ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

قسط 17

پهريون ڏينهن گذريو. ڀر پاسي ۾ وڏي ويڙهه هلي رهي هئي، ۽ روز ڪيترائي زخمي سپاهي ڇانوڻي ۾ آندا ٿي ويا، ۽ جيڪي مريو ٿي ويا انهن جي جڳهه تي ٻيا سپاهي آندا ٿي ويا ۽ ائين ئي اتي زندگي هلندي ٿي رهي. “ ڪنهن جي موت سان ڪا به شيء تبديل نه ٿي ٿئي،” نِينگَرُ سوچي رهيو هو.
“ تون ٿورو پوء به جان ڏئي ٿي سگھئين،” هڪ سپاهي پنهنجي ساٿيء جي لاش کي چئي رهيو هو. “ تون امن ٿيڻ کانپوء به جان ڏئي ٿي سگھئين. پر توکي هر صورت ۾ مرڻو ئي هو.”
سج لٿي نِينگَرُ ڪيمانگر کي ڳولي رهيو هو، جيڪو پنهنجي باز سان گڏ ريگستان ۾ نڪتل هو.
“مونکي اڃان ڪو ڪاٿو ناهي ته آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪيئن ڪندس،” نِينگَرَ پنهنجي ڳالهه ورجائي.
“ جيڪو مون توکي چيو هو سو ياد ڪر؛ هيء دنيا بس خدا جو هڪ پڌرو نظارو آهي. ۽ ڪيمانگري ان روحاني ڪماليت جو مادي شين سان ڳانڍاپي جو هڪ ذريعو بڻجي ٿي.”
“ توهان هت ڇا پيا ڪيو؟”
“ پنهنجي باز کي ڀوڄن پيو ڪرايان.”
“ جيڪڏهن آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل نه ڪري سگھيس ته اسانکي مرڻو پوندو، پوء باز کي ڀوڄن ڪرائڻ جو لاڀ؟ “ نِينگَرَ پڇيو.
“ صرف توکي ئي مرڻو پوندو، آءٌ پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻ وارو فن ڄاڻان ٿو.”


ٻئي ڏينهن، نِينگَرُ ڇانوڻيء جي ڀر ۾ هڪ اُوچي چوٽيء تي چڙهي ويو. پهريدار سپاهين کيس وڃڻ جي اجازت ڏني؛ هنن اڳي ئي هڪ اهڙي جادوگر جو پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو قصو ٻڌو هو، انڪري هو نِينگَرَ جي ويجھو ئي نه ٿي ويا. ڇا به ٿي پوي ريگستان ته پوء به هڪ مشڪل ترين جڳهه هئي.
نِينگَرَ ٻيو سڄو ڏينهن ريگستان کي تڪيندي ۽ پنهنجي دل جي ٻڌندي گذاريو. نِينگَرُ اهو به ڄاڻي پيو ته ريگستان سندس خوف کان واقف آهي، ڇاڪاڻ جو ريگستان ۽ نِينگَرُ ٻئي هڪ ئي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا.

ٽئين ڏينهن، قبيلي جو سردار پنهنجي عملي سان مليو. ڪيمانگر کي به ان گڏجاڻي ۾ گھرايو ويو. “هاڻي هلي ڏسجي ته نِينگَرُ پاڻ کي ڪيئن واءَ ۾ تبديل ٿو ڪري،” سردار ڪيمانگر کي چيو.
“ اچو،” ڪيمانگر وراڻيو.
نِينگَرُ کين ان چوٽيء تي وٺي ويو جتي هو هڪ ڏينهن اڳ ويو هو. هن مڙني کي ويهڻ لاء چيو.
“ ان ۾ ٿوري دير لڳندي،” نِينگَرَ چيو.
“اسان کي به ڪا تڪڙ ناهي، اسين ريگستاني ماڻهو آهيون،” سردار وراڻيو.
نِينگَرَ آڪاس منڊل ڏانهن تَڪيو. کيس ٿوري ئي فاصلي تي جبل، واريء جا دڙا، پٿر ۽ ٻوٽا نظر آيا جيڪي ان جڳهه تي قائم ۽ دائم هئا جتي رهڻ نا ممڪن آهي. اتي اهوئي ريگستان هو جنهن ۾ هو مهينن جا مهينا جَهاڳِيندو رهيو هو؛ پر ان جي باوجود به کيس ريگستان جي زندگيء جي اڃا به ايتري معلومات نه هئي. ريگستان ۾ گذاريل پنهنجي زندگيء جي ان حصي ۾ کيس انگريز مليو هو، ڪيترائي قافلا، قبيلائي جنگيون ۽ پنجاهه هزار کجيء جي وڻن ۽ سئو کوهن وارو نخلستان پڻ ڏٺا هئائين.
“ اڄ توکي ڪهڙي شيء جي طلب آهي؟ ڪالهه تون ئي هئين نه جنهن سڄو ڏينهن مون کي تڪيندي گذاريو هو؟” ريگستان نِينگَرَ کا پڇيو.
“ تون وٽ اهو شخص آهي جنهن سان آءٌ محبت ڪريان ٿو، تنهنڪري جڏهن آءٌ تنهنجي واريء ڏانهن تڪيندو آهيان، ته ان ۾ مونکي هوء نظر ايندي آهي. آءٌ هن ڏانهن واپس وڃڻ چاهيان ٿو، تنهنڪري پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻ لاء مونکي تنهنجي واهَرَ جي گُهرج آهي.” نِينگَرَ ريگستان کي چيو.
“ محبت ڇا آهي؟” ريگستان نِينگَرَ کان پڇيو.
“ محبت تنهنجي مٿان هڪ باز جي اُڏام جيان آهي. ڇاڪاڻ جو باز جي لاء تون هڪ سرسبز زمين آهين جنهن مان هو سدائين پنهنجو شڪار ڪري ٿو. کيس تو منجھ موجود پٿرن، واريء جي دڙن ۽ جبلن جي ڄاڻ آهي، ۽ تون پڻ مٿس مهربان آهين.” نِينگَرَ ريگستان کي وراڻيو.
“ باز پنهنجي چهنب سان منهنجا ذرا کڻندو رهي ٿو، ورهين تائين آءٌ سندس شڪار جي سنڀار ڪندو ٿو رهان، کيس پاڻ وٽ موجود ٿورو گھڻو پاڻي مهيا ڪندو ٿو رهان، ۽ کيس سندس شڪار جو ڏَس پڻ ٻڌائيندو ٿو رهان. ۽ آءٌ ان حقيقت کان مطمئن ٿيندو آهيان ته سندس شڪار منهنجي ئي سطح تي وڌندو ويجھندو رهي ٿو، پر تنهن کانپوء اهو ئي باز آسمان مان هڪ ٽُٻي هڻي اهو سڀ ڪجھ کنيو وڃي جنهن جي مون سنڀار ڪئي.” ريگستان نِينگَرَ کي چيو.
“ پر، سندس ڀوڄن لاء ئي ته تو اهو سڀ ڪجھ ڪيو، اُن سان تو باز جي سَار لڌي، باز وري انسانن جي، ۽ نتيجي ۾ انسان وري تنهنجي واريء جي سار لهندو، جتي اهو شڪار وري پيدا ٿيندو، ائين ئي ته دنيا جو سرشتو هلندو رهندو.” نِينگَرَ وراڻيو.
“ ته اها ئي محبت آهي؟”
“ ها. اهائي آهي محبت. اها ئي محبت آهي جنهن سان شڪار باز ۾، باز انسان ۾ ۽ انسان ريگستان ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو. اهائي محبت آهي جيڪا شيهي کي سون ۾ پڻ تبديل ڪري ٿي ۽ سون کي واپس زمين جي اندر موڪليو ڇڏي.”
“ مونکي تنهجيون ڳالهيون سمجھ ۾ نه ٿيو اچن،” ريگستان کيس چيو.
“ پر تون ايترو ته سمجھي سگھين ٿو ته تنهنجي واريء ۾ ڪٿي نه ڪٿي هڪ عورت موجود آهي جيڪا منهنجو انتظار ڪري رهي آهي. صرف ان جي ڪري ئي مونکي پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻو آهي.”
ريگستان ڪجھ دير لاء کيس ڪو جواب نه ڏنو.
پوء کيس چيائين، “ آءٌ صرف واءَ کي جھوٽڻ ۾ واهَرَ لاء توکي پنهنجي واري ڏئي سگھان ٿو، ان کان علاوه اڪيلي سِر آءٌ تنهنجي ٻي ڪا واهَرَ نه ٿو ڪري سگھان. وڌيڪ توکي واءَ کان مدد وٺڻي پوندي.”
واءَ جو هڪ جھوٽو لڳڻ شروع ٿيو. قبيلي وارا نِينگَرَ کي پري کان ڏسي پاڻ ۾ سندن ٻوليء ۾ ڳالهائي رهيا هئا جيڪا نِينگَرَ کي سمجھ ۾ نه ٿي آئي.
ڪيمانگر مُشڪيو.
واءُ نِينگَرَ ڏانهن وڌندي سندس منهن کي ڇهيو. کيس نِينگَرَ ۽ ريگستان جي وچ ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه جي خبر هئي، ڇاڪاڻ جو واءَ کي سڀ خبر رهندي آهي. اهي پوري دنيا جا چڪر ڪاٽينديون رهنديون آهن، ۽ سندن نه ڪا جيئڻ جي جاء آهي نه مرڻ جي.
“ منهنجي واهَرَ ڪر. هڪ ڏينهن تون مون لاء پاڻ سان گڏ منهنجي محبوب جو آواز آندو هو. ” نِينگَرَ واءَ کي چيو.
“ توکي ريگستان ۽ واءَ جي ٻولي ڪنهن سيکاري؟” واءَ نِينگَرَ کان پڇيو.
“ منهنجي دل،” نِينگَرَ وراڻيو.
واءَ جا ڪيترائي نالا آهن. دنيا جي ان حصي ۾ کيس سِراڪو يا ريگستاني واءُ سڏيو ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو اهو واءُ اوڀر کان پاڻ سان گڏ سمنڊ جي رطوبت ۽ ريگستان جي واري کنيو ايندي هئي. اتان کان ڏورانهين ديس مان جتان نِينگَرُ آيو هو، اُتي ان واءَ کي ليوانٽر سڏيو ٿي ويو، ڇاڪاڻ جو اُتان جي ماڻهن جي پٽاندر اهو واءُ ريگستان جي واريء سان گڏ ماريتانيا جي ويڙهاڪن جي وچ ۾ وڙهيون ويندڙ جنگين جا واڪا پڻ گڏ کڻي ايندو هو. شايد اندلس جي چراگاهن کان ڏور ماڻهن کي اهو ئي محسوس ٿيندو هوندو ته اهو واءُ اندلس کان آيو هو. پر، حقيقت ۾ واء ته ڪنهن هڪ مخصوص جڳهه کان نه ايندو آهي نه ڪيڏانهن ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهو ريگستان کان وڌيڪ طاقتور ٿئي ٿو. ريگستان ۾ ڪير به وڻ پوکي ۽ رڍون چاري سگھي ٿو، پر واءَ کي ڪڏهن به ڪير واڳ نه ٿو وجھي سگھي.
“ تون واءُ نه ٿو بڻجي سگھين،اسين ٻئي تمام مختلف آهيون.” واءَ چيس.
“ائين ناهي،” نِينگَرَ وراڻيو. “مون سفر دوران ڪيمانگرن جا ڪيترائي ڳُجھ سکيا آهن. منهنجي اندر واءُ به آهي ته ريگستان به، سمنڊ، تارا ۽ هر اها شيء جيڪا ڪائنات ۾ موجود آهي، منهنجي اندر پڻ شامل آهي. ڇاڪاڻ جو هرشيء جي خالق صرف هڪ ذات آهي، ۽ هر شيء ۾ ساڳيو روح آهي. آءٌ تون وانگر بڻجي دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ پهچڻ چاهيان ٿو، سمنڊَ پار ڪرڻ چاهيان ٿو، پنهنجي خزاني جي مٿان پيل واريء کي پنهنجي جھوٽي سان هٽائڻ چاهيان ٿو، ۽ ان عورت جو مڌر آواز پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ چاهيان ٿو جنهن سان مونکي محبت آهي.”
“ مون ٻڌو پئي جيڪي هڪ ڏينهن تون ڪيمانگر سان ڳالهائي رهيو هئين. هن چيو پئي ته هر شيء کي پنهنجي پنهنجي تقدير هوندي آهي، پوء ماڻهو پاڻ کي واءَ ۾ ڪيئن ٿو تبديل ڪري سگھي.” واءَ چيو.
“مونکي بس ڪجھ گھڙين لاء واءُ بڻجڻ سيکار، ته جيئن پاڻ ماڻهن ۽ واءَ وٽ موجود بي انت مُمڪنات جي بابت ڳالهائي سگھون.”
واءَ جو ان ڳالهه جي بابت اُلڪو وڌندو ويو جيڪا اڳ ڪڏهن به نه ٿي هئي. صرف ڳالهين جي حد تائين ٺيڪ هو پر اها ته پاڻ واءَ کي خبر نه هئي ته هڪ انسان کي واءَ ۾ ڪيئن تبديل ڪري سگھجي ٿو. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته واءُ ان کان علاوه ٻيو ڪيترو ڪجھ ڪرڻ ڄاڻي ٿو! جيئن ان ريگستان پيدا ڪيا، بحري جهاز ٻوڙيا، ٻيلن جا ٻيلا تباهه ڪيا، ۽ شهرن جي وچان عجيب و غريب آواز ڪندي جُهوٽندي رهي. کيس اهو ڪاٿو به هو ته سندس ڪي به حدون ناهن. ۽ نِينگَرُ به کيس اهو ٻڌائي رهيو هو ته اڃان به واءُ گھڻا معجزا ڏيکاري سگھي ٿو.
“ اهائي آهي محبت،” نِينگَرَ واءَ کي سندس خواهش پوري ڪرڻ جي ويجھو ڏسندي چيو. “ محبت ۾ توهان ڪجھ به ڪري سگھو ٿا، ۽ محبت ۾ اهو به سوچڻ سمجھڻ جي گُهرج ناهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪي ڪجھ به ٿي رهيو هوندو آهي سو توهانجي اندر هوندو آهي، ۽ انسان پاڻ کي واءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي به صلاحيت رکي ٿو پر ان صورت ۾جڏهن واءُ سندس واهَرَ ڪري.”
پر واء ته هٺيلو هو سو نِينگَرَ جي ڳالهين تي ڪاوڙ ۾اچي ريگستان جي واري اُڏائيندي تيز جھوٽڻ لڳو، ۽ آخرڪار کيس اها ڳالهه مڃڻي پئي ته پوري دنيا ۾ جھوٽڻ جي باوجود به کيس اها خبر نه هئي ته انسان کي واء ۾ ڪيئن تبديل ڪجي. ۽ کيس اها به خبر نه هئي ته محبت ڇا آهي.
“ مون پوري دنيا ۾ سفر دوران ماڻهن کي محبت جون ڳالهيون ڪرڻ وقت آسمانن ڏانهن تڪيندي ڏٺو آهي، سو اها ڳالهه آسمانن کان پڇڻ گھرجي،” واء پنهنجون حدون ڄاڻڻ لاء آنڌ مانڌ منجھان چيو.
“ ٺيڪ آهي، ته پوء ان جي لاء منهنجي واهَرَ ڪر، ۽ اهڙو واچوڙو برپا ڪر جو سج لڪي وڃي ته جيئن آءٌ آسمانن ڏانهن ڏسي سگھان.”
واء اهڙو زور سان جھوٽيو جو آسمان ريتيء سان ڀرجي ويو ۽ سج هڪ سنهري ٽِڪيء ۾ تبديل ٿي ويو.
ڇانوڻيء ۾ ڪا به شيء نه پئي ڏسي سگھجي. ريگستاني ماڻهو اهڙي ڀانت جي واء کان واقف هئا. هو ان کي سِمَم (ريگستاني واچوڙو) سڏيندا هئا، ۽ اها سامونڊي واچوڙي کان وڌيڪ خطرناڪ هئي. سندن گھوڙا چيڪاٽ ڪرڻ لڳا ۽ سندن هٿيارن ۾ واري ڀرجي وئي.
مٿي ويٺل هڪ سپهه سالار سردار کي چوڻ لڳو ته ، “بهتري انهيء ۾ آهي ته هي سڀ ڪجھ هاڻي ختم ٿيڻ گھرجي!”
“روڪيو اهو سڀ ڪجھ،” ٻئي سپهه سالار چيو.
“ آءٌ الله پاڪ جي عظمت ڏسڻ ٿو چاهيان، ۽ اهو ڏسڻ ٿو چاهيان ته ڪيئن هڪ شخص پاڻ کي واء ۾ ٿو تبديل ڪري،” سردار انتهائي احترام سان چيو.
پر سردار انهن ٻن ڄڻن کي پنهنجي ذهن ۾ رکيو جن پنهنجي خوف جو اظهار ڪيو هو. واء رڪجڻ سان ئي هن ٻنهي کي سندن عهدن تان برطرف ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ريگستان جا ماڻهو ڊڄندا ناهن.
“ واء مونکي ٻڌايو آهي ته توکي خبر آهي ته محبت ڇا آهي، جيڪڏهن توکي واقعي اها خبر آهي ته محبت ڇا آهي ته توکي دنيا جي روح جي پڻ ڄاڻ هوندي، ڇاڪاڻ جو دنيا جو روح محبت منجھان ٺهيو آهي.” نِينگَرَ سج کي چيو.
“جنهن جاء تي آءٌ موجود آهيان، اتان آءٌ دنيا جو روح ڏسي سگھان ٿو. ان جو منهنجي روح سان رابطو آهي، ۽ اسين ٻئي گڏجي ٻوٽن جي واڌ ويجھ ڪيون ٿا، رڍن کي آرام لاء ڇانو مهيا ڪيون ٿا. جنهن جاء تي آءٌ موجود آهيان اها زمين کان ڳچ ڏور آهي، پر پوء به مان محبت ڪرڻ ڄاڻان ٿو. مونکي خبر آهي ته جيڪڏهن آءٌ زمين کي ٿورو به ويجھو ٿيس ته اتي موجود هر شيء ختم ٿي ويندي، ۽ دنيا جو روح به ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اسين هڪٻئي جي پَرَگھورَ لهون ٿا، ۽ اسين هڪٻئي جي گُهرج آهيون، آءٌ کيس تپش ۽ زندگي ڏيان ٿو، ۽ هو مونکي منهنجي هجڻ جو سبب ڏئي ٿي.”
“ ته توکي محبت جي بابت ڄاڻ آهي،” نِينگَرَ چيس.
“مونکي دنيا جي روح بابت به ڄاڻ آهي، ڇاڪاڻ جو اسانجي هن ڪائنات جي اڻ کُٽ مسافريء جي دوران هڪٻئي سان وڏي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي آهي. دنيا جي روح مونکي ٻڌايو ته سندس وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته اڄ تائين صرف معدنيات ۽ نباتات ئي اهو سمجھي سگھيا آهن ته هر شيء هڪجهڙي آهي. ۽ لوهه کي پِتل ۽ پِتل کي سون ۾ تبديل ٿيڻ جي گُهرج ئي ناهي. هر ڪا شيء پنهنجي ڪارگذاري پنهنجي طريقي سان انجام ڏئي رهي آهي. ۽ اهو قلم جنهن سان هي سڀ ڪجھ لکيو ويو آهي، جيڪڏهن تخليق جي پنجين ڏينهن رُڪجي پوي ها ته هر شيء پُر امن رهي ها.”
“پر ڇهون ڏينهن آيو،” سج پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو.
“ تون ساڃهه وند آهين، ڇاڪاڻ جو تون شين کي فاصلي کان ڏسين ٿو، پر پوء به توکي محبت جي ڪا خبر ناهي. جيڪڏهن تخليق جو ڇهين ڏينهن جو وجود نه ٿئي ها ته انسان جو به وجود نه ٿئي ها؛ پِتل پِتل هجي ها ۽ شيهو شيهو هجي ها. اها صحيح ڳالهه آهي ته هر شيء جي پنهنجي پنهنجي تقدير آهي، پر اها تقدير هڪ ڏينهن ته پنهنجي تڪميل تي پهچڻي آهي، جنهن کانپوء هر شيء کي ڪنهن نه ڪنهن بهتر شيء ۾ تبديل ٿي نئين تقدير ٺاهڻي پوي ٿي، ۽ اهو سلسلو تيسيتائين هلندو رهي ٿو جيسيتائين دنيا جو روح هڪ شيء نه ٿو بڻجي پوي.”
سج ان بابت سوچيو ۽ وڌيڪ روشنيء سان چمڪڻ لڳو. واء جيڪو سندن ڳالهه ٻولهه ٻڌي رهيو هو، وڌيڪ طاقت سان جھوٽڻ لڳو ته جيئن سج جي روشني نِينگَرَ کي انڌو نه ڪري وجھي.
“ اهو ئي سبب آهي جو علم ڪيميا پنهنجو وجود رکي ٿو، ته هرڪو پنهنجي خزاني جي کوجنا ڪندو رهي، ۽ انکي حاصل ڪري ۽ پنهنجي پراڻي زندگيء ۾ بهتري آڻيندو رهي.” نِينگَرَ چيو. “ شيهو پنهنجو ڪردار ايسيتائين نڀائيندو رهندو جيسيتائين دنيا کي انجي گُهرج رهندي؛ تنهن کانپوء ان کي به سون ۾ تبديل ٿيڻو پوندو. اهو ئي سڀ ڪجھ ڪيمانگر ڪندا رهن ٿا. هو اهو ثابت ڪن ٿا ته جڏهن اسين اڳ کان بهتر ٿيڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا ته، اسانجي چوڌاري هر شيء پڻ بهتر ٿيو پوي.”
“ ٺيڪ آهي پر، تون ائين ڇو چيو ته توکي محبت بابت ڪا ڄاڻ ناهي؟” سج نِينگَرَ کان پڇيو.
“ ڇاڪاڻ جو ريگستان وانگي بغير چُرپُر جي هڪ ئي جڳهه تي رهڻ به محبت ناهي، نه ئي واء وانگي سڄي دنيا ۾ جھوٽڻ ئي محبت آهي. تون وانگي هر شيء کي پري کان ڏسڻ به محبت ناهي. محبت هڪ اهڙي قوت آهي جيڪا دنيا جي روح کي تبديل ڪري ٿي ۽ سگھارو ڪندي رهي ٿي. پهريائين ته مون به ائين ئي ٿي سوچيو ته دنيا جو روح مڪمل ۽ بي عيب آهي، پر پوء مون ڏٺو ته اهو به باقي مخلوق وانگي ئي آهي، انکي به پنهنجا جذبا ۽ پنهنجا اُڌما آهن. اُهي ته اسان انسان ئي آهيون جيڪي دنيا جي روح جي واڌ ويجھ ڪندا ٿا رهون. ۽ هيء دنيا جنهن ۾ اسين رهون پيا، انجي بهتر يا بدتر هجڻ جو دارومدار اسانجي بهتر يا بدتر هجڻ تي آهي. ۽ هي اهو ئي نقطو آهي جتان محبت جي قوت جنم وٺي ٿي. ڇاڪاڻ جو محبت ۾ اسين همشه اڳي کان بهتر بڻجڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا.”
“ هاڻ ڀلا تون مون مان ڇا ٿو چاهين؟” سج نِينگَرَ کان پڇيو.
“ مونکي واء ۾ تبديل ٿيڻ لاء تنهنجي واهَرَ گھرجي،” نِينگَرَ وراڻيو.
“ قدرت جي تخليق مان آءٌ سڀ کان وڌيڪ ساڃهه وند تصور ڪيو ٿو وڃان، پر آءٌ توکي واء ۾ تبديل ڪرڻ جو فن نه ٿو ڄاڻان.”
“ پوء ڀلا آءٌ ڪنهن کي واهَرَ لاء چوان؟”
سج ڪجھ دير لاء سوچيو. واء اهو سڀ ڪجھ غور سان ٻڌي رهيو هو، ۽ دنيا جي هر حصي تائين اها خبر پهچائڻ ٿي گُھري ته سج جي دانائي به محدود آهي، ۽ هو ان نِينگَرَ کي منهن ڏيڻ جي قابل ناهي جيڪو ساڻس دنيا جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي.
“ ان کان واهَرَ گُھر جنهن هي سڀ ڪجھ پيدا ڪيو آهي،” سج چيس.
واء سرهائيء منجھان گُهوگھٽ ڪندي تمام تيزيء سان جُهوٽڻ لڳو. اُتي موجود خيما زمين مان پَٽجي ويا، ۽ جانورن جا رَسا ڇڏائجي ويا. ٽڪريء تي ويٺل ماڻهو واء جي زور جي ڪري هڪٻئي کي جھلڻ لڳا.
نِينگَرُ جيئن ئي اُن ذات ڏانهن مڙيو جيڪو هر شيء جو خالق آهي، ته کيس محسوس ٿيو ته ڄڻ سڄي ڪائنات سانت ۾ اچي وئي هجي، هن پڻ ڪجھ نه ڪُڇڻ جو فيصلو ڪيو. نِينگَرَ جي دل ۾ پيار جي هڪ ڇولي اُٿي، ۽ هن دعا گھرڻ شروع ڪري ڏني. اهڙي دعا هن اڳ ڪڏهن نه گھري هئي، ڇاڪاڻ جو اها دعا بغير لفظن ۽ بغير ڪنهن فرياد جي هئي. هن ڪڏهن پنهنجي رڍن لاء نيون چراگاهون ملڻ تي به ڪو شڪرانو ادا نه ڪيو هو؛ نه ئي هن ٿانون جي هَٽَ ۾ برڪت لاء ڪڏهن دعا گھري هئي؛ هن ڪڏهن اها به استدعا نه ڪئي هئي ته جنهن عورت سان هو مليو آهي، اها سندس انتظار ڪندي رهي.
خاموشيء ۾ نِينگَرَ اهو محسوس ڪيو ته، ريگستان، واء، ۽ سج قدرت جي نشانين کي سمجھڻ ۽ انهن ۾ پنهنجي پنهنجي پيچرن تي هلڻ جون تدبيرون ڳولي رهيا هئا ۽ زمرد جي فَرَهين تي لکيل ڳالهه کي پڻ سمجھڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. نِينگَرَ ڏٺو ته قدرت جا سَوڻَ زمين ۽ وايو منڊل جي چوڏس ٽڙي پکڙجي ويا هئا ۽ هاڻ کيس اهي سڀ سَوڻَ بي سبب ۽ غير ضروري ٿي لڳا، نه ئي ريگستان، نه واء نه ڪي سج ۽ نه وري انسان ئي انهن علامتن جي تخليق جو سبب سمجهي ٿي سگھيو. پر ان تخليقڪار وٽ ته هر ڳالهه جو سبب موجود آهي، ۽ صرف اها ذات ئي سمنڊ کي ريگستان يا انسان کي واء ۾ تبديل ڪرڻ جهڙا معجزه ڏيکاري سگھي ٿي. ڇاڪاڻ جو هي اها ئي ذات آهي جنهن پوري ڪائنات جي ڇهن ڏينهن واري تخليق کي هڪ حڪمت ڀريي عمل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
نِينگَرَ جڏهن دنيا جي روح ۾ جھاتي پاتي ته کيس ان ۾ خدا پاڪ نظر آيو، ۽ جڏهن خدا پاڪ تي غور ڪيائين ته کيس پنهنجو روح نظر آيو. اهڙي نموني هو معجزا ڪرڻ جي قابل ٿي پيو.