ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

قسط 11

اهي عجيب ڪتاب هئا. انهن ۾ پاري، ازدهائن، بادشاهن جي بابت ذڪر ٿيل هو، ۽ هو انهن مان ڪا به شيء سمجھي نه سگھيو. پر هڪ ڳالهه جيڪا انهن ڪتابن ۾ بار بار دهرائجي رهي هئي سا اها هئي ته، مڙني شين جو جنم صرف هڪ ئي شيء مان ٿيو آهي، يا سموريون شيون صرف هڪئي شيء جو تَتُ آهن.
هڪ ڪتاب ۾ هن پڙهيو ته علم ڪيميا جي ڏات ۾ سڀ کان اهم عبارت صرف ڪجھ جملن تي مشتمل آهي. ۽ اها هڪ زمرد جي پٿر تي اُڪريل آهي.
“ اها هڪ زمرد جي فَرَهي آهي،” انگريز چيو. ۽ نِينگَرَ کي ڪجھ سيکارڻ تي فخر محسوس ڪيائين.
“ ٺيڪ آهي، ته پوء اسانکي انهن مڙني ڪتابن جي گُهرج ڇو آهي؟” نِينگَرَ پڇيو.
“ ته جيئن اسين اهي ڪجھ جملا سمجھي سگھون،” انگريز ڳالهه سمجھڻ جي بغير ئي ته هو ڇا چئي رهيو آهي، وراڻيو.
نِينگَرَ جي وڌ کان وڌ دلچسپي ان ڪتاب ۾ پيدا ٿي جنهن ۾ مشهور ڪيمانگرن جي بابت قصا بيان ٿيل هئا.
هي اهي ماڻهو هئا جن پنهنجي سموري حياتي پنهنجي تجربيگاهن ۾ ڌاتن کي نِجُ ڪرڻ لاء وقف ڪري ڇڏي هئي. کين ان ڳالهه تي يقين هو ته جيڪڏهن ڪنهن ڌاتوء کي ڳچ ورهين تائين باهه ۾ تپايو وڃي ٿو ته اهو آخرڪار پنهنجي اصل خوبين کان آزاد ٿي وڃي ٿو، ۽ جيڪي بچي ٿو سو ئي آهي دنيا جو روح. اهو ئي دنيا جو روح کين دنيا ۾ موجود هر شيء کي سمجھڻ ۾ واهَرَ ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو هي اها ئي ٻولي آهي جنهن سان هر شيء جو واسطو پوي ٿو. هو ان ايجاد کي “حڪمت وارو ڪم” سڏين ٿا. ان جو ڪجھ حصو پاڻياٺ ۽ ڪجھ وري نِهرو آهي
“ڇا صرف ماڻهن ۽ سَوڻَن جي مشاهدي سان اها ٻولي نه ٿي سکي سگھجي؟” نِينگَرَ پڇيو.
“ توکي هر شيء کي آسان وٺڻ جي بيماري آهي،” انگريز خار وچان جواب ڏنو. “ علم ڪيميا هڪ ڳنڀير مضمون آهي. ان ۾ هر قدم ائين ئي کڻڻو آهي جيئن انجي استادن کنيو.”
نِينگَرَ اهو سکيو ته ان “حڪمت واري ڪم” جي پاڻياٺ واري حصي کي “ آبِ حيات” سڏجي ٿو، جنهن ۾ هر بيماريء جو علاج آهي؛ ۽ اهو ڪيمانگرن کي پوڙهي ٿيڻ کان پڻ بچائي ٿو. ۽ ٺوس حصي کي “پارس جو پٿر” سڏجي ٿو.
“پارس جو پٿر ماڻڻ ايترو آسان ناهي،” انگريز چيو. “ ڪيمانگر ورهين جا ورهيه پنهنجي ڪيميائي تجربيگاهن ۾ ان باهه جو مشاهدو ڪندي گذاريو ڇڏين جيڪا ڌاتن کي نِجُ بڻائي ٿي. پنهنجو ڳچ وقت ان باهه جي ويجھو گھارڻ کانپوء هوريان هوريان هنن دنياوي خود نماين تان هٿ کنيو. هنن اهو دريافت ڪيو ته ڌاتن کي نِجُ بڻائڻ واري عمل کين پنهنجي ذات کي نِجُ بڻائڻ تائين پهچائي ڇڏيو.”
نِينگَرَ کي ٿانوَن جي واپاريء جو خيال آيو. ان کيس چيو هو ته ٿانوَن کي صاف ڪرڻ سندس لاء سٺي ڳالهه آهي، ان سان هو پنهنجي اندر موجود ناڪارا سوچن کي به پاڪ صاف ڪري سگھي ٿو. نِينگَرُ ان ڳالهه جو قائل ٿيڻ لڳو هو ته علم ڪيميا روزمره جي زندگيء ۾ به سکي سگھجي ٿي.
“ ۽ پڻ،” انگريز ڳالهه جاري رکندي چيو، “پارس جي پٿر جي هڪ بهترين خَصلَتَ اها به آهي ته ان پٿر جو هڪ ننڍڙو ذرو به وڏي تعداد ۾ ڌاتن کي سون ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو.
اهو ٻڌڻ کانپوء نِينگَرَ جي دلچسپي علم ڪيميا ۾ اڃان وڌي وئي. هن سوچيو ته ٿوري صبر ڪرڻ سان هو هر شيء کي سون ۾ تبديل ڪري سگھي ٿو.
هن ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن جي حياتئ جي بابت پڙهيو جيڪي اهو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويا؛ جيئن، هيلويشس، الياس، فلڪانيلي ۽ جابر بن حيان. اهي تمام دلچسپ قصا هئا. انهن مان هر ڪنهن پڇاڙيء تائين پنهنجي تقدير پٽاندڙ مانَ ۽ مرتبي واري زندگي گذاري. هنن مسافري ڪئي، ڏاهن سان ميل ملاقاتون رکيون، کين پنهنجون ڪرامتون ڏيکاريون جن کي هنن ڳالهين تي ويساهه نه هو، وٽن پارس جو پٿر ۽ آبِ حيات پڻ هو.
پر جڏهن نِينگَرَ اهو حڪمت وارو ڪم سکڻ ٿي چاهيو ته هو رڳي نقش، ڳجھيون هدايتون ۽ اڻ چٽا اکر ڏسي وائڙو ٿي پيو.




“ هو شين کي ايترو منجھائي ڇو پيش ڪندا آهن؟” هڪ رات نِينگَرَ انگريز کان پڇيو. نِينگَرَ محسوس ڪيو ته انگريز سندس ڪتابن جي ڪري خار ۾ هو.
“ اهو انڪري جو جيڪي قابل ۽ ذميوار آهن سي ئي سمجھي سگھن،” انگريز جواب ڏنو. “ فرض ڪر، جيڪڏهن هر ڪو ئي شِيهي کي سون ۾ تبديل ڪرڻ لڳو ته سون جو قدر گھٽجي ويندو. هي اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي ثابت قدم آهن ۽ شين جو گھرائيء سان مطالعو ڪن ٿا، هي حڪمت وارو ڪم صرف انهن لاء آهي. ان ڪري ئي آءٌ به ريگستان جي وچ ۾ آهيان. ۽ آءٌ هڪ ذميوار ۽ مخلص ڪيمانگر جي کوجنا ۾ آهيان جيڪو انهن ڳجھن کي حل ڪرڻ ۽ سمجھڻ ۾ منهنجي واهَرَ ڪري سگھي ٿو.” “ اهي ڪتاب ڪڏهن لکيا ويا هئا؟” نِينگَرَ پڇيو.
“ڪيتريون ئي صديون اڳ.”
“ ان دور ۾ وٽن ڇاپي خانا نه هئا؟” نِينگَرَ بحث ڪيو. “ علم ڪيميا سکڻ هر ڪنهن جي وس جي ته ڳالهه نه هئي، پوء هنن ڇو اهڙي نقشن سان ڀريل عجيب ٻولي ڪَتب آندي؟”
انگريز کيس سڌو جواب نه ڏنو. کيس چيائين ته هو گذريل ڪجھ ڏينهن کان قافلي جي وهنوار تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پر هو ڪا نئين شيء نه سکي سگھيو آهي. بس هڪ ڳالهه جنهن سندس ڌيان ڇڪرايو سا قبيلائي ويڙهه جي افواهن جي هئي جيڪا روز ڪئي ٿي وئي.


هڪ ڏينهن نِينگَرَ انگريز کي پنهنجا ڪتاب موٽايا. “ ڇا تو انهن ما ڪا شيء سکي؟” انگريز آنڌمانڌ منجھان پڇيو. هن ڪنهن سان ٿيڻ واري ويڙهه تان ڌيان هٽائڻ لاء ڳالهائڻ چاهيو ٿي.
“ مون اهو سکيو ته دنيا کي به روح آهي، ۽ جيڪو ان روح کي سمجھي سگھي ٿو ته اهو هر شيء جي ٻولي سمجھي سگھي ٿو. مون اهو به سکيو ته ڪيترن ئي ڪيمانگرن پنهنجي تقدير حاصل ڪئي، ۽ هو دنيا جي ان روح، پارس جي پٿر ۽ آبِ حيات کي دريافت ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا.”
“ پر انهن مڙني ڳالهين کان علاوه مون اهو به سمجھيو ته هي سڀ شيون نهايت ئي آسان آهن ۽ کين زمرد جي فَرَهيء تي لکي سگھجي پيو.”
انگريز سندس ان ڳالهه تي نراس ٿي سوچڻ لڳو ته سندس ورهين جي تحقيق، جادوئي نشانين، عجيب لفظن ۽ تجربي گاه ۾ پيل سامان مان ڪنهن به شيء نِينگَرَ کي متاثر نه ڪيو. “سندس سادي مزاج جي ڪري ئي هو انهن شين کي سمجھي نه سگھيو آهي.” انگريز سوچيو. ۽ هن پنهنجا ڪتاب واپس ٿيلهي ۾ رکيا.
“ هاڻ هلي قافلي تي ئي ڌيان ڏجي، ان مان پڻ آءٌ ڪا شيء نه سکي سگھيو آهيان.” انگريز چيو.
نِينگَرُ به واپس ريگستان جي سانت ۽ جانورن جي کُرن مان اٿيل واريء تي غور ڪرڻ لڳو.
“ هر ڪنهن جو سکڻ جو پنهنجو انداز آهي،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. “ پر انگريز جو سکڻ جو انداز مون جهڙو ناهي، نه ئي منهنجو انداز سندس جهڙو آهي. پر اسين ٻئي پنهنجي تقدير جي کوجنا ۾ آهيون، ۽ انڪري آءٌ سندس عزت ڪيان ٿو.”



قافلو رات ڏينهن هلڻ لڳو. عربي بدوئن جي اچ وڃ به وڌڻ لڳي. ۽ اهو جَتُ جنهن جي نِينگَرَ سان سٺي دوستي ٿي چڪي هئي، چيو ته قبيلائي ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي. ۽ جيڪڏهن قافلو ڪنهن ساوڪ واري جڳهه تي پهچي ويو ته اها قافلي جي خوش قسمتي ٿيندي.
جانور به ٿڪجي چور ٿي پيا هئا، ۽ ماڻهن جي پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه به گھٽجي وئي هئي. رات جي وقت اها سانت تمام تڪليف ڏيندڙ هئي، اُٺن جو ٿورو به ڪُرڪڻ جيڪو اڳ ۾ صرف ڪُرڪڻ ئي هو هاڻ ڪنهن حملي جو اشارو بڻجي هر ڪنهن کي خوفزده ڪري رهيو هو.
پر جَتَن کي جيتوڻيڪ ان ويڙهه جي خطري جي پرواهه نه هئي.
“ آءٌ زندهه آهيان،” جَتَ نِينگَرَ کي هڪ رات کجي کائيندي چيو، ان مهل ڪو باهه جو مچ نه هو ۽ نه ڪي چنڊ هو. “ جنهن گھڙي آءٌ کائي رهيو آهيان، ان گھڙيء آءٌ صرف ان بابت ئي سوچيان ٿو. ۽ جنهن مهل آءٌ هلي رهيو هوندو آهيان ان وقت منهنجو ڌيان هلڻ تي ئي رهي ٿو. جنهن ڏينهن مونکي وڙهڻو پيو ته ان ڏينهن اهڙو وڙهبو جو ان جهڙو ڪو بهترين ڏينهن مرڻ لاء نه هوندو. ڇاڪاڻ جو آءٌ نه پنهنجي ماضي ۾ رهان ٿو نه ڪي پنهنجي مستقبل ۾. منهنجي دلچسپي صرف حال ۾ آهي. جيڪڏهن توهان سدائين پنهنجي حال تي ڌيان ڏيو ته توهان سَرَها رهندئو. توهان ڏسندئو ته ريگستان ۾ به جان آهي، آسمان ۾ تارا چمڪن ٿا، ۽ قبيلائي ماڻهو وڙهندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ جو اهي به انساني نسل جو حصو آهن. حال ۾ رهڻ سان زندگي توهان جي لاء هڪ سرهائيء جي ڏُڻ جي حيثيت اختيار ڪري وٺي ٿي، ڇاڪاڻ جو زندگي اها گھڙي آهي جيڪا اسين هن وقت جيء رهيا آهيون.”
ٻن راتين کانپوء، جڏهن نِينگَرُ سمهڻ جي تياري ڪري رهيو هو، ته آسمان ۾ اهي تارا ڏٺائين جن کي طرف ڏسڻ لاء جَتَ هر رات ڏسندا هئا. هن سوچيو ته آڪاس منڊل اڳي کان ٿورو هيٺ لڳي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو کيس اهي تارا هيٺ ريگستان تي به نظر آيا.
“ اتي ساوڪ آهي.” جَتَ چيو.
“ ته پوء پاڻ کي هن وقت ايڏانهن نه هلڻ گھرجي؟” نِينگَرَ پڇيو.
“ نه، ڇاڪاڻ جو هن وقت پاڻ کي سمهڻو آهي.”


نِينگَرُ سج اُڀرندي ئي سجاڳ ٿيو. ڇا ڏسي ته جتي رات تارا چمڪي رهيا هئا، اتي بي انت کجيء جي وڻن جي قطار هئي جيڪي ريگستان ۾ ڳچ پنڌ تائين پکڙيل هئا.
“اسين پهچي وياسين!” انگريز چيو، جيڪو پڻ ان وقت سجاڳ ٿيو هو.
پر نِينگَرُ چُپ هو. ريگستان جي سانت کانپوء هاڻ هو اُتي موجود هو، ۽ وڻن کي ڏسڻ ۾ مُستَغرق هو. احرامن تائين پهچڻ تائين اڃان کيس منزلون لتاڙڻيون هيون، ۽ هڪ ڏينهن هيء صبح به ماضيء جو حصو بڻجڻي هئي. پر اهو ته حال هو، سرهائيء جو ڏُڻ، جيئن جَتَ چيو هو. ۽ هن ان لمحي کي ائين جيئڻ چاهيو ٿي، جيئن هو ماضيء مان سکيل سبقن ۽ مستقبل جي خوابن سان جيء رهيو هو. جيتوڻيڪ اهو کجيء جي وڻن جو نظارو به هڪ ڏينهن ماضيء جو حصو بڻجي ويندو جيڪو هن وقت رهڻ، کائڻ پيئڻ ۽ جنگ کان بچاء واري جاء آهي. ڪالهه، اُٺن جي ڪُرڪر خطري جي نشاندهي ڪري رهي هئي، ۽ هاڻ کجيء جي وڻن جي قطار هڪ معجزي جي مُنادي ڏئي رهي آهي.
“دنيا ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائي سگھي ٿي.” نِينگَرَ سوچيو.