ناول

ڪيمانگر

پرتگالي ۾ لکيل زندگيون بدلائيندڙ ناول الڪيمسٽ The Alchemist جو سنڌي ترجمو ڪيمانگر اوهان اڳيان پيش آهي. هن ناول جو سنڌي ترجمو ليکڪ ۽ سنڌ سلامت سٿ جي دوست فهيم اختر ميمڻ پاران ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هي ڪتاب دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي ۽ گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب طور شامل آهي.

Title Cover of book Kemangar

قسط 4


ٻُڍڙِي نِينگَرَ کي سندس گھر جي پٺيان واري حصي ۾ موجود هڪ ڪمري ۾ وٺي وئي؛ جيڪو سندس رهائش واري ڪمري کان هڪ رنگين موتين جي پڙدي سان الڳ ٿيل هو. ڪمري ۾ هڪ ميزَ، حضرت عيسىؑ جي مقدس دل جي تصوير، ۽ ٻه ڪرسيون موجود هيون.
هوءَ ويٺي ۽ نِينگَرَ کي به ويهڻ لاء چيائين. پوء هن نِينگَرَ کي ٻنهي هٿن کان جھلي ماٺيڻي انداز ۾ دعا شروع ڪئي.
اها خانا بدوشن (رَمتَن) جي دعا وانگي لڳي رهي هئي. نِينگَرُ پهريان به سفر ۾ ججھن خانا بدوشن (رَمتَن) سان ملي چڪو هو؛ اهي به سفر ڪندا رهندا هئا پر وٽن ڪو ڌڻ نه هوندو هو. اهو چيو ويندو هو ته اهي خانا بدوش (رَمتَا) پهنجي سڄي ڄمار ماڻهن کي ٺڳڻ ۾ گذارين ٿا. اهو به چيو پئي ويو ته سندن شيطان سان معاهدو هو، ۽ هو ٻارن کي اغوا ڪري پنهنجي ڳجھن ٿاڪن تي کڻي ويندا هئا ۽ پهنجو غلام بڻائيندا هئا. ننڍي هوندي کيس به رَمتن جي کنڀي وڃڻ جو ڀوء ڏياريو ويندو هو، اهو ئي خوف نِينگَرَ کي اچي ٿيو جڏهن ٻُڍڙِيء کيس هٿن کان جھليو.”پر وٽس ته حضرت عيسى مسيح جي مقدس دل جي تصوير آهي.” هن سوچيو ۽ پاڻ کي خاطري ڪرائي. هن نه پئي چاهيو ته سندس هٿ ڏڪن ته متان به ٻُڍڙِي سمجھي ته هو ڊنل آهي. هو خاموشيء سان دعا ڪندو رهيو.
“تمام دلچسپ،” عورت نِينگَرَ جي هٿن ڏانهن چِتائيندي چيو،۽ پوء چُپ ٿي وئي.
نِينگَرُ پريشان ٿي ويو ۽ سندس هٿ ڏڪڻ لڳا ته ٻڍڙِيء اهو محسوس ڪيو. نِينگَرَ جھٽ ۾ پنهنجا هٿ پري ڪري ورتا.
“آءٌ هتي هٿن جون تريون پڙهائڻ نه آيو هوس،” هن پنهنجي اچڻ جو افسوس ڪندي چيو. هن سوچيو ته اهو بهتر ٿيندو ته کيس پهنجو اُجورو ڏيئي ڪجھه ٻڌڻ کان بغير ئي هليو وڃجي، ڇو ته هن لاء سندس خواب اهم هو.
“ته تون هتي پهنجي خوابن جي تعبير ٻڌڻ لاء آيو آهين،” ٻُڍڙِيء چيس. “ خواب خدا جي ٻولي آهن. جڏهن هو اسانجي ٻولي ڳالهائي ٿو ته انجو ترجمو آءٌ ڪري سگھان ٿي. پر جڏهن هو روح جي ٻولي ڳالهائي ٿو، ته اها صرف تون ئي سمجھي سگھين ٿو. پر ڇا به هجي آءٌ توکان انجو معاوضو وٺندسِ.”
هڪ ٻي ٺڳي، نِينگَرَ سوچيو. پر کيس اهڙو موقعو ورلي ملي ها. ريڍار جي زندگي ۾ سدائين اهڙا خطرناڪ موقعا ايندا رهن ٿا، جن ۾ هو بگھڙن ۽ واچوڙن کي منهن ڏئي ٿو. اهو ئي سڀ ڪجهه هڪ ريڍار جي زندگي کي دلچسپ بڻائي ٿو.
“مون اهو ساڳيو خواب ٻه دفعا ڏٺو آهي،” هن چيو. “ مون خواب ۾ اهو ڏٺو ته آءٌ پنهنجي رڍن سان گڏ هڪ ميدان ۾ هوس ته هڪ ننڍڙي ٻار اچي رڍن سان کيڏڻ شروع ڪيو. مونکي ماڻهن جي اها ڳالهه پسند ناهي ڇاڪاڻ جو رڍون ڌارين کان ٽهنديون آهن. پر ٻارن سان کيڏندي رڍون خوف محسوس نه ٿيون ڪن. خبر ناهي ائين الائي ڇو آهي. مخبر ناهي ته جانور انسانن جي ڄمارن جو ڪاٿو ڪيئن ٿا لڳائين.
“پنهنجي خواب جي بابت وڌيڪ ٻڌاء، مونکي رَڌ پچاء لاء به وڃڻو آهي، ۽ جيئن ته تو وٽ ايترا پئسا به ناهن سو آءٌ توکي وڌيڪ وقت نه ٿي ڏئي سگھان.” ٻُڍڙِيء چيو.
“ٻارڙي ڪجهه وقت تائين منهنجي رڍن سان کيڏندي رهي،” نِينگَرَ ڪجھ گھٻراهٽ مان پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “اُمالَڪُ اها ٻارڙي مونکي پنهنجي هٿن کان جھلي مصر جي احرامن ڏانهن وٺي هلي.”
هو گھڙي کن لاء رڪيو، اهو ڏسڻ لاء ته ان عورت کي مصر جي احرامن بابت ڪا ڄاڻ آهي به يا نه. پر هوءَ چپ رهي.
“تنهن کانپوء مصر جي احرامن وٽ،” نِينگَرَ پنهنجي ڳالهه کي جاري رکيندي هي لفظَ نهايت آرام سان چيا ته جيئن ٻُڍڙِيء کي سمجھڻ ۾ آساني ٿئي _ “ ان ٻارڙيء مونکي چيوته توکي هتي هڪ ڳجھو خزانو ملي سگھي ٿو، ۽ ٻئي دفعا جنهن وقت ان نينگريء مونکي ان لڪيل خزاني جي جاء ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي بلڪل ان وقت آءٌ سجاڳ ٿي ويس.”
ٻُڍڙِي اهو خواب ٻڌي خاموش رهي ۽ نِينگَرَ جا هٿ جھلي غور سان انهن جو مشاهدو ڪرڻ لڳي.
ٻُڍڙِيء کيس چيو ته، “ آءٌ هاڻ توکان ڪو معاوضو نه وٺنديس، پر جيڪڏهن تون ان خزاني کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته انجو ڏهون حصو مونکي ڏيندي.”
نِينگَرَ سرهائيء منجھان ٽهڪ ڏنو. وٽس جيڪي ٿورا گھڻا پئسا هئا سي ان ڳجھي خزاني جي خواب جي ڪري خرچ ٿيڻ کان بچي ويا !
هن پوڙهيء کي چيو “ٺيڪ آهي، هاڻ خواب جي تعبير ٻڌاء.” “ پهريان قسم کڻ ته ان خواب جي تعبير ٻڌائڻ جي بدلي تون مونکي ان خزاني جو ڏهون حصو ڏيندي.” ريڍار قسم کڻندي چيو ته هو کيس ضرور ان خزاني مان حصو ڏيندو. پوڙهيء کيس چيو ته حضرت عيسيٰء جي مقدس دل واري تصوير ڏانهن منهن ڪري وري قسم کڻ.
پوڙهيء چيو ته، “ دنياوي لحاظ کان اهو هڪ خواب آهي، آءٌ توکي انجي تعبير ٻڌائي سگھان ٿي پر ان جي تعبير نهايت ڏکي آهي. تنهن ڪري آءٌ ڀائنيان ٿي ته جيڪي به توکي ملندو ان ۾ آءٌ به ڪجھ حصو لهڻان.”
“ته هي آهي تعبير؛ توکي مصر جي احرامن ڏانهن وڃڻو پوندو. مون ڪڏهن به انهن بابت ناهي ٻڌو، پر، ان ٻارڙيء توکي خواب ۾ اهي ڏيکاريا آهن ته انهن جو وجود ضرور هوندو. اتي ئي توکي اهو خزانو ملندو جيڪو توکي مالا مال ڪري ڇڏيندو.”
نِينگَرُ اچرج ۾ پئجي ويو. هو پوڙهيء کان ان ڳالهه جي وڌيڪ وضاحت ماڻڻ کان گھٻرائي رهيو هو. ڇاڪاڻ جو هو ان پوڙهيء کي ڪو معاوضو به ته نه ڏئي رهيو هو.
نِينگَرَ چيو، “صرف ايتري ڳالهه لاء آءٌ پنهنجو وقت ضايع نه ڪيان هان.”
پوڙهيء وراڻيو، “مون توکي چيو هو ته تنهنجي خواب جي ساڀيان ايتري آسان ناهي. زندگيء ۾ ننڍڙيون ۽ آسان نظر ايندڙ شيون وڏي اهميت رکن ٿيون. ساڃهه وند ماڻهو ئي ان ڳالهه کي سمجھي سگھن ٿا. ۽ ڇاڪاڻ جو آءٌ ساڃهه وند ناهيان سو مونکي ڪجھ ٻيا فن به سکڻا پوندا، جيئن هٿن جي ترين کي پڙهڻ وغيره.”
“ ٺيڪ آهي، پر آءٌ مصر ڪيئن پهچان؟”
“ آءٌ فقط خوابن جي تعبير ٻڌائي سگھان ٿي. انهن کي حقيقت ڪرڻ واري فن کان آءٌ واقف ناهيان. تنهن ڪري ئي آءٌ پنهنجي ڌيء جي در تي رهي پئي آهيان.”
“ پر جيڪڏهن آءٌ مصر ڪڏهن به نه پهچي سگھيس ته پوء؟”
“ پوء آءٌ پنهنجي معاوضي کان رهجي ويندس ۽ اهو ڪو پهريون دفعو ناهي ٿيو.”
اهو چوندي ته اڳي ئي هوء پنهنجو جام وقت هن سان ضايع ڪري چڪي آهي، پوڙهيء نِينگَرَ کي چيو ته هاڻي تون وڃين سگھين ٿو.
نِينگَرُ نراس ٿي چڪو هو ۽ هن فيصلو ڪيو ته هاڻ هو ڪڏهن به خوابن تي يقين نه ڪندو. کيس ياد آيو ته ٻيا به ڪيترائي ڪم ڇڏائڻا آهن، سو هو بازار ويو ۽ ڪجھ کائڻ پيئڻ کانپوء هن پنهنجي ڪتاب جي سودي ۾ هڪ ٻيو ٿورو وڌيڪ ٿلهو ڪتاب خريد ڪيائين، ۽ بازار جي عمارت ۾ هڪ بينچ تي ويهي جيڪا مَڌُ جي گُگھي هن ورتي هئي ان مان چسڪيون وٺڻ لڳو. ڏينهن نهايت گرم هو سو مَڌُ پيئڻ سان کيس فرحت ملي رهي هئي. سندس رڍون شهر جي دخل تي موجود هڪ واڙي تي ٻڌل هيون جيڪو سندس دوست جو هو. نِينگَرَ جي شهر ۾ چڱي ڀلي واقفيت هئي، اهو ئي سبب هو جو هو مزي سان سير و تفريح ڪري رهيو هو. سدائين هو نوان دوست ٺاهيندو هو، پر هو انهن سان ڳچ وقت گذارڻ کان لهرائيندو هو. ڇاڪاڻ جو جڏهن ڪو شخص روز روز ساڳين ماڻهن سان ملي ٿو، جيئن هو اسڪول ۾ ملندو رهندو هو، ته اهي ماڻهو زبردستي انجي زندگيء جو حصو بڻجڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ هو چاهين ٿا ته اڳلو به سندن مرضيء پٽاندڙ پاڻ ۾ تبديلي آڻي. پر جڏهن اهو شخص سندن مرضيء پٽاندڙ نه ٿو هلي ته هو ڪاوڙجيو پون. هر ڪنهن کي اها چڱي ريت پروڙ آهي ته ٻين کي زندگي ڪيئن گذارڻ گھرجي، پر پنهنجي زندگي ڪيئن گذارجي اهو سوچڻ لاء ڪو به تيار ناهي.
پنهنجي رڍن کي ٻنين ۾ چارڻ لاء هو ڏينهن ٺرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. ٽن ڏينهن کانپوء کيس واپاريء جي ڌيء سان به ملڻو هو.
ايتري ۾ هن اهو نئون ڪتاب ڪڍي پڙهڻ شروع ڪيو جيڪو خريد ڪيو هئائين. پهرئين ئي صفحي تي هڪ جنازي جو ذڪر هو، ان ڪتاب ۾ جن به ڪردارن جو ذڪر ٿيل هو تن جي نالن کي اُچارڻ کيس ڏاڍو ڏکيو پئي لڳو، هن سوچيو ته جڏهن هو ڪو ڪتاب لکندو ته هو هڪ وقت ۾ هڪ ئي ماڻهوء جو حوالو ڏيندو ته جيئن پڙهندڙن کي ججھا نالا ياد نه ڪرڻا پون. جڏهن سندس پوري توجهه ڪتاب پڙهڻ ۾ مرڪوز ٿي ته کيس ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو اچڻ لڳو؛ اهو جنازو برفباريء واري ڏينهن ٿيو، ۽ کيس اهو ٿڌڪار وارو احساس ڏاڍو سٺو لڳو. ڪتاب پڙهندي هڪ پوڙهو بزرگ سندس ڀر ۾ اچي ويٺو ۽ هن سان ڪجھ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين.
“ هو ڇا پيا ڪن؟” پوڙهي بزرگ عمارت ڏانهن ڪجھ ماڻهن ڏانهن رُخ ڪندي پڇيو.
“ڪم پيا ڪن،” نِينگَرَ ان پوڙهي بزرگ کي اهو احساس ڏياريندي ته سندس ڌيان ڪتاب ۾ آهي، رکو جواب ڏنو.
حقيقت ۾ هو واپاريء جي ڌيء جي سامهون پنهنجي رڍن کي ڏاسڻ جو سوچي رهيو هو، ته جيئن هوء ڏسي سگھي ته هو ڪيترا نه اوکا ڪم پڻ ڪري سگھي ٿو. هو اڳ به ڪيترائي ڀيرا ان گھڙيء جو تصور ڪري چڪو هو. نِينگِرِيءَ کي متاثر ڪرڻ لاء هو کيس رڍون ڏاسڻ جا طريقا ٻڌائيندو رهندو هو. ٻيا به ڪيترائي قصا ۽ واقعا جيڪي هن ڪتابن ۾ پڙهيا هئا سي کيس اهڙي ريت ٻڌائيندو رهندو هو ڄڻ ته اهي واقعا هن سان ٿي گذريا هجن. نِينگِرِيءَ کي انهن ڳالهين جي حقيقت جي خبر ئي نه پوي ها ڇاڪاڻ جو هوء اُمي هئي.
ان وچ ۾ پوڙهي بزرگ وري سندس خيالن ۾ رنڊڪ وجھندي ڪجھ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته هو ٿڪيل ۽ اُڃايل آهي، ۽ نِينگَرَ کي مَڌُ جي چُسڪي هڻائڻ لاء چيائين. نِينگَرَ کيس بوتل ڏني ته مَنَ هاڻ هو سندس جِند آجي ڪري. پر پوڙهي بزرگ ڳالهائڻ ٿي چاهيو ۽ نِينگَرَ کان پڇيائين ته هو ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيو آهي. نِينگَرَ ڪاوڙ منجھان سوچيو ته هاڻ هيء بينچ ڇڏڻ گھرجي، پر سندس پيء کيس وڏن جي ادب ڪرڻ جي سکيا ڏني هئي، سو هن ڪتاب ڪڍي پوڙهي بزرگ کي ڏنو. پوڙهي بزرگ کي ڪتاب ڏيڻ جا ٻه سبب هئا، هڪ ته نِينگَرَ کي پنهنجي ئي ڪتاب جو نالو اُچارڻ نه پئي آيو، ۽ ٻيو ته جيڪڏهن پوڙهو بزرگ اُمي آهي ته هو پاڻ ئي شرم وچان هيء بينچ ڇڏي ويندو.
“هممم،” پوڙهي بزرگ ڪتاب جا ورق اُٿلائيندي چيو، ڄڻ ڪا عجيب شيء ڏٺي هجيس. “ هڪ خاص ڪتاب آهي ايترو دلچسپ ناهي.
نِينگَرُ اچرج ۾ پئجي ويو. پوڙهو بزرگ پڙهيو لکيو هو ۽ هو اڳ ۾ ئي اُهو ڪتاب پڙهي چڪو هو. “جيڪڏهن ڪتاب واقعي دلچسپ ناهي، جيئن پوڙهي بزرگ چيو، ته اڃان انکي تبديل ڪرڻ جو وقت آهي،” نِينگَرَ سوچيو.
“هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ سڀ ساڳيون ڳالهيو آهن جيڪي دنيا جي باقي ڪتابن ۾ لکيل آهن.” پوڙهي بزرگ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو، “هن ڪتاب ۾ پنهنجي قسمت پاڻ ٺاهڻ واري نظريي تي ماڻهن جي ڪمزور اعتقاد بابت وضاحت موجود آهي، ۽ هن ڪتاب جي انت ۾ اهو بيان ٿيل آهي ته هر انسان دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوڙ تي يقين رکي ٿو.”
“ ۽ اهو دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ ڪهڙو آهي؟” نِينگَرَ انتهائي حيرت منجھان پڇيو.
“ اهو هي آهي ته، اسان زندگيء ۾ ڪنهن هڪ مخصوص مرحلي تي پاڻ سان پيش ايندڙ حالات ۽ واقعات جي نتيجي ۾ هار مڃي پنهنجي زندگيء کي قسمت جي آڌار تي ڇڏي ٿا ڏيون، اهو ئي دنيا جو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي.”
“ ائين مونسان ته ڪڏهن به نه ٿيو آهي،” نِينگَرَ وراڻيو. “ منهنجي والدين مونکي پادري بڻائڻ ٿي چاهيو پر مون ريڍار بڻجڻ جو فيصلو ڪيو.”
“ ڏاڍو سٺو،” پوڙهي چيو. “اهو انڪري جو توکي سير و تفريح ڪرڻ ۾ دلچسپي هئي.”
“ کيس خبر آهي ته آءٌ ڇا سوچي رهيو آهيان،” نِينگَرَ جي من ۾ خيال آيو. جڏهن ته پوڙهو بزرگ ڪتاب جا ورق مسلسل اُٿلائي رهيو هو. نِينگَرَ ان پوڙهي بزرگ کي پهريل عجيب وَيسُ تي غور ڪيو، هو هڪ عرب لڳي رهيو هو، جيڪا اُن علائقي ۾ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. ڇاڪاڻ جو ٻيڙين جي وسيلي ڪجھ سوڙهن پيچرن کي پار ڪندي آفريڪا کان طريفا ۾ ڪجھ ڪلاڪن جو فاصلو هو، ۽ عربن جي هن شهر ۾ گھڻي اچ وڃ هئي. هت هو خريداري ڪندا هئا ۽ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي عبادت پڻ ڪندا هئا.
“توهان ڪٿان جا آهيو؟” نِينگَرَ پڇيس.
“منهنجو تعلق ڪيترين ئي جڳهين سان آهي،”
“ ڪنهن جو تعلق ڀلا هڪ وقت ۾ هڪ کان وڌيڪ جڳهين سان ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟” نِينگَرَ چيو.
“ آءٌ هڪ ريڍار آهيان ۽ مون ڪيترين ئي جڳهين جو سير ڪيو آهي، پر منهنجو تعلق ته هڪ ئي شهر سان آهي جيڪو قلعي جي ڀر ۾ آهي، ۽ اهو ئي منهنجي جنم ڀومي آهي.”
“ ٺيڪ آهي، ته پوء ائين چئي سگھجي ٿو ته منهنجي جنم ڀومي سالم آهي.”
نِينگَرَ کي سالم جي بابت ڪا ڄاڻ نه هئي ته سالم ڪٿي آهي، پر هن ان ڊپ ۾ پڇڻ به نه پئي چاهيو ته متان هو ٻڌائڻ کان انڪار ڪري. هن ٿوري دير لاء بازار جي عمارت ۾ ايندڙ ويندڙ ماڻهن ڏانهن ڏٺو، سڀ جا سڀ مصروف نظر اچي رهيا هئا.
“ سالم ڏسڻ ۾ ڪيئن آهي،” نِينگَرَ پڇيو ته مَنَ ڪا ڪَلَ پوي.
“ سالم ائين ئي آهي جيئن سدائين کان هو.”
کيس ڪا ڪَلَ نه پئي. پر ان بابت ته کيس پڪ هئي ته سالم اندلس ۾ ناهي، جيڪڏهن اندلس ۾ هجي ها ته ان بابت هو ضرور ٻڌي ها.
“ اوهان سالم ۾ ڇا ڪندا آهيو؟” نِينگَرَ زور ڀريندي پڇيو.
“ آءٌ سالم ۾ ڇا ڪندو آهيان؟” پوڙهي بزرگ کلندي چيو.
“ آءٌ سالم جو بادشاه آهيان!”
“ ماڻهو اهڙيون عجيب ڳالهيون ڪندا رهندا آهن،” نِينگَرَ سوچيو.
ان کان ته رڍن سان گڏ هجڻ ۾ چڱائي آهي. هو ڪي اهڙيون عجيب ڳالهيون ته نه ڪنديون. يا وري خِلوَتَ ۾ ڪتاب پڙهي وقت گذارجي، جيڪي اُن وقت اهڙيون ناقابلِ يقين ڳالهيون ٻڌائين ٿا جنهن وقت اوهان کين ٻڌڻ چاهيو ٿا. پر جڏهن انسانن سان ڳالهائجي ٿو ته اهي اهڙيون عجيب ڳالهيون ڪريو ڇڏين جو ٻڌڻ وارو منجھيو پوي ته هاڻ ڳالهه کي ڪيئن جاري رکجي.
“منهنجو نالو مالڪي زيڊڪ آهي،” پوڙهي بزرگ چيو.
“تو وٽ گھڻيون رڍون آهن؟”
“ پوريون ساريون آهن،” نِينگَرَ وراڻيو. کيس ائين ٿي لڳو ته پوڙهو بزرگ سندس بابت وڌيڪ ڄاڻڻ چاهي ٿو.
“ پوء ته مسئلو آهي. جيڪڏهن تون سمجھين ٿو ته تو وٽ پوريون ساريون رڍون آهن ته پوء آءٌ تنهنجي واهَرَ نه ٿو ڪري سگھان.”
نِينگَرَ کي خار لڳي. هن ته واهَرَ لاء چيو ئي نه هو. اهو ته هو پاڻ پوڙهو بزرگ هو جنهن مَڌُ جي چُسڪي هڻائڻ لاء چيو هو ۽ ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي هئي.
“ مونکي پنهنجو ڪتاب ڏيو،” نِينگَرَ چيو. مونکي پنهنجون رڍون گڏ ڪري اڳتي وڌڻو آهي.”
“ مونکي پنهنجي رڍن جو ڏهون حصو ڏي ته آءٌ توکي ان ڳجھي خزاني جي بابت ڪجھ ٻڌايان.” پوڙهي بزرگ چيو.
نِينگَرَ کي پنهنجو خواب ياد آيو، ۽ اُمالَڪُ هر ڳالهه سندس آڏو پڌري ٿي بيٺي. خانابدوش (رَمتِي) ٻڍڙيء هن کان ڪا اُجرت نه ورتي هئي، پر هي پوڙهو بزرگ شايد انجو مڙس آهي، ۽ شايد ان ڳجھي خزاني جنهن جو ڪو وجود ئي ناهي بابت معلومات ڏيڻ جي بدلي ۾ وڌيڪ پئسا ڪمائڻ چاهي ٿو. گھڻو ڪري هي پوڙهو به خانابدوش (رَمتَو) ئي آهي.
پر ان کان پهرين جو نِينگَرُ ڪا ڳالهه ڪري، ان پوڙهي بزرگ هيٺ جھڪي هڪ ڪاٺيء جو ٽڪرو کنيو ۽ عمارت وٽ موجود واريء تي ڪجھ لکڻ شروع ڪيائين، ۽ اُمالَڪُ سندس سيني مان چمڪاٽ ڏيندڙ روشني نمودار ٿي، جنهن جي شدت ايتري هئي جو نِينگَرُ ٿوري دير لاء انڌو ٿي پيو. سندس ڄمار جي ماڻهن سان اهڙي ڀانت جا واقعا گھٽ نمودار ٿيندا آهن. پوء پوڙهي بزرگ پنهنجي ٽوپيء سان ان روشنيء کي ڍڪي ڇڏيو. جڏهن سندس بينائي واپس آئي ته نِينگَرُ اهو پڙهڻ جي قابل ٿيو جيڪو پوڙهي بزرگ ريتيء تي لکيو هو. واريء تي نِينگَرَ پنهنجي ماء پيء ۽ سندس اسڪول جا نالا پڙهيا. هن واپاريء جي ڌيء جو نالو پڻ پڙهيو، جنهن جي اڳ کيس خبر نه هئي، ۽ اهي ڳالهيو پڻ پڙهيائين جيڪي هن اڳ ڪنهن سان نه ڪيون هيون.
“ آءٌ سالم جو بادشاه آهيان،” پوڙهي بزرگ ڪجھ دير اڳ چيو هو.
“ پر هڪ بادشاه ڀلا هڪ ريڍار سان ڇو ڳالهائيندو،” نِينگَرَ ڦِڪائيء منجھان پڇيو.
“ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا. پر سڀ کان اهم سبب اهو آهي ته تو پنهنجي تقدير ڳولي ورتي آهي.”
نِينگَرَ کي اها خبر نه هئي ته “تقدير” ڇا ٿيندي آهي.
“ جيڪي تون ماڻڻ چاهين ٿو اها ئي تقدير آهي. ننڍپڻ ۾ سڀني کي پنهنجي تقدير جي آگاهي هوندي آهي، زندگيء جي ان مرحلي تي هر ڳالهه چِٽي ۽ ممڪن هوندي آهي. ٻار خواب لهڻ ۽ هر ان شيء کي ماڻڻ کان نه ڪيٻائيندا آهن، جيڪا هو چاهين ٿا. پر جيئن جيئن وقت گذرندو آهي، تيئن تيئن هڪ غيبي طاقت کين ان ڳالهه تي آماده ڪرڻ شروع ڪندي آهي ته پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهڻ هڪ نا ممڪن شيء آهي.”
پوڙهي بزرگ جي ڪا به ڳالهه نِينگَرَ جي سمجھ ۾ نه ٿي آئي. پر نِينگَرَ ان غيبي طاقت بابت وڌيڪ ڄاڻڻ ٿي چاهيو. “واپاريء جي ڌيء کي اها ڳالهه ٻڌائبي ته ڏاڍي سَرَهي ٿيندي!” نِينگَرَ سوچيو.
“اها هڪ ناڪاري طاقت جي صورت ۾ پڌري ٿئي ٿي. پر، اها طاقت توهان کي پنهنجي تقدير ماڻڻ ۾ توهانجي واهَرَ ڪري ٿي. اها طاقت توهان جي روح کي ۽ توهان جي مقصد کي تيار ڪري ٿي. ڇاڪاڻ جو هن پوري گرهه تي صرف هڪ ئي وڏي ۾ وڏو سچ آهي؛ اهو هي آهي ته توهان ڀلي ڪير به هجو، ڇا به ڪندا هجو، جڏهن توهان ۾ ڪنهن شيء کي ماڻڻ جي خواهش پيدا ٿئي ٿي ته هن زمين تي اهو اوهانجو مقصدِ حيات بڻجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو ڪابه خواهش ڪائنات جي روح مان جنم وٺي ٿي.”
“ ڀلي اها خواهش مسافري ڪرڻ جي هجي، يا ڪپڙي جي واپاريء جي ڌيء سان شادي ڪرڻ جي؟”
“هائو، خزاني جي کوجنا جي به ٿي سگھي ٿي؛ ماڻهن جون سرهائيون، غم، ڪينو ۽ بغض هن دنيا جي روح کي سگھارو ڪن ٿا. ڪنهن شخص کي صرف پنهنجي تقدير جو احساس هجڻ ئي واحد شرط آهي، باقي سڀ شيون هڪٻئي جهڙيون ئي آهن.”
“جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته، سموري ڪائنات ان شيء کي ماڻڻ جي منصوبي ۾ اوهانجي واهَرَ ڪري ٿي.”
ڪجھ وقت لاء ٻئي چپ رهيا ۽ عمارت ۽ ان شهر جي ماڻهن جي اچ وڃ کي غور سان ڏسندا رهيا. پوڙهي بزرگ نيٺ ڳالهايو.
“ تو پاڻ وٽ رڍن جو ڌڻ ڇو رکيو آهي؟”
“ ڇاڪاڻ جو مونکي مسافريء ۾ دلچسپي آهي.”
پوڙهي بزرگ عمارت جي ڪنڊ ۾ پنهنجي هَٽَ ۾ موجود هڪ نانوائيء ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته، “ننڍي هوندي ان نانوائيء کي پڻ مسافريء جو شوق هو. پر ان لاء هن پهريان هَٽَ خريد ڪيو ته جيئن هو ڪجھ ڏوڪڙ پاسيرا ڪندو وڃي. پر هاڻ جڏهن هو پوڙهو ٿيندو تڏهن ئي وڃي هو آفريڪا ۾ هڪ مهينو گذارڻ جي قابل ٿيندو. کيس اهو احساس ئي نه هو ته ماڻهو زندگيء جي ڪنهن به حصي ۾ ڪڏهن به پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻڻ جي سگھ رکي ٿو.”
“ کيس ريڍار بڻجڻ گھرجي ها،” نِينگَرَ چيو.
“هن ان بابت سوچيو هو، پر نانوائي ريڍارن کان وڌيڪ اهميت رکن ٿا، کين پنهنجا گھر آهن، جڏهن ته ريڍار کلي آسمان هيٺان سمهن ٿا. مائٽ پنهنجي نياڻين جي شادي ريڍارن جي بجاء نانوائين سان ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندا.”
نِينگَرَ کي واپاريء جي ڌيء بابت اچي دل ۾ سوداء ويٺو، ڇاڪاڻ جو شهر ۾ نانوائي به موجود هو.
پوڙهي بزرگ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته، “هڪ وسيع نظريي پٽاندڙ، ماڻهن لاء ريڍارن ۽ نانوائين بابت سوچڻ، پنهنجي پاڻ بابت سوچڻ کان وڌيڪ اهم آهي.” پوڙهو بزرگ ڪتاب جا ورق اُٿلائيندي هڪ ورق کي پڙهڻ ۾ مُستَغرق ٿي ويو.
نِينگَرَ سندس فارغ ٿيڻ جو انتظار ڪندي ڪندي پوڙهي بزرگ جي توجهه ۾ رخنو وجھندي چيو ته، “ اوهان هي سڀ ڳالهيون مونکي ڇو ٻڌائي رهيا آهيو؟”
“ڇاڪاڻ جو تون پنهنجي تقدير کي ماڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين. ۽ هن وقت تون ان موڙ تي بيٺل آهين جتي تون ڪنهن به وقت همت هاري سگھين ٿو.”
“ ڇا هي اهو ئي موڙ آهي جتي توهان سدائين پڌرا ٿيندا آهيو؟”
“نه، سدائين ائين نه ٿيندو آهي. ڪڏهن آءٌ ڪنهن مسئلي جي حل سان يا ڪا سٺي ڳالهه کڻي پڌرو ٿيندو آهيان، يا وري ڪڏهن مشڪل گھڙين ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ لاء، پر ٻيا به ڪيترائي ڪم آءٌ ڪندو رهندو آهيان، پر، گھڻو ڪري ماڻهن کي ان ڳالهه جو احساس نه ٿيندو آهي ته مون انهن لاءِ ڇا ڇا ڪيو.”
پوڙهي بزرگ پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته هڪ هفتو پهريان هو هڪ کاڻين کوٽڻ واري جي آڏو هڪ پٿر جي شڪل ۾ پڌرو ٿيو هو، ان کاڻ کوٽڻ واري اَمُلُهه زمرد جي کوٽائيء لاء پنهنجو سڀ ڪجھ ڇڏي ڏنو هو. پنجن ورهين کان هو هڪ نديء جي اوسي پاسي ۾ کوٽائي ڪري رهيو هو ۽ هڪ زمرد جي کوجنا ۾ هو لکين پٿرن جو معائنو ڪري چڪو هو.
کاڻ کوٽڻ وارو ان مهل همت هارڻ وارو هو جڏهن زمرد کي ماڻڻ لاء صرف هڪ پٿر جي کوٽائي باقي هئي، صرف هڪ پٿر. جيئن ته کاڻ کوٽڻ واري هر شئ پنهنجي تقدير کي ماڻڻ لاء قربان ڪري ڇڏي هئي، تنهنڪري ان پوڙهي بزرگ سندس ڪم ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. هو پٿر جي شڪل اختيار ڪري رڙهندو وڃي کاڻ کوٽڻ واري جي پيرن ۾ پيو. کاڻ کوٽڻ واري پنجن ورهين جي اجائي ويندڙ جاکوڙ سبب پيدا ٿيندڙ نا اميدي ۽ چڙ مان اهو پٿر کڻي ايتري ته زور سان پاسي تي اڇلايو جو هيٺ پيل پٿر جي مٿان ڪرندي ئي انکي ٽوٽا ڪري وڌائين، ۽ ان پرزا ٿي ويل پٿر ۾ ئي دنيا جو خوبصورت زمرد لڪيل هو.
“ماڻهو پنهنجو مقصدِ حيات پنهنجي زندگيء جي مُنڍ ۾ ئي ڄاڻي وٺن ٿا.” پوڙهي تلخ لهجي وچان چيو. “شايد ان جي ڪري ئي هو جلدي هار به مڃي ٿا ويهن. اهو سڀ ڪجھ ائين ئي هلندو رهي ٿو.”
نِينگَرَ پوڙهي بزرگ کي ياد ڪرايو ته هن لڪل خزاني جي بابت ڪجھ چيو هو.
“اهو خزانو پاڻيء جي وهڪري جي شدت سبب پڌرو ٿي ساڳئي ئي وهڪري سبب لَٽجي به چڪو آهي.” پوڙهي بزرگ چيو. “جيڪڏهن توکي ان خزاني بابت وڌيڪ معلومات گھرجي ته توکي پنهنجي ڌڻ جو ڏهون حصو مونکي ڏيڻو پوندو.”
“خزاني جي ڏهين حصي جي بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟”
پوڙهي بزرگ مايوسي وچان کيس ڏٺو ۽ چيائينس. “جيڪڏهن تون ان شئ جي بابت واعدا ڪندو رهندي جيڪا تو وٽ آهي ئي ڪانه، ته تون ان شئ کي ماڻڻ واري خواهش ئي وڃائي ويهندي.”
نِينگَرَ کيس پنهنجي خزاني جي ڏهين حصي ڏيڻ واري واعدي جو به ٻڌايو جيڪو هن خانابدوش (رَمتِي) ٻڍڙيء سان ڪيو هو.
“اهي خانابدوش (رَمتا) ماڻهن کان اهڙا واعدا وٺڻ ۾ ماهر آهن.” پوڙهي بزرگ ٿڌو ساهه کڻندي وراڻيو.
پوڙهي بزرگ ڪتاب نِينگَرَ کي موٽائيندي چيو ته، “سڀاڻي هن ئي وقت پنهنجي ڌڻ جو ڏهون حصو منهنجي حوالي ڪر ته پوء آءٌ توکي ٻڌائيندس ته ان لڪيل خزاني جي ڪيئن کوجنا ڪجي. چڱو هاڻ موڪلاڻي آهي”، اهو چئي پوڙهو بزرگ عمارت جي ڀِڪ ۾ لمڻجي ويو (لمڻجي وڃڻ = غائب ٿيڻ، گم ٿيڻ يا اڏامي وڃڻ).