ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

قسط 1

نِينگَرَ جو نالو سانتياگو هو. سندس ڌڻ سَميت هُو نِما شام مهل هڪ ويران گِرجا وٽ پُڳو. گِرجا جي ڇِت پَٽُ پيل هئي، ۽ ان جڳهه تي جتي پهريان گِرجا جو حُجرو هو هڪ تمام وڏو انجير جو وڻ بيٺل هو.
هُن اُتي رات گهارَڻ جو فيصلو ڪيو. سندس سموري ڌَڻَ جي هڪ ڦِٽَل دروازي کان اندر اچڻ جي پَڪَ ڪري هُن اتي لوڙهو ڏئي ڇڏيو ته جيئن رات ۾ ڌَڻُ ٻاهر وڃي ڀٽڪي وڃائجي نه وڃي. هن علائقي ۾ بگھڙ ته نه هئا ، پر هيڪر ڪو جانور رات ۾ وڃائجي ويو ته نِينگَرَ کي سڄو ڏينهن ڳولا ڪرڻي پئجي وڃي ها.
پنهنجي اَنگرکي سان زمين ٻُهارَي ڪتاب جيڪو پڙهي پورو ڪيو هئائين سو مَٿي هيٺان ڪري سُمهي سوچڻ لڳو ته هاڻ ڪجھه وڌيڪ ٿلها ڪتاب پڙهڻ گھرجن ته جيئن اهي ڳچ وقت تائين پڙهي به سگھجن ۽ آرامدهه وهاڻا به ٿي پون.
اڃا سوجھرو ئي نه ٿيو هو ته سُجاڳي ٿيس، مٿي نظر ڦيرايائين ته کيس ڊٺل ڇت مان تارا نظر ٿي آيا.
“مون اڃا وڌيڪ سمهڻ چاهيو ٿي،” هن وِيچاريو. هن اهو ئي ساڳيو خواب لَڌو هو جيڪو هفتو پهريان لَڌو هئائين، پر هَيلَ وري اهو خواب پورو ٿيڻ کان اڳ ئي کيس جَاڳَ ٿي وئي.
هو اُٿيو ۽ پهنجي لَٺ سان رڍن کي پڻ اٿارڻ شروع ڪيائين جيڪي اڃا تائين سُتل هيون. کيس محسوس ٿيو ته سندس سُجاڳ ٿيڻ سان ئي، ڌڻ مان ڪجھه رڍن پڻ چُر پُر شروع ڪئي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن غيبي طاقت سندس زندگي کي رڍن جي زندگي سان جوڙي ڇڏيو هجي، جيڪي جَھر جھنگ ۾ خوراڪ ۽ پاڻي جي ڳولا ۾ ٻن ورهين کان سندس ساڻ هيون. “رڍون منهنجيون ايترو ته عادي ٿي ويون آهن جو هاڻ منهنجي اُٿي ويٺيء جي به خبر پئجي وئي اٿن،” هو ڀُڻڪيو. هو ٿوري دير ان ڳالهه بابت سوچيندو رهيو ۽ محسوس ڪيائين ته ائين به ٿي سگھي ٿو ته ڪٿي هو پاڻ ئي نه رڍن جي اُٿي ويٺيء جو عادي ٿي ويو هجي.
پر انهن مان ڪجھ اهڙيون رڍون به هيون جن سُجاڳيء ۾ ڳچ وقت پئي لاتو. نِينگَرُ هڪ هڪ کي نالو وٺي پهنجي لٺ سان اٿارڻ لڳو. کيس اهو يقين هو ته هو جيڪي ڪجھ به ساڻن ڳالهائي ٿو رڍون اُهو سمجھن ٿيون. ڪڏهن ته هو کين سندس ڪتابن مان پنهنجا ڪجھ پسنديده قِصا ۽ ريڍار جي اُڌمن جي بابت ٻڌائيندو هو، ڪڏهن ته وري ساڻن انهن واقعن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندو هو جيڪي هن مختلف ڳوٺ لنگھندي ڏٺا هئا.
پر گذريل ڪجھ ڏينهن کان هن کين صرف هڪ شئ جي بابت پئي ٻڌايو. هڪ نِينگِرِي، واپاريء جي نياڻي، جيڪي هڪ ڳوٺ ۾ رهندا هئا جتي نِينگَرُ چئن ڏينهن ۾ پڄڻو هو. هو ان ڳوٺ ۾ صرف هڪ ئي دفعو هڪ سال پهريان ويو هو. واپاريء جو مرهياڙڪو هَٽُ هو، ۽ سدائين سندس اهو ئي مطالبو هوندو هو ته رڍون سندس موجودگيء ۾ ئي ڏاسيون (رڍن جا وار/اُن لاهڻ) وڃن، ته جيئن ڪير ٺَڳي نه سگھي. نينگَرَ کي ان هَٽَ بابت هڪ سنگتيء ٻڌايو هو، ۽ هو پهنجون رڍون اتي ڪاهي آيو هو.
“مونکي اُنَ وڪرو ڪرڻي آهي ،” نِينگَرَ واپاريء کي چيو.
هَٽَ ۾ مَيڙُ جَجھو هجڻ جي سبب، ريڍار کي چيو ويو ته هو منجھند تائين انتظار ڪري. نِينگَرُ هَٽَ جي ڏاڪڻ تي ويهي رهيو هو ۽ پهنجي ٿيلهي مان هڪ ڪتاب ڪڍيو هئائين. سندس پُٺن کان هڪ نِينگِريءَ جو آواز آيو، “مونکي اندازو نه هو ته ريڍار به پڙهڻ ڄاڻن ٿا.”
نِينگِريءَ جو تعلق اندلس جي ڪنهن خاص علائقي سان ٿي لڳو، سندس ڪارا ريشمي وار ۽ اکيون موريتانيا جي فاتحن جي ياد ڏياري رهيا هئا.
“چڱو.. پر عام طور آءٌ ڪتابن کان وڌيڪ پهنجي رڍن کان سکندو آهيان،” هن وراڻيو.
ٻن ڪلاڪن جي ڳالهه ٻولهه دؤران، نِينگِريءَ کيس ٻڌايو ته هوءَ واپارئ جي ڌئُ آهي، ۽ ڳوٺ جي رهڻي ڪهڻيء بابت ويچار پڻ ونڊيا هئائين، جتي هر ڏينهن عام ڏينهن جهڙو هو. ريڍار وري کيس اندلس جي ٻهراڙئ ۽ هر ان ڳوٺ جي بابت حال احوال ٻڌايو هو جتي هو ترسيو هو. رڍن سان ڳالهائڻ کان پوء هن ڳالهه ٻولهه سان کيس سرهائي ٿي هئي.
“ توهان پڙهڻ ڪيئن سکيو؟” هڪ موقعي تي نِينگرِيءَ کانئس پڇيو هو.
“جيئن هرڪو سکندو آهي،” ، “ اسڪول ۾.” هن وراڻيو.
“چڱو، جيڪڏهن توهان پڙهيا لکيا آهيو، ته پوء توهان ريڍار ڇو بڻيا آهيو؟”
نِينگَرَ سوال جو جواب ٽارڻ لاء پهنجي منهن مِڻ مِڻ ڪئي. کيس پڪ هئي ته هوءَ اها ڳالهه ڪڏهن نه سمجھندي. هن کيس پهنجي مُسافريء جا قصا ٻڌائڻ جاري رکيا، ۽ نِينگِري اچرج منجھان سندس ڳالهيون ٻڌندي رهي. جيئن جيئن وقت گذرندو ٿي ويو، ته نِينگَرَ جي دل ۾ اها خواهش پيدا ٿيندي ٿي رهي ته جيڪر اڄوڪو ڏينهن ڪڏهن ختم نه ٿئي، نِينگرِيءَ جو پيءُ ڪم ۾ رُڌل ئي رهي ۽ ڀلي کيس ٽي ٻيا ڏينهن به انتظار ڪرائي. سندس مَنَ ۾ هڪ عجيب احساس اُڀري رهيو هو، اهو احساس کيس اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو؛ اُهو احساس هن ڪارن ريشمي وارن واري حَسين نِينگِريءَ سان هميشه لاء گڏ زندگي گھارڻ جو احساس هو. اهڙا ڏينهن وري نه ايندا.
پر نيٺ واپاري آيو، ۽ نِينگَرَ کي سندس چار رڍون ڏاسڻ لاء چيائين. ۽ کيس اُنَ جا پيسا ڏئي وري ايندڙ سال اچڻ لاء چيائين.