ايپيلاگ / پُڄاڻي / اوڙَڪُ
هاڻ هو اتي پنهنجي ڌڻ سان گڏ نه پر هڪ ڪوڏر سان گڏ هو.
هو اتي ڳچ وقت تائين ويٺي آسمان کي تڪيندو رهيو. ۽ پوء پنهنجي ٿيلهي مان گُگھي ڪڍي مَڌُ پيئڻ لڳو. کيس ريگستان ۾ ڪيمانگر سان گهاريل اها رات ياد آئي جنهن ۾ هو مَڌُ پيئندي تارن کي تَڪيندا رهيا. هو انهن واٽُن بابت سوچي رهيو هو جن تي سفر ڪيو هئائين ۽ ان واٽ بابت پڻ سوچي رهيو هو جيڪا خدا پاڪ سندس خزاني تائين پهچڻ لاء چونڊي هئي. جيڪڏهن هو سندس وري وري ايندڙ خواب جي اهميت کي نه سمجھي ها ته هو ڪڏهن به ان خانابدوش (رَمتِي) ٻڍڙيء، بادشاهه، چور ۽ کيس جيڪي به مليا انهن سان نه ملي سگھي ها. “ پر اها واٽ ته قدرت جي علامتن ۾ لکيل هئي، تنهنڪري آءٌ غلط نه پئي ٿي سگھيس،” هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.
کيس ننڊ اچي وئي. جنهن مهل سندس اک کُلي ته سجُ اُڀري چڪو هو، ۽ هن انجير جي وڻ جي هيٺان کوٽائي شروع ڪئي.
“ اڙي پوڙها جادوگرَ،” نِينگَرَ آسمان ڏانهن تڪيندي رڙ ڪندي چيو. “ توکي سڄي قصي جي خبر هئي. توکي اها به خبر هئي ته منهنجي سون جو ڪجھ حصو خانقاهه ۾ موجود آهي جنهن سان آءٌ واپس هن گِرجا تائين موٽڻو هئس. سالڪ به منهنجا ڦاٽل ڪپڙا ڏسي مونتي کِليو هو. تون مونکي ان سڄي جاکوڙ کان بچائي نه ٿي سگھيين؟”
“ نه،” نِينگَرَ واء جي زور تي هي آواز ٻڌو. “جيڪڏهن آءٌ توکي اهو سڀ ڪجھ ٻڌايان ها ته تون احرام نه ڏسي سگھين ها. اهي خوبصورت هئا نه؟”
نِينگَرُ مُشڪيو، ۽ کوٽائي جاري رکيائين. اڌُ ڪلاڪ کانپوء، سندس ڪوڏر هڪ سخت شيء تي لڳي. هڪ ڪلاڪ کان پوء سندس آڏو هڪ پيتيء ۾ اندلسي خالص سون جا سِڪا، اَمُلهه پٿرَ، سون جا نقاب جن تي ڳاڙها ۽ اڇا کنڀ سينگاريل هئا، ۽ پٿر جون مورتيون جن کي اَمُلهه زيور پهريل هئا موجود هئا. هي سمورو خزانو ڪنهن جنگ ۾ سوڀ کانپوء لَٽجي ۽ وسارجي چڪو هو. ۽ فاتح ان خزاني بابت پنهنجي پونئيرن کي ٻڌائي نه سگھيو هو.
نِينگَرَ پنهنجي ٿيلهَي مان يورم ۽ ٿومم پٿر ڪڍيا، جيڪي هن صرف هڪ ڀيرو استعمال ڪيا هئا، ان ڏينهن جڏهن هو بازار ۾ هو. کيس انهن پٿرن جي استعمال جي ضرورت ئي نه پئي ڇاڪاڻ جو سندس زندگيء ۽ سندس چونڊيل رستي ۾ قدرت جي علامتن ئي سندس ڳچ واهَرَ ڪئي هئي.
هن اهي ٻئي پٿر ان پيتيء ۾ رکيا. ڇاڪاڻ جو اهي پٿر به هاڻ سندس خزاني جو حصو هئا، جيڪي هميشه کيس بزرگ بادشاهه جي يادگيري ڏياريندا رهيا هئا، جنهن سان هاڻي هو ڪڏهن به نه ملي سگھندو.
“اها حقيقت آهي ته زندگي هميشه انهن جي همت وڌائيندي رهي ٿي جيڪي پنهنجي تقدير حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.” نِينگَرَ سوچيو. پوء کيس ياد آيو ته طريفا ۾ خانابدوش (رَمتِي) ٻڍڙيء کي به ان خزاني مان واعدي پٽاندر ڏهون حصو ڏيڻو آهي. “ خانه بدوش واقعي سياڻا آهن، ٿي سگھي ٿو انڪري جو هو رُلندا ڦرندا رهن ٿا،” نِينگَرَ سوچيو.
واء ٻيهر جُهوٽڻ شروع ٿيو. اهو ساڳيو اوڀر جو واء (ليوانٽر) هو، جيڪو آفريڪا کان آيو هو. پر هاڻ اهو واء پاڻ سان گڏ ريگستان جي واريء جي خوشبوء ۽ ماريتانيا جي ويڙهاڪن جي حملي جو خطرو نه پراُها عطر جي سرهاڻ آندي هئي جنهن کان هو چڱي ريت واقف هو، ۽ پاڻ سان گڏ هڪ مِٺيء جو احساس پڻ آندو هو _ اُها مِٺي جيڪا تمام پري کان آئي هئي ۽ هوريان هوريان اچي سندس چَپَن تي پئي هئي.
نِينگَرُ مُشڪيو. اهڙي مِٺي فاطمه کيس پهريون ڀيرو موڪلي هئي.
“ آءٌ اچان پيو فاطمه،” نِينگَرَ چيو.