موچيءَ جو پٽ: جيڪو ٻارڙن جو وڏو اديب بڻيو
ڇا هو ڪامياب ٿيو؟ ڇا سندس محنت رنگ لٿو؟ ڇا هو جنهن مقصد جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي بيواهه امڙ کي ڇڏي ڪوپن هيگن وڃي رهيو هو. اهو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو؟ هي سوال ان همت واري ۽ صفاغريب نينگر جي زندگي جي ڪهاڻيءَ ۾ ملن ٿا. هڪ موچيءَ جو پٽ هو. سندس ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ گذاري ويو هوس. بيواهه ماءُ جي خواهش هئي ته سندس پُٽ درزي ٿئي. پر هو ته اديب ۽ مشهور ڊراما نويس بنجڻ جا سپنا ڏسي رهيو هو. کيس جيڪو به ڪتاب هٿ چڙهندو هو اهو ڌيان سان پڙهندو هو، جيتوڻيڪ سندس تعليم پنجن درجن کان اڳيان نه وڌي سگهي هئي. هن ڪوپن هيگن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ روزانو ماڻهنس کان وڃڻ جو موڪل گهرڻ لڳو. نيٺ سندس ماءُ، سندس مرحوم پيءُ جو ڪوٽ ڪڍيو ۽ وڍي سُبي کيس ننڍو ڪري ڏنو. ويچاريءَ وٽ پنهنجي پٽ کي ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجهه هو به ڪو نه، ڇو ته اها ئي سندس آخري موڙي هئي.
ڪوپن هيگن ويندڙ رستي تي هلندي هلندي جڏهن کيس ٻيپهري اچي ٿي ته سندس ڀر مان هڪ گهوڙي گاڏي اچي لنگهي. ڪو چوان کي هن سنهڙي ڇوڪري تي رحم اچي ويو ۽ کيس ٻين مسافرن سان گڏ ويهڻ جي موڪل ڏنائين. ان زماني ۾ ريلون يا موٽرون ته نه هيون، تنهنڪري سفر بگهين يا گهوڙي گاڏين ۾ ڪبو هو. 4 ڊسمبر 1819ع تي ان نينگر کي ”فيڊڪر برگ“ نالي ڳوٺ ۾ لاٿو ويو. اهو ڳوٺ ڪوپن هيگن کان ڪجهه ميلن جي فاصلي تي هو ۽ گاڌي واري شهر ۾ داخل ٿيندڙ هر شخص کان محصول ورتو ويندو هو. ان نينگر وٽ ته ڀاڙي جي لاءِ به ٽڪو به نه هو، سو محصول ڪٿان ڏي ها. تنهنڪري پنڌ هلڻ لڳو ۽ ڪوپن هيگن ۾ داخل ٿيو.
ڪوپن هيگن ڊنمارڪ جو سهڻو ۽ بارونق شهر آهي. ٻن ڏينهن تائين ته اهو ڳوٺاڻو نينگر اکيون ڦاڙي شهر جي وڏين عمارتن ۽ باغن کي ڏسندو رهيو. 8 ڊسمبر ته هو پڇائيندي پڇائيندي ناليواري موسيقار سيوني جي گهر جي دروازي تي پهتو ته نوڪرياڻي پڇس، ”ڇوڪرا ڪهڙو ڪم اٿئي؟“
”آئون مانواري سيوني سان ملڻ ٿو گهران، مون کي ڳائڻ جو شوق آهي ۽ مون ڪجهه ڊراما به لکيا آهن، جيڪڏهن منهنجي سيوني صاحب سان ملاقات ٿي وڃي ته آئون کيس شاگردي جي لاءِ درخواست ڪريان. آئون ٿيٽر ۾ نالو پيدا ڪرڻ ٿو گهران. ٻن ڏينهن کان مون ڪجهه به نه کاڌو آهي.“ نينگر آخري جملو ڏک ڀرئي آواز ۾ چيو. نوڪرياڻي ڇوڪري جون عجيب ڳالهيون ٻڌي ڏاڍي حيران ٿي ۽ اندر پنهنجي آقا کي ان عجيب مهمان جي باري ۾ ٻڌائڻ جي لاءِ وئي. موسيقار، سيوني پنهنجن ڪجهه شاعر، ڊرما نويس ۽ اديب دوستن جي دعوت ۾ رڌل هو. جڏهن نوڪرياڻي کيس عجيب ڇوڪري جي باري ۾ ٻڌايو ته ان مهل سيوني ۽ سندس سنگتي وڏي موج ۾ هئا. هنن نوڪرياڻي کي چيو، ”ڇوڪري کي اندر وٺي اچ، ڪجهه گهڙين جي لاءِ دل لڳي رهندي.“
نوڪرياڻي ڇوڪري کي اندر وٺي آئي. ڇوڪرو ڪجهه گهڙين تائين ته اکيون ڦاڙيون ڪمري جي شان ۽ شوڪت کي اکيون ڦاڙي ڏسندو رهيو.
”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ سيوني پڇس.
”هانز ڪرسچن اينڊرسن.“ Hans Christian Andersen ڇوڪري وراڻيو ۽ پوءِ پنهنجي مختصر زندگي جي ڪٿا ٻڌائي ۽ ادب ۾ نالو پيدا ڪرڻ جو خواهش جو اظهار ڪيو ۽ سيوني ۽ سندس سنگتي جيڪي ساڻس دل لڳيءَ ۾ مذاق جو سوچي رهيا هئا، سي هاڻ ڌيان ۽ سنجيدگي سان ڇوڪري جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳا ۽ هو ان کان ايترو ته متاثر ٿيا، هو هنن ان بي يارو مددگار ڇوڪري جي مدد ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
اينڊرسن کين ٻڌايو ته هو هڪ ڊانسر بنجڻ ٿو چاهي، پر ڊانس ڪرڻ مهل سندس ڪمزور ٽنگون ڏڪڻ ٿيون لڳن. پوءِ هن چيو هو راڳي بنجڻ ٿو چاهي، پر هن جي آواز جي پهرين تان ئي ڦاٽي وڃي ٿي.
ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هن هڪ ڊرامو شاهي ٿيٽر جي ڊائريڪٽر کي ڏنو. ڊائريڪٽر ان ڊرامي تي لکيو: هن قسم جون بيڪار شيون ٿيٽر ۾ پيش ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هن ۾ ته هجي جون به اڻ ڳڻيون غلطيون آهن. ايئن کيس هر طرف ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو، پر هن همت نه هاري. هو ڊراما، نظم ۽ ڪهاڻيون لکندو رهيو. هاڻ هو ڪوپن هيگن ۾ سڀني اديبن ۽ شاعرن ۾ مشهور ٿي ويو هو. انهن مان ڪي ته سندس مذاق اڏائيندا ۽ کيس چريو سمجهي، پنهنجي محفلن ۾ مٿس کلندا هئا. پر اهو ڇوڪرو ڪوپن هيگن ۾ ئي رهيو ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ ڪوپن هيگن جي شاهي ٿيٽر جي ڊائريڪٽر جو نارلين، اينڊرسن جي شوق کي ڏسي کيس اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو ۽ ان اسڪول جي هڪ استاد وٽ اينڊرسن جي رهڻ جو بندوبست به ڪيو. اينڊرسن جي زندگي ۾ اسڪول جي اهو زمانو مصيبت جو وقت هو. هو پنهنجي قد جي ڪري ننڍن ٻارن ۾ ”لم ڍينگ“ مشهور ٿي ويو. هو شعر ته لکي ٿي سگهيو، پر نقشي تي ڪوپن هيگن ٻڌائي نه سگهيو. تنهنڪري ٻار سندس مذاق اڏائيندا هئا ۽ استاد ساڻس سختيءَ سان پيش ايندا هئا. هو هن جي لکڻ جو شوق کي به سٺي نظر سان نه ڏسندا هئا. تنهنڪري اينڊرسن اهو بدنصيب شاگرد هو، جنهن جو اسڪول يا ان کان ٻاهر ڪو به دوست يا همدرد نه هو. هو ويچارو هن دنيا ۾ پاڻ کي اڪيلو سمجهندو هو.
1828ع ۾ هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. اهو هن جو پهريون ۽ آخري امتحان هو. هاڻ هو پنهنجو سڄو وقت ڪهاڻيون لکڻ ۾ گذاريندو هو. ان عرصي ۾ هن جرمني، آسٽريا ۽ فرانس جو سفر به ڪيو. 1835ع ۾ سندس پهريون ناول ڇپيو، جيڪو ڏاڍو پسند ڪيو ويو ۽ ان جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو. ستن سالن کان پوءِ ان ناول جو انگريزي زبان ۾ به ترجمو ٿيو. هاڻ اينڊرسن اديبن جي قطار ۾ ڳڻجڻ لڳو. شاه ڊنمارڪ ان موچي جي پٽ جي شوق ۽ ذوق کان متاثر ٿي هن جي لاءِ ساليانو وظيفو مقرر ڪيو. هاڻ اينڊرسن کي روزي ڪمائڻ کان ڪنهن حد تائين ڇوٽڪارو ملي ويو. پوءِ اينڊرسن پهريون ڊرامو لکيو. جيڪو شاهي ٿيٽر ۾ پيش ڪيو ويو. جڏهن اهو ڊرامو ختم ٿيو ۽ اينڊرسن هڪ دوست جي گهر پهتو ته شهرت سان گڏ سندس ڪيترا دوست بڻجي چڪا هئا. اتي اينڊرسن زور زور سان روئڻ لڳو. دوست جي زال سمجهيو ته ڊرامو ناڪام رهيو آهي ۽ اينڊرسن پنهنجي ناڪاميءَ تي روئي پيو تنهنڪري هن ڏڍ ڏيندي چيس، ”ڪڏهن ڪڏهن مشهور ليکڪن جي ڊرامن کي تماشائي پسند نه ڪندا آهن، تنهنجو ته اهو پهريون ڊرامو هو، توکي همت هارڻ نه گهرجي.“ جواب ۾ اينڊرسن زور سان سڏڪو ڀري چيو، ”منهنجو ڊرامو ته تماشائين ڏاڍو پسند ڪيو ۽ هنن ڊراما نويس زندهه باد جا نعرا به هنيا.“
”ته پوءِ ان خوشي جي موقعي تي اهو روئڻ ۽ پچڪڻ ڇو.؟“ اينڊرسن جي زندگيءَ ۾ اها عجيب ڳالهه هئي ته هو خوشي ۽ ڏک، ٻنهي موقعن تي بي اختيار روئڻ لڳندو هو. هن جي طبعيت ايتري ته سادي هئي، جو سڄي يورپ ۾ مشهور ٿي ويو. ته به سندس طبعيت جي سادگي نه وئي. هو بنا هٻڪ ٻڌائيندو هو ته هو هڪ موچيءَ ۽ مفلس بيواهه جو پٽ آهي ۽ سندس اها شهرت سندس اڻٿڪ محنت ۽ ڪجهه ماڻهن جي مهربانيءَ جو نتيجو آهي ۽ هو جڏهن به پنهنجي اها ڪهاڻي ٻڌائيندو هو ته سندس اکين مان بي اختيار لڙڪ جاري ٿي ويندا هئا.
1835ع ۾ هن پرين جي ڪهاڻين جو ڪتاب شايع ڪيو. ڪتاب تي ”ٻارن لاءِ ڪهاڻيون“ لکيل هيون، پر انهن ڪهاڻين کي هر عمر جي شخص ايترو ته پسند ڪيو، جو اينڊرسن کي بار بار چيو ويندو هو ته هو ان قسم جون ڪهاڻيون لکي. اينڊرسن جي خواهش هئي ته اهي ماڻهو کيس ملڪ جو سڀ کان وڏو ڊرامه نگار ۽ ناول نويس سمجهن. هن ڪيترائي ڊراما ۽ ناول لکيا، پر سندس ٻارن جي لاءِ لکيل ڪهاڻين جو ايترو ته چرچو ٿيو، جو فقط ٻن سالن ۾ يورپ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ انهن جو ترجمو ڇپجي ويو. اهي ڪهاڻيون ايتريون ته سٺيون ۽ ادبي لحاظ کان ايتريون ته مٿانهون هيون، جو ڊنمارڪ جي وڏن وڏن اديبن انهن کي شاهڪار قرار ڏئي ڇڏيو. انهن اديبن جو خيال هو ته ”اينڊرسن جون اهي ڪهاڻيون سدائين جيئريون رهنديون. وقت گذرڻ سان گڏ ماڻهو سندس سڀ شعر، ناول، ڊراما ۽ سفر ناما وساري ڇڏيندا. پر اينڊرسن پنهنجي وانڌڪائي جي وقت ۾ جيڪي ڪهاڻيون ٻارن لاءِ لکيو هيون، اهي يورپ جي ادب جي هڪ خاص سوکڙي ثابت ٿينديون،“ انهن جو خيال صحيح ثابت ٿيو. اڄ دنيا جي ڪا به اهڙي زبان نه آهي، جنهن ۾ اينڊرسن جي انهن ڪهاڻين جو ترجمو نه ٿيو هجي.
اينڊرسن شادي نه ڪئي. هو سڄي عمر ادبي ڪمن ۾ رڌل رهيو. نيٺ 4 آگسٽ 1875ع تي جڏهن سندس عمر سٺ سال ٿي ته هو ڪجهه ڏينهن بيمار رهڻ کان پوءِ گذاري ويو. سندس جنازو سندس ڳوٺ ”روڊنسي“ نيو ويو ۽ اتي وڏي عزت ۽ شان سان دفنايو ويو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ ”روڊنسي“ ۾ هائنز ڪرسچن اينڊرسن“ جي ياد ۾ هڪ عجائب گهر ٺاهيو ويو. جنهن ۾ اينڊرسن جي هٿ جون لکيل ڪهاڻيون، سندس استعمال ۽ ايندڙ شيون، سندس لکڻ جي ميز ۽ ڪرسي رکي وئي. عجائب گهر جي ٻاهر اينڊرسن جو هڪ وڏو مجسمون کوڙيو ويو. هر سال ”روڊنسي“ ۾ ٻارن جو ميلو لڳي ٿو ۽ پري پري کان ٻارڙا اينڊرسن جي اُن عجائب گهر کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن. ان ميلي ۾ اينڊرسن جي ڪهاڻين جا ڏاڍا خوبصورت ڪتاب سستي اگهه ۾ وڪرو ڪيا ويندا آهن.
هائنز ڪرسچن اينڊرسن پنهنجي بي مثال شخصيت ۽ سچن جذبن ۽ ادبي گُڻن جي ڪري ڏينهن قيامت تائين ياد ڪيو ويندو ۽ سندس ڪهاڻيون، پنهنجو جادو جڳائينديون رهنديون.