قسط 14
نخلستان جي ماڻهن انهن گھوڙي سوار ويڙهاڪن کي ريگستان جي چوڌاري گھيري ۾ آڻي صرف اڌ ڪلاڪ ۾ هڪ کي ڇڏي باقي مڙني حملي آورن کي ماري ڇڏيو. نخلستان جي ٻارن کي کجيء جي وڻن جي جُھڳٽي جي پويان رکيو ويو هو ۽ کين ڪنهن ڳالهه جي خبر ئي نه پئي ته ڇا ٿيو. عورتون پنهنجي مڙسن کان پري خيمن ۾ خير جي دعا ڪري رهيون هيون، کين پڻ ويڙهه جي ڪا به خبر نه پئي. جيڪڏهن زمين تي انهن ويڙهاڪن جا لاش نه هجن ها ته ائين لڳي ها ته جهڙو هت ڪجھ ٿيو ئي ناهي.
صرف هڪ قبيلائي بچيو هو سو حملا آورن جي فوج جو سپهه سالار هو. منجھند جو کيس نخلستان جي قبيلي جي سردارن وٽ آندو ويو. جن هن کان روايت جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو سبب پڇيو. سپهه سالار چيو ته سندس ويڙهاڪ ڪيترن ئي ڏينهن جي ويڙهه کانپوء بکايل، اڃايل ۽ ٿڪل هئا، سو انڪري نخلستان تي حملي جو سوچيو ويو ته جيئن ڪجھ آرام ڪري واپس وڃي جنگ وڙهي وڃي. قبيلي جي سردار چيو ته کيس سندس ماڻهن جي ان حالت تي افسوس ٿيو، پر روايت ته مقدس ٿيندي آهي. ۽ هن سپهه سالار جي بغير ڪنهن عزت افزائي ڪرڻ جي موت جو حڪم ڏنو. کيس بجاء ڪنهن چاقوء يا گوليء جي هڪ کجيء جي وڻ ۾ ٽنگي ڦاهي چاڙهيو ويو، جتي سندس لاش ريگستان جي واء تي لڏندو لمندو رهيو.
قبيلي جي سردار نِينگَرَ کي سڏايو، ۽ کيس پنجاهه سون جي سڪن جو انعام ڏنو. هن پنهنجي مصر جي يوسفؑ واري ڳالهه ورجائي، ۽ نِينگَرَ کي نخلستان جو صلاحڪار بڻجڻ جي آڇ پڻ ڪئي.
جڏهن سج لٿو ۽ پهريان تارا پڌرا ٿيڻ لڳا ته، نِينگَرَ ڏکڻ ڏانهن رُخ ڪيو. هلندي هلندي کيس هڪ خيمو نظر آيو، اتان کان لنگھندڙ ڪجھ عربن کيس ٻڌايو ته هن جاء تي جِنن جو ديرو آهي. پر نِينگَرُ اتي ويهي انتظار ڪرڻ لڳو. جلد ئي اتي کيس گھوڙي تي ڪيمانگر نظر آيو، جيڪو سندس ڪلهي تي ٻه مئل باز کنيو ٿي آيو.
“ آءٌ اچي ويس،” نِينگَرَ چيو.
“ توکي هت نه هجڻ گھرجي،” ڪيمانگر وراڻيو. “يا اها تنهنجي قسمت آهي جيڪا توکي هت وٺي آئي آهي؟”
“ قبيلن جي وچ ۾ ويڙهه سبب ريگستان پار ڪرڻ نا ممڪن هو، انهيء ڪري آءٌ هت پهچي ويس.”
ڪيمانگر گھوڙي تان لٿو ۽ نِينگَرَ کي پاڻ سان گڏ خيمي ۾ اچڻ جو اشارو ڪيائين. سندس خيمو به نخلستان ۾ موجود ٻين خيمن جهڙو ئي هو. نِينگَرَ جي خيمي اندر چُلهن ۽ علم ڪيميا ۾ ڪَتب ايندڙ سامان لاء نظر ڦيرائي پر کيس ڪجھ به نظر نه آيو.
اُتي رُڳي ڪجھ ڪتابن جو ڍڳ، هڪ ننڍو رڌ پچاء جو چُلهو، ۽ ڳجھن نقشن سان چٽيل غاليچا موجود هئا.
“ويهه، مون وٽ ڪجھ پيئڻ سان گڏوگڏ کائڻ لاء هي پکي پڻ آهن،” ڪيمانگر چيو.
نِينگَرَ کي اهو انديشو ٿيو ته شايد هي اهي ئي پکي آهن جيڪي هن هڪ ڏينهن اڳ ڏٺا هئا، پر هو چُپ رهيو. ڪيمانگر باهه ٻاري ۽ ايتري ۾ لذيذ خوشبو خيمي ۾ پکڙجي وئي. اها حُقن جي خوشبوء کان چڱي هئي.
“ توهان مونسان ملڻ ڇو ٿي چاهيو؟” نِينگَرَ پڇيو.
“ علامتن جي ڪري،” ڪيمانگر وراڻيو.
“هِير مونکي تنهنجي اچڻ جي خبر ڏني، ۽ اها به خبر ملي ته توکي واهَرَ جي گُهرج پوندي.”
“اهو آءٌ نه هئس جنهن جي اچڻ جي خبر توهانکي هِير ڏني، هو هڪ ٻيو پرديسي آهي، انگريز، جيڪو توهان کي ڳوليندو ٿو وتي.”
“ کيس پهريائين ٻيا ڪم به ڪرڻا آهن، پر هو پنهنجي رستي تي صحيح هلي رهيو آهي. ۽ هن ريگستان کي سمجھڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.”
“ مون بابت ڇا راء آهي؟”
“ جڏهن ڪو شخص واقعي ڪا خواهش ڪري ٿو ته، سڄي ڪائنات کيس پنهنجي خواب جي ساڀيان ڳولڻ جي منصوبي ۾ سندس واهَرَ ڪري ٿي،” ڪيمانگر چيو. بزرگ بادشاهه جا لفظ پڙاڏي سان کيس ياد آيا. نِينگَرُ سمجھي ويو ته هڪ ٻيو شخص کيس سندس تقدير تائين پهچائڻ ۾ واهَرَ ڪرڻ لاء موجود آهي.
“ پوء توهان مونکي ڪجھ سيکاريندئو؟”
نه، تون اڳ ۾ ئي اهو سڀ ڪجھ ڄاڻين ٿو جيڪو توکي ڄاڻڻ گھرجي. آءٌ توکي صرف تنهنجي خزاني جو طرف ٻڌائيندس.”
پر ريگستان ۾ ته جنگ هلي رهي آهي. ۽ مون پنهنجو خزانو ڳولي ورتو آهي. مون وٽ هڪ اُٺ آهي، ٿانوَن جي هَٽَ مان ڪمايل پئسا ڏوڪڙ آهن، ۽ مون وٽ پنجاهه سون جا سڪا پڻ آهن. پنهنجي ملڪ ۾ آءٌ شاهوڪار ٿي رهندس.”
“ پر انهن مڙني شين مان ڪابه شيء احرامن مان حاصل ٿيل ناهي،” ڪيمانگر چيو.
“ مون وٽ فاطمه آهي، ۽ هوء مون لاء مڙني خزانن کان وڌيڪ آهي.”
“ هوء پڻ تون احرامن مان حاصل نه ڪئي آهي.”
هو خاموشيء سان ڀوڄن ڪندا رهيا. ڪيمانگر هڪ ٻاٽلي کولي جنهن مان ڳاڙهي رنگ جي پاڻياٺي شيء نِينگَرَ جي پيالي ۾ اوتيائين. اهو انتهائي لذيذ مَڌُ هو جيڪو هن اڳ ڪڏهن به نه چکيو هو.
“ هت مَڌُ ممنوع ناهي؟” نِينگَرَ پڇيو.
“ ماڻهن جي وات ۾ جيڪڏهن ڪا شيء وڃي ته اها خراب ناهي ٿيندي، پر جيڪي واتان نڪرندو آهي سو خراب هوندو آهي.”
ڪيمانگر ٿورو ڀوائتو ٿي لڳو، پر، جيئن نِينگَرَ مَڌُ پيتو ته کيس سڪون آيو. ڀوڄن ختم ڪرڻ کانپوء هو خيمي کان ٻاهر مڌر چانڊوڪيء ۾ اچي ويٺا، جنهن جي سامهون تارا به ڦِڪا ٿي لڳا.
“ کاءُ پيءُ ۽ موج مستي ڪر،” ڪيمانگر نِينگَرَ کي سَرَهو ڏسي چيس. “ اڄ رات چڱي نموني آرام ڪر، جيئن تون هڪ ويڙهاڪ هئين ۽ ڪنهن جنگ لاء تيار هئين. ۽ اهو ياد رکجان ته جتي به تنهنجي دل هوندي خزانو اُتي ئي هوندو. توکي اهو خزانو ڳولڻو آهي ته جيئن ان دوران تون جيڪي ڪجھ سکيو آهي انجو ادراڪ ٿي سگھي. سڀاڻي پنهنجو اُٺ کپائي هڪ گھوڙو خريد ڪر، اُٺ دغا باز ٿين ٿا؛ هو هزارين قدم هلن ٿا پر محسوس ئي نه ٿو ٿئي ته ڪو هوٿڪجن ٿا. پوء اُمالَڪُ هو گوڏا کوڙيو مريو پون. پر گھوڙا هوريان هوريان ٿَڪبا آهن. توهانکي اها سدائين خبر رهندي آهي ته کين ڪيترو هلائڻو آهي، ۽ اها به خبر هوندي آهي ته هو مرڻ وارا آهن.”
ٻي رات نِينگَرُ ڪيمانگر جي خيمي وٽ گھوڙي ساڻ اچي پُڳو. ڪيمانگر تيار هو، هو پنهنجي گھوڙي تي چڙهيو ۽ بازُ پنهنجي کاٻي ڪلهي تي رکيائين. “ريگستان ۾ مونکي ڪا اهڙي جاء ڏيکار جتي ڪا جيوَت هجي، ڇاڪاڻ جو صرف اهي ماڻهو خزاني ڳولڻ جي صلاحيت رکن ٿا جن کي اهڙي ڀانت جي علامتن جي ڄاڻ هجي.”
هو چانڊوڪيء ۾ گھوڙن تي سوار واريء ۾ هلڻ شروع ٿيا. “ خبر ناهي آءٌ ريگستان ۾ ڪا جيوت ڳولي به سگھندس الائي نه، مونکي ته ريگستان بابت اڃان ايتري ڄاڻ به ناهي،” نِينگَرُ مَن ۾ ويچاري رهيو هو. نِينگَرَ اها ڳالهه ڪيمانگر سان ڪرڻ ٿي چاهي، پر هو ڊنل هو. هو هڪ پٿريلي جڳهه تي پهتا جتي ڇوڪري آسمان ۾ شِڪرا ڏٺا هئا، پر هاڻ اتي خاموشي ۽ هِير هئي.
“مونکي خبر ناهي ته ريگستان ۾ ڪا جاندار شيء ڪيئن ڳولجي، مونکي ايتري خبر آهي ته هت اهڙي ڪا ساهه واري شيء آهي پر اهو نه ٿو ڄاڻان ته ڪهڙي جڳهه تي آهي.”
“ زندگي زندگيء کي ڪشش ڪري ٿي،” ڪيمانگر وراڻيو.
نِينگَرَ کي اها ڳالهه سمجھ ۾ اچي وئي. هن گھوڙي جي واڳ ڍلي ڪئي ۽ گھوڙو پٿرن ۽ واريء ۾ ڊوڙندو رهيو. ڪيمانگر نِينگَرَ جي گھوڙي جي پويان پويان اڌ ڪلاڪ تائين پنهنجي گھوڙي کي ڊوڙائيندو رهيو. هاڻ کين نخلستان ۾ کجين جا وڻ به نظر نه ٿي آيا، سندن مٿا صرف تمام وڏو چنڊ هو ۽ ريگستان جي پٿرن سان ٽڪرائيندڙ چانڊوڪي هئي. اُمالَڪُ بغير ڪنهن عذر جي نِينگَرَ جي گھوڙي جي رفتار گھٽبي وئي.
“ هت ڪا ساهه واري شيء آهي،” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو.
“ مونکي ريگستان جي ٻولي ته سمجھ ۾ نه ٿي اچي پر، منهنجو گھوڙو زندگيء جي ٻولي سمجھي ٿو.”
هو گھوڙي تان لٿا، ڪيمانگر خاموش هو ۽ هوريان هوريان اڳتي وڌندي هو پٿرن ۾ ساهه واري شيء کي ڳوليندا رهيو. ڪيمانگر اُمالَڪُ بيهي رهيو ۽ زمين تي جھڪيو. اتي پٿرن جي وچ ۾ هڪ سوراخ هو. ڪيمانگر پهريان پنهنجو هٿ ان سوراخ ۾ وڌو، ۽ پوء ڪلهي تائين پوري ٻانهن. اتي ڪا شيء چرپر ڪري رهي هئي، ڪيمانگر جون اکيون پڻ ان چرپر کي محسوس ڪندي چرڻ لڳيون، نِينگَرُ ان وقت صرف ڪيمانگر جون اکيون ٿي ڏسي سگھيو. جيڪي ڪجھ به ان سوراخ ۾ هو تنهن کي پڪڙڻ لاء هو ٻانهن سان مسلسل ڪوشش ڪري رهيو هو. پوء هڪ جھٽڪي سان جنهن نِينگَرَ کي ڊيڄاري ڇڏيو، هن پنهنجي ٻانهن ٻاهر ڪڍي، ۽ پوئتي هٽيو. سندس هٿ ۾ هڪ نانگ هو.
نِينگَرُ پڻ ڪيمانگر کان پري هٽيو. نانگ مستيء ۾ پنهنجو دفاع ڪري رهيو هو، ۽ سندس ڦوڪارن جو آواز ريگستان جي خاموشيء ۾ پکڙجي ويو. اهو هڪ واسينگ نانگ هو، جنهن جو زهر منٽن ۾ ماري ٿي سگھيو.
“ ڏنگ کان بچاء ڪجو،” نِينگَرَ چيس. پر ڪيمانگر ته پنهنجو هٿ ان سوراخ ۾ پڻ وڌو هو، کيس ڏنگ به ضرور لڳو هوندي، پر هو خاموش هو. “ ڪيمانگر ٻه سو ورهين جي ڄمار جو آهي.” کيس انگريز جي ڳالهه ياد آئي. ضرور کيس ريگستانن جي نانگن کي منهن ڏيڻ ايندو هوندو.
نِينگَرَ پنهنجي ساٿيء کي سندس گھوڙي ڏانهن ويندي ڏٺو جيڪو اتان پنهنجي تلوار کڻي آيو. تلوار جي نوق سان هُن واريء تي هڪ گول دائرو ٺاهي نانگ کي ان جي وچ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. تنهن کانپوء اهو نانگ سڪون ۾ آيو.
“ گھٻرائڻ جي گُهرج ناهي،” ڪيمانگر چيو. “ هاڻ هي ان دائري کان ٻاهر نه ايندو. جيڪو مون چاهيو ٿي سو تون ريگستان ۾ ڳولي وئين.”
“ پر ان ڳالهه جو سبب ڪهڙو هو؟”
“ ڇاڪاڻ جو احرامن جي چوڌاري ريگستان آهي.”
نِينگَرَ احرامن جي بابت نه ٿي ڳالهائڻ چاهيو.
هو رات کان وٺي اُٻاڻڪو هو. خزاني جي کوجنا شروع ڪرڻ فاطمه تان هٿ کڻڻ جي برابر هو.
“آءٌ ريگستان ۾ تنهنجي رهنمائي ڪندس،” ڪيمانگر چيو.
“ پر آءٌ نخلستان ۾ رهڻ چاهيان ٿو،” نِينگَرَ وراڻيو.
“ مون وٽ فاطمه آهي، ۽ هوء مون لاء ڪنهن به خزاني کان وڌيڪ آهي.”
“ فاطمه هڪ ريگستاني عورت آهي،” ڪيمانگر چيس. “ کيس خبر آهي ته ماڻهو ڏور واپس ورڻ لاء ئي ويندا آهن. ۽ وٽس اڳئي پنهنجو خزانو آهي. اهو تون آهين. هاڻ هوء به اهو چاهي ٿي ته تون جنهن شيء جي کوجنا ۾ نڪتو آهين اها حاصل ڪر.”
“ پر جيڪڏهن آءٌ هت ئي رڪجڻ جو فيصلو ڪيان ته پوء؟”
“ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته پوء ڇا ٿيندو. تون نخلستان جو صلاحڪار بڻجي ويندي. تو وٽ ايترو سون آهي جو تون ڪيتريون ئي رڍون ۽ اُٺ خريد ڪري سگھين ٿو. پوء تون فاطمه سان شادي ڪندي، ۽ پوء توهان ٻئي هڪ سال لاء سَرَهائيء سان گذاريندئو. پوء تنهنجي دل ريگستان ۾ لڳي ويندي، ۽ تون پنجاهه هزار کجيء جي وڻن مان هر هڪ کان سونهون ٿي ويندي، ۽ انهن جي واڌ ويجھ به تنهنجي اکين آڏو پئي ٿيندي، جنهن جو توکي اهو ڪاٿو به ٿيندو رهندو ته دنيا ڪيئن تبديل ٿيندي رهي ٿي. ۽ پوء تون علامتن کي سمجھڻ ۾ به ماهر ٿي ويندي، ڇاڪاڻ جو ريگستان هڪ بهترين استاد آهي.”
“ٻئي سال ڪنهن وقت توکي وري خزانو ياد ايندو. سَوڻَ ان جي بابت وري توکي اشارا ڪندا، ۽ تون انهن علامتن کي نظرانداز ڪندين. نخلستان ۽ ان جي رهاڪن جي ڀلائيء لاء تون پنهنجي ڄاڻ جو ڪَتب آڻيندي، ۽ قبيلي جا سردار تنهنجي واکاڻ ڪندا. ۽ اُٺن منجھان تو وٽ ناڻو ۽ طاقت ايندي.”
“ ٽئين سال جي دوران، سَوڻَ وري توکي پنهنجي خزاني ۽ تقدير جي يادگيري ڏياريندا رهندا. پوء تون راتين جون راتيون نخلستان ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهندي، جنهن سان فاطمه کي تڪليف ٿيندي ۽ هوء اهو سوچيندي ته شايد هوء تنهنجي کوجنا جي وچ ۾ رُڪاوٽ آهي. پر تون کيس چاهيندو رهندين، ۽ هوء پڻ توکي چاهيندي رهندي. پوء توکي ياد ايندو ته هن توکي ترسڻ لاء نه چيو هو، ڇاڪاڻ جو ريگستان جي عورت ڄاڻي ٿي ته کيس سندس مرد جو انتظار ئي ڪرڻو آهي. پوء تون کيس الزام نه ڏيندين، اهو سوچي ته توکي وڃڻ گھرجي ها ۽ توکي ئي فاطمه جي پيار تي ويساهه ڪرڻ گھرجي ها. ڇاڪاڻ جو توکي واپس نه ورڻ جي خوف ئي نخلستان ۾ روڪي رکيو. ۽ ان وقت اهي ئي سَوڻَ توکي ٻڌائيندا ته هاڻي تنهنجو خزانو سدائين لاء لَٽجي چڪو آهي.”
“ پوء چوٿين سال، اهي سَوڻَ تو وٽ اچڻ ئي ڇڏي ڏيندا، ڇاڪاڻ جو تون کين ٻڌڻ ئي ڇڏي ڏنو. قبيلي جا سردار اهو محسوس ڪندا، ۽ توکي نخلستان جي صلاحڪار واري عهدي تان هٽايو ويندو. پر، تيسيتائين، تون هڪ امير ترين واپاري بڻجي چڪو هوندي، ۽ تو وٽ بيشمار اُٺن سان گڏ واپار جو بهترين نظام پڻ هوندو. پر پوء تون پنهنجا باقي ڏينهن ان ڳالهه کي سوچڻ ۾ گذاريندين ته تون پنهنجي تقدير کي ڇو نه حاصل ڪيو ۽ هاڻ ته گھڻي دير ٿي چڪي آهي.”
“ اهو سدائين ياد رکجان ته محبت ڪڏهن به پنهنجو مقصد ماڻڻ کان نه ٿي روڪي، جيڪڏهن ڪنهن ان محبت جي ڪري پنهنجو مقصد ڇڏي ڏنو ته کيس سچي محبت نه هئي، اها سچي محبت جيڪا دنيا جي ٻولي ڳالهائي ٿي.”
ڪيمانگر واريء ۾ ٺاهيل گول دائرو ڊاهي ڇڏيو، ۽ نانگ رڙهندو پٿرن ۾ هليو ويو.
نِينگَرَ کي ٿانوَن جو واپاري ياد آيو، جنهن جي سدائين کان مڪي پاڪ وڃڻ جي خواهش هئي، ۽ انگريز جيڪو ڪيمانگر جي کوجنا ۾ هو. نِينگَرَ ان عورت جو سوچيو جنهن جو ريگستان تي ويساهه هو، ۽ پوء ريگستان ڏانهن نظر ڦيرايائين جنهن کيس پنهنجي محبت سان ملايو هو.
هو پنهنجن گھوڙن تي چڙهيا، ۽ هاڻي نِينگَرُ نخلستان تائين ڪيمانگر جي پويان پويان هو. هِير سان گڏ نخلستان جا آواز وٽن پهتا پئي، انهن آوازن ۾ نِينگَرَ فاطمه جو آواز ٻڏڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي.
پر ان رات جڏهن نِينگَرَ واسينگ نانگ کي دائري ۾ قيد ڏٺو پئي ته، پَرَهَنڌَو گھوڙي سوار جنهن جي ڪلهي تي باز ويٺل هو، تنهن، محبت ۽ خزاني، ريگستان جي عورت ۽ سندس قسمت بابت پئي ڳالهايو.
“ آءٌ توهان سان گڏ هلي رهيو آهيان،” نِينگَرَ ڪيمانگر کي چيو، ۽ تنهن مهل مطمئن محسوس ڪيائين.
“ پاڻ پرهه ڦٽيء ڌاري نڪرنداسين.” ڪيمانگر وراڻيو.
نِينگَرَ اها سڄي رات جاڳي گذاري. پرهه ڦٽيء کان ٻه ڪلاڪ اڳ، نِينگَرَ خيمي ۾ ستل پنهنجي هڪ عرب دوست کي اُٿاري فاطمه جي خيمي جو ڏَس پڇيائين. پوء هو ٻئي سندس خيمي تائين ويا. پوء نِينگَرَ سندس دوست کي ان ڪم لاء سون جا ڪجھ سڪا ڏنا ته جيئن هو هڪ رڍ خريد ڪري سگھي.
پوء نِينگَرَ پنهنجي دوست کي چيو ته هاڻ تون فاطمه جي خيمي ۾ وڃي کيس ننڊ مان اُٿار ۽ کيس منهنجي اچڻ جي بابت آگاهه ڪر. ڳڀرُو عرب ائين ئي ڪيو جيئن کيس چيو ويو هو، کيس ٻي رڍ وٺڻ لاء به سون جا سڪا ڏنا ويا.
“ هاڻ تون وڃي سگھين ٿو.” نِينگَرَ پنهنجي عرب دوست کي چيو. عرب پنهنجي خيمي ۾ واپس آيو، ۽ نخلستان جي صلاحڪار جي مدد ڪرڻ تي کيس فخر محسوس ٿيو ۽ سون جا سڪا حاصل ڪري سَرَهو ٿيو.
فاطمه خيمي جي چانئنٺ کان ٻاهر نڪتي. ٻئي کجيء جي وڻن وٽان گذرڻ لڳا. نِينگَرَ کي خبر هئي ته اها روايت جي ڀڃڪڙي آهي، پر هاڻي ان لاء اهو ڪو وڏو مسئلو نه هو.
“ آءٌ وڃي رهيو آهيان، ۽ آءٌ چاهيان ٿو ته تون منهنجي واپسيء جي پڪ رک. آءٌ توسان محبت ڪيان ٿو ڇاڪاڻ جو........” نِينگَرَ چيو.
“ ڪجھ به نه ڪُڇ،” فاطمه سندس ڳالهه ڪٽيندي چيس. “پيار پيار ٿيندو آهي. ۽ پيار ڪرڻ لاء ڪنهن سبب جي گُهرج ناهي هوندي.”
پر نِينگَرَ پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “ مون هڪ خواب ڏٺو، پوء آءٌ هڪ بادشاهه سان مليس، پوء ريگستان پار ڪرڻ لاء ٿانوَن جي هَٽَ تي ٿانوَ وڪرو ڪيا، پوء قبائلين جنگ جو اعلان ڪيو، پوء آءٌ کوهه وٽ ڪيمانگر کي ڳولڻ آيس. ان جو مطلب اهو ٿيو ته مونکي توسان واقعي سچو پيار آهي ۽ پوري ڪائنات توسان ملائڻ جي منصوبي ۾ منهنجي واهَرَ ڪئي.”
ٻنهي ڀاڪر پاتو. اهو پهريون ڀيرو هو جو ٻنهي هڪٻئي کي ڇهيو هو.
“ آءٌ واپس ايندس،” نِينگَرَ چيو.
“پهريان آءٌ ريگستان ڏانهن بي مقصد ڏسندي هئس، پر هاڻي ڪنهن اميد سان ڏسندس. منهنجو بابا به هڪ ڏينهن ائين ئي هليو ويو هو، پر هو منهنجي ماء ڏي موٽي آيو هو. پر تنهن ڏينهن کانپوء هو سدائين موٽندو رهيو. ” فاطمه چيس.
هو خاموشيء سان هلندا رهيا، پوء نِينگَرَ فاطمه کي سندس خيمي وٽ ڇڏيو.
“ آءٌ موٽي ايندس، تنهنجي بابا وانگي، جيئن هو تنهنجي ماء وٽ موٽي واپس آيو هو.” نِينگَرَ چيو.
هن فاطمه جي اکين ۾ لُڙڪ ڏٺا.
“ تون روئين پئي؟”
“ آءٌ ريگستاني جي رهواسي آهيان،” فاطمه سندس منهن ڦيريندي وراڻيو. “ پر انهن مڙني شين کان پهريان آءٌ هڪ عورت آهيان.”
فاطمه پنهنجي خيمي ڏانهن واپس وئي، ۽ جڏهن صبح ٿيو، هن گھر جا ڪم ڪار شروع ڪيا جيڪي هوء ورهين کان ڪندي ٿي آئي. پر هاڻ هرشيء تبديل ٿي چڪي هئي. نِينگَرُ هاڻ نخلستان ۾ موجود نه هو، ۽ نخلستان به هاڻي ائين نه رهيو آهي جيئن ڪالهه تائين هو، هاڻي هي اها جڳهه نه رهي آهي جتي پنجاهه هزار کجيء جا وڻ ۽ ٽي سو کوهه هئا، جتي مسافر ڊگھي سفر کانپوء اچي پنهنجو ٿڪ لاهيندا هئا. پر ان ڏينهن کانپوء نخلستان هن لاء هڪ خالي جڳهه وانگي ٿي ويو.
ان ڏينهن کانپوء سندس لاء ريگستان ئي اهم هو. هاڻ هوء روز انکي ڏسندي رهندي، ۽ اهو ڪاٿو لڳائيندي رهندي ته نِينگَرُ خزاني جي کوجنا ۾ ڪهڙي تاري جي پويان هلندو هوندو. هوء هِير جي آڌار تي نِينگَرَ ڏانهن مِٺيون موڪليندي رهندي، ان اميد سان ته اهي ضرور نِينگَرَ جي چهري کي محسوس ٿينديون، ۽ کيس ٻڌائينديون ته هوء زندهه آهي ۽ سندس انتظار ڪري رهي آهي، هڪ عورت پنهنجي بهادر مرد جو انتظار ڪري رهي آهي جيڪو خزاني جي کوجنا لاء نڪتل آهي. ان ڏينهن کانپوء ريگستان ۾ هن جي لاء صرف هڪ مقصد هو؛ نِينگَرَ جي واپسيء جي اميد.