غريب اڇوت ڇوڪريءَ کان وزيراعليٰ بنجڻ تائين
مٿين عورتن مان هڪ عورت مايا وتيءَ جو پروفائيل ٿورو مختلف آهي. مٿيون سڀ عورتون اعليٰ برهمڻ گهرانن سان واسطو رکن ٿيون. جيتوڻيڪ ميرا ڪماري جو واسطو برهمڻ ڪٽنب سان ڪونهي، هوءَ اڳوڻي هندستاني نائب وزيراعظم ”جڳ جيون رام“ جي ڌيءَ ۽ خوشحال گهراڻي سان لاڳاپيل آهي. پر مايا وتي انهن سڀني مان هيئن مختلف آهي ته هوءَ هڪ غريب اڇوت گهراڻي ۾ پيدا ٿي ۽ پوءِ هن محنت ڪئي ۽ پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪري معاشري ۾ عزت وارو مقام حاصل ڪيو. هن جي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ سڀني ماڻهن جي لاءِ اهو سبق موجود آهي ته حالتون کڻي ڪيتريون به ڏکيون ڇو نه هجن پر ثابت قدمي ۽ محنت سان ڪاميابي نيٺ به ملي وڃي ٿي.
ماياوتي نينا ڪماري 15 جنوري 1956ع تي دهليءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد ڀرپور ديال، مواصلات کاتي ۾ ڪلارڪ هو ۽ هو نوڪريءَ جي سانگي سان ئي دهلي ۾ رهيل هو، نه ته هن جو واسطو ”بلند شهر“ (هاڻي غازي آباد) جي ڳوٺ ”بادل پور“ سان هو. هو اڇوتن جي چمار ذات سان واسطو رکندو هو. (پاڪستان ۾ خاڪروب/ڀنگيءَ کي چمار به سڏيو وڃي ٿو. پر سنسڪرت ۾ ان لفظ جي معنيٰ آهي، چمڙي جو ڪم ڪندڙ.)
ننڍپڻ ۾ ماياوتي پنهنجي ڏاڏيءَ ”منگل سين“ جي گهڻو ويجهو هئي. پڻهنس سان لاڳاپا ته شعور سنڀاليندي ئي خراب ٿي ويس، منگل سين، پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ برطانوي هندستان جي فوجيءَ جي حيثيت سان شريڪ ٿيو هو. پهرين پوٽي هئڻ جي ڪري ماياوتي سندس لاڏلي هئي. ماياوتي به پنهنجي ڏاڏي جي عقل ۽ ڏاهپ، اصولن ۽ انسان دوستي کي واکاڻيندي هئي. بادل پور جا سڀئي ڳوٺاڻا اصول پسند ۽ حق گو منگل سين جي عزت ڪندا هئا ۽ کانئس صلاحون ۽ مشورا وٺندا هئا. ماياوتي پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته ”گهڻو ڪري هو ئي ڳوٺاڻن جي جهيڙن ۽ ٻين معاملن جو فيصلو ڪندو هو.“
اها منگل سين جي وڏائي چئبي جو هن زال جي وفات کانپوءِ ٻي شادي نه ڪئي، جيتوڻيڪ هو اڃان جوان هو. ان وقت پرڀوداس ڇهن مهينن جو هو، پر منگل سين ان ڊپ سبب شادي نه ڪئي ته متان سندس ويڳي ماءُ ظالم نه ثابت ٿئي. هن پوءِ اڪيلي سر پرڀو داس، کي پالي تاتي وڏو ڪري، پنهنجن پيرن تي بيهاريو. پر سندس پٽ روحاني طور تي وڌيڪ سگهارو نه نڪتو. جڏهن پرڀو داس جي زال هڪٻئي جي مٿان ٽن ڌيئرن کي جنم ڏنو ته هن دوستن ۽ مائٽن جي ڳالهين اچي ٻي شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. تنهن ڪري ماياوتيءَ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جو ذڪر سٺن لفظن ۾ نه ڪيو آهي. پرڀو اهو سمجهيو ٿي ته اها سندس ذميواري آهي ته پٽ کي جنم ڏئي پنهنجي ڪٽنبي سلسلي کي اڳتي وڌائي. ڌيئرن جي جنم کان پوءِ هن پنهنجي زال سان ذلت وارو سلوڪ روا رکيو ۽ ان ڳالهه ماياوتي جي ڪاوڙ کي وڌايو.
نيٺ ”منگل سين“ مداخلت ڪئي. پيءُ جي دڙڪي داٻ ۽ ٿُڪ لعنت کانپوءِ پرڀو ٻي شادي ڪرڻ جو ارادو ملتوي ڪيو. ماياوتي لکي ٿي، ”منهنجي ڏاڏي چيو، منهنجون پوٽيون، ڪٽنب جو نالو نسب جاري رکڻ جون اهل آهن. جيڪڏهن سندن صحيح تعليم ۽ سٺي تربيت ڪئي وڃي ته هو پٽن جهڙائي ڪارناما سرانجام ڏئي سگهن ٿيون.“ ڪجهه سالن کان پوءِ نيٺ پرڀوداس وٽ پٽ جنم ورتو، هاڻ وري قدرت سندس زالس تي ايتري ته مهربان ٿي جو هڪٻئي جي پويان ڇهن پٽن کي جنم ڏنو.
هڪ عام هندستانيءَ جيان هاڻ پرڀو جي ڌيان ۽ شفقت جو مرڪز پٽ بڻجي ويا. ايئن ماياوتي جي مايوسيءَ ۾ واڌارو ٿيو. هن پٽن کي ته سٺن اسڪولن ۾ داخل ڪرايو، پر نياڻيون سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهڻ لڳيون. جتي ماسترياڻيون پڙهائڻ جي بدران سڄو ڏينهن ويٺيون ڪچهريون ڪنديون ۽ ڊاڙون ڊشو هڻنديون هيون. پرڀو کي يقين هو ته پٽ ئي سندس مستقبل آهن، تنهن ڪري کين ڌيان جي گهرج آهي. هوڏانهن ماياوتي پنهنجي شاندار تعليمي ڪارڪردگي جي ڪري سڀني کي ڇڙڪائي ڇڏيو، پر پڻهنس مٿس هڪ رپيو به خرچ نه ڪيو.
تنهن ڪري 1993ع ۾ ماياوتيءَ پنهنجي پيءُ سان سٺو سلوڪ نه ڪيو. ان سان بي ايس پي (بهوجن سماج واري پارٽي). سماجوادي پارٽيءَ سان گڏجي يو پي ۾ حڪومت ٺاهي. ماياوتي بي ايس پي جي ٻي نمايان هستي هئڻ جي ڪري طاقت ۾ وزيراعليٰ ملائم سنگهه يادو سان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئي. جڏهن بادل پور ۾ اها خبر پهتي ته هڪ ڏينهن ڳوٺ جا وڏڙا گڏجي پرڀو وٽ ايا ۽ ساڻس فرمائش ڪيائون ته هو پنهنجي ڌيءُ کي چئي سندن مسئلا حل ڪرائي. پرڀو لکنؤ ويو ۽ ماياوتيءَ تي زور ڀريائين ته هوءَ بادل پور جي خاص سرڪاري رٿائن جو اعلان ڪري. پر ماياوتيءَ مٿس چٿر ڪندي چيو، ”اڙي! تون مون وٽ ڇو آيو آهين؟ پنهنجي پُٽن وٽ وڃ، جن کي خاندان جو نالو روشن ڪرڻو آهي، کين چئو ته هو ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ اسپتال اڏرائين.“
بهرحال جڏهن پرڀوءَ ڏٺو ته پٽن بدران وڏي ڌيءُ تعليمي ميدان ۾ اڳتي وڌي رهي آهي ته هو مٿس ڪجهه ڌيان ڏيڻ لڳو. جڏهن ماوياتيءَ مئٽرڪ پاس ڪئي ته کيس اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت ملي وئي. پوءِ هن مقامي ڪاليج مان بي اي ڪئي ۽ هن وڪيل بڻجڻ جو فيصلو ڪيو.
انقلاب جو کڙڪو
اها 1977ع جي سردين مند جي ڳالهه آهي. ماياوتي ايل ايل بي جي پهرينءَ سال ۾ هئي، جو هن ”انڊين سول سروس“ جو امتحان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اهو فيصلو ڪرڻ کانپوءِ هوءَ پڙهڻ کي لڳي وئي ۽ رات جو دير تائين جاڳندي پڙهندي رهندي هئي. هن جي خواهش هئي ته امتحان پاس ڪري دپٽي ڪمشنر بڻجي. اوچتو هڪ رات جي ساڍي نوين بجي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي ۽ مطالعي ۾ غرق ماياوتي ڇرڪي پئي. اها ٺڪ ٺڪ غيرمعمولي هئي، ڇو ته ڪو به مائٽ يا دوست رات جو هن مهل نه ايندو هو. جڏهن هن دروازو کوليو ته ڪاشي رام کي ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي وئي. ڪاشي رام ان وقت تائين هندستان اڇوتن جو محبوب اڳواڻ بڻجي چڪو هو. ماياوتي ڪجهه جلسن ۾ هن جون تقريرون به ٻڌيون هيون. اها ڪاشي رام سان ماياوتي جي پهرين ملاقات هئي. جيڪو ووٽ گهرڻ آيو هو.
اڇوتن جي اڳواڻ ماياوتيءَ جي چوڌاري پکڙيل ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي پڇيو، ”ڇا توکي هي سڀ ڪتاب پڙهڻا آهن؟ هيترو پڙهي ڇا ڪندينءَ؟“ ماياوتيءَ پاڻ کي هيڏي وڏي اڳواڻ جي نظرن جو مرڪز پاتو ته ٿوري شرمائجي وئي. پوءِ همت ڪري چيائين، ”آئون انڊين سروس جو امتحان ڏئي رهي آهيان ۽ چاهيان ٿي ته ڊپٽي ڪمشنر بڻجي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪريان.“ ڪاشي رام وراڻيو، ”آئون سمجهان ٿو ته تون غلطي ڪري رهي آهين.“ تنهن کان پوءِ هن جيڪي جملا چيا، تن ماياوتي جي بدن ۾ سنسي ڊوڙائي ڇڏي. ڪاشي رام اڳ ڪٿي ڪندين چيو، ”تنهنجي بهادري ۽ اڇوتن جون حالتون سڌار جو جذبو واکاڻ جوڳو آهي، تون جيڪڏهن منهنجو ساٿ ڏين ته آئون واعدو ٿو ڪريان ته توکي ايڏو وڏو اڳواڻ بڻائي ڇڏيندس جو هڪ ته ڇا ڪيترائي ڪليڪٽر تنهنجي اڳيان فائيل کنيون تنهنجي حڪم جا منتظر هوندا. ان وقت ئي تون حقيقي معنيٰ ۾ اڇوتن جي مسئلن کي نبيري سگهندين.“
ڪاشي رام پوءِ هڪ ڪلاڪ تائين ماياوتيءَ سان ڳالهيون ڪندو رهيو. هو مختلف سماجي ۽ سياسي موضوعن تي ڳالهائيندا رهيا. جيتوڻيڪ موضوع اڇوتن جي تاريخ ۽ اهي ظلم هئا، جيڪي خاص طور تي برهمڻن ڪيا هئا. ٻنهي ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته قومي پارٽين جا معاملا برهمڻن جي هٿن ۾ آهن ۽ هو اڇوتن سميت سڀني هيٺين طبقن جي پرماريت ڪري رهيا آهن. ڪاشي رام 22 سالن جي نوجوان ڇوڪريءَ کي ٻڌايو ته ”بابا امبيڊڪر، کان پوءِ اڇوتدربدر ڀٽڪي رهيا آهن. جيڪڏهن سندن ۽ سماج جي ٻين پڙهيل طبقن جي رهنمائي ڪئي وڃي ته هو به ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي هلي سگهن ٿا.“
حقيقت ۾ ان هڪ ڪلاڪ ماياوتيءَ جي دل ۽ دماغ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو. کيس احساس ٿيو ته اهڙي سماج ۾ واقعي به سرڪاري آفيسر جو ڪردار صفا محدود آهي. جتي سڀئي معاملا سياسي پارٽين ۽ سياستدانن جي هٿن ۾ هجن. پر سوال هي هو ته ڇا هوءَ ڪاشي رام جي توقع تي پورو لهي سگهي ٿي؟ ان ملاقات کان پوءِ سوچن ماياوتي کي گهيري ۾ وٺي لاٿو. هاڻ هڪ خيال کيس اڀارڻ لڳو ته هوءَ سرڪاري نوڪريءَ کي لت هڻي، سياست جي ميدان ۾ ڪُڏي پوي. پر ٻي گهڙيءَ ڊپ سبب سندس وار اڀا ٿي ويا ته جيڪڏهن ڪاميابي سندس قدم نه چميا ته سندس ڪيريئر تباهه ٿي ويندو، پوءِ ته هوءَ نه گهر جي رهندي ۽ گهاٽ جي! نيٺ گهڻي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ هن سياست اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ايندڙ سياسي مهم جوئي جي سنسني خيز تجربن ۽ واقعن به اهم ڪردار ادا ڪيو. کيس خبر هئي ته اصولن ۽ قانونن ۾ جڪڙيل سرڪاري نوڪري کيس هڪ هنڌ قيد ڪري ڇڏيندي.
پر، پرڀو داس ڌيءَ جي فصيلي تي سخت ناراض ٿيو. کيس ڪاشي رام صفا نه ٿي وڻيو، ڇو ته هو سندس خواهشن خون ڪري رهيو هو. پرڀوءَ ته اهو خواب ڏٺا هئا ته جڏهن ماياوتي ڊپٽي ڪليڪٽر بڻجندي ته هو ڳوٺ ۾ ڪنڌ اوچو ڪري هلندو. هونئن به ٽيهه سال اڳ سياست ۾ اڇوت اڳواڻن جي ڪا به حيثيت نه هئي ۽ نه ئي وري ڪو سونهرو آئيندو. پرڀو داس شروع ۾ ته اها ڪوشش ڪئي ته سندس ڌيءَ سياست ۾ نه اچي، پر جڏهن کيس ان ڳالهه ۾ ناڪامي ٿي نه پڻهنس ماياوتيءَ کي رٿ ڏني ته جيڪڏهن کيس سياستدان ئي بنجڻو آهي ته پوءِ ڪنهن قومي جماعت جهڙوڪ ڪانگريس ۾ شامل ٿئي، هو اڪثر ڌيڻس کي طنزيه لهجي ۾ چوندو هو، ”ڪاشي رام جهڙي کوٽي سڪي جي پٺيان هلي، تون ڪائونسلر به بڻجي نه سگهندينءَ.“
گهڻين ڪوشش جي باوجود به جڏهن پيءُ ڌيءُ کي ڳالهه مڃائي نه سگهيو ته هڪ ڏينهن صفا بر ٿيندي چيائينس، ”ڪاشي رام سان ملڻ بند ڪر، نه ته هڪدم منهنجي گهر مان نڪري وڃ.“ هيڏانهن ماياوتي جي خودداري به عروج تي هئي، هن پڻهنس جي ڌمڪي ٻڌي ته اصل ديري ئي نه ڪيائين، هڪدم ڪپڙا هڪ بيگ ۾ وڌائين ۽ ٻاهر نڪري آئي. هن جي منزل هاڻ ڪاش رام جي آفيس هئي. ماياوتي کيس سڄو قصو ڪري ٻڌايو ۽ چيو ته هاڻ هوءَ سڄي زندگي اڇوتن جي ڀلائي ۽ بهتري جي لاءِ ڪم ڪرڻ ٿي چاهي. ايئن ماياوتي زندگيءَ جي نئين واٽ تي هلڻ لڳي.
ماياوتي ڪجهه وقت ته آفيس ۾ گذاريو ۽ پوءِ ڀرسان ئي هڪ ڪمرو مسواڙ تي ورتو. هاڻ هوءَ ڪاشي رام جي تنظيم بي- اي- ايم- سي- ايف (آل انڊيا بيڪ وارڊ اينڊ مائنوريٽي ايمپلائيز فيڊريشن) جي سرگرمين ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ لڳي. ان سان گڏ هن هڪ مقامي ڪاليج ۾ داخلا به ورتي ته جيئن بي ايڊ ڪري سگهي.هن اسڪول ۾ اڇوت ٻارن کي تعليم ڏيڻ ٿي چاهي. ٻن سالن کان پوءِ بي ايڊ ڪري هوءَ هڪ اسڪول سان واڳجي وئي.
عملي سياست جي شروعات
ڪاشي رام (1934ع-2006ع) بنيادي طور تي هڪ سوشل ورڪر هو. هن اڇوتن جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ پنهنجي سڄي زندگي ارپي ڇڏي هئي. 1984ع ۾ هو سياستدان جي روپ ۾ سامهون آيو. جڏهن ته هن ”بهوجن سماج وادي پارٽيءَ“ جو بنياد رکيو. ان وقت تائين ان حلقي ۾ ماياوتي کي اهم مقام حاصل ٿي چڪو هو، تنهن ڪري هوءَ نئين سياسي پارٽي جي نمايان اڳواڻ بڻجي وئي. اهوئي سبب آهي، جو 1985ع ۾ جڏهن ضمني چونڊون ٿيون ته پارٽي لوڪ سڀا (قومي اسيمبلي) جي چونڊن ۾ بجنور ۾ ماياوتيءَ جو مقابلو اڇوتن جي هڪ ٻي اڳواڻ رام ويلاس ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم جڳ جيون رام جي ڌيءَ ميرا سان هو. ان زماني ۾ راجيو گانڌي جي مقبوليت پنهنجي عروج تي هئي، تنهن ڪري ڪانگريسي اميدوار ميرا سولائيءَ سان کٽي وئي. پر ماياوتي ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن حوصلو نه هاريو.
بي-ايس-پي جي اڳواڻ ايندڙ پنجن سالن تائين نه رڳو يو پي ۾ پر مدهيا پرديش، پنجاب، دهلي ۽ هريانه جي مختلف حصن ۾ پنهنجي پارٽيءَ کي منظم ڪندا رهيا.هنن خاص طور تي اڇوتن جا ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ۽ ڏکين موقعن تي کين سهارو ڏنو. ايئن پارٽي اڇوتن ۾ مقبول ٿي وئي. ٻئي پاسي ڪانگريس جي مقبوليت گهٽجي رهي هئي، جنهن کي اڪثر اڇوت ووٽ ڏيندا بي-ايس پي کي ان ڪري به مقبوليت ملي جو اُن ۾ هنڌو، مسلمان، سک ۽ ٻڌ سڀني مذهبن جا اڳواڻ شامل هئا ۽ ڪنهن کي به ٻي تي عقل ۽ ڏاهپ ۽ محنت جي ڪري برتري حاصل نه هئي. اوڀر يو-پي ۾ بي-ايس-پي جي تنطيم سازي جو بار مسلم علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جي ليڪچرار ڊاڪٽر مشهود احمد جي ڪلهن تي هو ۽ هن اتي پارٽي کي مقبول بنايو.
پارٽي اڳواڻ جي محنتن رنگ لاٿو ۽ 1989ع جي چونڊن ۾ بي-ايس-پي کي لوڪ سڀا جي ٻن ۽ يو پي اسيمبلي جي تيرهن سيٽن تي ڪاميابي ملي، ماياوتي بجنور مان چونڊ کٽي پهريون ڀيرو لوڪ سڀا ۾ پهتي. 1991ع پارٽيءَ کي لوڪ سڀا جون ست ۽ رياستي اسيمبليءَ جون يارنهن سيٽون مليون ڪاشي رام کي 1991ع جي چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون ملڻ جي اميد هئي، پر سندس خواب عملي ساڀيان ماڻي نه سگهيو. دراصل يو پي ۾ چمار ٽڙيل پکڙيل هئا ۽ بي ايس پي جي هر اميدوار جي لاءِ اهو ضروري هو ته هو پنهنجي تڪ ۾ اڇوتن سان گڏ ٻين طبقن جا ووٽ به حاصل ڪري. اهوئي سبب آهي، جو بي ايس پي ها چمارن کانسواءِ ٻين ذاتين ۽ مسلمانن کي به پنهنجي طبقي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
1993ع ۾ ڪاشي رام رياستي چونڊن کان ڪجهه وقت اڳ ملائم سنگهه يادوي جي ”سماج وادي پارٽي“ سان چونڊ اتحاد ڪيو ته جيئن برهمڻن جي پارٽي ڀارتيا جنتا پارٽي سان مقابلو ڪري سگهجي. جيتوڻيڪ اهو اتحاد غيرفطري هو، پر ان سان بي ايس پي کي وڏو فائدو ٿيو ۽ هن چونڊن ۾ 67 سيٽون حاصل ڪيون. سماج وادي پارٽيءَ کي 109 سيٽون مليون ۽ ٻنهي پارٽين گڏجي يو پي ۾ حڪومت ٺاهي جيتوڻيڪ بي جي پي 177 سيٽون کڻي سڀني کان وڏي پارٽي بڻجي وئي هئي.
پر پاڻ ۾ سخت اختلافن سبب اهو اتحاد هلي نه سگهيو ۽ 1995ع ۾ ٽٽي پيو. هاڻي ڪاشي رام ۽ ماياوتي، بي جي پي جي مدد سان حڪومت جوڙي، ايئن هڪ ”چمار عورت“ ماياوتي يو پي جي وزيراعليٰ بڻجي نئين سياسي تاريخ لکي. ان زماني ۾ ماياوتيءَ کي، ڪاشي رام جي ڪٺ پتلي سمجهيو ويندو هو، وزيراعليٰ بڻجي سندس قائدانه صلاحيتون سامهون آيون. هوءَ هڪ هڪ زندهه دل ۽ من موهڻ واري شخصيت جي مالڪ هئي، جنهن کان سنجيده ڪاشي رام محروم هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن جي دليري سڀني کي متاثر ڪيو. هن فقط چئن مهينن جي اندر اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته هڪ اڇوت عورت به انهن سگهارن برهمڻ سرڪاري آفيسرن جو مزاج درست ڪري سگهي ٿي، جيڪي اڇوتن کي ”ڪوئن“ کان وڌيڪ اهميت نه ڏيندا هئا. ايئن ماياوتي وزيراعليٰ بڻجندي ئي پنهنجي چوڌاري اڇوت سرڪاري آفيسرن کي گڏ ڪيو. هوءَ خاص طور تي اڇوت مخالف آفيسرن سان سختي سان پيش ايندي هئي. ڄڻ ماياوتي کيس ڪيترن ئي سالن کان اهو وساريل سبق ياد ڏياريو ته هو عوام جا آقا نه پر نوڪر آهن. گڏوگڏ ماياوتيءَ نه رڳو عوام ۽ پارٽي جي ڀلائي جي لاءِ حڪم ڪيا، پر هوءَ ذاتي مفادن سان لاڳاپيل سياستدانن کان به نفرت ڪندي هئي.
ڇاڪاڻ ته بي ايس پي ۽ بي جي پي جو اتحاد به غير فطري هو. تنهن ڪري اهوبه جلد ئي ٽٽي پيو. برهمڻ پنهنجي مٿان اڇوتن جي حڪومت گهڻو وقت برداشت نه ٿي ڪري سگهيا. بهرحال اقتدار ۾ اچڻ سان قومي سطح تي عوام ۽ ماهرن کي احساس ٿيو ته اتر پرديش ۾ بي جي پي ۽ ڪانگريس کانسواءِ هڪ ٻي سگهه به اڀري رهي آهي، جنهن جي اڳواڻ ۾ ماياوتي ڪرشما تي شخصيت رکي ٿي.
1996ع جي رياستي چونڊن ۾ وري به ڪنهن سياسي جماعت کي اڪثريت ملي نه سگهي. هن ڀيري بي ايس پي، ڪانگريس سان چونڊ اتحاد ڪيو ته جيئن کيس برهمڻن جا ووٽ به ملي سگهن. تنهن ڪري بي ايس پي جي اڳواڻن تي منافقت جو الزام لڳو، پر ڪاشي رام ۽ ماياوتيءَ جو چوڻ هو ته هو اقتدار ۾ پهچي ئي اڇوتن جي حالت کي سڌاري سگهن ٿا ۽ اڇوت مخالف سرڪاري نظام ختم ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري منزل تائين پهچڻ جي لاءِ برهمڻن جو سهڪار حاصل ڪرڻ ضروري ۽ سوچيل سمجهيل چال هئي. سياسي سرڪس جي ان دور ۾ بي ايس پي هڪ ڀيرو ٻيهر جي بي پي سان اتحاد ڪري حڪومت جوڙي. طئي اهو ٿيو هو ته پهرين ڇهه مهينا ماياوتي وزيراعليٰ هوندي، پوءِ اقتدار بي جي پي جي ڪلياڻ سنگهه جي حوالي ڪيو ويندو، پر ماياوتيءَ جو دور ختم ٿيو ته اهو اتحاد ٻيهر ٽٽي پيو. 2002ع ۾ واري ماياوتي بي جي پي سهڪار سان وزيراعليٰ جي عهدي تي پهتي. پر ايندڙ سال ٻيهر دوريون پيدا ٿيو.
2007ع جي رياستي چونڊن ۾ کان اڳ بي ايس پي جو باني ڪاشي رام چالاڻو ڪري ويو. هاڻي اهو چيو پئي ويو ته پارٽي جو زوال شروع ٿي ويو آهي، ڇو ته ماياوتي يا ڪنهن ٻئي اڳواڻ ۾ ايترو دم ڪونهي، جو ان کي سنڀالي سگهي، پر مخالف ماياوتي جي صلاحيتن ۽ عوام ۾ سندس مقبوليت جو غلط اندازو لڳايو ويو هو. چونڊن ۾ بي ايس پي کي 403 کان 206 سيٽون مليون. ايئن هوءَ اڪيلي سر حڪومت ٺاهڻ جي قابل بڻجي وئي. 1991ع کان پوءِ اهو پهريون موقعو هو، جو ڪنهن سياسي جماعت کي ايتري مقبوليت ملي هئي.
ماياوتيءَ جون شخصي خوبيون ۽ خاميون
ماياوتي مقبوليت جو راز اهو آهي ته هوءَ عوام سان واسطو ٿي رکي. هنن جيان ئي ڳالهائي ٻولهائي ٿي ۽ زندگي گذاري ٿي. هوءَ عام ماڻهن جي تڪليف کان چڱيءَ طرح واقف هئي ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندي هئي. اقتدار جو نشو وڏن وڏن جڳادرين کي مغرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي، سڄي ڪئي ڪمائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي، پر اهي اخلاقي بيماريون اڃا ماياوتي جي ويجهو نه لڙيون آهن. جيتوڻيڪ هوءَ سرڪاري آفيسرن سان ڏاڍو سخت رويو رکندي آهي، پر اهو کين سڌي رستي تي آڻڻ جو هڪ ڍنگ به ٿي سگهي ٿو. هندستان جا اڇوت ته خاص طور تي ماياوتيءَ کي پنهنجي راڻي، هيروئن ۽ سردارڻ سمجهندا آهن ۽ ساڻس ملڻ وارا کيس ”ڀيڻ“ چئي مخاطب ٿيندا آهن. شروع ۾ ماياوتي برهمڻ جي سخت خلاف هئي، تنهن ڪري تقريرن سندس رويو جارحاڻو هوندو هو ۽ هوءَ رنگ برنگي لفظ استعمال ڪندي هئي. جهڙوڪ: هوءَ برهمڻن جو مذاق اڏائيندڙ هي شعر پڙهندي هئي:
تلک، ترازو اور تلوار
ان کو مارو جوتی چار۔
پر هاڻ سندس مزاج ۾ اعتدال اچي چڪو آهي. کيس احساس ٿي ويو آهي ته نفرت جي سياست جو ڪو به مستقبل ڪونهي. تنهن ڪري هوءَ سماج جي سڀني طبقن کي پاڻ سان گڏ وٺي اڳتي وڌڻ چاهي ٿي. اهوئي سبب آهي، جو هن 2007ع جي چونڊن ۾ برهمڻن ۽ مسلمان اميدوارن کي به ٽڪيٽون ڏنيون. يو پي جا ٻه ڪروڙ مسلمان ڪافي عرصي کان ڪنهن اهل ۽ طاقتور مسلمان اڳواڻ کان محروم آهن. ماضي جي تلخ تجربن جي ڪري سندن ڪانگريس ۽ بي جي پي تي ڀروسو ختم ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري اونداهي سرنگ ۾ کيسن بي ايس پي ئي اميد جي ڏياٽي نظر آئي، تنهن ڪري هاڻوڪين رياستن چونڊن ۾ اڪثر مسلمانن بي ايس پي کي ووٽ ڏنا.
جيئن ته ماياوتي سڄي نظام کي وڙهي رهي آهي، تنهن ڪري چوندي آهي ته سندس زندگي کي خطرو آهي. پر سڀني خطرن جي باوجود به هوءَ پنهنجي مورچي تي ڄمي بيٺي آهي. هن سڄي ملڪ جي اوڇتن کي نئون حوصلو ۽ ڀروسو ڏنو آهي. يو پي ۾ هاڻ اڇوت بي انصافي تي خاموش نه ويهندا آهن، ڇوته کين خبر آهي ته رياست جي حاڪم هنن مان ئي آهي. هاڻ يو پي ۾ غريب غربي سان جابر سرڪاري آفيسرن جو سلوڪ بهتر آهي. ماياوتي خاص طور تي پوليس کاتي جو ٽڪ مان وار ڪڍي ڇڏيو آهي. سندس هاڻوڪي دور ۾ 688،17 پوليس آفيسرن ۽ سپاهين کي نوڪرين مان ڪڍيو ويو آهي. ماياوتي حڪومت، ان سان گڏوگڏ اڇوتن جي ڳوٺن جي حالت سڌارڻ ۾ به مصروف آهي. اتي نوان ٽيوب ويل، اسپتالون، اسڪول وغيره اڏيا پيا وڃن.
سڀني اڳواڻن جيان ماياوتي به اڪثر تنقيد جي ڇريءَ هيٺ ايندي رهندي آهي، مٿس به ڪيترائي الزام هنيا ويندا آهن. جهڙوڪ: مٿس پهريون الزام اهو لڳو ته هن شادي ڪرڻ کانسواءِ ”ڪاشي رام“ سان تعلقات قائم رکيا هئا. پر ماياوتي برملا چيو، سندس لاءِ پيءُ جهڙي حيثيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته اهوئي سچ هو، تنهن ڪري الزام کي مقبوليت ملي نه سگهي.
وزيراعليٰ بنجڻ کانپوءِ ماياوتي تي هر ممڪن ذريعي کان دولت گڏ ڪرڻ جو الزام لڳو ۽ اها حقيقت به آهي ته هاڻي هوءَ اربين رپين جي جائداد جي مالڪ آهي.پرماياوتي جو چوڻ آهي ته اها دولت سندس نه پر پارٽي جي ملڪيت آهي. تنهن کانسواءِ اها دولت غير قانوني ذريعن وسيلي نه پر پارٽي کي ملندڙ عطين، سرمائيڪاري ۽ مختلف ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ ٿي آهي. اڻ ڌري ماهرن ان ڳالهه طرف اشارو ڪيو آهي ته ماياوتي سڀني سياستدانن کان وڌيڪ ٽئڪس ٿي ڀري، جيڪڏهن اها دولت ناجائز هجي ها ته اها ظاهر ڪرڻ بدران لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ها.
ماياوتيءَ تي هڪ وڏو الزام اهو نه آهي ته هوءَ پنهنجي سالگره شان ۽ شوڪت سان ملهائيندي آهي. تنهن کان سواءِ ذاتي مشهوريءَ لاءِ رياست ۾ هنڌ هنڌ تي پنهنجا مجسما ٺهرائي رهي آهي. انهن سڀني سرگرمين تي ڪروڙين رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، ڇا اهو چڱو نه ٿئي ها ته اهي پئسا اڇوتن جي زندگيءَ جو معيار وڌائڻ تي خرچ ڪجن ها؟ ان سلسلي ۾ ماياوتي جي حامين جو چوڻ آهي ته هندستان ۾ اڇوتن جي پنهنجي مخصوص تاريخ آهي، عام هندو ته ساڻن گڏ کائڻ پيئڻ کان لنوائين ٿا. برهمڻن ته مٿن مندرن جا دروازا به بند ڪري ڇڏيا آهن. گويا اڇوت ديوي ۽ ديوتائن کان به محروم ٿي ويا، وٽن عبادت جي لاءِ هڪ به ”آئيڪون“ نه رهيو. جڏهن ماياوتي اڇوت اڳواڻن (جهڙوڪ: امبيڊڪر، شاهو مهاراج، پريار، ڪاشي رام وغيره) جا مجسما عوامي چونڪن ۾ کوڙيا ويا ته اهي اڇوتن لاءِ مقدس علامتون بڻجي ويا. تنهن ڪري هو مجسمن جي اڏاوت کي صحيح سمجهن ها ۽ اهو ڪارنامو به سرانجام ڏيڻ تي ماياوتي کي واکاڻين ٿا. تنهن ڪري انهن مجسمن درحقيقت ماياوتي جي مقبوليت ۾ واڌارو ڪيو.
ڪجهه ماهر چون ٿا ته ماياوتي جي عروج جو هڪ سبب هندستاني سماج جو تبديل ٿيڻ به آهي. هاڻ معاشري ۾ اڳ جهڙو تعصب ۽ نفرت موجود نه آهي. ان سچائي کان انڪار ممڪن ڪونهي، پر اها حقيقت آهي ته ماياوتي بنيادي طور تي پنهنجي خوداعتمادي، محنت ۽ ڏاهپ جي ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. ماياوتي تي ته ٻيڻون وزن هو. هوءَ هڪ پٺتي پيل معاشري ۾ عورت هئڻ سان گڏ اڇوت به هئي. پر هن مڙسيءَ سان سڀني تڪليفن ۽ ڏکيائين کي منهن ڏنو ۽ پوءِ شهرت ۽ دولت ۽ عزت سندس هنج ۾ اچي ڪريون. هن خاص ڪري اترپرديش ۾ روايتي سياست جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، جيڪا اوچي ذات جي هندن جي چوڌاري ڦرندي هئي. ماياوتي اڇوتن جي خاطر تن، من ۽ ڌن واري ڇڏيو. هن اڃا تائين شادي به نه ڪئي آهي.
مذهبن ۾ موجود تضادن کيس مذهب کان بيزار ڪري ڇڏيو. هوءَ برهمڻن طرف اشارو ڪري چوي ٿي: ”جيڪو مذهبي هئڻ جي باوجود ٻين تي ظلم ۽ جبر ٿو ڪري ته ان جي سڄي عبادت ۽ رياضت جو ڪهڙو فائدو؟“ ماياوتي ماضي ۾ هندواڻين رسمن رواجن جو مذاق اڏائي برهمڻن کي چيڙائي چڪي آهي، تنهن کان سواءِ هن هڪ ڀيرو اهو چئي سنسني پکيڙي ڇڏي هئي ته، ”گانڌيءَ اڇوتن جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو.“
هندستان جا اڇوت
هندستان ۾ اڇوتن جو تعداد لڳ ڀڳ ويهه ڪروڙ آهي. اهي 66 ذاتين ۾ ورهايل آهن. گذريل هڪ سئو سالن ۾ لکين اڇوت مسلمان، عيسائي ۽ ٻُڌ بڻجي چڪا آهن. پر هندو اڇوت اڃا به تمام گهڻا آهن. انهن مان سڀني کان گهڻو تعداد اتر پرديش ۾ رهي ٿو، جتي سندن آبادي لڳ ڀڳ سوا ٽي ڪروڙ آهي. اتي 87 سيڪڙو ٻهراڙين ۾ رهن ٿا. هندو اڇوتن جي وڏين ذاتين ۾ چمار، مهار، ڀنگي، چؤر، ڌوٻي وغيره شامل آهن.
هندستاني آئين موجب هندستان ۾ ذات پات جو نظام ختم ٿي چڪو آهي. پر هندستان جي ٻهراڙين ۾ اهو اڃا به جاري آهي. روز مرهه جي سرگرمين ۾ اوچي ذات جا هندو اڃا به اڇوتن سان ماضيءَ جهڙو ذلت وارو رويو ئي رکن ٿا. جهڙوڪ: هو رڌڻي ۾ گهڙي نه ٿا سگهن، سندن کاڌي پيتي جا ٿانوَ ڌار آهن ۽ کين ذري پرزي تي ماريو ۽ ڪٽيو وڃي ٿو. البت تعليم جي ڪري شهرن ۾ اهو تعصب گهٽجي چڪو آهي. اڄڪلهه هندستان ۾ اڇوتن جي حالت اڳ جي ڀيٽ ۾ هزار ڀيرا سٺي آهي. ماضيءَ ۾ ڪنهن اڇوت جو رڳو پاڇو ئي ڪنهن برهمڻ يا کتري تي پئجي ويندو هو ته هو هڪدم وهنجڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. سڀئي اڇوت ڳوٺن کان ٻاهر گندين وسندين ۾ رهندا هئا. اوچي ذات جا هندو سندن بي عزتيون ڪندا هئا، جنهن جي ڪري اڇوت پاڻ کي هندو نه سڏرائيندا هئا. جيتوڻيڪ هو هندو رسمون رواج اختيار ڪندا هئا. ماياوتي اڇوتن جون حالتون سڌارڻ ۾ رڌل آهي، پر ڪجهه اڇوت اڳواڻ مٿس اهو الزام هڻن ٿا ته اقتدار مان فقط هوءَ ۽ سندن پارٽي جا ڪارڪن ئي فائدو ماڻي رهيا آهن. يو پي ۾ اڇوتن جي اڪثريت جي حالت اڃا به انتهائي غريب ۽ پٺتي پيل آهي.
پڙهيل ماڻهن جي پارٽي
بي ايس پي (بهوجن سماج وادي پارٽي) جو بنياد 1984ع ۾ هڪ اڳوڻي ليبارٽري اسسٽنٽ ڪاشي رام رکيو. هو گذريل تيرهن سالن کان اڇوتن جون حالتون سڌارڻ ۽ انهن جي حقن جي خاطر هندستاني حڪومت ۽ سرڪاري ادارن سان ويڙهه ۾ رڌل هو. بي ايس پي کان اڳ ڊاڪٽر امبيڊڪر جي ريپبلڪ پارٽيءَ اڇوتن جي مفان لاءِ ڪم ڪندي هئي، پر جڏهن اها ڪانگريس ۾ ضم ٿي وئي ته برهمڻن سندس پر ئي ڪٽي ڇڏيا، تنهن ڪري خاص ڪري اتر پرديش ۾ بي ايس پي کي وڌڻ جو موقعو ملي ويو.
شروعاتي سالن ۾ ته بي ايس پي جي ڪارڪردگي سٺي نه رهي، پر پوءِ يو پي ۾ تيزيءَ سان سندس ووٽ بئنڪ وڌڻ لڳو. نيٺ 2007ع جي چونڊن ۾ 403 سيٽن مان 206 سيٽون کٽي سڄي ملڪ کي حيران ڪري ڇڏيو. پارٽي کي مقبول بنائڻ ۾ ڪاشي رام جو دماغ ۽ ماياوتي جي جوش ۽ جذبي وڏو ڪم ڏنو. تنهن کانسواءِ ڪجهه ٻيا سبب به هئا. جن بي ايس پي کي مقبول بنائڻ ۾ مدد ڪئي جهڙوڪ: اڪثر هندستاني وڏين سياسي پارٽين تان پنهنجو ڀروسو ختم ڪري چڪا ته علائقائي پارٽيون وجود ۾ اچڻ لڳيون. ڪاشي رام ۽ ماياوتي سياست به ٻين کان مختلف ڪئي. هو ڪڏهن به ڪانگريس، انتهاپسند هندن يا ڪميونسٽن جا ساٿي نه ٿيا. تنهن ڪري بي ايس پي جو ڍانچو ٻين سياسي پارٽين کان ٿورو ٻئي نموني ۾ جڙيو. پارٽي جي اعليٰ اڳواڻي ڪجهه اڳواڻن تي مشتمل آهي. تنهن کانپوءِ ننڍا وڏا سڀ عهدا ڪارڪنن وٽ آهن، جيڪي پارٽي لاءِ ووٽ گڏ ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته بي ايس پي تي ڪنهن جي به اجاراداري نه آهي، تنهن ڪري چونڊن مهل پارٽي ٽڪيٽون سڀئي اڳواڻ پاڻ ۾ سلاح مصلحت ڪري ڏيندا آهن. آخر ۾ هڪ دلچسپ نقطو هيءُ به آهي ته بي ايس پي ڪڏهن به احتجاج جي سياست نه ڪئي آهي. جيتوڻيڪ ٻيون پارٽيون احتجاج جو روپ اختيار ڪري ئي وڌنديون آهن. اها به ڌيان طلب ڳالهه آهي ته سماج جي پڙهيل ماڻهن جي نمائندا جماعت قومي اُفق تي ظاهر ٿيڻ جي لاءِ ڪڏهن به احتجاج جو سهارو نه ورتو. سياست جي ماهرن جي راءِ موجب اها حڪمت عملي بي ايس پي لاءِ فائدي واري ثابت ٿي. هن پارٽيءَ چونڊن جو رستو اختيار ڪيو ۽ هُل هنگامن ڪرڻ کانسواءِ عوام ۾ مقبول ٿيندي وئي.
20 ڪروڙ ماڻهن جو صوبو
هندستاني رياست يو پي (اتر پرديش) ۾ لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ ماڻهو رهن ٿا. يعني جيڪڏهن اهو ڌار ملڪ بڻجي وڃي ته اهو انڊونيشيا کان پوءِ دنيا جو پنجون نمبر وڏو ملڪ هوندو. رياست ۾ 80 سيڪڙو آبادي هندو، 18 سيڪڙو مسلمانن جي آهي. باقي سک، ٻڌ، عيسائي ۽ جين وغيره آهن.
آبادي گهڻي هئڻ جي ڪري يو پي ڪيترن ئي معاملن ۾ ٻين هندستاني رياستن کان پٺتي آهي، (هندستان ۾ صوبي کي رياست ۽ صوبائي اسيمبليءَ کي رياستي اسيمبلي سڏيو ويندو آهي)، پر گذريل ويهن سالن ۾ ان جو سياسي ماحول گهڻو بدلجي چڪو آهي. اڳ ۾ گهڻا هندو ۽ مسلمان ڪانگريس يا بي جي پي کي ووٽ ڏيندا هئا، پر هاڻ خاص طور تي ڳوٺاڻن هندن ۽ مسلمانن جي اميدن جو مرڪز بي ايس پي بڻجي چڪي آهي. گذريل رياستي چونڊن ۾ راهول گانڌي رياستي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي مهم هلائي، پر کيس گهڻي ڪاميابي نه ملي. ان موقعي تي هڪ ڀيري ماياوتيءَ، راهول تي طنز ڪندي چيو هو، ”موصوف اڇوتن سان اٿي ويهي ۽ کائي پئي ته ٿو، پر پوءِ خاص صابڻ سان وهنجي ٿو.“
اتر پرديش کي اهو به اعزاز آهي ته ڪيترن ئي هندستاني وزيراعظمن جو واسطو هن رياست سان هو. هاڻي هن جي واڳ ماياوتيءَ جي هٿن ۾ آهي ۽ اها فطري ڳالهه آهي ته هوءَ به وزيراعظم جا خواب ڏسي رهي آهي. هونئن به هڪ سياستدان جي زندگيءَ جي عروج جو نقطو اهوئي هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته رياست مان 80 ميمبر چونڊجي لوڪ سڀا ۾ وڃن ٿا، تنهن ڪري مستقبل ۾ ماياوتي ان عهدي تي پهچي سگهي ٿي.
گهڻو ٽئڪس ڏيندڙ سياستدان
اها ڳالهه به حيرت ۾ وجهندڙ آهي ته هندستان ۾ سڀ کان گهڻو ٽئڪس ڀريندڙ سياستدان سماج جي هيٺين طبقي اڇوتن سان واسطو ٿي رکي. گذريل سال (2010ع) ۾ ماياوتيءَ 26 ڪروڙ، 26 لک رپيا ٽئڪس پياري سياستدانن ۾ پهرين نمبر تي آئي. ٻئي پاسي هندستان جي امير سياسي گهراڻي گانڌي خاندان جو ڪو به ڀاتي ٽئڪس ڏيندڙ 200 نمايان شخصيت ۾ شامل نه آهي. ماياوتي تي اهو به الزام هنيو وڃي ٿو ته هن سياست ۾ اچي تمام گهڻي دولت ميڙي آهي. پرماياوتي چوي ٿي اها سندس نه پر عوام جي آهي، تنهن ڪري شايد سرڪار خزاني ۾ تمام گهڻي رقم جمع ڪرائڻ جو اعزاز به سندس حصي ۾ آيو آهي. هوءَ پهرين 20 سڀني کان وڌيڪ ٽئڪس پياريندڙن ۾ شامل آهي.