قسط 13
نِينگَرُ نخلستان جي هڪ ڪنڊ ۾ موجود هڪ تمام وڏي اڇي رنگ جي خيمي وٽ بيٺل هڪ پهريدار ڏانهن وڌيو.
“ آءٌ سردارن سان ملڻ چاهيان ٿو، مونکي ريگستان جي ڪجھ سَوڻَن بابت ڳالهه ڪرڻي آهي.”
ڪو جواب ڏيڻ جي بغير پهريدار خيمي ۾ داخل ٿيو، جتي هو ڪجھ دير تائين رهيو، جڏهن هو ٻاهر نڪتو ته ساڻس هڪ ڳڀرُو عرب جنهن کي اڇي پوشاڪ ۽ سون پهريل هو گڏيو آيو. ۽ نِينگَرَ ان ڳڀرُو عرب کي جيڪي ڏٺو هئائين تنهن جي حقيقت بيان ڪري ٻڌائي، ۽ ان ڳڀرُوء خيمي ۾ داخل ٿيندي کيس انتظار ڪرڻ لاء چيو.
رات ٿي وئي، ۽ ڪجھ جنگجو ۽ ڪجھ واپاري خيمي ۾ داخل ٿيا ۽ پوء ٻاهر نڪتا. هڪ هڪ ڪري باهه جا سڀ مَچ وسايا ويا، ۽ نخلستان به ريگستان وانگي سانت ۾ اچي ويو. صرف ان وڏي خيمي ۾ بتيون ٻرنديون رهيون. ان دوران نِينگَرُ فاطمه جي بابت سوچيندو رهيو، ۽ فاطمه سان پوئين ملاقات ۾ ڪيل ڳالهه ٻولهه کي اڃا نه سمجھي سگھيو هو.
آخرڪار، ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوء، پهريدار نِينگَرَ کي اندر اچڻ لاء چيو. نِينگَرُ اندر جو منظر ڏسي تعجب ۾ پئجي ويو. ان جو هن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته ريگستان جي وچ ۾ ڪو اهڙو خيمو به ٿي سگھي ٿو. زمين تي انتهائي عمده غاليچا وڇايل هئا جن تي هو اڳ ڪڏهن به نه هليو هو، ۽ مٿي هٿ سان گھڙيل سون جا فانوس ٽنگيل هئا، ۽ هر هڪ ۾ ميڻ بتيون ٻري رهيون هيون. قبيلي جا سردار خيمي جي ڇيڙي تي اڌ گول جي شڪل ۾ عمده ريشم جي گاديلن تي ويٺا هئا، هڪڙا ملازم چانديء جي خوانچن ۾ چانهن ۽ ميوا کنيو آيا ٿي ۽ ويا ٿي. ته ٻيا ملازم حُقن جا ٽانڊا ٻارڻ ۾ رُڌل هئا. اندر سڄو ماحول خوشبودار دونهين سان معطر هو.
اتي اَٺ سردار هئا، نِينگَرُ اهو ڏسي ڪاٿو لڳائي ٿي سگھيو ته انهن مان مکيه ڪير آهي؛ اهو هڪ عرب هو جيڪو اڇي پوشاڪ ۾ هو ۽ کيس سون پهريل هو، ۽ هو ان اڌگول جي وچ ۾ ويٺل هو. سندس ڀر ۾ اهو ئي ڳڀرُو عرب هو جنهن نِينگَرَ سان ڪجھ وقت پهريان ڳالهايو پئي.
“ اهو ڪير پَرَهَنڌَو آهي جيڪو علامتن جي بابت ڳالهائي ٿو؟” سردارن مان هڪ پڇيو.
“ اهو آءٌ آهيان،” نِينگَرَ وراڻيو. ۽ کيس پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌايائين.
“ ريگستان اهڙيون ڳالهيون هڪ پَرَهَنڌَي تي پڌريون ڇو ڪندو جڏهن ته هو ڄاڻي ٿو ته اسين پيڙهين کان هتان جا آهيون؟” هڪ ٻئي سردار پڇيو.
“ ڇاڪاڻ جو منهنجون اکيون اڃان ريگستان جي رواجن جو قائل ناهن ٿيون، انڪري آءٌ اهي شيون ڏسي سگھان ٿو جيڪي هتان جون قائل اکيون نه ٿيون ڏسي سگھن.”
“ ۽ انڪري به ته آءٌ دنيا جي روح جي بابت پڻ ڄاڻ رکان ٿو،” نِينگَرَ اندر ئي اندر ۾ پاڻ سان ڳالهايو.
“ نخلستان هڪ سَامَ گاهه وانگي آهي ۽ ان تي ڪير به حملو نه ٿو ڪري سگھي،” ٽئين سردار چيو.
“ مون توهان کي اهو سڀ ڪجھ ٻڌايو جيڪي مون ڏٺو، جيڪڏهن توهان مونتي ويساهه نه ٿا ڪيو ته ڀلي توهان ان بابت ڪجھ نه ڪيو.”
هو هڪٻئي سان بحث ڪرڻ لڳا. هو اتان جي مقامي عربيء ۾ ڳالهائي رهيا هئا جيڪا نِينگَرَ کي سمجھ ۾ نه ٿي آئي، پر جڏهن هو وڃڻ وارو ٿيو ته پهريدار کيس روڪيو. نِينگَرُ ڊِنو؛ علامتن کيس ٻڌايو ته هن سان ڪجھ غلط ٿيڻ وارو آهي. کيس جَتَ سان جيڪي ريگستان ۾ ڏٺو هئائين ان بابت ڪيل ڳالهه ٻولهه تي افسوس ٿيو.
اُمالَڪُ، وڏو سردار جيڪو وچ ۾ ويٺو هو، مُشڪيو، جنهن سان نِينگَرَ کي دلجاء ٿي. ان شخص سڄي بحث ۾ هڪ لفظ به نه ڪڇيو هو. پر نِينگَرُ ڇاڪاڻ جو دنيا جي ٻولي جيڪا بغير لفظن جي ٿئي ٿي سمجھي سگھندو هو، سو کيس هاڻي خيمي جو پُر امن ماحول محسوس ٿي ويو. سو کيس اهو به الهام ٿي ويو ته سندس اچڻ صحيح ثابت ٿيو آهي.
بحث ختم ٿيو. ۽ سمورا سردار خاموشيء سان وڏي بزرگ سردار جي ڳالهه ٻڌڻ لڳا. هو نِينگَرَ سان مخاطت ٿيو؛ هن ڀيري سندس لهجو ٿڌو هو.
“ ٻه هزار ورهيه پهريان، ڪنهن ڏورانهين ديس ۾ هڪ شخص هو جيڪو خوابن تي يقين رکندو هو، کيس هڪ اونداهي تهخاني ۾ قيد ڪيو ويو ۽ پوء کيس وڪرو ڪيو ويو.،” پوڙهي سردار چيو، پر هاڻي اها مقامي ٻولي نِينگَرَ کي ٿوري سمجھ ۾ آئي ٿي. “ واپارين اهو شخص خريد ڪري کيس مصر وٺي آيا. ۽ اسين اهو ڄاڻون ٿا ته جيڪو خوابن تي يقين رکي ٿو، سو انهن جي تعبير پڻ ڄاڻي ٿو.”
بزرگ سردار پنهنجي ڳالهه جاري رکي، “ جڏهن فرعون خواب ۾ ڳئون ڏٺيون هيون، جن مان ڪجھ اَڀريون ۽ ڪجھ متاريون هيون، تنهن وقت اهو شخص جنهن جي آءٌ ڳالهه ڪري رهيو هئس تنهن مصر کي ڏڪار کان بچايو هو. سندس نالو يوسفؑ هو. هو پڻ ڌارين جي ملڪ ۾ هڪ ڌاريو هو، ۽ گھڻو ڪري تنهنجي ئي ڄمار جو هو.”
هن ساهي کنئي، پر سندس اکين ۾ اڃا ٻيائي هئي.
“ اسين سدائين پنهنجي روايتن جي پٽاندڙ هلندا رهون ٿا. ان ئي روايت مصر کي انهن ڏينهن ۾ ڏڪار کان بچائي مصرين کي سکيو ستابو بڻائي ڇڏيو هو. روايت ريگستان پار ڪرڻ به سيکاري ٿي، ته شادين جو رواج به سيکاري ٿي. اها به روايت رهي آهي ته نخلستان هڪ پناهه گاهه جي حيثيت رکي ٿو، ۽ ڇاڪاڻ جو نخلستان ٻنهي طرف ٿئي ٿو سو ويڙهه واريون ٻئي ڌريون ان بابت ڪجھ نرمي رکن ٿيون.”
سڀ خاموشيء سان ٻڌندا رهيا ۽ بزرگ سردار پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
“ پر روايت اهو پڻ ٻڌائي ٿي ته اسانکي ريگستان جي نياپي تي يقين ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ جو اسين جيڪي ڪجھ ڄاڻون ٿا سو اسانکي هن ريگستان ئي سيکاريو آهي.”
بزرگ سردار اشارو ڪيو ۽ سڀ اُٿي بيٺا. گڏجاڻي ختم ٿي. حقا وسايا ويا، ۽ پهريدار چوڪس بيٺا رهيا. نِينگَرُ به وڃڻ لڳو، پر بزرگ سردار وري ڪجھ ڳالهايو؛ “ سڀاڻي اسين اهو معاهدو ٽوڙي رهيا آهيون جنهن ۾ اهو چيل هو ته نخلستان ۾ ڪير به هٿيار نه کڻندو. ۽ سڄو ڏينهن اسين پنهنجي دشمنن تي نظر رکنداسين، سج لٿي جو سڀ ماڻهو وري هت مون وٽ پنهنجا پنهنجا هٿيار جمع ڪرائيندا. ۽ اسانجي دشمنن جي هر ڏهن ماڻهن جي مرڻ تي توکي هڪ سون جو سڪو ڏنو ويندو.”
“ پر جنگ ٿيڻ تائين هٿيار ڦٽا به نه ٿي ڪري سگھجن. هٿيار به ريگستان وانگي آهن، جيسيتائين کين ڪنهن ڪَتب ۾ نه ٿو آندو وڃي ته هو ڪم ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ۽ جيڪڏهن انهن مان سڀاڻي تائين ڪو به هٿيار جنگ ۾ ڪَتب نه آيو ته اهو تو تي ڪَتب ايندو.”
جڏهن نِينگَرُ خيمي مان ٻاهر نڪتو، ته نخلستان صرف چانڊوڪيء سان چمڪي رهيو هو. هو پنهنجي خيمي ڏانهن وڃڻ لڳو جيڪو ويهن منٽن جي پنڌ تي هو.
جيڪو ٿي گذريو، هو انکان ٿورو ڊنل هو. پر هو دنيا جي روح تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪو هو، ۽ هاڻ ان ڳالهه جي مُلُهه سندس زندگي به ٿي سگھي پئي. اها هڪ خوفناڪ شرط هئي. پر هو اهڙيون خطرناڪ شرطون ان ڏينهن کان رکندو ٿي آيو جنهن ڏينهن هن پنهنجي تقدير کي ماڻڻ لاء پنهنجون رڍون وڪرو ڪيون هيون. ۽ جيئن جَتَ چيو هو ته، ڪنهن ٻئي ڏينهن تي مرڻ کان سڀاڻي مرڻ ۾ ڪهڙي قباحت آهي. هر ڏينهن يا ته جيڻو آهي يا ڪنهن نه ڪنهن کي مرڻو آهي. ۽ هر شيء جو آڌار هڪ لفظ تي آهي؛ اهو لفظ آهي، “ لکيو.”
هو خاموشيء سان هلندو رهيو، کيس ڪنهن ڳالهه جو افسوس نه هو. جيڪڏهن هو سڀاڻي مري ويو ته ان جو سبب اهو ئي هوندو ته خدا مستقبل تبديل ڪرڻ نه ٿي چاهيو. مرڻ کا اڳ گھٽ ۾ گھٽ هن اهو سوڙهو پيچرو ته پار ڪيو جتان هو آفريڪا پُڳو هو، ۽ ٿانوَن جي هَٽَ ۾ ڪم پڻ ڪيو، ۽ ريگستان جي خاموشيء ۽ فاطمه جي اکين کي پڻ سمجھيو. ڳچ وقت اڳ پنهنجو گھر ڇڏڻ کانپوء پنهنجي زندگيء جو هر ڏينهن هن ڀرپور گذاريو هو. هاڻي جيڪڏهن هو سڀاڻي مري به ويو ته اها سندس لاء فخر جي ڳالهه ٿيندي ته هن باقي ريڍارن کان وڌيڪ دنيا ڏٺي.
اُمالَڪُ هن هڪ ڪڙڪي دار آواز ٻڌو، ۽ واء جي شديد زور تي هو زمين تي ڪري پيو. چوڌاري تيز مٽيء جو واچوڙو ايترو ته تيز پکڙجي ويو جو چنڊ به نظر نه ٿي آيو. سندس اڳيان هڪ وڏو اڇو گھوڙو خطرناڪ رڙين جي گجگوڙ سان موجود هو.
جڏهن مٽي ويٺي ته نِينگَرُ پنهنجي اڳيان جو منظر ڏسي ڏڪي ويو. گھوڙي تي مڪمل ڪاري وَيسُ ۾ هڪ گھوڙي سوار هو، سندس کاٻي ڪلهي تي هڪ باز ويٺل هو. کيس پَٽڪو پهريل هو، ۽ سندس اکين کان سواء باقي سڄو منهن ڪاري رومال سان ڍڪيل هو. هو ريگستان جو قاصد لڳي رهيو هو، پر سندس اهو انداز ان عام قاصد کان سَرَسُ سگھارو ٿي لڳو.
ان پَرَهَنڌَي گھوڙي سوار گھوڙي جي پاکڙي ۾ لڳل مياڻ مان هڪ وڏي ونگ واري تلوار ڪڍي، جنهنجي رُڪ جو سِلو چانڊوڪيء تي چمڪي رهيو هو.
“ ڪنهنجي همت ٿي آهي جو هن بازن جي اُڏام جي معنى سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟” هن ايتري ته تيز آواز ۾ پڇيو جو ان جو پڙاڏو الفيوم ۾ موجود پنجاهه هزار کجيء جي وڻن ۾ پڻ ٻڌڻ ۾ آيو.
“ اهو آءٌ آهيان جنهن اها همت ڪئي آهي،” نِينگَرَ وراڻيو. کيس سانتياگو ماتامورس جي تصوير ياد آئي، جيڪو پڻ اڇي گھوڙي تي سوار هو ۽ منڪر ان جي کُرن هيٺان هئا. هي شخص به بالڪل ان وانگي ٿي لڳو، بس ڪردار مٽجي چڪو هو.
“اهو آءٌ آهيان جنهن اها همت ڪئي آهي،” نِينگَرَ ورجائيندي چيو، ۽ پنهنجو ڪنڌ تلوار جي ڌڪ لاء جُھڪائي ڇڏيائين. “ ڇاڪاڻ جو آءٌ اهو سڀ ڪجھ دنيا جي روح ۾جھاتي پائي ڏسي سگھان ٿو، جنهن سان ڪيتريون ئي زندگيون بچي سگھن ٿيون.”
تلوار وهائڻ جي بجاء ان پَرَهَنڌَي (اوپرو،اجنبي) هوريان هيٺ جھڪائي ايسيتائين جو اها نِينگَرَ جي نراڙ تي وڃي پئي، ۽ سندس نراڙ مان رت جو هڪ قطرو ڪريو.
گھوڙي سوار ۽ نِينگَرُ ٻئي مڪمل طور تي ساڪن حالت ۾ هئا، نِينگَرُ اتان کان ڀڄي به نه ٿي سگھيو. پر مَن ئي مَن ۾ کيس هڪ عجيب سرهائي محسوس ڪري رهيو هو؛ هو پنهنجي تقدير جي کوجنا ۽ فاطمه لاء جان ڏيڻ وارو هو. ۽ ٻيو ته اهي سڀ سَوڻَ سچ ثابت ٿيا هئا. هاڻ هو پنهنجي دشمن جي آمهون سامهون هو، کيس پنهنجي موت جو ڪو اُلڪو نه هو، دنيا جو روح سندس انتظار ۾ هو، ۽ هو جلد انجو حصو بڻجڻ وارو هو. ۽ ٻئي ڏينهن سندس دشمن به انجو حصو بڻجي ويندو.
پَرَهَنڌَي گھوڙي سوار جي تلوار اڃا نِينگَرَ جي نراڙ تي هئي. “ تو پکين جي اُڏام ڇو ڏٺي؟”
“ مون صرف اهو ڪجھ سمجھيو جيڪو پکين سمجھائڻ چاهيو ٿي. انهن نخلستان کي بچائڻ ٿي چاهيو. سڀاڻي توهان مڙني کي به مرڻو اهي، ڇاڪاڻ جو نخلستان ۾ موجود ماڻهن جو تعداد توهان وٽ موجود ماڻهن کان ججھو آهي.”
تلوار اڃا اتي ئي رهي جتي هئي. “ تون ڪير ٿيندو آهين الله تعالى جي مرضيء کي تبديل ڪرڻ وارو؟”
“ الله تعالى ئي اها فوج ٺاهي آهي، ۽ اهي پکي پيدا ڪيا آهن. الله تعالى ئي مونکي اها پکين جي ٻولي سيکاري آهي، ۽ هر شيء هڪ ئي قلم سان لکيل آهي،” نِينگَرَ جَتَ جي ڪيل ڳالهه ياد ڪندي وراڻيو.
پَرَهَنڌَي نِينگَرَ جي نراڙ تان تلوار هٽائي، نِينگَرَ ٿڌو ساهه کنيو، پر اڃان به هو ڀڄي نه ٿي سگھيو.
“پنهنجي اڳڪٿين کا محتاط رهه، جيڪا شيء لکجي وئي ان کي ڪير به تبديل نه ٿو ڪري سگھي.” پَرَهَنڌَي چيو.
“ مون جيڪي ڪجھ ڏٺو اهو صرف فوجين جو هڪ جٿو هو، مون جنگ جو تَتُ ته نه ڏٺو هو.” نِينگَرَ وراڻيو.
پَرَهَنڌَو انهي جواب کان مطمئن نظر ٿي آيو. پر تلوار اڃان سندس هٿ ۾ ئي هئي. “هڪ پَرَهَنڌَي جو هن ڌاري ڌرتيء تي ڪهڙو ڪم؟”
“ آءٌ پنهنجي تقدير جي کوجنا ۾ نڪتل آهيان، ۽ اهو سڀ ڪجھ توهانکي سمجھ ۾ نه ايندو.”
پَرَهَنڌَي پنهنجي تلوار مياڻ ۾ واپس رکي، تنهن کانپوء نِينگَرَ ۾ ساهه پيو.
“مونکي تنهنجي همٿ کي آزمائڻو هو،” پَرَهَنڌَي چيو. “همت هڪ اهڙي خوبي آهي جيڪا دنيا جي ٻولي سمجھڻ لاء ضروري آهي.”
نِينگَرُ اچرج ۾ پئجي ويو. پَرَهَنڌَو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو هو جيڪي صرف ٿورڙا ماڻهو ئي ڄاڻين ٿا.
“ڀلي تون ڪيترو به ڏور اچي ويو آهين پر ان هوندي به توکي همت نه هارڻ گھرجي، توکي ريگستان سان لڳاء رکڻو پوندو، ان تي ڪڏهن به مڪمل ويساهه نه ڪجانء. ڇاڪاڻ جو ريگستان ماڻهن کي آزمائيندو آهي؛ هر قدم تي للڪاريندو آهي، ۽ اهو انهن جي لاء موت آهي جيڪي رستي تان ٿِڙيو پون.”
نِينگَرَ کي ان ڳالهه تي بزرگ بادشاهه جي يادگيري اچي وئي.
“جيڪڏهن جنگجو هت پهچي وڃن، ۽ شام تائين تنهنجو سِر تنهنجي ڪنڌ تي سلامت رهي ته مونسان ملجان،” پَرَهَنڌَي چيو.
ان ئي هٿ ۾ جنهن ۾ پهريان تلوار هئي هاڻي چهبڪ هو. گھوڙي جي گجگوڙ ٻيهر ۽ مٽي اُٿي.
“ توهان ڪاٿي رهندا آهيو؟” گھوڙي سوار کي ويندو ڏسي نِينگَرَ رڙ ڪندي پڇيو.
چهبڪ واري هٿ ڏکڻ ڏانهن اشارو ڪيو.
۽ ائين نِينگَرُ ڪيمانگر سان مليو.