شيخ مجيب الرحمٰن جون اڻ پوريون يادگيريون
مولانا پوليس کي ٻڌايو ته هو قلم 144 جي احترام ڪندا. پوءِ جلسي جي حاضرين کي مخاطب ٿي چيائين: ”هاڻ اسين سڀ دعا گهرڻ جي لاءِ هٿ مٿي کڻو.“ اُهو ٻُڌي پوليس وارن به هٿ مٿي کنيا. مولانا ڀاشانيءَ پوءِ دعا گهرندي حڪومت جي خلاف اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ڇڏيون، جيڪي هن پنهنجي تقرير ۾ چوڻ ٿي چاهيون. ائين هن پنهنجي دل جي سڄي اوٻر ڪڍي ٻاهر ڪئي. اها ماجرا ڏسي شيخ مجيب، مولانا ڀاشاني جي نواڻ ۽ سمجهه کي ساراهڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو.
اهو دلچسپ واقعو بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمٰن جي اڻ پورين يادگيرين The Unfinished Memories مان ورتو ويو آيو آهي. جيڪي ويجهڙ ۾ بنگالي ۽ انگريزي ٻولين ۾ ڇپيون آهن. 1967ع ۾ جڏهن شيخ مجيب اگر تله سازش ڪيس جي سلسلي ۾ ڍاڪا جيل ۾ قيد هو ته هڪ ڏينهن سندس زال بيگم فضيلت النسا ساڻس ملڻ آئي. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ بيگم فضيلت النسا چيس، جيل ۾ اوهان وٽ گهڻي وانڌڪائي آهي، ان مان فائدو وٺي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکو، اها صلاح شيخ مجيب کي وڻي ۽ هن نوٽ بوڪن ۾ پنهنجون يادگيريون لکڻ شروع ڪيون. فيبروري 1969ع ۾ جڏهن شيخ مجيب آزاد ٿيو ته هو ننڍپن کان وٺي 1955ع تائين پنهنجي زندگي جا اهم واقعا لکي چڪو هو.
پوءِ شيخ مجيب، سياسي سرگرمين ۽ پوءِ بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ حڪومتي معاملن ۾ ايترو ته جنبي ويو، جو کيس پنهنجي آتم ڪهاڻي مڪمل ڪرڻ جو موقعو ملي نه سگهيو، تنهنڪري اها اڌ ۾ رهجي ويئي. شيخ صاحب چئن نوٽ بوڪن ۾ پنهنجون يادگيريون لکيون هيون. هو آزاد ٿيو ته اهي نوٽ بوڪ سندس ڪتب خاني ۾ منتقل ٿي ويا، پر شيخ صاحب اهي سدائين تالي ۾ بند رکندو هو ۽ ڪنهن کي به پڙهڻ جي لاءِ نه ڏيندو هو.هڪ ڏينهن هو نوٽ بوڪن ۾ ڪجهه ڏسي رهيو هو ته سندس وڏي ڌيءَ حسينه اچي ويئي، حسينه اهي نوٽ بوڪ پڙهڻ چاهيان ته هن چيس، ”جيستائين آءٌ جيئرو آهيان، تيستائين پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪج. منهنجي مرڻ کان پوءِ تون اهي پڙهي سگهين ٿي“.
14 آگسٽ 1975ع جي رات شيخ مجيب پنهنجي گهروارن سميت قتل ڪيو ويو. ان هنگامي ۾ اهي چارئي نوٽ بوڪ هيٺ مٿي ٿي ويا. پوءِ اهي 2004ع ۾ شيخ فضل الحق موني جي پراڻي ميز جي خاني مان مليا. جانچ ڪرڻ تي خبر پئي ته شيخ مجيب اهي نوٽ بوڪ شيخ فضل الحق موني کي ٽائپ ڪرڻ جي لاءِ ڏنا هئا. شيخ فضل سندس ويجهو مائٽ هو ۽ ساڻس گڏئي 1975ع ۾ پنهنجي فوج جي هٿان مار جي ويوهو.
نوٽ بوڪ تمام زبون حالت ۾ هئا. شيخ مجيب جي ڌيءَ حسينه واجد انهن کي اتاري انهن جون ڪاپيون تيار ڪيون ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪرايو. 300 سؤ صفحن جي ان ڪتاب ۾ شيخ مجيب، پنهنجي گهراڻي، شاگرديءَ واري زندگي، ڪلڪتي ۾ مسلم ليگ جي سياست، عوامي ليگ ۽ لساني مسئلي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
بنگالي اڳواڻ جو جنم
شيخ مجيب الرحمٰن17ـ مارچ 1920ع تي تنگي پور نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءُ گوپال گنج ضلع جي سول ڪورٽ ۾ سرشيتدار هو. قد امت پسند ڪٽنب سان واسطو رکڻ جي باوجود شيخ مجيب جو ننڍي هوندي کان ئي سياست ۽ سيڪولرازم طرف رجحان ٿيو. 1940ع ۾ هو ‘آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس’ جو ميمبر ٿيو، ان وقت هو گوپال گنج هائي اسڪول ۾ پڙهي رهيو هو. ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ شيخ مجيب ڪلڪتي هليو ويو ۽ اتي اسلاميه ڪاليج (هاڻ مولانا آزاد ڪاليج) ۾ داخلا ورتائين. هاڻ هو سرگرميءَ سان سياست ۾ حصو وٺڻ لڳو. 1943ع ۾ هو بنگال مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجي جوشيلي تقريرن وسيلي هو جلد ئي اهم اڳواڻن جي نظر ۾ اچي ويو. انهن ۾ حسين شهيد سهروردي سرفهرست هو. شيخ مجيب سهروردي کان ئي سياست جون هيٺ مٿانهون سکيون. هاڻ سهروردي نوجوان شيخ مجيب جو گرو ۽ اڳواڻ بڻجي ويو. ان وقت لکين مسلمان نوجوانن وانگر شيخ مجيب به اهو ئي سمجهندو هو ته پاڪستان حاصل ڪري، هندستان جا مسلمان پنهنجي مستقبل کي سنواري ۽ پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻي سگهن ٿا، تنهنڪري هن وڌي چڙهي پاڪستان جي تحريڪ ۾ حصو ورتو. پر ان وقت تائين منجهس بنگالي قوم پرستي جو ٻج پڻ ڦٽي چڪو هو. جڏهن جو ثبوت خود شيخ مجيب جي آتم ڪهاڻي ٿي ڏي.
شيخ مجيب لکي ٿو. 1946ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو دهلي ۾ ڪنوينشن ٿيو. آئون به جناح صاحب، سهروردي ۽ ٻين بنگالي مسلم ليگي اڳواڻن سان گڏ اسٽيج تي ويٺو هوس. جڏهن به ڪو نعرو اردو ۾ ٿي لڳو ته اسان (نوجوان اڳواڻ) بنگاليءَ ۾ به نعرو هڻڻ شروع ڪري ٿي ڏنو. دراصل اسان بنگالي مسلمانن جا ٻه رخ هئا. هڪ اهو يقين ته اسين مسلمان آهيون ۽ ٻيو اهو ته اسين بنگالي آهيون.
ڪانگريسي اڳواڻ پاڪستان جي قيام جا سخت مخالف هئا، تنهنڪري پنهنجون گهرون مڃرائڻ لاءِ مسلم ليگ پهريون ڀيرو احتجاج ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو. ۽ 16 آگسٽ 1946ع تي ”ڊائريڪٽ ايڪشن“ ملهايو، دعا اها هئي ته ان ڏينهن مسلمان پرامن انداز ۾ هڙتال ڪن. ان ڏينهن ڪلڪتي ۾ صبح جو سوير ئي پر جوش مسلمان نوجوانن ڪوشش ڪئي ته شهر جا سڀئي دوڪان بند ڪرايا وڃن، جيئن هڙتال ڪامياب رهي. جڏهن هندو گهڻائي وارن علائقن ۾ دڪان بند ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي ته جهيڙو ٿي پيو، جنهن جلد ئي فرقيوارڻن فسادن جي شڪل اختيار ڪري ورتي، فسادن جي دوران ٽن چئن ڏينهن ۾ چار هزار ماڻهو مارجي ويا. ان دوران شيخ مجيب مصيبت سٽيلن جي مدد ڪندو رهيو. هو لکي ٿو، ڪلڪتي جا هنڌو ڏاڍا ڊڄڻا هئا. هو ان وقت مسلمانن تي حملو ڪندا هئا، جڏهن کين هڪ ٻه مسلمان نظر ايندا هئا.
جون 1947ع ۾ شيخ مجيب اسلاميه ڪاليج مان بي ـ اي ڪري ورتي. ان مهيني کيس خبر پئي ته بنگال ورهايو ويو آهي. کيس اهو ڄاڻي بي حد ڏک ٿيو ته ڪلڪتي کي هندستان ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هو لکي ٿو، انگريز سرڪار خبر ناهي ڇو ڪلڪتي کي هندستان ۾ شامل ڪيو؟ اهو فيصلو آئون اڄ سوڌي سمجهي نه سگهيو آهيان.
سندس اڳواڻ حسين سهروردي ڪلڪتي ۾ ئي ٽڪي پيو. هن اتي مسلمانن جو سهارو بڻجڻ ٿي چاهيو. پرهن شيخ مجيب کي اوڀر پاڪستان وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو اتي سڀني فرقن ۾ هم آهنگي ۽ محبت پيدا ڪج، جيڪڏهن اوڀر بنگال، ۽ اوڀر پاڪستان ۾ فساد ٿيا ته تباهي اچي سگهي ٿي. ڪوشش ڪج ته هندو اوڀر پاڪستان مان لڏپلاڻ نه ڪن.“ پر اوڀر پاڪستان مان ڪيترائي هندو، هندستان لڏي ويا.
نئين ديس ۾
شيخ مجيب ڍاڪا هليو آيو. ۽ اتي هن ڍاڪا يونيورسٽي جي قانون واري ڊپارٽمنٽ ۾ داخلا ورتي ۽ سياسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لڳو. قيام پاڪستان کان پوءِ مسلم ليگ ۾ ڌڙي بندي عروج تي پهچي وئي هئي، ان کان بنگال مسلم ليگ به آجي نه هئي. جنهن جو پهريون لقاءُ جماعت جي شاگرد ونگ ’آل انڊيا مسلم ليگ اسٽوڊنٽ ليگ‘ جي ورهاست سان سامهون آيو. اربع 4 جنوري 1948ع تي حسين سهروردي جي حامي شاگرد اڳواڻن شيخ مجيب الرحمٰن ۽ نورالدين اوڀر پاڪستان اسٽوڊنٽ ليگ جو بنياد وڌو. جڏهن ته خواجه ناظم الدين جي حامي شاگرد اڳواڻ انور حسين ۽ شاهه عزيز الرحمٰن ’آل اوڀر پاڪستان مسلم اسٽوڊنٽ ليگ‘ قائم ڪري ورتي. ٻنهي تنظيمن جي نالن مان اها ڳالهه چٽي هئي ته ان ورهاست جي پويان نظرياتي جنگ (سيڪيولر بمقابله قدامت پسند) به هئي.
ٻولي جو مسئلو
پاڪستان جي قيام کانپوءِ، حڪومت پاڪستان، اردوءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. تنهنڪري اوڀر پاڪستان جي صوبائي حڪومت کي حڪم مليا ته اسڪولن ۾ تعليم جو ذريعو اردو هوندي. تنهن کان سواءِ سڪن، ٽپال جي ٽڪلين ۽ سرڪاري ڪاغذن تان بنگالي زبان جا لفظ ختم ڪيا ويا. پر بنگالي قوم پرستن اها صورتحال مڃڻ کان انڪار ڪيو. سندن گُهر هئي ته اوڀر پاڪستان ۾ اردوءَ سان گڏ بنگالي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي بنايو وڃي. ان سلسلي ۾ ڍاڪا ۽ اوڀر پاڪستان جي ٻين شهرن ۾ شاگردن حڪومت جي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍيا. پر بدقسمتيءَ سان حڪومت معاملي کي سنجيدگي سان نه ورتو، ائين اها تحريڪ سڄي صوبي ۾ پکڙجي ويئي. ان ئي احتجاجي تحريڪ اتي قومپرستيءَ جي جذبن کي اُڀاريو، جيڪا نيٺ بنگلاديش ٺهڻ جو سبب بڻي.
شيخ مجيب الرحمٰن ان تحريڪ جو سرگرم اڳواڻ ٿي اُڀريو. تنهن ڪري کيس 1949ع جي شروع ۾ ملڪ دشمن سرگرمين جي الزام ۾ ڍاڪا يونيورسٽيءَ مان ڪڍيو ويو. هو پوءِ مسلم ليگ کان بيزار ٿي بنگالي اڳواڻن سان وڃي گڏيو، جنهن جو اڳواڻ مولانا ڀاشاني هو. 23 جون 1949ع تي مولانا ڀاشانيءَ پنهنجي سياسي پارٽي آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ جو بنياد رکيو. شيخ مجيب جي اسٽوڊنٽ ليگ ان جو حصو بڻجي وئي، هو پارٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ان پارٽي جي قيام جو مقصد اهو هو ته پاڪستاني عوام کي طاقتور جاگيردارن جي خلاف متحرڪ ڪيو وڃي، جيڪي بنگالي اڳواڻن چواڻي مسلم ليگ تي قابض ٿي ويا هئا.
حڪومت سان مقابلو
هاڻ پوليس، شيخ مجيب جي پويان لڳل رهندي هئي، ڇو ته هو حڪومت جي نظرن ۾ کٽڪڻ لڳو هو. هڪ ڀيرو هن پنهنجي گهر جي ڇت تان پاڙي ۾ ٽپو ڏنو. دراصل کيس مولانا ڀاشاني هدايت ڪئي هئي ته پوليس جي هٿ متان چڙهين، نه ته سڀ سياسي سرگرميون بيهي رهنديون.
هڪ ڀيرو شيخ مجيب پنهنجي اڳواڻ کي چيو: آئون نيٺ به ته ڪيستائين پوليس کان ڀڄندو وتندس آءٌ ڪو غلط ڪم ته نه پيو ڪريان. تنهن تي مولانا ڀاشاني کيس هدايت ڪئي ته هو لاهور وڃي. پنهنجي گرو حسين شهيد سهروردي سان گڏجي، جيڪو پاڪستان اچي چڪو هو. تنهنڪري شيخ مجيب ڊسمبر 1949ع ۾ لاهور پهچي ويو. شيخ مجيب پنهنجي سرپرست کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون پوري ۽ سگهه سان نئين پارٽيءَ کي چٿڻ جي لاءِ نڪري پيون آهن. پر جڏهن کيس خبر پئي ته سهروردي ڪجهه ڏينهن جي لاءِ شهر کان ٻاهر ويل آهي ته مجيب ڏاڍو پريشان ۽ بي چين ٿي ويو. دراصل سندس کيسي ۾ رڳو ٻه روپيا وڃي بچيا هئا. تنهن کان سواءِ هن گرم ڪپڙا به پاڻ سان نه آندا هئا، تنهنڪري پنجاب جي سردي سندس ڏند کڙڪائڻ شروع ڪري ڏنا. نيٺ سهروردي جي ساٿين بنگالي نوجوان جي خبر گيري ڪئي ۽ سندس سار سنڀال لڌي. سهروردي موٽي آيوته هن شيخ مجيب کي هوٽل ۾ ترسايو ۽ اولهه پاڪستان جي سياستدانن سان ملرايو.
واپسيءَ جو سفر شيخ مجيب لڪندي ڇُپندي ڪيو ۽ پوليس سان لڪ لڪوٽي ڪندو رهيو. وڏن شهرن ۾ ريل بيهندي هئي ته انٽيلي جنس وارا کيس ڳولهڻ لاءِ پهچي ويندا هئا. ان مهل شيخ مجيب ڪنهن وڻ يا ڪنهن اڏ جي پويان لڪي بيهي رهندو هو ۽ ريل هلڻ شروع ڪندي هئي ته ڊوڙندو وڃي چڙهندو هو. ان دوران ڪڏهن هو ڪارو چشمو ته ڪڏهن هيٽ ۽ اوور ڪوٽ پائي پنهنجي شخصيت کي لڪائيندو ڳوٺ پهچي ويو.
جلد ئي سهروردي به آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ جو حصو بڻجي، پارٽي جو اڳواڻ بڻجي ويو. سندس اڳواڻيءَ ۾، شيخ مجيب نئين سياسي پارٽي جي تنظيم سازيءَ ۾ مصروف ٿي ويو ۽ ان کي عوام ۾ مقبول بنائي ڇڏيائين. پر پارٽي کي اوڀر پاڪستان ۾ ئي مقبوليت حاصل ٿي.
محمد علي بوگر اسان مُنهان منهن
1954ع ۾ اوڀر پاڪستان جي صوبائي چونڊن ۾ ‘جگتو فرنٽ’ کي ڪاميابي ملي. اهو بنگالي قومپرست پارٽين جو اتحاد هو. جنهن ۾ ‘آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ’ به شامل هئي. اهو اتحاد مسلم ليگ کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب به رهيو. هاڻ مولوي فضل الحق صوبي جو وزير اعليٰ بڻيو. شيخ مجيب زراعت وارو وزير مقرر ٿيو. هو ڪابينا ۾ سڀني کان ننڍي وهي وارو وزير هو.
ان زماني ۾ هڪ انوکو واقعو شيخ مجيب پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي. هڪ ڏينهن (بنگالي) وزير اعظم محمد علي بوگرا جي صدارت ۾ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ان ۾ هو وزير اعليٰ مولوي فضل الحق سان نهايت تلخ ۽ ڪاوڙيل انداز ۾ پيش آيو. اهو منظر جوشيلي نوجوان شيخ مجيب کان سَٺو نه ٿيو ۽ هن وزيراعظم کي روڪيو. جنهن تي محمد علي بوگرا چڙي پيو ۽ هن ڪاوڙ مان چيو، ”مجيب الرحمٰن! مون وٽ تو بابت هڪڙو ٿلهو فائيل موجود آهي“ وزيراعظم هٿ سان اشارو ڪندي چيو.
پر نوجوان مجيب ڊڄڻ بدران وراڻيس، ”جناب ! اها قدرتي ڳالهه آهي ته منهنجي لاءِ ايڏو ٿلهو فائيل ٺاهيو وڃي. اها اوهان جهڙن ماڻهن جي ئي مهرباني آهي، جو مون پنهجي زندگي جو ڳچ عرصو جيلن ۾ گذاريو آهي. پر اسان (صوبائي حڪومت) به اوهان بابت فائيل تيار ڪيو آهي؟“
وزير اعظم پاڪستان ڇرڪي پڇيو، ”ڇا مطلب؟“
شيخ مجيب وراڻيس، ”1947ع ۾ جڏهن (اوڀر پاڪستان ۾) خواجه ناظم الدين ڪابينا ٺاهي ته اوهان کي ان ۾ شامل نه ڪيو ويو (تنهنڪري اوهين ناراض ٿي پيا) 1948ع ۾ جڏهن اسان ٻولي واري مسئلي تي احتجاج ڪيو ته اوهان اسان کي ڳجهي نموني ٻه سؤ روپيا ڦوڙي ڏني. ڇا اوهان کي اها ڳالهه ياد آهي؟ گهڻا ماڻهو پنهنجو ماضي وساري ٿا ڇڏين.“
جگتو فرنٽ، وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته اوڀر پاڪستان کي وڌيڪ خود مختياري ڏني وڃي. جيڪا ڳالهه وفاقي حڪومت کي منظور نه هئي. تنهنڪري اهو بهانو بنائي 29 مئي 1954ع تي گورنر جنرل غلام محمد ’جگتو فرنٽ‘ جي حڪومت هٽائي ڇڏي. ان قدم تي ڪنهن به وزير احتجاج نه ڪيو. ايتريقدر جو وزير اعليٰ به خاموش رهيو. رڳو شيخ مجيب ئي احتجاج ڪيو، ته کيس گرفتار ڪري جيل ۾ واڙيو ويو. 1955ع ۾ شيخ مجيب جي زور ڀرڻ تي آل پاڪستان عوامي مسلم ليگ مان ’مسلم‘ لفظ ڪڍيو ويو. شيخ صاحب جو چوڻ هو ته پاڪستان ٺهي چڪو آهي، تنهنڪري هاڻ مذهبي يا فرقيواراڻي بنياد تي سياست ڪرڻ جي گهرج ڪونهي.
همعصر: سندس نظر ۾
شيخ مجيب جون يادگيريون 1955ع تائين پهچن ٿيون. پرسندن اولهه پاڪستان جي حڪمران طبقي سان ٽڪراءُ جاري رهيو، جيڪو نيٺ بنگلاديش جي قيام تي ختم ٿيو. پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ شيخ صاحب ڪيترن ئي ناليوارن سياسي اڳواڻن جي باري ۾ لکيو آهي، هن محمد علي جناح جو ذڪر احترام سان ڪيو آهي. پر اهو به لکيو آهي ته هن اردو کي بنگالين تي ٿاڦڻ ٿي چاهيو. سندس نظر ۾ لياقت علي خان مغرور ۽ سياسي حقيقتن کان بي خبر انسان هو. اهو ئي سبب آهي ته هن 1949ع ۾ وزير اعظم پاڪستان جي حيثيت سان ڍاڪا جو دورو ڪيو ته اتي صحافين جي پڇڻ تي وراڻيو، ”عوامي مسلم ليگ.. اها وري ڪهڙي جماعت آهي؟ پهريون ڀيرو نالو ٻڌو اٿم.“
گانڌي جو ذڪر ڪندي شيخ مجيب کيس ”جادوگر“ قرار ڏنو آهي، هو لکي ٿو، ڪلڪتي ۾ مسلمانن تي حملا جاري هئا، هندو ڪنهن به صورت ۾ کين بخشڻ جي لاءِ تيار نه هئا. پر گانڌي جي پهچڻ سان ئي ماحول بدلجي ويو ۽ هندو مسلم ڀائي ڀائي جا نعرا گونجڻ شروع لڳا. گانڌي پنهنجي قوم کي پنڊپهڻ جو گُر ڄاڻندو هو.
مائونٽ بيٽن جو ڪردار
آتم ڪهاڻي ۾ هندستان جي آخري وائسراءِ لارڊ بيٽن جي ڪردار جي ذڪر تفصيل سان ڪيو ويو آهي. جنهن جو تت اهو آهي ته جڏهن جناح صاحب مائونٽ بيٽن کي پاڪستان جو گورنر جنرل بنائڻ کان انڪار ڪيو ته هو آزاد مسلم مملڪت جي ئي خلاف ٿي ويو. پوءِ هن ڪيترن ئي معاملن ۾ ڳجهي نموني ڪانگريس جو ساٿ ڏنو ۽ پاڪستان کي هر ممڪن طريقي سان نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي شيخ مجيب لکي ٿو. ”هندستان ۽ پاڪستان جون سرحدون مقرر ڪرڻ جي لاءِ ذميواري سرريڊ ڪلف کي سونپي وئي. پر مائونٽ بيٽن ۽ ڪانگريس پر ٻاهريون ئي سرحدون مقرر ڪري ڇڏيون. تنهنڪري ريڊ ڪلف جي ئي ڳجهين رٿن کي عملي جامون پهرايو. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن هن مائونٽ بيٽن، پاڪستان جو گورنر جنرل بڻجي وڃي ها ته پڪ سان هن آزاد مملڪت کي نقصان نه پهچي ها. منهنجو ته اهو ئي خيال آهي“.
شيخ صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ سرونسٽن چرچل ۽ ابراهام لنڪن کي پنهنجو هيرو قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته انهن پرڏيهي اڳواڻن جيان شيخ مجيب به شعله بيان مقرر هو، ۽ پنهنجي جوش خطابت سبب جلسي کي پنهنجي منڊ ۾ منڍي ڇڏيندو هو. آتم ڪهاڻي ۾ سڀاش چندر بوس ۽ قاضي نذر السلام جو به سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي.
مطالعي جي عادت
اهي يادگيريون بنگالي زبان ۾ لکيون ويون آهن، جنهن مان اها ڳالهه چٽي ٿي ته شيخ مجيب قلمڪاريءَ جو جوهر به رکندو هو، ان صلاحيت کي دراصل مطالعي جي عادت چمڪايو. سندس ڪتب خاني ۾ ادب، سياست، تاريخ، عمرانيات ۽ سائنس بابت سوين ڪتاب موجود هئا. اها لائبريري اڄ به سندس گهر (هاڻي ميموريل) موجود آهي.
14 آگسٽ 1975ع تي جڏهن فوجي سندس گهر ۾ گهڙيا ته شيخ مجيب برنارڊشا جو ڊرامو Man and Super Man پڙهي رهيو هو، ڍاڪا جي مشهور اخبار ”دي اسٽار“ جي چيف ايڊيٽر سيدبدرالحسن، شيخ مجيب جي مطالعي جي ذوق تي تبصرو ڪندي لکيو آهي.
”جڏهن سندس واسطو اولهه پاڪستان جي سياستدان سان پيو ته هن پنهنجي مطالعي جي عادت مان خوب فائدو ورتو، هن تاريخ پڙهي هئي. تنهنڪري هو پنهنجي ڳالهين ۾ سياسي، تاريخي، سماجي ۽ معاشي حقيقتن جا اهڙا ته زوردار دليل ڏيندو هو، جو سامهون وارو لاجواب ٿي ويندو هو. ذوالفقار علي ڀٽو سندس سڀ کان وڏو حريف هو. ڀٽو به مطالعي جو شوقين هو، پر هو سندس انا ۽ غرور ختم ڪري نه سگهيو. جڏهن ته شيخ مجيب جي نظر ۾ مطالعو هڪ فن هو، جيڪو هن صحت مندانه سياست ڪندي خوب آزمايو. اها سندس سياسي سمجهه ۽ مطالعي جي عادت ئي هئي. جو هن ڏاڍي نفيس انداز ۾ ايوب خان، جنرل يحيٰ خان، ۽ ڀٽي جهڙن سگهارن، پر چالاڪ اڳو اڻن کي منهن ڏنو.
اهي يادگيريون وڏي حد تائين انهن سببن کي چٽو ڪن ٿيون. جن هڪ سرگرم مسلم ليگي ڪارڪن، شيخ مجيب الرحمٰن کي بنگالي قوم پرست اڳواڻ بڻايو. تنهن کان سواءِ اهي وچين طبقي سان واسطو رکندڙ هڪ اهڙي نوجوان جو اثرائتو داستان به آهن، جنهن ڪجهه ڪري ڏيکارڻ ٿي چاهيو. تنهنڪري هن سياست جي ميدان ۾ وک وڌائي ۽ نيٺ پاڻ کي مڃائي ڏيکاريو.