جمال عبدالناصر جي ڪهاڻي
منهنجو پيءُ عبدالناصر حسين ”بيني مود“ ۾ سڀ پوسٽ ماستر هو. جڏهن مون هوش سنڀاليو ته منهنجي ماسيءَ مون کي ڏاڍي پيار ۽ اُڪير مان ٻڌايو ته جنهن ڏينهن تون پيدا ٿيو هئين، ان ڏينهن سندس ڀيڻ يعني منهنجي ماءُ جو چهرو ايئن پي ٻهڪيو، ڄڻ سج جي روشنيءَ ۾ وهتو هجي، کيس منهنجي جنم جي تاريخ يعني 15 آڪٽوبر ان واقعي جي ڪري چٽي طرح ياد هئي، جڏهن هن مون سان مٿين ڳالهه ڪئي ته اهو 1926ع جو زمانو هو. ان مهل آئون اسڪول وڃي رهيو هوس ته ڪنهن مون کي ٻڌايو ته منهنجي مٺڙي امڙ گذاري وئي آهي. اهو ٻڌي منهنجي اکين جا بند ڀڄي پيا. امڙ جي وڇوڙي جي غم آئون اڃا سوڌي وساري نه سگهيو آهيان. جيتوڻيڪ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ سندس مامتا جي تصوير ايتري گهٽ وهيءَ ۾ اڀري نه سگهي هئي. وقتي طور تي منهنجي ماسيءَ جي لفظن منهنجي اندر ۾ اُلا ٻاري ڇڏيا هئا.
1930ع ۾ ’هائير سيڪنڊر‘ جي امتحان کان پوءِ مون محسوس ڪيو ته نهر سيئز جي علائقي ۾ برطانوي سامراج جي بربريت مصري رهاڪن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. سڄي اُپت تي واپاري قوم غاصباڻو قبضو ڪري چڪي هئي ۽ جيڪو ڪجهه مصر جي خزاني ۾ ايندو هو، اهو نالي ماتر هو ۽ سو به ”شاهي محلات“ ۽ عياشي جي لاءِ هليو ويندو هو. منهنجا سنگتي مون کي شرميلو ۽ اٻوجهه تصور ڪندا هئا. پر وطن جي درد ۽ هم وطنن جون تڪليفون مون کان ڏٺيون ڪو نه ٿي ٿيون ۽ مون سياسي پارٽين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. پنهنجي قوم جي ڀلائي ۽ بهتريءَ جي ڪوشش جي نتيجي ۾ مون کي جيل جي لوهي سيخن پويان ڌڪيو ويو. جيل ۾ وڃي مون محسوس ڪيو ته اها جانورن جي طنبيلي کان به بڇڙي جاءِ آهي. جيل ۾ هئڻ جي دوران مون قيدين جي شعور ۽ احساس جي انهن جذبن کي جنجهوِڙڻ ۽ جاڳائڻ شروع ڪيو، جيڪي ڪنهن زندهه قوم جي لاءِ ضروري آهن . جيل جي اندر مليل تڪليف منهنجي لاءِ رهبريءَ جو ڪم ڪيو ۽ آءٌ سياست کي ڇڏڻ بدران وڌي چڙهي ان ۾ حصو وٺڻ لاءِ بي تاب ٿي ويس.
جيل مان نڪرڻ کان پوءِ مون ”ملٽري ڪاليج“ ۾ داخلا جي لاءِ درخواست ڏني. پر منهنجي اها درخواست رد ڪئي وئي. اهو هڪ يادگار انٽرويو هو، جيڪو مون فوجي اڪيڊميءَ جي ڪائونسل ۾ ڏنو هو. برطانوي فوجي آفيسر به ان ڪائونسل ۾ موجود هئا. مون کان جيترا به سوال پڇيا ويا، مون انهن جا صحيح جواب ڏنا. انٽرويو بورڊ مون کان هي سوال به پڇيو ته مون 1935ع جي مظاهرن ۾ حصو ورتو هو؟ ظاهر آهي ته مون کان ڪوڙ ڳالهائڻ نه پُڳو. ڪوڙ کان مون کي ايتري ئي نفرت آهي، جيتري انتظار کان. مون ‘هاڪار’ ۾ جواب ڏنو. بورڊ مون کان پڇيو ته تون امير آهين يا نه؟- اڳ ۾ تنهنجي ڪٽنب مان ڪو ٻيو شخص فوج ۾ آفيسر ٿي گذريو آهي يا نه؟ انهن سڀني سوالن جو مون وٽ جواب ”نه“ ۾ هو. بهرحال مون جهڙي ڇهن فوٽن واري هڏ ڪاٺ واري نوجوان کي رڳو ان ڪري داخلا نه ڏني وئي ته آئون 1935ع ۾ برطانوي شهنشاهيت جو خلاف مظاهرن ۾ حصو وٺڻ سبب جيل جي هوا کائي چڪو هوس.
ان انٽرويو جي انجام کان با خبر ٿي، مون قانون جي تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڏني، پر جلد ئي مون محسوس ڪيو ته لاقانونيت ۽ شهنشاهيت جو هن دور ۾ قانون جو ماهر ٿي، بنا مفاد جي خدمت ڪري نٿي سگهجي. ان عرصي دوران مون کي پنهنجي ضمير جو خون ڪرڻو پوندو. آئون ٻيو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار هئس، پرضمير کي قتل ڪرڻ جي ليڪ منهنجي هٿ ۾ شروع کان ئي نه هئي. ٻه سال ٻيا به گذري ويا ۽ 1938ع منهنجي زندگيءَ ۾ داخل ٿي ويو. آئون قانون جي تعليم هڪ سال اڳ حاصل ڪرڻ ڇڏي، ملٽري ڪاليج ۾ داخلا وٺي چڪو هئس. نئين سال منهنجي لاءِ نئون لباس آندو. اهو لباس سيڪنڊ ليفٽينٽ جو يونيفارم هو. وقت جو ڪئلينڊر هڪ هڪ مهينو ڪري مهيني ۽ سال جا صفحا اهڙي طرح ورائيندو ويو، جيئن سُڪل وڻ، سڪل پنن کي ڪيرائي ڇڏيندا آهن.
مصري عوام اڃا به زندگي جي هڻ وٺ ۾ غلامن وانگر ڦاٿل هئي. نه انهن کي ڳالهائڻ جي ۽ نه ئي وري ٻولهائڻ جي موڪل هئي. نه ئي وري هو سُکي زندگي گذاريندا هئا. هو هڪ اهڙي جيل جا باندي هئا، جنهن ۾ هو صبح ۽ شام محنت ۽ مزدوري ڪرڻ کان پوءِ شام جو رکو سکو ٽڪر ڀور کائي سمهي پوندا هئا.
جنگ جا ڪارا ڪڪر هڪ ڀيرو ٻيهر يورپ جي فضائن تي ڇانئجي ويا. هڪ جنگ ان وقت شروع ٿي هئي، جڏهن آئون ڄائو هئس ۽ ٻي جنگ وري ان وقت شروع ٿي هئي، جڏهن مون ۾ جوانيءَ جو احساس جاڳيو هو. برطانوي حڪمرانن سڄي مصر کي ڪوڙا واعدا ۽ ڏٽا ڏئي، پاڻ سان جنگ ۾ شامل ڪيو هو، جرمنيءَ جو هٽلر ۽ اٽلي جو موليني شينهن وانگر گرجي رهيا هئا. مصر انهن جي لاءِ قرباني جو ٻڪرو هو.
آئون به ان جنگ ۾ شامل هئس، ڪيپٽن جمال عبدالناصر جي حيثيت سان نه پر هڪ سواليءَ جي حيثيت سان، جنهن سان وعدو ڪيو ويو هو ته جنگ جيتڻ کان پوءِ مصر کي خوشحالي، شادابي ۽ سر سبزي جي چشمن ۾ وهنجاريو ويندو. پر انهن وعدن کي وفا ڪرڻ جي بدران انگريزن سازش ڪري فلسطين جو سر زمين کي يهودي پرمارن جي حوالي ڪري هڪ مستقل مصيبت کڙي ڪري ڇڏي. مون کي انگريزن جي وعدن ايترو ته خوش فهميءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، جو مون ”الامين“، جو مورچو فتح ڪندي موت ۽ زندگيءَ کي هڪ جهڙو قرار ڏنو. ان مورچي جي فتح جو سهرو منهنجي مٿي تي ٻڌندي، مون کي ميجر بڻايو ويو. ظاهري طرح اهو هڪ وڏو فوجي اعزاز هو. منهنجي ڪلهن تي تارن جي جاءِ تي تاج لڳايو ويو. پر جڏهن انگريز پرمارن فلسطين جي مسئلي تي پنهنجي بي ايمانيءَ جو ثبوت ڏنو ته مون قاهره جي رستن تي پنهنجي فوجي وردي ڦاڙي، ان کي ٿڏا هنيا. ماڻهو ان منظر کان ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ منجهن برطانوي سامراج خلاف نفرت ۽ حقارت جا جذبا جاڳيا.
ان بي ايمانيءَ منهنجا قدم پنهنجي اباڻي شهر بدران، فلسطين جي ميدان ڏانهن موڙي ڇڏيا. جتي مون ۾ جنون جي حد تائين پنهنجي زندگي قربان ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيو. مون کي ذلت جي زندگي کان نفرت آهي، مون ۾ انصاف جو خون ٿيندي ڏسڻ جي ڪڏهن به همت نه رهي آهي. صيهوني درندن سان وڙهندي مون ڪڏهن به نرمي کان ڪم نه ورتو ۽ نتيجو اهو نڪتو ته منهنجي کاٻي ڪلهي ۾ هڪ اسرائيلي سپاهي جي گولي اچي لڳي، گهڙي کن لاءِ مون ايئن محسوس ڪيو ته منهنجي سڄي جسم ۾ باهه گهڙندي پئي وڃي. مون نفرت مان ان گوليءَ کي ڪڍي ڦٽو ڪيو. عرب قومپرستيءَ جو جنون مون ته ايمان جي جذبي وانگر سوار هو، جيڪو مون کي جان جي قرباني ٿي ڀڙڪائي رهيو هو. بهرحال گوليءَ منهنجي اعصابن تي ايترو ته اثر ڪيو، جو نيٺ منهنجي ساٿين مون کي زبردستي اسپتال داخل ڪيو.
فلسطين کي يهودين جي قبضي مان آزاد ڪرائڻ جي لاءِ عرب فوج اها ڳالهه چڱي طرح محسوس ڪئي ته وٽن جديد هٿيارن جي سخت کوٽ آهي. ان لاءِ مصري فوج ۾ هڪ اهڙي جماعت جو بنياد رکيو ويو، جنهن کي ”آزاد آفيسرس“ جو نالو ڏنو ويو. اسپتال ۾ علاج جي دوران آئون لڳا تار عربن جي آئيندي جي باري ۾ سوچيندو رهيس. مصر جي غريب عوام ۽ مسڪين هارين جي خراب حالت منهنجي ڄڻ ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي. ”نهر سئيز“ جي علائقي ۾ برطانوي سامراج جون من مستيون ڪينسر جي مرض وانگر پکڙجي چڪيون هيون ۽ ان ڪينسر جو آپريشن ڪرڻ جي لاءِ ”آزاد آفيسرن جي انقلابي ڪائونسل“ جنرل نجيب جي اڳواڻي ۾ شاهه فاروق کي تخت تان لاهي، 1952ع ۾ ايڪيهن توپن جي سلامي ڏئي رومي سمنڊ جي خوبصورت ٻيٽ ”ڪاپيري“ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو .
شاهه فاروق ڪڏهن به پنهنجي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪو قدم نه کنيو. مصري عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ پريشان هئي، پر شاهه فاروق ”شاهي محل“ ۽ دنيا جي سهڻن ۽ مهنگن هوٽلن ۾ عيش ۽ عشرت ۾ مشغول هو. خود کيس اهو احساس هو ته هڪ ڏينهن کيس شاهي محل مان ڌڪي ڪڍيو ويندو ۽ سندس مٿي تي رکيل تاج ڪک پن تي اڏامي ويندو. هو چوندو هو، ”دنيا ۾ فقط ٻه بادشاهه رهندا، هڪ برطانيا ۾ ۽ ٻيو تاش تي پتن تي.“ ۽ شايد هن ان ڏينهن جي لاءِ سڀئي خوشيون هڪ ئي ڏينهن ۾ ماڻڻ ٿي چاهيون. بهرحال، شاهه فاروق جي عياشي جو جيڪو رد عمل ٿيو، سو هر جابر ۽ غاصب حڪمران لاءِ هڪ اڻ وسرندڙ سبق آهي. هيءَ دنيا عمل جي جاءِ آهي برائي ۽ ڀلائي جو بدلو هر ماڻهو کي، موت کان اڳ هن ئي جهان ۾ ملي وڃي ٿو.
ٻه سال ٻيا گذري ويا، جنرل نجيب به ان درد جي دوا ڳولهي نه سگهيو، جنهن سان پيداوار مصر صحتياب ٿي سگهي. نيٺ 1956ع ۾ کيس ذميوارين تان آجو ڪري مصري عوام وزير اعظم عهدو منهنجي حوالي ڪيو. وزير اعظم جو عهدو سنڀالڻ کان پوءِ مون ”قصر الڪونج“ ۾ رهڻ جي بدران، قاهره ۾ ٺهيل هڪ ننڍي جديد قسم جي گهر ۾ پنهنجي زال ۽ پنجن ٻارن سميت رهڻ شروع ڪيو. منهنجي ضمير مون کي ان ڳالهه جي اجازت نه ٿي ڏني ته منهنجي ملڪ جو عوام اٽي، لٽي ۽ اجهي کان محروم هجي ۽ آئون عيش عشرت سان محل ۾ رهان. منهنجي ٻنهي ڌيئرن بدي ۽ مونا، منهنجي زال طحيه ۽ ٽنهي پٽن خالد، عبدالحڪيم ۽ عبدالڪريم به محلن جي زندگيءَ کي پسند نه ڪيو.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نوانوي سيڪڙو ووٽن جي اڪثريت سان مون کي مصر جي جمهوري حڪومت جو صدر چونڊيو ويو. هن قسم جو اعزاز ڪنهن به جمهوري چونڊ ۾ اڳ ۾ ڪنهن ٻي شخص کي نه مليو هو. ڪجهه ماڻهن مون کي ڪميونسٽ قرار ڏنو، ڇو ته مون مصر کي اهڙو آئين ڏنو، جيڪو عوام کي اعليٰ قدرن جو تاجدار بنائڻ جو پيش خيمو هو. آئون اها ڳالهه چٽي ڪرڻ گهران ٿو ته آئون نه ڪميونسٽ آهيان ۽ نه ئي وري روسي ڪميونزم جو قائل آهيان. مصري سوشلزم ۽ روسي ڪميونزم ۾ وڏوفرق آهي. منهنجو مقصد مصر جو عوام جي خوشحالي ۽ عرب اتحاد کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
”نهر سئيز“ ۽ ان جو مسئلو منهنجي زندگي جي شروعات کان وٺي منهنجي ڌيان جو مرڪز رهيو آهي. 1935ع ۾ مون کي ان ئي سلسلي ۾ جيل جي هوا کائڻي پئي، هاڻ جڏهن آئون مصر جي سڀني طاقتن جو مرڪز بڻجي ويو هوس ته ان سال يعني 1956ع ۾ مون ”نهر سئيز“ کي پرڏيهي قبضي ۽ اقتدار مان ڪڍي عوام جي هنج ۾ وجهي ڇڏيو. ان واقعي سڄي دنيا ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏي. انصاف پسند قوتن ان جو آڌر ڀاءُ ڪيو. جواهر لال نهرو ۽ مارشل ٽيٽو خوشيءَ مان نعرا هنيا. پر آمريڪا جي هُشيءَ تي فرانس، برطانيا ۽ اسرائيل مصر تي حملو ڪري، ان فيصلي کي واپس وٺڻ تي مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر آئون جبل جيان فيصلي تي اٽل رهيس. جنگ جي دوران مصري عوام کي گهڻين تڪليفن ۽ ڏکن کي منهن ڏيڻو پيو. تنهن هوندي به هنن هيڻي نه ٻولي. ۽ ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ حملو ڪندڙ سپاهين پنهنجن پنهنجن ملڪن جي فوجي بئرڪن ۾ شرم ۽ ڦڪائيءَ جي ڪري منهن لڪائڻ لاءِ مصر جا مورچا خالي ڪري هليا ويا. نهر سئيز کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ ڪنهن به صورت ۾ بين الاقوامي ڏوهه نه هو. اسان پنهنجي زمين تان پرڏيهي آفائن کي ڪڍي، ان کي پنهنجي سنڀال هيٺ آندو. ان قدم سان مصر کي گهڻي حد تائين اقتصادي مشڪلاتن کان ڇوٽڪارو ملي ويو.
”اسوان بند“ جي اڏاوت جي رٿا جيتوڻيڪ سؤ سيڪڙو منهنجي ذهن جي پيدوار نه آهي، پر تنهن هوندي به ان جي ٺاهڻ جي رٿا ۾ منهنجو ٿورو گهڻو حصو پتي ضرور آهي. آمريڪا ۽ ٻين سامراجي طاقت اُن رٿا جي لاءِ قرض جي صورت ۾ مالي ۽ مادي امداد ڏيڻ جي باوجود به بيوفائي جو ثبوت ڏنو. پر 1958ع ۽ روسي حڪومت، مصر جي مدد لاءِ تيار ٿي وئي. ان بند جي اڏاوت سان مصر جي پندرهن لک ايڪڙ زمين آباديءَ جي لائق ٿي ۽ لکين گهرن ۾ بجليءَ جا بلب ٻرڻ لڳا.
سوڊان کي آزاد ڪرڻ ۽ هڪ خود مختيار ملڪ ٺاهڻ جي لاءِ مون جيڪو قدم کنيو، مون کي خوشي آهي ته مصر جي ڪنهن به سياسي ڌر ان جي مخالف نه ڪئي، ايئن ڪنهن هل بکيڙي کان سواءِ ٻيئي ملڪ سدائين جي لاءِ هڪٻئي جا ساٿاري بڻجي ويا. پوءِ مون شام ۽ مصر جي وفاق لاءِ جدو جهد ڪئي، پر منهنجو اهو سپنو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سپنو ئي رهجي ويو. مون کي سڄي زندگي ايترو ڏک ڪڏهن به نه ٿيو هو، جيترو ان جي ٽٽڻ جي خبر ٻڌڻ سان ٿيو.