قسط 19
نِينگَرُ ريگستان ۾ ڪيترائي ڪلاڪ سفر ڪندو رهيو، ان دوران هو پنهنجي دل جي ڳالهه کي به غور سان ٻڌندو رهيو ته آخر دل ڇا ٿي چوڻ چاهي. ڇاڪاڻ جو سندس دل ئي کيس خزاني جو ڏس ڏئي ٿي سگھي.
“ جتي تنهنجي دل هوندي، خزانو به اُتي ئي هوندو،” کيس ڪيمانگر جي ڳالهه ياد آئي.
پر سندس دل ته ٻين شين جي بابت ڳالهائي رهي هئي.
وڏي فخر سان سندس دل کيس ان ريڍار جو قصو ٻڌائي رهي هئي جنهن پنهنجي ان خواب جيڪو هن ٻه ڀيرا ڏٺو هو ان جي ساڀيان ماڻڻ لاء پنهنجو ڌڻ ڇڏي ڏنو هو. سندس دل کيس تقدير ۽ انهن ماڻهن جي بابت ٻڌائي رهي هئي جيڪي ڏورانهن جڳهين ۽ خوبصورت عورتن جي کوجنا ۾ نڪرندا هئا ۽ سندن بابت مختلف رايا رکندا هئا. سندس دل کيس مسافريء، دريافتن، ڪتابن ۽ ايندڙ تبديلن جي بابت پڻ ٻڌائيندي رهي.
جيئن هو هڪ واريء جي دڙي تي چڙهڻ وارو ٿيو ته، سندس دل کيس ڪا سُس پُس ڪئي، “ ان جڳهه وٽ هوشيار رهجان جتي تنهنجي اکين مان لُڙڪَ ڪِرن. اُن ئي جڳهه تي آءٌ هونديس، ۽ اها ئي جڳهه آهي جتي تنهنجو خزانو موجود آهي.”
نِينگَرُ ان واريء جي دڙي تي آرام سان چڙهيو. تارن ڀريي آسمان تي پورنماس هو؛ کيس نخلستان ڇڏي هڪ مهينو اچي لنگھيو هو. چانڊوڪي واريء جي دڙن تي اهڙا پاڇا ٺاهي رهي هئي جو سمنڊ جو ڏيک ٿي آيو.
جڏهن هو دڙي جي چوٽيء تي پُڳو ته، سندس دل زور سان ڌڙڪي. چانڊوڪيء ۽ ريگستان جي چمڪ تي سندس نظر مصر جي شاندار احرامن تي پئي.
نِينگَرُ گوڏن ڀر زمين تي ڪريو ۽ روئڻ لڳو. هن پنهنجي تقدير جي حاصل ڪرڻ کان وٺي بادشاهه، واپاريء، انگريز ۽ ڪيمانگر سان ملاقات تي خدا پاڪ جو شڪر ادا ڪيو. ۽ انهن مڙني ڳالهين کان مٿاهين ڳالهه اها ته هو هڪ ريگستاني عورت سان مليو هو جنهن کيس اهو ٻڌايو هو ته محبت ڪڏهن به پنهنجي تقدير حاصل ڪرڻ کان نه ٿي روڪي.
هاڻ جيڪڏهن هو چاهي ها ته نخلستان فاطمه وٽ واپس موٽي ريڍارن واري زندگي سادگيء سان گذاري ٿي سگھيو. ڪيمانگر به ته دنيا جي ٻولي سمجھڻ ۽ شيهي کي سون ۾ تبديل ڪرڻ واري ڏات حاصل ڪرڻ کانپوء ريگستان ۾ ئي زندگي گذاري رهيو آهي، ۽ کيس پنهنجي ڏات ۽ فن ڪنهن جي آڏو پڌرو ڪرڻ جي به ضرورت ناهي. نِينگَرُ اهو سوچي رهيو هو ته سندس تقدير حاصل ڪرڻ دوران هن ان وچ ۾ هن اهو ڪجھ سکيو جيڪو هو سکڻ چاهي پيو، ۽ هر ان شيء جي مشاهدو ڪيائين جنهنجو هن ڪڏهن سوچيو به نه هو.
پر هاڻ هو ان جاء تي موجود هو جتي سندس خزانو لڪيل هو، ۽ کيس اها ڳالهه ياد آئي ته ڪو به منصوبو تيسيتائين مڪمل ناهي جيسيتائين انجو مقصد پورو نه ٿو ٿئي. نِينگَرَ پنهنجي چوڌاري واريء تي نظر ڦيرائي، ۽ اها جڳهه ڏٺائين جتي سندس لُڙڪ ڪريا هئا، ٺيڪ ان جڳهه تي هڪ ٽنڊڻ واريء ۾ ڊوڙي رهيو هو. نِينگَرَ ريگستان ۾ گذاريل وقت ۾ اهو ٻڌو هو ته مصر ۾ ٽنڊڻ خدا پاڪ جي نشانين مان هڪ نشاني آهي.
هڪ ٻيو سَوڻُ ! نِينگَرَ واريء جي دڙي تي ان جاء وٽ کوٽائي شروع ڪئي. کوٽائيء دوران نِينگَرَ کي ٿانون جي واپاريء جي هڪ ڳالهه ياد آئي، هن چيو هو ته، “ڪير به پنهنجي گھر جي پٺيان اڱڻ ۾ مصر جي احرامن جهڙا احرام ٺاهي سگھي ٿو.” پر هاڻ احرام ڏسڻ کانپوء کيس ائين لڳو ته پنهنجي سموري حياتي به جي هو پٿر مٿان پٿر رکندو رهي ته به اهو نا ممڪن آهي.
سڄي رات نِينگَرَ ان جڳهه تي کوٽائي ڪئي پر کيس ڪجھ نه وريو. هو صديون اڳ اَڏيل احرامن کي ڏسي پريشان هو. تيز واء جي جھوٽي ٻيهر کڏ کي واريء سان ڀريو ٿي ڇڏيو پر هن همت نه هاري ۽ کوٽائي جاري رکي، ايسيتائين جو سندس هٿَ رهڙجي پيا ۽ هو ٿَڪ ۾ چور ٿي پيو. پر هن پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي کوٽائي جاري رکي. هوکوٽائيء ۾ ايندڙ پٿر ڪڍي رهيو هو کيس ڪنهنجي قدمن جو آواز آيو. ڏٺائين ته ڪيترائي ماڻهو سندس ويجھو اچي رهيا هئا. سندن پُٺيون چانڊوڪيء ڏانهن هيون تنهنڪري نِينگَرُ سندن شڪليون نه ٿي ڏسي سگھيو.
“ هت ڇا پيو ڪرين تون؟” انهن مان هڪ نِينگَرَ کان پڇيو.
نِينگَرُ ڊنل هو سو کين جواب نه ڏنائين. نِينگَرَ سندس خزانو ڳولي لڌو هو ۽ هو ان ڳالهه کان ڊنل هو ته هاڻ الائي ته ڇا ٿيندو.
“ اسين پناهگير آهيون، ۽ اسانکي ڏوڪڙن جي گُهرج آهي. پر تون هت ڇا لڪائي رهيو آهين؟” هڪ پناهگير نِينگَرَ کان پڇيو.
“ آءٌ ڪجھ به نه پيو لڪايان،” نِينگَرَ کين وراڻيو.
انهن مان هڪ نِينگَرَ کي پڪڙي کَڏ مان ٻاهر ڪڍيو. ٻيو وري سندس ٿيلهي جي جاچ وٺي رهيو هو ته کيس سون جو ٽڪڙو مليو.
“ وٽس سون آهي،” پناهگير رڙ ڪئي.
چانڊوڪي جڏهن ان عرب جي منهن تي پئي ته نِينگَرَ کي سندس اکين ۾ موت نظر آيو.
“وٽس گھڻو ڪري ٻيو به سون آهي جيڪو زمين ۾ پوريل آهي.”
هنن نِينگَرَ کي کوٽائي جاري رکڻ لاء چيو، پر کيس ڪجھ به نه مليو. جيئن ئي سج اُڀريو ته هنن نِينگَرَ کي ڪُٽڻ شروع ڪيو. هو زخمي ٿي پيو ۽ سندس رت وهي رهيو هو، سندس ڪپڙا ڦاٽي لِيڙون لِيڙون ٿي پيا، ۽ کيس موت ويجھو ٿي نظر آيو.
“موت سامهون هجي ته دولت ڪهڙي ڪم جي؟ ائين ورلي ٿيندو آهي ته دولت ڪنهنجي جان بچائڻ جي ڪم آئي هجي.” نِينگَرَ کي ڪيمانگر جي ڳالهه ياد آئي.
آخرڪار، نِينگَرَ اتي بيٺلن کي رَڙ ڪندي چيو ته، “ آءٌ خزاني جي کوٽائي ڪري رهيو آهيان!”
کيس واتان رت اچي رهيو هو هو، تنهن هوندي به هو حملو ڪندڙن کي مصر جي احرامن وٽ لڪيل خزاني جي خواب بابت ٻڌائي رهيو هو.
هڪ شخص جيڪو سندن اڳواڻ لڳي رهيو هو، ٻئي شخص کي چيائين ته؛ “ کيس ڇڏي ڏيو، وٽس ٻيو ڪجھ به ناهي. ضرور هن هي سون چورايو آهي.”
نِينگَرُ واريء تي بيهوشيء جي حالت ۾ ڪِريو. اڳواڻ کيس ڌُوڻيندي چيو ته، “اسين وڃون پيا.”
پر وڃڻ کان اڳ هن نِينگَرَ کي چيو ته، “تون زندهه رهندين، ۽ اهو سبق سکندين ته ماڻهن کي اهڙي چريائپ نه ڪرڻ گھرجي. ٻه ورهيه اڳ، هن جڳهه تي مون پڻ هڪ خواب ڏٺو هو. ان خواب ۾ مون کي اشارو مليو هو ته مونکي اندلس جي ميدانن ڏانهن وڃڻ گھرجي جتي هڪ گِرجا جي کنڊرَن ۾ هڪ ريڍار پنهنجين رڍُن سان آرامي هو. مون خواب ۾ اُتي هڪ اِنجير جو وڻ پڻ ڏٺو هو، ۽ مونکي اهو اشارو مليو هو ته جيڪڏهن آءٌ ان انجير جي وڻ کي پاڙن منجھان کوٽيان ته اتي مونکي هڪ ڳُجھو خزانو هٿ ايندو. پر آءٌ چريو ناهيان جو صرف هڪ خواب جي ڪري پورو ريگستان لتاڙيان.”
تنهن کانپوء هو هليا ويا.
نِينگَرُ اُٿيو، ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر احرامن کي ڏٺائين. کيس اهي مٿس کِلندا نظر آيا، هو پڻ کِليو. سندس دل سرهائيء منجھان ڦُنڊجي وئي. ڇاڪاڻ جو هاڻ کيس سندس خزاني جي خبر پئجي وئي هئي ته اهو ڪاٿي لڪل آهي.....