راڻي وڪٽوريا ۽ منشي عبدالڪريم
راڻيءَ کي عبدالڪريم جو عادتون ۽ طور طريقا گهڻو پسند هئا. جن جي ڪري هو جلد ئي راڻي جو پسنديده بڻجي ويو. مشهور مورخ ڊيوڊ ڊف (DAVID DEFF) پنهنجي ڪتاب QUEEN VICTORIAS HIGH LAND JOUNELS جي صفحي 217 تي لکي ٿو:
”راڻي وڪٽوريه جو سيڪريٽري سرهينري پونسنبي (SIR PONSONBY) ٻڌايو ته هندستاني نوڪرن کي حاصل ڪري راِڻي ايئن خوش ٿي، جيئن ٻارڙو رانديڪا حاصل ڪرين خوش ٿيندا آهن.“
راڻيءَ وڪٽوريه، عبدالڪريم کي انگريزي سيکارڻ جي لاءِ هڪ استاد جو بندوبست ڪيو. انگريزي پڙهائيندڙ استاد کي جڏهن شاهي محل ۾ گهرائي ٻڌايو ويو ته کيس هڪ هندستانيءَ کي انگريزي سيکارڻي آهي ته هو گهڻو خوش ٿيو. انهن ڏينهن فقط هندستاني شهزادا ئي انگريزي پڙهڻ ۽ سکڻ جي لاءِ ولايت ويندا هئا. هن عبدالڪريم کي هندستاني شهزادو سمجهي انگريزي سيکارڻ شروع ڪئي. پرجلد ئي استاد کي خبر پئجي ويئي ته عبدالڪريم ڪو هندستاني شهزادو نه، پر راڻي وڪٽوريه جو خاص خدمت گار آهي.
3 آگسٽ 1887ع کان عبدالڪريم انگريزي سکڻ بدران راِڻي وڪٽوريه کي اردو پڙهائڻ شروع ڪري ڏني. ٻئي هر وقت هڪٻئي سان گڏ رهڻ لڳا. تنهنڪري تنقيد ڪندڙن جا وات بند رکڻ جي لاءِ راڻي وڪٽوريه کي اعلان ڪرڻو پيو ته ”هؤ عبدالڪريم کان اردو، هندستاني مذهبن، تهذيب ۽ تمدن جي باري ۾ سکي رهي آهي، اسان جا لاڳاپا فيلسوفانه، سياستدانه ۽ علمي قسم جا آهن. منهنجون سڀئي همدرديون، دل ۽ دماغ منشيءَ مان آهي.“ پوءِ جي واقعن راڻي وڪٽوريه جي انهي ڳالهين کي لفظ به لفظ سچ ثابت ڪيو.
اردو پڙهائڻ سان گڏ، منشي عبدالڪريم، راڻي کي ايشيائي کاڌا به رڌي کارائيندو هو. حاسدن کي اها ڳالهه نه وڻي، هنن راڻي کي ايشيائي کاڌن کان بدظن ڪرڻ جي لاءِ اها ڳالهه مشهور ڪري ڇڏي ته محل ۾ سُنڍ جي ڌپ ٿي اچي، پر راڻي انهن ڳالهين کي نظر انداز ڪري، بدستور ايشيائي کاڌا، مزي سان رڌائي کائيندي رهي.
اسٽينلي وين ٽراب (STANLEY WEIN TRUB) پنهنجي ڪتاب VICTORIA: BIO GRAPHY OF QUEEN جي صفحن 502 تي راڻي جي ڊائري مان هڪ اقتباس نقل ڪيو آهي.
”اڄ مون هندستانيءَ جا ڪجهه لفظ سکيا ۽ آئون عبدالڪريم سان ڳالهيون ڪرڻ کان پوءِ هن نتيجي تي پهتي آهيان ته هندستاني زبان ۽ ماڻهو ٻئي دلچسپ ۽ سوويٽ آهن. انهي جو تصور مون کي عبدالڪريم سان ملاقات کان اڳ نه هو.“
ساڳئي ڪتاب جي صفحي 506 تي ليکڪ لکيو آهي.
بالمورل محل ۾ راڻي عبدالڪريم جهڙي نموني کلندا ڪڏندا ۽ ڪچهري ڪندا آهن، اهي حرڪتون شاهي آدابن ۽ راڻي جي شان جي خلاف آهن. انهيءَ سان محل ۾ ڪم ڪندڙن جي دلين ۾ ڪيترا ئي شڪ شبها جنم وٺي رهيا آهن. سڀئي شاهي خدمتگار ۽ شهزادا انهن حرڪتن تي سڙن ٿا. منشي عبدالڪريم کي به انهيءَ جي خبر هئي، تنهنڪري هو انهن کي ستائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي لاءِ اڃا به وڌيڪ راڻيءَ جي ويجهو رهي، رقيبن جون دليون ساڙڻ جو ڪم ڪندو هو.
عبدالڪريم جي طلسماتي شخصيت راڻي وڪٽوريه تي وڏو اثر ڪيو. سيپٽمبر 1887ع ۾ راڻي وڪٽوريه ”سر هينري“ جي نالي پنهنجي خط ۾ لکيو: ”عبدالڪريم دلڪش شخصيت جو مالڪ آهي، آئون جڏهن ڪاغذن تي صحيحون ڪندي آهيان ته هو مون وٽ ويٺو هوندو آهي ۽ هڪدم ’مس چٽن سان‘ مس ايئن چوسي وٺندو آهي، جيئن ڀئونر، گل جو رس چوسيندو آهي.
سرهينري کي اها ڳالهه نه وڻي، جنهن جو اظهار هن هيٺين لفظن ۾ ڪيو.
”عبدالڪريم ۽ محمد بخش کي نوڪريون ڏيڻ جو مطلب اهو هو ته دنيا کي خبر پوي ته اسان جي ملڪ جون سرحدون دنيا جو ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل آهن. پر راڻي ته مرڳي کين شهزادن وانگر محل ۾ جاءِ ڏني آهي.“
شروع ۾ عبدالڪريم جي فرضن ۾ ماني جي ميز تي راڻي جو خيال رکڻ هو. پر پوءِ کيس ڪاغذ تي راڻي جي صحيح واري مس کي سڪائڻ واري ڪم تي مقرر ڪيو ويو. منشي عبدالڪريم، راڻي وڪٽوريه کي ٻڌايو هو ته سندس پيءُ ڊاڪٽر وزيرالدين، آگري ۾ فزيشن آهي ۽ هو دنيا جي سهڻي روماني عمارت ”تاج محل“ جي شهر ”آگري“ جو رهاڪو آهي. اهو ئي آگرو، جتي دنيا جا پيار ڪندڙ تاج محل جي ڇانوَ ۾ وفا جي وچن کي نباهڻ جا قسم کڻندا آهن. عبدالڪريم جو چوڻ هو ته هو ان سهڻي عمارت جي پاڇي ۾ رانديون ڪندي وڏو ٿيو آهي. هن روزگار جي شروعات ”آگري جيل“ ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪئي. سندس هاڻوڪو ڪم سندس اڳوڻي ڪم کان گهٽ آهي. تنهنڪري کيس سندس مرتبي موجب ڪم ڏنو وڃي.
راڻيءَ ترقي ڏئي کيس پنهنجو منشي مقرر ڪيو. منشي کي مناسب پگهار ڏيڻ کان سواءِ راڻي کيس پنهنجي ذاتي پرس (Privy Purse) مان به پئسا ڏيندي هئي. پئسن کان سواءِ راڻي کيس اها پڻ موڪل ڏني ته هو پنهنجي ڪٽنب کي به انگلينڊ گهرائي. موڪل ملندي ئي عبدالڪريم جو سڄو ڪٽنب، جنهن ۾ سندس زال، گود ورتل پٽ عبدالرشيد، سس ۽ ٻيا مائٽ شامل هئا، لنڊن اچي شاهي رهائش گاهه ۾ رهڻ لڳا.
11 جولاءِ 1890ع تي راڻي وڪٽوريه وائسراءِ هند لارڊ لئنسڊائون کي لکيو. ”عبدالڪريم هڪ مثالي ۽ ڀروسي جوڳو خدمتگار آهي، تنهن ڪري کيس دهلي درٻار ۾ عزت ڀري جڳهه ۽ آگري ۾ جاگير ڏني وڃي.“ راڻي وڪٽوريه پهرين آگسٽ 1890ع تي ساڍي ٽين بجي ”وائسراءِ هنڌ“ کي شملي ٽيلي گرام موڪليو، جنهن ۾ منشي کي آگري جي ڀرپاسي جلد کان جلد جاگير ڏيڻ جو حڪم ڏنو. 28 آگسٽ 1890ع تي وائسراءِ کي هڪ ٻيو ٽيلي گرام مليو. وائسراءِ هنڌ، راڻي وڪٽوريه کي لکيو ته ”آگري جي ڀرپاسي زمين ملڻ ڏکي آهي، تنهنڪري جيئن ئي زمين ملندي تيئن منشي عبدالڪريم کي الاٽ ڪئي ويندي.“
23 سيپٽمبر 1890ع تي راڻي وڪٽوريه ”وائسراءِ هنڌ“ کي خط لکيو. اهو خط منشي عبدالڪريم پاڻ سان گڏ کڻي هندستان روانو ٿيو. راڻي خط ۾ لکيو هو ته: ”منشي کي جلد جاگير ڏني وڃي.“ منشي جو والد ڊاڪٽر وزيرالدين جيڪو ٽيٽيهن سالن جو نوڪريءَ کان پوءِ رٽائرڊ به ٿيو هو، تنهن کي مناسب پينشن ڏني وڃي. ڊاڪٽر وزيرالدين جي جاءِ تي سندس ناٺي ”ڊاڪٽر عالم الله“ کي مقرر ڪيو وڃي. منشي جڏهن دهلي دربار پهچي ته کيس سرڪاري سطح تي خوش آمديد چيو وڃي.
منشي عبدالڪريم کي ان ئي جهاز ۾ سفر ڪرڻو هو، جنهن ۾ ”وائسراءِ هنڌ“ جي بيگم سفر ڪري رهي هئي. ان ڳالهه جي ڪري به راڻي خوشي هئي، ڇو ته سندس خواهش هئي ته منشي کي قدر جي نظرن سان ڏٺو وڃي. ”وائسراءِ هنڌ“ عبدالڪريم کي دهلي دربار ۾ سرڪاري سطح تي ڀليڪار ڪرڻ کان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر صلاحڪارن جي صلاح سان راڻي وڪٽوريه جي هر دلعزيز نوڪر منشي عبدالڪريم کي سرڪاري طور تي ڀليڪار چئي وئي. سرڪاري آدابن طور وائسراءِ جي بيگم سان ملاقات جو پڻ بندوبست ڪيو ويو. منشي کي معززين ۾ شامل ڪرڻ کان سواءِ، آگري ۾ جاگير به ڏني وئي. البت عبدالڪريم جي پيءُ کي ”دهلي دربار“ ۾ جڳهه ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو، جو هن جي ڪا به ذاتي حيثيت نه هئي.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، راڻي منشي عبدالڪريم تي مهربانيون وڌنديون ويون ۽ اهي ماڻهن کان ڳجهيون رهي نه سگهيون، اها حقيقت به آهي ته جڏهن دلي رابطا سگهارا ٿيندا آهن ته ماڻهوءَ کي پنهنجي محبوب هستيءَ جي هر شيءِ وڻڻ لڳندي آهي ۽ ان سان پيار ڪرڻ لڳندو آهي. شايد اهو ئي سبب هو، جو راڻي وڪٽوريه ”اوز بورن هائوس“ Osborne House سان گڏ هڪ هنڌستاني انداز جو ”دربار روم“ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو.
”اوز بورن هائوس“ ۾ واڌو درٻار روم جي ڊزائننگ جي ذميداري، لاهور ميوزم جي سربراه جان لاڪ وڊڪلپنگ (John lock wood kpling) جي حوالي ڪئي وئي. ان اهم ڪم جي جي لاءِ اڏاوت جا ڪيترائي ماهر مقرر ڪيا. پر آخري فيصلو ”ميو اسڪول آف انڊسٽري آرٽ“ جي شاگرد ڀائي رام سنگهه جي تيار ڪيل ڊزائنن جي حق ۾ ٿيو. جيڪو راڻي منظور ڪري ورتو. اهڙ طرح اوز بورن هائوس سان گڏ واڌو دربار روم تيار ڪيو ويو. جنهن جي ٺاهه ٺوهه هندستاني دستڪارين، فرنيچر ۽ نوابن پاران ملندڙ ناياب ۽ قيمتي سوکڙين سان ڪئي وئي. محل جي ان حصي ۾ وڃڻ سان ئي ڪنهن هندستاني محل جو گمان ٿيندو هو.
راڻي وڪٽوريه پنهنجو گهڻو وقت انهيءَ ”دربار روم“ ۾ گذاريندي هئي. عبدالڪريم سان ڳالهين مان راڻي کي خبر پئجي وئي هئي ته هندستان ڪافي سهڻوملڪ آهي. راڻي وڪٽوريه ان وقت ڊگهي سفر جي سٽ سهي نه نٿي سگهي، تنهنڪر هن اندر جي اجهائڻ لاءِ اهو دربار روم اڏ رايو هو. راڻي وڪٽوريه انهيءَ ڳالهه جي سختي سان قائل هئي ۽ هن سختي سان حڪم ڏنو ته محلات ۾ ڪا به جديد تبديلي نه ڪئي وڃي، پر هن ڀيري راڻي پاڻ ئي پنهنجي حڪم کي وساري حڪم ڏنو ته درٻاري روم ۾ بجلي لڳائي وڃي، جيئن هوءَ سولائي سان هرشيءِ ڏسي سگهي.
هو 25 اپريل 1889ع تي راڻي وڪٽوريا جيڏانهن به ويندي هئي منشي ساڻس پاڇي وانگر گڏ رهندو هو، پرنس آفس ويلز جي دعوت تي سينڊر نگهم (Sandri ngham) وئي. معمول موجب عبدالڪريم به ساڻس گڏ هو. راڻي جي مان ۾ شاهي دعوت ۾ ٽن سؤ شاهي مهمانن جي ويهڻ جو بندوبست هو. شاهي نوڪرن جي لاءِ ڌار جڳهه هئي جڏهن راڻي دعوتي هال ۾ پهتي ته منتظيمن منشي کي ٻڌايو ته هو نوڪرن سان ڌار ٿي ويهي. اهو ٻڌي منشي بگڙ جي پيو ته آئون نوڪر ناهيان. منتظمين منشي کي سمجهايو ته هي ءَ نج شاهي گهراڻي جي تقريب آهي ۽ تنهنجو شاهي گهراڻي سان تعلق ڪونهي. انهي تي منشي احتجاج طور دعوت جو بهشڪار ڪري واپس پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. عبدالڪريم جي ناراضگي تي راڻيءَ جو سک سان ويهڻ ممڪن نه هو. نيٺ راڻي مداخلت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته منشي عبدالڪريم کي ساڻس گڏ ويهاريو وڃي. حڪم تي عمل ٿيو ۽ منشيءَ کي راڻي وڪٽوريه جي کاٻي پاسي ويهاريو ويو. شاهي گهراڻي ۾هڪ بديشي کي شامل ڪرڻ ۽ راڻيءَ پاران نوڪرن سان اهڙو سلوڪ شاهي ماڻهن کي صفا نه وڻيو، تنهنڪري منشي جي اچڻ تي سڀ خاموش ٿي ويا. سڀئي ٽهڪ، سڀئي مذاق ۽ ٻهڪندڙ چهرا منشي جي اچڻ تي ڪو مائجي ويا. هاڻي راڻي جي مقربين کي پهريون ڀيرو هڪ پرڏيهي جي عزت ۽ تڪريم جو کليل احساس ٿيو ۽ منشي عبدالڪريم کي انگلينڊ جي شاهي فردن جي رد عمل کان واقفيت ٿي.
1890ع ۾ بريمر گيمز Brae mar games جي موقعي تي راڻي جي حڪم تي منشي عبدالڪريم کي شاهي گهراڻي سان گڏ ڪرسي ڏني وئي، جنهن تي ڊيوڪ ڪناٽ Duke of Connaught سخت احتجاج ڪيو. پر راڻي وڪٽوريه جي سيڪريٽريءَ کيس سمجهايو ته ان مسئلي تي راڻي ڪنهن جي به نه ٿي ٻڌي، جيڪڏهن ڪو احتجاج وغيره ٿو ڪري ته راڻي کيس شاهي اعزازن کان محروم ٿي ڪري ڇڏي. تنهنڪري حالتن جي نزاڪت کي نظر ۾ رکندي شاهي گهراڻي جي ماڻهن خاموشيءَ سان منشي کي قبول ڪري ورتو. نومبر 1895ع ۾ راڻي وڪٽوريه جو پرسنل سيڪريٽري ‘سرهينري پونسنبي’ گذاري ويو. راڻي اها اهم ذميواري منشي عبدالڪريم جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تنهنڪري 9 ڊسمبر 1895ع تي هڪ پريس نوٽ جاري ڪيو ويو. جنهن ۾ چيل هو:
”منشي عبدالڪريم، انگلينڊ ۾ خدمتگار جي حيثيت سان آيو هو. پوءِ راڻي صاحبه کائنس اردو سکڻ شروع ڪئي. هاڻ منشي عبدالڪريم کي پرائيويٽ سيڪريٽري آف انڊيا جي عهدي تي ترقي ڏني وئي آهي. سندس ذميواري ۾ انڊيا گورنمينٽ سان لکپڙهه ڪرڻ آهي. هن کان اڳ اها ذميواري ”سر هينري پونسنبي جي هئي. منشي جو دفتر ۽ ذاتي اسٽاف آهي.“
منشي عبدالڪريم نهايت اهم ذميواري سنڀالي ورتي، پر انهي سان سرڪاري سطح تي راڻي وڪٽوريه لاءِ ڪافي تڪليفون پيدا ٿي پيون. اعليٰ سرڪاري حلقن ۾ اهي افواهه گشت ڪرڻ لڳا ته عبدالڪريم جو واسطو هندستان سان آهي، تنهن ڪري حڪومت جا اهي ڳجها ڪاغذ جيڪي راڻيءَ وٽ منظوري لاءِ اچن ٿا، سي منشي عبدالڪريم پڙهي وٺي ٿو، ۽ ايئن حڪومت جا ڳجها راز پڌرا ٿي وڃن ٿا. انهيءَ طبقي وائسراءِ هنڌ لارڊ ايلگن Lord Elgin کي منشي عبدالڪريم جي باري ۾ وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻ جي لاءِ لکيو، انهيءَ معلومات وٺڻ جو مقصد اهو هو ته منشي عبدالڪريم ڪنهن ڳجهي مشن تي ته هتي آيل ڪونهي. پر گهڻي ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ به منشي خلاف ڪو ثبوت ملي نه سگهيو. انهيءَ سازش ۾ راڻي جو سيڪريٽري فريڊرڪ ۽ ٻين ڳورن ملازمن کان سواءِ حڪومت جي ڳجهي اداري جا ماڻهو پڻ شامل هئا، پر انهن سڀني جي مخالفت عبدالڪريم جي ڪجهه به بگاڙي نه سگهي ۽ هر هنڌ کين مات کائڻي پئي. راڻي وڪٽوريه جي شاهي چيف فزيشن ‘ڊاڪٽر ريڊ’ چواڻي ”منشيءَ جي زال بيمار ٿيندي هئي ته انهن جي علاج لاءِ راڻي شاهي ڊاڪٽر موڪليندي هئي“ ريڊ چواڻي ته: ”ڪڏهن ڪڏهن ته کيس به وڃڻو پوندو هو.“ راڻي کي جڏهن اها خبر پئي ته منشي کي ڪو به اولاد ڪونهي ته راڻيءَ پنهنجي ذاتي معالج ڊاڪٽر ريڊ سان صلاح ڪئي. ڊاڪٽر چيو ته بيگم ڪريم کي پنهنجي طبي تپاس ڪرائڻ کپي. راڻي وڪٽوريه 12 ڊسمبر 1893ع تي منشي کي خط ۾ لکيو:
پيارا عبدل!
مون ڊاڪٽر ريڊ سان توهان جي بيگم جي باري ۾ ڳالهايو آهي، ته هو اولاد جهڙي نعمت کان محروم آهي. ڊاڪٽر صلاح ڏني آهي ته بيگم ڪريم کي گهرجي ته هو پنهنجي اندروني ۽ بيروني طبي معائنو ڪرائي. هن وقت برطانيا ۾ هزارين اهڙيون عورتون آهن، جيڪي اولاد جهڙي نعمت کان محروم آهن. تنهن ڪري پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪونهي.“
راڻي وڪٽوريه پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر ريڊ تي گهڻو ڀروسو ڪندي هئي، ۽ کيس نسلي متڀيد کان مٿانهون سمجهندي هئي، هڪ ڀيري جڏهن کيس خبر پئي ته ڊاڪٽر ريڊ منشيءَ جي پيءُ کي علاج لاءِ لنڊن جي اسپتال موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ته راڻي کي گهڻي ڪاوڙ لڳي.
راڻي وڪٽوريه جي ذاتي معالج، ڊاڪٽر ريڊ جي چوڻ موجب گلاسٽ شيل (Glass at shiel) جيڪو لاڪ ميوڪ Lock muck ۾ آهي. جيڪا راڻي جي بي حد ذاتي ۽ وڻندڙ آرام گاهه هئي. راڻي ذهني دٻاءُ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اڪثر ڪري پنهنجي مڙس ”پرنس البرٽ“ سان گڏ اُتي راتيون گذاريندي هئي. راڻي جڏهن چاليهن سالن جي ٿي ته پرنس البرٽ گذاري ويو. البرٽ جي لاڏاڻي کان پوءِ راڻي گهڻو پريشان رهندي هئي، پر جان برائون نالي هڪ اسڪاٽس نوجوان جي دوستي جي ڪري راڻيءَ جي پريشاني ۾ ڪمي ٿي. تنهنڪري راڻي موڪلون ملهائڻ جي لاءِ مسٽر برائون سان هت اچڻ لڳي. پر 1882ع مسٽر برائون جي وفات کان پوءِ راڻي اهو فيصلو ڪيو ته هوءَ آئنده ڪڏهن به اها رهائش گاهه استعمال نه ڪندي، پر 17 آڪٽوبر 1889ع تي راڻيءَ پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيو ۽ عبدالڪريم سان گڏ رات اتي وڃي گذاري.
فيبروري 1890ع ۾ منشي بيمار ٿي پيو. منشي جي بيماريءَ راڻي وڪٽوريه کي بي چين ڪري ڇڏيو. راڻي منشي جي تيمارداري جي لاءِ هن جي گهر به ويندي هئي. ڊاڪٽر ريڊ جي چوڻ موجب پهرين مارچ 1890ع تي راڻي، منشي جي چڱڀلائي پڇڻ جي لاءِ سندس گهر وئي. جتي هوءَ منشي کان اردو پڙهڻ کان سواءِ، دفتري ڪاغذن تي صحيحون به ڪندي رهي. منشي جي ڪنڌ جو معائنو ۽ منشي جي بستري جا وهاڻا به پاڻ ئي ٺيڪ ڪندي هئي.
منشي عبدالڪريم هڪ چست ۽ باريش نوجوان هو. هو هندستاني شهزادن جيان چوغو پائي، چيلهه تي پٽو ٻڌندو هو. پٺيءَ کان سواءِ سونهري ڪمر بند ۽ مٿي تي نوابي طرز جي پڳهه ٻڌندو هو. هو شڪل ۽ شبيهه ۽ ڪپڙي لٽي ۾ هندستاني شهزادو لڳندو هو. منشي جو شهرت جيڪا اڃا تائين شاهي دربار تائين محدود هئي، سا هاڻ اخبارن جي ذريعي عوام تائين وڃي پهتي، لندن مان ڇپجندڙ وڏين روزانين اخبارن وڏيون وڏيون سرخيون هڻي، راڻي وڪٽوريه کان اهو پڇڻ شروع ڪيو ته منشي عبدالڪريم جو شاهي گهراڻي سان ڪهڙو واسطو آهي، ۽ مٿس ايتريون مهربانيون ڇو پيون ڪيون وڃن. ڪجهه اخبارن اهو به ڦاٽ ڦاڙيو ته منشيءَ جو لاڳاپو ڪنهن هندستاني شاهي ڪٽنب سان نه پر هو هڪ معمولي شخص آهي، تنهن ڪري کيس پنهنجي حدن اندر رکيو وڃي، پر اخبارن ۽ ماڻهن جي احتجاج تي راڻي جي دل ۾ عبدالڪريم جي اهميت گهٽجڻ بدران اڃا به وڌي وئي.
راڻيءَ سوچيو ته دنيا عبدالڪريم جي خلاف ٿي وئي آهي، تنهن ڪري متان هو بي دليو ٿي هتان هليو نه وڃي. تنهن ڪري هن اهو ثابت ڪرڻ جي لاءِ ته سندس دل ۾ عبدالڪريم جي لاءِ ڪيتري عزت آهي، هن کيس شاهي محل ”بالمورل“ جي ڀرسان شاهي رهائش گاهه فراهم ڪئي. منشي پنهنجي ڪڙم سميت ان سرڪاري رهائش گاهه ۾ رهڻ لڳو. جتي ڪڏهن ڪڏهن راڻي وڪٽوريه پاڻ هلي وڃي منشي جي گهر سندس زال ۽ ٻين ڀاتين سان ملندي هئي، ۽ سندن خيريت پڇندي هئي. 9 ڊسمبر 1893ع تي راڻي پنهنجي ڌيءَ کي جيڪو خط لکيو، تنهن ۾ منشي جي زال جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس:
”منهنجي خيال ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي، جو برطانيا ۾ پردي دار عورتون آيو آهن، انهن مان هڪ منشي جي زال آهي، جيڪا ساڙهي ٿي پائي، اها خوش شڪل عورت پنهنجون اکيون سدائين جهڪيل رکندي آهي. جڏهن ته ٻي عورت سس آهي، جيڪا ساڙهيءَ جي بدران ريشمي چوڙيدار پاجامو پائيندي آهي، انهيءَ لباس ۾ هوءَ عورت بدران مرد نظر ٿي اچي، اهي ٻئي عورتون برقعو پائينديون آهن.“
راڻيءَ شاهي گهراڻي جي ٻين فردن کي به منشيءَ جي گهر موڪليندي هئي، راڻيءَ جي چوڻ تي هندستان جي اڳوڻي وائسراءِ جي زال بيگم لينٽن به 19 آڪٽوبر 1895ع تي منشي جي گهر وئي، جتي هن وزيٽنگ بوڪ تي صحيح ڪئي. انهيءَ ڪتاب تي ليڊي لينٽن، شاهي گهراڻي جي ٻين ڀاتين جون صحيحون به ڏٺيون. شاهي گهراڻي کان سواءِ راڻي پنهنجون نوڪرياڻيون موڪلي منشيءَ جي اهل ۽ عيال جي خبر چار پئي وٺندي هئي. هڪ ڀيري راڻي پنهنجي خدمت تي مقرر هڪ نوجوان نوڪرياڻي کي شاهي گارڊ جي نگراني ۾ منشي جي گهر موڪليو، ته جيئن هوءَ منشي جي ٻارن جي خيريت پڇي اچي. انهيءَ نوڪرياڻي واپسيءَ تي پنهنجا جيڪي تاثرات بيان ڪيا اهي ليکڪ ‘اسٽينلي ونروب’ پنهنجي ڪتاب ”بايو گرافي آف وڪٽوريه ڪوئين“ نالي ڪتاب جي صفحي 573 کي لکيا آهن.
”منشي عبدالڪريم جي زال ٿلهي ۽ عام عورتن کان مختلف هئي، ڪڻڪائي رنگ جي انهيءَ خوبصورت عورت پنهنجي آڱرين، ڪنن، ٻانهن، ڳچي ۽ پنهنجي قيمتي ڪپڙن کي به سونا زيور پاتا هئا. مٿي تي هڪ چادر هيس، جنهن جي ڪناري سون جي ڌاڳي سان تيار ڪئي وئي هئي ۽ هن جي جسم تي پاتل ڪپڙا، نج ريشم جا هئا، منشي جي زال انگريزي ۾ به ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿي. هن انهيءَ ڳالهه جو اظهار ڪيو ته کيس سردي وڻندي آهي. سندس سرڪاري رهائش گاهه جي چوڌاري ويهه فوٽ اوچي واڙ هئي. گهر کي نج هندستاني طريقي موجب سجايو ويو هو. گهر ۾ گهڙڻ سان ايئن ٿو لڳي ته اسين سؤ سال پراڻي ڪنهن محل ۾ اچي ويا آهيون.
ان ئي ڪتاب جي صفحي 573 تي لکيل آهي ته راڻي وڪٽوريه جيتري اهميت ملڪي مسئلن کي ٿي ڏي، تيترو ئي ڌيان منشي عبدالڪريم ۽ سندس دوستن جي فلاح ۽ بهبود تي ٿي ڏي. انهيءَ سلسلي ۾ راڻي ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڪافي عرصي تائين اهو بحث هلندو رهيو ته کاڌي جي ميز ۽ ملڪي معاملن ۾ منشي عبدالڪريم جي حيثيت ڪهڙي آهي.
15 جنوري 1895ع تي سر هينري فرٽس پونسنبي، وائسراءِ هنڌ کي لکيو ته ”آئون سوچيان ٿو ته اسين ڀاڳوان آهيون، جو منشي جي گهر جي صفائي ڪرڻ وارا اسان سان گڏ ويهي ماني نٿا کائين.“ 25 جنوري 1895ع تي سر هينري فرٽس پونسبي، واسراءِ هنڌ کي هڪ ٻيو خط لکيو:
”گذريل هفتي واري خط کان پوءِ راڻيءَ مون کي چيو ته آئون اوهان کان خط لکي پُڇان ته منشي عبدالڪريم اوهان کي جيڪو ڪرسمس ڪارڊ روانو ڪيو هو، اهو اوهان کي مليو يا نه؟“
شاهي گهراڻي جا ماڻهو، نوڪر چاڪر، اعليٰ علمدار ۽ اخبارون سڀ منشي جي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويا ته کيس شاهي محل مان ڪيئن ٻاهر ڪڍجي، پر رقيبن کي انهيءَ وقت سخت پريشاني ٿي جڏهن ڊسمبر 1892ع ۾ منشي جو هڪ ٻيو دوست رفيع الدين به منشي سان گڏ شاهي محل ۾ نظر اچڻ لڳو. رفيع الدين، مڊل ٽيمپل ان مان ”بار ايٽ لا“ پاس ڪيو هو. (ڪن مورخن جو خيال آهي ته هو لندن ۾ قانون جو شاگرد هو). رفيع الدين هڪ ذهين شخص هو. جيڪو 1865ع ۾ پونا ۾ پيدا ٿيو. کيس خبر هئي ته منشي ۽ راڻي جي وچ ۾ ڪافي گهرا لاڳاپا آهن، هن منشي تي زور ڀريو ته هو راڻي وڪٽوريه کي چئي کيس ترڪيءَ ۾ برطانيا جي سفير جو عهدو ڏياري. راڻي وڪٽوريه ڪڏهن به منشي جي سفارش رد نه ڪئي هئي. هن ڀيري به هن 1895ع برطانوي وزيراعظم لارڊ سالسبري کي لکيو ته هو عبدالڪريم جي دوست رفيع الدين کي ترڪي ۾ سفارتي ذميداريون سونپيون وڃن. انهيءَ موضوع تي ڪافي وقت تائين وزير اعظم ۽ راڻي جي وچ ۾ لکپڙهه ٿيندي رهي. منشي عبدالڪريم ۽ رفيع الدين اخبارن ۾ پنهنجي حق ۾ ڪجهه ليک به لکرايا. ان سلسلي ۾ The Standard ۾ هڪ مضمون ڇپيو. جنهن جو عنوان هو، ”هندستان جو تمام وڏو دانشور“ ان مضمون ۾ لکيل هو ته منشي عبدالڪريم ۽ رفيع الدين مسلمان آهن، تنهن ڪري مسلمان ملڪن سان دوستاڻا ناتا پيدا ڪرڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته رفيع الدين کي سفارتي عهدو ڏنو وڃي. پر جواب ۾ وزيراعظم سالسبري چيو ته اها هڪ اهم سفارتي ذميواري آهي، ۽ ٿي سگهي ٿو ته رفيع الدين اهم راز ٻين ملڪن کي وڪڻي ڇڏي.
”دي اسٽرينڊ مئگزين“ سدائين راڻيءَ جي باري ۾ سٺيون ڳالهيون ڇپيندو رهندو هو. رفيع الدين ۽ منشي عبدالڪريم اخبار جي چيف ايڊيٽر سان مليا ۽ کيس راڻي جي ذاتي ڊائري ڏيکاري، جنهن ۾ راڻي وڪٽوريه اردو ۽ انگريزي لکندي هئي. اخبار راڻي جي هٿ جي لکيل اردو لکت ڇپي، جنهن جو مقصد اهو هو ته مخالفن کي خبر پوي ته منشي واقعي به راڻي کي هندستاني (اردو) جي تعليم ڏئي رهيو آهي. ٻيو اهو به ظاهر ٿئي ته رفيع الدين جا ترڪيءَ جي سلطان سان سٺا لاڳاپا آهن، جن مان برطانيا. رفيع الدين جي ذريعي فائدو وٺي سگهي ٿو. انهن ڪوششن جي هوندي به وزير اعظم ”سالسبريءَ“ رفيع الدين کي ڪو به سفارتي عهدو نه ڏنو.
11 مارچ 1897ع تي راڻي وڪٽوريه فرانس جو دورو ڪيو، جنهن ۾ ساڻس گڏ ويندڙن ۾ منشي جو نالو سڀني کان مٿي هو. جنهن جو مطلب اهو به هو ته منشي عبدالڪريم به سڀني سان گڏ ‘شاهي دعوت’ ۾ شرڪت ڪندو. ڦڪائي کان بچڻ جي لاءِ وزيراعظم ‘سالسبري’ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار منشي کي گڏ وٺي وڃڻ کان لنوائي رهيا هئا، تنهنڪري هنن راڻي جي ذاتي خدمتگارن کي سمجهايو ته هو راڻي کي چون ته منشي کي گڏ نه نيو وڃي. راڻي جي ذاتي سيڪريٽري جڏهن ان ڳالهه جو اظهار راڻي سان ڪيو ته راڻيءَ کي ڪاوڙ لڳي، جو هن ميز تي رکيل سڀ شيون کڻي پٽ تي ڦٽي ڪيون. مورخ لکن ٿا ته اسان اُن کان اڳ ڪڏهن به راڻيءَ کي ايتري ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو هو. حالتن جي نزاڪت کي سامهون رکندي وزيراعظم ‘سالسبري’ راڻي وٽ ويو ۽ وڏي منطقي انداز ۾ راڻي کي باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته فرينچ انگريزن کان مختلف آهن، هو هر شيءِ کي غلط نظرن سان ڏسن ٿا. اهڙين حالتن ۾ اهو ڊپ آهي ته متان فرانس جا ماڻهو منشي سان بدتميزي نه ڪري وجهن. تنهنڪري منشي کي پاڻ سان نه نيئڻ جو فيصلو ڪيو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ چيو، ”انهي جي باري ۾ منهنجو ذاتي تجربو آهي ته فرينچ ڪي سٺا ماڻهو نه آهن، ڇاڪاڻ ته منهنجي فرانس ۾ هڪ ”هاليڊي ولا“ آهي، جنهن ڪري مون کي ماڻهن جي رويي جي خبر آهي.“
منشي عبدالڪريم کي ان سازش جي خبر پئي ته هو پنهنجي دوست رفيع الدين سان گڏجي ”انگلش چينل“ اُڪري فرانس پهچي ويو. سرڪاري وفد کي خبر پئي ته هنن راڻي کي ٻڌائڻ کان سواءِ رفيع الدين کي 48 ڪلاڪن جي اندر ئي فرانس مان واپس وڃڻ جي لاءِ چيو. انهيءَ دوران وزير اعظم، وائسراءِ هنڌ کان منشي عبدالڪريم ۽ رفيع الدين جي باري ۾ ڳجهيون رپورٽون گهرايون. وزيراعظم جي ڪوشش هئي ته انهن ٻنهي جي خلاف غداري، جاسوسي ۽ ٻيا الزام هڻي، راڻي جي دل ۾ انهن جي خلاف نفرت پيدا ڪئي وڃي. پر وائسراءِ جيتريون به انڪوائريون ڪرايون، انهن ٻنهي جي خلاف ڪو به الزام ثابت ٿي نه سگهيو. تنهن هوندي به وزيراعظم سالسبريءَ، راڻي تي لڳاتار دٻاءُ جاري رکيو ته انهن ٻنهي کي سرڪاري رازن کان پري رکيو وڃي. راڻيءَ وزيراعظم سان واعدو ڪيو ته هوءَ رفيع الدين کي محل ۾ گهڙڻ نه ڏيندي، پر منشي عبدالڪريم جي ڪري، رفيع الدين کي سفارتي ذميواريون ڏيارڻ جي ڪوشش جاري رکي. منشي عبدالڪريم جي باري ۾ راڻي، وزيراعظم کي ٻڌايو ته، ”منشي رواني سان انگريزي لکي ۽ پڙهي نه ٿو سگهي، تنهنڪري سرڪاري رازن جي ظاهر ٿيڻ جو امڪان ڪونهي.“ پر ان سان گڏ راڻي اهو به چوندي هئي ته هوءَ جيڪو لفظ پڙهي نٿي سگهي، تنهن جي پڙهڻ ۾ منشي سندس مدد ڪندو آهي، انهيءَ ٻٽي بيان سان وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيا.
چئني پاسن کان منشي ۽ رفيع الدين جي خلاف سازشن جي ڄار وڇائجڻ جي باوجود به منشيءَ همت نه هاري ۽ راڻي وڪٽوريه کي صلاح ڏني ته رفيع الدين کي ڪو شاهي اعزاز عطا ڪيو وڃي. راڻي ”ها“ به ڪئي، پر اعزاز حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي رفيع الدين، بد دل ٿي شاهي محل مان هليو ويو. جڏهن اها خبر راڻي کي پئي ته هن 27 ڊسمبر1898ع تي وزيراعظم سالسبري کي لکيو:
”رفيع الدين احمد جي خلاف الزام تراشين ۽ بهتانن کان بد دل ٿي، مسٽر احمد محل ڇڏي هليو ويو آهي.“
رفيع الدين بيريسٽري پاس ڪرڻ کان پوءِ هندستان هليو ويو. جتي هن عملي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. 1909ع هو بمبئي ڪونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. 1928 ۾ هو بمبئي گورنمنٽ ۾ وزير ٿيو. 1932ع ۾ کيس ”سر“ جو خطاب مليو. زندگي جا آخري ويهه سال هن پونا ۾ گذاريا،جتي هو پنهنجن دوستن ۽ يارن کي منشي عبدالڪريم ۽ راڻي وڪٽوريه جون ڳالهيون پيو ٻڌائيندو هو. رفيع الدين 1954 ۾ پونا ۾ فوت ٿيو.
برطانيا جي تاريخ ۾ اهو پهريون موقعو هو، جو هڪ هندستاني کي شاهي محل ۾ اهم ذميواريون سونپيون ويون. عبدالڪريم راڻي جي خط و ڪتابت ۽ ٻين معاملن کي سٺي نموني هلائيندو هو. راڻي جي چوڻ تي 1890ع ۾ وان اينجلي عبدالڪريم جو پورٽريٽ به تيار ڪيو. عبدالڪريم جي راڻي سان جيئن جيئن ويجهڙائپ ٿيندي وئي، تيئن هو ترقيءَ جا ڏاڪا چڙهندو ويو. ايتري ويجهڙائپ ۽ مهربانيون حاصل ڪرڻ وارو منشي عبدالڪريم حاسد ماڻهن جي اکين ۾ کٽڪڻ لڳو.
جن ڏينهن منشي عبدالڪريم ‘انڊيا سيڪريٽري’ جي حيثيت سان ڪم ڪندو هو، ان دوران هن راڻي کي درخواست ڏني ته شاهي محل جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن جون جيڪي تصويرن ”خانسامان“ جي حيثيت سان ڪڍيون ويون آهن، تن کي تلف ڪيو وڃي. منشيءَ راڻيءَ کي ٻڌايو ته انهن تصويرن کي ڏيکاري رقيب کيس تنگ ڪن ٿا ۽ طعنا ڏين ٿا. تنهن ڪري راڻيءَ جي حڪم تي انهن سڀني تصويرن کي ختم ڪيو ويو،جن ۾ کيس ”خانسامان“ جي حيثيت ۾ ڏيکاريو ويو هو.
24 مئي 1899 تي راڻي وڪٽوريه، منشي عبدالڪريم کي برطانيا جي سول سروس جو سڀ کان وڏو اعزاز ‘سي ـ آءِ ـ اي’ عطا ڪيو. اهو اعزاز سول سروس جي سينيئر اعليٰ عهدن تي مقرر ملازمن کي ڏنو ويندو هو، راڻي سڀني قاعدن نظر انداز ڪندو منشي کي Companion of Indian Empire CCI جو اعزاز عطا ڪيو. منشي اهو اعزاز پائي انگريزن کي ساڙيندو هو.
راڻي وڪٽوريه جي ذاتي سيڪريٽري فريڊرڪ جيڪو اڳ ۾ هندستان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو هو، تنهن راڻي کي ٻڌايو ته عبدالڪريم جو واسطو ڪنهن شاهي گهراڻي سان نه آهي، پر هو هڪ معمولي عطار (Apothecary) آهي. تنهن ڪري اُن گهٽ حيثيت واري ماڻهوءَ کي ايتري گهڻي اهميت نه ڏني وڃي. راڻي کي فريڊرڪ جي ان ريمارڪ تي گهڻي ڪاوڙ لڳي ۽ هو ڪافي عرصي تائين راڻي جي عتاب هيٺ رهيو.
راڻي جو استدلال هي هو ته برطانيا جا ٻه آرچ بشپ به ته گروسر ۽ ڪاسائي جو اولاد هئا. جيڪڏهن هو ايتري مٿانهين عهدي تي پهچي سگهن ٿا ته پوءِ عبدالڪريم به انهي عهدي تي ڪم ڪري سگهي ٿو. وڏن عهدن تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ وڏن گهراڻن جي نه پر علم، قابليت ۽ صلاحيت جي گهرج هوندي آهي. ان واقعي کان پوءِ راڻيءَ عبدالڪريم جي اڃا به وڌيڪ حمايت ڪرڻ شروع ڪري ڏني، ايئن عبدالڪريم جي دل راڻي جي دل سان ڌڙڪڻ لڳي.
راڻي ۽ نوڪر جي اها لازوال محبت ۽ هم آهنگي سڄي زندگي قائم رهي، اها ڪهاڻي، جنهن جي شروعات 23 جون 1887ع تي صبح جو ناشتي جي وقت ”ونڊ سر ڪيسل“ ۾ ٿي هئي، تنهن جي پڄاڻي 22 جنوري 1901ع تي راڻي وڪٽوريه جي چالاڻي سان ٿي. راڻي جي وفات کان پوءِ ‘ايڊ ورڊ ڇهون’ تخت تي ويٺو. منشي عبدالڪريم جي خواهش تي کيس راڻي جي آخري ديدار جي موڪل ڏني وئي، منشي ڏاڍي ڏکاري اندار ۾ انهيءَ ڪمري ۾ ويو، جنهن ۾ راڻي جو مڙهه رکيل هو. ماتمي جلوس ۾ به منشي جي لاءِ جڳهه مخصوص ڪئي وئي. آخر ۾ هو تعزيت جي لاءِ بادشاهه سان به مليو. راڻي جي وفات کان پوءِ منشي پنهنجي ڪڙم سميت آگري موٽي آيو. جتي هو ڪڏهن ڪڏهن شاهي اعزاز پائي شهر ۾ گهمندو هو.
منشي عبدالڪريم کي ڪو به اولاد نه هو. هن عبدالرشيد نالي هڪ ٻارڙي کي گود ورتو هو. عبدالڪريم جي گهراڻي جا ماڻهو اڃا به دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آباد آهن.
روزينه وزرم (ROZINA VISRAM) پنهنجي ڪتاب. AYAHS LASCERS AND PRINCES جي صفحي 33 تي لکيو آهي.
”راڻي وڪٽوريه جي چالاڻي کان پوءِ ڪنگ ’ايڊ ورڊ ڇهين‘ حڪم جاري ڪيو ته راڻي ۽ عبدالڪريم جي سموري لکپڙهه ۽ ڳجهن رازن کي ساڙيو وڃي.“
تنهنڪري ان مقصد جي لاءِ منشي جي سرڪاري رهائش گاهه ”فروگ مور ڪاٽيج“ ۾ باهه ٻاري سڀني واسطيدارن ڪاغذن کي ساڙيو ويو، اها ڳالهه اڄ سوڌي راز بنيل آهي ته انهن ثبوتن ۽ ڪاغذن کي ڇو ساڙيو ويو، انهي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا، جن جو جواب سڀاڻي جو ڪو مورخ اچي ڏي ۽ انهي اهم رازن تان پڙدو کڻي. راڻيءَ جي وفات کان پوءِ منشي عبدالڪريم گهڻو اداس رهڻ لڳو، انهي غم ۽ پريشاني ۾ هن واپس آگري اچي پنهنجي رهائش گاهه ”ڪريم لاج“ ۾ زندگي جا باقي ڏينهن گذاريا.
منشي عبدالڪريم ان ئي گهر ۾ 1909ع ۾ وفات ڪئي، وفات کان پوءِ منشي وٽ راڻي جا جيڪي ذاتي ڪاغذ پٽ رهجي ويا هئا، اهي به منشي جي زال کان وٺي ساڙيا ويا. فقط اهڙيون ڪجهه لکتون رهڻ ڏنيون ويون جيڪي راڻي جي پنهنجي هٿن سان لکيل هيون.