پرڏيهه ۾ رهندي به سنڌي ٻولي لاءِ ڪم ڪندڙ فهيم اختر ميمڻ
فهيم اختر جا ڪالم ته اڪثر ڪري سنڌي اخبارن ۾ پڙهڻ لاءَ ملندا هئا پر ساڻن ڪا دعا سلام ڪونه هئي. پوء نيٽ ذريعي ساڻن رابطو وڌيو ۽ خبر پئي ته سنڌ جو هي ڪوي نوجوان سعودي عرب جي شهر دمام ۾ هڪ خانگي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي. سندس پيدائش نوابشاهه ۾ ٿي، ننڍپڻ هالا ۾ گذريس، هن وقت سندس مائٽ حيدرآباد ۾ آهن۔ بنيادي تعليم انٽر تائين هالا ۾ پوري ڪيائين، پوء بِي۔اِي (سول) قائد عوام يونيورسٽيء مان پاس ڪيائين۔ گريجوئيشن ڪرڻ کانپوء پاڪستان جي ڪجھ خانگي ڪمپنين ۾ نوڪري ڪندو رهيو۔ مارچ 2008 ۾ سعودي عرب وڃڻ جو موقعو ملي ويس ۽ هاڻ اتي ئي دمام شهر ۾ سيٽل آهي۔ پڙهڻ لکڻ جو ننڍپڻ کان وٺي شوق هيس، ڇو ته کيس پڙهڻ لکڻ وارو ماحول مليو۔ سندس والد کي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو، سو هو جيڪي به ڪتاب پنهنجي لاء آڻيندو هو سي فهيم به پڙهندو رهيو.
لکڻ جو شوق به کيس ننڍي هوندي کان ئي هو۔ شروعات شاعريء سان ڪيائين، ايتري گھڻي شاعري به نه اٿس ۽ نه وري ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر يونيورسٽيء جي شاعريء جي مقابلي ۾ کيس پهريون انعام مليو۔ هاڻ نه شاعريء ۾ دلچسپي اٿس نه اهو شوق ۽ نه ئي وري پراڻي شاعري سانڍي رکي اٿائين. فهيم اختر ميمڻ چوي ٿو “منهنجي حساب سان شاعري خيالي ۽ تصوراتي دنيا آهي۔ تنهنڪري انکي ڇڏي مان حقيقي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪيو.”
سندس پهريون آرٽيڪل 2010 ۾ عوامي آواز ۾ ڇپيو. انکانپوءِ مختلف وقتن ۾ تعليمي، سماجي ۽ معاشي حالتن تي ڪجھ نه ڪجھ لکندو رهي ٿو جيڪو اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ باقائدگي سان ڇپبو رهي ٿو. هو چوي ٿو ته کيس ڊائري لکڻ جو گهڻو شوق هوندو هو ۽ پنهنجي ڊائري ۾ ڪجھ نه ڪجھ لکندو رهيو آهي. کيس لکڻ تي آماده ڪرڻ ۽ اعتماد ڏيارڻ وارو شخص سائين عرفان علي شاهه آهي جيڪو پڻ ڪاوش ۾ لکندو رهندو آهي۔ ڪجهه انگريزي ڪالم به لکيا اٿائين.
ڪالمن کان علاوه مختصر ڪهاڻيون به لکڻ شروع ڪيون اٿس جن مان هڪ (ننڊاکڙو وجود) انعام عباسيء جي ڪهاڻي ڊائجسٽ ۾ ڇپي آهي۔ پر سندس وڏو ڪم آهي دنيا جي سڀ کان مقبول ناول الڪيمسٽ جو سنڌي ترجمو، جيڪو هن شاندار نموني ڪيو آهي. سندس اهو ڪمال آهي ته ناول لکندي هن ناول جي اصليت کي برقرار رکڻ سان گڏ ان جي رواني ۽ سنڌي ٻولي جي اصليت کي به برقرار رکيو آهي. ائين ٿو لڳي ته هي ترجمو نه پر سنڌي ٻولي ۾ لکيل ڪو ناول هجي.
مونکي فهيم اختر ميمڻ جي ڪم کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ۽ اتساهه مليو آهي ته پرڏيهي ٻولين ۾ ڇپيل ڪيئي اهم ۽ مشهور ڪتاب هاڻ اسانکي سولي سنڌي ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا.
مان ٿورائتو آهيان فهيم اختر ميمڻ جو جنهن هن ناول جو ترجمو سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام