ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

قسط 6

“ آفريڪا ڪيڏو نه عجيب آهي.” نِينگَرَ سوچيو.
هو هڪ مَڌُ خاني ۾ ويٺو هو. اهو تنجائر جي سوڙهين گھٽين ۾ موجود باقي مَڌُ خانن جهڙو ئي هو. ڪجھ ماڻهوواري واري سان هڪ وڏو حُقو پي رهيا هئا. ڪجھ ڪلاڪن کان پوء هن ڏٺو ته ڪجھ ماڻهون پردي دار عورتن جي هٿن ۾ هٿ ڏئي اندر داخل ٿيا، ۽ ڪجھ پادري جيڪي مينارن جي ڇتين تي چڙهي ڀڄن پڙهي رهيا هئا _ ته اتي موجود هن سميت سڀ سجدي ۾ ڪري پيا.
“هڪ منڪرن وارو عمل،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو. جيئن ننڍي هوندي گرجا ۾ هو سدائين هڪ تصوير ۾ سَنت سانتياگو ماتامورس کي هڪ اڇي گھوڙي تي اُگھاڙي تلوار سان ڏسندو هو، ۽ هن ڀانت جا ماڻهو کيس جُهڪندا هئا. نِينگَرُ اتي انهن منڪرن جون شيطاني شڪليون ڏسي اڪيلائي ۽ منحوسيت محسوس ڪري رهيو هو.
ان سڄي منظر ڏسڻ ۽ سفر جي ٿڪاوٽ کانپوء هن کان هڪ تفصيل پڇڻ وسري وئي هئي، صرف هڪ تفصيل جيڪا کيس خزاني کان پري رکي سگھي پئي. هن ملڪ ۾ صرف عربي ٿي ڳالهائي ويئي.
مَڌُ خاني جو مالڪ وٽس آيو، نِينگَرَ کيس ڀر واري ٽيبل تي رکيل هڪ مشروب ڏانهن اشارو ڪندي کڻي اچڻ لاء چيو، جيڪا پيئڻ ۾ بالڪل ڪَڙي چانهن وانگي هئي ۽ نِينگَرَ مَڌُ پيئڻ کي ترجيح ڏني.
پر کيس ان وقت ڪنهن ٻي شئ بابت اُلڪو ڪرڻ جي گُهرج ئي نه هئي، ڇاڪاڻ جو سندس پهرين ترجيح خزانو ۽ ان تائين پهچڻ جي گَس جي کوجنا ڪرڻي هئي. رڍن کپائڻ سان وٽس چڱا موچارا پئسا به هئا، ۽ کيس پئسن جي جادوء جي به خبر هئي، جنهن وٽ پئسو آهي اهو ڪڏهن به اڪيلو ناهي. ڪجھ ڏينهن کانپوء هو احرامن وٽ هوندو. ان پوڙهي بزرگ ڇهن رڍن جي بدلي ۾ هن سان ڪوڙ نه ڳالهايو هوندو.
پوڙهي بزرگ سَوڻَن جي بابت ٻڌايو هو، هڪ سوڙهي پيچري تان گذرندي نِينگَرُ انهن علامتن جي بابت سوچي رهيو هو. ها، پوڙهي کي ان بابت ضرور ڪا نه ڪا خبر هئي. اندلس جي ميدانن ۾ وقت گذارڻ کانپوء نِينگَرُ زمين ۽ آسمان کي ڏسي موزون رستن جو تعين ڪرڻ ۾ به ماهر بڻجي چڪو هو. هن اهو به دريافت ڪيو هو ته هڪ مخصوص پکيء جي موجودگيء جو مطلب اهو آهي ته ڀر پاسي ۾ ڪو نانگ آهي، ۽ اهو به سکيو هئائين ته هڪ مخصوص ٻُوٽَي جي موجودگي ان علائقي ۾ پاڻيء جي هجڻ جو سَوڻُ آهي. اهو سڀ ڪجھ هنکي رڍن سيکاريو هو.
“جيڪڏهن خدا رڍن کي صحيح پيچرو ڏيکاري سگھي ٿو ته مونکي به ضرور سيکاريندو.” هن سوچيو. جنهن سان هو وڏيڪ مطمئن محسوس ڪرڻ لڳو. هاڻ کيس اها چانهه به گھٽ ڪڙي لڳي رهي هئي.
“تون ڪير آهين؟” اندلسي ٻولي ۾ هن اهو آواز ٻڌو.
نِينگَرَ ٿڌو ساه ڀريو. هوانهن سَوڻَن جي بابت سوچي رهيو هو ته سندس آڏو هڪ شخص پڌرو ٿيو.
“ تون اندلس جي ٻوليء ۾ ڀلا ڪيئن پيو ڳالهائين؟” نِينگَرَ پڇيو. هن نئين ڳڀرُو کي مغربي وَيسُ پهريل هو، پر سندس چمڙيء جي رنگ مان لڳو پئي ته سندس تعلق هن شهر سان آهي. سندس قد ڪاٺ ۽ ڄمار لَڳ ڀَڳ ساڳي نِينگَرَ واري هئي.
“هت گھڻو ڪري هرڪو ئي اندلس جي ٻولي ڳالهائي ٿو، ڇاڪاڻ جو اندلس هتان کان صرف ٻن ڪلاڪن جي فاصلي تي آهي.”
“ اچ ويهه ته آءٌ تنهنجي ڪا خاطر ڪيان.”
“منهنجي لاء ته مَڌُ جو هڪ گلاس گھرايو. هي چانهن ته مونکي بالڪل نه ٿي وڻي.” نِينگَرَ چيو.
“ هن ملڪ ۾ مَڌُ مهيا ناهي،” ڳڀرُوء وراڻيو. “ هتان جي مذهب ۾ اهو ممنوع آهي.”
نِينگَرَ کيس ٻڌايو ته کيس احرامن ڏانهن وڃڻو آهي. هي کيس خزاني جي بابت ٻڌائڻ وارو ئي هو پر کيس خيال آيو ته اهو صحيح ناهي. جيڪڏهن اها ڳالهه کيس ٻڌائبي ته ٿي سگھي ٿو ته هي عرب به ان خزاني جو ڪجھ حصو اتي پهچائڻ جي معاوضي طور وٺي. کيس پوڙهي بزرگ جي ڳالهه ياد آئي ته جنهن چيو هو ته جڏهن توهان وٽ ڪا شئ آهي ئي نه ته انجي حامي به نه ڀرجي.
“ آءٌ چاهيان ٿو ته توهان مونکي اتي وٺي هلو. آءٌ توهانکي ان ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪرڻ جو معاوضو ڏيندس.”
“ توهانکي خبر آهي ته اتي ڪيئن ٿو پهچي سگھجي؟” نِينگَرَ پڇيو.
نِينگَرَ جو ڌيان ٿورو ڀرسان بيٺل مَڌُ خاني جي مالڪ ڏانهن هو جيڪو هنن جي ڪچهري غور سان ٻڌي رهيو هو. جنهنجي ڪري هو اوکائي محسوس ڪري رهيو هو، پر کيس هڪ سونهون ملي چڪو هو سو هاڻ هن اهو موقعو هٿان نه ٿي وڃائڻ چاهيو.
“توهان کي ريگستان پار ڪرڻو پوندو.” ڳڀرُوء کيس چيو. “ ۽ ان لاء توهان کي پئسن جي گُهرج پوندي، ڇا توهان وٽ ايترا پئسا آهن؟”
نِينگَرَ کي اهو سوال عجيب لڳو. پر کيس پوڙهي بزرگ جي ڳالهه تي ويساهه هو، جنهن کيس چيو هو ته، جڏهن توهان واقعي ڪنهن شيء کي ماڻڻ چاهيو ٿا ته سڄي ڪائنات ان شيء کي ماڻڻ جي منصوبي ۾ اوهانجي واهَرَ ڪري ٿي.
هن پنهنجي کيسي مان پئسا ڪڍي هن ڳڀرُوء کي ڏيکاريا. مَڌُ خاني جو مالڪ پڻ اچي اهو لڪاء ڏٺو. هنن ٻنهي پاڻ ۾ ڪجھ عربي ٻولي ۾ ڳالهايو، جنهن کان پوء مَڌُ خاني جو مالڪ چِڙ ۾ نظر آيو.
“هاڻ پاڻ کي هتان هلڻ گھرجي.” ڳڀرُوء چيو.” مالڪ به اهوئي ٿو چاهي.”
نِينگَرَ ٿڌو ساه کنيو، ۽ حساب ڇڏائڻ لاء اٿيو، پر مالڪ کيس پڪڙي ڪاوڙ مان گھٽ وڌ ڳالهايو. نِينگَرُ سخت جان هو سو پنهنجي دفاع لاء هو به ڪجھ ڪري سگھيو پئي. پر هو هڪ ڌاريي ڏيهه ۾ هو. ايتري ۾ سندس دوست اچي مالڪ کي ڌڪو ڏئي هنکي ڇڪي ٻاهر وٺي ويو، ۽ کيس چيائين ته، “هن جي اک تنهنجي پئسن تي هئي. تنجائر باقي آفريڪا کان مختلف آهي. هي هڪ بندرگاه آهي ۽ هر بندرگاه تي چور هوندا آهن.”
نِينگَرَ جو پنهنجي نئين دوست تي ويساه ٿي ويو. هن سندس ان خطرناڪ صورتحال کان ٻاهر ڪڍڻ ۾ سندس واهَرَ ڪئي هئي. هو پنهنجا پئسا ڪڍي ڳڻڻ لڳو.
“اسين سڀاڻي تائين احرامن وٽ پهچي وينداسين،” سندس دوست پئسا وٺندي کيس چيو.” “پر مونکي ٻه اُٺ وٺڻا پوندا.”
ٻئي تنجائر جي سوڙهين گھٽين مان گذري رهيا هئا. هر طرف وڪري لاء مختلف شين جا اسٽال لڳل هئا. هو عمارت جي وچ تي اچي پهتا جتي بازار هئي. هزارين ماڻهو خريد و فروخت ۽ بحث مباحثي ۾ مشغول هئا. وڪري لاء ڀاڄيون، خنجر، غاليچا ۽ تماڪ پڻ موجود هئا. پر نِينگَرَ پنهنجي دوست تان نظر نه هٽائي. سندس سڄي جمع پونجي جو وٽس هئي. هن سوچيو ته اهي سڀ پئسا هن کان واپس وٺان پر اهو هڪ بي پريتيو عمل ٿي پوي هان. کيس ڌارين جي ڌرتيء جي رواجن جي خبر نه هئي.
“ آءٌ بس هن تي نظر رکندس،” هن سوچيو. کيس خبر هئي ته سندس دوست جي مقابلي ۾ هي سخت جان آهي.
اُمالَڪُ، ان سڄي مونجھاري جي وچ ۾ هن جي نظر هڪ انتهائي خوبصورت تلوار تي پئي، جنهن جي مياڻ تي چانديء جا نقش چٽيل هئا، هَٿيو اَمُلُهه پٿرن سان جڙيل هو. اهڙي تلوار هن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. نِينگَرَ اهو پڪو پهه ڪيو ته جڏهن هو مصر کان واپس موٽندو ته اها تلوار ضرور خريد ڪندو.
“اسٽال جي مالڪ کان پڇو ته اها تلوار گھڻي جي آهي،” پنهنجي دوست کي چيائين. تلوار ڏسندي اُمالَڪُ کيس محسوس ٿيو ته سندس ڌيان اصل شيء کان هٽي رهيو آهي. سندس دل زور جو جھٽڪو کاڌو ڄڻ مٿس ڇاتيء جو اُمالَڪُ زور پيو هجي. هاڻ هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ کان گھٻرائي رهيو هو، ڇاڪاڻ جو کيس خبر هئي ته هو ڇا ماڻڻ وارو آهي. پر سندس نظر اڃان به ان عمده تلوار ۾ کُتي پئي هئي، پر همت ڪري هن پنهنجو ڌيان ان تان هٽايو.
مَنڊي جي چوڌاري خريدارن جي اچ وڃ، رڙ واڪن ۽ عجيب ڀانت جي کاڌن جي خوشبوئن سان ڀريل هئي... پر سندس ساٿي گُم هو.
نِينگَرُ پاڻ کي ان ڳالهه تي آماده ڪري رهيو هو ته سندس دوست جو ائين گم ٿي وڃڻ صرف هڪ حادثاتي ڳالهه هوندي.
هن اتي ترسي سندس انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته ايتري ۾ هڪ پادري ڀر واري عمارت جي ڇت تي چڙهيو ۽ ڀڄن چوڻ شروع ڪيائين.؛ ان تي مَنڊي ۾ موجود هر شخص ڀڄن ٻُڌڻ لاء سجدي ۾ ڪري پيو، ۽ ماڪوڙين جي آباديء وانگي پنهنجا پنهنجا اسٽال ڊاهيندو هليو ويو.
سج پڻ لهڻ شروع ٿي چڪو هو. نِينگَرَ ان وقت تائين پئي سج لهڻ جو منظر ڌٺو جيسيتائين اهو مارڪيٽ جي عمارت جي چوڌاري گھرن جي پويان لڪي ويو. هن اهو خيال ڪيو ته جڏهن ان صبح جو سج اُڀريو هو، هو هڪ ريڍار جيڪو سٺ رڍن سان گڏ هڪ ٻئي کنڊَ تي هو ۽ نِينگَرَ سان ملڻ جي تياري ڪري رهيو هو. ان صبح جو انهن ميدانن ۾ گھمندي ڦرندي کيس اهو ڪاٿو ٿي چڪو هو ته هن سان ڇا ٿيڻ وارو آهي. پر هاڻي، جڏهن سج لهڻ شروع ٿي چڪو هو، ته هو هڪ ٻئي ملڪ ۾ ڌارين جي ڌرتيء تي پَرَهَنڌَن جيان هو کيس اتان جي ٻولي ڳالهائڻ به نه پئي آئي. هاڻ هو ريڍار نه هو ۽ نه ئي وٽس ڪا شيء موجود هئي، ۽ نه ئي پئسو جو هو ڏئي پنهنجي هر شيء واپس وٺي سگھي.
اهو سڀ ڪجھ سج اُڀرڻ کان سج لٿي تائين جي وچ ۾ ٿي چڪو هو. کيس پاڻ تي تمام گھڻو افسوس ٿيو، هو ان حقيقت تي آه و زاري ڪرڻ لڳو ته ڪيئن سندس زندگي ايترو جلدي ۽ نهايت ئي بري طريقي سان تبديل ٿي ويئي.
هو پاڻ تي ايترو شرمنده هو جو کيس روئڻ اچي رهيو هو. هو رڍن جي سامهون ڪڏهن به نه رُنو هو. مارڪيٽ به خالي هئي ۽ هو پنهنجي گھر کان به پري هو سو هن روئي ڏنو. هو انڪري رُنو جو خدا هن سان ويساه گھاتي ڪئي هئي. پر خدا کين اهڙي ئي طريقي سان نوازيندو آهي جيڪي پنهنجي خوابن تي يقين رکندا آهن.
“جڏهن مون وٽ پنهنجيون رڍون هيون ته آءٌ به سَرَهو هئس، ۽ مون هنن کي پڻ سَرَهو رکيو هو. ۽ ماڻهو به مون مان سَرَها هئا.” نِينگَرُ سوچي رهيو هو. “پر هاڻ آءٌ ادنا ۽ اڪيلو آهيان. پر هڪڙي ماڻهوء جي ٺڳيء جي ڪري هاڻ آءٌ ڪنهن تي به ويساهه نه ڪندس. ۽ مونکي انهن ماڻهن سان به نفرت ٿيڻ لڳي آهي جن پنهنجا خزانا لڌا آهن پر آءٌ پنهنجو نه ڳولي سگھيس. مونکي هاڻ بس ٿوري گھڻي تي گذارو ڪرڻو پوندو ڇاڪاڻ جو هاڻ منهنجي اها حيثيت ناهي رهي جو آءٌ دنيا فتح ڪري سگھان.”
هن پنهنجون باقي بچيل شيون ڏسڻ لاء پنهنجي ڳوٿري کولي ته متان اهو سنبوسو ٿورو بچيل هجي جيڪو هن ٻيڙيء تي سفر دوران کاڌو هو؛ پر کيس صرف هڪڙو ڳرو ڪتاب، سندس اَنگرکو ۽ ٻه پٿر مليا جيڪي پوڙهي بزرگ کيس ڏنا هئا.
جيئن ئي سندس نظر انهن پٿرن تي پئي ته کيس ٿوري آٿت ٿي. سوني جي پٽي ۾ جڙيل اهي اَمُلُهه پٿر هن پنهنجين ڇهن رڍن جي عيوض ۾ ورتا هئا. هاڻ هو اهي پٿر کپائي واپسيء جي ٽڪيٽ وٺي پئي سگھيو. “پر هن دفعي مونکي سياڻپ سان ڪم وٺڻو پوندو،” نِينگَرَ ڳوٿريء مان پٿر ڪڍي پنهنجي کيسي ۾ رکندي سوچيو. اهو هڪ بندرگاه هو، ۽ هڪ ئي ڪم جي ڳالهه جيڪا سندس دوست کيس ٻڌائي هئي ته هي بندرگاه ڦورُن سان ڀريل آهي.
هاڻ کيس سمجھ ۾ آيو ته مَڌُ خاني جو مالڪ هُن سان ڇو ايڏو تپي رهيو هو؛ شايد هو ان کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ان شخص تي ويساهه نه ڪر. “ آءٌ به عام انسانن جيان آهيان _ آءٌ به دنيا کي ان نظريي سان ڏسڻ چاهيان ٿو ته هر شيء منهنجي مرضي جي پٽاندڙ ٿئي، نه ڪي جيڪو ٿي رهيو آهي سو بس ٿيندو رهي.”
هوريان هوريان هن پنهنجون آڱريون پٿرن جي مٿان انهن جي سطح ۽ حرارت کي محسوس ڪندي گھمايون. هاڻ اهي پٿر ئي سندس خزانو هئا. هو کين هٿن ۾ جھلي سڪون محسوس ڪري رهيو هو. اهي پٿر کيس پوڙهي بزرگ جي يادگيري ڏياري رهيا هئا. “جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته ، سموري ڪائنات انکي ماڻڻ جي منصوبي ۾ توهان جي واهَرَ ڪري ٿي.” هن چيو هو.
نِينگَرَ ان ڳالهه جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جيڪا ان پوڙهي بزرگ کيس چئي هئي. هو هڪ خالي مارڪيٽ ۾ هو، ۽ وٽس هڪ ٽڪو به نه هو، نه ئي ڪا رڍ جنهنجي هو سار سنڀال لهي سگھي. پر اهي پٿر ان ڳالهه جو ثبوت هئا ته هو هڪ بادشاه سان ملي چڪو هو. اهو بادشاه جنهنکي نِينگَرَ جي ماضي جي به خبر هئي.
“اهي يورم ۽ ٿومم سڏائجن ٿا، ۽ اهي سَوڻَن کي سمجھڻ ۾ واهَرَ ڪن ٿا.” نِينگَرَ اهي پٿر ڳوٿريء ۾ واپس رکيا ۽ انهن تي هڪ تجربو ڪرڻ جو سوچيو. پوڙهي بزرگ اهو چيو هو ته انهن کان چِٽا سوال ڪيا وڃن، ۽ انهيء کي ڪرڻ لاء، نِينگَرَ جو اهو ڄاڻ ضروري هو ته کيس ڇا گھرجي. سو هن اهو سوال پڇيو ته ڇا ان پوڙهي بزرگ جون دعائون اڃان تائين هن سان گڏ آهن.
هن هڪ پٿر ٻاهر ڪڍيو. ۽ اهو “ها” هو.
“ ڇا آءٌ پنهنجو خزانو ڳولي سگھندس؟” هن ٻيهر سوال ڪيو. جيئن ئي هن اهو سوال ڪيو ته ٻئي پٿر ڳوٿري مان هڪ سوراخ ذريعي وڃي پَٽ تي پيا. نِينگَرَ ڪڏهن به اهو غور نه ڪيو هو ته ڪي ڳوٿريء ۾ سوراخ آهي. هن هيٺ جھڪي يورم ۽ ٿومم کڻي واپس ڳوٿريء ۾ رکيا. پر جيئن ئي هو انهن پٿرن کي کڻڻ لاء جھڪيو ته هڪ ٻي ڳالهه کيس ياد آئي.
“ سَوڻَن کي سڃاڻڻ ۽ انهن جي پويان هلڻ سک،” پوڙهي بزرگ کيس چيو هو.
“هڪ ٻيو سَوڻُ ،” نِينگَرَ پاڻمرادو کلندي چيو. هن اهي ٻئي پٿر کڻي ڳوٿريء ۾ واپس رکيا، ۽ ڳوٿريء جي سوراخ کي ڳنڍڻ تي غور ئي نه ڪيو. ان مان پٿر ڪنهن به وقت ڪري ٿي سگھيا. هي اهو سمجھي چڪو هو ته ڪجھ شيون اهڙيون آهن جن جي بابت ڪو سوال ڪرڻ ضروري ناهي، ته جيئن ڪو به پنهنجي تقدير کي ماڻڻ کان پاسيرو نه ٿي پوي.
“ مون اهو واعدو ڪيو هو ته آءٌ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندس،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.
پر پٿرن کيس اهو ٻڌايو هو ته پوڙهو بزرگ اڃا تائين هن سان گڏ آهي، جنهن سان هو وڌيڪ مطمئن ٿيو. هن خالي عمارت جي چوڌاري هڪ دفعو ٻيهر نظر ڦيرائي. هاڻ سندس نا اميدي اڳي کان گھٽ هئي. هاڻ اها ڌاري جڳهه نه هئي، هڪ ٻي نئين جڳهه هئي.
ٻيو ته هن سدائين نَيُن جڳهين جو سير ڪرڻ ته چاهيو ٿي. جيڪڏهن هو احرامن تائين نه به پهچي سگھيو ته هن ايترو سفر ڪيو آهي جو ڪنهن به ريڍار نه ڪيو هوندو. جيڪر ! کين خبر هجي ها ته صرف ٻن ڪلاڪن جي ٻيڙيء جي فاصلي تي شيون ڪيڏيون نه مختلف آهن. جيتوڻيڪ، ان وقت هن جي دنيا بس اها خالي مارڪيٽ هئي، جيڪا هن ان وقت به ڏٺي هئي جڏهن اها ماڻهن سان ڀريل هئي، ۽ هو ڪڏهن به انکي نه وساريندو. کيس اها تلوار ياد آئي. انکي ياد ڪندي کيس ٿوري تڪليف ٿي، پر ان جهڙي تلوار هن اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. جيئن ئي هو انهن ڳالهين تي غور ڪري رهيو هو ته، کيس احساس ٿيو ته کيس هڪ ڳالهه جو انتخاب ڪرڻو پوندو ته، يا ته هو ڦوروء جي هٿان لُٽجڻ وارو هڪ مظلوم آهي يا وري هو خزاني جي کوجنا ۾ نڪتل هڪ جانباز آهي.
“ آءٌ خزاني جي کوجنا ۾ نڪتل هڪ جانباز آهيان،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.