انڊونيشيا جو ڊڪٽيٽر سوهارتو
سوهارتوءَ، انڊونيشيا جي ٻيٽ ’جاوا‘ جي ڳوٺ ’ڪيمو سوار گنا مولجا‘ ۾ هڪ ڳوٺاڻي گهراڻي ۾ 8 جون 1921ع تي جنم ورتو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هو 1940ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ بئنڪ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳو. تنهن کان پوءِ هو ولنديزي بيٺڪي فوج ۾ هڪ مزدور جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ لڳو. 1941ع ۾ سوهارتو هڪ فوجي اسڪول ۾ سارجنٽ جي تربيت حاصل ڪرڻ جي لاءِ سينٽرل جاوا، جي علائقي ”گومبوگ“ ويو. اڃا کيس سکيا وٺندي هڪ هفتو مس ٿيو هو. جو جاپان، انڊونيشيا تي حملو ڪري ڏنو. ولنديزي حڪومت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. 1942ع ۾ سوهارتو جاپان جي بيٺڪي پوليس فورس ۾ شامل ٿيو. 1943ع ۾ کيس ولنديزين جي خلاف هٿيار بند سرگرمين جي لاءِ جاپان جي قائم ڪيل تنظيم ”پيٽا“ جو بٽالين ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو.
ٻي جنگ عظيم جي پڄاڻيءَ تي 14 آگسٽ 1945ع تي جاپان هٿيارڦٽا ڪري آڻ مڃي. ان ڏينهن سوهارتو انڊونيشين آرميءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، جيڪا 15 آڪٽوبر تي ٺاهي وئي هئي. هن انڊونيشيا تي قابض بيٺڪي ولنديزي سامراج جي خلاف آزادي جي جنگ وڙهي. ان دوران هو ٿرڊ رجمنٽ جو ڪمانڊر بڻايو ويو. پهرين مارچ 1949ع ۾ هو، ‘يوگياڪارتا’ جي جنگ ۾ نمايان ويڙهاڪ جي صورت ۾ سامهون آيو.
آزاديءَ کان پوءِ به هو بدستور فوج ۾ رهيو. هن ڪجهه عرصو ’سولا ويسي‘ ٻيٽ تي فوجي خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ پوءِ واپس ‘جاوا’ هليو ويو. مارچ 1953ع ۾ هو انفٽري ريجمنٽ 15 جون ڪمانڊر بڻايو ويو. 29 مارچ 1955ع تي انڊونيشيا جون پهريون جمهوري چونڊون ٿيون، جيتوڻيڪ انهن چونڊن ۾ ڪا به پارٽي اڪثريت حاصل ڪري نه سگهي، پر سوئيڪارنو جي ”انڊونيشين نيشلسٽ يونين“ (PNI) ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ووٽ حاصل ڪيا. سوهارتو ترقي ڪندو جاوا ۾ ڊيپو نيگوار ڊويزن جو ريجنل ڪمانڊر مقرر ٿيو. ڪمانڊر بڻجڻ کان پوءِ هن ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن پنهنجي ڪمانڊر جي مدد واسطي فنڊ مهيا ڪري سگهجن. ان قسم جا فوجي ڪاروبار انڊونيشيا ۾ رائج هئا. فيبروري 1958ع ۾ فوجي ۽ مذهبي سياسي باغي وڏي تعداد ۾ سوئيڪارنو جي خلاف اُٿي کڙا ٿيا، آمريڪا، انڊونيشيا جي ڪميونسٽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي لاءِ انهن باغين جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳي. جڏهن ته سوئيڪارنو کي سوويت يونين ۽ چين جو سهڪار حاصل هو.
ان دوران سوهارتو جي ڪاروباري سرگرمين جي خبر فوج جي اعليٰ اختيارن تائين پهتي، تنهنڪري کيس عهدي تان هٽايو ويو. پر ڪجهه وقت کان پوءِ کيس 1960ع ۾ برگيڊيئر جنرل بڻايو ويو. 1960ع ۾ سوئيڪارنو پارليامينٽ ٽوڙي ’گائيڊ ڊيموڪريسي‘ متعارف ڪرائي. نئين پارليامينٽ 1960ع ۾ قائم ٿي. ان پارليامينٽ جي ميمبرن جي گهڻائي ٿا ڦيل هئي ۽ ان هن ميمبرن جو واسطو فوج ۽ ڪميونسٽ پارٽي (PKI) سان هو.
سٺ واري ڏاڪي ۾ پي ـ ڪي ـ آءِ، جو اثر رسوخ ڪافي وڌي ويو هو ۽ انهن جي ميمبرن جو تعداد ويهن لکن تائين وڃي پهتو هو. تنهن کان سواءِ پارٽي سان ڪيترين ئي يونينن ۽ هاري ڪميٽين جو پڻ الحاق هو. پي ڪي آءِ ڪيترائي زرعي ۽ سماجي سڌارا ڪيا. 1960ع ۾ سوهارتو کي ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي. 1963ع ۾ کيس آرمي اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جو ڪمانڊر بڻايو ويو. 1965ع ۾ سوهارتو جي زندگي جو فيصلي ڪندڙ موڙ آيو. ان سال انڊونيشيا جي فوج ۾ ڪميونسٽ عنصر وڌڻ سان ٻه واضح گروهه بڻجي ويا.هڪ گروهه سوئيڪارنو ۽ ڪميونسٽ پارٽي جو وفادار هو، جڏهن ته ٻيو، ان جو مخالف هو. چيف آف اسٽاف سوهارتو، ٻنهي گروهن جي پٺي ٺپرڻ لڳو.
30 سيپٽمبر تي ڪميونسٽن جي حامي فوجي آفيسرن چين نواز ڪميونسٽ پارٽي PKI جي مدد سان فوجي انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ان واقعي کان پوءِ سوئيڪارنو جي مخالف ڇهن جنرلن ۽ ناليوارين شخصيتن کي اغوا ڪري قتل ڪيو ويو. ڪميونسٽ فوجي آفيسرن پاران انقلاب آڻڻ جو ڪوشش جي ناڪاميءَ سوئيڪارنو جي پوزيشن ڪمزور ڪري ڇڏي ۽ ڪميونسٽن جي خلاف وڏي پئماني تي ڪاروائي ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿيو. 16 آڪٽوبر تي سوهارتو کي باقاعده فوج جو ڪمانڊر بڻايو ويو.
انڊونيشيا ۾ سوهارتو جي شڪل ۾، سي ـ آءِ ـ اي کي هڪ اهڙو مهرو هٿ چڙهيو، جنهن جي صورت ۾ کيس پنهنجا سڀ مقصد حل ٿيندي نظر آيا. سي ـ آءِ ـ اي جو واحد مقصد انڊونيشيا جي ڪميونسٽ پارٽي ۽ ڪميونسٽن جو سدائين جي لاءِ خاتمو ڪرڻ هو. سوهارتو پي ڪي آءِ جي خلاف فوجي ڪارروائي جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. سوهارتو جو خاص نشانو پي-ڪي-آءِ جا ميمبر ۽ چيني نسل جا انڊونيشي رهاڪو هئا. فوج جبر ۽ تشدد جي حد ڪري ڇڏي ۽ لڳ ڀڳ ويهين لکن ڪميونسٽن کي قتل ڪري ڇڏيو.ان سان گڏ انڊونيشين فوج کي سوئيڪارنو جي حامي فوجين ۽ آفيسرن کان پاڪ ڪري ڇڏيو. سوئيڪارنو سياسي ۽ فوجي لحاظ کان اڪيلو ٿي پيو، ۽ سوهارتو انڊونيشيا جي سياست ۾ هڪ نئين سگهه بڻجي اڀريو.
مارچ 1966ع ۾ سوئيڪارنو کي پنهنجاسڀ اختيار، سوهارتو کي منتقل ڪرڻا پيا. سوهارتو ملڪ ۾ پنهنجو هٿ ٺوڪيو ”نيو آرڊر“ جاري ڪيو، جنهن تحت ڪميونسٽ پارٽي پي ـ ڪي ـ آءِ ۽ مزدور يونين تي پابندي وجهي، پارليامينٽ مان پي ـ ڪي ـ آءِ جي ميمبرن جو خاتمو ڪيو ويو. اخبارن تي سخت قسم جي سنسرشپ لاڳو ڪئي وئي. اولهه سان لاڳاپن جا پيچ پاتا ويا ۽ چين سان وڌندڙ لاڳاپن کي ختم ڪيو ويو. سڀني سويلين ادارن ۾ فوج جي مرڪزيت ۽ اثر رسوخ قائم ڪيو ويو. گهڻن اختيارن ملڻ ۽ سياست ۾ ملوث ٿيڻ جي نتيجي ۾ انڊونيشيا جي فوج ڪرپشن ۾ ڦاسندي وئي.
ڪميونسٽ پارٽي پي ـ ڪي ـ آءِ جي ٻيهر اُڀرڻ جي ڊپ سبب ٻن ڳجهين ايجنسين جو بنياد وڌو ويو. انهن مان هڪ جو نالو آپريشن ڪمانڊ فاردي رسٽوريشن آف سيڪيورٽي اينڊ آرڊر ”(Kopkamtib)“ ۽ ٻي ايجنسي جو نالو اسٽيٽ انٽيليجنس ڪوآرڊينيشن (Bakin) رکيو ويو. انڊونيشيا ۾ سياسي سرگرمين ۾ اها خراب حالت به آئي ته فوج ٻن لکن ماڻهن کي بغاوت جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو. انهن قيدين کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو. پهرين درجي ۾ پي ـ ڪي ـ آءِ جي اڳواڻن ۽ انهن سان جڙيل ماڻهن کي رکيو ويو، جن کي سنئون سڌو فوجي بغاوت ۾ ملوث قرار ڏنو ويو. انهن همراهن کي فوجي عدالتن ڦاسين ۽ عمر قيد جون سزائون ڏنيون. ٻي درجي ۾ اهي ماڻهو رکيا ويا، جيڪي باغياڻي سرگرمين ۾ گهٽ ملوث ڏٺا ويا ۽ انهن ماڻهن تي 1980ع تائين ڪيس هلندا رهيا. ٽي درجي انهن ماڻهن کي رکيو ويو، جيڪي پي ـ ڪي ـ آءِ جا ميمبر ۽ همدرد هئا، پر هو بغاوت ۾ شامل نه هئا. ٽي درجي جي گهڻائي کي آزاد ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ قيدين کي ڦاسين ڏيڻ جو عمل 1990ع تائين جاري رهيو.
مارچ 1967ع ۾ پارليامينٽ، سوئيڪارنو کي هر قسم جي سياسي اختيارن کان محروم ڪري، سوهارتو کي عبوري صدر مقرر ڪيو ۽ سوئيڪارنو کي سندس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو، جتي هن نظر بندي ۾ ئي 21 جون 1970ع تي وفات ڪئي. ان سال انڊونيشيا، ٿائي لينڊ، فلپائن ۽ سنگاپور، ايسو سي ايشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نيشنز (A S E A N ) جي نالي سان پنهنجي هڪ ڌار علائقائي گروپ جي جوڙ جڪ ڪئي، سوهارتو، چين سان لڳاپا ختم ڪري چيني ٻوليءَ ۾ ڇپندڙ سڀني اخبارن کي بند ڪري ڇڏيو. 21 مارچ 1968ع تي سوهارتو پنجن سالن جي لاءِ صدر چونڊيو ويو. ايئن هو لڳاتار ڇهه ڀيرا انڊونيشيا جو صدر چونڊيو. 1989ع ۾ ٻاويهن سالن کان پوءِ سوهارتو چين سان لاڳاپا ٻيهر بحال ڪيا.
جيتوڻيڪ سوهارتو، انڊونيشيا ۾ آمريڪا جي مفادن جي حفاظت ڪندو رهيو، پر هن جي پاليسي سبب ملڪ اقتصادي ترقي جي منزلون طئي ڪندو رهيو. ٻي طرف سندس آمراڻي حڪومت ۾ انساني حقن جي حالت ڏينهن ڏينهن خراب ٿيندي وئي ۽ ان سان گڏ سوهارتو جي بدعنوانن جا قصا به عام ٿيندا ويا.
1970ع ۾ سوهارتو جي آمراڻي حڪومت جي بدعنوانين جي خلاف شاگردن وڏي پئماني تي مظاهرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. مخالف ڌر سوهارتو جي ڦرلٽ کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽين جي قيام جي گهر ڪئي. ڪميٽين پنهنجي رپورٽ ۾ ان ڳالهه کي مڃيو ته ڪرپشن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي چڪي آهي. رپورٽ جي پڌري ٿيڻ تي سوهارتو چڙي پيو ۽ هن ڪميشن ٽوڙي ڇڏي. 1971ع جي عام چونڊن ۾ سوهارتو جي حامي پارٽي ”ڪونگر“ 62.8 سيڪڙو ووٽن سان ڪامياب قرار ڏني وئي. مخالف ڌر سوهارتو تي کليل ڌانڌلين جو الزام هنيو. 1973ع جي چونڊن ۾ سوهارتو پنهنجي آمراڻي رويي جي حد ڪري ڇڏي. ۽ رڳو ٽن پارٽين گولڪر، دي يونائيٽڊ ڊيولپمينٽ پارٽي ۽ دي انڊونيشين ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي موڪل ڏني وئي. پارليامينٽ جي ويهه سيڪڙو ميمبرن سنئون سڌو سوهارتو کي صدر نامزد ڪري ڇڏيو. انڊونيشيا جي سڀني سرڪاري ملازمن کي ان ڳالهه جو پابند ڪيو ويو هو ته هو گولڪر پارٽي سان لاڳاپيل ايسوسي ايشنز سان جڙيل رهن ۽ چونڊن ۾ گولڪر پارٽي کي ووٽ ڏين.
1975ع ۾ سوهارتو ايسٽ تيمور ٻيٽ کي جيڪو انڊونيشيا جي پورچو گالي بيٺڪيت هو، فوجي ايڪشن جي ذريعي انڊونيشيا ۾ شامل ڪري ڇڏيو. سوهارتو پاران ان فوجي ايڪشن جي پهرين ٻن مهينن ۾ 60000 تيموري رهاڪو ماريا ويا، جيڪي ٻيٽ جي آبادي جو ڏهه سيڪڙو هئا.
1976ع ۾ سوهارتو حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪرپشن قومي تيل ڪمپني ”پرتا مينا“ ۾ ڪئي وئي. جنهن ۾ ڏهن بلين آمريڪي ڊالرن جي ڌانڌلي جو اسڪينڊل سامهون آيو. 1978ع ۾ يونيورسٽي جي شاگردن هڪ ڀيرو ٻيهر سوهارتو جي خلاف مظاهرا شروع ڪري ڏنا. سوهارتو جي ڪرپشن جي ڪري، انڊونيشيا جي عوام جي گهڻائي غربت کان به هيٺ جي زندگي گذارڻ تي مجبور هئي. 1970ع ۾ انڊونيشيا ۾ غربت جو تناسب 14 سيڪڙو هو ۽ اهو 1990ع ۾ وڌي 60 سيڪڙو تائين پهتو. ورلڊ بئنڪ جي هڪ رپورٽ موجب ٻن ڏاڪن کان انڊونيشيا جي ترقياتي بجيٽ جو ويهن کان ٽيهه سيڪڙو حصو ذاتي ۽ سياسي مفادن تي خرچ ڪيو ويندو رهيو. ان حد کان وڌيل ڪرپشن ۽ غربت انڊونيشيا جي عوام جي ڪاوڙ کي جوالا مکي جو روپ ڏنو، جنهن ي سڄي انڊونيشيا ۾ باهه لڳائي ڇڏي، عوام رستن تي نڪري آيو ۽ پوڙهو سوهارتو نيٺ عوام جي اڳيان ڪنڌڀر اچي ڪريو.
فيبروري 1998ع ۾ انڊونيشيا جا ڪيترائي ٻيٽ سوهارتو جي خلاف احتجاج جي تصوير نظر اچڻ لڳا. ان صورتحال جي نتيجي ۾ انڊونيشيا شديد معاشي گهوٽالي جي ور چڙهي ويو. اڪثر بئنڪن جو ڏيوالو نڪري ويو. ڪرنسي جي قيمت رڪارڊ حد تائين گهٽجي وئي. حالتن ۾ سوهارتو جو ستون ڀيرو چونڊ کٽڻ جو اعلان ڪيو ويو. شاگردن پارليامينٽ کي گهيري ۾ وٺي لاٿو ۽ صدر سوهارتو جي استعفيٰ جي گهر ڪئي. 21 مئي تي پارليامينٽ جي دٻاءَ ۾ اچي سوهارتو صدارت تان استعفيٰ ڏي ڇڏي. ايئن ان فوجي آمر جو ٻٽيهن سالن جو دؤر پنهنجي پويان بي روزگاري، غربت ۽ لکين بي گناهه ماڻهن جي لاشن کي پويان ڇڏي پنهنجي انجام کي پهتو ۽ سوهارتو کي بدعنوانين ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي الزام ۾ سندس گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو.
سوهارتو ڊگهي عرصي کان ڪيترين ئي بيمارين ۾ مبتلا هو، جن کيس اندرئي کائڻ شروع ڪري ڇڏيو. پنهنجي زندگي جي آخري دؤر ۾ هو ذهني مريض بڻجي چڪو هو، اهو شخص جيڪو انڊونيشيا جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ هو، تنهنجو ذهن به سندس اختيار ۾ نه رهيو. آخري دؤر ۾ سندس حالت رحم جوڳي بڻجي چڪي هئي، سوهارتو ان حالت ۾ 27 جنوري 2008ع ۾ وفات ڪئي ۽ پنهنجي پويان بدنامي ۽ ظلم جا نه مٽجندڙ داغ ڇڏي ويو.