهچيو پون.”
“ جيڪڏهن اسان مان ڪير به پنهنجي بهادريء جي سبب هن قافلي ۾ شامل ٿئي ها، بغير ان جي ٻولي سمجھڻ جي ته ان لاء سفر تمام گھڻو اڻانگھو ٿي پوي ها.”
ٻئي اتي بيٺا چنڊ کي تڪيندا رهيا.
“اهو ئي ته سَوڻَن جو جادو آهي،” نِينگَرَ چيو. “ مون ڏٺو پئي ته قافلي جي رهنمائي ڪرڻ وارا ڪيئن ڪيئن انهن علامتن کي پڙهي رهيا هئا، ۽ ڪيئن قافلي جي روح ريگستان جي روح سان هم ڪلامي ٿي ڪئي.”
انگريز چيو، “ مونکي واقعي قافلي تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ گھرجي.”
“ ۽ مونکي واقعي توهانجا ڪتاب پڙهڻ گھرجن،” نِينگَرَ چيو.