ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

قسط 15

“ ان بابت نه سوچ جيڪو پويان ڇڏي آيو آهين،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي ريگستان جي واري لتاڙيندي سفر دوران چيو. “ هر شيء دنيا جي روح ۾ لکيل آهي، ۽ اها سدائين لاء اُتي ئي رهندي.”
“ ماڻهو گھر ڇڏڻ جا نه پر گھر واپسيء جا خواب ڏسندا آهن،” نِينگَرَ وراڻيو. هاڻ هو ٻيهر ريگستان جي خاموشيء جو قائل ٿيڻ لڳو هو.
“ جيڪڏهن ڪا شيء نِجُ مادي جي ٺهيل آهي ته اها ڪڏهن به خراب نه ٿيندي، ۽ انکي ماڻڻ کانپوء هر ڪو واپس به موٽي سگھي ٿو. پر جيڪڏهن توکي ڪَتيء وانگي بس روشنيء جي جھلڪ هٿ آئي ته واپسي ظاهر آهي خالي هٿين ئي ٿيندين.”
هو شخص علم ڪيميا واري ٻولي ڳالهائي رهيو هو. پر نِينگَرُ کي سندس ڳالهه سمجھ ۾ اچي رهي هئي ته هو فاطمه بابت ڳالهائي رهيو آهي.
جيڪي ڪجھ هو پويان ڇڏي آيو هو ان بابت نه سوچڻ هڪ تڪليف ڏيندڙ عمل هو. ريگستان جي اڻکُٽ هڪجهڙائيء واري ماحول کيس خوابيده ڪري ڇڏيو. نِينگَرُ اڃان سندس خيالن ۾ کجيء جا وڻ، کوههَ ۽ سندس محبت جو چهرو ڏسي ٿي سگھيو. هو انگريز کي پنهنجا تجربا ڪندي پڻ ڏسي رهيو هو، ۽ هو ان جَتَ کي پڻ محسوس ڪري رهيو هو جيڪو هڪ اُستاد وانگي هو، پر هو ان ڳالهه کان نا واقف هو.
“ ٿي سگھي ٿو هن ڪيمانگر کي ڪڏهن محبت ئي نه ٿي آهي،” نِينگَرُ سوچي رهيو هو.
ڪيمانگر نِينگَرَ جي اڳيان سواري ڪري رهيو هو، سندس ڪُلهي تي باز هو. ان پکيء کي ريگستان جي ٻولي چڱيء ريت سمجھ ۾ آئي ٿي، ۽ هو شڪار جي کوجنا ۾ اُڏامي ويندو هو. هڪ ڏينهن هن واپسيء تي هڪ سهو شڪار ڪري آندو هئائين، ٻئي ڀيري وري ٻه پکي آندا هئائين.
رات جي وقت هنن سمهڻ لاء تڏا وڇايا ٿي، ۽ باهه کي ٿورو ڳُجھو ٿي رکيو. ريگستان جون راتيون ٿڌيون هيون، ۽ چنڊ جي تاريخن سان گڏ راتيون وڌيڪ اونداهيون ٿينديون ٿي ويون. هو لڳاتار هڪ هفتو هلندا رهيا، ۽ پاڻ ۾ صرف قبيلن جي جنگين کان بچاء لاء احتياطن وٺڻ بابت ڳالهائيندا ٿي رهيا. جنگ جاري هئي، ڪنهن وقت ته واءَ سان گڏ پگھر ۽ رت جي بدبوء به آئي ٿي ڇاڪاڻ جو جنگ ڀرپاسن ۾ ئي هلي رهي هئي، ۽ اها واءُ نِينگَرَ کي اهو ياد ڏياريندي ٿي رهي ته علامتن جي به ٻولي آهي جيڪا سدائين کيس اهو ڪجھ ڏيکاريندي هئي جيڪو هو پنهنجي اکين سان نه ٿي ڏسي سگھيو.
ستين ڏينهن، ڪيمانگر وقت کان اڳي ئي منزل هڻڻ جو فيصلو ڪيو. باز شڪار ڪرڻ لاء اُڏاميو، ۽ ڪيمانگر نِينگَرَ کي پنهنجي پاڻيء جي ٻاٽلي ڏني.
“تون پنهنجو سفر پورو ڪرڻ وارو آهين، آءٌ توکي تنهنجي تقدير جي کوجنا ۾ ڪاميابيء تي واڌايون پيش ڪيان ٿو.” ڪيمانگر نِينگَرَ کي چيو.
“توهان رستي ۾ مونسان ڪجھ به نه ڳالهايو. مون سوچيو هو ته توهان مونکي پنهنجي ڏات مان ڪجھ نه ڪجھ سيکاريندئو. آءٌ ريگستان ۾ هڪ اهڙي شخص سان سفر ڪري رهيو هئس جنهن وٽ علم ڪيميا هو، پر آءٌ ان مان ڪجھ نه سکي سگھيس.” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
“سکڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي،” ڪيمانگر وراڻيو. “ اهو آهي عمل جي ذريعي. توکي جيڪي ڪجھ سکڻ جي گُهرج هئي سو تون سفر مان سکي چڪو آهين. توکي بس باقي هڪ شيء وڌيڪ سکڻي آهي.”
نِينگَرَ ان بابت ڄاڻڻ چاهيو ٿي ته آخر اها ڪهڙي شيء آهي، پر ڪيمانگر آڪاس منڊل ڏانهن باز لاء تڪيندو رهيو.
“ توهان کي ڪيمانگر ڇو ٿو سڏيو وڃي؟”
“ ڇاڪاڻ جو آءٌ ڪيمانگر ئي آهيان.”
“ ڀلا ٻين ڪيمانگرن کان اها ڪهڙي غلطي ٿي جو هو سون ٺاهڻ ۾ ناڪام ويا؟”
“ هو صرف سون ڳولي رهيا هئا،” ڪيمانگر وراڻيو.
“ هو پنهنجي تقدير سان گڏ رهڻ جي بجاء پنهنجي تقدير ۾ لکيل خزاني جي کوجنا ۾ هئا.”
“ اها ڪهڙي شيء آهي جيڪا توهان چيو ته مونکي ڄاڻڻ جي گُهرج آهي؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو.
پر ڪيمانگر آڪاس منڊل ڏانهن ئي تڪيندو رهيو. ۽ آخرڪار باز سندن ڀوڄن ساڻ موٽيو. هنن هڪ کڏ کوٽي ان ۾ باهه ٻاري ته جيئن ڪير باهه جي شعلن کي ڏسي نه سگھي.
“ آءٌ هڪ ڪيمانگر آهيان ڇاڪاڻ جو آءٌ هڪ ڪيمانگر آهيان،” هن ڀوڄن تيار ڪندي جواب ڏنو. “ مون هي ڏات پنهنجي ڏاڏي کا سکي، ۽ ان پنهنجي پيء کا سکيو هو، ۽ اهڙي طرح اهو سلسلو دنيا جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هلندو ٿو اچي. انهن وقتن ۾ حڪمت واري ڪم کي صرف زمرد جي فَرَهين تي آسانيء سان لکي سگھجي پيو. پر ماڻهن آسان طريقن جي بجاء رسالن، ترجمن ۽ فلسفي انداز ۾ لکڻ شروع ڪيو. کين اهو پڻ محسوس ٿيو ته وٽن انهيء ڪم کي سرانجام ڏيڻ لاء ٻين کان وڌيڪ بهتر طريقي ڪار موجود آهن. پر انهن مڙني ڳالهين جي باوجود اڄ به زمرد جي فَرَهيء وارو تصور زندهه آهي. ”
“ ان زمرد جي فَرَهيء تي ڇا لکيل هو؟” نِينگَرَ ڄاڻڻ ٿي چاهيو.
ڪيمانگر واريء تي نقش چِٽڻ شروع ڪيو. ۽ اهو نقش هن پنجن منٽن ۾ ٺاهي ورتو. جيئن ئي هو نقش ٺاهي رهيو هو ته نِينگَرَ کي بزرگ بادشاهه، ۽ اها عمارت ياد آئي جتي ان ڏينهن هو مليا هئا؛ کيس ائين لڳو ڄڻ اها ڳالهه ڳچ ورهيه اڳ ٿي هجي.
“زمرد جي فَرَهيء تي هي لکيل هو،” ڪيمانگر نقش چِٽي پورو ڪرڻ کانپوء وراڻيو. نِينگَرَ واريء تي اهو پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي.
“اهو ته هڪ ڳجھو اشارو آهي،” نِينگَرَ مايوسيء وچان چيو. “ ان جهڙي هڪ شيء مون انگريز جي ڪتابن ۾ پڻ ڏٺي هئي.”
“ نه،” ڪيمانگر وراڻيو. “ اهو انهن ٻن بازن جي اُڏام وانگي آهي؛ اهو صرف دليل سان نه ٿو سمجھي سگھجي. اها زمرد جي فَرَهي دنيا جي روح تائين پهچڻ جو سڌو سنئون پيچرو آهي.”
“ سياڻن لاء هي دنيا جنت جو صرف هڪ خيالي تصور آهي. هن دنيا جو وجود صرف ان ڳالهه جي ضمانت لاء آهي ته هڪ ٻي دنيا جو به وجود آهي جيڪا بي عيب ۽ مڪمل آهي. خدا هي دنيا ان ڪري پيدا ڪئي ته جيئن ان جي پر اسرار شين مان انسان سندس روحاني تعليمات ۽ سندس دانائيء جي عجائبن کي سمجھي سگھي. ۽ عمل مان منهنجو اهو ئي مطلب هو.”
“ ڇا مونکي زمرد جي فَرَهيء تي لکيل شيون سمجھڻ گھرجن؟” نِينگَرَ پڇيو.
“ شايد، پر جيڪڏهن تون ڪيميائي تجربيگاهه ۾ هجين ها ته زمرد جي تخطيء کي سمجھڻ جو هي صحيح وقت هو. پر هن وقت تون ريگستان ۾ آهين. سو پاڻ کي ان ۾ ئي مصروف رک. ريگستان توکي دنيا کي سمجھڻ ۾ تنهنجي واهَرَ ڪندو؛ حقيقت ۾ زمين تي موجود هرشيء دنيا کي سمجھڻ ۾ واهَرَ ڪري ٿي. جيڪڏهن تون واريء جي صرف هڪ ذري تي گهرائيء سان سوچ ويچار ڪرين ته توکي پوري ريگستان کي به سمجھڻ جي گُهرج نه پوندي، ڇاڪاڻ جو ان واريء جي هڪ ذري ۾ ئي توکي تخليق جي عمل جا سڀ معجزا نظر ايندا.
“ آءٌ پاڻ کي ريگستان ۾ ڪيئن رڌل رکان؟”
“ پنهنجي ضمير جي ٻڌ، اهو سڀ ڪجھ ڄاڻي ٿو، ڇا ڪاڻ جو اهو دنيا جي روح مان ئي تخليق ڪيو ويو آهي، ۽ کيس هڪ ڏينهن اوڏانهن واپس به ورڻو آهي.”



وڌيڪ ٻه ڏينهن هو ريگستان ۾ خاموشيء سان هلندا رهيا. ڪيمانگر هاڻ ٿورو وڌيڪ محتاط ٿي ويو هو، ڇاڪاڻ جو هو ان علائقي کي ويجھو هئا جتي انتهائي خونخوار جنگيون هلي رهيون هيون. منزل ڏانهن وڌندي، نِينگَرُ پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
اهو ايترو آسان نه هو؛ مُنڍ ۾ سندس دل کيس هر ڳالهه ٻڌائڻ لاء تيار هئي، پر اڳتي هلي اهو غلط ثابت ٿيو. اهڙو به وقت آيو جڏهن سندس دل ڪلاڪن جا ڪلاڪ کيس پنهنجا اُڌما ٻڌائيندي رهندي هئي، پر ڪڏهن وري ائين به ٿيو ته سندس دل ريگستان ۾ سج اُڀرندو ڏسي ايترو ته جوش ۾ اچي ٿي وئي جو نِينگَرَ کي پنهنجا ڳوڙها لڪائڻا ٿي پئجي ويا. خزاني جي ڳالهه تي سندس دل تيز ڌڙڪڻ شروع ٿي لڳي، پر ريگستان ۾ اڻکٽ آڪاس منڊل ڏسي ان جو ڌڙڪو گھٽجي ٿي ويو. پر ڪيمانگر ۽ نِينگَرَ جي خاموشيء جي باوجود به سندس دل سانت ۾ نه ٿي آئي.
“دل جي ڳالهه ٻڌڻ اسان لاء ڇو ضروري آهي؟” هڪ ڏينهن منزل هڻڻ وقت نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو.
“ ڇاڪاڻ جو جتي توهانجي دل چوندي، خزانو به اُتي ئي ملندو .”
“ پر منهنجي دل ته بي آرام ۽ پريشان آهي، کيس پنهنجا خواب آهن، ۽ اها پُرجوش آهي، ۽ اها ريگستان جي هڪ عورت لاء بي تاب آهي. اها مونکان سوالَ به ڪري ٿي، ۽ مونکي فاطمه جي بابت سوچيندي ڪيئي راتيون جاڳايو به اٿائين.” نِينگَرَ وراڻيو.
“ اها ته سٺي ڳالهه آهي، تنهنجي دل زندهه آهي، اها جيڪو به چوي ٿي انکي ٻڌندو رهه.”
وڌيڪ ٽي ڏينهن گذري ويا، ۽ ان دوران سندن گذر ڪيترن ئي هٿياربند قبيلن وٽان ٿيو. نِينگَرَ جي دل هاڻي خوفزدهه هئي، ۽ کيس اهي قصا ٻڌائڻ لڳي جيڪي هن دنيا جي روح کان ٻڌا هئا، اُهي قصا انهن ماڻهن بابت هئا جيڪي خزانن جي کوجنا ۾ نڪتا هئا ۽ هو ناڪام موٽيا هئا. ڪنهن وقت وري کيس دل اهو خوف ٿي ڏياريو ته متان هو پڻ خزانو ڳولڻ ۾ ناڪام وڃي ۽ ريگستان ۾ ئي موت جو کاڄ نه بڻجي وڃي. ڪڏهن وري اها نِينگَرَ کي محبت ۽ ناڻي جي حاصلات تي مطمئن ٿي لڳي.
“ منهنجي دل دغاباز آهي،” نِينگَرَ ڪيمانگر کي ان وقت چيو جڏهن هو گھوڙن کي ساهي ڏيڻ لاء رڪيا.
“اها مونکي اڳتي وڌڻ کان روڪي رهي آهي.”
“ اها ڳالهه واقعي ڪو فهم رکي ٿي،” ڪيمانگر ورڻيو.
“ اهو هڪ قدرتي احساس آهي ته تنهنجي دل ان ڳالهه کان ڊنل آهي ته تون ڪاٿي پنهنجي خواب جي ساڀيان ماڻڻ دوران هن وقت تائين جيڪي ڪجھ حاصل ڪيو آهي ڪاٿي اهو سڀ ڪجھ به نه وڃائي ويهين.”
“جيڪڏهن ائين آهي ته پوء آءٌ پنهنجي دل جي ڇو ٻڌان؟”
“ ڇاڪاڻ جو تون پنهنجي دل کي ڪڏهن به خاموش نه ٿو ڪري سگھين، پوء ڀلي تون ان کي نه ٻڌڻ جو بهانو ڇو نه ڪرين، پر اها سدائين توسان گڏ ئي رهندي ۽ تون پنهنجي زندگيء بابت ۽ دنيا بابت جيڪو ڪجھ به سوچيندين اهو توکي ورجائيندي رهندي.”
“ توهان جو مطلب اهو آهي ته مونکي پنهنجي دل جي ٻڌڻ گھرجي پوء ڀلي اهو سڀ ڪجھ بغاوت بابت به ڇو نه هجي؟”
“ بغاوت واءَ جي اوچتي جھوٽي وانگر آهي. پر جيڪڏهن تون پنهنجي دل کي چڱي ريت سمجڻ جي قابل آهين ته اها توکي ڪڏهن به ان رستي تي ڪانه وٺي ويندي. ڇاڪاڻ جو توکي سندس خوابن ۽ خواهشن جي خبر آهي، ۽ تون کيس سنڀالي سگھين ٿو. تون ڪڏهن به پنهنجي دل کان ڀڄي نه ٿو سگھين، تنهنڪري توکي ان جي ڳالهه ٻڌڻي پوندي، ۽ اهو ئي طريقو آهي جنهن جي ڪرڻ سان تون سدائين واءَ جي اوچتن جھوٽن کان بچيو رهندين. ”
ريگستان ۾ سفر دوران نِينگَرَ پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌڻ جاري رکي. ۽ هو انجي اٽڪلن ۽ مِڪر کي سمجھندو رهيو. هاڻ سندس خوف ختم ٿي ويو، ۽ نخلستان واپس ورڻ واري ڳالهه به هن کان وسرندي ٿي وئي، ڇاڪاڻ جو ان ڏينهن سندس دل کيس چيو هو ته هوء سَرَهي آهي. “ ان هوندي به ته آءٌ ڪڏهن ڪڏهن شڪايتون ڪندي رهندي آهيان،” دل چيو. “ اهو انڪري جو آءٌ هڪ انسان جي دل آهيان، ۽ انسانن جون دليون ائين ئي ٿينديون آهن. انسان پنهنجي سڀ کان اهم خوابن جي ساڀيان کي ماڻڻ کان ڪيٻائيندا آهن، ڇاڪاڻ جو هو سمجھندا آهن ته هو ان جا اهل ناهن، يا وري هو انکي حاصل ئي نه ڪري سگھندا. اسين، سندن دليون سدائين پنهنجن پيارن جي وڇوڙي جي سوچ کان خوفزدهه رهن ٿيون، يا انهن گھڙين کان خوفزدهه رهنديون آهيون جيڪي خوبصورت هجڻ گھرجن ها پر اهي نه ٿي سگھيون، يا انهن خزانن کان خوفزدهه رهون ٿيون جن کي ڳولجي ها پر اهي سدائين لاء واريء ۾ دفن ٿي ويا. انهن ڳالهين ۾ اسان لاء تمام وڏي پِيڙا آهي.”
“ منهنجي دل ان پِيڙا کان خوفزدهه آهي،” هڪ رات نِينگَرَ ڪيمانگر کي خالي آسمان ڏانهن تڪيندي چيو.
“ پنهنجي دل کي چئو ته پيڙا جو خوف ان پيڙا کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي ۽ ڪنهن به دل اڄ تائين پنهنجي خوابن جي ساڀيان جي کوجنا جي پويان ڪا تڪليف نه ڏٺي آهي، ڇو جو، ان کوجنا جو هڪ هڪ لمحو خدا ۽ ان جي ابديت سان ملاقات آهي.”
“ ڪنهن به کوجنا جو هڪ هڪ لمحو خدا سان ملاقات آهي،” نِينگَرَ اها ڳالهه پنهنجي دل سان هنڊائي. “اها هڪ حقيقت آهي ته خزاني جي کوجنا جي دوران منهنجو هر ڏينهن روشن ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو مونکي اها خبر آهي ته ان ڏينهن جو هڪ هڪ پل منهنجي خواب جي ساڀيان جو حصو آهي. ۽ خزاني جي کوجنا جي دوران مون اهڙيون اهڙيون ڳالهيون دريافت ڪيون جيڪي هڪ ريڍار هجڻ جي حيثيت سان آءٌ سوچي به نه ٿي سگھيس.”
ان ڏينهن سندس دل مطمئن هئي. ۽ رات جو نِينگَرُ تمام گهري ننڊ ستو، جڏهن هو جاڳيو ته سندس دل کيس دنيا جي روح جون ڳالهيون ٻڌائڻ شروع ڪيون. سندس دل کيس ٻڌايو ته ماڻهو جيڪي سَرَها آهن انهن جي سرهائيء جو سبب اهو آهي ته خدا ساڻن گڏ آهي. ۽ سرهائيء کي ريگستان جي واريء جي هڪ ذري ۾ به ڳولي سگھجي ٿو، جيئن کيس ڪيمانگر ٻڌايو هو، ڇاڪاڻ جو اهو واريء جو ذرو به ڪائنات جي تخليق جو هڪ حصو آهي، ۽ ڪائنات جي تخليق ۾ هزارين ورهيه لڳي ويا.
“ زمين تي موجود هر شخص لاء ڪو نه ڪو خزانو موجود آهي، اسين انسانن جو دليون، اهڙن خزانن بابت ڪجھ نه ڪُڇنديون آهيون، ڇاڪاڻ جو ڪير به انهن جي کوجنا ڪرڻ لاء تيار ناهي. اسين اهڙيون ڳالهيون صرف ٻارن سان ڪنديون آهيون، پوء اسين زندگيء کين پنهنجي رُخ ۽ قسمت تي ڇڏي ڏيون. بدقسمتي اها آهي ته صرف ڪجھ ئي ماڻهو ان رستي تي هلن ٿا جيڪو انهن لاء ٺاهيو ويو آهي _ سندن تقدير ۽ سرهائين جو پيچرو. ڪيترائي ماڻهو هن دنيا کي هاڃيڪار جاء سمجھن ٿا، ۽ سندن ان سوچ جي ڪري ئي دنيا انهن لاء هاڃيڪار ٿيو پوي. تنهنڪري اسين سندن دليون، تمام نرم انداز ۾ ڳالهائينديو آهيون. پر اسين ڪڏهن به ڳالهائڻ بند نه ٿيون ڪري سگھون، ۽ اسانکي سدائين اها ئي اميد هوندي آهي ته اسانجي ڳالهه ڪانه ٻڌي ويندي؛ پر جيڪي ماڻهو به پنهنجي دل جي نه ٿا ٻڌن اسين کين رنجيدهه به نه ٿيون ڏسي سگھون.”
“ ماڻهن جون دليون کين پنهنجي خوابن کي ماڻڻ لاء تاڪيد ڇو نه ٿيون ڪن؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو.
“ اها ئي ته ڳالهه آهي جيڪا دلين کي وڌ ۾ وڌ غمگين ڪيو ڇڏي، ۽ دليون ڪڏهن به غمگين ٿيڻ نه چاهينديون آهن.”
ان ڏينهن کانپوء نِينگَرُ پنهنجي دل جي ڪيفيت سمجھي ويو. هن پنهنجي دل کي چيو ته هوء ڪڏهن به هن سان ڳالهائڻ نه ڇڏي. هن پنهنجي دل کي اهو به چيو ته، جڏهن به هو پنهنجي خواب جي ساڀيان ماڻڻ کان هٽي وڃي ته سندس دل کيس ان ڳالهه جو چتاء ڏئي. نِينگَرَ اهو قسم کنيو ته جڏهن به کيس اهڙو ڪو چتاء مليو ته هو ان تي ضرور ڌيان ڏيندو.
ان رات نِينگَرَ اها سڄي حقيقت ڪيمانگر سان ڪئي. ۽ ڪيمانگر سمجھي ويو ته هاڻ نِينگَرَ جي دل دنيا جي روح ڏانهن موٽي چڪي آهي.
“ هاڻ مونکي ڇا ڪرڻ گھرجي؟” نِينگَرَ ڪيمانگر کان پڇيو.
“ احرامن جي طرف هلندو رهه،” ڪيمانگر وراڻيو. “ ۽ انهن علامتن تي ڌيان ڏيندو اچ. تنهنجي دل اڃا ان قابل آهي جو توکي اهو ٻڌائي سگھي ته خزانو ڪٿي آهي.”
“ ڇا اها ئي هڪ شيء باقي هئي جيڪا مونکي ڄاڻڻ جي گُهرج هئي؟”
“نه، “ڪيمانگر وراڻيو. “جيڪي توکي اڃان ڄاڻڻ جي گُهرج آهي اهو هي آهي؛ ڪنهن به خواب جي ساڀيان تائين پهچڻ کان اڳ، دنيا جو روح ان وچ ۾ ايندڙ هر شيء جيڪا اسان سکي يا حاصل ڪئي ان کي آزمائيندو آهي. ان جو اهو مقصد هرگز ناهي ته دنيا جو روح ڪو غلط آهي، اهو صرف ان ڪري جو اسين پنهنجي خوابن جي ساڀيان تائين پهچڻ ۾ جيڪي ڪجھ پرايو ان تي عبور حاصل ڪري سگھون. اهو ئي واحد نقطو آهي جتي پهچي گھڻي قدر ماڻهو هار مڃيو ويهن. اهو ئي اهو نقطو آهي جتي ريگستان جي ٻوليء ۾ هڪ عام پهاڪو ڪَتب ايندو آهي ته، ‘ اڃايل تڏهن دم ڏنو جڏهن نخلستان پڌرو ٿيو.’ ”
“ هر کوجنا سيکڙاٽ جي ڀاڳ سان شروع ٿئي ٿي، ۽ سوڀاري جي سخت آزمائش سان ختم ٿئي ٿي.”
نِينگَرَ کي پنهنجي ملڪ ۾ ڪَتب ايندڙ هڪ ٻيو پهاڪو ياد آيو ته ‘ رات جو سڀ کان اونداهو پهر به پرهه ڦٽيء کان ٿورو ئي اڳ ايندو آهي.’