ڪتاب جو نالو: سوجهرن جا سفير
مصنف: بلوچ صحبت علي
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 12 فيبروري 2019 ع
پڙهيو ويو: 1120 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 273 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي 17 برک شاعرن جي انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب بلوچ صحبت علي آهي.
هن ڪتاب ۾نشتر ناٿن شاهي، نواز رڪڻائي، احمد خان مدهوش، شمشير الحيدري، غالب ملڪاڻي، آثم ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، تاجل بيوس، امداد حسيني، تاج بلوچ، وفا ناٿن شاهي، راشد مورائي، انور پيرزادو، بشير سيتائي، جوهر بروهي، سڪندر ”آه“ ۽ عبدالغفار تبسم جي چونڊ شاعري، مختصر تعارف، تصويرون ۽ تفصيلي انٽرويوز شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سمورا حق واسطا سهڙيندڙ وٽ هٿيڪا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پهرين ايڊيشن مان پنهنجي پاران
  • ٻيئن ايڊيشن لاءِ پنهنجي پاران
  • انٽرويوز

  • نشتر ناٿن شاهي
  • نواز رڪڻائي
  • احمد خان مدهوش
  • شمشير الحيدري
  • غالب ملڪاڻي
  • آثم ناٿن شاهي
  • محسن ڪڪڙائي
  • تاجل بيوس
  • امداد حسيني
  • تاج بلوچ
  • وفا ناٿن شاهي
  • راشد مورائي
  • انور پيرزادو
  • بشير سيتائي
  • جوهر بروهي
  • سڪندر ’آه‘
  • عبدالغفار تبسم
  • تعارف : بلوچ صحبت علي
  • بئڪ ٽائيٽل صفحو

  • سمورا حق واسطا سهڙيندڙ وٽ هٿيڪا

    ڪتاب: سوجهرن جا سفير
    موضوع: انٽرويوز
    سهيڙيندڙ: بلوچ صحبت علي
    ڪمپوزنگ: علي انور لغاري
    ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن قمبر شهدادڪوٽ
    ڇاپو: ٻيون
    ڳاڻيٺو: هڪ هزار
    سال: 2018

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر


    SOJHRAN JA SAFEER
    By: Baloch Suhbat Ali
    Edition: 2nd
    Year: 2018
    Composed by: Ali Anwer Leghari
    Published by: Kanwal Publication Qambar Shahdadkot


    ارپنا

    نثري نظمن جي شعري مجموعي

    1. ”زندگي خواب خودڪشي“ (2000)
    2. ”روپـوش محبت“ (2005)
    3. نــئون ادب نـيـون ڳــالــهيـون (2013)
    جي، خالق، مالڪ ۽ تخليقار



    محترم چندر ڪيسواڻي
    جي ناءُ

    بلوچ صحبت علي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سوجهرن جا سفير“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي 17 برک شاعرن جي انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب بلوچ صحبت علي آهي.
    هن ڪتاب ۾نشتر ناٿن شاهي، نواز رڪڻائي، احمد خان مدهوش، شمشير الحيدري، غالب ملڪاڻي، آثم ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، تاجل بيوس، امداد حسيني، تاج بلوچ، وفا ناٿن شاهي، راشد مورائي، انور پيرزادو، بشير سيتائي، جوهر بروهي، سڪندر ”آه“ ۽ عبدالغفار تبسم جي چونڊ شاعري، مختصر تعارف، تصويرون ۽ تفصيلي انٽرويوز شامل آهن.
    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 2006ع ۾ گنج بخش ڪتاب گهر ڇپيو هو. ٻيو ڇاپو 2018ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون بلوچ صحبت علي صاحب جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پهرين ايڊيشن مان پنهنجي پاران

    زندگيءَ جي هن مسودي ۾ جڏهن ڪيئي يادون سلهاڙجي وڃن ٿيون، تڏهن وڃي ڪتاب جنم وٺي ٿو. اهو ڪتاب شاعري جو يا وري نثر جو روپ وٺي محبتن جو، دردن جو، ايذائن جو يا وري انيڪ اذيتن جو، پبلش ٿئي ٿو. هن ڪتاب پٺيان به اهڙي قسم جي ئي وارتا آهي. جڏهن مون سوچيو سنڌ جي ڏاهن ۽ برک شاعرن جا خالص ادبي انٽرويو ڪجن ۽ ان ڏس ۾ مون سنڌ جي ماياناز شاعرن ۽ اديبن سان رابطو ڪيو ته مون کي ڪافي دشواريون تڪليفون ۽ ڀوڳنائون ڏسڻيون پيون. ڪن ڪن دوستن کي ته مون کي بار بار اهو ياد ڏيارڻو پيو ته توهان جو ادبي انٽرويو ڪرڻو آهي، پر وري به انهن جا اهي سوال اڄ به منهنجي ذهن ۾ ٻُرن ٿا ته ڪهڙي قسم جو انٽرويو، ڪهڙي اخبار لاءِ، ڪهڙي رسالي لاءِ. وغيره وغيره. ڪن سڄڻن جي انٽرويو ڪرڻ لاءِ ته مون کي سال به لڳي ويا. محض ان ڪري ته اهي مان وارا دوست پنهنجين زندگين جي انيڪ مصروفيتن ۾ مصروف رهيا ۽ ٽائيم نه ڏيئي سگهيا. ڪن کي ته مون کي بار بار ياد ڏيارڻو پيو ته سائين انٽريو لاءِ ڪڏهن ٿا ٽائيم ڏيو.
    مون کي ڏاڍي حيرانگي ٿي ته انهن دوستن ۾ هڪ اهڙو ڏاهو ڏات ڌڻي به شامل آهي جنهن جو نالو تاج بلوچ آهي جنهن انٽريو جي سوال نامي وٺڻ کان پوءِ ڪلاڪ کن کان پوءِ فون ڪئي ته صحبت توهان جو انٽرويو تيار آهي کڻي وڃو.
    جتي ڪجهه دوستن هن ادبي ڪم جي سلسلي ۾ مايوس ڪيو ته اتي ئي وري گهڻن دوستن مثبت موٽ ڏيئي مون کي اڃا به همٿايو، مان نه ئي ڪو وڏو اديب ۽ نه ئي ڪو وڏو شاعر آهيان ۽ نه ئي مون اهڙي قسم جي ڪڏهن لٻاڙ هنئي آهي. مان ادب جي دنيا جو پانڌيئڙو آهيان ۽ اڄ به طفل مڪتب آهيان.
    مان سڀني معزز اديبن، دوستن، شاعرن جو نهايت ٿورائتو آهيان جن مون کي، سوجهرن جي سفير لاءِ انٽريو ڏئي، مان بخشيو.
    جيئن ته هي انٽرويز تي مبني ڪتاب هن سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي ۽ هن ڪتاب جي ڀاڱي ٻي لاءِ سنڌ جي نوجوان شاعرن کان انٽرويو ڪرڻ شروع ڪيا آهن.
    مون کي نهايت سرهائي ٿي ٿئي ته هتي ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان جيڪي دوست مليا اهي واقعي مخلص ۽ سچا آهن، انهن ۾ پيارو دوست امداد سولنگي، (انهن ڏينهن ۾ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ڪراچي) محبتي ماڻهو ڊاڪٽر منصور ملڪ، چندر ڪيسواڻي، رکيل مورائي، سڪندر ”آه“، ستار ڀٽي، نصير سومرو، منور ڀٽو، خليل انصاري، عبدالحڪيم جاکرو ۽ عاقب راڄپر، عرفان عباسي ۽ جان خاصخيلي وغيره، انهن دوستن واقعي دوستي جو ديپ جلايو آهي ۽ مون کي همٿايو آهي. هتي مون کي شيخ اياز جون خوبصورت سٽون ياد ٿيون اچن ۽ عجيب ڪيفيت تاري ٿي ٿي وڃي.

    ڏس ته مٿان آڪاش پيو ٿو ڪيڏا ديپ جلائي،
    هڪڙو گم ٿئي ٻيو نڪري تارن سان راند رچائي،
    تنهن جو ڏيئو، غرق به ٿي ويو جو جڳ کي جرڪائي،
    دل نه سندءِ گهٻرائي.

    تون جي ايندي ميت ته هي سنگيت امر ٿي ويندي،
    مون ٻاري جا جوت، انهيءَ جي جيت امر ٿي ويندي،
    پـر جـي کاڌم مات، الا او مات،
    ته منهنجي لات امر ٿي ويندي.

    مان نهايت شڪر گذار آهيان پنهنجي پياري دوست عبدالقيوم قاسماڻي جو جنهن هن ڪتاب جي سينگارڻ ۽ سنوارڻ ۾ پنهنجي وس ۽ وت آهر ڪوششون ڪيون، ان سان گڏ جيڪر مان پنهنجي استاد بشير سيتائي جي شخصيت جو ذڪر نه ڪيان جنهن هن ڪتاب سوجهرن جا سفير لاءِ هر وقت پنهنجي قيمتي راين سان منهنجي رهنمائي ڪئي، ته يقينن هي ڪتاب اڻپورو ۽ اڌورو رهجي وڃي ها.
    منهنجي هيءَ ڪاوش اوهان دوستن جي اڳيان آهي ان ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ويو آهيان، اهو اوهان تي ئي ڇڏيل آهي، مان فقط ايترو ئي چئي سگهان ٿو.

    بـــاهــه ٻــــري آ، مُــنــد چــري آ، ٻــيــجــل تــنــد تــپــاءِ،
    سِــر جــي سـئـن هـڻـڻ کـان اڳ ۾، پنـهـنـجـو ڪـنـڌ ڪپـاءِ،
    سمجهي پير وڌائي.
    (تاجل بيوس)


    بلوچ صحبت علي

    نوٽ:
    منهنجي خوبصورت گلن جهڙن دوستن مان ڪجهه مون کان وڇڙي ويا آهن، انهن ۾ سڪندر ’آه‘، ستار ڀٽي، ڊاڪٽر منصور ملڪ اڄ مون سان گڏ نه آهن پر سندن خوبصورت يادون هميشه منهنجي دل ۽ دماغ ۾ تازو رهنديون.

    ب.ص.ع


    ٻيئن ايڊيشن لاءِ پنهنجي پاران

    آڻاگهي سفر ۾ هليا جيڪي ساٿي،
    ڪو روئندو هليو ڪو کلندو هليو.
    جتان ڀي گذر ٿي ڪيو قافلي،
    اوهان جو ئي گهر گهر هو پڇندو هليو.

    ب.ص.ع


    ”سوجهرن جا سفير“ سال 2006ع ۾ گنج بخش ڪتاب گهر ڇپيو هو. انهن ڏينهن ۾ مان ڪراچيءَ ۾ هوس ۽ اڄ وري 2018ع ۾ مان دادو ۾ وڪالت ڪري رهيو آهيان. هن ڪتاب ۾ ٽوٽل 17 انٽرويوز آهن، جيڪي خالص شاعرن جا آهن. ۽ انهن ڀلوڙ شاعر هن ڌرتي جي دامن کي خوبصورت ڪرڻ ۾ پنهنجي رت جو ريج ڏنو آهي. انهن مان ڪافي شاعر اسان کان وڇڙي ويا آهن. جن جون خوبصورت يادون هنن انٽرويوز ۾ شامل آهن. اڄ اسان کان محترم نواز رُڪڻائي، احمد خان ’مدهوش‘، شمشير ’الحيدري‘، غالب ملڪاڻي، آثم ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، تاجل بيوس، وفا ناٿن شاهي، راشد مورائي، انور پيرزادو، بشير سيتائي ۽ سڪندر ’آه‘ جسماني طور ته وڇڙي ويا آهن، پر روحاني طور اڄ به اسان سان گڏ آهن ۽ سنڌي ادب جي دنيا ۾ هميشه جيان جرڪندڙ ۽ چمڪندڙ ستارا رهندا.
    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو هٿوهٿ وڪامجي ويو ۽ ادبي حلقن ۾ ڪتاب کي ڏاڍو ساراهيو ويو ۽ ڏاڍي موٽ ملي ۽ منهنجي همت افزائي ٿي ته ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن به اچي ۽ اهو اڄ توهان جي هٿڙن ۾ آهي. هن ڪتاب ۾ ڏاڍا تاريخي انٽرويوز آهن. جن ۾ ادب تي گهرائي سان ڳالهايو ويو. يقينن هي ڪتاب ادبي دنيا جي بهترين ڪتاب ۾ هڪڙي ننڍڙي ڪتابڙي جو اضافو ثابت ٿيندو.
    مان نهايت شڪرگذار آهيان اڄ وري هتي دادو ۾ پنهنجن دوستن، اعجاز سيف پنهور، اعجاز سولنگي، راشد حسين گهلو، سڀاڳ چند متلاڻي صاحب، منصور علي چارڻ (جاني)، راج ڪمار (آغوش لهاڻو)، الله بخش لُنڊ، شاهزيب گوپانگ، عبدالوليد لنڊ، ابل اداس ٻٻر، عبدالمجيد سولنگي، فقير مظهر حسين شاهاڻي، نادر جمالي، تابش بخاري، رجب آزاد، ذوالفقار گاڏهي ۽ عاشق دادوي سان روح رهاڻيون آهن. ۽ آخر ۾ ڀاءُ علي انور لغاري جو ٿورائتو آهيان، جنهن انتهائي محنت ڪري، دل سان ڪتاب جي ڪمپوزنگ، لي آئوٽ، سيٽنگ ڪري ڪتاب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
    مان وري به ٿورائتو آهيان سائين محترم وسيم سومري صاحب رابيل پبليڪيشن واري جو، جنهن هن ڪتاب جي خوبصورت ڇپائي ڪري هن کي موهي وڌو.



    بلوچ صحبت علي


    انٽرويوز

    نشتر ناٿن شاهي

    غزل

    موت ٿو الري اچي اي زندگي،
    جبر ٿو در تي نچي اي زندگي.
    جيئن ڦڪيون، ڦيڻا ۽ مرهم ٿا ٿين
    سور ٿو ويتر وڌي اي زندگي.
    پيا منجهي واٽهڙو وچ رستي ۾ سڀ،
    ٿاٻا سونهون ٿو ڏئي اي زندگي.
    شام دروازي تي دستڪ ٿي ڏئي،
    صبح ٿو ننڊون ڪري اي زندگي.
    ٿي خزان قاهر گلن تي الامان!
    وئي بهار آهي لڏي اي زندگي.
    کنوڻين شاخن تي باهيون ٻاريون،
    آشيانو ٿو جلي اي زندگي.
    محفلن تي منڊڪو چاڙهي ويو،
    ساز ٿو ٻاڙو وڃي اي زندگي.
    پير ۽ هٿ جي ٻجهن پرواهه ناهي،
    دل جي ڌرڪن تي ٻجهي اي زندگي.
    سور جي هڪڙو هجي، دارون ڪجي،
    هڪ وڃي ٻيو ٿو اچي اي زندگي.
    همٿن جي پرک گيدي ڪن پيا،
    سون ٿو لوهر ڪٽي اي زندگي.
    ڏوهه ڪهڙو ڏيون فقيرن جي مٿان،
    دان داتا ٿو گهري اي زندگي.
    هڏ بلالي پيڙ جي گهاڻي ۾ پيو،
    ڏوهه ٿو منهنجو ڏڪي اي زندگي.
    دل جي ڌڙڪن کي جو ٿو قابو ڪيان،
    تانگهه ٿي بڙڇيون هڻي اي زندگي.
    موت کي پئي موت، جو اڻ موٽ آ،
    تنهنجو ”نشتر“ ڇا ڪري اي زندگي.



    BRIEF INTRODUCTION
    نشتر ناٿن شاهي


    پورو نالو: غازي خان لغاري
    ادبي نالو: نشتر ناٿن شاهي
    ولديت: بالو خان لغاري
    جنم تاريخ: 15 مارچ 1929ع
    جنم هنڌ: وليج گهارو، تعلقو خيرپورناٿن شاهه، ضلعو دادو، 1948ع کان بحيثيت شاعر ۽ اديب.
    تعليم: M.A (سنڌي)
    پيشو: رٽائرڊ استاد
    رڪنيت: بزم طالب المولا خيرپورناٿن شاهه ۽ جميعت الشعرا سنڌ جو جنرل سيڪريٽري
    اڻڇپيل ڪتاب: گهڻي تعداد ۾ (يعني تقريبن 10/12 ڪتابن جيتري شاعري، هر صنف تي طبع آزمائي ٿيل)
    موجوده پتو: قاضي پاڙو خيرپورناٿن شاهه، ضلعو دادو، سنڌ

    سوال: نشتر صاحب! ادب سان عشق جي ابتدا ڪيئن ٿي؟
    جواب: اهو 1940ع جو خوبصورت سال هو. مان تڏهن جواني جي سرحدن ۾ پير پائي چڪو هئس، جواني جا ڏينهن ڏاڍا خوبصورت ۽ رنگين هئا، نئين جواني هئي، نئون عشق هو ۽ رت هو. عشق جي نانگ تي پير پئجي ويو ۽ مان ڏنگجي پيس. حساس طبع سبب ادب ڏانهن لاڙو ٿيو.
    سوال: توهان شاعر ٿيڻ کان اڳ ۾ ڪنهن کان متاثر ٿي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي؟
    جواب: لطف علي چانڊيو اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو. هو ڏاڍو ذهين سگهڙ هو ۽ مان سندس فن ۽ فڪر کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ هو ئي اهو شخص هو جنهن مون کي شاعري ڏي رجحان ڏياريو. جڏهن ته مون فني سکيا ان وقت جي عالم، اديب شاعر، مولوي عبدالله ”اثر“ لاڙڪاڻوي کان ورتي جيڪو غزل جو بهترين شاعر تسليم ڪيو ويندو هو ۽ 1948ع کان هڪ پختي شاعر ۽ اديب جي حيثيت ۾ سڃاپجڻ لڳس.
    سوال: اوهان ڪهڙي صنف ۾ گهڻو لکيو آهي؟
    جواب: جيئن ته منهنجو عشق شروع کان ئي غزل لکڻ سان رهيو. ان ڪري غزل ئي منهنجي پسنديده صنف آهي، ڇو ته غزل ۾ ئي ماڻهو پنهنجي جذبن جو ڀرپور نموني سان کُلي اظهار ڪري سگهي ٿو. غزل منهنجي جان ۽ آن آهي.
    سوال: شاعري کي اوهان ڇا سمجهندا آهيو؟
    جواب: ادا شاعري زندگي جو عڪس آهي، جيڪڏهن انسان کي انسانن سان پريم، پيار جي دعوايٰ کي صحيح ۽ سچو ڪرڻو آهي ته علم ۽ ادب سان هن کي لڳاءُ رکڻو پوندو، ڇو ته ادب زندگي آهي. شاعري ته اسان جي روح جي رڙ آهي.
    سوال: جيئن ته اوهان غزل جي هڪ تاريخ آهيو ۽ غزل جي ميدان کي وسيع بنائڻ ۽ غزل جي ارتقا ۾ اوهان جو وڏو هٿ آهي. اوهان ٻڌايو ته غزل ڪهڙن تاريخي مرحلن مان گذريو آهي ۽ ان کي مقبول صنف بنائڻ ۾ اوهان جو ڪهڙيون ڪوششون رهيون آهن؟
    جواب: بلوچ صاحب، جيئن ته غزل جي باري ۾ مون اڳ ۾ ٻڌايو آهي ته منهنجي سڃاڻپ ئي غزل آهي، غزل جي صنف جيئن ته ايران کان ٿيندي اسان جي سنڌ تائين پهتي.
    انهن ڏينهن ۾ جمعيت الشعراءِ پنهنجي جوڀن ۾ هئي غزل کي اڀارڻ ۽ ان جي اوسر لاءِ طرحون ڏنيون وينديون هيون. طرحي مشاعره ڪرايا ويندا هئا. اهوئي سبب آهي جو اسان جو پيدا ڪيل ماحول اڄ به غزل تي حاوي آهي ۽اسان غزل کي عام ماڻهن تائين پهچايو. ادبي مشاعرن ۾ غزل جي اوليت ۽ افاديت تي ڳالهايو ويندو هو. اهڙا مشاعرا ۽ ادبي محفلون غزل جي شاعرن لاءِ تربيت گاهون هيون. غزل جي اصلاح ۽ ان تي ڇنڊ ڇاڻ ڪري شاعر کي اڃا به غزل سان پيار لاءِ اتساهيو ويو هو.
    اسان وٽ گڏيل مشاعرا ٿيندا هئا، جن ۾ اردو، سنڌي، بلوچي زبان جا شاعر حصو وٺندا هئا، انهن ۾ استاد شاعر به نظر ايندا هئا، جيڪي غزل تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائي غزل جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪندا هئا، اڄ جيڪڏهن ڪو نوجوان يا ڪو سينيئر اديب غزل تي رڳو لکي ٿو ته مان چوندس ته اها جمعيت الشعراء جي ئي پليٽ فارم تان سڀ ڪجهه ممڪن ٿيو. ۽ اهوئي سبب آهي جو جمعيت الشعراءُ سنڌي غزل جي اوسر ۾ اهم ۽ ڀرپور ڪردار اداڪيو.
    سوال: اوهان سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
    جواب: ادبي کيتر ۾ سنگت پنهنجي جاءِ تي سٺو ڪم ڪري ٿي. پر جيئن ته ادبي سنگت هينئر ڪن گروهن جي ور چڙهيل آهي. جيڪي هڪ هٽي ڪيو ويٺا آهن، سنڌي اديب ۽ ادب جي ڪابه سار نٿا لهن، بس نالي ۾ پورا آهن، تنهن ڪري اسان جي ادبي کيتر جي انهن دوستن کي اپيل ٿي ڪجي ته خدارا! اهڙي خول مان نڪري اچو. سنڌي ادب جي خدمت انهي ۾ ناهي ته اوهان فقط پنهنجي پذيرائي ڪيو ۽ ٻي ڪنهن اهڙي غريب شاعر تي اوهان جي اک ئي نه ٻڏي. جنهن پنهنجي سڄي زندگي ادبي خدمتن ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري بسر ڪري ڇڏي هجي.
    اسان وٽ جڏهن به دوست آيا آهن ته اسان ته هر وقت تعاون لاءِ تيار هوندا آهيون، جيڪي به فرمائيندا آهن قبول ڪندا آهيون.
    سوال: اوهان جي دور جي ادبي محفلن ۽ هاڻوڪي دور جي ادبي محفلن ۾ اوهان کي ڪهڙو فرق نمايان ٿو نظر اچي؟
    جواب: اسان جي دور جي ادبي محفلن جي ڳالهه ڪيان ته جڏهن مشاعرو شروع ٿيندو هو ته پنڊال ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. هر شاعر کي غور ۽ توجهه سان ٻڌو ويندو هو ۽ دل کولي داد ڏنو ويندو هو. پر افسوس! مون کي معاف ڪجو ته اڄ ائين ناهي، اڄ جي محفلن ۾ بيجا تنقيد ڪئي ٿي وڃي. جنهن کي مهمان ڪري آندو ٿو وڃي، ان جو ئي پٽڪو لاٿو وڃي ٿو. داد ڏيڻ ته شاعر کي پري جي ڳالهه ٿي، مورڳو ئي ان تي گند اڇليو ٿو وڃي، هوٽنگ ڪري، هوڪرا، ڪوڪون ڪري محفل جي ماحول کي بي مزو ٿو ڪيو وڃي. اڄ جي ادبي محفل اسان جي دور جي ادبي محفل کان ڪنهن به صورت ۾ بهتر ناهي. ادب جي آڙ ۾ بي ادبي وارو ماحول آهي. ڇڇورائپ آهي. بزرگ اديبن کي انهن جي ادبي پورهئي جي مڃتا ته نه ٿا ڏين پر الٽو انهن جي توهين ڪن ٿا. دل آزاري ڪن ٿا. معاف ڪجو منهنجو لهجو شڪايتي ٿيندو ٿو وڃي، پر صحبت صاحب اها حقيقت آهي.
    سوال: نشتر صاحب جيئن ته غزل اسان وٽ تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکجندو رهي ٿو. پر ان سان نڀاءُ تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي، اوهان جي نظر م غزل سان سٺو نڀاءُ ڪرڻ وارا ڪهڙا شاعر آهن، ڇا انهن جا ڪي نالا ٻڌائي سگهو ٿا ؟
    جواب: سائين منهنجا، اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته اسان جو شاعر غزل جي ڪري مشهورٿيو آهي، ڇو ته هو غزل گهڻو ٿو لکي، ان ۾ سينئر اديب هجي يا اوهان جي نوجوان ٽهي جو ڪو شاعر هجي.
    جيئن ته اڳ جي شاعرن جي کيپ ۾، شيخ اياز، حاجي محمود، خادم، مولوي عبدالله اثر لاڙڪاڻوي، عبدالله عبد ”خواب“، اظهر گيلاني، عبد عاقلي، مظفر حسين جوش هي اهي شاعر هئا جن تمام سٺو غزل لکيو. جيڪو اڄ به اسان جي دلين تي حڪمراني ٿو ڪري. موجوده دور ۾ وري، نثار بزمي، مقصود گل، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، سٺي غزل جي سڃاڻپ آهن، اصل ۾ غزل جي صنف کي جنهن توجهه، جنهن گهرجن جي ضرورت هئي، سا هن کي موجوده وقت جي شاعرکان نه ملي سگهي آهي حالانڪه غزل جي عظمت هينئر به عروج تي پهتل آهي، پر اها عظمت به پراڻن شاعرن جي صحبت ۾ رهي نون شاعرن برقرار رکي آهي.
    سوال: اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان ڪهڙن ادبي شخصيتن کان متاثر آهيو؟
    جواب: سائين، مان جن دوستن کان متاثر آهيان، انهن ۾، عبدالله اثر، علي محمد مجروح، سرشار عقيلي، عبدالڪريم گدائي، طالب الموليٰ، عبد عاقلي، زيب عاقلي، حاجي محمود خادم، گل حسن گل، جمع خان غريب، ضياءُ الدين بلبل، حافظ محمد احسن چنا، حاجن شاهه هم وطن سيتائي، غلام محمد گرامي، اظهر گيلاني، عطا در حامي، شيخ اياز، نياز همايوني، امداد حسيني، شمشير حيدري، استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، اسان انهن دوستن کان، انهن جي لکڻين کان، انهن جي روين ۽ محبتن کان متاثر ٿياسين، ڇو ته اهو هر دوست، اديب عزت ۽ محبت جي لائق آهي، جيڪو هن ڌرتي لاءِ ڪم ڪري ٿو. جيڪو هن ديس لاءِ لکي ٿو، ادب جي افاديت سمجهي ٿو ۽ ان جي مقصد سان سچو آهي.
    سوال: موجوده دور ۾ اوهان جمعيت الشعراء جا سيڪريٽري به آهيو، اوهان اهو ٻڌايو ته جمعيت الشعراء تنظيم جا ٿڌي ٿي وڃڻ جا ڪهڙا سبب آهن. جيئن ته جمعيت الشعراء سنڌ ۾ اوهان جون ادبي خدمتون ماضي ۾ نمايان رهيون آهن. سنڌ جي نالي واري ادبي جماعت موجوده وقت بنهه خاموش آهي ۽ ان جا ڪهڙا اسباب آهن، اوهان وٽ ڪي تجويزون آهن، هن تنظيم کي وري نئين سر جاڳائڻ لاءِ؟
    جواب: ادا سائين، جمعيت الشعراء هينئر جتي پهتي آهي. ان جا ڪي خاص سبب ته ڪونهن پر حقيقت کان منهن موڙڻ به منافقي چئبي سچ ته اهو آهي ته اسان جي اديب ۾ جڏهن انائيت جا خڳا عنصر داخل ٿي ويا ۽ هو پاڻ کي جڏهن افلاطون سمجهڻ لڳو ۽ هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ سا به بي جا، انهن نتيجن جي ڪري ئي اهي ادبي سرگرميون گهٽجنديون ويون، ڄنڊا پٽ وڌي وئي. ۽ هڪٻئي لاءِ عزت ۽ احترام گهٽجي ويا، جڏهن اديب ادب سان پيار ڪرڻ وارا ئي ادب جو دامن ڇڏي ڏين ته باقي ڇا بچيو. اسان پوءِ ڀلا قوم کي ڪهڙو پيغام ڏئي سگهون ٿا، سو باهمي رسا ڪشين سبب جمعيت الشعراء کي وڏو ڌڪ پهتو.
    مون تنظيم جي سلسلي ۾ تنظيم جي صدر اظهر گيلاني صاحب سان ملاقات ڪئي، ۽ ڪيترائي ڀيرا لکپڙهه به ڪئي. پروري به جڏهن سرد مهري جو سلسلو ساڳيو ئي رهيو ته مون اهو به چيو ته مون کان استيفعيٰ وٺو. اهڙي صورتحال ۾ مان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، مان ان کي فعال بنائڻ لاءِ رڙيون ڪندو رهيس. پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. باقي تنظيم کي وري فعال بنائڻ لاءِ ڪيترائي پروپوزل ضرور آهن، پر ان تي جيسين عمل نه ٿيندو تيسين خالي حوال ڪٽڻ مان ڪجهه به نه ورندو، پراڻا اديب ڪناره ڪش ٿي ويا آهن، نوان جمعيت جي نالي کان ڇرڪن ٿا.
    سوال: توهان جيئن ته عروض جي سٺي ڄاڻ رکو ٿا ۽ عروض تي شاعري ڪيو ٿا ان ڪري علم عروض جي اهميت تي ٿوري روشني وجهو؟
    جواب: عروض نه هجي ته توهان جي شاعري جا پير ئي نه بيهن ها ۽ ٺڪا اچي هيٺ ڦهڪو ڪري ها، علم عروض ئي ته آهي جنهن جي ڪري اسان جي شاعري دائم ۽ قائم آهي، جيڪڏهن اهو فن ۽ علم اسان پنهنجي نئين نسل کي نه ارپينداسين ته واقعي مستقبل ۾ اسان جي ادب جي ڪابه تاريخ نه رهندي، عروض جي اهميت توهان کي اياز جي غزل ۾ ڏسڻ ۾ ايندي. تنوير جي غزل ۾، امداد حسيني جي شاعري ۾ به. جنهن به عروض جي پيروي ڪئي آهي. اچو ته نه صرف پنهنجي نئين ٽهي کي پيغام ڏيون ته اهي خيال سان گڏ فن ۽ فڪر به سکن ۽شاعري کي شاعري سمجهي ڪن.
    سوال: ڇا توهان نثري نظم کي شاعري ۾ جاءِ ڏيو ٿا؟
    جواب: ادا، هاڻي هڪڙي ڳالهه ته واضع آ ته، نثر الڳ شيءِ آهي ۽ نظم ٻي ڳالهه آهي، نثر ۾ نه ڪو وزن آ، نه ئي بحر آ، جڏهن ته وري نظم ۾ وزن به آ، ته بحر به آهي، ته قافيو ۽ رديف به، ان ڪري منهنجي خيال ۾ ته شاعري اها آهي، جيڪا ڳائي سگهجي ۽ ان موجب نثر کي ته نٿو ڳائي سگهجي.
    سوال: سائين هينئر ته نثري نظم به ڳائجي پيو ٿو ۽ ان سلسلي ۾ ڪجهه شاعرن جو نثري نظم پڻ ڳايو ويو آهي؟
    جواب: ان سلسلي ۾ مون کي ڪابه خبر ناهي، پر جيڪڏهن اڄ جو نوجوان ڀرپور نثري نظم لکي ٿو ۽ هن وٽ خيال به سٺا آهن ۽ هو پنهنجي فڪر جي گهرائي سان لکي ٿو ته پوءِ ڀلي ان ۾ کڻي ڪو ننڍو شاعر هجي يا ڪو وڏو، مون لاءِ ته هر شاعر اکين جو نور آ، پر نثري نظم ڳائڻ جي شي ناهي، ائين ته هر نثري ٽڪرو سُر سان پڙهي سگهجي ٿو.
    سوال: تنقيد ڇا آهي ۽ تنقيد جو معيار ڇا هئڻ گهرجي؟
    جواب: تنقيد ڇنڊڇاڻ آهي، غور و فڪر آهي، ڪنهن جي تخليق کي پروڙڻ آهي، اسان وٽ سٺا نقاد آهن، بشرطيڪ اهي اکين تان تعصب جي عينڪ لاهي تنقيد ڪن، پر اسان وٽ تنقيد جو مطلب ته ڪنهن جو پٽڪو لاهڻ آهي، نه تنقيد برائي اصلاح هوندي آهي.
    عرض ته تنقيد جا ٻه قسم آهن.
    1. تنقيد براءِ تنقيد:
    هن تنقيد جي قسم کي تنقيد جي زمري ۾ نٿو آڻي سگهجي.
    2. تنقيد براءِ اصلاح:
    اصل شيءِ اها ئي آهي ته تنقيد ڪرڻ وقت نقاد ذاتي ڳالهين کان هٽي ڪري، تخليقار جي فن ۽ فڪر تي ڇنڊڇاڻ ڪري، پر اسان وٽ ته ان جي ابتڙ آهي، اهي نقاد هينئر آهن ئي ڪونه، جيڪي آهن اهي دوستيون نڀائي رهيا آهن ۽ هونئن به جنهن تي تنقيد براءِ اصلاح ٿئي ٿي ته ان کي صبر ڪرڻ گهرجي، ڪاوڙ ۽ رنج کين نه نٿو سونهين.
    سوال: اوهان جي شاعري ۾ فارسي جو اثر گهڻو رهيو آهي، اڄ به اوهان جي غزل ۾ فارسي جي جهلڪ ڪافي حد تائين نظر اچي ٿي، جڏهن ته اڄ جو سنڌي غزل هينئر فارسي اثر کان مڪمل طور الڳ ۽ آزاد ٿي چڪو آهي؟
    جواب: ائين ناهي، فارسي ٻولي جو وڏو پيرڊ آهي، اسان جي تاريخ ۾ فارسي ٻولي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيئن ته اسان جو ان دور جي فارسي اديبن سان، جنهن جي غزل ۾ فارسي جو رنگ هو، ويجهڙائپ رهي آهي، ان ڪري ظاهر آهي، ڪٿي ڪٿي ڪا هلڪي جهلڪ نظر به ايندي هوندي، پر مان ته پوري ڪوشش ڪندو رهيو آهيان ته پنهنجي غزل کي فارسي رنگ کان آزاد ڪيان، مان فارسي ٻولي جو ڪو عالم ته ناهيان، پر تنهن هوندي به اهڙن دوستن جي صحبت ۾ رهندو آيو آهيان، جيڪي فارسي جا معلم آهن. انهن ۾ ڪي اهڙا فارسي جا عالم آهن، جنجي سنڌي شاعري ۾ تر جيتري به فارسي ٻولي جو دخل ناهي، بشير سيتائي جيڪو فارسي ٻولي جي چڱي ڄاڻ رکي ٿو، مان ڪڏهن ڪڏهن فارسي لفظن ۾ اصطلاحن ۾ ۽ گرامر ۾ منجهندو آهيان ته بشير صاحب کان پڇي وٺندو آهيان، باقي فارسي جو اثر هينئر منهنجي شاعري ۾ تمام گهٽ آهي.
    سوال: اوهان جي ڪا خواهش ڪا تمنا؟
    جواب: سائين، مان ٻهراڙي جو هڪ سادڙو ماڻهو آهيان منهنجون ڪهڙيون خواهشون ٿي سگهن ٿيون، بس هينئر ته زندگي کي ماڻي چڪا آهيون، ٻه ٽي شاديون ٿيل آهن، ٻار ٻچا به پنهنجن ٻارن ٻچن وارا ٿي ويا آهن سڀ خواب حسرتون بس تڪيمل تي پهچي چڪيون آهن. پوءِ به پنهنجي هڪڙي ننڍڙي خواهش آهي ته پنهنجي ئي حياتي ۾ پنهنجي شاعري جا مجموعا ڇپيل ڏسڻ چاهيان ٿو، منهنجي زندگي جو اثاثو منهنجي شاعري آهي، اها بچي وئي ته ڄڻ مان بچي ويندس. ان سلسلي ۾ ڪو ادارو يا ڪو دوست خلوص سان سهڪار ڪري ته ان جو ٿورائتو رهندس، باقي ڪنهن جي اڳيان ڪشڪول ڪونه کڻندس. ڇو ته خوددار رهيو آهيان.
    سوال: ديس واسين لاءِ ڪو پيغام؟
    جواب: اچو ته سنڌي ادب کي سگهارون بنايون، سنڌي اخبارون ۽ رسالا خريد ڪري پنهنجي ادب کي رچ “Rich” بنايون، ان ۾ ئي اسان جي بقا آهي.


    نواز رڪڻائي

    غزل

    کل تنهنجا پرين ٽهڪ لڙيل رات کي روڪيندا،
    جهٽ پٽ نه ٿئڻ ڏيندا پرڀات کي روڪيندا.

    هٿ جوڙي ستارن کي ستايان ٿو ته ترسن،
    هي ٽيڙو ڪتيون، باک جي ڪجهه بات کي روڪيندا.

    ٿي صاف ويو اُڀ آ هئين چنڊ پڙي آهي،
    هي واءُ ڏکڻ جا گُهلي برسات کي روڪيندا.

    چانڊاڻ ۽ سرهاڻ ڏئڻ آيون مبارڪ،
    ٻيا ڪير آهن، پنهنجي ملاقات کي روڪيندا.

    مون پيار جي پڪ ساڻ لکيا گيت ڳلن تي،
    ڇا؟ ڏاڍ ڪندڙ منهنجي انهيءَ ڏات کي روڪيندا.

    هي پردا حجابن جا هٽايو، کِلو خوش ٿيو،
    ڇا پردا اهي سونهن جي سوغات کي روڪيندا.

    سَسُئي جي سچي سڪ کي سڄي شهر هو روڪيو؟.
    تڪڙن جي ڀلا ڪير طلب تات کي روڪيندا.

    اڄ ڪيڏي نه توتي ٿي نوازش او ”نواز“ آ،
    احسان اهي اجڙيل حالات کي روڪيندا.



    BRIEF INTRODUCTION
    نواز رڪڻائي
    (1930-2007)


    پورو نالو: الهه نواز
    ادبي نالو: نواز رڪڻائي
    ولديت: محمد عرس
    جنم تاريخ: 10 جون 1930ع
    وفات: 13 فيبروري 2007ع
    جنم هنڌ: پراڻو رڪڻ، تعلقو دادو
    تعليم: اديب فاضل سنڌي
    نوڪري: پرائمري استاد 1948 کان 1982ع تائين
    ڇپيل ڪتاب: 1. ڇليون منڇر ڇوليون (شاعري)
    2. نيڻ نه ننڊون ڪن.
    3. دادو سنڌ جي دل دادو جي باري ۾ تاريخ
    اڻڇپيل ڪتاب: 1. ڪوپو ڪلاچيءَ جو (بيت ۽ وايون)
    2. ٽِڙو (هڪ سئو صفحن جو ڪتاب)
    3. بيت (جنهن ۾ چار سر آهن، سسئي، ماروي، سورٺ ۽ سهڻي)
    4. مهراڻ جي ٻولي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران (نثر)
    5. دريائي جيوت (نثر)
    6. شاهه جا ست دريائي سر (جنهن ۾ پاڻي جو ذڪر ڪيل آهي)
    7. مون ۾ آهين تون، (ڪهاڻيون ۽ افسانا)
    سوال: اوهان ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن پير پاتو؟
    جواب: جڏهن مان پرائمري درجي چوٿين ۾ پڙهندو هوس، تڏهن کان ئي منهنجو لاڙو، سر سنگيت ڏي ٿيو، ان ڪري منهنجي شروعاتي شاعري ڪافين۽ ڪلامن جي طرزن تي لکيل هئي، ان کانپوءِ سال 1944ع کان ويندي 1951ع تائين مون ڇندوديا جي شاعري ڪئي، ۽ 1951ع کان باقائدي علم عروض مطابق لکڻ شروع ڪيو.
    سوال: اوهان ڪنهن کان متاثر ٿي شاعري لکڻ شروع ڪئي؟
    جواب: مون سر سنگيت کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي. منهنجي شروعاتي شاعري ۾ ڪافي ۽ بيت جو انگ گهڻو آهي، پر جڏهن کان مون لطيف کي پڙهڻ شروع ڪيو تڏهن کان مون لطيف جي واين جي نموني لکڻ جو طريقو اپنايو. اهڙي ريت مان شاهه جي شاعري کان ئي متاثر ٿيس ڇو ته انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو ادبي رسالو يا ڪا اخبار وغيره نه ايندي هئي، ان ڪري مون کي ادبي ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه مليا.
    سوال: اوهان شاعري جي سکيا ڪنهن کان ورتي؟
    جواب: مون شاعري جي سکيا محترم محمد احسن چنه جن کان ورتي ۽ اهوئي منهنجو ادب ۾ استاد هو. ڇو ته حافظ صاحب عروض جو، پنهنجي دور جي شاعرن ۾ پختو شاعر هو. هن وٽ ڪيئي شاعر اصلاح لاءِ ايندا هئا. انهن ۾ سندس همعصر ”محمد خان غني“ به هو. جيڪو ان دور جو مشهور شاعر هو. حافظ صاحب جا درسي ڪتابن ۾ شعر ڇپيل هوندا هئا. حافظ صاحب جا ڪيئي مشهور شاگرد پڻ ٿي گذريا ۽ انهن ۾ وري ”احمد خان آصف مصراڻي“ نالي وارو شاگرد ثابت ٿيو. حافظ صاحب نرم مزاج جو مالڪ هو، ان ڪري ڪنهن سان به چڙي نه ڳالهائيندو هو.
    سوال: اوهان جنهن دور ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو ، ان دور جو ماحول ۽ ادبي محفلن جي عڪاسي ڪرڻ فرمائيندو؟
    جواب: مشاعرن ۾ شامل ٿيندي مون کي 50 سال ٿي ويا آهن، مون عروضي شاعري جي شروعات 1951ع کان ڪئي آهي. انهن ڏينهن ۾ ”انجمن آفتاب ادب“ دادو جا مشاعره ماهوار ٿينداهئا. ان کان پوءِ 1952ع ۾ پير رکيل ريلائي ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد پيو. جنهن شاخ جو صدر پير علي محمد ”اظهر“ ريلائي هو ۽ جڏهن ته ان جو سيڪريٽري احمد خان آصف مصراڻي هو. ڪڏهن ڪڏهن پاٽ ۾ به مشاعره ٿيندا هئا. 52-1951ع جو عرصو مون مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج ۾ گذاريو ۽ اتي ئي 1951ع ۾ ”بزم ادب“ جو بنياد وڌوسين. جنهن جو پهريون سيڪريٽري استاد بخاري هو. ۽ 1952ع ۾ آءُ به سيڪريٽري ٿيس، ان وقت اسان جي تر جا ماڻهو يعني دادو ضلعي جا شاعر، جهڙوڪ لونگ خان لائق، بشير سيتائي، نشتر ناٿن شاهي، محمد عابد ابڙو، محمد حنيف ڪابورو، استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، وفا ناٿن شاهي وغيره مشاعري ۾ حصو وٺندا هئا.
    ان کان پوءِ سال 1953ع ۾ اسان جي ڳوٺ پيربخش ميربحر ۾ (جيڪو دادو ڪئنال ڀرسان آهي) بزم طالب الموليٰ شاخ جو بنياد وڌو. انهن بزمن جا ماهوار مشاعره ٿيندا هئا. هر ٽئين مهيني وڏو ميڙاڪو ڪوٺائيندا هئاسين جنهن کي ڪانفرنس جهڙي حيثيت حاصل هوندي هئي. جنهن ۾ دادو شهر جا تقريبن سڀئي ناليوارا شاعر بهرو وٺندا هئا.
    سيتا روڊ مان پيرل پرديسي، عبدالرئوف پليپوٽو ۽ لونگ خان لائق سيتائي، ايندا هئا. مرحوم جمع خان غريب ”اديب سنڌ“ جي نالي سان ادبي رسالو ڪڍندو هو، ۽ ان سان گڏ طالب الموليٰ رسالو به ڪڍندو هو. جمع خان غريب جو ڳوٺ مريد خان لاکير هو. سيتا کان جڏهن وڃي پيو ته مون کي احمد خان آصف مصراڻي ٻڌايو ته، ”اهو شخص جمع خان غريب پيو وڃي جيڪو وڏو شاعر آهي.“ سندس مشهور ڪتاب ”رسومات تباهي“ بهترين ڪتاب آهي. اسان کي اهڙي قسم جا سٺا ڪتاب لائبريرين ۾ به ملي ويندا هئا پر هاڻي بدقسمتي سان لائبريرين ۾ اهڙا ڪتاب ڳولهي به نه ٿا ملن. سندس پٽ جو نالو رسول بخش دوست هو، جيڪو پاڻ به مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رهندوهو ۽ منهنجو همعصر هو. اهي ماڻهو واقعي ئي تاريخ هئا. جمع خان غريب هن خطي جي ادبي تاريخ هو. اهڙي ريت لاڙ ۾ وري مولوي احمد ملاح جو نالو کنيو ويندو آهي.
    انهن مشاعرن ۾ امام الدين ضامن به شرڪت ڪندو هو. پاڻ مزاح لکندو هو. هو اصل ڳوٺ لونگ تنيو جو رهواسي هو ۽ تنوير عباسي صاحب جو سنڱ ۾ نانو هو. پوسٽ آفيس داودءَ جو ٽپالي هو. اسان جي انهن مشاعرن جو خرچ فقط 25 روپيه هوندو هو. جيڪو هو پاڻ ڀريندو هو.
    سوال: شروعاتي ادبي ماحول دوران توهان ڪهڙي ادبي شخصيتن کان متاثر ٿيو؟
    جواب: جيئن ته مون اڳ ۾ به عرض ڪيو آهي ته مان پنهنجي ادبي ماحول ۾ جن ماڻهن کان متاثرٿيس، انهن ۾ محترم حافظ احسن چنه صاحب، احمد خان آصف مصراڻي ۽ سائين طالب الموليٰ کان وڌيڪ متاثر ٿيس، مون انهن صاحبن جي شاعري جو مطالعو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ اڪثر ڪري طرح تي گهڻو غزل لکيو ويندو هو. جنهن ۾ 10 سيڪڙو کن نظم به شامل هئا.
    سوال: ادبي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ ادبي دوستن اوهان کي همٿايو يا مايوسي ڏانهن ڌڪيو؟
    جواب: اسان جي ادبي شروعاتي دور ۾ اڪثر ڪري نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي، سينئر شاعر همٿائيندا هئا ۽ Guide ڪندا هئا. اسان جي نيڪ نيتي سان اصلاح به ڪندا هئا. جتي تنقيد جي ضرورت محسوس ڪندا هئا ته اتي تنقيد براءِ اصلاح به ڪندا هئا.
    سوال: دادو ۾ ڪو اهڙو تاريخي سنڌي اردو مشاعرو جنهن ۾ اوهان به شرڪت ڪئي هجي؟
    جواب: اهو 1952ع جو سال آهي، جنهن ۾ هڪ سنڌي اردو مشاعرو دادو ۾ ئي ڪرايو ويو هو. جنهن جي صدارت هري دلگير صاحب ڪئي هئي. جنهن ۾ ڪراچي کان ڪهي آيل مهمانن ۾ محسن ڀوپالي صاحب، بهزاد لکنوي به شامل هئا. انهن ۾ اسان جي محترم سنڌي معزز شاعرن جا نالا، جهڙوڪ حافظ محمد احسن چنه، استاد بخاري، لونگ خان لائق، عابد ابڙو ۽ نشتر ناٿن شاهي به اچي وڃن ٿا جيڪي ان مشاعري ۾ موجود هئا. ان وقت جڏهن مان شعر پڙهي پورو ڪيو ته هري صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي مون کي ڀاڪر پائي همٿايو هو.
    سوال: اهو ڪهڙو شعر هو؟
    جواب:
    سمايل خنجر قاتل ۾ ڪا بجلي هئي شايد،
    جو هر قطر لهو بنجي پيوآتش فشان منهنجو،
    جلائين ڪنهن جي گهر کي ٿو، ڦٽائين ڪنهن جي گهر کي ٿو،
    مڪان هي ڀي سندءِ آهي، جو سمجهين ٿو مڪان منهنجو.

    انهن ڏينهن ۾ ڏاڍا سٺا مشاعره ٿيندا هئا. خاص ڪري ميهڙ مشاعرن جو مرڪز هوندو هو. پر لاڙڪاڻي ۾ به مشاعره عام جام هوندا هئا. محبت هوندي هئي. ماڻهن ۾ شوق هوندو هو. ۽ ڪم ڪرڻ جو جذبو هوندو هو. ڏاڍو مزو ايندو هو. پر افسوس هاڻي ائين نه آهي. اڄ جو ماحول ان ماحول جي ابتڙ آهي.
    سوال: شروعاتي ادبي دور ۾ اوهان جو ڪلام ان وقت جي ڪهڙي ادبي رسالن ۾ ڇپيو؟
    جواب: منهنجو سڀ کان اول ڪلام ان وقت جي هڪ اخبار ”المرتضيٰ“ ۾ ڇپيو، جنهن جو ايڊيٽر محترم مرتضيٰ هو. اهو سال 1948ع آهي ۽ ان وقت مون کي عروض جي بنهه خبر به ڪانه هئي. ان کان علاوه منهنجو ڪلام ماهوار ”عام راءِ“، (جيڪو ڪراچي مان نڪرندو هو). ”نئين زندگي“، ”فردوس حال“، ”هالا“ ۽ ”اسان جي منزل“ جيڪو دادو مان نڪرندو هو ۽ ان جي هڪ سالياني نمبر ۾ پهريون انعام ”استاد بخاري“ کي مليو هو ۽ ٻيو نمبر مون کي ۽ ٽيون نمبر محترم نياز همايوني صاحب کي مليو هو.
    سوال: اوهان استاد به رهيو، ان ڪري اوهان ماضي جي نظام تعليم جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: ماضي جي تعليم واري نظام ۾ ڪي نصابي ڪميون پيشيون ضرور هيون به، پر انتظامي لحاظ کان مڪمل مضبوط نظام هو ۽ هاڻي جيڪو تعليم کاتي ۾ غلط رجحان آيو آهي، انهن جو وڏو ڪارڻ، وڏيرا شاهي ۽ آفيسر شاهي آهي. ڇو ته قانون جڏهن کان عمل ۾ نه ٿو اچي، تڏهن کان امن، امان ۽ تعليم تباهه ٿي وئي آهي.
    اڳي جا استاد با اخلاق، محنتي ۽ پنهنجي پيشي سان سچا هئا، ۽ هاڻي وارا استاد پنهنجي پيشي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ديش سان سچا نه آهن. ها پر جي اڄ جا ستاد سچا ملندا ته اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا. مان ڳوٺ پير بخش ميربحر پراڻي رڪڻ ۾ 1948ع ۾ استاد هئس ان وقت 9 روپيه الائونس ۽ 40 روپيه پگهار هئي.
    سوال: استاد بخاري اڪيڊمي دادو جا اوهان انچارج/ منتظم رهيو. استاد بخاري اڪيڊمي جي اغراض و مقاصد جا ڪجهه تفصيل ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته هن وقت اڪيڊمي جي ڪهڙي صورتحال آهي؟
    جواب: استاد بخاري اڪيڊمي جو بنياد 12 آڪٽوبر 1992ع ۾ استاد جي وفات جي ٽيجي کان پوءِ پيو. بنيادي انهيءَ اڪيڊميءَ جا 16 ميمبر هئا. ان جي مقاصدن ۾
    1. استاد جي شاعري ڇپائڻ، سهيڙڻ
    2. استاد ماڻهن کي خط لکيا يا جن استاد کي خط لکيا، اهي گڏ ڪري ڇپرائڻ.
    3. استاد بخاري جي نالي لائبريري قائم ڪرڻ (جيڪا 2000ع ۾ قائم ڪئي وئي)
    4. اڪيڊمي جي ميمبرن جون ميٽنگون ڪرائڻ
    هن اڪيڊمي جو چيئرمين ڊاڪٽر الطاف بخاري آهي. هن اڪيڊمي طرفان استاد جا تقريبن ڪافي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ ولولو ۽ ووڪ ۽ ميلا ملهالا جا مسودا مون پاڻ لکيا هئا.
    سوال: سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ادبي تنظيمون آيون ۽ ويون. پر انهن مان ڪابه سنڌي ادبي سنگت جيتري مقبوليت نه ماڻي سگهي، هوڏانهن سنڌي ادبي سنگ جو اهو حال آهي جو سنگت باهمي جهڳڙن جو شڪار آهي، اوهان ڪجهه ادبي تنظيمن جي ڪردار بابت ٻڌايو.
    جواب: ادا چون ٿا ته سنڌي ادبي سنگت ايشيا کنڊ ۾ وڏي ۾ وڏي تنظيم آهي، پر ڪافي سالن کان هو پنهنجي مقصد کان هٽي وئي آهي. انهي جو مکيه ڪارڻ اليڪشن جي ڇڪتاڻ آهي، ڇو ته اليڪشن هڪ جمهوري عمل نه آهي. پر اسان جا ماڻهو جيڪي ڪرندا آهن سي وري تعاون ئي نه ڪندا آهن. ان کان علاوه ٻيون ادبي تنظيمون به پنهنجن فرضن کان بخوبي واقف آهن پر عهديدارن جي هڪٻئي سان ڇڪتاڻ جي ڪري اسري يا عملي ڪم نه ڪري سگهيون آهن.
    سوال: اوهان ماضي ۾ ڪهڙين ادبي تنظيمن سان منسلڪ رهيا آهيو؟
    جواب: مان ڪافي، ادبي تنظيمن سان لهه وچڙ ۾ رهيو آهيان. جن ۾ ”بزم ادب“ ضلعي دادو جو جنرل سيڪريٽري رهيس، ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ پير بخش جو صدر رهيس، بزم آصف مصراڻي دادو جو صدر، بزم نواز جو سرپرست، جمعيت الشعراءَ، دادو ضلعي جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهيان.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت کان اڳ ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي تنظيم هئي، اوهان وٽ ڪي جمعيت الشعراءَ جون اڻوسرندڙ يادون آهن؟
    جواب: جمعيت الشعراءَ سنڌ واقعي سنڌي ادبي سنگت واري تنظيم کان وڏي تنظيم هئي، هن تنظيم سنڌي ادب جي باقائدي خدمت ڪئي، هو هر سال ڌار ڌار ادبي، علمي ڪانفرنس ڪوٺائيندي هئي. جنهن ۾ طرحي مشاعرو هوندو هو. جيڪو 2 يا 3 ڏينهن تائين هلندو هو. اهڙي قسم جو هڪ مشاعرو اسان جي شهر دادو ۾ 1952ع ۾ تنظيم پاران ڪرايو ويو. جنهن جي طرح هئي.
    وطن سان گڏ سلامت شل رهي سنڌي زبان پنهنجي
    صاحب طرح (عبدالحليم جوش)
    هن ڪانفرنس جي صدارت محترم مخدوم طالب الموليٰ ڪئي هئي، ان کان اڳ ۾ يعني سال 1951ع ۾ خيرپور ميرس ۾ پڻ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي هئي. جنهن جي طرح هن ريت هئي.

    پــنهـنـجـي بــرپــٽ کـي وري گــلـشـن بنائـيندا هلـو
    صاحب طرح (هري دلگير) درياڻي صاحب

    هن محفل ۾ مشاعري کان پوءِ استاد منظور علي خان ۽ رسول بخش ڀَٽُ ۽ ڪن مقامي فنڪارن پڻ بهرو ورتو هو.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جا Senior اديب ۽ شاعر حضرات هينئر فقط ڪناري تي ويهي نظارو ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ عملي طرح حصو نه ٿا وٺن ۽ اها ڏينهون ڏينهن ناتجربيڪار ۽ انا پسند ماڻهن جي ور چڙهندي پئي وڃي. اوهان پراڻن ماڻهن ڪڏهن ان بابت سوچيو آهي ته ان جي واڳ وٺي سنگت کي نئين دڳ لائڻ جو ڪو اتساهه ڏيکاريو وڃي؟
    جواب: مون کي ياد آهي ته مرحوم عادل سخيراڻي پاڻ اسان کي ڳوٺ ۾هلي اچي دعوت ڏيئي ويندو هو. سنڌي ادبي سنگت شروع ۾ ته ڪم ڪيو پر پوءِ ڪن دوستن ذاتي مفادن خاطر تنظيم کي غلط استعمال ڪيو ۽ نتيجي ۾ ماڻهو هن تنظيم کان خائف ٿي ويا. مون بذات خود نوجوان دوستن کي ويهي سمجهايو ته ادا وڏن، سينئرن اديبن جي عزت ڪيو، تنظيم کي سٺي نموني تڏهن ئي هلائي سگهون ٿا ۽ توهان وٽ ته جدت پسندي، قدامت پسندي، رجعت پسندي يا ترقي پسندي جا مهڻا نه هئڻ گهرجن، اهي طعنه تنڪا سڀ وساري، سڀن لاءِ هڪڙي پاليسي رکڻ گهرجي، پر ائين نه ٿيو.
    سوال: جمعيت الشعراءَ جا موجوده ڪارنده جمعيت الشعرا کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ان کي سميٽي، سوڙهو ڪري، هڪ ڳوٺ ۽ شهر تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، موجوده وقت ان جي ڪارڪردگي ٻُڙي برابر آهي، ائين سمجهو ته اها مري چڪي آهي. ان کي جيارڻ جي لاءِ اڄ جا پراڻا نوجوان اديب ڪوشش ڇونه ٿا ڪن؟
    جواب: جيئن ته توهان صحيح چيو آهي ته جمعيت الشعراءَ ڄڻ مري چڪي هئي. پر ان کي نيئن سر جيارڻ لاءِ اسان جي مرشد گيلاني نشتر ناٿن شاهي ۽ ٻين چند دوستن ڪوشش ڪئي پر انهن برابر ان کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ۽ اها ڳالهه انهن جي ڪنڌ ۾ پئجي وئي ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ويا. اڄ به جيڪڏهن پراڻي جمعيت الشعرا جي منشور مطابق سڄي سنڌ ۾ ادبي ڪم هلائڻ چاهن، ته ممڪن آهي ان ۾ ساهه پئجي وڃي.
    ذاتي طور تي ته مان اهوئي عرض ڪندس ته مان جڏهن کان عروضي ڄاڻ ۽ استادي ڄاڻ جهڙو ٿيو آهيان تڏهن کان مون کي ياد ناهي ته مون ڪنهن نوجوان کي مايوس ڪيو هجي، باقي تنظيم کي ذاتي ملڪيت سمجهڻ بلڪل غلط آهي. مان اهڙن اديبن کي اديب ئي نه ٿو مڃان.
    سوال: شاعري جي وصف يا Definition اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
    جواب: شاعري انسان جي اڌمن ۽ جذبن جوعڪس آهي. جيڪو اڳتي هلي عشق، محبت، ديس ۽ قوم جي امنگن جو پورائو ڪري ٿي.
    سوال: اڄ ڪلهه نوجوان اديبن جو چوڻ آهي ته نثري نظم به شاعري جي زمري ۾ اچي ٿو. جڏهن ته گهڻا سينئير شاعر ان کي شاعري نه ٿا مڃن، توهان ڇا چوندوء؟
    جواب: جيئن ته نثري نظم ۾ به جذبن، اڌمن، امنگن جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ۽ ان ۾ شاعرپنهنجي امنگن ۽ جذبن جي ڳالهه ڪري ٿو، ان ڪري مان به ان کي شاعري تسليم ڪيان ٿو.
    سوال: توهان موجوده سنڌي شاعري کان واقف آهيو. توهان اهو ٻڌايو ته نئين ٽهي ۾ ڪهڙا شاعر سٺو لکي رهيا آهن؟
    جواب: نوجوانن ۾ گهڻا شاعر مٿانهون لکي رهيا آهن، جن ۾ امتياز عادل، وسيم سومرو، سعيد ميمڻ، خيال سنڌي، عبدالحميد آس ٻٻر، ابل اداس ٻٻر ۽ وفا ڪوڙل چنه وغيره اچي وڃن ٿا.
    سوال: شاعر جو معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟
    جواب: شاعر لاءِ يوناني ٻولين ۾ هڪ لفظ ”Vehetz“ نبي لاءِ ڪم ايندو هو ۽ اهو ساڳيو ئي لفظ شاعر لاءِ به ڪتب آندو ويندو هو. مان ته ائين چوندس ته شاعر اهو آهي جيڪو پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپيل رهي ۽ پنهنجي زندگي ۾ انسان ذات جي چڱائي لاءِ لکندو رهي ۽ هو عاشق ۽ سونهن پرست هجي ڇو ته مجاز سونهن ۽ عشق انساني قدرن سڃاڻ پيدا ڪري سگهي ٿو.
    سوال: شاعري جي صنف غزل لاءِ چيو ٿو وڃي ته هيترن هزار غزلگو شاعرن جي هوندي غزل لکڻ جو صحيح حق ادا نه ٿو ٿئي اوهان ٻڌايو ته غزل ۾ اهڙيون ڪهڙيون انفرادي خوبيون هئڻ گهرجن ۽ اوهان جي نظر ۾ غزل جي صنف سان ڪهڙا شاعر صحيح نباهه ڪري رهيا آهن؟
    جواب: اسان وٽ سنڌ ۾ هينئر ڪافي سٺا شاعر آهن جيڪي سٺو غزل لکن ٿا ۽ غزل جي فني لوازمات سان سچائي سان نباهه ڪري رهيا آهن، باقي ڪافي اخبارن ۽ رسالن وارا ته نظم، بيت، گيت کي به غزل جو عنوان ڏيئي هلائي رهيا آهن.
    ڪلاسيڪل غزل ان کي چئبو آهي جنهن جي قافئي ۽ رديف جو صحيح نموني سان نباهه هجي، سٺي غزل جون ته ڪيئي خوبيون آهن پر هيٺيون شيون ان لاءِ ضروري آهن.
    1- غزل ۾ رڳو قافيو به ڪم ايندو آهي ۽ قافيه ۽ رديف وارو غزل به سٺو هوندو آهي.
    2- سٺو غزل اهو آهي جنهن ۾ رديف سٺو، نئون ۽ قافئي سان ٺهڪندو هجي.
    3- ڪلاسيڪل غزل ۾ سلسلي سان نباهه ناهي رکڻو بلڪه ان جو هر بند منفرد خيال پيش ڪري.
    4- فڪري اوسر کان سواءِ غزل اڻپورو آهي پوءِ اهو ته وري ڪافي نما غزل ٿي ويندو.
    غزل مختلف موضوعن تي لکي سگهجن ٿا، جنهن ۾ عشق جي ڳالهه هجي، مزاحمت جي ڳالهه هجي ۽ ان ۾ دنيا جا سمورا مسئلا سمائي سگهجن ٿا.
    سوال: اوهان خيال کي اهميت ڏيندا آهيو يا وزن بحر کي؟
    جواب: اسان عروض کي اهميت ڏيون ٿا ۽ خيال سٺي ڳالهه آهي ۽ جيڪڏهن اهو وزن ۾ پورو ناهي ته عروضي شاعر کي مزو نه ايندو، جڏهن ته ساڪن متحرڪ جون غلطيون به اسان برداشت نه ڪندا آهيون.
    سوال: ”سونهن“ ‘Beauty’ اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
    جواب: شاعر اصل ۾ مجاز يا رومانس کي ذهن ۾ آڻي شاعري ڪري ٿو. ان ڪري شاعر کي سونهن پرست به سڏي سگهجي ٿو. مون به سڄي زندگي سونهن جي ثنا ڪئي آهي. سونهن کي توريت، انجيل، زبور ۽ قرآن ۾ الله جي جلون جو عڪس سڏيو آهي. انهن آسماني ڪتابن ۾ ڪائنات جا اهي سڀ وڻندڙ نظارا سونهن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.
    ”الله سهڻو آهي ۽ سونهن کي پسند ڪري ٿو“
    به اوهان ضرور ٻڌو هوندو.
    سوال: اوهان جو پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
    جواب: منهنجو هر انسان ذات کي اهو پيغام آهي ته جيڪو دم جيئي ٻين لاءِ جيئي ۽ امن ۽ محبت جي پرچار ڪري، خاص ڪري پنهنجي سنڌي، نوجوانن کي اهو عرض آهي ته هو سنڌ جيجل ڌرتي لاءِ پاڻ مان ويڇا ۽ وير وساري هڪ ٿي وڃن.


    غزل

    تن ۾ تنهنجي تاڻ وڌي وئي،
    ڏاڍي آ ڇڪتاڻ وڌي وئي.

    ڳوڙهن جي روڪڻ سان اُٻري،
    اکڙين جي ڳاڙهاڻ وڌي وئي.

    مجبورين مايوسين گهوگهيو،
    چهري جي پيلاڻ وڌي وئي.

    تون جو مُرڪين گلشن ٻهڪيو،
    سرهائي سرهاڻ وڌي وئي،

    روح وساڻو هانءُ ڊهي پيو،
    طلب تتي توڪاڻ وڌي وئي،

    اچ اچ ساهه نه دير سهي ٿو،
    سڪ جي ڇڪ آ هاڻ وڌي وئي.

    جسم ”نواز“ ٿڌو ٿيو، ڌڪ ڌڪ،
    دل جي پو ڇاڪاڻ وڌي وئي،


    احمد خان مدهوش

    غزل


    جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي،
    جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪ ٿِي ناهي.

    ڪيا غم دل ۾ اوتارا، ٿڪا تارا، تڪي تارا،
    سڄڻ بيچين دل کي چَين هڪڙو دم گهڙي ناهي.

    ڪرين ٿو وارَ کولي وارَ، سو سو وارَ او سهڻا!
    لڳا ٿم ڏنگَ انگ انگ ونگ جنهن جو دنگُ ئي ناهي.

    دلاور، دادِلا، دلدار، دلبر، دلربا، دل ڪش،
    دل دِلگير کي هر نامَ تنهنجي کان وِٿي ناهي.

    ذرا سرڪي، مون کي ڏي مَئي جي سُرڪي مگر مُرڪي،
    سرِ محفل سخِي آڏو صدا ايڏي وڏي ناهي.

    ڪڍان ڇاڪاڻ ڪنهن جي ڪاڻَ منهنجي ڪاڻَ تون ڪافي،
    ڀري ”مدهوش“ کي ڏي جهولَ تو وٽ ڪا ڪمِي ناهي.



    BRIEF INTRODUCTION
    احمد خان مدهوش
    (1931-2010)


    پورو نالو: احمد خان
    ادبي نالو: احمد خان مدهوش
    ولديت: حاجي خان سومرو
    جنم تاريخ: 5 اپريل 1931ع، وفات 26 جون 2010ع
    جنم هنڌ: خيرپورناٿن شاهه لڳ سلطان چانڊيو، ڳوٺ
    تعليم: سنڌي فائينل ۽ اديب فاضل
    پيشو: رٽائرڊ استاد 1991ع کان
    شاعري جي شروعات: 1960ع کان باقائدي شروعات پهريون شعر ”نئين زندگي“ ۾ 1960ع ۾ ڇپيو
    ڇپيل ڪتاب: دل جون ڳالهيون 1993ع، نظر ۾ نظر بند 2003ع سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان ڇپيو ۽ اکين جا سنيها 2010ع.
    ڇپائي هيٺ ڪتاب: دل جون ڳالهيون 1993ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
    اڻڇپيل ڪتاب: 1. وطن خاطر شعري مجموعو.
    2. پيار ۾ حياتي آ،
    3. مقالات مدهوش (نثر)
    4. منهنجو عشق آتم ڪهاڻي (نثر).
    انعامات يا ميڊل: 1. شاهه لطيف سلور ميڊل 2. قلندر شهباز ايوارڊ 3. استاد بخاري ايوارڊ 4. تنوير عباسي ايوارڊ 5. جهاد ايوارڊ 6. شيخ اياز ايوارڊ 7. مڃتا ايوارڊ 8. دانش ايوارڊ 9. الهندو شاهه ايوارڊ 10. گورک ايوارڊ 11. سچل سرمست ايوارڊ 12. مخدوم بلاول ايوارڊ 13. جلال کٽي ايوارڊ 14. نئين زندگي طرفان ۽ ڪافي ٻيا ايوارڊ.
    ڪلام جن فنڪارن ڳايو ان ۾ عابده پروين، تعمير حسين، زيب النساء، حميرا چنا، غلام رباني، صاعمه، منظور سخيراڻي، ٻالڪ سنڌي، شهزادو ڪانڌڙو، قادر ڏاوڇ. مرحوم خورشيد علي خان، وحيد علي خان، ممتاز لاشاري ۽ ٻين فنڪارن.

    سوال: اوهان سنڌي ادبي دنيا ۾ ڪيئن آيو؟ اوهان ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو يا عاشقيءَ جي جذبي اوهان کي هن دنيا ۾ آندو؟
    جواب: ان لاءِ مان ته ائين چوندس ته منهنجي اديب هئڻ جو محرڪ سونهن آهي ۽ سونهن پرستي جي ئي ڪري منهنجو پاڻمرادو شاعري ڏي لاڙو ٿي ويو. انهي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ وقت جي حالتن ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ دنيا سڄي حريف ٿي بيٺي، ان جي مزاحمت ۾ جيڪا ”آه“ يا دانهن نڪتي سا شاعري بڻجي ويئي، پوءِ ڪجهه دوستن چيو ته ”جيڪڏهن شاعري ڪيو ته ڏاڍا سٺا شاعر ٿي سگهو ٿا“. ۽ مون ائين ئي لکڻ جي شروعات ڪئي.
    اهو 1960ع جو زمانو هو. استاد بخاري چيو ته، ”توهان اديب فاضل جو امتحان ڏيو“ توهان جي شاعري ۾ سٺا خيال آهن ۽ اهڙي طرح مون شعر لکڻ جو آغاز ڪيو. اصل ۾ منهنجي طبيعت جو لاڙو مشڪل پسنديءَ ڏانهن هو. انهن دوران مون کي هڪ قابل استاد منهنجو رهبر سائين فيض بخشاپوري ملي ويو جنهن مون کي سنئين دڳ لاتو. منهنجوخيال هو ته اهڙو استاد هجي جيڪو عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هجي. منهنجو اهو خواب به پورو ٿي ويو. شروع شروع ۾ مون محترم حافظ محمد احسن چنه کان به اصلاح ورتي. پر مان ڪنهن به شاعر کان متاثر نه ٿيس ۽ شاعريءَ مون کي پاڻ مجبور ڪيو ته لک لک! اٿ لک مون تو لاءِ ڏات جا در کولي ڇڏيا آهن.
    سوال: مدهوش صاحب! ڇا شاعري جي باقائدي سکيا اوهان ورتي ۽ اهو به ٻڌايو ته شاعري جو فن سکڻ ڪيتري قدر اهم آهي.
    جواب: بلوچ صاحب جيئن ته شعر اصل ۾ هڪڙي فڪر ۽ سوچ جو نتيجو آهي يا کڻي چئجي ته جڏهن ڪا سوچ ۽ ڪو خيال ذهن ۾ سرجي ته ان کي ترتيب (In order) ۾ رکڻ يا ان کي علم عروض يعني وزن بحر ۾ رکڻ لاءِ استاد جي ضرورت پوندي آهي. ڇو ته استاد جو ماڻهو جي ڪردار ۾، اٿڻ ويهڻ ۾، لکڻ پڙهڻ ۾ وڏو هٿ آهي. پر تنهن هوندي به چوڻي آهي ته
    Some are born great and Some achieve greatness
    ان ڪري مان ته ان نظرئي جو حامي آهيان ته استاد کان سواءِ انسان انڌو آهي ۽ منهنجي شاعري ۾ مهنجو استاد فيض بخشاپوري صاحب جن هئا. جن کان مون ڪافي ڪجهه پرايو.
    استاد فيض صاحب جو چوڻ هو ته، ”جيسين ڪو شعر پختو ناهي ته نه او شعر مشاعري ۾ پڙهو ۽ نه ئي ڪنهن فنڪار کان ڳارايو ۽ نه ئي وري ڪنهن رسالي وغيره ۾ ڇپرايو. پر جڏهن اوهان جو ڪو شعر ماڻهن جي انبوهه ميڙ مان داد وٺڻ ۾ ڪامياب وڃي ته پوءِ سمجهو ته اوهان شاعري جي دڳ تائين پهتا آهيو.“
    سوال: مرحوم فيض بخشاپوري لاءِ چيو ويندوآهي ته هن جيڪا شاعري ڪئي آهي اها سواءِ فارسي دان شاعرن جي ٻئي ڪنهن جي سمجهه ۾ نه ايندي هئي. اوهان جو ان باري ۾ ڇا چوڻ آهي.
    جواب: مان ان حقيقت کي سچي دل سان قبول ڪيان ٿو ڇو ته سچ سچ آهي ۽ فيض بخشاپوري جي شاعري ۾ سواءِ هڪ ٻن اکرن جي جيڪي سنڌي ۾ هئا باقي تقريبن فارسي هوندي هئي. پر سندس خيال تمام اوچا ۽ اونها آهن ۽ جهڙي تهڙي گهٽ پڙهيل جي سمجهه کان سندس شاعري مٿاهين آهي.
    سوال: اهڙي شاعري ڪرڻ مان ڪهڙي مراد آهي جيڪا پنهنجي ٻولي کي بگاڙي ۽ پنهنجي ادب سان مذاق سمجهي وڃي؟
    جواب: ادا! ادب سان مذاق ته مان نه چوندس ڇو ته منهنجو استاد پاڻ به وڏو اديب هو. ڪو ماڻهو انگريزي ۾ لکي ٿو ۽ ڪو فارسيءَ ۾ لکي ٿو يا وري ڪو اردو ۾ لکي ٿو اهو ادب ۾ شمار آهي. هي سنڌي ادب تي وڏو احسان آهي جو بلوچ قبيلي جو ماڻهو اردو ۾ دسترس رکڻ وارو فارسي زده ئي صحيح، پر سنڌي ادب ۾ اضافو ڪري ويو. ان ڪري مان کيس سٺو شاعر چوندس.
    سوال: ماضي ۾ هڪڙو پورو عهد آهي سنڌي شاعري جوجنهن ۾ دانسته طور تي فارسي لفظن جي ڀرمار ڪئي وئي ۽ اها شاعري پنهنجو جڙون قائم ڪري نه سگهي. اها ڳالهه ان وقت جي شاعرن کي به جُکندي هئي ته اسان جي اها شاعري اڳتي هلي مدي خارج ٿي ويندي. پوءِ به اهڙي شاعري جو عزم ڇو ۽ ڇالاءِ هيو؟ ان مان هو پنهنجي علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ اوچو ڪري ڏيکارڻ جي شعوري ڪوشش ته ڪونه ڪندا هئا؟
    جواب: منهنجا سائين اها ڳالهه به ٺيڪ آهي مڃون ٿا هڪڙو اهڙو زمانو هو جو سنڌ جا ماڻهو پارسي ۾ لکندا هيا ۽ دفتري ٻولي به پارسي (فارسي) هئي جيڪا هاڻي پارسي لهجي کان نڪرندي نڪرندي ٺيڪ سنڌي لهجي تي پهتي آهي. ان ڪري ان ڪڙي کي پنهنجي ادب مان ڪٽي ڌار ڪري نه ٿا سگهون.
    سوال: مدهوش صاحب اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ۽ ڇو؟ ان سان گڏ اهو به ٻڌايو ته ان صنف جو خوبيون ڪهڙيون آهن؟
    جواب: ڏاڍو دل وٽان سوال ڪيو اٿئو، سچ ته منهنجي پسنديده صنف آهي ئي غزل، جيڪو مون گهڻو لکيو آهي، جيئن ته غزل لکڻ لاءِ، اول ته سڀ کان منهنجي خيال موجب ذاتي مشاهدو هئڻ گهرجي ۽ استاد شاعرن جي ڪلام جو مطالعو ۽ مسلسل مشق ڪرڻ تمام ضروري آهي.
    سوال: هڪ سٺي غزل جون خوبيون؟
    جواب: سٺو غزل اهو آهي جيڪو جڏهن ٻڌندڙ ن وٽ پيش ڪيو وڃي ته اهي ائين محسوس ڪن ته ڄڻ ته انهن جي دل جو آواز آهي يا انهن جي دل جي ڳالهه پئي ڪئي وڃي ۽ بي ساخته داد حاصل ڪري اهو ٻڌندڙ ائين سمجهي ته ڄڻ هن جي دل جو آواز آهي. هن جي دل جي ترجماني پئي ڪئي وڃي.
    شعر جي اسرڻ جو سبب، جڏهن مون تي ڪانه ڪا واردات گذري ٿي، تڏهن ئي ڏات جا ڏيئا ٻري روشن ٿي پون ٿا ۽ مان شعر لکي وٺندو آهيان. منهنجي شاعري منهنجي ئي مشاهدي جو نچوڙ آهي. ڪٿي ڪٿي شاعري ڪنهن شاعر سان هم خيال به ٿي ويندي آهي.
    اصل ۾ غزل غزال مان نڪتو آهي، يعني هرڻ جي ننڍي ٻچي جو ڇال، مطلب ڇال ڏيڻ يا ٽپاڏيڻ. ان ڪري غزل به هر بند ۾ ڇال ڏئي ٿو، نتيجن موضوع مٽجندو رهي ٿو، مطلب ته محبوب سان گفتگو، ان لاءِ اهو ئي چوڻ آهي ته اچو ته غزل ڪيون. اصل حرڪت عشق جي آهي، غزل جي وسعت تمام وڏي آهي. غزل ۾ اسلامي موضوعات، بک، بدحالي، بيروزگاري جا حالات، مزاح جو رنگ اهي سڀ ئي موضوع انهي ۾ اچي وڃن ٿا.
    سوال: اوهان سنڌي شاعرن جي ڀلوڙ شاعرن واري صف تي بيٺل آهيو ۽ يقينن اوهان شاعري کي سمجهو به ٿا ان کي رت جو ريج به ڏيو ٿا، پر اوهان اهو ٻڌايو ته شاعري اوهان جي نظر ۾ آخر ڇاهي؟
    جواب: شاعري اصل ۾ شعور لفظ مان نڪتل آهي ان ڪري شعور جون ڪيئي معنائون ٿين ٿيون. جهڙوڪ سوچ فڪر، غم، خوشي، وصال، هجر اهي سڀ ڪنهن رڌم ۾ پيش ڪجن ته جيئن ڪوئي گنگنائيندڙ يا ڳائيندڙ آساني سان ڳائي سگهي يا وري موسيقي ۾ ئي سمائي سگهي. ٿورن لفظن ۾ مون وٽ اها ئي وصف ٿي سگهي ٿي.
    هاڻ ته شاعري منهنجي زندگي ٿي وئي آهي، جيستائين مان پنهنجي اندر جا اڌمان قلم بند نه ٿو ڪيان تيستائين مون کي آرام نه ٿو اچي. آڌي رات جو ڪڏهن ڪڏهن اٿي به لکڻو پوي ٿو. سمجهو ته شاعري ۽ مان هڪ ٿي ويا آهيون. شاعري منهنجي وڌ ۾ وڌ سريت آهي.
    سوال: هڪ سٺي شاعر ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
    جواب: سڀ کان اول منهنجي خيال ۾ ته ماڻهو پاڻ سٺو هئڻ گهرجي ۽ جڏهن ماڻهو پاڻ صاف دل هوندو ته هن ۾ آهستي آهستي سڀ خوبيون اچڻ شروع ٿي وينديون. جيئن ته شاعر ويچارڙو زماني جو ڏتڙيل ٿئي ٿو، ان ڪري جيڪي به تڪليفون هن کي ملن ٿيون زماني کان ۽ هو برداشت ڪري ٿو ته اهو ازخود ئي سٺو ٿي وڃي ٿو. شعر چوندڙ ماڻهو ۾ ڳالهائڻ جو سليقو ٿو اچي وڃي. پيار وٽس گهر ڪري وڃي ٿو. ننڍي توڙي وڏي ماڻهو سان محبت سان پيش اچي ٿو ۽ ان ڪري هو پنهنجي ڄاڻ ۽ مطالعي ۾ اضافو به رکي ٿو. کيس لغات جي مهارت حاصل ٿئي ٿي ۽ پنهنجي آس پاس جي ٻهراڙي کان وٺي شهرن تائين ٻولي ۽ ان جا لهجا، استعارا، اصلاح ڪم آڻي هو هڪ وڏو ٻولي جو ماهر بڻجي سگهي ٿو ۽ هئڻ گهرجي. ان ڪري مان ته ائين چوندس ته:

    هت روز سبق نئون سکجي ٿو،
    ۽ پاڻ سبق ٿي رهجي ٿو.
    انسان جهان جي مڪتب ۾،
    شاگرد ڀي آ، استاد ڀي آ.

    سوال: سنڌي اديبن سنڌي ادب کي سنوارڻ لاءِ ڪهڙو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
    جواب: اسان جي موجوده سنڌي اديبن وڏي ڪوشش ڪري پنهنجي ادب کي عروج تي پهچايو آهي. البته سنڌي ادبي سنگت ۾ لابين وارو رجحان، سنڌي اديبن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۾ مصروف آهي، ان ڪري جيڪي به پنهنجا ابلاغي ادارا آهن. سنڌي ادبي بورڊ کان وٺي، سنڌي لينگويج اٿارٽي، ريڊيو کان T.V تائين ويڙهه لڳئي پئي آهي ۽ ان ۾ اقربا پروري جو اهم ڪردار رهيو آهي جنهن اسان کي ۽ اسان جي ڌرتي کي ڇيهو رسايو آهي. ان سان گڏ ڪيسٽ ڪلچر (ڌنن تي شاعري) به اسان کي ڪٿان جو به نه رهايو آهي. اسان جي Folk کي به نقصان پهتو آهي.
    سوال: علم عروض جي اوهان وٽ ڪيتري اهميت آهي؟
    جواب: مان ذاتي طرح ته وزن بحر کي وڏي اهميت ڏيان ٿو ڇو ته اها شعر جي تور ۽ ماپ آهي. جيستائين ڪنهن به شعر جو وزن نه وٺبو يا ڪو سانچو نه ٺاهبو ته پنهنجي فڪر کي ان ۾ سمائي نه سگهبو. انهي ڪري علم عروض جي ڄاڻ بيحد ضروري آهي. جيڪڏهن علم عروض جي ڄاڻ نڪري وئي ته پوءِ سمجهو ته شاعري جي به پڄاڻي آهي.
    سوال: ادب ڇا آهي؟
    جواب: ادب عام طور Literature کي چيو ويندو آهي. ان ۾ هر لکڻي اچي وڃي ٿي پر منهنجي خيال ۾ ادب انهي لکڻي کي چئجي جنهن ۾ فهم، فضيلت ۽ احترام هجي ۽ انسان ذات جي ڀلائي وارو جذبو هجي.
    سوال: چوندا آهن ته شاعر عاشق مزاج، حسن پرست ۽ محبتي ماڻهو هوندا آهن. ڇا اها حقيقت تسليم ڪري سگهجي ٿي؟
    جواب: اهاڳالهه سو فيصد صحيح آهي ۽ انسان ئي انس مان نڪتل، ان ڪري انس جو مطلب آهي ئي محبت. شاعر ته حق ۽ پيار جون وڏو پرچار ڪري ٿو. انهي ڪري ان کي وقت جو پيغمبر به چوندا آهن.
    سوال: تنقيد ڇا آهي ۽ تنقيد جو معيار ڇا هئڻ گهرجي؟
    جواب: تنقيد جو اشتقاق ٿيندو نقد ڪرڻ، معنيٰ تارازي جا ٻئي پڙ، خامين وارو خوبين وارو، ٻنهي کي تڪي توري تعصب کان مٿاهون ٿي ڏسڻ، ڪنهن به تخليق يا شخصيت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چئبو ان کي تنقيد چئبو. تنقيد سهڻ جو مادو اسان وٽ تمام گهٽ آهي. جنهن به ليکڪ جائز تنقيد برداشت ڪئي آهي. اهو يقينن سٺن لکندڙ مان ٿي گذريو آهي.
    اصل ۾ تنقيد سٺي ماحول ۾ ڪجي ۽ سهڻن لفظن ۾ ڪجي ته جيئن جنهن تي توهان تنقيد ڪيو ٿا ان تي گران به نه گذري، پر پنهنجي ڀلائي محسوس ڪري، تنقيد ڪرڻ مهل ڪجهه ڳالهين جو خيال به ڪيو وڃي. تنقيد ۾ خوبيون، خاميون تعريفي ۽ تنقيدي جملا به محبت ۽ سٺي سهڻي انداز سان چيا وڃن. مزاحيه شاعري ۾ تنقيد مختلف ٿئي ٿي ۽ معاشري تي مزاح وارو تنقيد ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه آهي.
    تنقيد کي تخليقي سگهه سان ڏٺو وڃي ۽ هر تخليق کي فڪر ۽ فن جي ڪسوٽي ۾ پرکيو وڃي ۽ هروڀرو خوشامدي به نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي تعصب رکي تنقيد ڪجي. ان ڪري تنقيد تعصب کان پاڪ هئڻ گهرجي. هڪ جاءِ تي مون لکيو آ ته:

    تعصب جو وٺي روپ نه تنقيد ڪندو ڪر،
    جي پاڻ اديب آنهه ته اديبن جو ادب ڪر.

    تعصب انهي ڪري ٿو مون سان رکي زمانو،
    غربت جي ويس ۾ ڀي عزت وڏي رکان ٿو.

    سوال: نثري نظم ڇا شاعري جي زمري ۾ اچي ٿو؟
    جواب: بلوچ صاحب نثري نظم به شاعري آهي ڇو ته هو شعور سان تعقل رکي ٿو پر مان ذاتي طور ان کي ايڏي اهميت نه ٿو ڏيان. جيڪڏهن ڪو ساڳي ڳالهه نثري نظم ۾ ڪري ٿو پر ڇو نه هُو اها ڳالهه موزون شاعري ۾ ڪري. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته نثر ۽ نظم ڳالهه ساڳي ڪيئن آهي جو تخليق هڪئي وقت ۾ نثر به هجي ۽ نظم به ......
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جو ڏينهون ڏينهن پٺتي پوڻ جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا ۽ اوهان ان لاءِ ڪهڙا Proposals ڏيندؤ؟.
    جواب: سچ ته دوست اهو سوال پڇي اوهان منهنجي ڇٽل ڦٽ تي آڱر رکي اٿَو. جيڪڏهن اسان جي ادب ۾ خلوص ۽ نيڪ نيتي هجي ۽ هڪڙي اديب جي ٻئي لاءِ وڏي عزت هجي ته ادبي سنگت وڌيڪ سٺو ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن هڪڙو اديب ٻئي اديب دوست کي عزت ۽ مان نه ٿو بخشي يا هن لاءِ سٺا لفظ استعمال نه ٿو ڪري ته ان کي اديب چئي ئي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ ته اديب سڏرائڻ به خراب آهي ۽ جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقو آهي ۽ ان جي باوجود اليڪشن هارائڻ ۽ کٽڻ کان پوءِ به هڪٻئي جا چهرا ڏسڻ به نه ٿا گوارا ڪن. اهڙيون ڳالهيون به سنڌي ادب کي نقصان پهچائن ٿيون. تنهنڪري اسان جي ادب جي محاذ تي ٽولا ٽولا ڀلي هجن پر سڀ هڪڙِي ڌاڳي ۾ پوئل هجن ۽ هڪڙي واڳ ۾، نه ته وڙهي مري وينداسين. انهي معمولي حرڪتن جي ڪري پنهنجو نه رڳو ذاتي نقصان ٿو ٿئي پر پنهنجي وطن ۽ ٻولي جو به نقصان ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ اسان پنهنجي قومي سڃاڻپ به وڃائي ويهنداسين.
    سوال: جيئن ته پيارا سائين اوهان استاد به رهي چڪا آهيو. اوهان اڳين تعليمي معيار ۽ هاڻوڪي تعليم معيار جي باري ۾ ڇا ٻڌائيندو؟
    جواب: سائين اڳ ۾ استاد جوابداري محسوس ڪندو هو. ۽ پنج منٽ به ليٽ ڪرڻ برداشت نه ڪندو هو. پر ان جي برعڪس اڄوڪا استاد پڙهائڻ بدران گسائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڇو ته سندن آفيسر پنهنجي آفيسري جي معيار تي ناهن ۽ پنهنجا فرائض ديانتداري سان سرانجام نه ٿا ڏين ان لاءِ هتي هڪڙو پهاڪو چوڻ چاهيندس ته:
    ڪاڻياري ٻلي، ڪوئي سندي جوءِ!
    ٻيو ته اڳيان استاد ويچارا پنهنجي ٻولي، پنهنجي وطن ۽ سماج سان اٿاهه الفت ڪندا هئا ۽ شاگردن لاءِ شفقت جو جذبو رکندا هئا. پر هاڻي ته ائين آهي ئي ڪونه. اڄ ته استاد شاگرد گڏجي هڪڙي ڪمري ۾ سگريٽ ٿا پيئن ۽ انهن جو اخلاق بگاڙن ٿا. اڄ جا استاد رڳو ٽائيم پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن ۽ هر مهيني جي پهرئين تاريخ تي اک هوندي اٿن ته رڳو پگهار ملي، ٻار پڙهن نه پڙهن.
    سوال: تعليم جي تباهي جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
    جواب: تعليم جي تباهي جا ته تمام گهڻا ڪارڻ آهن، ڳالهائبو ته هي انٽرويو نه پر ڪو ڪتاب ٿي ويندو.
    سوال: سنڌي ادب کان علاوه اوهان ٻي ڪهڙي ٻولي جي ادب جو مطالعو ڪيو آهي.
    جواب: مطالعو ته پنهنجي جاءِ تي پر مون اردو شاعري به ڪئي آهي، سرائڪي مادري زبان اٿم، پر منهنجي محبت سنڌي ٻولي سان آهي. ان ڪري فقط سنڌي زبان کي ترجيح ڏيان ٿو.
    سوال: اوهان جون آسائشون ۽ ارمان پورا ٿيا يا اڻپورا ئي رهجي ويا؟
    جواب: ادا ارمان ته پورا ٿيندا ئي ناهن، جيڪڏهن ارمان پورا ٿي وڃن ته مان ايترو لکي ڪڏهن به نه سگهان ها. پر اڃا به ڪجهه ارمان رهيل آهن جيڪي مون کي لکرائڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ 74 سالن جي عمر تائين اڄ به مان پنهنجي ارمانن، سورن ۽ ڏکن کي ساڻ کڻي مرڪندو ماڻهن سان ملندووتان ٿو.
    سوال: اوهان جي زندگي جو ڪو يادگار واقعو؟
    جواب: زندگي ۾ ته ڪيئي اڻ وسرندڙ واقعا پيش آيا آهن ۽ ڪيئي گهرا نقش ڇڏي هليا ويا آهن، پر هڪ اهڙو واقعو جيڪو طوفان بنجي منهنجي زندگي جي ڏيئي کي وسائڻ پيو چاهي، پر حياتي هئي بچي ويس، توهان کي ٻڌايان ٿو.
    اهو سال 1976ع هو. زوردار مينهن وسي رهيو هو. ڪاڇي جي کنڌائي ڳوٺ ۾ ان وقت استاد هئس، مينهن چئي اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان ۽ مان ڳوٺ پيرين پنڌهلي رهيو هئس، ان وقت نيون سڀ سُئا ٿي وهي هليو ويون هيون. مينهن تيز ٿي ويو هو. پاڻي جي جهاڳ پهريائين گوڏي جيتري ٿي۽ پوءِ وري تار ٿي وئي پاڻي مون کي پنجاهين بچاءُ بند کان سڏ پنڌ تي منڇر ڏانهن لوڙهي کڻي هليو، منهنجا ڪپڙا، بوٽ ۽ شاعري جو هڪ ڪتاب مٿي سان ٻڌل هو سوبه غوطا کائيندي لڙهي ويو. اوچتو منهنجو پير هيٺ زمين سان لڳي ويو ۽ ٻه اڇلون ڏيئي بچاءُ بند تي چڙهي پيس، ڪوهه پنڌ جو سڪي تي هليو ئي مس هيس ته منهنجي پٺيان بچاءُ بند ٽن چئن ڪوهن تائين لاڳيتو لڙهي ويو ۽ مون کي الله بچائي ورتو ۽ هڪ نئين زندگي ملي ۽ منهنجا سارا خيال جواني جي ٻوڏ جو نذرانو ٿي ويا.
    سوال: ڇا هن ڪائنات جو نظام اوهان جي سمجهه ۾ اچي ٿو؟
    جواب: خداوند ڪريم خالق اڪبر آهي هن جيڪو نظام بڻايو آهي، ان کي هو هلائي ڀي پاڻ ٿو ۽ سمجهي به پاڻ ٿو ۽ اسين جيتامڙا حيرت ۾ گم آهيون.
    سوال: جدت پسنديءَ ۽ رجعت پرستي مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: بلوچ صاحب! اصل ۾ ته اهي لفظ قديم ۽ جديد شاعري ۾ ڪتب ئي نه آڻڻ گهرجن، ڇو ته هر شاعر جدت پسند آهي. جدت ۽ قدامت جهڙا لفظ ادب جي ويڙهاند کي مچائڻ وارن جا پيدا ڪيل آهن، ڇو ته اسان سڀئي هڪڙي ئي دڳ جا پانڌيئڙا آهيون.
    سوال: اوهان پنهنجي بزرگ/ همعصر شاعرن مان ڪهڙن جا نالا کڻندو، جن کي اوهان Like ڪندا آهيو/ هيو؟
    ”هر گل را رنگ و خوشبو ديگر است“
    جواب: حضرت فيض، شيخ اياز، حامي، گدائي، نياز همايوني، طالب لغاري، مقصود گل، استاد بخاري، بشير سيتائي، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، نواز رڪڻائي، اسحاق راهي، نشتر ناٿن شاهي، اياز گل، ادل سومرو، امداد حسيني، سرڪش سنڌي، راشد مورائي، آڪاش انصاري، احسن الهاشمي، احمد خان آصف مصراڻي، ناظم منگي، دادن فقير، پيرل قمبر، عبدالغفار تبسم ۽ تاجل بيوس صاحب.
    سوال: نئين ٽهي ۾ ڪيترائي نوجوان شاعر ۽ شاعرائون آهن، جن پنهنجي فن کي منظر عام تي آندو آهي، اوهان ڪهڙن شاعرن ۽ شاعرائن کي پڙهو ٿا؟
    جواب: نئين ٽهي ۾ ڪافي ساٿي سٺو لکن ٿا، پر سڀ کان اول ته مان پنهنجي تر جا نالا ٻڌائيندس. انهن ۾ عبدالحميد آس ٻٻر، مير محرم لغاري، خليل عارف سومرو، يامين غمگين، تابش بخاري، اسحاق سميجو، عاشق دادوي، ابل اداس ٻٻر، مظهر لغاري، ساڀيا سانگي، رخسانه پريت چنڙ، فضه غزل، ساحر راهو، همدرد کوسو، مارو جمالي، منصور سيتائي، معصوم بخاري، علي دوست عاجز، ياسمين چنه، سڪندر سرواڻ، روبينه ابڙو، ٻاجهي خان لغاري، غلام حيدر گهايل ۽ بينظير عادل سخيراڻي ۽ جانب ناز غوري وغيره.
    سوال: ادب ۾ نئين ٽهي جي حوالي سان اوهان ڪجهه چوڻ چاهيندو؟
    جواب: هينئر به نوان ننڍا شاعر سٺي معياري شاعري ڪن ٿا. وٽن فڪر جي آمد ٿئي ٿي ۽ ڪو ڪو خيال ڪنهن سٺي شاعر کان به وڌيڪ پيش ڪري سگهن ٿا. پر اصلاح نه هئڻ ڪري ۽ ٿورڙي خامي جي ڪري سندن ڪلام جي ڪچائي محسوس ٿئي ٿي، جيڪڏهن هو حجاب نه ڪن يا پڇڻ ۾ عيب نه سمجهن ته نئين ٽهي به سٺي معيار تائين پهچي سگهي ٿي. ڇو ته انهن ننڍن وٽ به اهڙي ئي دل آهي جيڪا وڏن وٽ آهي، انهن جا به اهي ئي جذبا آهن جيڪي اسان جا آهن.
    سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ڇاهي؟
    جواب: زندگي هڪ انمول تحفو آهي، حسين اتفاق آهي، زندگي کي مان هڪ ناياب شي سمجهندو آهيان جي هڪ ڀيرو ملي آهي ۽ باربار نه ملندي، ان ڪري ان جو لمحو لمحو صحيح طريقي سان سٺي نموني سان ڪتب آڻڻ گهرجي، جو به جنهن جي حصي ۽ ذمي جو ڪم هجي پاڻ تي فرض ۽ قرض سمجهي، زندگي دوران ئي ادا ڪيو وڃي ۽ پنهنجي پويان هڪ امر تاريخ ڇڏي وڃي، ته جيئن هو زندگي کان پوءِ به ماڻهن جي دلين ۾ زندگي ماڻي سگهي.
    سوال: دوستي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا؟
    جواب: دوستي هڪ رشتي جو نالو آهي مگر اها پر خلوص ۽ بي لوث آڌارن ۽ بنيادن تي ٻڌل هجي دنيا جي عظيم دانشورن ۽ اسلام جي عظيم مفڪر حضرت علي عه جو قول آهي ته ”دنيا ۾ شاهوڪار اهو آهي جنهن جا دوست گهڻا آهن.“ دوستي جي ڀرم ۽ نباهه جي لاءِ ساڳيءَ عظيم شخصيت ٻي هنڌ فرمايو آهي، ”ته ماڻهو کي کپي ته هو پنهنجي دوست کي آزمائش ۾ نه وجهي“ ان ڏس ۾ مان دوستي جي باري ۾ اهو به چوندس ته دوستي ڪچي تند آهي ۽ اها اعتمادن جي بنياد تي هلندي آهي. ان ڪري هڪٻئي جي اعتمادن کي ڪڏهن به ٺيس نه پهچائجي، هڪٻئي جي جذبن جو احترام ڪرڻ ئي دوستي جو نالو آهي.
    سوال: شيخ اياز جي آخري شاعري ۽ ان جي نظرياتي طور تي پوئتي موٽي وڃڻ جي باري ۾ ڪجهه ڳالهائيندا.
    جواب: شيخ اياز جي پوئين شاعري جو لڙهو، اسلامي نوعيت ڏانهن نظر اچي ٿو. پر هونئن به شيخ اياز صاحب تصوف جي سمورين معاملن کان بخوبي واقفڪار ۽ سٺي ڄاڻ رکندڙ هو. مگر پوئين عرصي واري سندس شاعري فقيراڻي نوعيت جي لڳي ٿي. اصل ۾ هر شاعر يا عاشق جو رستو مجاز کان حقيقت ڏانهن رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو پوئين شاعري ۾ فرق محسوس ٿئي ٿو.
    سوال: اوهان استاد بخاري جا همدر ساٿي/ دوست رهيو، بخاري صاحب جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: استاد بخاري اسان جي سنڌ جو سرموڙ شاعر آهي. سندس ٻولي سليس، عام فهم، هاري ناري جي سمجهڻ جهڙي آهي، جيئن ته دادو ضلعو اهڙي جاءِ تي آهي، جنهن کي اسان سنڌ جي وچ وارو علائقو چئي سگهون ٿا ۽ ان لحاظ کان وچ واري ٻولي سڌريل ليکي ويندي آهي، جيڪا اتر توڙي لاڙ تائين سمجهي سگهجي ٿي. وزن بحر ۾ استاد بخاري پڪو پختو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ خاص طرح سان اسٽيج تي شعر پڙهڻ جو کيس وڏو ملڪو حاصل هو. پاڻ قربائتو ماڻهو هو ۽ مون کي پڻ اديب، عالم، فاضل ٿيڻ لاءِ استاد بخاري ئي همٿايو هو.
    سوال: جيئن ته اسان وٽ اڄ به اهو رجحان آهي ته شاعري ۾ فارسي لفظن جي ڀرمار ڪجي ۽ ان ڏس ۾ اسان وٽ ڪجهه اهڙا شاعر آهن جن کي پارسي زبان بنهه ڪونه ايندي آهي ۽ نه ئي اهي ڪو فارسي ادب پڙهيا آهن پر پوءِ به اهي فارسي لغت مان وڏا وڏا ڳرا ۽ دير حضم لفظ چونڊي پنهنجي سنڌي شاعري ۾ ٽنبي رهيا آهن، ٻئي پاسي اسان وٽ فارسي زبان جا ڄاڻو ۽ فارسي لٽريچر جو وڏو مطالعو ڪندڙ شاعر به موجود آهن. جهڙوڪ نياز همايوني، مشتاق سچاوري، جوهر بروهي، بشير سيتائي، مگر انهن جي نج ۽ ٺيٺ سنڌي شاعري پڙهي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهي ڄڻ فارسي پڙهيا ئي ڪونهن، اسان وٽ سنڌي شاعري ۾ دانسته طور تي فارسي الفاظ استعمال ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ٿو پوي؟ ڇا ان عمل پويان ڪجهه شاعر پنهنجي مصنوعي علميت ته نه ٿاجتائن؟
    جواب: جي بلڪل نه! مان انهن ڳاليهن سان اتفاق نه ٿو ڪيان، اسان جي ٻولي ۾ جيڪي ڀي الفاظ ٻين ٻولين جا مروج آهن، انهن جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آ يا دقت محسوس ڇو ٿئي؟. شاهه عبداللطيف پاڻ به عربي ۽ فارسي جا لفظ ڪتب آندا آهن. انهي تي اعتراض ڪنهن کي ڪونهي پر هاڻي وارن تي اعتراض ڇو؟ شاعري ۾ جڏهن ڪو سنڌي جو لفظ وزن ۾ نه ٿو اچي سگهي ته ان جي جاءِ تي عربي يا فارسي لفظ عام فهم آڻجي ته شعر جو تخيل برقرار رهي سگهندو.
    سوال: اوهان سنڌ ليول تي ڪم ڪندڙ آڳاٽي ادبي جماعت جمعيت الشعراء جي ڪارڪردگي کان ڪيترو مطمئن هيو. ڇا اڄ سنڌي ادبي سنگت ان جيترو ادبي ڪم ڪري ٿي يا ان کان به وڌيڪ، اوهان ٻنهي ادبي جماعتن جو ٿورڙن لفظن ۾ موازنو ڪندوء؟
    جواب: سائين منهنجا جمعيت الشعراء جي پليٽ فارم تان ٿورڙي عرصي ۾ تمام چوٽي جا شاعر مشاعرن ۾ بهرو وٺي اڀري آيا. پر سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ تفرقي ۽ انا سبب، اديب اڀري نه سگهيا آهن ٻيو اهو به سبب آهي جو سنڌي ادبي سنگت ۾ ”تون مون کي قاضي چئو ۽ مان توکي حاجي چوان“ وارو رجحان عام آهي جنهن کي اسان لابي سڏيندا آهيون ۽ اسان پاڻ ۾ اڃان تائين وڙهندا پيا اچون. جڏهن ته جمعيت الشعراء اهڙين حرڪتن کان پاڪ هئي ۽ خالص علم ۽ ادب جو ڪم هلندو هو.
    سوال: آخر ۾ منهنجا سائين! ديس واسين کي ڪهڙو پيغام ڏيندؤ؟
    جواب: مان تمام نماڻو عرض ڪندس ته نفرتون ڇڏي محبتون ملهائي، انسانيت کي جياري ڇڏيو.

    انسان جي تعظيم ڪرڻ آهي عبادت،
    هن ڳالهه کي تسيلم ڪرڻ آهي عبادت،
    احمد خان مدهوش


    شمشير الحيدري

    غزل

    تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
    ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو،

    پيار جي گهرج ناهي دنيا کي،
    وقت اڄ واڳ پنهنجي واري ويو.

    اهڙو مخلص نه ڪنهن ڏٺو هوندو،
    هڪ دل سا به ڪٿ وساري ويو.

    هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾،
    سو دنيا کان اڄ گذاري ويو.



    غزل

    اسين حالَ هيڻا، اوهان جي خُدائي- وڏي ڳالهه آهي،
    هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي- وڏي ڳالهه آهي.

    انڌيرن ۾ پَلجي پئي روشنائي- وڏي ڳالهه آهي،
    اڃا وقت کي پئي ڳولي سچائي - وڏي ڳالهه آهي .

    اوهين حسن تي پنهنجي نظرن جا پهرا اڃا تيز ڪريو،
    ڪريون پيا اسين عشق جي رهنمائي - وڏي ڳالهه آهي.

    اسان عشق وارن جا ارواح آزاد آهن ازل کان،
    ابد تائين آهي اسان جي رسائي- وڏي ڳالهه آهي.

    زماني جا منصور آهيون اسين، خوب مشهور آهيون،
    اسان سُورين تي نه گردن جهڪائي - وڏي ڳالهه آهي.

    اِتي ئي هئي منهنجي خوابن جي جنت، ستارن جي ڌرتي،

    وڌي ويئي عرش برين جي اوچائي- وڏي ڳالهه آهي.

    نگاهون کڻي داد جي لاءِ مُرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت،
    اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اهائي- وڏي ڳالهه آهي.


    BRIEF INTRODUCTION
    شمشير الحيدري
    (1931-2012)


    ادبي نالو: شمشير الحيدري
    اصل نالو: شمشير علي
    ولديت: رسول بخش
    جنم تاريخ: 15 سيپٽمبر 1931ع وفات 10 آگسٽ 2012ع
    جنم جو هنڌ: ڳوٺ ڪڍڻ، ضلعو بدين، سنڌ
    تعليم: بي – اي (آنرس)، ايم – اي، ڊي – آءِ – ايم – ايس (طب).
    ڌنڌو: لکڻ (هن وقت) سرڪاري ادبي ۽ صحافتي نوڪريون (اڳي)
    ادبي ابتدا: چوڏهن سالن جي عمر ۾
    ادبي سڃاڻپ: ادب، شاعري، صحافت، ناٽڪ، تاريخ، ادبي تنقيد
    ڇپيل ڪتاب: (1) انسان ڪامل (2) ڪاروانِ ڪربلا (3) سجاڳ سانگهڙ – گذيٽيئر، (4) سنڌي آزاد نظم جي اوسر، (5) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، (6) بهترين سنڌي افسانا – ترتيب (7) تاريخ جو ڪچرو – شاعري، (8) لاٽ – شاعري (9) فلوٽ ائنڊ فليم – ترتيب، انگريزي (10) سوکڙي – ترتيب (11) پيار جا 9 گيت – جرمني گيتن جو منظوم ترجمو.
    اڻ ڇپيل ڪتاب: (1) 50 سنڌي ۽ ڍاٽڪي گيتن جو پوربي لهجي ۾ ترجمو (2) لاٽ – شاعريءَ جو مڪمل مجموعو (3) سنڌ اپڊيٽ – ترتيب، سنڌ جو گزيٽيئر انگريزي (4) روشن تارا گيت – ٻارن لاءِ گيت.
    اوارڊ: (1) سونو ٻلو – سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن (2) صدارتي ٻلو – پرائيڊ آف پرفارمنس (3) پاڪستان ٽيليويزن- 3 اوارڊ (4) سنڌي اڪيڊمي، دهلي (5) مارئي، دهلي، (6) راشتريه سنڌي ڀاشا وڪاس بريشد جئپور (7) سنڌي ادبي سنگت، (8) نئين زندگي، (9) ٽاپ ٽين (99) اورينٽ انٽرنيشنل، پاڪستان (10) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن – شيلڊ (11) سمبارا اوارڊ (12) پاڪستان حُڪماءَ ڪائونسل 2 اوارڊ، طبي خدمتن تي.

    سوال: پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: آئون اصل بدين جو آهيان، جيڪو لاڙ جو مشهور ۽ مرڪزي شهر رهيو آهي، منهنجو ڏاڏو محمد هاشم هاري هو، بدين ضلعي جي تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ڪوڇايون ۾ رهندو هو. اتان پوءِ بدين آيو ۽ پنهنجي ذاتي صلاحيتن جي ڪري هن حڪمت ۾ وڏو نالو پئدا ڪيو، بدين ۾ هن جو تمام وڏو پسارڪو دڪان هو، حڪمت وارو ڌنڌو. پوءِ منهنجي والد صاحب وٽ آيو، پسارڪي دڪان تي ڪم ڪندي والد صاحب ۽ پوءِ پنهنجي مامي نذير حسين حيدريءَ جي ڪري، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم، قومي سياسي اڳوڻ، هاري ڪميٽي جو وائيس پريزيڊنٽ هو، هن جون جيڪي علمي لياقتون هيون شاعري ادب، حڪمت، صحافت، اهي سڀ مون کي ڄڻ ته ورثي ۾ مليون، منهنجي والد ٽي شاديون ڪيون، ان ڪري منهنجي پرورش پنهنجي مامي وٽ ناناڻڪي ڳوٺ ۾ ٿي. منهنجو نانو حاجي غلام علي پنهنجي وقت جو وڏو تونگر ماڻهو هو، هن جون چمڙي جون ڪوٺيون ڪڇ ڀڄ ۾ به هيون، “رحمڪي“ بازار ۾ رهندو هو، بعد ۾ هو ننڍي شهر ۾ آيو، جيڪو بدين ضلعي جو چڱو موچارو پڪو ڳوٺ آهي، ان کانپوءِ آءٌ پنهنجي اباڻي گهر آيس، جتي منهنجي ابتدائي تعليم شروع ٿي، اسان جو گهر بدين شهر جي غريب آباد محلي ۾ هو. اتي ئي پاسي ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو مدرسو هو، کٿاب هو، جتي مون کي ڇڏيو ويو ۽ اتان مون قرآن شريف جي تعليم ورتي، ان زماني ۾ تڏن تي ويهي پڙهبو هو. ڪاٺ جي تختيءَ/ پَٽي تي ميٽ هڻي، ڪوئلن جي مس ۽ ڪانهن جي قلم/ڪِلڪ سان لکبو هو.
    ان کان پوءِ مون کي پرائمري اسڪول بدين ۾ ويهاريو ويو، جتان مون چار درجا سنڌيءَ جا پاس ڪيا، پوءِ چار درجا انگريزي اسڪول ۾ پڙهي سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخل ٿيس. پر آءُ ميٽرڪ ڪري نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته مون کي اسٽرائيڪ ڪرائڻ جي سزا طور ڪڍي ڇڏيو ويو هو. ان بعد گهڻي دربدريءَ کان پوءِ تعليمي سلسلو ٻيهر شروع ڪري سگهيس. ان وچ ۾ ملازمتون شروع ڪيم. ٽي مهينا ”اين جي وي“ (N.J.V) هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ پڙهيس، اسٽرائيڪ جي ڪاوڙ جي ڪري سنڌ مدرسي وارن سرٽيفڪيٽ ڪونه ڏنو، ٽن مهينن تائين وري حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول۾ بنا سرٽيفڪيٽ جي پڙهيس، نيٺ انهن به ڪڍي ڇڏيو، هڪ سال بعد جڏهن سرٽيفڪيٽ مليو ته ٽنڊي باگي جي لارينس اسڪول ۾ PRELIMINARY جو امتحان ڏنم ۽ اڳتي هلي ميٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺس، فيل ٿي پيس، وري سلپليمينٽري ڏنم،فيل ٿي پيس، تنهن بعد تعليم ڇڏائجي وئي ۽ مون نوڪريون ڪرڻ شروع ڪيون، پهرين نوڪري مون رائيس مل تي بدين ۾ 60 روپيه پگهار تي ڪئي ان کان پوءِ مامي جي معرفت آبپاشي کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر ملي، ايس ڊي او احمد خان ڀرڳڙي صاحب مهربان هو، جنهن انهيءَ سان گڏ اتي ئي مون کي هوا ماپ شعبي ۾ آبزرويٽر ڪري رکيو، اتي به 60 روپيه پگهار ملندي هئي. ان وچ ۾ ايس ڊي او صاحب روينيو آفيسريءَ جي جاءِ ڏني، ان وقت به مون وٽ اڃان ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ ڪونه هو، بدين ۾ ان وقت صورتحال اها هئي جو آءُ ميٽرڪ پاس نه هوندي به تعليم يافته سمجهيو پئي ويس، ان کان پوءِ ايس ڊي او صاحب مون کي ڊويزنل ڪلرڪي جي جاءِ ڏياري، جيڪا تنهن وقت ۾ تمام اهم پوسٽ ليکي ويندي هئي. ان وچ ۾ بدين ۾ ايگريڪلچر ڪو آپريٽو ڪريڊٽ بينڪ جي برانچ قائم ڪئي وئي. منهنجو مامو ان جو هڪ ڊائريڪٽر هو، پڙهيل ماڻهو هئا ڪونه، مون کي ان جو مئنيجر ڪري رکيو ويو، ٽن سالن تائين اتي رهيس، 1954ع کان پوءِ حيدرآباد آيس، جتان منهنجي ادبي زندگي جي باقائدي شروعات ٿي.
    سوال: سائين توهان کي ادب سان لڳاءُ ڪڏهن پيدا ٿيو ۽ اهو به ته توهان کي ڪهڙن ادبي ۽ صحافتي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ان دوران ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪيو؟
    جواب: مامي جي سرپرستي ۽ ساڻس گڏ رهڻ جي ڪري ننڍي هوندي کان ئي ادب سان لڳاءُ پيدا ٿيو، جيئن ته منهنجو مامو ڪامريڊ نذير حسين حيدري پنهنجي دور جو تمام وڏو اديب، عالم ۽ مذهبي اڳواڻ، وڏي پايي جو مقرر ۽ صحافي هو. هن تنهن وقت ۾ اعلان حق“ جي نالي سان اخبار ڪڍي هئي، جنهن ۾ آءُ ساڻس ٻانهن ٻيلي هوس، ان ڪري مون کي اها لغار به تڏهن ئي هئي، منهنجا ترجمو ڪيل ليک ۽ طبعزاد لکڻيون تڏهن کان ڇپجڻ لڳيون.
    توهان کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌايان ته جيتوڻيڪ گهر ۾ ان وقت به سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. سنڌي امڙ جي ٻولي هئي، ابي جي ٻولي هئي، اسان جو سڄو خاندان اهائي ٻولي ڳالهائيندو هو، تنهن هوندي به منهنجي پڙهائي جو سرچشمو اردو هئي، انگريزي ڪانه ايندي هئي، تمام گهڻا ڪتاب ۽ رسالا پڙهيم، جيڪي لڳ ڀڳ سڀ اردو ۾ هوندا هئا. ان وقت مون کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪو گهڻو اون ۽ فڪر ڪونه هو ته اها ڪا وڏي ٻولي آهي. ايتري قدر جو مون شاعريءَ ۾ لکڻ جي شروعات به اردوء سا ڪئي، مون ان وقت تائين شاهه، سچل، سامي يا اسان جي جديد شاعرن کي نه پڙهيو هو، ڪنهن ڪنهن مهل ڪا شيءِ پڙهي وٺبي هئي. اسڪول ۾ انعام طور سنڌي جا ملندڙ ڪتاب منهنجي ذهني سطح کان وڏا هئا، تنهن ڪري ڌيان سان پڙهي ڪونه سگهبا هئا.
    1954ع کان ٿورو اڳ ۾ مون سنڌي پڙهڻ لکڻ شروع ڪئي، اهو به مامي جي صحبت جي ڪري ٿيو، مامي وٽ تمام وڏي لئبريري هئي، جنهن ۾ هر قسم جا، مختلف مذهبن ۽ ملڪن بابت وڏن عالمن جا لکيل ڪيترائي ڪتاب موجود هوندا هئا. مولانا مودودي جي ترجمان القرآن جهڙا ڳرا ڳرا ڪتاب مون پڙهيا، هضم ڪيا، سندس لائبريري ۾ ڪارل مارڪس، لينن، هيگل، ۽ ٻين پرڏيهي مفڪرن ۽ عالمن جو وڏو ذخيرو هو. ايلو پيٿيءَ بابت ڪيترائي ڪتاب پڻ سندس لائبريري ۾ هوندا هئا. ان ڪري مون نه رڳو انهن موضوعن تي ڪتاب پڙهيا پر مامي سان گڏ باقائدي پريڪٽس به ڪئي. اهي سڀ شيون مون کي ڄڻ ته ورثي ۾ مليون.
    جيتري قدر شاعري جي ڳالهه آهي ته اها مون تمام ننڍي عمر ۾ بدين مان ئي شروع ڪئي. نثر لکندو هوس، ”هلال پاڪستان“ ۾ ان وقت مون باقائدي لکڻ شروع ڪيو ۽ منهنجو وڌيڪ شغف مزاح سان هو. ان وقت آءُ سنڌيءَ ۾ لکڻ جي باقائدي شروعات ڪري چڪو هوس. هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ مضمون وغيره ڇپجڻ جي ڪري ماڻهن تائين نالو پهتو، صحافت جي دنيا ۾ منهنجي ٿوري گهڻي واقفيت آهي. اها به ان وقت جي ادبي ۽ صحافتي سرگرمين جو نتيجو آهي، پوءِ آءُ حيدرآباد آيس، بيروزگار هوس، هلال پاڪستان ۾ محترم محمد بخش جوهر ايڊيٽر هوندو هو. پنهنجي هڪ لکڻي کڻي وٽس ويس پر کيس اهو ڪونه ٻڌايم ته آءُ شمشير الحيدري آهيان، بهرحال پوءِ هڪ ٻئي سان ويجهڙائي وڌندي وئي، هڪ ڀيرو اتي مولانا غلام محمد گرامي صاحب آيو، اها 1955ع جي ڳالهه آهي، گرامي صاحب مامي جو گهاٽو دوست هو. پوءِ جڏهن محمد بخش جوهر صاحب ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو ته هو تمام گهڻو خوش ٿيو. مولانا صاحب مون کي آفر ڪئي، پوءِ جويي صاحب سان به ملاقات ٿي. هو سنڌ مدرسته الاسلام ۾ منهنجو انگريزيءَ جو استاد هوندو هو. جيئن ته مون سنڌ مدرسي ۾ پهريون ڀيرو بزم سنڌي ادب قائم ڪئي هئي. جنهن جو آءُ سيڪريٽري ۽ جويو صاحب صدر هو، جيتوڻيڪ بزم جي پليٽفارم تان ڪو خاص ڪم نه ٿي سگهيو، پر اسان جي پاڻ ۾ ويجهڙائي پيدا ٿي. نه رڳو جوييءَ صاحب سان واقفيت ٿي، پر هوشيار هجڻ ڪري ٻيا استاد به مون کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ فارسي فقه ۽ سنڌي جا ڪچا پيپر سارڻ (چيڪ ڪرڻ) لاءِ مون کي ڏيندا هئا، عادت منهنجي اها هوندي هئي جو ڪتاب ڪونه وٺندو هوس، هڪڙي ڪاپي رکندو هوس. جنهن ۾ رف فيئر ٻئي ڪم ڪندو هوس. حسن علي هائوس واري هاسٽل ۾ رهندو هوس، پنهنجي هم ڪلاسين کان ڪتاب وٺي رات جو پڙهي امتحان ڏيئي ڇڏيندو هوس ۽ پاس ٿي ويندو هوس.
    سوال: شاعري جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ ۽ اهي ڪهڙا محرڪ هئا جن اوهان کي لکڻ تي مجبور ڪيو؟
    جواب: پنهنجي مامي مرحوم ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جي پرورش هيٺ ننڍي هوندي کان ادب ۽ شاعريءَ جو ذوق پيدا ٿيو. چوڏهن – پندرهن سالن جي ڄمار ۾ اڙدو تان ترجمان ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪچي ڦڪي شاعري ڪرڻ لڳس، سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ شاگرديءَ دوران پهريون ڀيرو وڏو اصلوڪو نظم سنڌ مدرسته الاسلام تي لکيم، جيڪو مدرسي جي 1949ع واريءَ ڪرانيڪل ۾ شايع ٿيو.
    سوال: اوهان علم عروض جي باقائدي سکيا ڪنهن کان ورتي؟ ۽ علم عروض تي روشني وجهڻ فرمايو؟
    جواب: عروض جي باقائدي سکيا ڪنهن کان به نه ورتم، شاعريءَ جي مطالعي سان عروض سمجهه ۾ آيو. گهڻو پوءِ عروض بابت ڪتاب پڙهيم، ابتدائي دور ۾ ڪراچيءَ جي دوست، غلام عباس ”قيصر“ قزلباش کان اصلاح ورتم، جيڪو سنڌيءَ جو سٺو شاعر، فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ عروض جو ماهر هو.
    عروض عربي علم آهي، جنهن مان شاعريءَ ۾ وزن ۽ بحر پيدا ٿئي ٿو. اسان وٽ اهو فارسيءَ ۽ پوءِ اڙدو ٻوليءَ ذريعي رائج ٿيو. اڳي اسان وٽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو موسيقيءَ تي ٻڌل ۽ هنديءَ جو ڇند تي ٻڌل وزن رائج هو. عربي عروض جي رواج سان اسان وٽ وزن سان گڏ ”بحر“ جو نظام به رائج ٿيو. اهو نظام اسان وٽ پهرين غزل سان شروع ٿيو، ۽ اڳتي هلي اهو هاڻي ٻين صنفن ۾ به رائج آهي، عروض جي علم تي سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي ضرور پڙهڻ کپن.
    سوال: توهان امداد جو غزل به پڙهيو هوندو ۽ يقينن وفا جي غزل کان به آشنا هوندا؟ توهان کي امداد جي غزل ۽ وفا جي غزل ۾ ڪهڙو فرق محسوس ٿئي ٿو.
    جواب: فرق فن جو به آهي، خيال ۽ موضوع جو به آهي، امداد منهنجي نظر ۾ نظم جو خاص شاعر آهي، جيتوڻيڪ هن غزل به تمام سٺا لکيا آهن. پر وفا غزل ئي لکيا آهن، تمام گهڻا لکيا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ هو سنڌي غزل جو بادشاهه آهي.
    سوال: توهان اڄ جي غزل کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو – ڇا اڄ جو غزل رومانس ڏانهن جهڪي نه ويو آهي؟
    جواب: اول ته رومانس جو مطلب محدود ڪونهي، ۽ ان جي معنيٰ رڳو عشق محبت نه آهي، هڪڙي شاعر لاءِ ڪنهن سُڪل وڻ يا ڪنهن پوڙهيءَ عورت جي نراڙ تي وقت جي پيدا ڪيل گهنجن ۾ به رومانس آهي. هونئن بنيادي طرح غزل ته آهي ئي عورت سان يا ان بابت بيان ڪرڻ جي صنف، ۽ شاعرن انهيءَ ئي موضوع تي گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي، قدرت جي سونهن، فطرت جي اسرارن ۽ سماجي معاملن جا موضوع غزل ۾ گنجائش حاصل ڪندا رهيا آهن، ۽ اسان وٽ هاڻي قومي موضوع به غزل۾ آندا پيا وڃن. پر منهنجي خيال ۾ اهي ڳالهيون غزل جي ”نازڪ خياليءَ“ کي ڇيهو رسائين ٿيون. غزل ۾ اهڙين ڳالهين لاءِ وڏي مهارت کپي، ته جيئن غزل جي مزاج ۾ بگاڙو نه پيدا ٿئي. نئين ٽهيءَ ۾ غزل جا ڪي سٺا شاعر پيدا ٿيا آهن، پر اڪثريت سطحي شاعري ڪري ٿي، جيڪا فن توڙي خيال جي لحاظ کان غزل جي ضرورتن کان پري آهي.
    سوال: توهان ڪهڙن ادبي نالن کان متاثر آهيو يا هيو ؟
    جواب: متاثر ٿيڻ لاءِ سڄي دنيا جو شعر ۽ ادب پيو آهي، اثر وٺڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ طرح، ڪنهن اديب يا شاعر جي خيال، فن ۽ انداز کي پاڻ تي حاوي ڪرڻ، ۽ ٻيءَ طرح ان جي فقط رمز کي جذب ڪرڻ، چڱو فنڪار اهو آهي، جيڪو تنقيد کان پاسو ڪري، عظيم تخليقڪارن جي تجربن کي ساڻ کڻي، پنهنجا نوان گس گهڙي ۽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪري.
    مون جيڪو به عظيم ڪلاسيڪي ادب ۽ شعر مطالعو ڪيو آهي، ان جي فقط خوشبو سان پنهنجي ذهن کي تازو ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪي به خاص نالا نٿو ڳڻائي سگهان، ڇو ته مون سنڌي، انگريزي، فارسي ۽ اڙدو جي گهڻن اديبن ۽ شاعرن کان ڪجهه نه ڪجهه پرايو آهي، ۽ منهنجي ذهني پرورش ۾ انهن سڀني جو حصو آهي.
    سوال: اسان وٽ ڪيترائي شاعري جا ڪتاب روز ڇپجن ٿا ۽ اڄ جي نوجوان جو لاڙو به تحقيق ۽ تاريخ کان هٽي ڪري شاعري ڏانهن وڌيڪ آهي، ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
    جواب: ڪنهن به شعبي ڏانهن لاڙو، مطالعي ۽ مشاهدي توڙي ذاتي رغبت ۽ طبيعت تي مدار رکي ٿو. تنهن کان سواءِ، تحقيق جو شعبو وقت ۽ محنت گهري ٿو. اسان جون تمام تيزيءَ سان بدلجندڙ سماجي حالتون به اثر رکن ٿيون. جن اسان جي نوجوانن کي نفسياتي انتشار ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اسان جا اخلاقي قدر ۽ روايتون تيزيءَ سان تبديل ٿي يا وڃائجي رهيا آهن. اهڙيءَ گڏيل صورتحال ۾، اسان جو نوجوان ”ذوق“ بدران ”شوق“ جو شڪار ٿي رهيو آهي، ادب ۽ شعر جي عالمي اُپت ۽ قدرن جو اڀياس هو خير ڪو ڪري ٿو. ڪائنات جي اسرارن، فطرت جي قائدن۽ اصولن جو مشاهدو، انساني نفسيات جو اڀياس، عالمي ۽ مڪاني معاملن جي ڇنڊڇاڻ، سنجيده ادب جي اُپت ۽ اوسر لاءِ ضروري آهن. حالتن جي تيزيءَ سان تبديلن اسان جي نوجوان جي ذهنن تي اڻڄاڻائيءَ جو ڪوهيڙوچاڙهي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ هو سهل پسند ٿي پيو آهي. رواجي شاعريءَ جا موضوع هن جي آس پاس، ويجها پکڙيل آهن، پر تحقيق لاءِ پري جي نظر کپي، هزارين سالن جي پاڻ اوندهه جي اگهور کي اورانگهڻ لاءِ ڄاڻ جي برقي نگاهه کپي، تنهن ڪري، انهيءَ ميدان ۾ اسان وٽ کوٽ نه آهي، پر ڪي جوان پڙ ۾ پير پائي رهيا آهن، جن کان مايوس نه ٿيڻ کپي.
    سوال: توهان شيخ اياز جي ويجهو رهيو، توهان شيخ اياز جي پوئين/ پڇاڙي واري پلٽي کي ڪهڙو نانءُ ڏيندو ۽ اوهان جي نظر ۾ اهي ڪهڙا ڪارڻ هيا. جن جي ڪري اياز پنهنجي شاعري تان دستبردار ٿيو؟
    جواب: منهنجي ڄاڻ ۾، اياز کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاعر دنيا ۾ ڪونهي، جيڪو پنهنجي تخليق جي هڪ وڏي حصي کان دستبردار ٿيو هجي، تنهن هوندي به، اهو هڪ شاعر جي ذهني ۽ شعوري اوسر جو هڪ مرحلو آهي، جيڪو شيخ اياز جي حالت ۾ عمر جي آخري ڏينهن ۾ پيش آيو. سوچ جون اهي منزلون اسان کي ڪيترن ئي وڏن اديبن، شاعرن، انقلابين ۽ سياستدانن ۾ نظر اچن ٿيون، جن ۾ اصولن ۽ نظرين کان هٽڻ جا مثال ملن ٿا. جيتوڻيڪ پنهنجيءَ تخليق کي پاڻ رد ڪري ڇڏڻ جو مثال رڳو اياز وٽ ڏسون ٿا. پوءِ به سندس رد ڪيل تخليقي ڪارناما اسان وٽ هڪ تمام قيمتي سرمايي جي صورت ۾ محفوظ رهجي ويا آهن. اها وڏي ڳالهه آهي.
    اياز جيڪي ڪجهه پوءِ لکيو، سو اختلافن هوندي به، فني ۽ فڪري لحاظ کان شاهڪار آهي، ۽ اياز ان ۾ به ڀرپور نموني نظر اچي ٿو.
    اياز پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مضبوط حواسن جو مالڪ نه هو، عمر جي وڌندي رهڻ سان، هو موت جي ڊپ ۾ وٺبو ٿي ويو، ڪيترا ڀيرا هن موت کي ڌمڪين جا جيڪي نظم لکيا، سي انهيءَ احساس جو نتيجو هئا. سندس شعور جو آخري ڦيرو به موت کي وجهڙائپ جو روپ هو.
    سوال: چون ٿا ته شاعري عشق جي پيداوار آهي ته پوءِ اوهان به شاعري ڪئي آهي. ٿورو محبتن جي باري ۾ ٻڌايو؟
    جواب: چوڻ وارن کي چوڻ ڏيو. منهنجي شاعري عشق جي پيداوار نه آهي، شاعريءَ جو ڍانچو اڳ موجود ٿيو ۽ عشق پوءِ ٿيا.
    محبتن جا معاملا ذاتي ٿين ٿا، انهن تي ڳالهائڻ سان واسطيدارن جي عزت مجروح ٿئي ٿي، هونئن به محبت جو پهريون اصول رازداري آهي تنهن ڪري معافي.
    سوال: توهان مهراڻ ۾ به رهيو. ان جو ڇا ته معيار هو، اڄ جڏهن وري هڪ دفعو مهراڻ جو واڳون سنڌي ادب جي ڀلوڙ شاعر امداد حسيني جي حوالي ڪيون ويون آهن، پر اڄ جو مهراڻ ايترو معيار برقرار رکي نه سگهيو، جيڪو، غلام محمد گرامي، طالب الموليٰ يا وري اوهان جي دور ۾ هو، ڇو؟
    جواب: ”ڇو“ جو جواب ڏاڍو ڏکيو آهي، اها هڪ دور جي ڪهاڻي آهي. ايتري تفصيل جي هتي گنجائش ڪانهي، حياتي آهي ته اهو چٺو آءُ پنهنجيءَ آتم ڪٿا ۾ پيش ڪندس.
    سوال: زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
    جواب: بيحد مطمئن آهيان.
    سوال: اوهان جي اهڙِي خواهش جيڪا چاهڻ جي باوجود پوري نه ٿي هجي؟
    جواب: مون اهڙيءَ ڪنهن به خواهش کي دماغ ۾ نه رکيو آهي، جيڪا پوري نه ٿيڻ سان ڏک ڏئي.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي کان ڪيترو مطمئن آهيو؟
    جواب: اهي ڏينهن، اهي شينهن!
    سوال: توهان سگريٽ تمام گهڻا ٿا پيئو! سگريٽ ڪڏهن کان شروع ڪيو ۽ “Smoking” جو ڪهڙو ڪارڻ هو؟
    جواب: سگريٽ جو آءُ ”چين سموڪر“ آهيان، تمام ڪچيءَ ڄمار ۾ پتي جي ٻيڙي پيئڻ ياد آهي. منهنجي ناناڻڪي ڳوٺ ۾ هڪڙي پوڙهي مائٽياڻي گهر ۾ پتي جون ٻيڙيون وڪڻندي هئي. ڪيترا ننڍا ٻار به ان کان ٻيڙيون وٺي، لڪي لڪي پيئندا هئا. آءُ به، هڪ ٻن دوستن سان، پوڙهيءَ کان ٻيڙي وٺي پيئندو هو، ڪنهن جي اچڻ جي ڊپ کان، پويان گهوڙي ٻڌڻ واريءَ جاءِ ۾ وڃي پيئندا هئاسين.
    گهڻو پوءِ، 1947ع ۾، آءُ ڪراچيءَ سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ آيس، ٽي دوست، هڪڙي دوست جي گهر رات جو امتحان جي تياري ڪندا هئاسين، ٻڌو هوسون ته سگريٽ پيئڻ سان ننڊ نٿي اچي، سو هڪڙو هڪڙو سگريٽ وٺي اچي پيئندا هئاسين، اهو ”پليئرس نيوي ڪٽ“ سگريٽ هو. جيڪو اڄ ”گولڊ ليف“ جي نالي سان اوچو سگريٽ آهي. تڏهن، ”گولڊ ليف“ واري هاڻوڪي پاڪيٽ تي ”پليئرس“ جي لڳل گول ٽڪلي، سڄي پاڪيٽ تي ڇپيل هوندي هئي. هوريان هوريان عادت پئجي وئي. پوءِ ڳوٺ موٽي آيس ته پتي جي ٻيڙي شروع ڪيم. 1965ع جي جنگ ۾ انڊيا کان ٻيڙي جو پتو اچڻ بند ٿيو ۽ ڦاڙون ۽ گيدوڙيءَ جا پتا استعمال ٿيڻ لڳا ته وري سگريٽ پيئڻ لڳس، جيڪو اڄ تائين ساهه سان سانڍيندو اچان.
    سوال: سونهن ڏسندي ڇا محسوس ڪندا آهيو؟
    جواب: پاڻ کي سهڻو محسوس ڪندو آهيان.
    سوال: عشق ۾ جيڪو ڏک، رنج، الم، پيڙاءُ محبوب طرفان ملي ٿو، ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    جواب: مڙئي مٺائي، پريان سندي پار جي!
    سوال: سنڌ ڌرتي ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڌارين جي ڪاهه وڌي وئي آهي، پر اسان جو سياستدان ان کان بي خبر ٿي ڪن لاٽار ڪيو، پيجارو ۾ گهمي ٿو. ان جا ڪهڙا منفي اثر پوندا - ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: اثر ته ڏاڍا بُڇڙا هينئر ئي پئجي رهيا آهن، اسان کي سنڌ لاءِ قومي حيثيت حاصل ڪرڻ کپي، پر ”اسين“ ڪير؟ اچو ته پهرين پاڻ کي ڳوليون.
    سوال: جيڪا شاعري ڇپجي ٿي ڪتابن ۾، رسالن ۾، اخبارن ۾، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ، ٿيڻ گهرجي؟ جي ها ته پوءِ اهو اسان جي سينيئر اديب جو فرض ٿو ٿئي ته هو نوجوانن کي علم عروض سيکاري سڌي دڳ لائي. پر اڄ جو سينئر اديب گوشه نشين ٿي گهر ويٺو ننڊون ڪري.
    جواب: نه رڳو شاعري، پر سموري ادب جي وقت بوقت ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، پر اهو ڪم نقادن جو آهي، سينئر اديبن ۾ سڀ نقاد نه آهن. رڳو علم عروض سيکارڻ به سينئر اديبن جو ڪم ڪونهي. ڪنهن به سينئر اديب باقائدي علم عروض جي تعليم نه ورتي هئي. نوجوانن کي کپي ته هو شاعريءَ جي فن جا ڪتاب پڙهن. اهي سنڌي ۽ اڙدو ۾ موجود آهن، کين پاڻ سينئر اديبن کان صلاحون وٺڻ کپن. ڪوبه سينئر اديب گوشي نشين نه ٿي ويٺو آهي: امر جليل، قمر شهباز، امداد حسيني، ابراهيم جويو، سراج، عبدالجبار جوڻيجو، غلام علي الانا، ڪامريڊ سوڀو، تاج بلوچ، آغاسليم يا اڃا ڪي ٻه ٽي نالا ٻيا به هوندا، پر جيڪي به سينئر اديب يا شاعر اڱرين تي ڳڻڻ جيترا موجود آهن، اهي سڀ اڃا لکي يا ڳالهائي رهيا آهن. گهر ته هرڪو ننڊون ڪري ٿو، پر انهن مان ڪوبه ڇپ هڻي لڪي نه ويٺو آهي.
    سوال: شمشير صاحب نئين ٽهي جي شاعري تي روشني وجهو ۽ اهو به فرمايو ته سگهاري شاعري ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟
    جواب: اسان جو نوجوان جيڪو شاعري ڪري پيو، ان کان جيتوڻيڪ اسين پوري طرح سان مطمئن نه آهيون، ڇاڪاڻ جو ان جو ڪو متعين رخ ڪونهي، هونئن ته شاعري شاعر جي پنهنجي ذاتي ملڪيت آهي، جيڪا هو پنهنجي مشاهدي، مطالعي، تجربي ۽ فڪري لاڙن سان پيدا ڪري ٿو، پر تنهن جي باوجود اسان جي سماج ۾ ان جا جيڪي شروعات کان وٺي بنياد رهيا آهن اهي ٿورڙي وقت کي ڇڏي ڪري هميشه مزاحمتي رهيا آهن، جيئن ته سنڌ شروع کان وٺي ٻاهرئين جبر ۽ دٻاءُ هيٺ رهندي آئي آهي، تنهن ڪري جيئن هت بزم جا وڏا داستان سرجيا ويا آهن. تيئن اسان وٽ رزم جا به وڏا سلسلا رهيا آهن. اسان وٽ شعر جو جيڪو اڳاٽو ذخيرو آهي، جيئن دودي چنيسر جو داستان، اسان جا ڪلاسيڪي شاعر صوفي بزرگ ته هئا، روحانيت جو درس به هنن ڏنو آهي، اندر اجارڻ جي تلقين به ڪئي اٿن پر ساڳئي وقت تي هنن مزاحمت جو به ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي، فارسي زده شاعري جي روايتي دور کان سواءِ جديد دور تائين شاعرن جو وڏو مزاحمتي ڪردار رهيو آهي، اهڙي ريت اوهين ڏسندا ته شاعري جي هر دور ۾ ان جو مقرر رخ رهيو آهي ۽ جيڪي به شاعر آهن تن جيئن مون اڳ ۾ چيو ته ڪنهن نه ڪنهن نظريي جي ماتحت تخليقون ڏنيون آهن. جديد دور جي شاعري به حالتن جي پيداوار آهي. هر مسئلي تي هر دور ۾ شاعرن ماڻهن جي رهنمائي ڪئي آهي. هن وقت جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي. اهو ڏاڍو سٺو آهي، نون شاعرن جون ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن. کين سلام پيش ڪريان ٿو. جو هنن سٺو پورهيو ڪيو آهي، پر تنهن جي باوجود سندس شاعريءَ ۾ ڪو خاص ربط ناهي. مقرر رخ ناهي ۽ اهو جيڪڏهن مقرر ٿي وڃي ته ڏاڍو سٺو.
    سوال: توهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ ۽ اهو به ٻڌايو ته سگهاري شاعريءَ ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟
    جواب: مقصد اهو آهي ته سموري شاعري جو مجموعي لاڙو يڪجا هجي ته جيئن ان ۾ زور ۽ پائداري پيدا ٿي سگهي، جيئن ون يونٽ ۾ هو. توهان ڏسندوء ته ڪيترن سالن کان اسان وٽ ناول، شاعري، افساني ۾ ڪا اهڙي شيءِ نه آئي آهي، جيڪا هن دور جي تاريخ ۾ نمائندگي ڪري، جيڪا اڄ کان ڏهه پندرهن سال پوءِ پڙهجي ته ان ۾ هاڻوڪي دور جو آئينو نظر اچي، اهڙي ڪابه شيءِ نه آئي آهي. جنهن جي باري ۾ چئي سگهجي ته اها هن دور جي نمائنده شاعري آهي. نمائنده ناول آهي يا اهڙي ڪابه شيءِ پيدا نه ٿي سگهي آهي. ان کي آءُ رخ ٿو چوان. ان رخ سان اسان جي اجتماعي نمائندگي وارو ڪو ڪم نه ٿيو آهي، اسان جا شاعر ڀلا آهن. ڪم ڪن پيا. انهي سلسلي ۾ انهن جو ڏوهه به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته حالتن جي تيز رفتاري کي گرفت ۾ آڻڻ ڏکيو آهي.
    سگهاري شاعري جي خوبين بابت بحث تمام ڊگهو آهي، ان باري ۾ منهنجو نقط نظر اهو آهي ته شاعري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ داخلي، اندر جي اڌمن جي - ۽ ٻي آهي خارجي، جيڪو ڪجهه نظر اچي ٿو ان کي بياني طور جيئن آهي تيئن بيان ڪري ڇڏجي. دائميت داخلي شاعري کي آهي ۽ جيڪڏهن داخلي ۽ خارجي ٻنهي کي ملائي پيش ڪجي ته اهڙي تخليق وڌيڪ جٽادار هوندي، جيئن شاهه لطيف جي شاعري آهي، جنهن ۾ داخلي جذبا به آهن ته خارجي اثرات به آهن، ٻاهرين صورتحال کي ڏسي ان کي ڪئميرا وانگر چٽي ڇڏڻ واري اظهار ۾ جٽاءُ نه آهي. اسين جيڪا صورتحال ڏسون ٿا. ان کي جذب ڪري پنهنجي انداز ۾ پيش ڪريون ته پوءِ ان کي شاعري چئبو ۽ اهڙي اظهار کي ئي جٽاءُ هوندو آهي.
    سوال: شيخ اياز لطيف ثاني آهي، اياز کان پوءِ وڏو شاعر ڪير آهي؟
    جواب: هن وقت اهو چوڻ ته اسان وٽ شيخ اياز کان پوءِ وڏو شاعر ڪهڙو آهي؟ اهو بحث ئي اجايو آهي. ايليٽ جو چوڻ آهي ته ڪو شاعر پنهنجي وقت ۾ گهڻو مقبول آهي، کيس پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. پر اهو اڳتي هلي نا مقبول به ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سماج جيئن اڳتي وڌي ٿو، ترقي ٿئي ٿي، تيئن ان جو ذهن وڌي ٿو. آئيندي جي ترقي ڪيل ۽ سڌريل ذهن جي پنهنجي وڌيڪ سڌريل ۽ نئين گهرج هوندي. تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڄ جو مقبول شاعر اڳتي هلي نامقبول ٿي وڃي. مقبوليت معيار ناهي. هن وقت، مثال طور ڪئسٽي شاعري ڏاڍي مقبول آهي، پر سنجيده طبقو ان کي پسند نٿو ڪري ۽ اهو سنجيده طبقو اڳتي هلي اڃا به وڌندو. ممڪن آهي ته شيخ اياز ٻڏي وڃي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪيسٽ جا شاعر مشهور ٿي وڃن. هي سڀ معاملا ايندڙوقت طئي ڪندو. اسين طئي نٿا ڪري سگهون. هن وقت اهڙا بحث شروع ڪري شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، غفار تبسم يا ٻين شاعرن کي مٿي چاڙهيندن جي سوچ ئي غلط آهي.
    سوال: نئين ٽهيءَ کي سينيئر اديبن کان شڪايت آهي ته اهي سندن صلاحيتن ۽ اهليت تي آڱريون ته کڻن ٿا، پر جونيئرن کي پڙهن ڪونه ٿا. توهان ٻنهي مان ڪنهن کي حق بجانب ٿا سمجهو؟
    جواب: پنهنجي جاءِ تي نئين ٽهي جي شڪايت جائز آهي ته اسين کين پڙهون ڪونه ٿا، آءُ پاڻ مڃان ٿو ته ڪيترن نون شاعرن کي پڙهي نه سگهيو آهيان. ڪڏهن رسالي، اخبار وغيره ۾ پڙهون ٿا پر باقائدي پڙهي، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، کين رستو ڏيڻ جو فرض سينيئر اديب ادا نه ڪري سگهيا آهن. مون جيترو پڙهيو آهي ته نئين ٽهيءَ ۾ تمام گهڻا سٺا شاعر اديب آهن. شاعر رياضت ۽ مطالعي سان وڌندو آهي. مشاهدي ۽ تجربي سان وڌندو آهي. اسين پر اميد آهيون، نئين ٽهيءَ مان ئي اسان کي وڏا شاعر، عالم، اديب ۽ دانشور ملندا، وقت هميشه ماڻهو ڏيندو رهي ٿو، ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار ناهي.
    سوال: زندگي جو يادگار واقعو؟
    جواب: منهنجو موت هوندو، جڏهن آءُ زنده نه هوندس.
    سوال: پڙهندڙن لاءِ پيغام؟
    جواب: پڙهندڙن لاءِ پيغام ”پڙهڻ“ جو، ۽ لکندڙن لاءِ پيغام ”لکڻ“ جو.

    تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
    ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو،
    هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾،
    سو دنيا کان اڄ گذاري ويو.
    شمشير الحيدري.


    غالب ملڪاڻي


    BRIEF INTRODUCTION
    غالب ملڪاڻي
    (1932-2008)


    پورو نالو: احمد مجتبيٰ
    ادبي نالو: غالب ملڪاڻي
    ولديت: مخدوم غلام احمد
    جنم تاريخ: 15 مئي 1932ع وفات: 21 جنوري 2008ع.
    جنم هنڌ: ملڪاڻي شريف دادو
    تعليم: فارسي، عربي، مئٽرڪ
    ڌنڌو: زميندار، مفتي ۽ عالم
    شاعري جي شروعات: 1945ع
    ڇپيل ڪتاب: ماڪ ڦڙا، (شاعري ۽ شاعري تاريخ)
    شهاب ثاقب (اردو ۾)، برڪات نقشبندي (اردو ۾)
    ڇپائي هيٺ ڪتاب: انوار قدسيه
    فلسفي جي تاريخ ۽ ٻيا تقريبن 50 کن سنڌي ڪتاب (يادگيريون) منهنجي آتم ڪهاڻي
    انعام ۽ اڪرام: ڊاڪٽر علامه عمر بن محمد دائود پوٽي، شاهه صاحب جي بيت تي پنج سو روپيه انعام ڏنو.

    سوال: پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: مان ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي والد محترم مخدوم غلام احمد جي شفقت جي سائي هيٺ هوندو هوس، هو اڪثر ڪري پنهنجي خانگاهه ۾ ئي هوندو هو. سندس مريد ۽ خليفا گهڻا هوندا هئا، جيڪي هر وقت هن جي خدمت ۾ حاضر هوندا هئا. مان به انهن ۾ شامل هوندو هوس، منهنجي اها خواهش هوندي هئي ته بابا سائين جي خدمت گهڻي کان گهڻي ڪيان ۽ ثواب حاصل ڪيان. مونکي ڇهن سالن جي عمر ۾ حافظ محمد ابراهيم وٽ ويهاريو ويو، جنهن کان مون سال کن ۾ ئي قرآن جي تعليم مڪمل ڪري ورتي، ان کان پوءِ منهنجي والد ڇاڻي شاهه آباد محلي جي هڪڙي عالم نالي مولوي جمال الدين کي منهنجو استاد مقرر ڪيو. جنهن کان مون، فارسي سکي ۽ مون فارسي سڪندر نامي تائين مولوي صاحب وٽ ئي پڙهي ۽ ان کان پوءِ فارسي جا ٻيا ڪتاب مون پنهنجي والد کان پڙهيا. عربي به مولوي جمال الدين وٽ پڙهيم. ان کان علاوه ان وقت حافظ محمد احسن چنه محمدن اسڪول ملڪاڻي شريف ۾ هيڊ معلم جون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هو ۽ ان ئي اسڪول ۾ سنڌي به سکي ورتم، اهڙي ريت هڪ بجي تائين اسڪول ۾ سنڌي پڙهندو هئس ۽ وري ٽين وڳي کان ڇهين وڳي تائين عربي جا ڪتاب پڙهندو هئس. ان وقت شرح جامي ۽ نورالانوار عربي گرامر جا مشهور ڪتاب هوندا هئا، خير ان کان پوءِ به جڏهن منهنجي علم جي پياس نه اجهي ته مون سجاول جو رخ رکيو، جتي مولوي حامد الله صاحب سجاولي جي وڏي هاڪ هوندي هئي. ان وٽ پڙهڻ لڳس. اتان فارغ ٿي گهر واپس ورڻ بدران علم جي پياس اجهائڻ لاءِ اڃان به اڳتي ڪاهيم ۽ ان وقت جي مشهور عالم مولوي تاج محمد وٽ وڃي نڪتس مولوي تاج محمد بدين شهر ڀرسان ”رپ“ نالي شهر کان چار ڪوهه پري هڪڙي ڳوٺ ۾ رهندو هو. اتان فارغ ٿي پنهنجي ڳوٺ ”ملڪاڻي شريف“ آيس ۽ باقي تعليم محترم محمد سليمان ميمڻ وٽ وٺڻ لڳس.
    سوال: جڏهن توهان ايڏا ڪشالا ڪاٽي، پري پري علم جي تلاش ۾ ويو، ته پوءِ توهان کي ته ٻاهرئين ملڪ (ولايت) به وڃڻ گهربو هو؟
    جواب: منهنجي والد صاحب جي خواهش هئي ته مان ولايت وڃي علم پرائي اچان، نه فقط ايترو پر ڪجهه ملڪ ڏسي، گهمي اچان ۽ ان کان علاوه اتان جي عالمن کان علم جا خزانا کڻي اچان، پر اصل ۾ وقت ۽ حالتن اجازت ئي نه ڏني، جو ٻاهر نڪري سگهان.
    سوال: توهان جي تعليم جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ، اوهان جي دستار بندي ڪنهن ڪئي؟
    جواب: منهنجي تعليم جي مڪمل ٿيڻ بعد، منهنجي والد صاحب ئي پنهنجي هٿن مبارڪن سان منهنجي دستاربندي ڪئي، جيڪو يادگار ڏينهن اڄ به مون کي ياد آهي.
    سوال: اوهان جي شاعري جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ ۽ اهي ڪهڙا محرڪ هئا، جنهن اوهان کي شاعري جي دنيا سان روشناس ڪرايو؟
    جواب: اصل ۾ جنهن وقت مان محمدن اسڪول آف ملڪاڻي شريف ۾ پڙهندو هوس، ان وقت حافظ محمد احسن چنه صاحب به اتي هئو، ان ڪري مون تي حافظ صاحب جو وڏو اثر رهيو آهي، حافظ صاحب سنڌ جو ناميارو شاعر هو. جنهن وٽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شعرا اڪرام ايندا رهندا هئا ۽ ان وقت هر هفتي ادبي مشاعرو منعقد ٿيندو هو ۽ مجلسون ٿيندون هيون، ان کان علاوه جمعي جي ڏينهن ڪونه ڪو ميڙاڪو متل هوندو هو. اسڪول جو نائب معلم علي حيدر (حيدري) هيو ۽ هي به سٺو شاعر هو. جهڙي ريت انهن شاعرن جي رغبت ڏيارڻ تي مون کي شاعري جو شوق جاڳيو ۽ مان ٻن ٽن سالن تائين، ڪافي ڪلام چيو ۽ چڱيرو شاعر ٿي ويس، پر اڃا علم جو پنڌ پري هيو. انهي ئي دور ۾ حيدرآباد جي برک شاعر استاد محمد بخش ”واصف“ سان ڏيٺ ويٺ ٿي.
    سوال: اوهان جو شاعري ۾ ڪو استاد ۽ رهبر ته هوندو؟
    جواب: شاعري ۾ منهنجو استاد ۽ رهبر محترم محمد بخش واصف ئي هيو. جنهن کان مون گهڻو ڪجهه پرايو.
    سوال: اوهان پنهنجي دور ۾ ڪهڙيون ادبي تنظيمون هلايون؟
    جواب: 1952/1953ع ۾ حافظم محمد احسن چنه ۽ قاضي محمد قاسم جن ”انجمن آفتاب دادو“ جو بنياد وڌو، ان جو پهريون جنرل سيڪريٽري حافظ صاحب هو، ۽ جڏهن ٻن سالن کان پوءِ حافظ صاحب حج تي ويو ته اها خدمت مون کي ڏيڻي پئي. اسان جو صدر ”ضيا الدين ”بلبل“ هو. ان وقت شهر دادو جي ٻن گهرن دوستن علي احمد قريشي ۽ تاج ”صحرائي“ سنڌي ادبي سنگت دادو جو بنياد وڌو ۽ اهڙي ريت مان ٻه سال ادبي سنگت دادو جو جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي رهيس ۽ ڪافي مشاعرا ۽ محفلون به ڪرايم، انجمن آفتاب، سنڌي ادبي سنگت ۽ ان کان علاوه هڪڙي تنظيم ”جوهر ادب“ لاءِ به خدمتون سرانجام ڏنم.
    سوال: چيو ٿو وڃي ته توهان ڪجهه سال گوشي نشيني اختيار ڪئي ۽ سڀ مصروفيتون ڇڏي ويو!؟
    جواب: اهو بلڪل سچ آهي، ڇو ته مون کي ياد آهي ته اهو جنرل ايوب خان جو دور هو ۽ ماڻهن جو لاڙو سياست ڏانهن وڌي ويو هو ۽ علم ۽ ادب ڏانهن ماڻهن جو ڪو خاص ڌيان نه رهيو هو. ان ڪري قدر ناشناسي کي ڏسي مون 12/14 سال سبڪدوش ٿي گوشي نشيني ۾ گذاريو. پر بعد ۾ وري ڪن دوستن جي مشوري سان بزم غالب جي نالي سان ادبي تنظيم جو بنياد وڌو، جا اڄ تائين قائم و دائم آهي.
    سوال: ”ادب“ جي معنيٰ ڇا آهي؟
    جواب: عربي مستند ڪتابن ”ادب“ جي هيٺين وصف لکي آهي، ته ادب اهو علم آهي جنهن سان اديب لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ خطا کان محفوظ رهي.
    سوال: شاعري ڇا آهي؟
    جواب: شاعري جي معنيٰ آهي، ”صاحب شعور“ شاعري دل جي وندر آهي ۽ شاعر جي طبيعت جي لاڙن جي خبر به پوي ٿي، شاعري اصل ۾ عربن جي ميراث آهي. پهريون شاعر ڏاڏو آدم عليه السلام هو. جنهن پنهنجي پٽ هابيل جي قتل تي مرثيو لکيو هو. مولانا شبلي نعماني جي قول موجب ته:
    ”شاعري عرب جي ميراث آهي“

    عرب جي اڻپڙهيل ماڻهن ۾ سٺا شاعر پيدا ٿيا. جن اهڙا شعر چيا جو عقل دنگ رهيو وڃي، انهن ۾ المتنبي، امرالقيس، اچي وڃن ٿا. عرب کان پوءِ شاعري ايران ۾ آئي ۽ بعد ۾ وري سنڌ ۽ هند اندر اچي پهتي.
    اصل شاعري تفريح طبع جو نانءُ ناهي. پر شاعري سان جاهل ۽ ڪمزور قوم کي به مٿي کڻي لائق ۽ معزز بڻائي سگهجي ٿو.
    سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي؟
    جواب: منهنجي پسنديده صنف غزل آهي، ان حساب سان توهان کي هتي وضاحت سان ٻڌائيندو هلان ته فارسي جا شاعر، اصل ۾ شاعري جا استاد آهن. فارسي هڪ سلوڻي ۽ سهڻي ٻولي آهي، ان فارسي جي ميٺاج کي ڏسي منهنجي دل به غزل ڏانهن راغب ٿي.
    سوال: اسان وٽ غزل تمام گهڻو لکيو ٿو وڃي، ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
    جواب: ان جا ڪيئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا پر منهنجي نظر ۾ غزل جي شاعري ٻي شاعري کان عروض جي بندشن اندر آهي ۽ غزل بحر ۽ وزن کان سواءِ نه ٿو لکي سگهجي ۽ ٻي شاعري بغير وزن جي لکي سگهجي ٿي، جيئن نثري نظم، آزاد نظم وغيره.
    سوال: موجود دور جي شاعري اوهان جي نظر مان گذرندي هوندي، اوهان اهو فرمايو ته اڄڪلهه سينيئر اديبن ۾ ڪهڙا شاعر سٺو لکن ٿا؟
    جواب: ادا سٺو لکڻ وارا ته هاڻي آهن ئي ڪونه، پر اڃا به ڪي ڪاپڙي آهن، جيڪي لکن ٿا ۽ سٺو لکن ٿا. انهن ۾، تاجل بيوس، شمشير الحيدري، امداد حسيني، تاج بلوچ، سرڪش سنڌي، احسن الهاشمي ۽ الهنواز رڪڻائي اچي وڃن ٿا.
    سوال: ڇا اوهان ڪهاڻيون يا ڪو ناول لکيو آهي؟
    جواب: نه ادا، نه ئي مون ڪا ڪهاڻي لکي آهي ۽ نه ئي وري ڪو ناول، مون لاءِ اهي شيون ڪابه حيثيت نه ٿيون رکن، ۽ مون جهڙي عالم کي زيب نه ٿيون ڏين.
    سوال: شاعري لکڻ ويل اوهان ڪهڙِ ي ڪيفيت مان گذرندا آهيو يا اوهان ڇا محسوس ڪندا آهيو؟
    جواب: جڏهن مان ڪاغذ ۽ قلم کڻي شعر لکندو آهيان ته خبر ڪانه پوندي آهي ۽ مان شعر لکندو آهيان. ان ويل قافيه ۽ رديف منهنجي اڳيان ڦرندا رهندا آهن ۽ نتيجي ۾ مان گهڻو لکي ويندو آهيان ۽ وقت جي خبر ئي ڪانه پوندي آهي.
    سوال: علم عروض جي اهميت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: علم عروض بلڪل شاعري لاءِ ضروري آهي، جهڙي طرح هر فن ۾ علم جا قائدا قوانين مقرر ٿيل آهن. اهڙي طرح علم عروض به قوانين ۽ قائدن ۾ هوندو آهي، علم جي بندش کان ٻاهر چيل شعر کي مان شعر نه ٿو چئي سگهان.
    سوال: ”تنقيد“ جي صحيح معنيٰ ڇا آهي؟ ڇا صحيح تنقيد جو اسان وٽ پورو حق ادا ٿئي ٿو؟
    جواب: ”تنقيد“ جا ٻه قسم آهن.
    1. تنقيد براءِ اصلاح، 2. تنقيد براءِ تخريب.
    اصلاحي تنقيد تمام ضروري آهي. پر ان لاءِ نقاد کي علم جي ضرورت پوي ٿي. جهڙو تهڙو پڙهيو تنقيد براءِ اصلاح نه ٿو ڪري سگهي. باقي تنقيد براءِ تخريب ته هر ڪو پنهنجي مخالف لاءِ ڪري سگهي ٿو.
    سوال: اوهان کي فارسي سان ڪافي لڳاءُ آهي ۽ رهيو به؟ اوهان ڇا فارسي ۾ ڪجهه لکيو آهي ۽ ڇا اوهان جي فارسي شاعرن سان ڪا خط و ڪتابت رهي آهي؟
    جواب: جي ها! منهنجو فارسي سان بيحد لڳاءُ آهي ۽ ان ۾ پورو ديوان لکيو اٿم.. منهنجي خواجه حاجي هاشم جان سرهندي، خواجه محمد حسن جان سرهندي رح عليه جي ننڍي ڀاءُ سان خط و ڪتابت رهي آهي.
    سوال: زندگي جو ڪهڙو واقعو جيڪو اوهان جي ذهن مان نه نڪرندو هجي؟
    جواب: منهنجي زندگي جو دردناڪ واقعو ۽ ايذائيندڙ اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن منهنجو والد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. جنازي کي غسل ڏيڻ وقت مان پيرن ۾ چنبڙي، پيرن کي بوسا ڏيندو رهيس. وفات جي ان واقعي مون کي گهرو صدمو ڏنو.
    سوال: زندگي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: زندگي هڪ خواب آهي، ٻيو ته زندگي زنده دلي جو نانءُ آهي. انسان زندگي ۾ جيڪڏهن زنده دل ناهي ته اهو مردي کان به وڌيڪ بيڪار آهي. زندگي جو مقصد، خلق خدا جي خدمت ڪرڻ، ڇو ته انسان هتي، هن زماني ۾ مسافر ٿي آيو آهي، الله جو به اهوئي فرمان آهي ته ”مون جن ۽ انسان عبادت واسطي خلقيا آهن.“
    سوال: ڪائنات ڇا آهي؟
    جواب: ڪائنات الله جي اها پراسرار تخليق آهي جنهن جي متعلق ڪنهن ڏاهي چيو ته: من مي دانم که من نمي دانم.
    يعني: ”مان اهو ٿو ڄاڻان ته مان ڪجهه به نه ٿو ڄاڻان“ باقي ايتري اسان کي خبر آهي ته اسين مسلمان آهيون ۽ هن ڪائنات جو خالق، وحده لاشريڪ هڪ الله آهي.
    سوال: جيڪڏهن شاعر نه هجو ها ته ڇا هجو ها؟
    جواب: مان فطري شاعر آهيان، پر جيڪڏهن فطرت ۾ شاعري نه هجي ها ته مان مذهبي عالم هجان ها ۽ هن وقت به آهيان، منهنجي فتويٰ دور دراز جي ملڪن تائين هلي ٿي، خاص ڪري ورثي جي علم ۾ مون کي خاص مهارت حاصل آهي.
    سوال: اوهان جي رهجي ويل تمنا؟
    جواب: منهنجي هڪڙي خواهش آهي سا هي آهي ته مون جيڪي ڪتاب لکيا آهن. پنهنجي حياتي ۾ شايع ڪرائي وڃان. مون تقريبن 50 کن ڪتاب لکيا آهن ۽ منهنجي شاعري ۾ ديوان الف – ب وار ترتيب ڏنل آهن.
    سوال: اوهان کي سنڌي قوم جو آئندو ڪيئن ٿو نظر اچي؟
    جواب: مان پوري اعتماد سان چوان ٿو ته سنڌي قوم جو مستقبل روشن آهي. هينئر وقتي اسين مشڪلاتن جي شڪار آهيون، پر جيڪڏهن سنڌي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري هڪ فڪر ڪري هلندا ته سنڌ کي ڪير به لوڏي نه ٿو سگهي. اسان جا اوليا، سچل، ڀٽائي، قلندر اسان کي مردانگي جو سبق ڏين ٿا. اسان ته اها قوم آهيون. جيڪا عربن کي پڙهائيندي هئي. بايزيد بسطامي جو استاد / مرشد سيوهڻ جو ابو علي سنڌي هو.
    سوال: شاعري لاءِ عشق ڪيترو ضروري آهي؟
    جواب: شاعري جا ٽي قسم آهن.
    1. صوفيانه شاعري، 2. قومي شاعري، 3. مجازي شاعري
    مجازي شاعري ۾ مجاز عشق جي ضرورت پوي ٿي ۽ وري صوفيانه شاعري ۾ حقيقي عشق جي ۽ جڏهن ته قومي شاعري ۾ قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪجهه سياسي سرگرمين جي به ضرورت پوندي آهي، اهي ماڻهوءَ کي اتساهينديون آهن، ان ڪري عشق ته هر صورت ۾ ضروري آهي.
    سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟
    جواب: حقوق الله ۽ حقوق العباد جي پوئواري ڪئي وڃي.


    غزل

    زمانو زيب پنهنجو اڄ ڇڏي بي زيب ٿي ويو آ،
    پريشان حال انسان اڄ ڏسو لاريب ٿي ويو آ.

    زمين ۽ آسمان ساڳيا، ستارا ڪهڪشان ساڳيا،
    مگر دنيا جو چرخو، بدنما ازغيب ٿي ويو آ.

    شرافت ناهي شاهن ۾، گداگر گند ۾ آهن،
    شريفن کي شرافت سان گذارڻ عيب ٿي ويو آ.

    گڏهه گهگير ۽ گهوڙا، سڏائين سيٺ ٿا اڄ ڪلهه،
    چڱن چوکن جو اڄ پئسي کان خالي جيب ٿي ويو آ.

    نه ٿو ڪنهن کي سڃاڻي ڪو، وطن ۾ اجنبي آهيون،
    وطن پنهنجو اسان لاءِ گويا سرانديب ٿي ويو.

    چوڻ سچ شان آ شاعر جو، ”غالب“ هر زماني ۾،
    چوڻ سچ پنهنجي پيرن جو سدا پازيب ٿي ويو آ.


    آثم ناٿن شاهي


    BRIEF INTRODUCTION
    آثم ناٿن شاهي
    (1937-2006)


    ادبي نالو: آثم ناٿن شاهي
    اصل نالو: غلام رسول
    ولديت: الله بخش سولنگي
    جنم تاريخ: هڪ اسڪولي سرٽيفڪيٽ مطابق 2 جنوري 1937ع اصل ۾ اها تاريخ فرضي آهي، هن وقت منهنجي عمر اندازن 72 سال آهي، انهيءَ حساب سان منهنجو جنم 1933ع ۾ ٿيو هوندو. وفات: 6 آڪٽوبر 2006ع.
    جنم هنڌ: ڳوٺ کاٿڙي، ضلعو دادو
    تعليم: پنج درجا سنڌي/ فارسي (پورو ڪورس) / ڪجهه دڪانداري، هن وقت هر ڪم کان فارغ.
    لکڻ جي شروعات: 10 سالن جي عمر ۾ / باقائدي ادبي ابتدا 1962ع کان
    ادبي سڃاڻپ: شاعر / اديب: مضمون نگار
    ڇپيل ڪتاب: 1. ”جڏهن الا اڀ ۾“ (شاعري) 1994ع
    2. ”لهرون لهرون لاٽ“ (شاعري) 1998ع
    3. ڇا چيس آئين
    4. ڇُلڪيا نيڻ ڪٽورا
    5. سميرين جي شهر ۾
    مڃتا ايوارڊ: ڪينجهر ايوارڊ 1994ع (واپس ڪيل) ماهوار ڪينجهر حيدرآباد طرفان
    مرڪزي سنڌي ادبي سنگت طرفان ايوارڊ سال 1999ع ۾ ڪجهه نقد انعام

    تفصيل اڻ ڇپيل ڪتاب

    1. اداسيون – اڌما (رباعيون –قطعا) شاعري
    2. مکڻ – ماکيون (گيت ۽ ڪافيون) شاعري
    3. پنکڙيون (قِسم قسم جي) شاعري
    4. ڪنڌُ: مقابل ڪاٽ شاعري
    5. سپنا منهنجي ساهَه جا شاعري
    6. ”شاعري“ (مڪس) شاعري
    7. سامرين جي شهر ۾ (مڪس) شاعري
    8. گُلن واسيا گس (شاعراڻو نثر) شاعري
    9. ڳوڙهن ڀنا ڳلَ (شاعراڻو نثر) شاعري
    10. ڪنول ٽِڙَن ٿا (غزل) شاعري
    11. هِڪُ نئون خيال مان شاعري
    12. سوچون – لوچون (نظم) شاعري
    13. نيڻ اوهان جا خواب اسان جا شاعري
    14.اُڏارون (اخباري قطعا ۽ ٻي) شاعري
    15. ٻه روپ (حافظ شيرازيءَ جي خاص شعرن جو ترجمو) نثر
    16. ماٺ ڪيان مشرڪ ٿيان ادبي، تنقيدي مضمون نثر
    17. محفل ۾ ذڪر تنهنجو شاعر/ شاعري/ شخصيت نثر
    18. سونا گيڙو خط، مضمون وغيره نثر
    19. ڪيڏا سمنڊ سمايل آهن خط/ مقالا/ مهاڳ نثر
    20. هي جو سنسار جرڪڻو آهي (مختلف قسمن جو) نثر
    21. مان به تخليقيان ٿو ڪجهه ويٺو نثر
    22. ڪَکَ هيٺان لک (نوٽ بڪ) نثر
    23. پنهنجا نيڻ پراوا خواب (نوٽ بڪ) نثر
    24. چمڪي ٿو ناءُ مِٽي جو (آثم بابت لکڻيون) نثر
    25. چو طرفو چوٻول (آثم بابت لکڻيون) نثر
    26. چوڌاري چمڪاٽ (آثم بابت لکڻيون) نثر
    27. ڪنهن ڪيئن سمجهيو ڪنهن ڪيئن سمجهيو نثر
    28. عتاب آيو خطاب آيو (سنڌ – هند جي اديبن جا خط) نثر
    29. سلام آيو پيام آيو (سنڌ – جي اديبن جا خط) نثر
    30. مگر خط جو جواب آيو (سنڌ – هند جي اديبن جا خط) نثر
    31. ۽ سج لهي ويو (صرف وفا ناٿن شاهيءَ جا خط) نثر
    32. الائي ڇا نه ڇا آيو (اوري پري جي دوستن/شاعرن جا خط) نثر

    سوال: آثم صاحب پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: ڳوٺ کاٿڙيءَ کان سٽ پنڌ جي اولهه طرف اسان جا گهر هئا، پنهنجو ويڙهو – پنهنجو پاڙو، مان انهيءَ ويڙهي ۾ الائي ڪهڙي سال جي، ڪهڙي مهيني ۾ ڪهڙي تاريخ، ڪهڙي ڏينهن تي پيدا ٿيس، ڪابه خبر ڪانهي، (پوءِ جا جنم ڏڻ/ تاريخون سڀ فرضي آهن)
    مان ڄائس ته ٻه نالا رکيائون، هڪ عبدالواسع، ۽ ٻيو غلام رسول، جن مان جلدي ئي عبدالواسع هارائي ويو ۽ غالب اچي ويو غلام رسول، پر مون کي، منهنجي وڏي ڀيڻ (مرحوم)، گِدي سڏيندي هئي، ۽ منهنجو نانو مولوي فيض محمد (مرحوم) پيار مان ”گولو“ چوندو هو، منهنجو نانو پنهنجي وقت جو مشهور حڪيم (معالج) به هئو ۽ شاعر به، هو شاعريءَ ۾ تخلص ”پريشان“ رکندو هئو. منهنجي ڄمڻ کان ٻه سال کن پوءِ منهنجو ڀاءُ غلام قادر ڄائو، هن جي ڄمڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن تي امڙ الله کي پياري ٿي وئي ۽ هو ”ڇٺيءَ جو ڇورو“ ٿي ويو، پوءِ غلام قادر کي ناني سائينءَ کڻي وڃي ٻي گهر واريءَ جي جهوليءَ ۾ وڌو. (سڳي ناني اڳ ۾ وفات ڪري وئي هئي) اسان جي اُن ٻي نانيءَ (ويڳي) غلام قادر کي تاتيو، نپايو، محترمه هن کي پنهنجي ٿَڃُ به پياريندي رهي ۽ مان پنهنجي ابي وٽ رهيس.
    امڙ جي نه هجڻ ڪري بابي سان ڏاڍا انگل ڪندوهوس. ڏينهن هجي، رات هجي، اڌ رات هجي ڪيڏي مهل به ”شيءِ“ جي گُهرَ ڪري ويهندو هو. گهر ۾ پيل شيءِ ملندي هئي ته نه وٺندو هوس: ”اها نه، تاري، مل جي دڪان تان هلي وٺي ڏي.“ پوءِ ڀلي رات ڇو نه هجي، بابو کڻندو هو ڪُلهي تي ۽ ايندوهو ”تاري مَلَ جي گهر ۽ ڪندو هو سَڏ، واڻيو (هندو)ويچارو به ايڏي اويلي مهل دَر کولي ٻاهر نڪري ايندو هو: ”الله بخش! ڇاهي، خير ته آهي!؟ ها سيٺ! ڇوڪري ضد ڪيو آهي، هن مهل شيءِ گهرجي“ واڻيو به اهڙوديالو، جو اُن مهل دڪان کولي کَنڊ – ڀڳڙا يا ريوڙيون آڻي ڏيندو هو، يا وري گهران موئڻيون، لڏو يا ٻي ڪا گهر جي ٺهيل شيءِ (مِٺائي) آڻي ڏيندو هو. هڪ دفعي سانجهيءَ ٽاڻي بابو ڳئون ڏهڻ ويٺو ته مون شيءِ جو انگل ڪيو، پر بابو ڳئون ڏهي پوري ڪرڻ کان اڳ اٿيو ڪون، منهنجو تيسو چوٽ چڙهي ويو، کرڙيون پيون لڳن، پوءِ ته بابي اچي کنيو پر مان بس ڇو ٿو ڪيان! ”ڳئون اڳَ ۾ ڇو ڏُڌئي، مون کي شيءِ ڇو نه وٺي ڏنئي، هاڻي اهو کير ڳئون جي ٿڻن ۾ واپس وجهه، پهريان هلي شيءِ وٺي ڏي، پوءِ اچي ڳئون ڏُهه.“
    گهر – ڀاتي سڀ پريشان، نيٺ سياڻپ ڪري، اک بچائي کير ڪنهن ٻئي ٿانو ۾ لاهي، خالي گهاگهر اچي مون کي ڏيکاريائون، چي: کير ڳئون جي ٿڻن ۾ وجهي ڇڏيوسين. اڳ ۾ توکي شي وٺي ٿا ڏيون پوءِ ڳئون ڏهنداسين.“ تڏهن وڃي ماٺ ڪئي هئم. اسڪول ۾ انهيءَ عمر ۾ ويهاريو هئائون جو پيشاب جي موڪل وٺڻ ڏانءُ به ڪونه ايندي هئي. هڪ ڀيري ته بئنچ تي وٺي، سُٿڻ ۾ پيشاب خطا ٿي ويو هئو. مان شروع شروع ۾ پنهنجي جنم – هنڌ ڳوٺ کاٿڙيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو هوس. اتي ماستر هوندو هئو سائين، ”خوبچنه“ هي هندو ماستر ڏاڍو قابل ۽ مهربان ماڻهو هئو، هن جا کوڙ – سارا شاگرد وڏو مقام ۽ مانُ – مرتبو ماڻي چڪا آهن. اسان جي وڏن کي لڏ – لاهه جو گهڻو شوق هوندو هئو، (شوق نه پر روزگار جون مجبوريون ۽ مسئلا هن کي لڏ – پلاڻ تي مجبور ڪندا هئا) پوءِ کاٿڙيءَ مان لڏي گرڪڻ ڳوٺ ۾ آيا ته اتي جي اسڪول ۾ اسان جو ماستر هوندو هئو سائين ”لوڪو مل“ ۽ اتان پوِ وري جڏهن ”لڏي ڳوٺ ”حاڪم ڏيپر“ ۾ آيا ته ڀرسان ”ڳوٺ الهه رکئي جلباڻيءَ“ ۾ مدرسو به هوندو هئو ۽ سنڌي مُلا اسڪول به، اتي مدرسي ۾ اسان کي محترم مولوي عبدالڪريم جلباڻي فارسي – عربيءَ جي تعليم ڏيندو هو، ۽ اسڪول ۾ سائين عبدالواحد شاهه ماستر هئو، ان کان پوءِ وري سائين محمد حسن بروهي ماستر ٿي آيو. اتي ئي ڳوٺ ”حاڪم ڏيپر “ ۾ منهنجي نانا مولوي فيض محمد صاحب جو انتقال به ٿيو، پوءِ وري اسان جا وڏا موٽي وري گرڪڻ ۾ آيا ته اتي قاضي امان الله چانڊيو جو مدرسو به هئو ۽ مُلا – اسڪول به مون وري اتي به اسڪول ۾ ڪجهه وقت تعليم ورتي ۽ ماستر هوندو هئو سائين ”محمد بخش چانڊيو.“
    بابو سائين پورهيت هئو، ٻني – ٻاري جي ڪم تي هليو ويندو هئو، ڀيڻ (عمر ۾ مون کان وڏي ته هئي، پر اڃا ننڍي هئي) سا ناني جي گهر ماسيءَ ڏي هلي ويندي هئي، مان گهر ۾ پيو چدن (بلورن) سان کيڏندو هوس، هڪ ڏينهن ڪنڌيءَ (ڪکاوان گهر – ڇپر هوندا هئا) جي پاڙ ۾ هڪ سوراخ ۾ بلور هليو ويو، اندر آڱر وجهي ان کي ڪڍڻ جي ڪوشش پيو ڪيان، ته اندران ڪنهن ساهدار آڱر ۾ چڪ هڻي ڪڍيو، سَٽ ڏئي هٿ ٻاهر ڪڍيم، ته ٻن هنڌن تي رت جا ٻه ننڍڙا ٽُٻڪا ٺهيل هئا، خبر ناهي ڇا هئو، ڪو ڪُئو/ ڪُئي، ٽنڊڻ ٽنڊڻي، ڪو نانگڙو يا ڪجهه ٻيو!؟ چوندا آهن: ”نانگ کائي، ڏيڏرُ ڏيکاري ڏئي ته ماڻهوءَ تي اثر گهٽ ٿيندو آهي، پر جي ڏيڏر چڪ پائي ۽ نانگ ڏيکاري ڏئي ته اڌ ساهه ماڻهوءَ جو هراس ۾ ئي نڪري ويندو آهي، ايترو اثر ٿيندو اٿس ڄڻ سچ پچ نانگ کاڌو هجيس“ (اهو سڀ نفسياتي خوف جو نتيجو هوندو آ) مون کي به جيئن ته ڪجهه ڏسڻ ۾ ڪونه آيو هئو، سو ٿيو ته ڪجهه به ڪونه، پر اڳتي لاءِ سوراخن ۾ هٿ وجهڻ ڇڏي ڏنا هئم.
    ٻئي دفعي به ائين گهر ۾ اڪيلو هوس، سو اڇي ٺڪرن جي (ڪُنيون، پارا، لوٽا) تلاشي وٺڻ شروع ڪيم، هڪڙي لوٽي ۾ ڳاڙها مرچ (ثابت) رکيل هئا. اهي کنيم، مرچ ڳاڙها چمڪدار وڻن پيا. سو ويهي انهن سان راند ڪرڻ لڳس، ڪجهه گهڙين کانپوءِ اچي ٿا هٿ ڪُرڻ لڳن، ناسون، واڇون، سڄو منهن پيو سڙي، آڱريون ڪرونڍڙيون ٿي ويون، گگ پئي وهي، ٽپن ۾ اچي ويس، وٺي رڙيون ڪيم، ماسي ۽ ادي اچي نڪتيون، ”الائي ڇا ٿي ويو ڇوڪري کي؟ ڪو غيب جو آسيب ٿي ويس، سُڃي گهر ۾ ڪنهن جِنَ ورتس!“ آخر لوٽي ۽ مرچن تي نظر پين، سمجهي ويا، ٿڌي پاڻي سان ڪافي وقت تائين، هٿ، ڪرايون، ٺوٺين تائين ڌوتائون ۽ پوءِ مکڻ جو مَکُ ڏئي ڇڏيائون، تڏهن وڃي هٿ ٺريا ۽ آڱريون سڌيون ٿيون ۽ سامت ۾ آيون، اوهان کي اهو به ٻُڌايان ته، اهو ننڍپڻ وارو گدي، گولو، غلام رسول“ اڳي هلي ”ڏهن سالن جي عمر ۾ ”غلام رسول سولنگي آثم“ بنجي ويو ۽ ان کان 19 کن سال پوءِ (1962ع ۾) آثم ناٿن شاهي“ جي نالي سان مشهور ٿيو، پر اڃا تائين به ”هُو“ پنهنجي هاڻوڪي شهرت، سنجيدگي، سوچ ۽ وڏي عمر کي پاسي تي رکي، پنهنجي ٻاروتڻ جي عجب جهڙين حرڪتن/ شرارتن کي ياد ڪندو رهندوآهي.
    مان جنهن ڏينهن ڄائو هوندس، انهيءَ ڏينهن منهنجي ماءُ – پيءُ، منهنجي ٻن ڀينرن (جن مان هڪ وڏي کان ٻي ننڍي ڀيڻ کي جڏهن هوڙ ۾ سُور پوندو هئو، ته ڀڄندي اچي منهنجي مٿان بيهي، مُنهن رکيءَ تي پيل ڪپڙي جو پلئه هٽائي چوندي هئي: ادا – ادا! اڄ مون کي هوڙ“ ۾ ڏاڍو سُور پيو آهي، دعا ڪر ته جلدي ڇڏي وڃي) ۽ ٻين مائٽن کي ڪيڏي نه خوشي ٿي هوندي، سهراچيا هوندائون، تارن جُهمريون هنيون هونديون، هوائن گيت ڳايا هوندا، وڻن جي پنن تاڙيون وڄايون هونديون ۽ پوپٽن رنگ نڇاور ڪيا هوندا، نيٺ ته مستقبل جي هڪ مشهور ڪويءَ جو جنم ٿيو هئو نه!! پر خبر ناهي واقعي ائين ٿيو به هوندو، يا اُن جي اُبتڙ ئي متان ڪجهه ٿيو هجي، ها! ”اُبتڙ يا سُبتڙ“ ڪجهه نه ڪجهه ته ضرور ٿيو هوندو.
    فطرت جا ڪم ۽ قانون به عجيب آهن: ٻاروتڻ ۾ هر نظارو وڌيڪ سهڻو لڳندو آهي، وڻ وڌيڪ چُهچ ساوا ڏيکاربا آهن، آسمان وڌيڪ نيرو ڏسبو آهي، تارن جا چمڪاٽ وڌيڪ چٽا نظر ايندا آهن، کاڌو – پيتو (چهرو يا مِٺو) وڌيڪ مزو ڏيندو آهي. مائٽن جي خوشي۽ غم ، تڪليف ۽ راحت جي ڳڻتي ئي ڪانه هوندي آ، پنهنجي بادشاهي/ پنهنجا حڪم هلايا ويندا آهن. پوءِ جوانيءَ جي حد ۾ داخل ٿيندي ئي، هوري هوري هر کاڌي جو سواد گهٽبو ويندو آهي، سڀ رنگ ڌنڌلا ٿيندا ويندا آهن ۽ نظارن مان سونهن ختم ٿيندي نظر ايندي آهي. ڏاهن /عالمن جو چوڻ آهي: ”ننڍپڻ گُناهن کان پاڪ/ معصوم هوندو آهي، تنهن ڪري انسان جون پنجئي حسون (قوتون) پنهنجي پوري اصليت سان ڪم ڪنديون رهنديون آهن، انسان کي سندس خلقڻهار طرفان پنج هواس (حسون) عطا ٿيل آهن:
    (1) ڏسڻ جي حس (قوت باصره)
    (2) ٻڌڻ جي حِس (قوت سامعه)
    (3) سنگهڻ جي حِس (قوت شامه)
    (4) چَکڻ جي حِس (قوت ذائقه)
    (5) ڇُهڻ جي حِس (قوت لامسه)
    پر ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، هڪڙي 6 ڇهين حِس به ماڻهوءَ ۾ موجود هوندي آهي، جنهن کي ڳُجهي حِس خفيه حِس يا (قوت خفيه) چيو وڃي ٿو، (انهيءَ حِس جو ڪم آهي اڳواٽ ڪنهن خطري، حادثي يا نقصان جي خبر ڏيڻ ۽ هوشيار ڪرڻ) پر جڏهن ماڻهو جوانيءَ ۾ داخل ٿيندو آهي، تڏهن ان کان ٿورا – گهڻا ننڍا – وڏا گناهه ٿيڻ لڳندا آهن. تنهن ڪري انهن قدرتي مليل قوتن جي اصليت، انهن گناهن جي غبار ۾ لٽجڻ لڳندي آهي ۽ پوءِ ڪنهن شيءَ رنگ منظر ۽ کاڌي مان ڪو ساءُ – سواد يا گهٽ ايندو يا بِنهه ڪونه ايندو آهي. ”(انهيءَ کي اصطلاح ۾ حواس بتال ٿي وڃڻ“ به چئبو آهي) ۽ پوءِ جيئن جيئن گناهن ۾ واڌارو ٿيندو ويندو آهي، تئين تئين انهن قوتن (حواسن) جي اصليت ۾ به وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي ويندي آهي. مون کي به ننڍپڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. هر ڳالهه مان، هر سوال مان، هر راند ما، هر کهاند (شرارت / کيچل) مان، هاڻي ته اهي مزائي الائي ڪاڏي ويا؟ پر اهي سڀ ته ڳالهه پٺيان ڳالهيون نڪرنديون ويون آهن ۽ مان ان ڪري اوهان کي ٻڌائيندو ويو آهيان جو انهن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻاراڻي دنيا سان لاڳاپو آهي.
    مان رهندو ته بابا وٽ هوس. پر جيئن ته منهنجو نانو ان وقت جو مشهور طبيب / حڪيم هئو. سو ڪئي ماڻهو هن وٽ مريضن جي علاج لاءِ ايندا هئا ۽نانو جڏهن به پري – اوري مريضن جي علاج لاءِ ويندو هئو ته مون کي به پاڻ سان گڏ گهوڙي تي وٺيون ويندو هو. رستي ۾ ڪنهن وڻ تي يا ٽيليگرام جي ڪنهن تارَ تي ڪا سُهڻن رنگا رنگي کنڀن واري ”چانهه“ (پکي) ڏسندو هوس ته پڇندو هوس: ”نانا! اها ڇاهي؟“ نانو ٻڌائيندو هو: ”اها چانهه آهي“ ائين هر دفعي پُڇندي پُڇندي، هڪ دفعي ناني سائينءَ مذاق ۾ يا بيزاريءَ وچان چئي ڏنو هئو: اها حرام زادي آهي، ان کان پوءِ جڏهن به چانهه ڪٿي ڏسڻ ۾ ايندي هئي ته مان پاڻ ئي چئي ڏيندو هوس: سائين مولوي صاحب! ”اها اٿو حرامزادي“ ان زماني ۾ ڪچا دڳ هوندا هئا، تڏهن به انهن دڳن تي ۽ وڏن واهن ۽ شاخن جي ٽاپ (ڪڙ) تي به پنڌ – ماپ جا پٿر کوڙيل ڏاڍا عجيب لڳندا هئا، ذهن ۾ سوال اُڀرندو هئو، اهي ڇو آهن، ڇا لاءِ آهن!؟ پڇندو هوس: اهي اڇا پَٿر ڪنهن کوڙيا آهن ڇا جي ڪري کوڙيا اٿن؟“ مولوي صاحب جواب ۾ پنڌ – ماپ جي جدول سمجهائيندو هئو:“ اهي ڪوهن – ميلن جا نشان آهن ۽ هر ميل جي وچ ۾ ننڍا پٿر آر – ڊي آهن، انهن مان پَنڌ جي مفاصلي جي خبر پوندي آهي“ مشڪل معاملو هئو، سو ان وقت جي عمر کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ۽ منهنجي پُڇا به ختم ڪانه پئي ٿئي، هڪ ڀيري مولوي صاحب ڀوڳ ۾ چئي ويٺو: ”بابا! اها اڇي اڇي آهي بيلدار جي ڳُئي“. جواب ٻڌي مزو اچي ويو. بس پوءِ ته جتي به ڪا اهڙي ”آر – ڊي“ نظر ايندي هئي، شروع ٿي ويندو هوس: سائين مولوي صاحب! اها اٿو بيلدار جي ڳُئي“ ۽ منهنجو نانو سائين مولوي صاحب“ مرڪي پوندو هئو.
    صحبت صاحب! مان ان حوالي سان ڏاڍو بد نصيب ماڻهو آهيان، امڙ جيجل منهنجي ان عمر ۾گذاري وئي جو ان جا مُهانڊا به ياد ڪونهن ته اها ڪيتري خوبصورت هئي، رنگ ڪهڙو هوس گوري يا سانوري، بابا سائين جا ڌنڌلا مهانڊا/ نشان ڪجهه ياد پون ٿا، زماني جي سختين ۽ محنتن/ جفا ڪَشين جا نشان چهري تي چٽيل هئس ۽ مولوي صاحب به تڏهن ئي ٻئي جهان ڏانهن راهي ٿي ويو هئو، جڏهن اڃا اسان ٻئي ڀائر بلوغت جي سن کي به ڪونه پهتا هئاسين ۽ پوءِ ”سير جي بلا سر سان“ وارو معاملو بڻيو، اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيو ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي!
    سوال: ادبي شروعات ڪهڙي عمر ۾ ٿي ۽ شاعري ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا؟
    جواب: ادبي شروعات ڏهن – کن سالن جي عمر ۾ شروع ٿي هئي. ان عمر ۾ مون ڪجهه بيت لکيا هئا، جيڪي صوفياڻي رنگ ۾ هئا. پوءِ ان وقت جي مشهور سنڌي ڪلامن ۽ ڪافين جي طرزن تي مون به ڪافيون لکيون، جيڪي ان وقت به چڱيون مشهور ٿيون، جيڪي تر جا شوقيه ڳائڻ وارا (ڏنڊي – ٺوڪ)اچي مونکان اهي ڪافيون لکرائي کڻي ويندا هئا ۽ وڃي محفلن / شادين وغيره ۾ ڳائيندا هئا، يا پاڻ ۾ ويهي راتين جو ڪچهريون ڪندي به ڳائينداهئا.
    اهو غلط آهي ته شاعري ڪرڻ جا ڪي ”ڪارڻ“ ٿيندا آهن، هي هڪ قدرتي جذبو آهي/ ڏات آهي/ جنهن کي ڏاتار عطا ڪري، اهو هُنر، اهو جذبو، اها ڏات سڀ ڪنهن کي نصيب ڪونه ٿيندي آهي، ڪِن ٻين ماڻهن کي وري ڪي ٻيا هُنر قدرت عطا ڪندي آهي، ڪو ڊکڻ بڻجي ٿو وڃي، ڪو لوهر، ڪو شڪاري بڻجي ٿو وڃي، ڪو ”آهيڙي“، ڪو مصور، ڪو مجسمه ساز، ڪو سنگتراش ته ڪو ڪُنڀار به ٿي ٿو وڃي، ادب، شاعري وغيره ڄمندي کان ئي ڪن ڪن ماڻهن جي خون ۾، ضمير ۾، وجود ۾ قدرت طرفان موجود هوندي آهي ۽ شعور جي واڌ - ويجهه سان گڏ ان ۾ پختگي ايندي ويندي آهي. ڪي ماڻهو چوندا آهن، ”اسان کي عشق لڳو ته شاعر بڻجي پياسين، ته اهو هُو سچ ڪونه ٿا چون، لکين ماڻهو آهن دنيا ۾ جيڪي عشق ڪن ٿا، پوءِ اهي سڀ شاعر ڇو نه ٿا بڻجي پون؟ عشق (هر طرح جو)ڪنهن ڇوڪريءَ سان، ڇوڪري سان، قوم سان، وطن سان، شآعريءَ سان، پنهنجو پاڻ سان يا وغيره وغيره سان، ادب شاعريءَ لاءِ غذا جو ڪم ته ڏئي سگهي ٿو، ڪارڻ نه ٿو بڻجي سگهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته هر هُنر، هر ڏانءَ جا ڪجهه ”ڪارج“ ضرور هجڻ گهرجن قوم وطن سان جي سجاڳيءَ ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ/ لکڻ انسانيت جي احترام ۽ خوشحاليءِ جو پرچار ڪرڻ، امن ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجي ڏات ۽ فن کي وقف ڪري ڇڏڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم جن مان دنيا ۽ دنيا وارن جي ڀلائي ۽ انهن جي حقن جي حفاظت ٿيندي هجي، شاعريءَ جا اهي ئي/ اهڙا ئي ڪارج هجڻ گهرجن.
    مون ڏهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪئي، ته ان عمر ۾ مون ڪهڙو عشق/ ڪيئن ڪنهن آدم – ڄائيءَ سان ڪيو هوندو؟ عشق بعد جي ڳالهه آهي/ جوانيءَ جي خواهش ۽ ضرورت هوندي آهي ۽ اُن وقت جو عشق به شاعريءَ لاءِ رڳو غذا، مواد/ موضوع بڻجندو آهي ۽ بس!
    سوال: ادبي دنيا ۾ اوهان جي رهنمائي ڪندڙ يا استاد؟
    جواب: شاعر ته مان 10 سالن جي عمر کان هئس، ڪچي – ڦڪي شاعري بيتن، ڪافين ۽ ڪلامن جي صورت ۾ ڪندو رهندو هئس، ادب سان دلچسپي به هوندي هئي، ننڍي عمر کان ئي وٺي، من پسند ڪافيون/ ڪلام پنهنجي بوڪن ۾ نوٽ ڪري رکندو ويندو هئس. پوءِ خيرپورناٿن شاهه ۾ جڏهن اسان اچي آباد ٿياسين، ته اتي سيد نياز علي شاهه مُحسن ڪڪڙائي کي ايندي ويندي ڏسندو رهندو هئس، ان وقت منهنجي عمر 25 – 26 سالن هئي، محسن صاحب جو ڳوٺ ته ”چوکنڊي“ تعلقو خيرپورناٿن شاهه هئو، پر هُو خيرپور جي آس – پاس جي اسڪولن: ڳوٺ فتح پور ۽ ڳوٺ ميوو چانڊيو ۾ پڙهائڻ لاءِ ايندو رهندو هئو. محسن صاحب تڏهن سنڌي ماستر هوندو هئو، پوءِ ته محسن صاحب انگريزي ماستر ٿي ويو هئو. محسن صاحب جي هٿ ۾ اڪثر ڪري ڪونه ڪو ڪتاب هوندو هئو، ۽ ساڳيءَ طرح منهنجي هٿ ۾ به ڪتاب هوندا هئا. انهيءَ حوالي سان اسان جي پاڻ ۾ ڏيٺ – ويٺ ٿي، سڃاڻپون ڪرايون ويون، انهيءَ کان اڳ ۾ مان محسن صاحب جي شاعري مختلف رسالن/ اخبارن ۾ ڇپيل ڏسندو رهندو هئس، ۽ پڙهندو به هئس، محسن کي به خبر پئي ته مان شاعري به ڪندو آهيان، هڪ – ٻن ڪتابن جو ترجمو به (اردوءَ – مان سنڌي) ڪري رهيو هوس، ڪجهه مضمون به ڪن اخبارن ۾ ڇپجندا رهندا هئا، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن مون پنهنجي شاعري محسن صاحب کي ڏيکاري، محسن صاحب چيو هئو: يار! تو ۾ ڏاڍا جوهر ٿا ڏيکارجن، پر تنهنجي شاعري عروض جي قائدن مطابق ناهي، ڇُڙواڳ/ بنا نا ڪيليءَ جي اُٺ وانگر آهي، تون جيڪڏهن عروض سکي پوين ۽ ان مطابق شاعري ڪرين ته، وڏو نالو ڪمائي سگهين ٿو. خاص ڪري منهنجي اکرن کان ته محسن صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو هئو.
    پوءِ مون کي محسن صاحب عروض جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، شاعريءَ جي اصلاح ڪئي ۽ تمام ٿوري ئي وقت ۾ منهنجو ادبي دنيا ۾ ناماچار ۽ مشهوري ٿيڻ لڳي، سال کن جي اندر مون علم عروض چڱي طرح سکي ۽ سمجهي ورتو ته محسن صاحب مون کي فارغ التحصيل ڄاڻائي، منهنجي اصلاح ڪرڻ بند ڪئي ۽ ٻار شاعر منهنجي حوالي ڪري ڇڏيائين، چي: ”بابا! هاڻي توهان وڃي آثم کان اصلاح وٺو، اُنهن شاعرن ۾ وفا ناٿن شاهي، رزاق ناٿن شاهي، عاجز ناٿن شاهي، جوهر ناٿن شاهي (ابن ”آزاد“ ميمڻ) ستار ناٿن شاهي، (حڪيم محمد صادق صاحب، طالب عباسي/ جيڪو هڪ پختو ۽ استاد شاعر هئو) جو پوٽو ۽ ٻيا به ڪافي شاعر منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي ڇڏيا هئا. اهڙيءَ طرح شاعريءَ ادبي دنيا ۾ منهنجي واڳ وٺندڙ/ استاد سائين محسن ڪڪڙائي بڻيو ۽ مان محسن صاحب جي آخري دم تائين سندس عزت ۽ احترام ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي. محسن صاحب مون سان ڏاڍو پيار ڪندو هئو ۽ هر ميڙاڪي ۾ منهنجي ۽ منهنجي شاعريءَ جي تعريف ڪندو رهندو هئو.
    سوال: اوهان شاعري کي پنهنجي سڄي عمر ڏني، واپسي ۾ اوهان کي ڇا مليو؟
    جواب: اهو سوال ناهي، طعنو آهي، شاعريءَ کي به شاعر کي به، نيڪيءَ جو صلو (عوض) نه ملڻ چاهبو آهي، نه گهرڻ گهربو آهي، توهان اها چوڻي ته ٻڌي هوندي ”نيڪي ڪر دريا ۾ اڇلي ڇڏ“ ته شاعري به هڪ نيڪي آ، جنهن سان قوم جي سجاڳي، معاشري (سماج) جي اصلاح ۽ وطن سان وفاداري ۽ محبت جو حق ادا ڪرڻ ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ۽ هر طرح شاعري جي اڳيان شاعريءَ جا اهي ئي ڪارج هوندا آهن/ هئڻ گهرجن، ان لاءِ ڪنهن صِلي ۽ عوض جي تمنا رکڻ چريائي ٿيندي.
    شاعري: ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ ناڻي جي سيڙپ به ناهي، جتان وڏو ڪو فائدو ملڻ جي اميد هجي. شاعريءَ: دڪانداريءَ به ناهي جنهن ۾ رڳو نفعو ئي نفعو هجي، شاعري ڪا بئنڪ به ناهي، جتي پنهنجو اڪائونٽ کولڻ سان هر مهيني مُور تي وياج ملندو هجي، شاعري فطرت جي طرفان مليل هڪ فن آهي ۽ ان کي نيڪ ڪمن جي ڪارجن ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.
    صحبت بابا! مان ٽئين درجي جي معاشرتي خاندان جو هڪ شخص آهيان، مون وٽ دنياوي ڪنهن به قسم جي ڪا دولت ڪانهي، پر توهان منهنجو نالو ڪهڙي به ماحول ۾ ڪهڙي به چوياريءَ ۾ وڃي کڻندا ته مون لاءِ احترام ۽ عزت سان ڳالهايو ويندو. مان اڪثر وڏين وڏين بيمارين جو شڪار ٿيندو رهيو آهيان ۽ وڏين وڏين اسپتالن جا چڪر لڳائيندو رهيو آهيان ۽ اتي جڏهن به منهنجو نالو ”آثم ناٿن شاهي“ ٻڌايو آهي ته، وڏن وڏن ڊاڪٽرن اٿي بيهي اخلاق ۽ احترام سان منهنجي آجيان ڪئي آهي، پوري توجه ۽ ڌيان سان منهنجا آپريشن ۽ علاج ڪيا اٿن، ته اهو سڀ ڇاهي؟ ان کان سواءِ مون کي پوري سنڌ ۾ بيحد عزت جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي، پُرخلوص پيار ۽ عقيدت سان ياد ڪيو ٿو وڃي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي دولت مون کي گهرجي/ ڪانه گهرجي!
    سوال: اوهان محسن ڪڪڙائي جي ويجهو رهيو، محسن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: سائين لطيف فرمايو:
    ”ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، آهي بُوءِ بهار جي“

    ته سائين محسن ڪَڪڙائي (رب سائين کيس جنت ۾ جايون ڏنيون هونديون) اهو ماڻهو هئو جنهن ۾ هميشه بسنت ۽ بهار جي بوءِ (خوشبوءِ) موجود هوندي هئي. شاعريءَ جي سندس شاگردن سان هن جو رويو سدائين دوستاڻو رهندو آيو، خوش طبع، کِل – مُک، خوش لباس ۽ قدري خوش خوراڪ به هوندو هئو ان سان گڏ فقير منش (هن پنهنجي هر تحرير جي آخر ۾ پنهنجو نالو لکندو هئو ”فقير محسن ڪڪڙائي“) صلح پسند – قوت برداشت ۾ پهاڙ، گفتگو (ڳالهه – ٻولهه) ۾ پُر اعتماد، دليل، مثال ۽ حوالا ڏئي پنهنجي موقف کي درست ثابت ڪرڻ چاهيندو هئو.
    جڏهن خيرپورناٿن شاهه ۾ اسان ڪجهه دوستن محسن جي نگرانيءَ ۾ ”ادارهء فلاح و بهبود“ قائم ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ لئبريريءَ جو بنياد به رکيو ته، محسن صاحب اڪثر ڪري اتي اداري ۾ ئي ٽِڪي پوندو هئو، پنهنجي ڳوٺ چوکنڊيءَ گهٽ راتيون گذاريندو هئو، خيرپور جي ڀرسان جتي به هن جي ڪنهن اسڪول ۾ ڊيوٽي هوندي هئي، اتان موٽندي خيرپورناٿن شاهه ۾ ئي اچي اداري جي آفيس ۾ رهندو هئو. ۽ مون ڪيترا سال محسن صاحب جي کاڌي – پيتي، هنڌ بستري ۽ لٽن - ڪپڙن جي پنهنجي گهران ڌئارڻ جي خدمت جا فرض فراخدليءِ سان ادا ڪيا. بهر حال محسن صاحب وڏي معيار، مضبوط شخصيت وارو پيارو ماڻهو به هئو ۽ پنهنجي همعصرن شاعرن ۾ وڏو شاعربه، اهڙا ماڻهو ڪي ورلي پيدا ٿيندا آهن، ”خدا بخشش کند اين عاشقانِ پاک طينت را.“
    سوال: وفا ناٿن شاهي جي غزل کي سنڌي ادب ۾ سٺي مڃتا ملي، جڏهن ته اوهان وفا جي غزل جي شروع شروع ۾ اصلاح به ڪئي، پر پوءِ به اوهان جي غزل کي ايتري مڃتا نه ملي؟ ان جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؟
    جواب: بلوچ صاحب! پهرين ڳالهه اها ته جيڪڏهن ”وفا“ جي غزل کي سنڌي ادب ۾ سٺي مڃتا ملي ٿي / ملي آهي، ته اها ٻين کان وڌيڪ مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ڇو ته مون وفا جي شاعريءَ ۾ خود وفا کي غزل جو بادشاهه بڻايو، وفا کي منفرد غزل لکڻ وارو مون چيو. ته پوءِ ان کي جيڪڏهن ڪا مڃتا ملي آهي ته اصل ۾ اها منهنجي مڃتا آهي، باقي اهو توهان کي ڪنهن غلط ٻڌايو آهي، يا خود وفا پنهنجي حيثيت کي ”آثم“ جو محتاج ٺهرائڻ کان بچڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺندي ائين چيو آهي/ هوندو ته آثم سندس ابتدائي شاعريءَ جي رڳو اصلاح ڪئي هئي. سچ اهو آهي ته ”سائين محسن“ ئي وفا جي ابتدا اصلاح ڪئي هئي، ۽ پوءِ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو هئائين وفا کي، ۽ وفا 92- 1990ع تائين مون کان اصلاح وٺندو رهيو، 64-1963ع کان وٺي هن جا کوڙ سارا رجسٽر ۽ ڊائريون مون وٽ اصلاح لاءِ پيل هونديون هيون (ان جو ثبوت وفا جا اُهي ڏيڍ سئو کان مٿي لکيل مون ڏانهن موڪليل خط آهن، جن ۾ هن تقريباَ هر خط ۾ شاعريءَ جي اصلاح لاءِ مون کي لکيو آهي) وفا هن وقت اسان جي وچ ۾ موجود ڪونهي (ڌڻي کيس بهشت نصيب ڪري) پر ان جا خط شاهيءَ طور مون وٽ موجود آهن. پر بلوچ صاحب انسان ايترو ”انا پرست“ ساهوارو آهي، جو پاڻ کي گهٽ ڏسڻ/ گهٽ ڪرڻ نه چاهيندو آهي، ۽ وفا به هميشه ائين ئي ڪندو رهيو. پنهنجي ڪنهن به ”محسن“ (چڱائي ڪرڻ وارو) جي دل سان مڃتا نه ڪندو هئو.
    ٻي ڳالهه ته اوهان رڳو ”وفا ناٿن شاهيءَ“ جي غزل جي سنڌي ادب ۾ مڃتا جي ڳالهه ڪئي آهي، جڏهن ته شاعري رڳو غزل جي صنف تائين محدود ناهي، شاعريءَ جون ٻيون به ڪيئي صنفون آهن، جن ۾ وفا کي ڪا گهڻي (بلڪه ڪابه) مڃتا نه ملي آهي. وفا جي غزل جي مڃتا به هڪ مخصوص گروپ جا فرد ئي ڪندا رهيا آهن، ۽ اوهان جو گهڻو اُٿڻ – ويهڻ به شايد رڳو انهيءَ ئي گروپ جي ماڻهن سان هئو/ آهي. سنڌ جي ٻين پاسن (علائقن) تي به نظر وجهي ڏسو ته اُتي منهنجي نه رڳو غزل کي، وفا جي غزل جيترو مڃيو ٿو وڃي، پر منهنجي ٻي شاعريءَ: نظم، وائي، سنڌيجا ۽ ٽه - سِريون کي به گهڻو پسند ڪيو ٿو وڃي ۽ وڏي مڃتا ملندي رهي آهي. اُن جو ثبوت اُهي هزارن جي تعداد ۾ خط آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف (سِري کان لاڙ تائين جي) هنڌن تان مون کي پهچندا رهيا آهن ۽ مون وٽ موجود آهن. پر شاعريءَ جي اهڙين ڪي ٻين صنفن ۾ وفا جي مڃتا نه جي برابر آهي، هڪ ڳالهه هي به آهي، ته وفا کي گُهري وٺڻ جي عادت به هئي. هو پنهنجي مڃتا لاءِ پوري سنڌ ۾ خط لکي ۽ روبرو ماڻهن سان ملاقات ڪري، پنهنجي لاءِ مضمون، مقالا لکرائڻ ۽ زباني مڃتا (تعريف) ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هئو. جڏهن ته مون کي گُهري وٺڻ بُرو لڳندو آهي. بلڪه مان ان کي پنهنجي گهٽائي سمجهندو آهيان. منهنجو هڪ شعر آهي:

    ”گهمي گُهر، رکي ڪنهن گڏهه تي ٻني،
    وتو نانءُ ناهي، مون ڪنهن کان پنَي.“

    ۽ وڏو سبب اهو به آهي، جو مان 72-1970ع کان تقريباَ 1980ع تائين پنهنجي ڪن گُهرو ۽ سماجي حالات سبب ادبي دنيا کان ڪَٽيل رهيو هوس. مون شاعري لکڻ/ ڇپرائڻ ۽ مشاعرن ۾ وڃڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو هئو، ۽ وفا کي کُليو ميدان ملي ويو، هن مشاعرا اٽينڊ ڪيا، شاعري لکي/ ڇپرائي ۽ ائين هن کي اُڀرڻ جو موقعو ملي ويو. 1980ع کان پوءِ مان وري جڏهن ادبي ميدا ۾ لٿس ته وفا جي اُها پوزيشن برقرار نه رهي، جيڪا وچ ۾ هن کي ملي هئي. بهرحال پوءِ به مان وفا جي مڃتا تي هميشه خوش ٿيندو رهيو آهيان، مون کي ان ڳالهه تي نه ته ڪو اعتراض رهيو آهي، نه ڪوئي حسد، ها هڪ شيءِ اِها به آهي، ته منهنجي غزل ۾ ڪلاسڪ گهڻي آهي، تنهن ڪري پڙهندڙ ان تائين پهچي نه ٿا سگهن، ۽ مان ڀانيان ٿو ته وفا جي غزل ۾ ايتري ڪلاسيڪت ڪانهي، صرف بيانيه انداز آهي جيڪو عام ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي.
    سوال: اوهان ادبي ڪچهريون ۽ ادبي ميڙاڪن کان پاسيرا ٿي ويا آهيو. ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
    جواب: انهيءَ سوال جو جواب مان ڪيترن ئي انٽريوئن ۾ ڏئي چڪو آهيان، خاص ڪارڻ اِهي آهن ته مون پنهنجي گهريلو ذميوارين ۽ اولاد جي ڪفالت تي وڌيڪ توجهه ڏنو آهي/ معاشي حالات اهڙا ڪڏهن به نه رهيا آهن، جو ادبي ڪچهريون ۽ ميڙاڪن ۾ وڃڻ جو خرچ افورڊ ڪري سگهجن ۽ تمام ڊگهي عرصي کان مان مختلف وڏين وڏين بيمارين ۾ جڪڙيو رهيو آهيان، ان ڪري مان پنهنجي مشڪوڪ صحت کي ساڻ کڻي، پري – اوري جي ادبي گڏجاڻين/ مشاعرن ۾ وڃڻ ترڪ ڪري ڇڏيو آهي.
    هونءَ به مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ وڃڻ ڪا فرض ڪيل بندگي، يا لازمي واجب ٿيل شيءِ ته ڪانهي، جو ماڻهو ضرور حاضري ڀرائيندو رهي. ان جي بر خلاف مان گُهر ۾ ويهي وڌيڪ ادب جي خدمت ڪري سگهان ٿو/ ڪيان ٿو پيو. ۽ مان پنهنجي اِن عمل کان تمام گهڻو مطمئن آهيان.
    سوال: اوهان شاعرجي اک سان هڪ سٺي غزل ۾ ڪهڙيون خوبيون ڏسو ٿا؟
    جواب: اکر اکر مان موسيقي ڇَلڪندڙ نظر اچي، جملن جي پوچ ۽ ترتيب نو لکي هار وانگر هجي، رديف ۽ قافيا پاڻ ۾ ائين لاڳاپيل هجن، جيئن رخصتيءَ (نکيتيءَ) وقت، گهوٽ جي بوچڻ سان ڪنور جي پوتيءَ جو پلئه ٻڌل هجي، بي قيمتا ۽ ڀرتي جا لفظ نه ٽُنبيل هجن لهجن ۾ سنڌين جو ساءُ ۽ سڀاءُ هجي، ڪوشش ڪري صاف سُهڻي ۽ بار محاورا پنهنجي سنڌي ٻولي استعمال ڪرڻ گهرجي. جماليات به، ڪَن رَسُ سان گڏ مَنَ رَسُ به هجي ته مان ان کي سُٺو غزل سمجهندس/ چوندس.
    سوال: اسان جو اديب پنهنجي ذميوارين کان ڪيترو واقف آهي؟ يا هو رڳو واهه واهه جي ڌٻڻ ۾ گتو پيو آهي؟
    جواب: صحبت! اڄ جو اديب پنهنجي ذميوارين کان ڪافي حد تائين واقف ته آهي، پر هو انهن ذميوارين کي نباهڻ ۾ يا سُستيءَ کان ڪم وٺندو رهي ٿو، يا ڪن مصلحتن سبب اُهي پوريون ڪرڻ کان لنوائي ٿو وڃي.
    ٻي ڳالهه ته هڪڙا ڪل وقتي ۽ فطرتي اديب/ ليکڪ آهن، اهڙن اديبن/ شاعرن کي هر وقت پنهنجي ذميوارين جو احساس آهي، ۽ ڪنهن حد تائين اُهي پنهنجون ذميواريون پوريون به ڪن ٿا ۽ ٻيا وري نمائشي ۽ ريسارا شاعر آهن، جيڪي رڳو پنهنجي نمائش لاءِ يا وري پاڻ کي شاعرن ۾ شمار ڪرائڻ لاءِ ڪجهه جائز/ ناجائز سٽون لکي وٺن ٿا. اهڙن شاعرن وٽ پنهنجي ذميوارين کي محسوس ڪرڻ ۽ انهن کي پوري ڪرڻ جي ڪا چنتا/ ڳڻتي ڪانه ٿي هجي. اهڙا اديب واقعي به ذميوارين ادا ڪرڻ کان وڌيڪ ”واهه واهه“ جي پويان لڳا پيا وتن.
    سوال: تنقيد تي ڪجهه روشني وجهو؟ اڄ جي نقادن کان ڪيترو مطمئن آهيو؟
    جواب: ادا سچ اهو آهي ته، تنقيد ادب لاءِ ائين آهي، جيئن سونارو، سون کي ڪوٺاريءَ ۾ ڳاري، انهيءَ مان مِٽِ، مَرَ ۽ ٻي ملاوٽ ڪڍي، ان کي نِجُ صاف بڻائيندو آهي، ٻين ملڪن جي ادب ۾ تنقيد جو وڏو قدر ۽ مانُ آهي. اتان جا تنقيد نگار (نقاد) به انصاف پسند ۽ غير جانبدار هجن ٿا. هو هر شيءِ جي کوٽي ۽ کري جي پَرک، دليلن، ثبوتن ۽ حوالن سان ڪن ٿا/ اوٽ تي ٿاڦوڙا ڪونه ٿا هڻن. غلطين جي نشان دِهي ڪَن ٿا، غلطين کان بچڻ جون هدايتون ۽ صلاحون ڏين ٿا. اُنهن جو پنهنجو توڙي انهن جي تنقيد جو معيار تمام مٿانهون آهي.
    اسان جي ادب ۾ به ڪافي وقت اڳ سُٺيون سُٺيون ۽ با مقصد تنقيدون ٿينديون رهيون. توڙي جو انهن ۾ به گروپ بنديءَ کي بنياد بڻايو ويندو هئو. پر پوءِ به انهن جا ڪجهه چڱا ڪارج به هئا. هاڻي ته بابا! توبهه پيو ڪر، تنقيد جو نالو ورتُئه ته ڄڻ کَکر ۾ کَڙو هنيئه، ڪنهن تي تنقيد ڪيئه ته ڄڻ ان کي لَٺ هڻي ڪڍيئه. مان ڏاڍو ٿڌي دل، دماغ ۽ ڌيرج وارو ماڻهو آهيان، پر سچ پڇين ته مان به تنقيد تي ذري گهٽ ناراض ٿي پوندو آهيان، سنڌي ادب جو جيڪو اڄوڪو دور آهي، ان ۾ ته تنقيد جو نانءُ نشان ئي ڪونهي، تنقيد جي نالي تي يا ته ڪنهن جي غير ضروري تعريف/ حد کان اڳتي وڌي ڪئي پئي وڃي. يا وري ڪنهن جي ناجائز حد تائين تنقيد ۽ هتڪ آميز حد تائين اُن تي طنز ڪئي پئي وڃي. اديب/ شاعر ٽولن/ گروهن ۾ ورهائجي ويل آهن. هر ٽولو پنهنجي گروپ جي ساراهه ۾ پيو لکي ۽ مخالف ڌُر جي گهٽتائي پيو ڪري، ڄاڻ ڪانه پوءِ به تنقيد نگار، تنقيد جي علم کان ڪورو پوبه نقاد، بس وَهي نه وَهي وٺ رينگٽ کي“ هُن جي شيءِ سُٺي آ ته ڪيئن سُٺي آ، نه ان تي ڪو بحث نه وضاحت، جي هن جي شيءِ خراب آ ته ڇو خراب آ؟ ان جي لاءِ نه حواله نه ثبوت، نه تفصيل نه تشريح، مقصد هو اُن کي هيٺ ڪرڻ سو ڪيو ويو. ”الله الله خير صلح!!“ مون تي به ڪن دوستن تنقيدون ڪيون ۽ اڳتي به ڪندا، پر مان اُهي سڀ ڪوڙا/ ڪسارا ڍُڪ صبر ۽ بردباريءَ سان ڳيتي ويو آهيان ۽ ڳيئندو رهندس.

    ”شپره گر نورِ آفتا نه خواهد،
    رونقِ بازارِ آفتاب نه کاهد“

    چمڙي کي جي سج جو نُرُ (روشني) نه ٿي گُهرجي، ته سج جي روشنيءَ جي اهميت ۽ رونق گهٽجي ڪانه ويندي! خدا انهن دوستن کي خوش رکي!! پاڻ ته هر انسان لاءِ دعاگو آهيون.
    سوال: سائين هيل تائين توهان جي شاعري جا ڪافي مجموعا ٿي ويا آهن. جڏهن ته اوهان جو هڪڙو مجموعو مارڪيٽ ۾ نه آيو آهي ۽ جڏهن ته اوهان جي شاگردن جا ڪيئي ڪتاب به اچي ويا آهن.
    جواب: توهان کي شايد خبر ناهي، منهنجا هن وقت تائين شاعريءَ جا ٻه مجموعا: (1) ”جڏهن الا اُڀ ۾“ (1994) ۽ (2) ”لهرون لهرون لاٽ“ (1998ع) ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چُڪا آهن، جڏهن ته نثر ۽ نظم ۾ منهنجا 32 – 33 مجموعا ڪتابي صورتن ۾ ترتيب ڏنل مون وٽ موجود پيا آهن، منهنجي ٻنهي ڇپيل ڪتابن تي مون کي ايوارڊ به ملي چڪا آهن، پهرين مجموعي اچڻ تي، ماهوار ڪينجهر حيدرآباد جي ايڊيٽر ناز سنائيءِ ”مون کي“ ڪينجهر ڪوتا ايوارڊ ڏنو هئو، جيڪو پوءِ مون ڪِن اختلافن سبب ”ناز“ کي واپس ڏئي ڇڏيو هئو. ۽ ٻئي مجموعي تي مون کي مرڪزي سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) طرفان به ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ منهنجا ٻه – ٽي شعري مجموعا مسودَن جي صورتن ۾ به ڪن دوستن وٽ اٽڪيا پيا آهن.
    منهنجا شاگرد، جن جو تعداد ٽيهارو کن آهي ۽ اهي سڄي سنڌ جي ڪُنڊ – ڪُڙڇ ۾ پکڙيل آهن، انهن مان صرف وفا ناٿن شاهيءَ جا ٻه مجموعا، سرور نواز ٻُگهئي جو هڪ مجموعو، ممتاز عباسيءَ (جنهن ڪجهه وقت ”لهرون“ ماهوار رسالو به جاري ڪيو هئو) جو هڪ مجموعو ۽ زاهد راڄپر جو هڪ مجموعو ڇپيو آهي. سو اوهان جو اهو چوڻ ته ”منهنجي شاگردن جا ڪيئي ڪتاب اچي ويا آهن“ محض هڪ وڌاءُ آهي.
    اوهان کي خبر آهي ته اڄ ڪلهه ڪتاب (خاص ڪري شعري مجموعا) اڪثر شاعر پنهنجي خرچ تي ڇپائن ٿا. جن ماڻهن وٽ پئسا آهن، اهي پنهنجا ڪتاب آڻيندا رهن ٿا، پوءِ اهي ڪهڙا به هجن، باقي اسان پارا غريب شاعر/ ليکڪ کوڙ وتن ٿا چپٽيون وڄائيندا. ته هاڻي ڪوئي پبلشر/ ڪو ناشر منهنجو ڪو ڪتاب نه ٿو آڻي، ته منهنجہ انهيءَ ۾ ڪهڙو ڏوهه؟ پنهنجي ڀاڳ ۾ ته ڄمندي کان ئي غريبي هئي، ۽ اڃا تائين پئي هلي. تنهن هوندي به بلوچ صاحب! اُميد کان نا اميد ڪانه ٿي آهي، ڪڏهن نه ڪڏهن اُهي ڪتاب ضرور ڇپبا. شڪايت ڪنهن پبلشر کان ڪانهي، صرف افسوس آ ته پَرک ناهي? پارکُو ڪونهن!!.
    سوال: عشق، پيار، محبت، جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو، ۽ پنهنجي پريم ڪهاڻي ٻڌايو؟
    جواب: فارسيءَجي ڪنهن شاعر چيو آ:
    ”عشق اَوَل در دِل معشوق پيدا جي شود“
    (عشق اڳ ۾ معشوق جي دل ۾ پيدا ٿيندو آهي) سو، جي ڪنهن خوبصورت ماڻهوءَ جي دل ۾ منهنجي لاءِ عشق جو جذبو پيدا ٿيو هوندو، ته يقينن مون به ان سان عشق ضرور ڪيو هوندو. ۽ سائين لطيف فرمايو:

    ”عشق ناهي راندِ، جيئن کيڏن ڳَڀروُ،
    سِسي نيزي پاند، اڇل ته اَڌ ٿئي.“

    لطيف جي فڪر ۽ فلسفي مطابق، عشق اهڙو هڪ بي اختيارانه جذبو آهي، جيڪو از خود دل ۾ پيدا ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ اهڙي عشق ۾ سر ۽ ساهَه وڃڻ جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي، پر، اتفاق سان ڪلهه ٽي – وي ڏِسندي ته هڪ چينل تان مائي فرزانه پروين“ جي وڊيو ڪيسٽ ٻُڌڻ جو موقعو مليو: هونءَ ته فرزانه ڏاڍي سيبتي ڳائڻي (فنڪاره) آهي، آواز به پيارو اٿس، ته اُن جي واتان هڪ شاعر پنهنجو هي ڪلام ڳائرائي رهيو هئو:

    ”ڏئي صلاح عشق سندي توکي ڪنهن مارايو آ،
    هي جوانيءَ ۾ ڪارو وڳو توکي ڪنهن پارايو آ!“

    هاڻي سائين پُڄو! اڄوڪا شاعر/ عاشق چوڻ لڳا آهن ته: ”عشق جي صلاح ڏئي توکي ڪنهن دشمن مارائڻ جي ڪوشش جو ڪردار ادا ڪيو آهي،“ ته اهو عشق ناهي هَوس آهي مطلب پَرستي آهي، ۽ مون اهڙو عشق ڪرڻ نه چاهيو ڪڏهن، نه ڪيو ئي هئو ڪڏهن، عشق ڪيو ضرور، پر اهو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ سان ڊگهي عرصي تائين ڪونه هليو هئو. ڪجهه پيارا ماڻهو منهنجي زندگيءَ ۾ آيا، مون کي اُنهن موهيو ۽ مون خاموشيءَ سان انهن جي پوڄا ڪئي ۽ بَس، انهن مان هڪ ماڻهو جيڪو مون کي زور وڻيو هئو، ان زماني ۾ مون هڪ نظم ۾ هي سِٽون لکيون هيون:

    ”شاعري، سنڌ ۽ هِڪَ سِنڌ جو سُهڻو ماڻهو،
    منهنجي دل ۾ ٿا هڪ ئي وقت رهن ٽي محبوب.“

    انهيءَ مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته منهنجو عشق رڳو ان هڪ حَسين نازنين سان ڪونه هئو، پر شروع کان وٺي ئي منهنجون ٻه محبوبائون ٻيون به هيون هڪ ”سنڌ“ ٻي شاعري“، صحبت سائين عشق رڳو ڪنهن ڇوڪريءَ يا ڇوڪري سان ئي ڪونه ڪبو آهي عشق قوم سان، ٻوليءَ سان، وطن سان، انسان ذات سان، پنهنجي گهر واريءَ سان، اولاد سان ۽ پنهنجي پاڻ سان به ڪبو آهي ۽ مون انهن سڀني شين سان عشق ڪيو آهي، ڪنهن صِلي جي لالچ ۽ عوض جي تمنا ڪئي بنا پَرخلوص عشق، ۽ اهائي منهنجي پريم ڪهاڻي به آهي.
    سوال: پنهنجي دور جي ادبي ميڙاڪن جي خوبصورت ماحول جي عڪاسي ڪرڻ پسند ڪندو؟
    جواب: مشاعرن/ محفلن ۾ سنجيدگي هوندي هئي، بردباري هوندي هئي، سانت ۽ سليقي سان مشاعرا ٻڌا ويندا هئا، ننڍي – وڏي شاعر جو هڪ جيترو آڌر ڀاءُ ٿيندو هئو، هڪ ٻئي کي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هئو، عزت ڪئي ويندي هئي.
    ان دور ۾ ادبي ڪچهرين ۾ الغوزن وارا، نڙ – بيتن وارا ۽ راڳي به گهرايا ويندا هئا. ٻُڌڻ وارا سڀ ڪنهن کي هڪ جهڙي چاهه ۽ شوق سان ٻڌندا هئا. واه واه ٿيندي هئي، تاڙيون وڄنديون هيون شاعر کي ”داد“ صرف معياري شعر تي ملندو هو، نه ته خاموشي هوندي هئي، وڏو رنگ لڳندو هئو، پري پري مشاعرن تي (جوءِ – تر جي مشاعرن کان علاوه) به وڃبو هئو. جيڪب آباد/ خيرپور ميرس کان وٺي ڪراچي/ حيدرآباد تائين جي وچ وارن شهرن ۾ به مشاعرا/ ادبي گڏجاڻيون اٽينڊ ڪندا هئاسين، مون کي خانگي نوڪري هوندي هئي، مشاعرن تي وڃڻ جي موڪل نه ملندي هئي، ته بنا موڪل هليو وڃبو هئو، ائين پنهنجون ٻه – ٽي نوڪريون به وڃائي ويٺو هوس، مشاعرن تي ويندي سائين مُحسن ڪَڪڙائيءَ جو خصوصاَ ۽ وفا ناٿن شاهيءَ جو به ڪڏهن ڪڏهن ڀاڙو خرچ مان ڀريندو هوس.
    هاڻي جي مشاعرن ۾ اهو ساءُ، اُهو نظم ۽ ضبط ڪونهي. ماڻهو رڳو مشاعرن ۾ گهرايل راڳين جو راڳ ٻُڌڻ اچن ٿا، شاعر کي ته صرف مجبوريءَ کان برداشت ٿا ڪن. گروپ بنديون آهن. هڪ ٻئي جي مخالف شاعر/ گروپن جا حامي/ حمايتي مخالف ڌُر جي شاعر لاءِ اهڙا رَوَيا ٿا رکن ۽ اهڙا ريمارڪس ڏيندا آهن جو شاعر کي مائيڪ ڦٽي ڪري اسٽيج تان لهي وڃڻ تي مجبور ٿيڻو ٿو پوي، اڄ مشاعرن جي اها اهميت نه رهي آهي. دل کَٽي ٿي وئي آهي.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
    جواب: نَهڪر ۾ ڪَنڌ جي ڌوُڻ/ صرف ٻه جُملا (انٽرويوئر) صحبت سائين! وات نه کولراءِ منهنجو.
    "پردے میں رہنے دو.....................
    سوال: اوهان جيترو لکيو، اوهان جو سنڌي ادب ۾ هڪڙو وڏو نانءُ آهي، پر پوءِ به سنڌي اديبن اوهان کي ايتري مڃتا نه ڏني، جنهن جا توهان مستحق آهيو؟
    جواب: مون هينئر تائين، توهان جي سوالن جا جيڪي جواب توهان کي ڏنا آهن. انهن ۾ ڪوبه تڪلف ۽ تڪليف مون ڪانه ڪئي آهي. نه انهن ۾ پنهنجي ڪا علمي لياقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي نه مصنوعيت کان ڪم ورتو آهي، نه پاڻ پسنديءَ جو اظها رڪيو آهي. مون پنهنجي ٻوليءَ جي روزمره جي ڳالهه ٻولهه مطابق تُز ۽ سڌا سنوان جواب ڏنا آهن، ڪابه هيرڦير انهن ۾ نه ڪئي آهي، جيئن عام طرح سان پنهنجي گهر/ پنهنجي دوستن ۾ فري ٿي ڳالهائبو آهي، ائين ئي اوهان سان به ڳالهايو آهي. ۽ اوهان جي اڳلن سوالن جا جواب به ساڳي طرح بلڪل سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، خبر ناهي منهنجي ڳالهائڻ جو اِهو انداز توهان کي وڻندو يا نه/ قبول ڪندءُ يا نه! پر منهنجي مجبوري اِها آهي ته:

    ”ڏينهُن: جنهن ۾ نه سچ چيم ڪنهن کي،
    مون تي آثم! عذاب ٿي گذريو“

    مڃوتي (مڃتا) اوهان الائي ڇاکي ٿا چئو؟ مان ته سمجهان ٿو/ بلڪ مان مطمئن آهيان ته منهنجي پوري سنڌ ۾ ”گجو (لاڙ) کان وٺي گهوٽڪي“ (سيرو) تائين کوڙ ساري مڃتا آهي. مون کي پيار سان پڙهيو وڃي ٿو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي. اوهان دادوءَ جا رهاڪو آهيو، ته ڇا دادوءَ جا سڀ اديب/ليکڪ مون کي/ منهنجي شاعريءَ کي ڪونه ٿا مڃن؟ اهڙي طرح توهان سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ وڃو، منهنجي شاعريءَ بابت معلومات وٺو/ ادبي برادريءَ کان راءِ وٺو. مون کي يقين آ ته سڀ اوهان کي مون بابت بهترين راءِ ڏيندا. انفرادي طور تي اوهان شمشير الحيدريءَ کان پُڇو/ امداد حسينيءَ وٽ وڃو/ تاجل، تاج بلوچ، سرڪش سنڌي، ادل سومرو، اياز گل وغيره جهڙن اديبن کان به راءِ وٺي ڏسو، سڀ منهنجي شاعريءَ بابت مثبت راءِ ڏيندا. ۽ هيءُ جو سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان مون وٽ هزارن جي تعداد ۾ خط پهتل آهن/ پهچندا رهن ٿا، ته اُهي ڪي اجايا ته نه هوندا نه! انهن ۾ به منهنجي شاعريءَ لاءِ سُٺا رايا ئي ته آهن، ته ڇا اِها مڃوتي ناهي؟ باقي اديب ويچارا (ڪن ٿورن کان سواءِ) سڀ غريب لڏو آهن، سي مون کي ڪار يا بائيڪ ته ڪونه وٺي ڏيندا نه، بنگلو يا ماڙي، ته نه ٺهرائي ڏيندا نه! هونءَ به ڪنهن شخص يا ان جي فن جي سُٺي – ڪسي هجڻ جي خبر ته تڏهن پوندي نه، جڏهن ان بابت ڪو ماڻهو/ ڪن ماڻهن کان پڇي ڏِسندو. ائين ته ماڻهو/ اديب شهر ۾ منادي (پڙها) ته ڪونه ڏيندا وتن نه.
    ها! البت هڪ مخصوص ٽولو آهي، جن جو هڪ نانيءَ ويڙهو ٺهيل آهي، اهي پنهنجي لکيڻين ۾ رڳو هڪ ٻئي جي تعريف لکندا آهن، پر انهن کان به اوهان زباني طرح منهنجي لاءِ/ منهنجي شاعريءَ لاءِ پُڇندا ته اُهي به سُٺن خيالن سان/ سهڻن لفظن ۾ منهنجو ذڪر ضرور ڪندا، ته صحبت صاحب! مون کي ان طرف کان ڪابه کوٽ محسوس ڪانه ٿي ٿئي، باقي جيڪڏهن مڃتا مان اوهان جي مراد آهي ڪتابن جو ڇپجڻ ته پوءِ ان پاسي کان مان اڃا تائين واقعي به محروم آهيان.
    سوال: وفا جا اوهان وٽ خط آهن، ان لاءِ مون به اوهان کي پيشڪش ڪئي ته اهي خط ڏيو ته جيئن سڀ سهيڙي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇپائجن، توهان جو وفا سان اختلاف به رهيو. ان تي ڪجهه نظر ثاني ڪيو؟
    جواب: مون اوهان کي ان ڏينهن ٻڌايو هئو ته مون وٽ وفا جا تقريباَ 150 خط آهن ۽ اُهي وفا جي انهن خطن مان چونڊيل آهن، جيڪي ڪافي تعداد ۾ مون کي پهتا هئا. انهن کي مون تاريخ ۽ مهيني وار ترتيب ڏئي هڪ ڪتاب (مسودي) ۾ اُتاري رکيا آهن، انهيءَ ڪتاب جو نالو به مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان تي مهاڳ به لکيو آهي.
    مون اوهان کي چيو هئو ته سڀ خط، جيئن ڪتابي صورت ۾ مون وٽ موجود آهن، تئين ئي اوهان بيشڪ کڻي وڃي ڇپرايو، انهن ۾ مان گهٽ – وڌائي ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ٿو ڏئي سگهان، پر اُهو ڪتاب لڳ ڀڳ ساڍا ٽي – يا چار سو صفحن جو آهي، اکر ڪاغذ جي ٻنهي پاسي لکيل آهن، ۽ انهن ۾ اختلافي ڳالهين تي مون به وڏا وڏا فُٽ نوٽ لکيا به آهن، انهن خطن مان ڪي خط وفا جي هٿ اکرن ۾ لکيل 15 کان 25 صفحن جا به هئا، جن کي مون پنهنجي اکرن ۾ سميٽي/ سوڙهو ڪيو آهي، نه ته اهو مسودو پنج- ڇهه سو صفحن جو ٿي وڃي ها. مان اهو مسودو توهان کي ڇپائڻ لاءِ ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو هئو/ نه ڪيان ٿو پر اهو جيئن ترتيب ڏنل آهي، تيئن ئي ڇپجڻ گهرجي، هڪ تجويز اها به آهي ته اهو ڪتاب ٻن حصن ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.
    وفا هينئر اسان ۾ موجود ڪونهي، خدا مرحوم کي جنت نصيب ڪئي هوندي! ان سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر مون کي وفا سان ڪابه ذاتي رنجش يا ڪدورت اڄ به ڪانهي/ اڳ ۾ به ڪانه هئي، باقي جيتري قدر اختلافن جو سوال آهي ته، اُهي ته وفا جا خط پڙهڻ ۽ انهن تي منهنجي اختلافي/ وضاحتي نوٽن جو مطالعي کان پوءِ، ڪنهن کي (اوهان کي به) پتو پوندو ته معاملو (معاملا) ڪهڙو هئو (۽ ڇو هئا). بهرحال اهو ضخيم ڪتاب ڇاپڻ چاهيو اٿم، جي بسم الله.
    سوال: اوهان ڪافي عرصي کان بيمار آهيو - ڇا، ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي وارن، سنڌي لينگويج اٿارٽي وارن، سنڌي ادبي بورڊ وارن يا وري سنڌي ادبي سنگت وارن اوهان جي ڪا سار لڌي آهي؟
    جواب: آءُ پاڻ ڪنهن جي دَر تي سوالي بڻجي ڪونه ويو آهيان، ته منهنجي مدد ڪئي وڃي، منهنجي دوستن/ همدردن/ قدردانن اهڙيون ڪوششون پنهنجي مرضيءَ سان ازخود ئي ڪيون آهن: سنڌي ٽي – وي چينل K.T.N جي مهربان دوستن (خاص ڪري صفدر کوهاري) ڏاڍي ڪوشش ورتي ٻه – ٽي دفعا منهنجي بيماريءَ جي خبر نشر ڪيائون. هڪڙو اٺن – ڏهن منٽن جو پروگرام به ان حوالي سان ٽيليڪاسٽ ڪيائون، روزاني سنڌي اخبار ”خبرون“ جي ايڊيٽر محترم ظهير ميراڻيءَ، اخبار ۾ تصويرن سان خبرون هلايون، ايڊيٽوريل لکيا، اديبن، شاعرن ڪالم به لکيا، خط به پهتا، هڪ مڪمل فائيل بڻيو ۽ اهو سنڌ جي وزير اعليٰ جناب ارباب غلام رحيم وٽ پيش به ٿيو، وزير اعليٰ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال ۾ موڪلڻ به چاهيو، پر منهنجو جيئن ته جناح اسپتال ۾ ڇهن – ستن مهينن کان علاج ٿي رهيو آهي، ان لاءِ مون کي مالي امداد جي ضرورت آهي، ٻي اسپتال ۾ منتقل ٿيڻ سان وري ٻه ٽي مهينا نيون ٽيسٽون ڪرائڻيون پونديون ۽ انهن جون رپورٽون حاصل ڪرڻيون پونديون، جناح مان به نڪري اچجي هتي به وقت لڳي وڃي تيستائين منهنجو الائي ڪهڙو حال ٿئي. K.T.N وارا ويچارا ته ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبه سان به مليا ۽ مون لاءِ مالي مدد جي درخواست به ڪيائون، انهن ثقافت کاتي وارن ته پُڇيو ئي ڪونه ته ڪيئن آهين.
    هوڏانهن منهنجي پياري ساٿي، اياز جانيءَ، منهنجي بيماريءِ سان لاڳاپيل سڄي فائيل جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي، سنڌي ادبي سنگت (مرڪزيءَ) جي سيڪريٽري جنرل محترم تاج جويي جي حوالي ڪيون، تاج به جانيءَ کي دلاسا ڏنا، پر ٿيو اڄ تائين ڪجهه به ڪونه، انهي سال جي عرصي ۾ بيماريءَ تي پنهنجا اندازَ ٻه لک کن رپيا خرچ اچي ويا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ٽي سؤ روپيا روزانه خرچ آهي، هاڻي ته ٿڪجي پيا آهيون/ کُهجي پيا آهيون، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ وارن جي ته ڪَن تي جُون ئي ڪانه چُري آهي، توڙي جو اخبارن ۽ ٽي ويءَ چينلن تان اهڙيون خبرون به نشر ٿي چڪيون آهن. پر هو جو چوندا آهن ته:
    ”ڀَر ۾ مَري ڀاءُ ته ٻاجهه نه ٻُرڙي کي پوي.“ واري ڪارِ آهي يا ٻين لفظن ۾ ائين ته: هَڻُ ته گُٿو آنءِ!“
    سوال: اوهان پنهنجي بيماري جي سلسلي ۾ ڪنهن ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو آهي. اوهان کي ڪهڙي بيماري آهي ۽ ان تي ڪيترو خرچ ايندو؟
    جواب: مون هڪڙي ڊاڪٽر سان نه، لياري جنرل اسپتال ۾ ڪُتيانه ميمڻ اسپتال/ سول اسپتال کان ويندي جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن کان چيڪ اپ/ ٽيسٽون ڪرايون آهن. آخر جناح اسپتال جي ريڊيو ٿراپي (برقي شعا) واري شعبي ۾ ڊاڪٽرن ڳلي جو ڪينسر ڪنفرم ڪيو آهي ۽ اُن جو علاج ڪن پيا، اهو علاج ٿي سگهي ٿو عام/ سادو علاج هجي، ۽ ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ لاءِ ڪو ٻيو علاج هجي، بهرحال مون چيو نه ته هينئر تائين ٻه – اڍائي لک رپيا خرچ ٿي ويا آهن. اڳتي لاءِ جو ڪو اندازو ڪونهي ته ڪيترو عرصو علاج هلندو ۽ ان تي اڃا ڪيترو وڌيڪ خرچ لڳندو؟ شفا نصيب ٿيندي يا راهه رباني وٺڻي پوندي! هونءَ اها واٽ ته روان – دوان آهي، هڪڙي ڏينهن وڃڻو ته پوندو ئي پاڻ کي به!
    مَرڻ ناهي مِهڻو، پرڻو ناهي گار،
    ڌڻي نگهبان!
    سوال: اوهان جي زندگي جو اڻ وسرندڙ واقعو؟
    جواب: مينهوڳيءِ جي مُند ۾، مينهن وسي بس ٿيڻ کان پوءِ جهرڪڙيون ويچاريون، وڻن مان اٿي اينديون هيون، گهرن ۾ چوڻو – پاڻي تلاش ڪرڻ. گهرن جي چوڌاري ڏنل لوڙهي تي جهرڪين جا ولرن جا ولر اچي ويهندا هئا. (ٻهراڙي ۾ گهرن جي چوڌاري پناهه ۽ حفاظت لاءِ ڊنگهرن جا لوڙها ڏنل هوندا آهن). هڪ دفعي گهر – آڳُر تي جهرڪين جو ولر چُڳي رهيو هئو، ته مٿان ”باز“ جهاٽو هنيو، هڪ جهرڪيءَ جي مُنڍي پٽجي وئي اها چنبن ۾ کنيون هليو ويو (باز جي چنبن ۾ تمام طاقت هوندي آهي) ۽ هيٺ ڌَڙُ ڏَڪي ڏَڪي چپ ٿي ويو. مون کي ڏاڍو ايذاءُ پهتو ۽ رحم آيو ان جهرڪيءَ تي، سوچيم، ويچاريءَ جا ٻچڙا هوندا الائي ڇا! انهن جو ڇا ٿيندو!؟ اهو واقعو مون کان اڃا تائين نه وسريو آهي/ نه وسري سگهندو.
    هونءَ ان کان اڳ: هڪ ڪانو به هڪ جهرڪيءَ جو اڻ – اڏامڪ ٻچڙو جهٽيو هئو ۽ ان ٻچڙي ڏاڍيون دانهون ڪيون هيون، پر مان يا ڪو ٻيو به ان ٻچڙي کي بچائي نه سگهيو هئو. تڏهن مون هڪ غزل ۾ هيءُ شعر لکيو هئو:

    ”ڪانو جَهَٽيو جهرڪئي جو ٻچڙو،
    چير ڏئي وئي ”چين – چين“ هُنجي.“

    سوال: هيئنر سنڌي ٻولي سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ ڇا ٿيندو؟
    جواب: سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ڪابه جاڙ برداشت ڪرڻ واري هر شخص کي مان حلالي ٻار نه چوان ته ڪنهن کي به ڪاوڙ نه لکڻ گهرجي. سنڌي ٻولي اسان جي امڙين جي، اسان کي ٻاروتڻ جي عمر ۾ ڏنل لولي آهي. اها لولي ڪهڙو نڀاڳو ماڻهو وساري ويٺو هوندو؟ ڪوبه نه! جي وساريندو ته خدا ان کي پنهنجو نه ڪندو!! هونءَ سنڌ ڌرتيءَ تي اڳ ۾ به غدار جنم وٺندا رهيا آهن، هاڻي به منهنجي اک ڏسي پئي ته:

    ”سنڌ سُهاڳڻ! توکي ڀي، ڪي –
    سسئيءَ وارا ڏير مليا هِن“

    الله سائين ڪندو، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا مندا ڪڏهن به سُک نه ماڻيندا!
    سوال: پڙهندڙ لاءِ پيغام
    جواب: امن ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙِو، ايٽمي اوزارن جي ايجادن ۽ جنگين/ جهيڙن جي مخالفت ۾ سر – ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏيو. پاڻ به خوش رهو، ٻين کي به خوش رهڻ ڏيو. ڪنهن به آدميءَ جي حقن تي ڌاڙا نه هڻو، ڪنهن به جيون/ ۽ جيو کان خوشيون کسڻ لاءِ ڪڏهن به نه سوچيو/ نه سوچجو!! مسڪينن/ محتاجن جي سار – سنڀال لهندا رهو، دعائون کَٽو/ کٽندا رهو!.


    ترائيل

    ڪنهن جي معصوم دل جي اجڙي ٿي،
    هو مٿان آسمان ڦاٽي ٿو،
    ۽ هتان هي زمين اجڙي ٿي،
    ڪنهن جي معصوم دل جي اجڙي ٿي.

    هاڻي ڇاٿو ڳولهين رک ۾؟
    باهه لڳائي منهنجي گهر کي،
    دم نه رهيو آ ڪنهن به ڪک ۾،
    هاڻي ڇاٿو ڳولهين رک ۾؟

    تون سياڻي مان چريو آهيان،
    منهنجو توسان مقابلو نه آهي،
    تنهنجي کارڻ تي مان خريو آهيان،
    تون سياڻي مان چريو آهيان.


    محسن ڪڪڙائي

    غزل

    جسم جي معجزي جون چند گهڙيون،
    ساري دنيا جون دل پسند گهڙيون.
    موٽ ۾ هن ڏنيون مٺيون مُرڪون،
    مون جو آڇيون نياز مند گهڙيون.
    پر لڳا ها گُداز جذبن کي،
    عشق آيو کڻي بلند گهڙيون.
    منهنجي تاريخ منهنجو سرمايو،
    ذهن جي ڪيميرا ۾ بند گهڙيون.
    جيڪي گذرن حسين ماڻهن سان،
    سيئي محسن جون من پسند گهڙيون.


    BRIEF INTRODUCTION
    محسن ڪڪڙائي
    (1937-2005)


    پورو نالو: سيد نياز علي شاهه
    ادبي نالو: مُحسن ڪڪڙائي
    ولديت: سيد احمد شاهه
    جنم تاريخ: 4 جولائي 1937ع وفات: 2 اپريل 2005ع.
    جنم هنڌ: ڪڪڙ – تعلقه خيرپورناٿن شاهه – ضلعو دادو
    تعليم: ايم.اي. بي. ايڊ – اديب سنڌي ۾ اديب عالم ۽ فاضل
    ڇپيل ڪتاب: 1. اُمنگون 2. سونهن جي ساڃهه 3. ليليٰ جا خط 4. سوريءَ چڙهيو سچ. 5. ڪنهن جي مٽ ميار
    سال 1937ع ۾ دادوءَ ضلعي جي شهر ڪڪڙ ۾ جنم وٺندڙ سيد نياز علي شاهه محسن ڪڪڙائيءَ جي نالي سان سڃاڻپجڻ لڳو. ڪيترن ئي ڪتابن جي خالق محسن ڪڪڙائيءَ جو شاعري ۾ هڪ الڳ مقام آهي. هونئن ته محسن ڪڪڙائيءَ شاعريءَ جي مڙني صنفن کي ڇهيو آهي، پر غزل سندس سڃاڻپ آهي، انتهائي نرم مزاج محسن ڪڪڙائي نه رڳو شاعري پر نثر تي به چڱي خاصي طبع آزمائي ڪئي آهي. هن دنيا جي مختلف ٻولين جي ادب کي تمام گهڻو پڙهيو آهي. پر سال 2005 ۾ هي ڀلوڙ شاعر اسان کان وڇڙي ويو. هي انٽرويو سندس ايام زندگي ۾ ورتو ويو هو. محسن اڄ هن دنيا ۾ ناهي پر سندس تخليقون اڄ به سندس ياد کي تازو ڪيو ٿيون اچن. اچو ته محسن جو انٽرويو پڙهون.

    سوال: محسن صاحب! شاعريءَ طرف ڪيئن لاڙو ٿيو؟
    جواب: شاعري ڄڻ مون کي ورثي ۾ ملي، ڇو ته منهنجو والد صاحب به شاعر هو، مان ننڍي هوندي اسڪول ۾ گيت به ڳائيندو هيس. ان کان پوءِ منهنجي ملاقات حافظ احسن چنا سان ٿي ۽ شاعري ان کان سکيس.
    سوال: اڄ جي اديبن ۾ تنقيد جي سهپ گهٽجي ڇو وئي آهي؟
    جواب: اديبن ۾ ڏات ته آهي پر ڏانءُ ڪونهي، علم گهٽ آهي، انهيءَ ڪري اهي جائز تنقيد برداشت نه ٿا ڪن ۽ منهنجو ذاتي خيال آهي ته توهان مون تي ڀل جائز تنقيد ڪريو ۽ مان برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.
    سوال: حسن توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
    جواب: حسن منهنجي نظر ۾ خدا جو جلوو آهي.
    سوال: شاعري ته قدرتي ڏات آهي پوءِ ان لاءِ استاد ضروري ڇو آهي؟
    جواب: اهو ان لاءِ ضروري آهي: جيئن سونَ هڪ قيمتي ڌاتو آهي جيڪڏهن ڪو سٺو ڪاريگر/ سونارو ڪو هار ٺاهي ٿو ۽ اهو هار ڪنهن سهڻي ڳچيءَ جو سينگار بڻجي ٿو پوءِ وري اهڙي طرح منڊي ٺاهي ٿو. چوڙيون ٺاهي ٿو، ته سون وڌيڪ نکرجي ٿو. ائين ڪنهن ماڻهوءَ جا خيال سٺا آهن پر شاعريءَ جي فن کان پري آهي ته پوءِ ان کي شاعر مڃبو ئي ڪونه، هونئن به دنيا ۾ اهڙي ڪابه شيءِ نه آهي جيڪا ڪنهن سيکارڻ واري کان سواءِ سکي سگهجي.
    سوال: زندگي توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
    جواب: زندگي منهنجي نظر ۾ مٺي به آهي ڪڙي به آهي، آسان به آهي ته مشڪل به.
    سوال: ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڀارت ۾ توهان جي شاعري مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪئي وئي آهي. ڇا اهو صحيح آهي ۽ اهي ٻوليون ڪهڙيون آهن؟
    جواب: اهو بلڪل سچ آهي، هندستان ۾ 14 ٻوليون سرڪاري طور تسليم ٿيل آهن جن ۾ هندي، تامل، تلگو، سنڌي، گجراتي، مليالم، پنجابي وغيره اچي وڃن ٿيون ۽ منهنجي شاعري انهن ٻولين کان علاوه ٻين ڪيترن ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي آهي.
    سوال: ڇا اوهان وٽ ان جو رڪارڊ وغيره آهي؟
    جواب: نه ادا، مون وٽ ڪا به اهڙي شيءِ نه آهي، پر مون کي دوستن جي واتان ٻڌايو ويو ته منهنجي شاعري 14 ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.
    سوال: جيئن ته توهان جي هم عمر شاعرن شهرت گهڻي ماڻي، جيئن شيخ اياز، استاد بخاري وغيره؟
    جواب: شيخ اياز کي تمام گهڻا ساٿي مليا هئا، جن سندس ڪتاب ڇپرائڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي ورتي، اهڙي طرح استاد جا ڪتاب به ان جي چاهيندڙن ڇپريا، مون سان اهومسئلو آهي ته مان هڪ ڳوٺ ۾ رهان ٿو ۽ هو شهرن ۾ رهندا هئا، جڏهن ته مون کي اڄ تائين ڪوبه اهڙو ساٿي نه مليو آهي جيڪو منهنجا ڪتاب ڇپرائي.
    سوال: محسن صاحب! ٻڌو آهي ته توهان شيخ اياز کي هڪ ڇوڪريءَ جي نالي سان خط لکيا هئا، ۽ اهي بعد ۾ ڪتاب ”شيخ اياز هڪ عاشق شاعر“ جي نالي سان ڇپرايا ويا آهن. ڇا اها ڳالهه صحيح آهي؟
    جواب: اها ڳالهه بلڪل غلط آهي، اهو مون مٿان اجايو الزام آهي. باقي شيخ صاحب کي علي محمد گاڏهي (مينڌري گاڏهي) جي فرضي نالي سان خط لکيا ويا هئا. جيڪي خط مون کي مرحوم علي محمد گاڏهي جي ڀاءُ رئيس خان محمد گاڏهي ڏنا هئا، اهي خط منهنجي وڏي پٽ انجنيئر اعجاز محسن هاشميءَ کان جامي چانڊئي پڙهڻ لاءِ ورتا هئا. جنهن کان پوءِ اهي خط ناز سنائي صاحب کي هٿ آيا. جنهن اهي خط ڪتابي صورت ۾ آڻي ڇڏيا. حقيقي ڳالهه اها ئي آهي.
    سوال: توهان جي نظر ۾ عورت ڇا آهي؟
    جواب: عورت خدا جي خوبصورت تخليق آهي، عورت نه هجي ها ته هن دنيا ۾ ڪجهه به نه هجي ها.
    سوال: توهان جي نظر ۾ پيار ڇا آهي؟
    جواب: پيار ماڻهوءَ جو پنهنجو پاڇو آهي، پيار ڪائنات جي تخليق جو سبب آهي، پيار کان سواءِ ماڻهو اوڳو ۽ موڳو نظر ايندو آهي.
    سوال: هيستائين اوهان ڪيترن مجموعن جي شاعري ڪري چڪا آهيو؟
    جواب: منهنجي شاعري جا تقريبن 4-3 مجموعا ٿي چڪا آهن. پر جيئن ته هڪ سٺي پبلشر جي نه ملڻ ڪري منهنجي شاعري جا مجموعا عام ماڻهن جي هٿن تائين پهچي نه سگهيا آهن، جڏهن به ۽ جيئن ئي ڪو سٺو پبلشر منهنجي شاعري کي ڇپرائڻ لاءِ تيار ٿيندو ته ڪتاب ان کي ڏئي ڇڏبا ۽ تازو منهنجو شعري مجموعو ”سونهن جي ساڃاهه“ منظر عام تي اچي چڪو آهي.
    سوال: توهان شاعريءَ جي ڪهڙي صنف کي پسند ڪيو ٿا؟
    جواب: مان غزل کي گهڻو پسند ڪندو آهيان ۽ غزل ئي منهنجي سڃاڻپ آهي، شاعري جيڪڏهن اک آهي ته مان غزل کي اک جي ماڻڪي سڏيندو آهيان، وائي کي سنڌي ادب جي ڪنوار سمجهندو آهيان، غزل مرد جي جذبن جي نمائندگي ڪندو آهي، جڏهن ته وائي عورت جي جذبن جي نمائندگي ڪري ٿي، اهڙي طرح وري اردو ۾ گيت، ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار نٿوڪري سگهي ته غزل ئي سڀني صنفن کان ڏکي صنف آهي، پر مان ته ائين چوندس ته هڪ سٺو شاعر ئي هر صنف تي لکي سگهي ٿو.
    سوال: هڪ سٺي غزل جون ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
    جواب: هڪ سٺو غزل جنهن ۾ نه رڳو غم جانان هجي، پر غم دؤران به هجي. ڇو ته شاعري آهي ئي اشارن جي ٻولي ۽ ان لاءِ ان ۾ فني بندشون تمام ضروري آهن، هتي بندش کان سواءِ غزل، غزل نٿو چئي سگهجي، غزل لاءِ ائين چوندس ته غزل ئي سڀني صنفن جو روح آهي.
    سوال: اوهان ڪهڙين ادبي تنظيمن ۾ سرگم رهيا آهيو؟
    جواب: مان ڪافي ادبي تنظيمن ۾ سرگرم رهيو آهيان، انهن ۾ بزم طالب به هُئي، جيڪا مرحوم محمد صادق طالب جي نالي 63-1962 ۾ ٺاهي وئي هئي.
    سوال: اوهان جي شاعري ڪرڻ جو محرڪ عشق هو يا ٻيو ڪجهه؟
    جواب: اها حقيقت آهي ته ڪافي تعداد ۾ اهڙا شاعر آهن، جن جي شاعري ڪرڻ جو محرڪ عشق ئي رهيو آهي ۽ منهنجي شاعري جو محرڪ به عشق آهي. پر اصل ۾ مون کي ننڍي هوندي کان ئي راڳ رنگ سان لڳاءُ رهندوهو. ان ڪري منهنجي شاعري جو تعلق عشق سان نه آهي.
    سوال: سونهن اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
    جواب: عام چوڻي آهي ته سونهن ماڻهن جي اکين ۾ هوندي آهي، منهنجي شاعري پوري سونهن جي حوالي سان ڀري پئي آهي، جيڪڏهن خدا آهي ۽ خدا کي مڃون ٿا ته خدا جو جلوو ئي سونهن آهي. منهنجا سونهن لاءِ شعر آهن ته:

    ترسجو مان حسن کي چاهي وٺان،
    زندگيءَ جو قرض آ لاهي وٺان.
    زندگيءَ جو سرور سمجهون ٿا،
    سونهن کي رب جو نور سمجهون ٿا.
    سونهن ڏسندي سرور ملندو آ،
    ڄڻ ته انڌي کي نور ملندو آ.

    سوال: هڪ شاعر جي حيثيت ۾ اهو ٻڌايو ته هي ڪاسٽ ۽ ڪلاس سسٽم وارو معاشرو اسان کي ڪيتري قدر مهانگو پيو آهي؟
    جواب: ادا انهن ئي ته اسان کي ساڙي ماريو آهي، مون کي ڏک آهي ته اسان جا ماڻهو اڃا تائين اهڙي ڪريل سوچن مان نه نڪري سگهيا آهن، پر مان اهڙين ڳالهين جو بلڪل قائل ناهيان، مان ته ٻالي (سوئيپر) سان به هٿ ملائي ڀاڪر پائي ملڻ لاءِ تيار آهيان ۽ ملندو آهيان، انهن سان گڏجي ماني به کاڌي آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٽوڪيندو آهي ته ان کي ويهاري آسانيءَ سان ڪلاڪ کن ليڪچر ڏيندو آهيان ۽ ان جي ذهن مان گند ڪڍندو آهيان، هو به آخر انسان آهي ۽ انسان کان ڪهڙي نفرت.
    سوال: اسان جي معاشري ۾ مير، پير، شاهه ۽ مڙني مٿين طبقن سان لاڳاپيل فردن بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    جواب: اها حقيقت آهي ته اسان کي مظلوم بڻايو ئي اهڙن ماڻهن آهي، سنڌي قوم تي انهن ظالمن ڏاڍا جبر ڪيا آهن ۽ قوم کي پوئتي ڌڪڻ ۾ انهن جو وڏو هٿ آهي، ليڪن اهو سڀ ڪجهه هاڻي انهي ليول تي نٿو ڪري سگهجي، جيڪو 25-30 سال اڳ ۾ هو. تعليم وڏو انقلاب آندو آهي، وڏيرن، جاگيردارن جو هينئر اهو دٻدٻو بلڪل ناهي رهيو، هيئنر هر ماڻهوءَ کي انهن جي ڪنن ڪرتوتن جو پتو پئجي چڪو آهي، وڏيري جو کيل ختم ته بلڪل ناهي ٿيو، ليڪن ايندڙ ڪجهه سالن ۾ انهن جو اهو رهيل کيل به پڄاڻيءَ تي اچي ويندو. جڏهن کان ڳوٺن ۾ اسڪول کليا آهن، تڏهن کان جهالت جي اونداهي ۾ روشني جا چراغ ٻريا آهن.
    سوال: ڇا اسان جو نظم سياسي تحريڪن جي پيداوار آهي؟
    جواب: توهان بلڪل صحيح چيو آهي، ان حوالي سان ڪافي شاعري ڪئي به وئي ۽ ٿيندي به رهندي، خاص ڪري نظم، سياسي تحريڪن جي پيداوار ئي آهي، جنهن ۾ اياز صاحب معاشري ۾ ذهني تبديلي آڻڻ پيو چاهي، پر نه آئي، نظم به تبديلي نه آڻي سگهيا. ليڪن اسان ائين نٿا چئي سگهون ته نظم واري شاعري سٺي نه آهي، نظم تمام سٺا لکيا ويا آهن ۽ لکجندا رهندا، پر معاشرتي ڍانچي کي بدلائڻ لاءِ وقت لڳندو.
    سوال: اسان وٽ ترقي پسند ۽ رجعت پسند ٻه ادبي محاورا آهن، اوهان واضح ڪري ٻڌايو ته اديب ۽ شاعرن ۾ اها واضح ڪهڙي لڪير آهي، جنهن سان هو رجعت پسند ٿئي ٿو يا ترقي پسند؟
    جواب: رجعت پسندي کي مان جاهليت سمجهان ٿو. شاعري ته اها آهي ته توهان ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪريو، ماڻهن جي مسئلن جي ڳالهه ڪريو ۽ ماڻهن جي اندر جي ڳالهه ڪريو.
    سوال: توهان ڪهڙين ٻولين جو ادب پڙهيو آهي ۽ ڪهڙن موضوعن تي؟
    جواب: مان سنڌي، اردو، انگريزي ۽ فارسي ٻولين جي ادب جو مطالعو ڪيو آهي، جنهن ۾ منهنجي پسند جو موضوع دين، تاريخ، فلسفو ۽ سيڪس وغيره اچي وڃن ٿا.
    سوال: پڙهندڙ لاءِ ڪو پيغام؟
    جواب: مطالعي سان محبت ڪريو ۽ سٺي صحبت ۾ رهو، سونهن سان دل لڳايو.

    سونهن ته منهنجي سانئڻ آهي
    باقي دنيا ڏائڻ آهي.

    ڇڏيو حسن جي هڪ جهلڪ ڏسي ته وٺان،
    خدا جو نور اکين سان چمي ته وٺان.

    غزل

    اسان تي پاڪ صحيفي مثال پيار لٿو،
    جهان سونهن سان آباد ٿيو، ڏڪار لٿو.
    گهڻو گهڻو اڳ هڪ شڪل بي مثال ڏٺم،
    اڃا به ذهن تان ناهي اهو خمار لٿو.
    ڳڀا ڳڀا ٿي وئي، پر نه پنهنجي ضد تان لٿي،
    چون ٿا، سر ڏئي، ڦاسيءَ تان هو ڀتار لٿو.
    سڄي ڄمار وئي، ٻن ڌڪن ۾ پوري ٿي،
    نه ڪائي آس پُني ۽ نه انتظار لٿو.
    گهڙيءَ گهڙيءَ جا جهلي گهاو پيو جئي محسن،
    تڏهن به دل تان وفا جو نه ٿس بخار لٿو.


    تاجل بيوس


    BRIEF INTRODUCTION
    تاجل بيوس
    (1938-2008)

    پورو نالو: تاج محمد سمون
    ادبي نالو: تاجل بيوس
    ولديت: مرحوم محمد جعفر (لاڏاڻو 1946ع)
    ماءُ جو نالو: پناهه خاتون (لاڏاڻو 1990ع)
    جنم تاريخ: 22 سيپٽمبر 1938ع وفات: 13 ڊسمبر 2008ع.
    جنم هنڌ: درگاهه پير حيات شاهه، تعلقو صوڀو ديرو، ضلعو خيرپور.
    تعليم: ايم-اي، (اڪنامڪس) سنڌ يونيورسٽي
    ڇپيل ڪتاب سنڌي:
    1. جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) 2. انبن جهليو ٻور (نثري نظم) 3. سنڌ منهنجي امان (شاعري) 4. ڪاڇي مٿان ڪونج (نثري نظم) 5. ڪنڌيءَ ڪوئنر ترن (شاعري) 6. ڪنڌيءَ اڪ ڦُلاريا (شاعري)7. ڏور به اوڏا سپرين (سفرنامو) 8. صحرا سترجن (ٿر بابت شاعري) 9. ڏوريان ڏوريان م لهان (ڇپيل نون ڪتابن جو شعري مجموعو) 10. وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز ۽ تاجل بيوس جي شاعري) 11. آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي مهربانن جا تاجل بيوس ڏانهن لکيل خط) 12. اديون! ڙي اوهان ڇا ڏٺو (سفرنامو) 13. چپ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سوءُ غزل) 14. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي – ڀاڱو پهريون) 15. ڏس سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي ڀاڱو ٻيون) 16. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي ڀاڱو ٽيون) 17. سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي سلوڪن مان جوڙيل 52 وايون ۽ بيت) 18. سج چنڊ تارا ڪتيون (ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون) 19. پکي ساڳي پار جا (شيخ اياز ۽ تاجل بيوس جي شاعري) 20. سون سريکا چار سين (نثر۽ شاعري) 21. جهجان پسي جهوڪ (ڪهاڻين جو مجموعو) 22. سرجيندڙ ساڻيهه جا (500 بيت) 23. انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ، 24. تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سوءُ غزل).
    ڇپيل ڪتاب اردو:
    1. انداز بيان اور (غزل) 2. سرخ گلابون ڪي موسم ۾ (سنڌي شاعري جو نثري ترجمو) 3. انداز بيان اور (سيڪنڊ ايڊيشن).
    ڇپائي هيٺ ڪتاب:
    1. شاهه جي ٿر جي تاريخ، 2. شاهه ۽ شاهه جي شاعريءَ جو تاريخي پس منظر، 3. سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو، 4. هارمونيم ۽ راڳ سکڻ جو رهنما، 5. تاجل بيوس جون هڪ سوءُ ڪافيون ۽ ڏوهيڙا، 6. آڇيندي لڄ مران (اخباري ڪالم ڀاڱو پهريون).
    اڻڇپيل ڪتاب:
    1. آڇيندي لڄ مران (اخباري ڪالم – ڀاڱو ٻيون) 2. سونهن، سڳنڌ جا سرجڻهار (شعري ۽ نثري مجموعن جا مهاڳ) 3. سج چند تارا ڪتيون (ادبي، سماجي ۽ سياسي شخصيتون – ڀاڱو ٻيون) 4. آڇيندي لڄ مران (اخباري ڪالم – ڀاڱو ٽيون) 5. The flowery Pictures of my pen Work 6. ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪهاڻي – ڀاڱو چوٿون) 7. هند جا سنڌي شاعريءَ جي آئيني ۾ 8. تحقيقي اڀياس (سنڌ ۽ عالمي صورتحال) 9. پُسيون گُولون، پلڙا) (نثري نظم) 10. آڇيندي لڄ مران (اخباري ڪالم ڀاڱو چوٿون) 11. هٿ توريت جي ورقن جهڙا (شاعري) 12. زلف زبور جي اکرن جهڙا (شاعري)
    ڪتابن جو ڪل تعداد:
    45 ڪتاب (ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل)
    مڃتا ايوارڊ:
    1. فرسٽ آدمجي ميڊل 2. ڪينجهر ايوارڊ (1994) 3. نارائڻ شيام ايوارڊ 4. سگا گولڊ ميڊل 5. پروفيسر رام پنجواڻي ميڊل 6. سگا گولڊ ميڊل.
    (13) ڏور به اوڏا سپرين (شاهه، اياز ۽ تاجل بيوس تي ڀارت ۾ ڇپايل فلمي اسڪرپٽ)
    (14) (1) تاجل بيوس لئبريري، کمب (خيرپور) (2) تاجل بيوس ڪارنر، گل حيات انسٽيٽيوٽ خير محمد آريجا (لاڙڪاڻو) (3) تاجل بيوس اڪيڊمي، ڪراچي (4) ذولفي اينڊ بلاول لائبريري، ڪراچي.
    سرڪاري ۽ خانگي نوڪري:
    1. چيف ۽ رجسٽرار آف ڪمپنيز (گريڊ 20) منسٽري آف فنانس، فيڊرل گورنمينٽ 2. ائڊوائيزر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور 3. چيف ايگزيڪيوٽو (پبلڪ لميٽيڊ (پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني).

    سوال: تاجل صاحب! اوهان زندگيءَ جو ادبي سفر ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ٿيو؟
    جواب: منهنجي شاعر ٿيڻ جا سبب، پنهنجي ڳوٺ ۾سيدن جي هڪ روايتي درگاهه جو هجڻ آهي، جتي هر مهيني جي پهرئين سومر تي سڄي رات فقيراڻو ۽ صوفياڻو راڳ ڳايو ويندو آهي، صبح تائين نوجوانن ۽ پوڙهن جي وچ ۾ ويٺل پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هڪ ئي ڇوڪرو هوندو هو، جيڪو پوءِ تاج محمد سمي مان ڦري ”تاجل بيوس“ بڻجي ويو. جڏهن بابا سائين حيات هوندو هو ته صبح جو اکيون مهٽيندو ڪتاب کڻي اسڪول روانو ٿيندو هوس.
    1946ع ۾ بابا سائينءَ جي لاڏاڻي ڪري مجبوريءَ کان اسڪول ڇڏي، ڌنارڪي لٺ ڪلهي تي رکي، 3 سال ڪچي پڪي تي مينهون چارڻيون پيون، اهوئي سبب آهي جو ڪچي ۽ پڪي جي ڪري فطرت کي تمام ويجهڙائي کان ڏٺو اٿم. جيئن ته ڍنڍون، ڍورا، گڻنگون، واهه، جهانگيلي، باهڻي، درياءُ، واهڙ، وغيره وغيره.
    مان ڪچي ۽ پڪي جو ذاتي طور تي شڪر گذار آهيان، جنهن پنهنجي ٽن سالن سان گڏ، 30 سالن جي ڄمار تائين خوبصورتي ۽ فطرتي سونهن سوڀيا پسائي.
    جيئن ته ڳوٺ درگاهه پير حيات شاهه ۾ هڪ درگاهه آهي، ان ڪري جيڪي عقيدتمند، مريد ۽ خادم ايندا هئا. انهن سان ڪچهري ڪرڻ ڪري وٽانئن ڪيترائي ڏاهپ جا نقطا نصيب ٿيا. ائين کڻي چئجي ته اهڙين هيرن سان جهول ڀريندو رهيس.
    سوال: اوهان شاعري جي رهنمائي ڪنهن کان ورتي؟
    جواب: حڪيم الهندو جتوئي، منهنجو ادب ۾ استاد رهيو آهي، جنهن کي لطيف ۽ مرزا غالب جي حوالي سان هڪ جيئري جاڳندي تاريخ سڏيو ويندو هو ۽ ادب وچان تر وارا کيس استاد سڏيندا هئا. مون کي جيڪو ڪجهه پڙ پيو اهو سڀ جو سڀ حڪيم استاد الهندي جتوئي طرفان مليل سوکڙي آهي.
    ڇاڪاڻ ته استاد محترم مون کي ۽ درگاهه جي ننڍڙي حيات شاهه کي ننڍڙي هوندي ئي ڀٽائي جا سهڻا سُر جيئن ته، سُر سامونڊي، سُر سارنگ ۽ سُر کاهوڙي سمجهائيندو هو. منهنجو اَڄ به اهو عقيدو آهي ته ماڻهو ڪتابن کان وڌيڪ ڪنهن داناءَ يا ڏاهي وٽان گهڻو ڪجهه پرائي سگهي ٿو.
    Self knowledge is better than bookish knowledge
    سوال: تاجل صاحب! اوهان اهو ٻڌايو ته اها ڪهڙي شي هئي جنهن اوهان کي شاعر ڪري ڇڏيو؟
    جواب: ڀٽائي جي شرح سمجهڻ ۽ درگاهه تي ڏاهن جي ڪچهرين ۽ راڳ ٻڌڻ مون کي شاعر بڻايو، شاعر ٿيڻ کان سواءِ مان ٻيو ڪجهه ٿي به نه سگهان ها، اڄ به اهي درگاهه جا يڪتارا، چپڙيون ۽ ڍولڪ جي وڄٽ ذهن ۾ ٻُري رهي آهي، ان سان گڏ، استاد محترم جي حڪم موجب اسان ادبي رسالا، جهڙوڪ ”نئين زندگي“ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالو ”رهنما“ هالن مان نڪرندڙ رسالو ”فردوس“، پڙهندا هئاسين، جنهن ذوق مون کي شاعريءَ طرف آندو. مشاهدي کانسواءِ به شاعري بيڪار آهي. هڪ ماڻهو غربت جا بدصورت نظارا ڏسندو آهي ۽ ٻيو وري اهي نظارا ڏسڻ سان گڏ غربت جي ڪيفيت مان به گذرندو آهي. مون سان ٻئي ڪيفيتون لاڳو آهن.
    امان سانئڻ، بابا سائين جي لاڏاڻي کان پوءِ جيئن ته ذات جي سمياڻي نه پر سيالڻ هئي، ان ڪري مڙس کان پوءِ ڌاري هئڻ ڪري، منهنجي مائٽن جي جهيڙن سان به منهن ڏنائين ته، مون کي ۽ منهنجي ننڍڙي ڀيڻ کي به کير ڀت کارائي هيستائين آندائين، جا 1990ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي وئي ۽ اهو ئي سال منهنجي ادب جي استاد جي لاڏاڻي جو به آهي.
    سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي. غزل جي ارتقا جي باري ۾ ٿورو ٻڌايو؟
    جواب: منهنجي پسند جون اُهي سڀ صنفون آهن، جن جو سنڌي ادب سان صدين جو ڳانڍاپو رهيو آهي، جي بيت، وائي ۽ ڪافي آهن. ڇو ته اُهي ئي اسان جي ڪلاسيڪي يا اساسي شاعريءَ جون صنفون آهن، جي قاضي قاضن کان وٺي هلنديون پيون اچن، جيتري قدر غزل جو تعلق آهي ته اهو اسان وٽ فارسي ۽ اردوءَ مان آيو، جنهن کي تجرباتي طور اسان اکين تي رکيو، غزل جو اوج مير عبدالحسين سانگي، والي رياست خيرپور جي سرپرستيءَ کان ٿيندو، مشاعرن کان هلندو، لاڙڪاڻي جي جمعيت الشعراء سنڌ کان ٿيندوهت پهچي ٿو، جنهن ۾ تغزل جي معنيٰ ۽ مقصد جي مطابق سهڻن، محبوبن بابت شاعري هئي، جنهن ۾ محبوبن جون وفائون، ادائون، خمدار زلف، صراحي، مينا، گل ۽ بلبل جا داستان هوندا هئا. جنهن کي ٽوڙي، مروڙي، درٻاري ماحول جي ڌٻڻ کان ٻاهر ڪڍڻ، جو سهرو ترقي پسند شاعر ڪشنچند بيوس جي سر تي ٿو سونهين، جنهن شاعرن کي فارسي جي درٻاري ماحول ۽ مجازي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍي، هارين ۽ مزدورن جي جهوپڙين تائين پهچايو آهي، جيڪو اثر اڄ به شاعريءَ ۾ موجود آهي ۽ اسان جا نوجوان شاعر به گهڻي ڀاڱي قومي ۽ سماجي سوچ ويچار بابت غزل تخليق ڪري رهيا آهن. اڄ غزل ۾ محبوب جي خمدار زلفن کان وڌيڪ، بک ۽ بيروزگاري جي نشاندهي ۽ پيٽ ڀرڻ جي ڳالهه ڪيل آهي. جنهن ۾ ساڻيهه جا نظارا به اچي وڃن ٿا. منهنجو غزلن جو هڪ ڪتاب 1996ع ۾ ”تنهنجا نيڻ غزل“ جي عنوان سان ڇپيو، جنهن ۾ پورا 100 غزل آهن، ڪجهه سال اڳ، سکر کان سنڌي ادبي سنگت پاران لبِ مهراڻ تي ڪالاباغ ڊيم جي خلاف هڪ احتجاجي تقريب ۽ مشاعرو ٿيو هو. ان ۾ جڏهن مان غزل جو مطلع پيش ڪيو ته ڪيترن نوجوان شاعرن غزل جا لفظ ٻڌي نمازين واري پوزيشن ۾ سنڌو درياءَ کي سجدو ڪيو هو. اهو مطلع هي آهي:

    مان سنڌ جي اجرڪ وارو احرام ٻڌان ٿو،
    سنڌو آهي ڪعبو هي سرعام چوان ٿو.

    اڄ غزل کي سنڌي شاعرن ايترو ته پنهنجو ڪيو آهي جو غزل به ڄڻ سنڌ جي روايتي شاعريءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي.
    سوال: جيڪڏهن سٺو غزل ڪو شاعر لکڻ چاهي ته ان ۾ ڪهڙِين ڳالهين جو خيال رکي؟ ۽ ان ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
    جواب: خوبي غزل جي منهنجي نظر ۾ اها آهي ته غزل آرٽ براءِ آرٽ نه هجي، پر ترقي يافته ملڪن کي سامهون رکندي غزل جو سماجي، فني، فلاحي ۽ سياسي تبديلين يا انقلاب لاءِ هئڻ گهرجي، جنهن ۾ وندر جو عنصر گهٽ پر انساني ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ وڌيڪ هئڻ گهرجي.
    سوال: جڏهن اوهان تي تنقيد ٿيندي آهي، ان ويل اوهان جون ڪهڙيون Feelings هونديون آهن، ڇا اسان وٽ تنقيد جو صحيح حق ادا ٿئي ٿو؟
    جواب: نه منهنجا سڄڻ! تنقيد جو صحيح حق ڪٿي ٿو پورو ٿئي. اسان وٽ استاد، پارکو ۽ نقاد رهيا به اٽي ۾ لوڻ برابر آهن، اڄ جو نوجوان شاعر يا نثر نويس ته تنقيد جي تاريخ پڙهي ئي نه ٿو. ايتري قدر جو شاعريءَ جي علم سان گڏ، کين هڪ حرفي ۽ ٻه حرفي رڪنن جي به خبر ڪانهي، علم عروض کي ته ڇڏيو پر ڇند وديائي گر ماترا ۽ لگ ماترا جي به يارن کي خبر ڪانهي. منهنجو مطلب آهي ته شاعري ڪرڻ لاءِ شاعريءَ جي صنفن ۽ شاعريءَ جي علم جي ڄاڻ ئي ادب ۾ وڏا نالا پيدا ڪري سگهي ٿي.
    سوال: ادب جي سائنسي وصف اوهان وٽ ڪهڙي آهي؟ ۽ اهو به ٻڌايو شاعر لکي ڇو ٿو؟
    جواب: ڪِنهن زماني ۾ ادب براءِ ادب تخليق ڪيو ويندو هو. جنهن کان پوءِ ادب براءِ زندگي وارا استاد ۽ پارکو ادب جي پهرئين قطار ۾ اچي بيٺا. هن وقت دنيا جي ترقي يافته ملڪن، جي ترقيءَ کي ڏسي اسان هن نتيجي تي پهتا آهيون ته اسين سنڌ واسي جنهن جاءِ تي اڄ کان اڌ صدي اڳي بيٺا هئاسون ان کان به ٻه قدم پٺتي هليا ويا آهيون. ان ڪري منهنجي خيال ۾ ته ادب تخليق ڪرڻ جي سائنسي وصف هن طرح هئڻ گهرجي:
    ”ادب جو سماجي، سياسي، فني ۽ فلاحي، انقلاب يا تبديلين لاءِ هئڻ“ شاعر ڇو ٿو لکي؟ ان لاءِ مان چوندس ته خارجي ۽ داخلي اثرن ڪري شاعر جي دل ۾ آنڌ مانڌ، هلچل ۽ ڀونچال جهڙيون حالتون يا ولوڙ پيدا ٿئي ٿي، جنهن ڪري شاعر جا جذبا لفظن جو روپ وٺي ڪاغذ تي منتقل ٿين ٿا. ائين کڻي سمجهو ته انسان آزاد زندگي گذارڻ لاءِ قانون ٺاهيندو آهي. جنهن ذريعي اسان زندگيءَ کي سينگاري، سنواري ۽ اڇو اجرو ڪري سگهون ٿا. جيئن هڪ ڌنار ڍورو، يا گڻنگ اڪرندي، ڪن تي هٿ رکي آلاپيندو آهي يا بانسريءَ جا سر چيري اندر جو آنند ۽ ڪلياڻ حاصل ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ ڪامل شاعر داخلي ۽ خارجي اثرن واري ولوڙ کي ڪاغذ تي منتقل ڪري اندر جو آنند ۽ ڪلياڻ حاصل ڪري ٿو. ائين سرجڻهار ۽ پڙهندڙ يا ٻڌندڙ جماليات جي هڪ ڌاڳي ۾ پوئجي هڪ ٿيو وڃن ۽ پوءِ ”راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪي“ واري منزل ملي ٿي وڃين.
    سوال: ڪي شاعر 24 ڪلاڪ شاعري ڪندا رهن ٿا. ڇا شاعري ڪرڻ لاءِ ڪو خاص وقت مقرر هوندو آهي؟ اوهان جي نظر ۾ شاعري ڇا آهي؟ ۽ اوهان ڪهڙي ڪيفيت ۾ شعر لکندا آهيو؟
    جواب: منهنجي لاءِ ڪابه مٿان کان آمد Intuition نه ٿيندي آهي، اهو سڀ شاعر جي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي تي دارومدار رکندڙ آهي. يعني سندس ڪثرت ئي شاعريءَ جو ماحول پيدا ڪندي آهي، جنهن کي گهڻي ڀاڱي ”آمد“ چيو ٿو وڃي، منهنجي لاءِ سج لهڻ کان پوءِ وارو وقت شاعريءَ ڪرڻ لاءِ سٺو آهي ۽ مان ٿورو جهونگاري ۽ ڀٽائي جا ٻه چار بيت پڙهي يا ڪي پنهنجون وايون، ڪافيون جهونگاري شاعريءَ جو ماحول پيدا ڪندو آهيان ۽ لکڻ شروع ڪندو آهي ۽ اڃان تائين لکندو رهان ٿو. اها حقيقت آهي ته خلقڻهار انسان کي اشرف المخلوقات بڻائي، علم ۽ شعور جي هٿيارن سان هن دنيا ۾ظاهر ڪيو آهي. ان ڪري مان ته ائين چوندس ته سڀ انسان خدا جي نظر ۾ هڪجهڙا آهن. اهو انسان ئي ته آهي جيڪو پنهنجي علم ۽ شعور واري ذات تي لکي سگهي ٿو.
    سوال: اها ڳالهه توهان جي ڄاڻ ۾ هوندي ته اسان جا ڪجهه اديب ۽ سياستدان استاد بخاري کي ايشيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر ڪري پيش ڪن ٿا. ڇا واقعي ئي بخاري اياز کان وڏو شاعر هو؟ اوهان جي نظر ۾، استاد بخاريءَ جي شاعريءَ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جواب: اياز کي لطيف کان پوءِ بيت ۽ وائي جي حوالي سان اوچو مقام حاصل آهي. مون جيڪڏهن ڪن شاعرن کان اثر وٺي لکيو آهي ته اهي فقط ئي فقط شاهه ۽ شيخ ئي ٿي سگهن ٿا، جن جو اسان ننڍي هوندي استاد محترم حڪيم الهندي جي رهنمائي ۾ آسماني ڪتابن وانگر دور ڪندا هئاسون، مان ننڍڙو حيات شاهه (سجاده نسين) شيخ اياز جا ڇپيل بيت پڙهي وڃي استاد الهندي خان کي ٻڌائيندا هئاسون، اها ٻي ڳالهه آهي ته، جيئن ته ٻوليءَ جا اصطلاح ۽ استعارا، علامتون، تمثيلون ۽ تشبيهون، ٻهراڙيءَ ۾، يعني ڳوٺن ۾ ٺهنديون، ڊهنديون، نئون روپ وٺنديون آهن ۽ نه ئي شهرن ۾، ان ڪري، جيئن ته شيخ اياز شهر ۾ ڄميو نپنيو هو. ان ڪري، سنڌي ٻولي ۾ مشاهداتي، محاوري ۽ لفظن جون ڪيتريون ئي غلطيون ملن ٿيون. جڏهن ته استاد بخاري عوامي شاعر آهي.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
    جواب: هن وقت، اونداهيءَ ۾ هڪ ڪرڻو نظر اچي ٿو، جو آهي، ذوالفقار سيال جو سيڪريٽري چونڊجڻ، جيئن ته هي دوست هڪ غير متنازعه شخصيت آهي، چڱي خاصي سڌ رکندڙ آهي، ان ڪري اسان کي اميد آهي ته سندس ڪپتانيءَ هيٺ، سنڌي ادبي سنگت جو ٻيڙو منزل تي پهچندو.
    سوال: اڄڪلهه اوهان جون ادبي سرگرميون ڪهڙيون آهن؟
    جواب: بلوچ صاحب! مان دراصل سنڌ جي هڪ منظوم تاريخ لکڻ ٿي چاهي، جيئن Opera نموني اسٽيج تي نظم ۾ پيش ڪري سگهجي، پر ويجهن دوستن، شاعرن همٿائڻ بدران صلاح ڏني ته هيڏي ادبي رٿا ۾ هٿ نه وجهه، ان ڪري، اهو ارادو تقريبن ختم ڪري چڪو آهيان. هن وقت تائين، 27 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، 7 ڪتاب ڇپجن پيا ۽ 11 ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ڪري رکيا اٿم، جن ۾ ”راڳ ۽ هارمونيم سکڻ جو رهنما“ ۽ سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو“ به شامل آهن.
    سوال: اوهان پنهنجي ڪارنامن ۾ سنڌ جي ڪن شهرن ۾ پنهنجي نالي قائم ٿيل ڇهه ادارا ۽ ڪجهه لائبريرين بابت ڄاڻ ڏني آهي جن مان ڪن لائبريرين جو انهن شهرن ۾ وجود ئي ڪونهي. اوهان ڪڏهن بذات خود وڃي جائزو ورتو آهي؟
    جواب: هن وقت راڻيپور ڀرسان ڪُنبن ۾ قائم ڪيل لائبريري بهترين نموني ڪم ڪري رهي آهي، جا وڌ ۾ وڌ فعال آهي ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پاران، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ ”آريجن ۾ قائم ڪيل تاجل بيوس ڪارنر به فعال آهي.
    سوال: ناز سنائي اياز جا خط ڇپرايا آهن، جيڪي اصل ۾ علي محمد گاڏهي (مينڌري گاڏهي) ڏانهن لکيا ويا هيا. بعد ۾ محسن ڪڪڙائي صاحب کان ٿيندا، جامي چانڊئي کان وڃي ناز سنائي وٽ پهتا. اها ڳالهه محسن ڪڪڙائي صاحب پاڻ ڪئي ۽ سندس پٽ نثار محسن پڻ هڪ ڪالم ۾ ذڪر ڪيو آهي. اوهان جو ان خطن جي باري ۾ ڪهڙِي راءِ آهي؟
    جواب: مون کي ان بحث ۾ نه وچڙايو ته بهتر ٿيندو، ڇو ته مامرا ۽ جهڳڙا جيئرن سان هوندا آهن. پر جيڪو اکيون بند ڪري هڪ اهڙي پار ڏي وڃي ٿو، جتان ڪو واپس نه وريو آهي، ته اهڙي شخصيت سان جهيڙي جهٽي بجاءِ قرب ۽ همدردي پيدا ڪرڻ کپي، جنهن ۾ شيخ اياز به اچي وڃي ٿو. تنهنڪري، شيخ اياز لاءِ مونکي هڪ وڏي سرجڻهار جي حوالي سان احترام آهي، باقي جيڪو ڪنهنجي لاءِ جو ڪجهه ڪري ٿو، ان لاءِ به ڪا رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي.
    سوال: اسان جي سنڌي ادب جي تاريخ تي هندستان جي ڪن اديبن ڪم ڪيو آهي، جهڙوڪ پوپٽي هيرا ننداڻي، ان جو ڪتاب (History of Sindhi Literature) ۽ ٻيو ديال آشا، جنهنجو ڪتاب سنڌي ادب جي تاريخ آهي. پر ٻنهي جي ڪتابن پڙهڻ سان اهو محسوس ٿيو آهي ته هنن کي اسان جي سنڌي ادب جي ماضي توڙي حال جي 25 سيڪڙو به ڄاڻ ناهي، ادب جي حوالي سان سندن سهيڙيل تاريخون بلڪل اڌوريون بلڪه نامڪمل ۽ غير معياري لڳن ٿيون. جڏهن ته اوهان انهن جي رابطي ۾ آهيو ته پوءِ اوهان هت سنڌ ۾ ادب جي تاريخ کان انهن کي مڪمل ڄاڻ کان آگاهه ڇو نه ڪيو؟
    جواب: تازو دهليءَ جي امر لعل رام پنجواڻيءَ سنڌ بابت هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن لاءِ سنڌ بابت مون گهٽ ۾ گهٽ کيس زخيم چار پنج ڪتاب موڪليا، جنهن لاءِ هن لکيو آهي ته منهنجن ڪتابن کي پنجواڻي صاحب Appreciate ڪيو آهي، پر جيڪي نالا توهان ٻڌايا آهن، اهي ڀارت ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي سنڌ بابت ڪو ڪتاب لکندا، جنهن ۾ اڻپوري ڄاڻ ڏنل هوندي ته اسان سنڌ وارن کي معيار ڏيڻ اجائي آهي.
    سوال: عشق اوهان جي نطر ۾ ڇاهي؟ ماڻهو چون ٿا ته عشق به هڪڙي قسم جي بيماري آهي؟
    جواب: (ٽهڪ ڏيندي) عشق مون لاءِ ماڻهن ۾ روح ۽ جان پيدا ڪندڙ آهي، عشق کانسواءِ، هر ڪم بي معنيٰ نظر ايندو آهي، ڇو ته اڳتي وڌڻ لاءِ مجازي عشق ڏاڪڻ جو پهريون ڏاڪو ٿئي ٿو. جنهن کان پوءِ عشق جي منزلن کي ماڻڻ لاءِ خود عشق 32 ڏيا ٻاري رهنمائي ڪري ٿو. اهو سبب آهي، جو صوفين پهرئين منزل ”فنا في المحبوب“ مقرر ڪئي آهي، ان ڏس ۾ مون به گهڻائي عشق ڪيا آهن ۽ اهو سلسلو ان وقت تائين هلندو، جڏهن مٽي ماءُ پنهنجي گود ۾ لولي ڏيئي سمهاري نه ڇڏي.
    سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
    جواب: زندگي مون لاءِ اهو عطيو آهي، جنهن کي فقط انسان جي خدمت ڪرڻ، بک بيروزگاري ڪڍڻ ۽ سچ جي واٽ روشن ڪرڻ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. ڇو ته ان زندگيءَ کي اسان جي خدمت ڪرڻ مان ئي عبادت واري رستي تي هلائي سگهجي ٿو. منهنجو يقين آهي ته اهي هٿ، جيڪي ڪنهن جي مدد ڪن ٿا يا ڪنهن جي ڪم اچن ٿا اهي هٿ انهن چپن کان وڌيڪ بهترآهن، جي عبادت ڪن ٿا، مان تڏهن ته سنڌماتا جي باري ۾ هن طرح چئي سگهيو آهيان.
    ”ڪو توکي گدرو سمجهي ڦارون ڦارون ٿو ڪري، ته ڪو توکي ڪاري سڏي تنهنجي ڇاتيءَ کي بمن سان اڏائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، تون پوءِ به مومل ۽ قلوپطرا بڻجي اسان تي سونهن نڇاور ڪندين رهين ٿي، صدين جي سفر ۾ تنهنجاپير ٿورا ميرا ٿي ويا آهن. اوري آ، اڃان به اوري آ، ڌرتي منهنجي ماءُ! ته لڪيءَ جي چشمن ۾ گلابن جو پاڻي ڇڻڪائي، تنهنجي پيرن کي ڌوئي صاف ڪيان“.
    سوال: سائين ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اڄڪلهه اوهان مختلف ڊرامن جو تقابلي مطالعو ڪري رهيا آهيو.۽ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته هندستان ۾ هڪ وڊيو فلم اسڪرپٽ نالي سان ڪتاب ڇپايو ويو آهي. جنهن کان پوءِ فلم بندي ڪئي ويندي. جا فلم بندي، سنڌ جي ٽن شاعرن بابت آهي ۽ اهي ڪهڙا شاعر آهن؟.
    جواب: صحبت! توهان جو ڪجهه ٻڌو آهي اهو درست آهي، مان واقعي اڄڪلهه ڊرامن ۽ فلمن بابت لکيل ڪتابن جو مطالعو ڪري رهيو آهيان، ته جيئن مون کي ان فن جي چڱي ريت خبر پئجي وڃي، ته جيئن مان ذهن ۾ ويٺل چار ڊراما لکي سگهان. جي آهن، 1. سنڌوءَ جو گهاءُ، 2. شهيد دودو سومرو، 3. شاهه عنايت شهيد ۽ موهن جو دڙو، توهان کي خوشي ٿيندي ته ”سنڌو جو گهاءُ“ مان لکي چڪو آهيان، جنهن ڊرامي جي ڪردارن جي گفتگو سنڌ ۽ سنڌوءَ بابت آيل پراڻن ڪتابن جيئن ته رگ ويد، مهاڀارت، رامائڻ، توريت، زبور، انجيل ۽ ڪشمير جي تاريخ (راج ترگنڻي) ۾ آيل حوالن مطابق آهي. دعا ڪيو ته اهو ڊرامون سنڌ سان گڏ هند جي دهلي ۾ رڪارڊ ٿئي، توهان سوال ۾ هند ۾ ڇپيل ڪتابن بابت به پڇيو آهي، جو توهان جي صحيح معلومات آهي. ان ڪتاب جونالو ”ڏور به اوڏا سپرين“ رکيوويو آهي. جنهن کي ڀارت جي الهاس نگر مان وڊيو فل اسڪرپٽ جي ماهر جگديش لڇاڻي ڇپائي هندستان سان گڏ سِنڌ ۾ به پهچايو آهي. جيڪو سنڌ جي ٽن شاعرن شاهه، شيخ اياز ۽ مان تاجل بيوس بابت آهي. توهان کي اهو معلوم ڪندي به خوشي ٿيندي ته فلم جو نالو منهنجي سفرنامي ”ڏوربه اوڏا سپرين“ تان کينو ويو آهي جيڪو مون ۽ شيخ اياز پاران 1990ع هندستان جي سفر ڪرڻ کان پوءِ 1991ع ۾ ڇپايو هو. مون کي ان لڙيءَ ۾ پوتو ويو آهي جيڪا منهنجي لاءِ هڪ فخر جي ڳالهه آهي، جڏهن ته مان شاعريءَ جي حوالي سان پاڻ کي ڀٽائي جي پيرن جي مَرُ سمجهندو آهيان.
    سوال: اوهان جو سنڌ واسين لاءِ ڪو پيغام؟
    جواب: اچو ته سنڌ جي وڪيلن، ڊاڪٽرن، سياستدانن، سنڌ پرست شخصيتن، سماجي اڳواڻن ۽ اديبن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي قائم ڪري تربيلا ۾ قيد ڪيل پاڻيءَ وٺڻ لاءِ ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ٺهندڙ ٿل ڪئنال ۽ ڪالا باغ ڊئم خلاف، انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس، هيگ ۽ اقوام متحده ۾ ڪيس داخل ڪيون، ڇو ته پاڻيءَ وٺڻ جو فقط اهو ئي وسيلو رهجي ويو آهي. وفاق ۽ پنجاب قانون جا سڀ ليڪا لتاڙي چُڪا آهن.



    غزل

    سنڌ درياهه کي کاري ڇاڻ پڄائي ڏي،
    منهنجا مولا سُندرتا موٽائي ڏي.
    غربت جي اوندهه مان جيئن سج اڀري پوي،
    ٿر، ڪاڇي ۾ اهڙي جوت جلائي ڏي.
    ويد، رسالا سنڌوءَ ڪناري لکبا رهن،
    حرفت جو ڪو اهڙو هنر هلائي ڏي.
    ڀٽ ڌڻي جي واين جا ورلاپ ٿين،
    شاهه جي راڳين جي ڪا تند تپائي ڏي.
    ڪچي، پڪي تي سنڌوءَ ڪنارن جي ڀر ۾،
    ڪانهن، پڃرن وارا گهر جوڙائي ڏي.
    گنگا، جمنا، سرسوتي جا سڏ سڻي،
    ويدن واريءَ سنڌوءَ کي سرچائي ڏي.
    سو ٻيجل سرن کان ڀل محروم رهن،
    ڪنهن به ڏياج جو ڪنهن کان نه ڪنڌ ڪپائي ڏي.
    سنڌوءَ کي پيو لوڏيان لال هندوري ۾،
    ”بيوس“ کي ڪو اهڙو سبب بڻائي ڏي.


    امداد حسيني


    BRIEF INTRODUCTION
    امداد حسيني


    نالو: سيد امداد علي شاهه
    پيءُ جو نالو: سيد فضل محمد شاهه
    ادبي نالو: امداد حسيني/ سانول
    ڄم جي تاريخ: 10 مارچ 1941
    ڄم جو هنڌ: ٽکڙ (وسين ملوڪ شاهه)
    پرائمري تعليم: کٿاب (مڪتب) ٽکڙ
    نوڪري: لوڪ ادب رٿا (پارٽ ٽائيم)، لائبريرين (س اب) ريسرچ فيلو (سنڌ الاجي)، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ايڊيٽر ٽه ماهي ”مهراڻ“، سيڪريٽري (انچارج) سنڌي ادبي بورڊ.
    صنفون: شاعري، ڪهاڻي، ناٽڪ، ڪالم، گيت، ڪهاڻي، فيچر (ريڊيو).
    فلمن لاءِ گيت: ڌرتي لال ڪنوار، حاضر سائين، سهڻا سائين، جانيئڙا.
    ترجما: (1) زينت (ناول) جو اردوءَ ۾ ترجمو: اڪادمي ادبيات اسلام آباد پاران ڇپايل.
    (2) دودو – چنيسر جو اڙدوءَ ۾ ترجمو، لوڪ ورثه، اسلام آباد پاران ڇپايل.
    تصنيفون: ”امداد آهه رول“، ”شهر“، ”هوا جي سامهون“، ”ڪِرڻي جهڙو پل“ 2012ع، ”دهوپ ڪِرن“ 2014ع ۽ ”هوءَ“ 2016ع.
    ايوارڊ: ”طلوع پرائيز“، ”پرائيڊ آف پرفامنس“، ”نارائڻ شيام اوارڊ“، KTN لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ“ ۽ ٻيا ڪيترائي.

    سوال: جڏهن توهان هوش جي حدن ۾ داخل ٿيو، ته توهان ڇا محسوس ڪيو، هن سلسلي ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: پڙهڻ جهڙو ٿيس ته مون کي کُٿاب (مڪتب) ۾ ويهاريو ويو، جتي منهنجي پڙهڻ سان دل نه لڳي، ڇو ته اُتي پڙهائي هئي ڪانه، کٿاب ڇوڪرين لاءِ هو. پر اتي سيدن جا ڇوڪرا به پڙهندا هئا. منهنجو ننڍپڻ ڳوٺ جي گهٽين ۾ گهمندي، رانديون کيڏندي، ڏاڏيءَ کان آکاڻيون ٻڌندي - گذري ويو. پرائمري تعليم کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد سنڌ ۾ داخل ڪيو ويس ۽ هاسٽل ۾ رهايو ويس. اتان ڀڄڻ جي هير پئي. هوٽل تي وڃي رڪارڊنگ ٻڌڻ، حيدرآباد سنڌ جي گهٽين ۾ رلڻ، فلمون ڏسڻ – ڍنڍن، واهن، ڦليلي، جُون واهه، سنڌو ۾ وهنجڻ، جهنگن ۾ رُلڻ- ڳوٺ ۾ سهاين راتين ۾ لڙئي چنڊ تائين ونجهه وٽي کيڏڻ، اونداهين ۾ گراڙا کيڏڻ - ۽ ڳوٺ جي تار کڏ مان وهنجي، ڀت ٽپي گهر ۾ گهڙڻ - ۽ ڏاهي هيٺان کير ڀت کڻي، کائي، سمهي رهڻ – ائين ماءُ مون کي ڄڻيو ۽ فطرت پاليو.
    سوال: اُها ڳالهه شاعري سان منسوب ڪئي ٿي وڃي ته شاعري عشق جي پيداوار آهي؟ ڇا اوهان جي شاعري ڪرڻ جو محرڪ به عشق، پيار ۽ محبت آهي؟
    جواب: Pain is protoplasm of poetry هاڻي اهو Pain اهو ڏک، اهو سور، اهو درد ڪيئن ٿو پيدا ٿئي؟ ڪٿان ٿو ملي، عشق مان، دنيا کان، دوستن کان، وقت ۽ حالتن کان، ملڪي يا عالمي صورتحال کان! اهو چئي نٿو سگهجي. ”هوا جي سامهون“ جو مهاڳ توهان جو پڙهيل هجي ها ته توهان جي سوال جي نوعيت به مختلف هجي ها، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سحر، منهنجي ”شاعريءَ جو Nucleus پورو وچ ”پيار“ کي قرار ڏنو آهي - پر اهو به سچ آهي ته گهڻن شاعرن کي عشق نصيب نه هوندو آهي. بلڪل ائين جيئن گهڻا عاشق به شاعر نه هوندا آهن. مون وٽ عاشقي ۽ شاعري ڌار ڌار نه آهن:
    جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
    تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

    ۽ انهن سڀني – عاشقي، شاعري ۾ شاعر کي – انهيءَ ڪلا جي پَٽ – تند کي – ڏک جي ”اميري“ جوڙي رکي ٿي، سوال اهو آهي ته انهيءَ عاشقيءَ، انهيءَ شاعريءَ ۽ انهيءَ ڏک مان شاعر ڪم ڪهڙو ٿو وٺي؟ هو انهيءَ ڏک کي طاقت ۾ ڪيئن ٿو تبديل ڪري؟ عاشقيءَ کي شاعريءَ ۾ ڪيئن ٿو اظهاري؟ منهنجي نظم ”روٽس“ (جنهن جو ترجمو سليم نور حسين انگريزيءَ ۾ ڪيو آهي) جي ابتدائي بند ۾ ڏک جو اهڙو ئي ورنن آهي، اهو نظم ”ادب“ جي ”امداد حسين نمبر“ ۾ ڇپيل آهي، نيم ڪلاسيڪي دور جي هڪ ڪافيءَ جو هي ٿل ڪيڏو نه خوبصورت ۽ معنيٰ خيز آهي:
    ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي وِيهي ٻڌ عشق جون ڳالهيون!

    ”هوا جي سامهون“ جي انر بئڪ ٽائيٽل جي فليپ تي آخر ۾ هي دوهو آهي:
    توڙي جو ڪاوا اڀا، توڙي پٿر پُٽ،
    اوءِ ڪويتا پريمڪا، هٿ ۾ رکجان هٿُ!

    عشق به ڏات وانگر ئي وديعت ٿئي ٿو:
    دين دنيا نه ملي ڏات نڪو ڏانءُ مليو،
    عشق ئي عشق وديعت ٿيو توکي مون کي.

    عشق ذات توڙِي ڏات کي محدود مان ڪڍي لامحدود ۾ ٿو آڻي ۽ سموريون ڪائناتون (داخلي / خارجي) ۽ سمورا عصر (ماضي/ حال/ مستقبل) ان ۾ سمائجي ٿا وڃن. عشق ذات سان، عشق ذات حق سان، عشق (مخالف/ هم) جنس سان، عشق وطن سان، ان جو ڏس ڪنهن به ڪويءَ جي ڪَوِتا مان ئي ملي سگهي ٿو. منهنجي هڪ سٽ آهي:
    ميت بنان ڪو گيت نه آهي!
    ۽ مون کي عشق آهي ڪويتا سان، مون کي عشق جو اهو سروپ وڌيڪ موهي ٿو. مون کي ته لڳندو آهي ته من ميت منهنجي ئي ڪُوِتا مان نڪري منهنجي آڏو اچي ويندو آهي ۽ منهنجو اُن سان عشق ٿي ويندو آهي.
    سوال: ڪي ماڻهو جڏهن ڪنهن دوشيزا جي قرب ۾ ڪسجي ويندا آهن ته اهي شاعري جي دنيا ۾ داخل ٿي ويندا آهن، ڇا عشق لاءِ شاعري ضروري آهي يا شاعري لاءِ عشق ۽ عشق بابت اوهان جو Concept ڇا آهي؟
    جواب: منهنجي خيال ۾توهان جي هن سوال جو جواب، سوال 2 جي جواب ۾ اچي ويو آهي.
    سوال: اوهان باقائدي لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي، ۽ ان دور جي ادبي ماحول تي به ڪجهه روشني وجهو؟
    جواب: ياد نه اٿم ته باقائدي لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيم، هونئن ٻارهن سالن جي ڄمار کان منهنجون لکڻيون (نثر/ شاعري ملن ٿيون اهي لکڻيون پهرين پهرين ٻارن جي ”گلستان“ ۾ ڇپيون، جڏهن مان حيدرآباد انگريزي پڙهڻ آيس. پهرين ته مون کي هاسٽل ۾ رکيو ويو، پر اُتان ڀڄڻ جي ڪري، پڪي قلعي ۾ پنهنجي پڦيءَ جي گهر رهايو ويس. پڙهڻ جي چُوس ته پهرين ئي هئي. ڇو ته بابا وٽ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ايندا هئا، محمد هاشم ”مخلص“ جي لائبريري به هئي – سو پڪي قلعي کان نور محمد هاءِ اسڪول واريءَ واٽ تي دينوءَ جي پڙ ۾ ”گلستان“ جي آفيس هئي. عبدالله ”خواب“، مقبول ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل) ۽ مرتضيٰ ڀٽي (”گلستان“ جو ايڊيٽر) به دينوءَ جي پڙ ۾ رهندا هئا. اسڪول ڏانهن ويندي، گهر ڏانهن ايندي ”گلستان“ جي آفيس ۾ ضرور وڃبو هو. چوٿين انگريزيءَ ۾ اسان جي ڳوٺاڻي ماستر سر عبدالڪريم ميمڻ (الله مرهيس) وٽ مان، منهنجو سوٽ ۽ ٻيا مائٽ ٽيوشن وٺندا هئاسين. هڪ ڏينهن منهنجي ڪاپيءَ تي سر عبدالڪريم منهنجا لکيل شعر ڏٺا ۽ مون کان منهنجو تخلص پڇيائين. تڏهن مون کي تخلص جي ڪا خبر نه هئي! مئٽرڪ ۾ هڪ ٻيو ماستر (شايد سر احمد!) مون کي حسابن جي ٽيوشن ڏيڻ ايندو هو. اهو منهنجي شعرن جي ڪاپي جيئن پڙهڻ لاءِ کڻي ويو، تيئن اڄ تائين واپس نه ڪيائين. تن ڏينهن ادبي ماحول ماٺو نه پر متحرڪ هو. هڪڙي پاسي قبله طالب الموليٰ جي مڪتبئه فڪر هو ته ٻئي پاسي ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو روايتي حلقو هو، ته ٽئين پاسي ترقي پسند لڏو هو. خود ٽکڙ ۾ ان وقت ڪيترائي شاعر ها. جيئن سعيد ٽکڙائي، محمد ابراهيم، محمد شاهه ”مير“ ۽ منهنجا سوٽ حافظ شاهه حسيني (شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار)، ڊاڪٽر اسد الله شاهه بيخود حسيني (شاعر ۽ عالم) ۽ شبير هاتف جهڙا شاعر ۽ نثر نگار موجود هئا. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون، انهن ۾ وڃڻ لڳس. انهن گڏجاڻين ۾ لکڻين تي، ڇتي تنقيد ٿيندي ٿئي. پوءِ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ جي تحريڪ هلي جيڪا اڳتي هلي ون يونٽ مخالف تحريڪ بڻجي وئي، تڏهن ان ۾ ڀرپور بهرو ورتم، حميد سنڌيءَ جي ”روح رهاڻ“ ۾ ٻانهن ٻيلي رهيس. لغت آفيس“ ۾ ”لوڪ ادب رٿا“ ۾ هڪ ڪارڪن رهيس. اهي سڀ سکيا جا مرحلا هئا، جيڪي طئي ڪيم. طالب الموليٰ، سائين ميران محمد شاهه، گدائي، گرامي، شيخ اياز، بردو، نياز، تنوير، شمشير .... مون کان سينئر هئا. پر ان دور ۾ سينئر جونيئر جو ڪو جهيڙو نه هو – نه ئي نئين ٽهيءَ جي نالي ۾ اگهامڻ جي ڪاريت هئي. ان دور ۾ ڌارئين، پاروٿي، اوڳاڇيل بدران پنهنجي، تازي تواني، نئين کي اهميت ڏنئي وئي. ائين لوڪ – ڪلاسيڪل سان ناتو جوڙيو ويو. ائين ادب ۽ شاعريءَ جو هڪ مقصد متعين ٿيو. انهيءَ مقصد ماڻڻ لاءِ ”سنڌيت“ جو نئين سراهاءُ ٿيو. جيڪو وسري چڪو هو ۽ هاڻي وري وسري چڪو آهي!.
    سوال: ون يونٽ جي دور ۾ سنڌي شاعري ۽ سنڌي اديبن جو ڪهڙو ڪردار هيو ۽ اهو به ٻڌايو ته ان ڏس ۾ اوهان ڪهڙي نموني بهرو ورتو؟
    جواب: منهنجي خيال ۾ هن سوال جو جواب به سوال نمبر 4 جي جواب ۾ اچي چڪو آهي.
    سوال: سڄي زندگي شاعري ڪئي اٿو ۽ ان ۾ به منهنجي خيال ۾اوهان غزل ڪجهه وڌيڪ لکيو، يقينن توهان غزل جي داءُ پيچن، فن فڪر، ۽ هئيت کان چڱي طرح واقف آهيو، پر پوءِ به اوهان جو نظم اوهان جي غزل تي حاوي آهي ائين ڇو؟
    جواب: هر صنف جي الڳ اهميت آهي، ڪنهن به صنف کي مٿي ڪرڻ لاءِ ٻي صنف کي هيٺ ڪرڻ صحيح نه آهي، انهيءَ ڀيٽا ڀيٽيءَ جي چڪر مان ٻاهر نڪرو، ڪن دوستن وٽ منهنجي غزل جي مڃتا وڌيڪ آهي، ته ڪِن وٽ نظم جي، بهرحال اهو فيصلو مان نٿو ڪري سگهان. هونئن به شاعريءَ کي مجموعي طور تي ڏسڻ ۽ پرکڻ گهرجي. تخليقي سطح تي جيڪي تجربا ٿي ويا آهن. انهن جي ملهه – ڪٿ ڪرڻ کپي ۽ اهو ڪم نقاد جو آهي - ۽ مان نقاد ناهيان.
    سوال: منهنجي خيال ۾ جتي هيئنر سنڌي شاعري ۾ اسان جو سينيئر شاعر غزل لکي ٿو (ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾) اتي اڄ جي نئين ٽهي) جو زور به غزل تي آهي توهان اهو ٻڌايو ته غزل جي گهڻي لکڻ جي باوجود اڄ به فقط چند سٺا غزل پڙهڻ لاءِ ملن ٿا ڇو؟ ۽ هر ڪو شاعر غزل ڇو ٿو لکي؟
    جواب: تخليقي سطح تي هر صنف ايڏي سولي به ناهي، جيڏي سمجهي وڃي ٿي. هڪڙو ٻيو به ٿورو ڪريو ته تخليقڪارن کي ٽهين ۾ نه ورهايو. اهو مارڪيٽ جو اصول آهي ته جڏهن به ڪنهن جنس جي رسد وڌندي آهي ته ان جي طلب گهٽجي ويندي آهي، ان جو ملهه به ڪري پوندو آهي، شاعريءَ ۾ نه رڳو غزل جو، پر سڀني صنفن جو حال بدحال آهي. مثال طور عروضي وائيءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ سُر ڪيڏانهن ويو؟ هاڻي ته سسٽم، اصول، لوازمات کان بچڻ لاءِ هر ماڻهو نثري شاعريءَ تي لهي آيو آهي، ڇو ته اها سولي ٿي لڳين، جڏهن ته نثري شاعري سڀني کان وڌيڪ ڏکي آهي. ڳالهه رڳو ڪوي/ اڪوي، شاعر/ اڻ شاعر جي آهي. لاشعوري طور جيڪا سِٽ اچي ٿي، اها ٽيڪنڪ سميت اچي ٿي، پوءِ ڪاسٽ غزل، ڪنهن نظم، وائيءَ، گيت، بيت جي سِٽ ٿي سگهي ٿي، ڪنهن به صنف تخليق ڪرڻ کان پوءِ به ان تي محنت / نظر ثانيءَ جي ضرورت پوندي آهي. جيڪا نٿي پُڄي، غزل جي ٻوٽي کي پنهنجي ڌرتيءَ ۾ هڻڻو پوندو. سهل پسنديءَ ۽ فئشن پرستيءَ کي ٻن ڏيڻو پوندو، وڌيڪ اڀياس، گهٽ لکڻ ۽ گهٽ ڇپائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. تجربي جو ساهس ضروري آهي.
    سوال: ڇا اسان جديد سنڌي شاعري جي ڀيٽ ٻين ٻولين جهڙوڪ، اردو، انگريزي ۽ فارسي ٻولين واري شاعري سان ڪري سگهون ٿا؟ ۽ ان موازني سان اسان جي شاعري ڪٿي بيهي ٿي؟
    جواب: پهرين اهو واضح ڪريو ته جديد شاعري ڇاکي ٿا چئو؟ ڇو ته اڄڪلهه ته هرڪو جديد شاعر آهي؟
    سوال: جڏهن اوهان شاعري جي شروعات ڪئي هئي، ان دور جي غزل ۽ اڄ جي غزل ۾ اوهان کي ڪهڙي نواڻ نظر اچي ٿي ۽ ڇا ان دور جو غزل اڄ جي غزل کان وڌيڪ صحتمند هو يا نه؟
    يا وري هڪ ٻيو سوال آهي.
    سوال: هڪ سٺي شاعر جي حيثيت سان اوهان کان پڇجي ٿو ته شاعري جي Suitable وصف ڇا هئڻ گهرجي ۽ اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي ۽ اوهان وٽ هڪ خوبصورت غزل کي پرکڻ جا ڪهڙا معيار آهن؟
    جواب: توهان جي هنن سوالن جا جواب سوال نمبر 7 جي جواب ۾ اچي چڪو آهي. هونئن مجموعي طور تي شاعري زوال پذير ٿي رهي آهي جنهن ۾ غزل به اچي وڃي ٿو. ڪٿي چڱي شاعري به پڙهڻ لاءِ ملي ٿي وڃي، پر اها گهاٽي جهڙ ۾ تارن وانگر آهي.
    سوال: ولي محمد وفا پلي جي شاعري تي اوهان ڀرپور نموني سان تنقيد ڪئي، جيڪا ڪافي حد تائين شخصي، غير ادبي ۽ بي جان هئي. جڏهن ته اوهان پنهنجي دوست اسحاق سميجي جي شاعري جي ڪتاب تي جيڪو مهاڳ لکيو آهي ان جي تنقيدي جائزي کي پاسي تي رکي صرف اوهان ساراهه جائي ڍُڪ ڀريا آهن. جڏهن ته وفا پلي هڪ پخته ڪلام شاعر آهي ۽ توهان جي مهراڻ ۾ ايڊيٽري کان به اڳ ۾ ڇپجندو رهيو آهي. ٻئي پاسي اسحاق سميجي جي شاعري ۾ پڻ ڪيئي ساڪن، متحرڪ ۽ عروض جي حوالي سان غلطيون آهن. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو شاعري جي فني لوازمات کان به اڻ واقف آهي. ان باري ۾ توهان جو ڇا چوڻ آهي؟
    جواب: وفا پليءَ جي ڪتاب جو مهاڳ به مون لکيو هو. ان ۾ ساراهه جا ڍُڪ ئي ڀريا ويا هئا. مهاڳ ۾ شيخ اياز جي گيڙو ويس غزل جي حوالي سان به ڪجهه چيو هئم. ساڳئي ڪتاب ۾ ان تي مخالفت ۾ لکيو ويو ۽ ڏاڍو اگرن لفظن ۾ لکيو ويو. ”وفا“ سان ان تي ڳالهايم. هن چيو ته اهو هن نه لکيو آهي، جڏهن ته اتي نالو ”وفا“ جو ڏنل هو. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. پوءِ هڪ رسالي ۾ ان ڪتاب تي تبصرو ڇپيو، شايد ”اصلاح“ ۾! ان ۾ ان ڳالهه کي کڻي اڻ سونهائيندڙ لهجو اختيار ڪيو ويو - ۽ مون ان جو جواب ڏنو. توهان شايد اهو جواب پڙهيو به ناهي. توهين ان کي هڪ پاسي ڀرپور تنقيد چئو ٿا ته ٻئي پاسي ان کي ”شخصي“ غير ادبي ۽ بي جان چئو ٿا! ائين توهين پاڻ کي ئي رد ڪيو ٿا. اسحاق سميجو به منهنجو همعصر آهي. اتي به اهو ساڳيو توهان وارو مسئلو هو ته ڪتاب ڪمپوز ٿيو پيو آهي. رڳو مهاڳ لاءِ ترسيل آهي. ان صورتحال ۾ مان ڪجهه شعر بند چونڊيندو آهيان ۽ انهن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندو آهي. مهاڳن ۾ گهڻو ڪري ساراهه جا ڍُڪ ئي ڀريا ويندا آهن. شعر ۾ غلطيون هونديون آهن ته انهن کي سڌارڻ جي ذميواري شاعري جي آهي ته هو انهن تي نظر ثاني ڪري، ”وفا“ پلي به منهنجو همعصر آهي ۽ ان لاءِ منهنجي دل ۾ عزت آهي. اختلاف راءِ رکڻ جو اسان سڀني کي حق آهي.
    سوال: اوهان سونهن جي دنيا جي ويجهو رهيا آهيو، سونهن جي ڪهڙن لفظن ۾ تعريف ڪندوء؟
    جواب: سُونهن (Balance) جو نالو آهي، جنهن ۾ صورت کان وڌيڪ سيرت جو عمل دخل هوندو آهي.
    سوال: اوهان ڪنهن دور ۾ شيخ اياز تي تنقيد ڪئي هئي ۽ ان جو جواب شيخ اياز ته ڏيڻ مناسب نه سمجهيو هو پر هاڻي وري اوهان جي دوست اسحاق سميجي رات پيٽ ۾ وڏن نالن تي تنقيد ڪري شهرت جو شارٽ ڪٽ رستو اختيار ڪيو ۽ اوهان جي تنقيد جي زد۾ پنهنجي ڪتاب ”شاعريءَ سان دشمني“ ۾ تنقيد ڪئي آهي، جنهن ۾ هن جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي اها بنهه غير معياري ۽ دل آزاريندڙ آهي ڪيتري قدر اوهان تي اها تنقيد بجاءِ آهي؟
    جواب: اسحاق سميجي جو اهو ليک منهنجي هڪ ليک جي جواب ۾ هو، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو هو. اسحاق جو ليک به مان ”مهراڻ“ ۾ ڇپي رهيو هوس. پر هن کي ڪجهه ڳالهين جي کڙڪ پئجي وئي ۽ هن اهو ليک ٻئي هنڌ ڇپائي ڇڏيو. ان ۾ ڪجهه ڳالهيون درست هيون، جيئن اصغر گونڊوي ۽ رياض حيدرآبادءَ واري ڳالهه، پر ڪيتريون ڳالهيون صحيح نه هيون. جن تي لکڻ کپي، اُهي رڪارڊ تي ضرور اچڻ کپن. اهو ياد رکڻ کپي ته ڪنهن به شاعر کي ٻيو ڪوبه نه، صرف ان جي شاعري ئي بچائي سگهي ٿي. اسحاق سميجي وٽ شيخ اياز جي عظمت جا پنهنجا دليل آهن ۽ مون وٽ پنهنجا! رهي ڳالهه ٻوليءَ جي ته اهو به اسان سڀني جو پنهنجو وڙ آهي.
    سوال: شمشير الحيدري پنهنجي انٽريو ۾ چيو آهي ته هو شاعر ناهي، ماڻهن کي غلط فهمي آهي؟ ڇا اها ان جي ڪسرنفسي آهي يا سچ آهي، اوهان جي ان سلسلي ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟
    جواب: اهو سوال ته شمشير کان ڪرڻ گهرجي. جنهن کان توهان انٽرويو به ورتو آهي. اڄ جڏهن ڪيترائي ”اڪوي“ پاڻ کي ”ڪوي“ سڏي/ سڏائي رهيا آهن، تڏهن هڪ ”ڪوي“ پاڻ کي ”اڪوي“ ئي سڏيندو نه. هونئن ان بابت به مان ”پيغام“ ۾ لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ شمشير جو اهو انٽرويو ڇپيو هو. جنهن ۾ هن اهڙي ڳالهه ڪئي هئي. شمشير تي گهٽ، بلڪ لکيو ئي نه ويو آهي، اسان وٽ حالت اها آهي ته جڏهن اسحاق سميجو غزلن جو ڪتاب ”دل جو رستو“ سهيڙي ٿو ته ان ۾ شمشير جو غزل نٿو ڏئي! ڪارڻ؟ اهو ته (1) اها هن جي پسند جي چونڊ آهي، (2) ته شمشير غزل گهٽ لکيو آهي. جڏهن ته منهنجي راءِ ۾ اهو ڪتاب شمشير جي غزل کان سواءِ مڪمل نه آهي. اعليٰ شاعري جي جڏهن به ڳالهه نڪرندي تڏهن شمشير جي فن ۽ فڪر جي ڳالهه به ضرور نڪرندي:
    سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين
    سرِ عام هر بات چوندا رهياسين
    اوهان ڪيتروئي دٻايو ڌتاريو
    اسين رات کي رات چوندا رهياسين
    (شمشير)
    سوال: ادب ڇا آهن. ادب جا سياسي ۽ سماجي ڪهڙا ڪارج هئڻ گهرجن، اسان جو اڄ جو ادب ڇا ڪالهه جي ادب کان وڌيڪ سگهارو آهي؟
    جواب: اسين سماج ۾ رهون ٿا. ان کان اثر وٺون ٿا. ساڳئي وقت ان تي اثر ڇڏيون به ٿا. ادب ۽ شاعري سماج ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ئي آهي، خلا ۾ پيدا نٿي ٿئي. ان ڏس ۾ ٽي ايس ايليٽ جو شاعريءَ جو سماجي ڪارج ”پڙهڻ کپي، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي چڪو آهي.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو، سنگت ڇا پنهنجو ڪردار صحيح ادا ڪري پئي. جڏهن ته سنگت جي حياتي وڏي آهي ۽ تنهن جي باوجود سنگت فقط پنهنجي تاريخ سهيڙي ان کي ڪتاب صورت به نه ڏيئي سگهي آهي؟ ۽ اڄ ڏينهن تائين ان جي ڪا مرڪزي آفيس ڪانه آهي ۽ سالن جو رڪارڊ هر سيڪريٽري پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ٿو.
    جواب: ڇا توهين سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر آهيو؟ جي ها، ته پوءِ اهڙو سوال س ا س جي پليٽ فارم تان ڪريو، جي نه، ته پوءِ اهڙو سوال به نه ڪريو. س ا س وري به سنڌ جي مسئلن تي ڪجهه نه ڪجهه ڪري رهي آهي. س ا س جو رڪارڊ سيڪريٽري جنرل جي قبضي ۾ نه رهندو ته ڇا توهان جي قبضي ۾ رهندو؟ س ا س تي ادل سومري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتي آهي.
    سوال: امداد صاحب: پيار ڇا آهي؟ ۽ وڇوڙي هجر ۾ ڪهڙو مزو آهي؟
    جواب: هن سوال جو جواب به مٿي ڪٿي ڏئي آيو آهيان، جنهن ۾ Pain جي، ڏک جي، درد جي ڳالهه ڪئي اٿم ۽ پنهنجي هڪ نظم ”رُوٽس“ جو حوالو ڏنو اٿم، هتي ان نظم جون صرف ٻه سٽون ڏيان ٿو:
    ڏکُ ته آهي پارس ڪوئي
    جنهن سان ماڻهو سون ٿئي ٿو
    شرط اهوئي آهي ته اهو ”ماڻهو“ هجي، ”ڪُماڻهو“ نه هجي، شايد اهو ڏک، اهو درد، اها پيڙ – ان وڇوڙي، ان هجر مان ئي پيدا ٿئي ٿي - ۽ روح جي الاءِ ڪهڙي پاتال مان سٽ ڏئي نڪري ٿي ۽ پين تي سِٽ جي سروپ ۾ پلٽجي وڃي ٿي.
    سوال: اوهان جو تازو ڪتاب ”هوا جي سامهون“ منظر عام تي آيو آهي، جنهنجو طويل مهاڳ ذري گهٽ ڪتاب جي شاعري جيترو آهي ۽ جيڪو اوهان جي گهر واري محترمه سحر امداد لکيو آهي. ان ۾ ادبي ڇنڊ ڇاڻ گهٽ پر تعريفي پهلو وڌ ۾ وڌ آهي، ان لاءِ ادبي حقن ۾ ڪافي چوٻول اٿيو ته، اها امداد جي نئين ٽيڪنڪ آهي جنهن ۾ هن پنهنجي پذيرائي ڪئي آهي؟ ايڏو طويل مهاڳ سوبه پنهنجي گهرواري کان لکرائڻ جو ڪهڙو جواز هو؟
    جواب: ساهت ۾ ٻُڌ سُڌ تي ڪم ٽپائڻ ڪار نه آهي. توهان انهن ”ادبي حلقن“ جي ”ڪافي چوٻول“ تي ڳنڍ ٻڌي، ساڳيو فيڊ ڪيل سوال ٻيهر پڇيو آهي، جنهن جو جواب ”ادب“ (امداد حسيني نمبر) ۽ ”اڏام“ ۾ ڏئي چڪو آهيان، اهي جواب توڙي ”هوا جي سامهون“ جو مهاڳ/ اڀياس توهان جو پڙهيل هجي ها ۽ ان حوالي سان پڇو ها ته بهتر ٿئي ها – گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ به، ته پڙهندڙن لاءِ به، مهاڳ/ اڀياس نه پڙهڻ جو ثبوت خود توهان جو هي جملو آهي ”طويل مهاڳ ذري گهٽ ڪتاب جي شاعريءَ جيترو آهي“ جڏهن ته مهاڳ/ اڀياس 15 کان 91 صفحي تائين آهي. ڪل 76 صفحا! شاعري 93 کان 346 صفحي تائين آهي. ڪل 254 صفحا. ائين شاعري مهاڳ/ اڀياس کان ٽِيڻ کان به وڌيڪ آهي. ائين هڪ ته توهان اهو ”سچ“ نه چيو آهي، ٻيو ته اهو ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مهاڳ/ اڀياس هيتراڪي هيترا صفحا هئڻ کپي! ايم ڪمل جي مجموعي ”باهه جا وارث“ جو مهاڳ لال پشپ هڪ شعر کي کڻي لکيو آهي. ”هوا جي سامهون“ کان به ٿوري ڪلام تي مونو گراف، ٿيسز ۽ ڪتاب لکيا ويا آهن. سحر، شيخ اياز (”توجا سمجهي سِٽ سا“ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي اياز چيئر پاران ڇپايل ڪتاب ۾ ڇپيل)، نارائڻ شيام (”سرجڻهار شيام ”سنڌ يونيورسٽيءَ پاران سڏايل بين الاقوامي ۽ ”ڪونج“ ۾ ڇپيل)، هري دلگير (”هري دلگير“ ٽه – ماهي ”مهراڻ“ اونهارو 2004 ۾ ڇپيل جيڪو هند ۾ ”سنڌو جوت“ ۾ ٻيهر ڇپجي رهيو آهي)، تنوير عباسيءَ”اصل ڏانهن مراجعت“ ۾ ٻيهر ڇپجي رهيو آهي) تنوير عباسيءِ (”اصل ڏانهن مراجعت“ سنڌي ڊپارٽمنٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ جنرل ”ڪينجهر“ ۾ ڇپيل)، ايم ڪمل (”ايم ڪمل – باهه جو وارث ”جيڪو ”ڪونج“ جي ”ايم ڪمل نمبر“ ۾ ڇپجي رهيو آهي تي ته لکي سگهي ٿي، پر امداد حسينيءَ تي نٿي لکي سگهي! سحر منهنجي همعصر ليکڪ، شاعر ۽ عالم آهي، رهي ڳالهه پذيرائيءَ جي ته سحر نه ته مون کي ”لطيف ثاني“ چيو آهي، نه ئي هن مون کي ”شهنشاهِه غزل“ يا ”گيتن جو بادشاهه“ چيو آهي، نه وري سحر منهنجي هڪ defective شعر تان ”سانگيءَ جي سڄي ديوان قربان ڪري ڇڏڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، بهرحال ”پذيرائي“ جو هڪ اڌ مثال ڏيڻ کپندو هو توهان کي، ادبي ڇنڊ ڇاڻ جو توهان وٽ ڪهڙو تصور آهي اهو به لکڻ کپندو هو، سحر ته منهنجي شاعريءَ بابت سڀ کان پهرين بيگم زينت عبدالله چنا، غلام محمد گرامي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ تنوير عباسيءَ جي راءِ ڏئي پوءِ پنهنجي راءِ ٿي ڏنئي. ساڳئي وقت سحر عالمي ادب جا به حوالا ڏئي، معاف ڪجو مان ٻولڙين پيدا ڪرڻ واري ٽيڪنڪ ۾ يقين نٿو رکان، نه ئي پاڻ تي فرمائشي ليک لکرائيندو آهيان. توهان جي نيڪ اطلاع ”هو اجي سامهون“ جو مهاڳ/ اڀياس Neo-Classical جُڳ جو، بلڪ پنهنجي جاندار شاندار لوڪ، ڪلاسيڪل، ان مهاڳ/ اڀياس کي سنڌ – هند جي ساهتڪارن ساراهيو آهي، هتي اوهان کي نه پڙهندڙن کي (مونکي ڇونه) اها ڄاڻ ڏيڻ ٿو چاهيان ته ”هوا جي سامهون“ جي مهاڳ/ اڀياس جي انفرادي اهميت آهي ۽ ان اهميت جو ڪاٿو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هند جو هڪ ساهتڪار ان مهاڳ/ اڀياس کي ڌار ڪتابي صورت ۾ ڇپائي رهيو آهي.
    بهرحال، توهين پاڻ يا توهان جا اهي ادبي حلقا ڪجهه به چون، مون کي ان سان ڪوبه فرق نٿو پئي! ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ هڪ ڪويءَ جو ڪم / ڪرتوبه وِهُه کي امرت ڪرڻ ۽ لوڪ کي آڇڻ آهي، پوءِ ڪير ان کي ٿُڪي ٿو ڇڏي ته اُهو ان جو وڙ آهي؟

    امرت سمجهي ڪنهن وِهُه پيتو،
    وِهُه سمجهي ڪنهن امرت هاريو.

    هوا جي سامهون جي مهاڳ/ اڀياس ۾ منهنجي شاعريءَ جي جيڪا ڇنڊ ڇاڻ، ويا کياڻ ۽ ملهه ڪٿ ڪئي وئي آهي، اُها يقيناَ توهان يا توهان وارن ادبي حلقن کي نه آئڙڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اهو هالو چالو ناهي، ڇاڪاڻ ته اها هالو چالو شاعريءَ تي به ناهي!
    سوال: توهان مهراڻ ڇڏي ويو ۽ وري آيو ۽ اعزازي ايڊيٽر ٿيا، مگر اڄ به جڏهن اوهان جي زير ادارت نڪتل پرچن جو موازنو غلام محمد گرامي جي دور ۾ نڪتل پرچن سان ڪجي ٿو ته ان جي ڀيٽ ۾ اڄ جو مهراڻ انتهائي غير معياري ٿو لڳي. ان ڏس ۾ توهان رسالي جي پڙهندڙن کي خواب ته وڏا ڏيکاريا پر ان جو معيار اتي جو اتي آهي ۽ ان ۾ به ساڳي اقربا پروري نظر اچي رهي آهي؟ ائين ڇو؟
    جواب: پهرين توهان جي سوال تي ٿا اچون، پهريون جملو آهي: ”توهان (توهين مهراڻ ڇڏيو ويو ويو ءِ) ۽ وري آيو (آيو ءِ) ۽ اعزازي ايڊيٽر ٿيا. جڏهن ويو (ويو ءِ)، آيو (آيو ءِ) ٿا لکو ته پوءِ ٿيو (ٿيو ءِ) لکڻ کپي. جيڪڏهن ٿيا، لکو ٿا ته پوءِ ويا آيا لکڻ کپي، جڏهن ويو (ويو ءِ) يا آيو (آيو ءِ) لکو ٿا ته پوءِ توهين به نه لکڻ کپي. ائين توهان جي ٻولي، صورتخطي، سٽاءُ، لهجو ....... درستي گهري ٿو.
    درست لفظن، ٻولي، لهجي جو لاڳاپو، ”بهترين خيالن“ سان آهي ۽ اُهي ظاهر آهي ته توهان کي پاڻ درست ڪرڻا پوندا. هاڻي پڇاڻي جي ورندي: ”توهان مهراڻ ڇڏيو ويو ۽ وري آيو ۽ اعزازي ايڊيٽر ٿيا“ اهو توهان ڪهڙي آڌار تي چيو؟ صحيح هيئن ٿيندو ته مون کي سڏيو ويو ۽ هڪ ذميواري ڏني وئي، توهين ”اڄ جي مهراڻ“ کي ”غلام محمد گراميءَ جي دور جي نڪتل پرچن جي ڀيٽ ۾ ”انتهائي غير معياري هئڻ“ جو ٺپو ٿا هڻو، اها راءِ انتهائي بدنيتيءَ تي ٻڌل آهي. توهان ته ”اڄ جو مهراڻ“ پڙهيو ئي ناهي، ان جو ثبوت اهو آهي ته مان ”مهراڻ“ جو اعزازي ايڊيٽر“ نه پر ”چيف ايڊيٽر (اعزازي) آهيان گرامي صاحب جي دور ۾ ”مهراڻ“ مان تخليقي ادب (شاعري/ ڪهاڻي) جو ڀاڱو ئي ختم ڪيو ويو هو! مون ان بابت 1977ع ۾ ”مهراڻ“ جي ڪنهن پرچي ۾ ايڊيٽوريل لکيو هو ۽ جنهن تي ”مهراڻ“ مون کان ڇڏايو ويو هو. 1992 ۾ س ا ب ۾ سيڪريٽريءَ جي ذميواري ڏني وئي. تڏهن ”مهراڻ“ جو ڪوبه ايڊيٽر نه هو، ان ڪري سنڀالڻو پيو ۽ سال ۾ بهترين چار پرچا ڏنم. ان کان علاوه گرامي صاحب جي دور ۾ ”مهراڻ“ مان خطن وارو ڀاڱو به ختم ڪيو ويو آهي! پڇڻ تي ان جو ڪارڻ اهو ٻڌايو ويو ته خطن ۾ تنقيد هوندي آهي، جنهن تي اديب سڳورا ناراض ٿا ٿين. توهين اڄ جي مهراڻ کي، بنان ڪنهن دليل، ثبوت ، مثال ۽ حوالي جي انتهائي غير معياري سڏيو ٿا ته ساڳئي وقت ته ”ان جو معيار اتي جو اتي آهي، گرامي صاحب جي دور جي مهراڻ جي يقيناَ اهميت آهي. هتي اهو سوال به ڪري سگهجي ٿو ته خود توهان وٽ پرک جو ڪهڙو معيار آهي؟ توهان کي جهٽ لاءِ به اهو احساس ٿيو ته ” اڄ جي مهراڻ کي انتهائي غير معياري ”سڏي توهان سنڌ، هند ۽ دنيا جي اديبن، ڪهاڻيڪارن، شاعرن ۽ عالمن جي انتهائي اعليٰ معيار جي تحريرن کي غير معياري سڏيو آهي! اهو ته ائين آهي جيئن اکيون ٻوٽي چوڻ ته سج ناهي! هاڻي ”مهراڻ“ باقادگيءَ سان نڪري رهيو آهي. ان جو ڪوبه ٻٽو پرچو نه نڪتو آهي. ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن جو حلقو وڌيو آهي. ان ۾ خطن جو ڀرپور ڀاڱو اختلاف راءِ، کي اهميت ڏيڻ جو ثبوت آهي. اڄ جي مهراڻ جي اعليٰ معيار جو ڪرئڊٽ به اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ عالمن کي وڃي ٿو. پڙهندڙ توڙي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جي اڄ جي ”مهراڻ“ بابت راءِ، توهان جي ابتڙ راءِ جي بلڪل سُبتڙ آهي، انهن ”مهراڻ“ کي ساراهيو آهي، هاڻي اچون ٿا توهان جي هڪ ٻي تهمت تي، توهان جي سڄي پلٽي جي تان اقربا پروريءَ تي اچي ٽُٽي ٿي. اسان جي هڪ ”اديب برادري آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ آهي ۽ سموري دنيا جا سمورا اديب منهنجا اقربا آهن، منهنجا مٽ آهن، ذاتيات تي لهي آيا آهيو ته توهان جي ملاحظي لاءِ ”مهراڻ، اونهارو 2005 ۾، حميد شهيد هالائيءَ (جيڪو موجوده دور جو هڪ اهم شاعر آهي) جي ڇپيل خط مان هي سٽون ڏيان ٿو:
    ”سحر امداد به هڪ اهم باشعور شاعر آهي، مگر شايد امداد جي گهروريءَ هئڻ باعث امداد جي اقربا ۾ شمار ٿئي ٿي، جڏهن ته سحر جي پنهنجي الڳ حيثيت آهي.“
    ان خط جون هي سٽون:
    ”امداد جي اقربا ۾ شايد شبير ”هاتف“ به اچي سگهي ٿو، جيڪو هڪ خوبصورت جمالياتي شاعر آهي، مگر شبير ”هاتف“ ته گذريل 50 سالن کان لکندو اچي ٿو ۽ سالن کان ”مهراڻ“ ۾ ڇپجندو اچي ٿو.“
    (ص 195)
    جيڪڏهن شبير ”هاتف“ ۽ سحر امداد، گرامي صاحب جي دور جي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجن ته اهو ٿيو معياري، پر جي منهنجي دور جي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجن ته اهو ٿيو غير معياري ۽ اها ٿي ”اقربا پروري“ اهو ته عجيب منطق آهي. اڃا ته منهنجي ڳوٺ جا شاعر ”مهراڻ“ ۾ نه ڇپيا آهن، جيڪي گهڻن ”صاحبان ڪتب“ کان سٺو ٿا لکن. ڇا انهن کي رڳو ان ڪري نه ڇپجي ته اهي منهنجا ڳوٺائي آهن؟!
    سوال: شيخ اياز جي اڳين شاعري ۽ آخري دور واري شاعري جي وچ ۾ چڱو خاصو تضاد آهي. ان لاءِ ادبي حلقن مان مختلف رايا ۽ ويچار ايندا رهندا آهن، ان باري ۾ اوهان جي پنهنجي ذاتي راءِ ڪهڙي آهي؟
    جواب: ان/ اهڙي سوال جو جواب به مان ”اڏام“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. وري وري ساڳئي سوال پڇڻ جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا شيخ اياز جهڙي سرجڻهار لاءِ توهان وٽ ٻيو ڪوبه سوال ناهي؟! مختصر توهان جي پڇاڻي جي ورندي اها ئي آهي ته شيخ اياز اسان جي دور جو هڪ وڏو ساهتڪار آهي، هن نثر/ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب ڏنا آهن، هن گهڻو ڪجهه لکڻ/ ڏيڻ ٿي چاهيو. جڏهن به ڪنهن شاعر پاران، گهڻي لکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته پوءِ اهو ”ورجاءُ“ جو شڪار ٿي ويندو آهي. ان ورجاءُ کان بچڻ لاءِ هو مختلف صنفن، موضوعن ۽ هيئتن ڏانهن ويندو آهي، ان عمل ۾، اصل تخليق جي ظهور پذير ٿيڻ تائين، گهڻو ڪجهه Trash هوندو آهي، شيخ اياز سان به ائين ٿيو آهي. هڪ وڏو شاعر زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذرندو آهي ۽ انهن جو اولڙو هن جي شاعريءَ ۾ اچي ويندو آهي. ناستڪ کان آستڪ ٿيڻ تائين اياز جي شاعريءَ جا مختلف Shades آهن، جن کي توهين تضاد ٿا سڏيو. انهن Shades انهن تضادن تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو ۽ اڃا به لکيو ويندو.
    سوال: جيئن ته سنڌي ليکڪن کي عام رسالن طرفان ته ڪو اعزازيو نه ٿو ملي پر مهراڻ جهڙي زخيم سرڪاري رسالي طرفان به نه ٿو ڏنو وڃي، اديبن جي ان حقير سهائتا لاءِ اوهان ڪي اپاءُ ورتا يا نه؟
    جواب: اصولي طور تي مان ان سان سهمت آهيان ته ”مهراڻ“ ۾ ڇپجندڙ لکڻين تي اجورو ملڻ کپي.
    سوال: جيئن ته اوهان سنڌي ادبي بورڊ جي اختيارن وارن جي ويجهو رهيا آهيو ۽ اوهان ان ڳالهه کان به واقف آهيو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي نالي وارن اديبن ۽ ٻين جا مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب، ڪلمي صورت ۾ اڏوهين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن ۽ ڇپائي جا ڳاٽي ٽوڙ خرچ هئڻ ڪري اهي پنهنجا ڪتاب نه ٿا ڇپائي سگهن. ڇا اوهان اختياري وارن کي ڪو اهڙو پروپوزل ڏنو آهي، ته جيئن ان ادبي اثاثي جي طباعت لاءِ ڪا رٿا بندي ڪئي وڃي ۽ اهڙو قيمتي اثاثو بچايو وڃي؟
    جواب: ڇپجڻ جوڳا اسڪرپٽ ڪنهن وٽ به آهن ته ان کي س ا ب جي پبليڪيشن ڊپارٽمينٽ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي.
    سوال: تنقيد کي کولي سمجهايو؟
    جواب: تنقيد ڪنهن به فنپاري جي ملهه – ڪٿ آهي، اها ئي ان جي مختصر ۽ جامع ويا کياڻ آهي، ڄاڻ، ايمانداري ۽ اڻ ڌُريائپ تنقيد لاءِ بنيادي اصول آهن،
    سوال: اوهان شاعر آهيو ۽ يقينن اوهان محبت به ڪئي هوندي؟
    جواب: محبت ڪئي نه ويندي آهي، پر ٿي ويندي آهي ۽ مون کي به ٿي وئي آهي.
    سوال: علم عروض کي اڄ جي نئين ٽهي جا ڪجهه دوست فضول سمجهن ٿا، اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
    جواب: ”ڪجهه دوست“ مان ڇا ملطب آهي؟ توهان کي نالا کڻڻ کپن، ڇا اهي دوست/ ادبي حلقا .پرده نشين“ آهن؟ ساڳئي وقت اهو به ٻڌائڻ کپيو ته اهو هنن لکت ۾ چيو آهي يا زباني؟ هونئن منهنجي راءِ اها آهي ته عروض/ ڇنڊ/ مِيٽر/ ردم/ لئه/ سُر .... فضول ناهي، ڪيرائين سمجهي ٿو ته اها ان جي اڻڄاڻائي آهي ۽ ان جي اهڙي سمجهه جي ادب ۾ ڪابه اهميت ناهي.
    سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟
    جواب:..........................

    وري ياد آئي اها ئي گهٽي،
    اسان سون ڀانئي ٿي جنهن جي مٽي.
    ***
    نماشام گهر گهر ٻريا جيئن ڏيا،
    کليا ياد جا ريشمي تاڪيا.


    امداد حسيني جي
    طويل نظم ”روٽس“ جو هڪ بند


    روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
    ڏک به آهي ڄڻ ڪو ڏيئو
    جنهن ۾ رت جو تيل ٻري ٿو
    سنڌ به آهي ڄڻ ڏک ڪوئي
    ان ڏک ۾ آ ڄڻ سک ڪوئي
    ڏک آ جوئي سک آ سوئي
    ڏک جهڙي ان سُک ڪارڻ
    سک جهڙي ان ڏک ڪارڻ
    چار ڏسائون، تاڻيل آهي،
    لاک رتي، مارل جي لوئي،
    توڙي ليڙون ليڙون لوئي
    پوءِ به ان جو رنگ اهو ئي
    جن من جو اتحاث انهيءَ کي
    پيرن هيٺان ڀوري ڌرتي
    سر ڇٽ نيل، آڪاش انهيءَ کي
    پولارن ۾ چيخ انهيءَ کي


    تاج بلوچ

    غزل

    چيٽ چانڊوڪيون سرخرو ٿينديون
    گل پريون جڏهين روبرو ٿينديون
    پوپٽن جي اڏام تان صدقي
    چاهتون پاڻ جستجو ٿينديون
    عڪس ڊهندا ۽ ٺهندا لفظن جا
    سونهن ۽ مُرڪ واهرو ٿينديون
    چنڊ بي ربط وصل جون راتيون
    هجر منهنجي جي آبرو ٿينديون
    آءُ تنها ۽ دربدر منظور
    تنهنجون رسوايون چارسو ٿينديون
    تنهنجي چوڙين جون سڏڪندڙ مرڪون
    منهنجي چاهت جي آرزو ٿينديون
    زرد چهرن جون پيليون چانڊوڪيون
    تاج ڪڏهين ته ماهرو ٿينديون.



    BRIEF INTRODUCTION
    تاج بلوچ


    ادبي نالو: تاج بلوچ
    اصل نالو: مير تاج محمد خان جتوئي
    ولديت: مير نور احمد خان جتوئي
    جنم تاريخ: 25 مئي 1942
    جنم هنڌ: ڪوٽ بُلا پنو عاقل سکر
    تعليم: ايم. اي صحافت
    ڪرت: اڳ سرڪاري آفيسر، هاڻ صحافي
    لکڻ جي شروعات: 63-1962
    ڇپيل ڪتاب: 1. درد جو صحرا 1970ع
    2. خوشبو جو زهر 1979ع
    3. لفظن جو ماتم 1994ع
    4. دل جزيرو اداس سپنن جو 2002ع
    5. چچريون چچريون خواب 2011ع
    6. جديد ادب جو تجزيو 2014ع
    اڻڇپيل ڪتاب: 1. ڇنڊ ڇاڻ تنقيدي مضمون
    2. نئون شعري مجموعو
    3. انگريزي ترجمو (لطيف نوناري)
    مڃتا ايوارڊ: (لطيف ايوارڊ مليل) اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان، ايڏا گهڻا جيڪي نه ياد آهن نه سنڀاري رکيم
    موجوده پتو: بنگلو 177 گل هائوسز بلاڪ 7 گلستان جوهر ڪراچي

    سوال: پنهنجي جنم ۽ تعليمي ماحول ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائڻ فرمايو؟
    جواب: ننڍپڻ وڏيرڪي مڳي ۽ بيخودي ۾ گذريو. ڏاڍو ڏنگو ۽ سرڪش ڇوڪرو هوس. ڇهون ڪلاس هاءِ اسڪول پنو عاقل مان پاس ڪيم ته مونکي ڪراچي پڙهڻ لاءِ اماڻيو ڇا ڀڄايو ويو. ڪراچيءَ منهنجي ٽڪ مان وز ڪڍي ڇڏيو. هتي ننڍپڻ ۾ اندر ۾ دٻيل لکڻ پڙهڻ وارو شوق، لائبريرون ۽ ڪتاب ڏسي ۽ پڙهي اوج تي رسيو ۽ پوءِ اڄ تائين ڪتابن سان گهاٽي ياري آهي ۽ جڏهن نوجوانيءَ ۾ پير پاتم ته پهرين عشق جي ناڪامي باده خوار بڻايو ۽ هاڻ خبر نه پوندي آهي ته آءُ شراب پيئان ٿو يا شراب مون کي پيئي ٿو. هاڻ آءُ ۽ شراب جاڙا ڀائر ٿي ويا آهيون. منهنجي دور جو تعليمي ماحول ڏاڍو اتساهيندڙ ۽ ٻار کي بازياب ڪندڙ وايو منڊل هو.
    سوال: تاج صاحب! شاعري جي شروعات ڪيئن ٿي؟ ڪڏهن ٿي؟ ڇا واقعي اها ڳالهه صحيح آهي ته شاعري اندر جو اوٻر آهي ۽ جذبن جو اظهار آهي؟
    جواب: آءُ پئدائشي شاعر آهيان. وڏا چوندا آهن ته ننڍپڻ ۾ ٽرپل فائيو جي خالي دٻي ۾ مٽي ڀريندي ۽ مٽي لاڙيندي آءُ لفظيات کان سواءِ عجيب آهنگ ۽ ردم ۾ جهونگاريندو هوس. شاعري مطالعي ۽ مشاهدي سان، عروج ماڻي ٿي ۽ دل جي ڪچن جذبن ۾ پختگي ۽ رس آڻي ٿي. علم سان، وجدان طاقتور ٿئي ٿو ۽ شاعر جو ادراڪ تيز ٿئي ٿو.
    سوال: اوهان شاعري جي باقائدي سکيا ڪنهن کان ورتي؟ علم عروض جو فن اوهان ڪنهن کان سکيو؟
    جواب: مون ڪنهن کان به ڪجهه نه سکيو- ڄڻ مون کي سڀ ڪجهه ايندو هو. علم عروض ٻاهرين شيءِ آهي، جيڪو مَنَ جي ترنم مان ڦٽي ٿو.
    سوال: اوهان سنڌي ادب جا وڏا نالا آهيو. اوهان جي شاعري عروض جي بندشن ۾ سمايل آهي. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته هن دور ۾ خيال کي اهميت آهي فعولن فعولن ڪجهه ناهي. اوهان صرف ايترو فرمايو ته اوهان عروض کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا؟
    جواب: متشاعر لاءِ علم عروض لازمي آهي. پئدائشي شاعر علم عروض ۽ ڇند وديا جو ڳيجهو ناهي. خيال کان اڳ، شاعر جو جذبو اهميت جوڳو آهي، جنهن کي پختو خيال ۽ زورائتو ڊڪشن وڌيڪ نمايان ڪري ٿو.
    سوال: تاج صاحب! چيو ٿو وڃي ته شاعري عشق جي پيداوار آهي، ڪي وري چون ٿا ته شاعري حالتن جي پيدوار آهي، جيڪڏهن شاعري عشق جي پيداوار آهي ته اوهان پنهنجي شاعري کي ڪهڙو نانءُ ڏيندو؟
    جواب: اهي ٻئي شيون شاعريءَ کي هٿي ڏين ٿيون. عشق جي ڪاميابي يا ناڪامي، حالتن جي محتاج آهي، حالتن جو جبر ۽ اندر جي ڀڃ ڊاهه ۽ تڙپ، جيڪو جذبو اُڀاري ٿو، اهو جذبو ئي شاعريءَ جو سرچشمو آهي، جنهن کي مطالعو ۽ مشاهدو شاعر طور سڃاڻ بخشي ٿو.
    سوال: اهو وڻ ناهي، جنهن کي واءُ نه لڳو هجي. اها جواني ناهي جيڪا عشق جي آڙاهه ۾ داخل نه ٿي هجي؟ توهان منهنجو مطلب ته سمجهي ويا هوندوء؟!!!
    جواب: منهنجي دل جي وڻ کي سو کان مٿي هوائن لوڏيو آهي. مون سو کان مٿي عشق ڪيا آهن ۽ هر عشق، مون پهرين جذبي، جوش، جولان ۽ جنون سان ڪيو آهي. ”عشق هڪ ڀيرو“ واري ٿيوري غلط آهي.
    سوال: پنهنجي همعصرن مان ڪهڙين جي شاعري مان متاثر آهيو؟
    جواب: ڪنهن کان به نه، منهنجي همعصرن جو الميو اهو آهي ته ڪنهن وٽ طاقتور جذبو آهي ته ان جو خيال موڳو ۽ ڊڪشن جوڳو ناهي. ڪنهن جو ڊڪشن جادو ڪندڙ آهي، جيئن شيخ اياز، پر هن وٽ جذبو پرايو ۽ خيال اوڌارو آهي. هن جي شاعري (گهڻي تڻي)کي سولو ڪنهن به ٻوليءَ جي نثر ۾ پلٽيو ته بي معنيٰ لڳندي. البته نوجوان شاعر ۽ شاعرائون، ڏاڍو سٺو لکي رهيا آهن.
    سوال: اڄ جي ادبي محفلن/ مشاعرن ۽ ان دور جي ادبي گڏجاڻين جنهن ۾ اوهان جي شاعري پروان چڙهي، ۾ ڪهڙي خامي محسوس ڪيو ٿا؟
    جواب: اڳ هرڪو سکڻ چاهيندو هو، ان ڪري خلوص هو، پنهنجائپ هئي. هڪ ٻي لاءِ احترام هو ۽ هاڻ هرڪو آپي خان ۽ عظيم بڻجي پيو آهي. ٽڪو پنجو ۽ اٽڪلون ڪري، هر ڪو ليکڪ وڏو قلمڪار بڻجي پوڻ جي سڌ رکي ٿو. جڏهن ته رڳو سڌ ڪرڻ سان ڪوبه وڏو قلمڪار نٿو بڻجي سگهي، انگريزيءَ جو پهاڪو آهي،
    If the wishes would have been horses
    the beggers should have ridden.
    ”جيڪڏهن خواهشون گهوڙا هجن ها ته رڳو فقير ئي سواريون ڪن ها.“
    سوال: مان سمجهان ٿو ته اوهان ون يونٽ واري دور کي چڱي طرح ڏٺو، ڇا اوهان اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته، ان دور ۾ سنڌي شاعرن / اديبن (ڪهڙن ڪهڙن) ڪهڙو ڪردار نڀايو؟
    جواب: اسان ڏٺو ڪٿي، اسان ڀوڳيو، لٺيون کاڌيون سين، لاڪپ ڏٺا سون، مار ۽ موچڙا ڍو تي کاڌاسين، سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن، خاص طرح سان سنڌي ادبي سنگت جي دوستن تاريخي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته هاڻي اها ساڳي سنگت، قوم پرستن جي سياسي نعري بازيءَ جو آرگن بڻجي پئي آهي، اهو سنڌي قوم جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي.
    سوال: اسان وٽ غزل گهڻو لکيو ويو ۽ لکيو وڃي ٿو، اوهان به سٺو غزل لکيو آهي ۽ لکيو پيا. اوهان وٽ سٺي غزل جو پيمانو ڇا آهي؟ ۽ اهو به ٻڌايو ته ڇا اسان جو غزل حالتن جي پيدوار آهي؟
    جواب: سٺو غزل ڪالهه به لکيو ويو. اڄ به لکجي پيو. اڄوڪو غزل وجداني سمجهن تي عروج ماڻي رهيو آهي. غزل ۾ سولي عبارت، غنائيت ۽ چهڪ ڏيندڙ جذبو ۽ جذبي کي ملندڙ سٺو خيال ئي غزل جي صنف لاءِ سڀاويڪ آهي، زمان ۽ مڪان جون ڪيفيتون شاعر جي وجدان ۾ تکائي ضرور پيدا ڪنديون آهن، پر ان جو دارو مدار شاعر جي Conceive ڪرڻ تي آهي.
    سوال: آثم ناٿن شاهي ”وفا“ ناٿن شاهي کي غزل جي ”مارشل“ جو خطاب ڏنو. تازو محترم شمشير الحيدري صاحب پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته، ”وفا غزل جو بادشاهه آهي“. جڏهن ته منهنجي ناقص خيال ۾ ته محسن ڪڪڙائي، بشير سيتائي، امداد حسيني، راشد مورائي، تاج بلوچ، تاجل بيوس، ۽ احمد خان مدهوش سٺا غزل لکيا آهن، پوءِ انهن جي غزلن کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪيو ويندو؟!!
    جواب: اهڙي قسم جا لقب القاب ڏيڻ ۽ وٺڻ جاگيرداراڻي سماج جي هيٺاهين قسم جي سوچ آهي، اسين پاڻ کي آزاد خيال ۽ جمهوريت پسند سمجهون ٿا، پوءِ به ”مارشل“، ”بادشاهه“، ۽ ”شهنشاهه“ جهڙا ڌپارا لفظ/ لقب تجويز ڪيون ٿا. اصل ۾ هڪ ٻي سان پيار ۽ محبت ۾ يا هڪ ٻي جي لاءِ ڪا عقلي راءِ ڏيڻ جي سگهه نه ساريندي، اهڙي نوعيت جي ”خرافات“ تخليق ڪري، پنهنجي پنهنجي لاءِ علميءَ کي لڪائي، ٻين کي يا دوستن کي خوش ڪري، ”حلقئه احباب“ ۾ واڌاري واري خوشي محسوس ڪيون ٿا ته اڳلو به اسان کي اهڙي نوعيت جي تعريفي لفظن سان نوازيندو. هر شخص پنهنجي پنهنجي دائري ۾ پنهنجو پنهنجو هنر آڇي ٿو. قبول يار ڪرڻ واري خلق (نقاد) جي غير موجودگي هڪ خلفشار کي جنم ڏنو آهي ان ڪري هر ڪو شخص پنهنجي وات سان، ”مٺو ميان“ ٿيو هلي.
    سوال: منهنجي خيال ۾ اڄ جي اديبن وٽ تنقيد براءِ اصلاح جي ڪا شي ناهي رهي، هتي فقط دوستيون ۽ ياريون ٿيون هلن، جيڪڏهن ڪنهن منهنجي غزل جي تعريف ڪئي ته مون تي اهو فرض ٿي ويو ته مان به ان جي غير معياري غزل جي تعريف جا گيت ڳايان، جڏهن ته ڪو ٽولو اهڙو به آهي، جيڪو فقط انڌي منڊي تنقيد ڪري، پاڻ کي نقادن جي لسٽ ۾ زوري فٽ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪرندو رهي ٿو. ڇا تنقيد براءِ اصلاح واقعي اڄ به ٿئي ٿي؟
    جواب: سنڌ جي شاعرن جي گهڻائي حرف شناس ماڻهن جي آهي. انهن عالمي سطح تي گذريل صديءَ جي ادبي ڌارائن جو مطالعو ئي نه ڪيو آهي. مطالعو ڇا، کين اها ٻولي ئي نه ٿي اچي، جنهن ٻوليءَ ۾، علم جو نور آهي. وڏي ڪهاڻي، وڏو ناول، وڏي شاعري ۽ وڏي تنقيد وڏو فلسفو ۽ ڏاهپ ڀري پئي آهي. بقول اوهان جي رڳو ياريون باشيون ملهائڻ لاءِ مٽ ۾ مانڌاڻي پئي ڦري، ڪنهن سنسني پکيڙيندڙ اخبار جي ايڊيٽوريل پيج جو پروف ريڊر به پاڻ کي وڏو عالم ۽ نقاد ٿو سمجهي، ٽين دنيا جي ننڍي کنڊ ۾ رڳو سنڌ ئي بدنصيب خطو آهي، جتي علم دشمني جو ڪاروبار هلي ٿو، جيڪو شخصي ۽ رياستي سطح تي موجود آهي، جڏهن علم جي روشني عام ٿيندي ته ڊينڊا ماڻهو اهڙي روش شايد تبديل ڪن، پر لڳي نٿو!!
    سوال: اسحاق سميجي جو ڪتاب ”شاعري سان دشمني“ آيو آهي، جنهن ۾ اوهان تي به هو تنقيد ڪري ويو آهي. اوهان ان ڏس ۾ ڇا چوندو؟ ۽ ان کان علاوه اوهان نوجوان ڪهڻايڪار مشتاق ڀرڳڙي جو ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ به ڏٺو هوندو، جنهن ۾ هن اهو مضمون نالي ”خدارا منافقت ڪرڻ بند ڪريو“ هلايو آهي جيڪو اوهان جي ”سوجهري“ ۾ هلي چڪو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اوهان ان مضمون ۾ وڌاءُ ڪيو آهي؟
    جواب: جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ذات لاءِ Complex هجن!! يعني ”مهاڻي“ مان ”ميربحر“ ۽ ”ميربحر“ مان ”سميجو“ بڻجي ويو ۽ جيڪو هڪ سنڌي خواندو آهي. جنهن جو مطالعو ٻڙي ۽ تجربو Nil جيڪو تازو سنڌيءَ جو ليڪچرار بڻيو آهي، سو به پرچي سسٽم جي بنياد تي، ان جي تنقيد، ايمڻا جو مٽ آهي، جيڪو تيل نه ٿو بڻجي سگهي، باقي مشتاق ڀرڳڙي کي ته سنڌي به لکڻ نه ٿي اچي. هو ان ڪري به مون تي ڪاوڙيل آهي جو مون سندس چوڻ نه ڪيو. هن نسيم کرل جي فن بابت پنهنجي مضمون اچڻ کان پوءِ مون کي چيو ته، ”آءُ هن بابت به اهڙي تناظر ۾ مضمون لکان“، حالانڪ هن جو فن يا لکڻيون اڃا ٻاراڻي اوستا ۾ آهن. ياري دوستي نه نڀائڻ به مون لاءِ نقصانده ثابت ٿيو آهي.
    سوال: منهنجي خيال ۾ ڪجهه اديب وڏن ناليوارن اديبن کي تنقيد جو نشانو بڻائي، رات پيٽ ۾ ادب جي آڪاش تي اڏرڻ چاهين ٿا ۽ اهي شايد شارٽ ڪٽ ڪري جلدي منزل ماڻڻ چاهين ٿا، ڇا ڪنهن وڏي اديب جو پٽڪو ڌوڙ ڪري، پاڻ اهو پٽڪو پائي سگهجي ٿو؟
    جواب: ان جو زنده مثال، اهو ٽين پيج جو پروف ريڊر آهي، ڪم علم ماڻهو، هڪ وڏي نالي جي اجائي سجائي واکاڻ ڪري، پاڻ کي نيشانبر ڪرڻ چاهيندو آهي. يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي پٽڪي ۾ هٿ وجهي به ڀائيندو آهي ته مون سوڀ ماڻي آهي. حالانڪه ڪنهن جي علمي ساک يا رتبو، زمان ۽ مڪان ئي مقدر يا رد ڪندا آهن، ڊينڊا ماڻهو يا گهٽتائي جي احساس جا ماريل ماڻهو پيرن هيٺيان وڏين کڙين وارا بوٽ پائي وقتي طور تي قداور ڏيکارجي سگهجن ٿا، پر هلي يا ڊوڙي نٿا سگهن، فطرت جا نيم اورانگهڻ سان، ماڻهو معتبر نٿو بڻجي سگهي.
    سوال: هينئر ”سوجهرو“ سڄي سنڌ ۾ پڙهيو وڃي ٿو، هر ڪو سوجهري جي معيار کان به واقف آهي، پر پوءِ به ڪن جو چوڻ آهي ته سوجهرو تاج بلوچ ۽ سندن دوستن يارن جي اردگرد گهمي ٿو. جن مان ته ڪي اهڙا شاعر به آهن جيڪي شاعري جي ”ش“ مان به واقف ناهن، پر اهي سوجهري ۾ ڇپجندا رهيا آهن؟
    جواب: ڪالهه به ڪيئي لکندڙ هئا، جيڪي ادب جي ”الف“ ۽ شاعريءَ جي ”ش“ کان واقف نه هئا. پر انهن کي پرچن ۾ جوڳي يا اجوڳي جاءِ ملي. انهن جي همت افزائي ٿي ۽ انهن به مطالعي جي سگهه ۽ مشاهدي جي قوت سان اڳڀرائي حاصل ڪئي ۽ اڄ پهرين قطار جا لکندڙ چيا وڃن ٿا.
    ”سوجهرو“ ۾ گهٽ معيار جو مواد ضرور آيو هوندو. پر اهي اسان جا دوست ته ٺهيو واقف به ناهن، اسان ته همت افزائيءَ جي لحاظ کان انهن جون ڪچيون ڦڪيون شيون ڇاپيون ٿا جيئن اهي جاکوڙي اڳتي وڌن، ڊيندي پروف ريڊر هڪ غزل ۾ ”جهونگارڻ“ بدران ”گنگنايو“ هو. اهو لفظ سڌاريون سون ته همراهه ڏمرجي پيو. اهڙي تجربي کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سنگين غلطين کان سواءِ، گهڻو تڻو اصلاح نه ڪندا آهيون ۽ مامرو پڙهندڙن تي ڇڏيندا آهيون، جنهن جا سٺا نتيجا آڏو آيا آهن ۽ همراهن ۾ تبديلي جا امڪان پيدا ٿيا آهن،
    سوال: اوهان شيخ اياز جي ويجهو رهيا آهيو، اياز صاحب جي فن ۽ فڪر جي حوالي سان ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: شيخ اياز جو علم محدود ڏيکاءَ وارو آهي، هن دنيا جي مختلف علمي ۽ ادبي تحريڪن جو مطالعو ڪيو هجي ها ته اهڙن تضادن ۽ گند جو مظاهرو نه ڪري ها، هن جو فن ٻوليءَ جي ردميٽڪ جادوءَ کان سواءِ، ڪنڀار جو ڪچو دلو آهي. هن وٽ ڪنهن وڏي شاعر جيان موضوع ئي ڪين آهن، رڳو ”سنڌ“، ”سنڌ“ ڪئي اٿس، جنهن سان به سچو نه رهيو. جڏهن جيئي سنڌ جي قومي تحريڪ عروج تي هئي ۽ تنهنجو آواز منهنجو آواز – شيخ اياز“ جو نعرو پئي گونجيو، تڏهن، شيخ اياز، ڀٽو جي معمولي رشوت تي تحريڪ کي نگهوسار ڪيو ۽ ان وقت جي ظالم ڀٽو جي قدمن ۾ ڪري پيو ۽ سنڌ جي پٺيءَ ۾ خنجر لاهي ڇڏيو.
    جڏهن ظالم ڀٽو مظلوم ٿيو ته ساڳيو شيخ اياز، ظالمن جي شهنشاهه آمر ضياءُ الحق، بزدل ماڻهو هو، فيشن ۽ شوق خاطر لکيل ڪيترين شين کي ان ڪري disown ڪيائين ته طالبان مون کي گهر ويٺي ڪهي ويندا. مذهب ڏانهن، مولوي غلام مصطفيٰ خان ۽ موسيٰ ڀٽو جي معرفت موٽ به قتل ٿي وڃڻ جي ڊپ کان هئي، هو اول درجي جو ٻٽاڪي، ڊاڙي، ڪوڙو ۽ ڪم ظرف شخص هو، جيڪو ماڻهو پنهنجي ٻچن سان سچو نه هجي، ان جي وفاداري ٻيو ڪنهن سان ٿي سگهي ٿي، هن جي بدڪرداريءَ جو شڪار، سندس هڪ پٽ، سرمد، ان جو زنده مثال آهي.
    سوال: چون ٿا ته اياز موت جي ڊپ کان پنهنجي شاعري (اڳين) کا دستبردار ٿي ويو ۽ آخري ڏينهن ۾ ته هو مذهبي ٿي ويو هو ۽ ”شاعري جو سجدو“ جهڙن ڪتابن ۾ دعائون لکيون هئائين. توهان هن جي پوئين لاڙي/ ڦيري کي ڪهڙون نانءُ ڏيندو؟
    جواب: مون ان جو اڳ توهان کي مفصل جواب ڏنو آهي، اصل ۾ ڪم علم ماڻهو، ايندڙ وقت جي هر قسم جي حالتن جو ادراڪ ڪرڻ کان وانجهيل هوندو آهي. جيڪو ماڻهو وقت جي هنگامي لهر ۽ فيشن ۾ گرفتار رهندو آهي يا خاص حلقه احباب جي ڪري گليمئر ۽ مڳي ۾ ورتل هوندو آهي، اهو اعتدال پسند نه هوندو آهي. جڏهن ته جنهن کي فنڪار چيو ٿو وڃي اهو ته ڀت جي پوئين پاسي واري ماجرا کي سمجهي وٺندو آهي. ميلان ڪنڊيرا، گنٿر گراس، فيض احمد فيض، نديم قاسمي يا احمد فراز جو ئي مثال وٺو. اهي خراب سياسي حالتن ۾ به بازياب ۽ سوڀارا ٿيا ۽ پڙهندڙ وٽ اڄ به ڪيترن تضادن ۽ سياسي ڪوتاهين جي هوندي به انهن جي عزت آهي.
    سوال: تاج صاحب شاعري اصل ۾ آهي ڇا؟
    جواب: شاعري اٿاهه جذبن جو ساگر آهي، جيڪو علم جي ادراڪ جي ڇولين ۾ نکري نروار ٿئي ٿو. ان جو زنده ۽ پائينده مثال، ڀٽائي آهي، صرف ڀٽائي.
    سوال: ادب جي سهڻي وصف ڇا ٿي ٿي سگهي؟
    جواب: جيڪو ماڻهن جو ۽ ماڻهن لاءِ هجي.
    سوال: زندگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
    جواب: ايترو، جيتري قدرت
    سوال: زندگي جو ڪو يادگار واقعو؟
    جواب: هوءَ مون وٽ آئي، مون کي چيائين، ”پاڻ ائين نه ملي سگهنداسين، هل ته ڀڄي هلون،“
    مون چيو، ”اهڙي ريت ملڻ سان، هن سماج ۾، پنهنجي زندگي دوزخ جو نمونو بڻجي ويندي ۽ پنهنجي محبت کي ڪو سائبان نه ملي سگهندو، ڏتڙجي وينداسين.“
    هوءَ سو مهڻا ۽ سو گاريون ڏئي ڪاوڙجي هلي ويئي، پر هوءَ اڄ پنهنجي ور ۽ گهر سان ڏاڍي خوش آهي. مون کي ڏاڍيون دعائون ڏي ٿي ۽ منهنجي حد کان وڌيڪ عزت ڪري ٿي.
    ٽيهه سال اڳ، پنهنجي اهڙي فيصلي تي سرهائي محسوس ڪندو آهيان.
    سوال: نئين ٽهي جي شاعري کان ڪيترو مطمئن آهيو؟ ۽ ڇا ڪي نالا کڻڻ پسند ڪندو؟
    جواب: نئين ٽهيءَ ۾ غزل، نظم ۽ ڪهاڻي ۾ سٺا ۽ وڏا نالا آهن، ڪراچي، دادو، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور، قنمبر، سڪرنڊ، گهوٽڪي، روهڙي، پنو عاقل، نواب شاهه ۽ ٻيا انيڪ شهر ڳوٺ ۽ واهڻ آهن، جتي خوبصورت تخليقي پورهيو ٿئي پيو. نالا نه کڻندس. ڇاڪاڻ ته ڪو رهجي ويو ته دوست ڏک ڪندا.
    سوال: ڪالا باغ ڊئم جي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي، اوهان جو ڪهڙو موقف آهي؟
    جواب: اوهين جيڪڏهن سوجهرو پڙهندا هجو ها ته اهڙو سوال نه ڪيو ها، ”سوجهرو“ انهيءَ اشو تي جنهن سچائي، بيباڪي سان حقائق کي پيش ڪيو آهي، ڪنهن روزاني اخبار به اهڙي جرئت نه ڏيکاري هوندي.
    سوال: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
    جواب: پيغام وڏا ماڻهو ڏيندا آهن، آءُ اڄ به هڪ قومي ڪارڪن آهيان، دوستن کي گذارش آهي ته جنهن به فيلڊ ۾ هجو، ان بابت مڪمل ڄاڻ رکي، پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ڪم ڪيو.


    وفا ناٿن شاهي

    غزل

    الاهي خود ڪري پيدا اسان کي
    ڪرين ٿو هاڻي ڇو رسوا اسان کي
    ***
    رهون ٿا پاڻ اسان به ڪونه هاڻي
    ڪري ويو ايترو تنها اسان کي
    ***
    هنيوسين نيهن جو هر موڙ نعرو
    ڪٺو هر چونڪ ۾ دنيا اسان کي
    ***
    وفا! حيرت کي ٿي وئي آ
    جون چريا به ٿا چريا اسان کي
    ***
    روحن مان روشني وئي، چمن مان دلڪشي وئي،
    ڪيئن پيار جي اڱڻ تي دل جا تڏا وڇايون،
    عشق سان وفائون، ڪجهه حسن سان وفائون،
    درد سان به پيا نڀايون، توسان به پيا نڀايون،
    گهر آ نه گهاٽ يارو، وک وک چماٽ يارو،
    ڪجهه نينهن جون ڀلايون، ڪُجهه سنهن جون ڀلايون
    ***


    BRIEF INTRODUCTION
    وفا ناٿن شاهي
    (1943-2005)


    ادبي نالو: وفا ناٿن شاهي
    اصل نالو: مشتاق علي
    ولديت: خيرات علي قريشي
    جنم تاريخ: 15 مئي 1943ع وفات: 28 ڊسمبر 2005ع.
    تعليم: ايم اي، وٽنري ۾ ڊپلوما
    ڌنڌو: سرڪاري ملازم
    ادب ۾ ابتدا: 1962 کان
    ادبي سڃاڻپ: شاعر، نثر نگار
    ڇپيل ڪتاب: 1. اکين ۾ الماس، 2. وفا ۽ 3. اوجاڳن جو انت.
    اڻ ڇپيل ڪتاب: ويهارو کن

    نوٽ: وفا ناٿن شاهي اسان کان جسماني طور ته وڇڙي ويو آهي، پر روحاني طور گڏ آهي ۽ هن جون لازوال تخليقون ساروڻيون بڻجي اسان جي سامهون اينديون رهيون آهن. وفا غزل جو وڏو شاعر هو ۽ هن جو غزل سنڌي شاعري جي جان آهي. هي انٽرويو سندس ئي حياتي ۾ ورتو ويو هو. جيڪو سنڌي ادب جو قيمتي اثاثو آهي. (ب-ص-ع)

    سوال: پنهنجي جنم، ننڍپڻ ۽ تعليمي ماحول بابت ڪجهه ٻڌايو؟
    جواب: منهنجو جنم 15 مئي 1943ع ۾ انڊيا جي ”بنڊيالا ڪڪڙان والا“ امرتسر ۾ ٿيو، منهنجو نالو مشتاق علي رکيو ويو. ورهاڱي کان پوءِ 1948ع جي شروعات ۾ اسان جا وڏا هندستان مان لڏي، سڌا سنڌ ۾ آيا ۽ اچي خيرپورناٿن شاهه ۾ مستقل رهي پيا. منهنجو والد نهايت غريب هو، ان جو ڪو وڏو ڪاروبار ڪونه هو ۽ هو گڏهه تي ڳڙ، مٺائي تيل تماڪ ۽ ٻيون شيون کڻي ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ وڪڻندو هو، ۽ اتان جيڪو ڪجهه ٿيندو هو، ان مان ئي گهر هلائيندو هو.
    مون پرائمري ڪلاس جو پهريون درجو، گوزي ۾ پڙهيو ۽ باقي تعليم پرائمري اسڪول خيرپورناٿن شاهه مان حاصل ڪئي، اهڙي ريت مون 1964ع ۾ سائنس گروپ ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي.جيئن ته اها منهنجي خواهش هئي ته مان ڊاڪٽر يا وڪيل ٿيان، پر مفلسي مجبور ڪري وڌو هو ۽ مون ذريعي معاش لاءِ جانورن جي پالنا وار ي کاتي يعني اينيمل هسبنڊري“ مان ون اسٽاڪ اسسٽنٽ جو ڊپلوما ڪري ورتو ۽ ساڳي ئي کاتي ۾ اسٽاڪ اسسٽنٽ طور نوڪري ملي. انهي دوران مون انٽر ”سچل سرمست ڪاليج مان پاس ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪ سائنس ۾ ايم اي ڪري ڇڏي.
    سوال: اوهان جي ادبي ابتدا ڪيئن ٿي ۽ ان دور جي ادبي ماحول جي به عڪاسي ڪيو؟
    جواب: جيئن ته آءُ غربت جو ماريل هوس ۽ منهنجو خاندان ورهاڱي واري عذاب جو سٽيل هو ۽ انهن ڏينهن ۾ اسان مهاجر ڪئمپ ۾ به رهياسين ۽ ان ڪري احساس محرومي جو شڪار رهندو هوس.
    طبيعت تمام حساس هئي، ڪوبه درد ڀريو گيت، راڳ يا ڪافي جيءَ کي جهوري ڇڏيندو هو. ان دور ۾ جڏهن به مشاعرا ٿيندا هئا ته مان شوق سان وڃي ٻڌندو هوس. اهو زمانو 1963 جو هيو ۽ مان نائين درجي جو شاگرد هئس، جو مون ڪچي ڦڪي شاعري ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي ريت منهنجي ڏيٺ ويٺ مقامي شاعرن سان ٿيڻ لڳي، مون شاعري سکڻ لاءِ محسن ڪڪڙائي صاحب کي پنهنجو استاد ڪيو، جڏهن ته منهنجو شاعراڻو تخلص ”وفا“ سائين نشتر ناٿن شاهي چونڊيو. منهنجي اوائلي شاعري جي تراس خراش محسن صاحب ڪندو هو ۽ ڪي ڪي غزل مان آثم ناٿن شاهي کي به ڏيکاريندو هوس. جيڪو پڻ اصلاح ڪري ڏيندو هو ۽ اهڙي ريت مان مقامي شاعرن ۾ وفا جي نالي سان سڃاپجڻ لڳس.
    هتي اها ڳالهه به ٻڌائيندو هلان ته 1966ع ۾ جڏهن اينيمل هسبنڊري جو ڪورس ڪندا هئاسين ته ان وقت دادوءَ ۾ اينيمل هسبنڊري جي آفيس موجود ه پريس ڪلب واري جاءِ ۾ هئي. اتي روزانه حاضر رهڻ ڪري ۽ واپسي جو ڪرايو نه هئڻ ڪري، دادو ۾ ئي هڪ جاءِ ۾ رهندا هئاسين، اتي مون سان گڏ ڪورس ڪرڻ وارا ڪي ساٿي رهندا هئا. جهڙوڪ، ممتاز چانڊيو، علي شير، بخشل ڀٽي، گل حسن سومرو ۽ غلام نبي سومرو، جڏهن اتي ڪافي ڏينهن کان پوءِ مون ٻڌايو ته مان شاعر به آهيان ۽ شاعري ڪندو آهيان ته ٻين دوستن جا راز به کلي پيا، علي شير ٻڌايو ته مان به شاعر آهيان ۽ ڪهاڻيون لکندو آهيان ۽ منهنجو ”راز“ تخلص آهي ۽ بخشل ڀٽي به ٻڌايو ته مان به شاعر آهيان ۽ بشير سيتائي جي نالي سان شاعري ڪندو آهيان. اهڙي ريت ممتاز جيڪو شاعر ڪونه هيو. اسان جي صحبت ۾ اهو به شاعر ۽ ڪهاڻيڪارٿي پيو ۽ اسين هڪ ئي هنڌ وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، بشير سيتائي ۽ ممتاز ناٿن شاهي گڏ ٿي پياسين، اسان جا ڏينهن ۽ اسان جون ڪورس کان پوءِ دادوءَ جون گهٽيون گهمندي ۽ دادوءَ جي جادو کي ڏسندي گذرندو هو. ۽ رات جي پرسڪون ماحول ۾، چنڊ ۽ تارن جي چانڊاڻ ۾ محبت جا ذڪر ٿيندا هئا ۽ ماحول کي مزيدار بڻائڻ لاءِ شعري نشستون شروع ٿي وينديون هيون ۽ ائين ئي محبوبائن ۽ دلربائن جا ذڪر ڪندي، انهن جي سونهن ۽ سوڀيا تي ڳالهائيندي راتيون کٽي وينديون هيون. جيئن ته ڪورس ڏاڍو “Tough” هو، بشير سيتائي ۽ راز ناٿن شاهي ڪورس اڌ ۾ ڇڏي ويا ۽ ان کان پوءِ گل حسن، غلام نبي ۽ ممتاز به هليا ويا، مگر مان غريب نه ڇڏي سگهيس، ڇو ته منهنجي واپسي جا دروازا بند هئا. گهر ۾ ڪاري وارا ڪک، نهايت غربت جو ماحول هو ۽ پنهنجي پوڙهي پيءُ جي دل رنجائڻ نه چاهيم، اداسي ۽ بي رحم تنهائي جو عذاب ڀوڳڻ لڳس. باذوق ادبي دوست به روانا ٿي ويا هئا. پر انهن تنهائين جي تلخي بيڪسي ۽ بي وسي منهنجي شاعري صلاحيتن کي چراغ پاڪري ڇڏيو.
    دادوءَ ۾ جڏهن مشاعرا ٿيندا هئا ته مان اهي مشاعرا به اٽينڊ ڪندو هوس، ڪورس کان پوءِ نوڪريءَ دوران منهنجي پوسٽنگ دور دراز علائقن۽ ڳوٺن ۾ ٿيندي هئي. جتي ادبي دوست ته ڇا ڪنهن ڪتاب جو نالو به نه هوندو هو. مون سڄي عمر مال جون لتون جهليون. قليل پگهار تي نوڪريون ڪيون ۽ جنسي عذاب ڪاٽيو، پر اهي سڀ ڳالهيون منهنجي شاعري لاءِ ٻارڻ جو ڪم ڏيڻ لڳيون. پوءِ غربت جي ماحول ۾، مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ جو جنون سر تي سوار رهندو هو. ان ڪري منهنجو وجهه شهرت ڪجهه اهو به آهي. هونءِ به مان سراپا درد آهيان ۽ درد ئي منهنجي شاعري جو محور آهي.
    سوال: وفا صاحب! جيئن ته اوهين اصل سنڌي نه هئا، اهي ڪهڙا محرڪ هئا، جن اوهان کي سنڌي شاعري ڪرڻ تي آماده ڪيو؟
    جواب: بلوچ صاحب! جيئن مون اکيون کوليون، منهنجي سامهون سنڌ ڌرتي هئي، سنڌي هئا، سنڌي معاشرو هو، مون هتي جو ئي کاڌو پيتو، سنڌين جي درميان رهيس، مون کي ته اها سڌ به ڪانهي ۽ منهنجي ذهن ۾ ڪا ڌنڌلي ياد به ڪانهي ته مان جتي ڄائو هوس اها ڪهڙي قسم جي جاءِ هئي ۽ اتان جا ماڻهو ڪيئن هئا. هڪ ڀيري مون کي ڪنهن اردو دان چيو ”ته جڏهن تنهنجي مادري زبان سنڌي ناهي ته تون اردو ۾ شاعري ڇو نه ٿو ڪرين؟“ ته بلوچ صاحب ان وقت مان نهايت جذباتي ٿي ويو هوس ڄڻ هن مون کي اگهاڙي گار ڏني هجي. مون کيس چيو ته مان هتي پليو آهيان، هن ڌرتي جو ان پاڻي کاڌو پيتو آهي. منهنجي رڳن ۾ هن سنڌ ڌرتي جو خون ڊوڙي رهيو آهي ته پوءِ اها نمڪ حرامي ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ سنڌ منهنجي ماءُ آهي، مون ڪڏهن به پاڻ کي پنجابي يا ڌاريو نه سمجهيو آهي، سنڌ مون کي گود ۾ ورتو ۽ سنڌين مونکي جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن. انهن سان پلجي وڏو ٿيو آهيان. منهنجا دک سک هن ڌرتي سان ارپيل آهن. سنڌ سان ٿيندڙ هر ناانصافي خلاف مان سراپا احتجاج آهيان. بلوچ صاحب! پر مونکي اڄ به جيڪڏهن ڪو ”غير سنڌي“ سمجهي ته مان ان جو مٿو ڏاري وجهان ۽ خون پي ڇڏيان. هي ته دل دکائڻ ۽ روح کي رنجيده بڻائڻ جي ڳالهه آهي. اگر ڪو مون کي غير سنڌيءَ هئڻ جو طعنو هڻي. مان اهو ڪڏهن به برداش نه ڪندس.
    سوال: توهان پنهنجي غزل ۾ ڪهڙو پاسو وڌيڪ وزني رکو ٿا؟ رمانوي يا سماجي؟
    جواب: جڏهن ورهاڱو ٿيو ته ڪيترن ماڻهن جي محبوبائن کي به ان ورهاڱي قتل ڪيو. هُتان مهاجر آيا ۽ هتان جا غير مسلم سنڌي هندسان ويا. هي هڪ اهڙي ڪاتي هئي، جيڪا مجبور ۽ محڪوم انسانن تي وهي وئي. منهنجا ته جوانيءَ جا ڏينهن به هتي گذريا آهن. ته منهنجون محبوبائون به هت آهن. پر عاشق سو به غريب، غربت ته لعنت آهي. وڏي گار آهي. ناڪام محبتون ۽ حسرتون پلئه پيون. غزل ۾ رومانس ڪهڙو پر پنهنجي اندر جو پٽڪو ضرور آهي. باقي 75 سيڪڙو هن ڌرتي جو دک، انسانيت جو ڪرب ۽ حالتن جو زهر اوتيل آهي. جيتوڻيڪ منهنجو مزاج عاشاقاڻو ۽ شاعراڻو آهي. پر ڪنهن جي دک درد تي مان ان جو طرفدار آهيان. ان ڪري هن ڌرتي سان ٿيندڙ هر ظلم، نا انصافي جي خلاف آهيان. ذاتي زندگي ڪجهه به هجي پر مان سنڌي آهيان ۽ اها ئي منهنجي شاعري آهي. مان هن ئي ڌرتي، هن ئي سماج جو شاعر آهيان. منهنجو گهر ته هينئر گوزو ناهي، خيرپور ناٿن شاهه ناهي پر منهنجو گهر سڄي سنڌ آهي ۽ اها هيڏي سنڌ منهنجي من اندر ۾ آهي.
    سوال: سنڌي ادب جو ڪهڙن لفظن ۾ موازنو ڪندو؟
    جواب: سنڌي ادب ‘Rich’ ادب آهي. ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌي ادب جو دنيا جي ڪنهن به عظيم ادب سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ادب کي پنهنجو شاندار ۽ معياري لوڪ ادب آهي. جيڪو ڪنهن به ٻوليءَ جي لوڪ ادب کان وڌيڪ سگهارو ۽ وسيع آهي. سنڌي ادب کي ڪلاسيڪل دور کان وٺي اڄ تائين سگهارا ۽ سچا اديب ۽ شاعر ملندا رهيا آهن. ان ڪري سنڌي ادب هڪ زنده ادب آهي. سنڌي ادب پنهنجي هر دور جون تقاضائون پاڻ ۾ سميٽي رکي ٿو. جديد سنڌي ادب ۾ به سڀ جديد تقاضائون موجود آهن. سنڌي اديب ۽ شاعر حالتن جو ڀرپور مقابلو ڪيو آهي. هو ڪڏهن به درٻاري ناهي رهيو. ان ڪري سنڌي ادب، سماج ۾ انسان دوست رويا پيدا ڪرڻ جو ڀرپور اتساهه موجود آهي.
    سوال: شاهه لطيف رح يقينن هر سڄاڻ شاعر جو رهبر به آهي ته دوست به، لطيف جي شاعري جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو.
    جواب: ڀٽائي گهوٽ نه فقط سنڌي ادب جو پر دنيا جي ادب جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي، ڀٽائي جو ڪلام اڄ به ڳائجي پيو ۽ ان جي ڪلام ۾ زنده رهڻ جي صلاحيت ۽ عالمگيريت موجود آهي. ان ڪري ان کي پسند به ڪيو وڃي ٿو. سنڌ يا سنڌ کان ٻاهر اهڙو ڪوبه سنڌي نه ملندو. جنهن کي ڀٽائي جو هڪ اڌ بيت ياد نه هجي. ايتري تائين جو ڀٽائي جا بيت فقيرن، جوڳين ۽ ڌراڙن کان به ٻڌا ويندا آهن، اهڙا مثال ٻين ٻولين جي شاعرن جا يا ته صفا ڪونه ملندا يا وري هوندا به، ته به گهٽ، ۽ اوهان کي اهڙيون قومون به گهٽ ملنديون جن جو پنهنجي قومي شاعرن سان ايترو جنون جي حد تائين پيار هجي.
    سوال: شاهه سائين کي جن شاعرن ٻين ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي اوهان ان ترجمي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
    جواب: هڪ ته شيخ اياز ڀٽائي جي رسالي جو اردو منظوم ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو وري آغا سليم صاحب به ڪيو آهي. جڏهن ته ڀٽائي جي ڪجهه سُرن جو فارسي ۾ ترجمو نياز همايوني صاحب به ڪيو آهي، پوءِ به ڀٽائي صاحب جي ٻوليءَ ۽ لهجي ۾ جيڪو درد، ڪرب، جذبو احساس جولان سمايل آهي، اهو ٻي ٻوليءَ ۾ پلٽائڻ ڏکيو ڪم آهي. تاهم به انهن جو اهو ڪم ساراهه جوڳو آهي.
    سوال: جڏهن کان توهان اک کولي ته توهان جي اڳيان فقط سنڌي سماج هو. توهان سنڌي سماج کي ڪيئن ڏٺو ۽ پاتو؟
    جواب: سنڌي سماج هڪ سڌريل سماج آهي. جيڪو مهذب به آهي ۽ متمدن به، جنهن جو مثال 5 هزار سالن جي پراڻي تهذيب ”موئن جو دڙو“ آهي. جيڪا اسان جي سامهون آهي. سنڌي سماج ترقي پسند سماج آهي. جنهن ۾ انسانيت جا جزا قابل فخر حد تائين موجود آهن. سنڌي سماج امن پسند، شريف النفس، مهمان نواز، صلح پسند، خاموش طبع، گهٽ ڳالهائو، روادار، ٻين جي نظرين جو احترام ڪندڙ ۽ ڏکي وقت ۾ ڪم ايندڙ سماج آهي.
    توهان کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌ صدين کان صوفي سڳورن جي سرزمين رهي آهي ۽ هتي تصوف ۽ ويدانيتي نظريا ماڻهن جي ذهن تي حاوي رهيا آهن. ان ڪري ماڻهن ۾ رواداري سهپ حد درجي جي آهي. جيڪا ڪنهن ٻي قوم ۾ مشڪل هجي.
    سوال: ڌارين جي يلغار سبب سنڌي سماج تي ڪهڙا منفي ۽ مثبت اثرات پيا آهن؟
    جواب: جيئن ته سنڌين کي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ثقافت، پنهنجو ڪلچر ۽ پنهنجي تهذيب آهي. هڪ شاندار 5 هزار سال پراڻي تهذيب جا مالڪ آهن. هو پنهنجا قومي اثاثه درياءَ ۽ زمينون رکن ٿا. ان ڪري انهن جا ذهن صاف سٿرا ۽ پنهنجي ڌرتي سان جنوني حد تائين وابسته آهن. هو انتهائي محب وطن آهي ۽ سندن دل ۾ ڪوبه مير ڪونهي. هنن ٻاهران ايندڙن کي جيءُ ۾ جايون ڏنيون. پنهنجا جهڳاءَ خالي ڪري ڏنا، پنهنجي ملڪيت ۾ وارث پڻ بڻايو.
    مگر صحبت صاحب! تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جڏهن به ڌاريا ڪنهن ٻي ڌرتي تي ويا آهن ته انهن پاڻ کي سياڻو حاڪم ۽ ڊڪٽيٽر سمجهيو آهي ۽ ڌرتي وارن کي ڄٽ، جاهل، درواڙ ۽ اڻ آريو سمجهيو آهي. هتي سنڌ ۾ به ڪجهه ائين ٿيو. سنڌين جو خلوص، محبت کين ٻوٿ تي ورائي هنيو ويو. انهن جي اثاثن، ملڪيتن، زمينن روزگار ۽ نوڪرين تي راتاها هنيا ويا ۽ آهستي آهستي هنن ۾ ويڳاڻپ ۽ احساس محرومي جنم ورتو آهي. ڇو ته ٻاهريون ايندڙ هونءِ به چالاڪ ۽ حرفتي ٿئي ٿو ۽ هن جي رات ڏينهن دماغ ۾ تخريبي سوچ هوندي آهي.
    سوال: اوهان سنڌي ٻوليءَ جي دامن، سنڌي غزلن سان ڀريو، ۽ سنڌ کي پنهنجو ڏات ۽ ڏانءَ ڏنو. اوهان کي موٽ ۾ سنڌي ادب ۽ سنڌي اديب مان ڪهڙي موٽ ملي؟
    جواب: جيتوڻيڪ مان ڀٽڪيل آهيان، بيمار آهيان، بي جان جسم آهيان. پر اهي سڀ حالتون ڪنهن ٻئي شخص سان به ٿي سگهن ٿيون. جيڪو هن ڌرتي تي آهي. ان لاءِ حالتون جوابدار آهن. سنڌ منهنجي امڙ آهي. هن جو آغوش ۾ آهيان. سنڌي منهنجي شناخت آهي. مان وفا جي نالي سان سڃاتو وڃان ٿو. وفا جي حيثيت ۾ مون کي سنڌ ئي سڃاڻي ۽ سنڌي اديب سڃاڻن ٿا. اهو اعزاز به مون کي سنڌ ڏنو آهي. مون کي پنهنجا پڙهندڙ ڏنا آهن. سنڌ کان جدا رهي آءٌ ڪجهه به ناهيان. ان حوالي سان مون کي هن جسم جان کان علاوه عزت شهرت سڀ سنڌ طرفان ملي آهي.

    مون کي دنيا وفا وفا ٿي سڏي،
    معجزو تنهنجي پيار جو آهي.

    سوال: اوهان جي پسند جا شاعر؟
    جواب: هر سچو شاعر جنهن جو قلم ضمير آهي ضمير قلم آهي.
    سوال: اوهان هينئر بيمار آهيو. اوهان کي ساهه جي تڪليف آهي. اوهان هينئر ڇا ٿا محسوس ڪيو؟ جڏهن اوهان پنهنجي سموري زندگيءَ تي نظر وجهو ٿا؟
    جواب: مان ڪجهه به محسوس نه ٿو ڪيان. هر شي وڌي ويجهي ۽ پڄاڻيءَ تي پهچي ٿي. مان وفا ناٿن شاهي آهيان ۽ اهو مون لاءِ وڏو اعزاز آهي. هر فرد جي حيثيت ۾ منهنجي قيمت ٻُڙي آهي لک شاباس سائين محسن ڪڪڙائي کي جنهن مون کي شاعر ڪيو. مان سمجهان ٿو ته مان مرڻ کان پوءِ به زنده رهندس.
    مان فنا ٿي ويس ته ڇا ٿي ويو،
    دوستي جو ته حق ادا ٿي ويو.

    سوال: وفا! اوهان جي بيماري جي سلسلي ۾، سنڌيالوجي، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگوئيج اٿارٽي يا ثقافت وارن اوهان سان رابطو ڪيو آهي؟
    جواب: ادا مان روز به روز وڌيڪ بيمار ٿيندو ٿو وڃان. ساهه جي تڪليف به اڳي کان وڌي وئي آهي ۽ گوڏن ۾ سور به پيدا ٿي ويو آهي. يعني سنڌن جو درد به محسوس ٿيڻ لڳو آهي. هن سلسلي ۾ ڪوبه اهڙو ادارو مون سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌيالوجي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ مان اهڙي اميد نه ٿي رکي سگهجي. البته ادبيات ۽ ثقافت وارن ۾ ڪجهه نه ڪجهه اهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. شبير قائم خاني صاحب وزير ثقافت، قاسم ٻگهيو صاحب (چيئرمين لينگويج اٿارٽي حيدرآباد) جو دوست آهي. تنهن ڪري ٻگهيو صاحب مون کي مشورو ڏنو ته هڪ درخواست ۽ پنهنجون طبي ٽيسٽون ۽ ايڪسريز رپورٽون قائم خاني صاحب ڏي کڻي وڃ ۽ منهنجا سلام به ڏينس. قائم خاني صاحب جو P.A سيد محبوب صاحب، قاسم صاحب جو گهرو دوست آهي. هڪ ڏينهن مان درخواست ۽ طبي ٽيسٽون قائم خاني صاحب ڏي کڻي ويس. وزير صاحب مليو. جنهن منهنجي درخواست تي نوٽ هڻي، مون کي چيو ته، ”هاڻي هي درخواست ۽ طبي ٽيسٽون، سيڪريٽري صاحب (ثقافت کاتو) ڏي کڻي وڃ. جنهن جو نالو گل محمد عمراڻي صاحب آهي. مان درخواست ۽ طبي ٽيسٽون انهي ئي وقت سيڪريٽري صاحب ڏي کڻي ويس. ان صاحب به درخواست تي نوٽ هڻي مون کي چيو ته هاڻي اها درخواست ڊپٽي ڊائريڪٽر (ثقافت کاتو) جناب عبدالرزاق ڏي کڻي وڃ ۽ انهي ئي وقت مان ميمڻ صاحب وٽ پهچي ويس. جنهن صاحب منهنجو فون نمبر به ورتو ۽ چيائين ته هفتو کن رکي خبر لهجانءِ. مان جڏهن هفتي کن کان پوءِ وري ويس ته ميمڻ صاحب چيو ته، ”مون تنهنجي درخواست تي نوٽ هڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ثقافت محترم عبدالقيوم لالائي ڏي موڪلي ڇڏي آهي. اتان وڃي جاچ لهه“. جڏهن مان لالائي صاحب ڏي ويس ته چيائين ته، ”مان توکي هڪ سٺي شاعر جي حيثيت سان سڃاڻان ٿو. تنهن ڪري مون تنهنجو ڪيس تمام سٺي نموني ٺاهي سيڪريٽري صاحب ڏي موڪلي ڇڏيو آهي. هاڻي هڪ ميٽنگ ٿيڻ واري آهي. ان ۾ تنهنجو ڪيس رکنداسين ۽ تون فڪر نه ڪر. الله چڱي ڪندو“.
    ان کان پوءِ مون آغا نور محمد صاحب (ريذيڊنٽ ڊائريڪٽر آف ادبيات صوبه سنڌ) کي فون ڪئي ۽ ملاقات لاءِ وقت گهريو. تنهن صاحب چيو، ”سڀاڻي ڀلي هليو آ“، مان ٻئي ڏينهن تي جڏهن آغا صاحب سان مليس ته آغا صاحب چيو ته، ”هاڻي اهو قانون ادبيات وارن ڪڍيو آهي ته جنهن شاعر جي درخواست آهي. ان سان گڏ سنڌ جي مشهور سينيئر شاعر جي شفارش ۽ تصديقي خط به هجي پوءِ ڪم جلدي ٿيندو“. ان سلسلي ۾ آغا صاحب چيو ته ”حيدرآباد وڃي ابراهيم جويي صاحب کان اهڙو خط کڻي اچ يا ڪراچيءَ مان شمشير صاحب جو خط هجي ته بهتر. ڇو ته چيئرمين ادبيات اسلام آباد شمشير صاحب کي چڱي طرح سڃاڻين ۽ اهي ٻئي ڄڻان يعني شمشير الحيدري صاحب ۽ افتخار عارف صاحب (چيئرمين ادبيات اسلام آباد) ٽي وي سينٽر ڪراچيءَ ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن ۽ ڪافي وقت افتخار عارف صاحب آرٽ ڪائونسل ڪراچيءَ جو وڏو عهديدار پڻ رهيو آهي“. سو هن سلسلسي ۾ مون ٽي وي مشاعري جي ڏينهن شمشير صاحب سان ذڪر ڪيو. تنهن صاحب مون کي اُتي جو اُتي افتخار عارف صاحب ڏي تمام سٺو خط لکي ڏنو.
    هاڻي مان اڄ سڀاڻي افتخار عارف صاحب جي نالي اردو ۾ درخواست لکي ان سان شمشير صاحب جو خط ۽ پنهنجون طبي ٽيسٽون شامل ڪري آغا نور محمد صاحب سان ملڻ وارو آهيان. اهو صاحب پنهنجي طرفان به سفارشي نوٽ هڻي افتخار عارف صاحب ڏي اسلام آباد منهنجا سمورا ڪاغذات موڪلي ڏيندو. اميد ته ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو. دوائون ٽيسٽون ۽ علاج واقعي تمام مهانگو آهي. مون جسم جون سموريون ٽيسٽون ڪرايون آهن. ۽ ايڪسريز به ڪڍرايا آهن. ڊاڪٽرن جي چوڻ مطابق گهٽ ۾ گهٽ ٽي مهينا دوائون کائڻيون پونديون ۽ هر روز ٻن اڍائي سو روپين جون دوائون کائڻيون پونديون، ايترا پئسا مان ڪٿان آڻيان ۽ ڪيئن ڪيان؟
    سوال: اوهان جيڪي ثواب ڪمايا ۽ جيڪي گناهه ڪيا ڪجهه انهن جي باري ۾؟
    جواب: ثواب ۽ گناهه جي مڪمل تشريح مون کي ڪونه ايندي آهي. گناهه به منهنجي زندگيءَ جو حصو آهن ۽ ثواب به. اها تڪ طور جن کي ڪرڻي آهي. انهن جو ڪم آهي، منهنجو ڪم ته فقط عمل ۽ عمل آهي. ڪيل غلطين جو ازالو منهنجي وس ۾ ناهي، ڪيل ثوابن جو اجر اگر ملڻو آهي ته اهو هتي به ماڻي رهيو آهيان.
    سوال: اوهان نشو ڇو ٿا ڪيو؟
    جواب: جڏهن نشو خوراڪ بڻجي وڃي ته نشو، نشو نه ٿو رهي. چرس، ڀنگ، آفيم، ڪڏهن ڪڏهن هيروئن به مون واپرائي آهي ۽ وري ڇڏي ۽ وري واپرائي آهي. منهنجي جسم ۾ ايترو ته نشي جو زهر آهي جو نانگ چڪ هڻندو ته اهو ئي مرندو- تاهم به جي رهيو آهيان. هر شي پنهنجي پنهنجي وقت جو ساٿ ڏئي ٿي. عورت، دوست، دنيا، جواني، جوڀن، مون سان پنهنجي پنهنجي وقتن تي هڙني ساٿ ڏنو ۽ ڇڏيو، پر هي شي هن وقت تائين ساٿ نڀائي رهي آهي.
    سوال: نشي ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن. اوهين ڪيئن عادي بڻيا؟
    جواب: هر شي پنهنجي وقت تي پنهنجا اسباب پاڻ کڻي ايندي آهي. ان باري ۾ نشي جي تاريخ جاگرافي ۽ پوري تفصيل ٻڌائڻ کان هن وقت قاصر آهيان. منهنجي غزل جو بند آهي.

    محبت ۾ ڄاڻون اسان پاڻ ۾،
    رهو پنهنجي ڪم سان اوهان پاڻ ۾،

    سوال: عورت جي باري ۾ اوهان جو ڇا چوڻ آهي؟
    جواب: عورت هن پوري ڪائنات جي املهه شي آهي. حضرت آدم جي ضرورت آهي. ان کان سواءِ ڪائنات ٻُسي آهي. عورت کي هر ماڻهو ڏسي ٿو. مگر شاعر جي اک عورت جي انگ انگ تي گهمي ٿي. ان ڪري عورت جي حسن کي جيئن شاعر جاچيو ۽ پرکيو آهي. ائين ٻئي ڪنهن نه پرکيو آهي. ان جا گرهه گير زلف، وارن جا پيچ خم، ڪمانگير ابرو، تير مثل مزگان، شرابي ۽ شرير اکيون، آتش افروز ڳل، لعل لب، خودخال، ڪافرانه ادائون، مست چال، شيرين گفتگو، سرمرين ٻانهون، بلوري جسم آهي ڪو ٻيو جو شاعر کان سواءِ ان جي هڪ هڪ عضوي ۽ ادا جو ذڪر ڪري!!


    راشد مورائي

    غزل

    تنهن جي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين
    ڀونئر آهيون وٺي سرهاڻ، هليا وينداسين
    چشم تر آيا هياسون ۽ چمن مان هاڻي
    کڻي اکڙين سندي آلاڻ، هليا وينداسين
    چنڊ! ڪڪرن ۾ لڪائي ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي
    تنهن جي چوري ڪري چانڊاڻ، هليا وينداسين
    مٺن ماڻهن کان مٺائي نصيب ٿيندي آ
    ڪابه محسوس ٿي ڪوئڙاڻ هليا وينداسين
    پاڻ محبت جا پوڄاري، توکي نيبهه هِي هجن
    تنهن جو ترڪش ۽ تنهنجي مياڻ هليا وينداسين
    آسرو آه رڳو رات کُٽي پره ڦٽي
    باک جي ڏسنديئي ڳاڙهاڻ هليا وينداسين
    پاڻ وڻجارا ٻٽي ڏينهن مسافر ”راشد“
    رڳو ڀرجي وهي مهراڻ هليا وينداسين.


    BRIEF INTRODUCTION
    راشد مورائي
    (1944-2014)


    پورو نالو: سيد راشد علي شاهه
    ادبي نالو: راشد مورائي
    ولديت: سعيد علي شاهه ”خادم“
    جنم تاريخ: 5 مارچ 1944ع وفات: 24 مارچ 2014ع.
    جنم جو هنڌ: ڳوٺ جوڻالوءِ تعلقو مورو، ضلعو نوشهروفيروز
    تعليم: ايم-اي سنڌي، بي-ايڊ
    شاعري جي شروعات: 1957ع
    ڇپيل ڪتاب: 1- سنڌڙي جو سوداءُ 2. مينديءَ سندا کيت 3. دل جو شهر 4. شعلا شعلا واءَ ۾ ، 5. ديوان راشد ۽ 6. خط خوشيءَ مان کول.
    اڻ ڇپيل ڪتاب: 1. جهڙي آيس جيئن (آتم ڪٿا) 2. اديبن ۽ دوستن جا خط 3. چونڊ غزلن جو مجموعو 4. خاڪن جو مجموعو 5. مقالا ۽ مضمون 6. ڪهاڻين جو مجموعو 7. قومي شاعري 8. ڪليات راشد.

    سوال: پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ٻڌائيندا؟
    جواب: پرائمري تعليم، پنهنجي ڳوٺ جي اتر طرف هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي ”چنيجا“ ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيم، هاءِ اسڪول نوان جتوئيءَ ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪيم، ڪٻڊي راند ۽ ڪرڪيٽ کيڏيم، ليڪن ننڍي هوندي کان ڪتابن پڙهڻ جي شوق مون کي سٺو رانديگر ٿيڻ نه ڏنو، شام جو جڏهن ٻيا شاگرد راند ڪندا هئا، تڏهن به منهنجي هٿن ۾ ڪو ڪهاڻين يا شاعريءَ جو ڪتاب هوندو هئو. ڪورس جا ڪتاب گهٽ، ادبي ڪتاب ۽ مذهبي ڪتاب زياده پڙهندو هوس. اهو ئي سبب هئو جو امتحانن ۾ ڪڏهن به نمبر ڪونه کنيم، سدائين سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيندو آيس. ننڍپڻ ۾ پاڻيءَ ۾ ترڻ ۽ گُليل چُٽڻ جي مشق به ڪيم پر ڪا خاص ڪاميابي ڪانه ماڻيم ڇو ته انهن ڳالهين تي به ڀرپور ڌيان ڪونه ڏنم. هاءِ اسڪول جي تعليم دوران، اسڪول جي لئبريريءَ جا اردو ۽ سنڌي ڪتاب سڀ پڙهيم ۽ انهن ۾ سنڌيءَ جا ديوان ۽ ڪليات، وڏي چاهه سان پڙهيم. ننڍي هوندي مون کي پنهنجي والد صاحب، شاهه جو رسالو، فريدڻ جو رسالو ۽ ديوان حافظ فارسي، صحيح تلفظ سان پڙهڻ سيکاريا ۽ گهر ۾ بابا ۽ ٻه ڀائر معصوم علي شاهه نماڻو ۽ روشن علي شاهه ”روشن“ شاعر موجود هئا، جن سان گڏجي مشاعرن ۾ ويندو هوس ۽ بابا وٽ هر وقت شاعرن، سگهڙن ۽ راڳيندڙن جون ڪچهريون قائم هونديون هيون جن کي راتيون جاڳي ٻُڌندو رهندو هوس. نتيجي ۾ مون ۾ شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ تيرهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪيم.
    سوال: شاعري طرف ڪيئن مائل ٿيا ۽ ڪهڙا محرڪ هئا جن اوهان کي شاعر بڻايو؟
    جواب: شاعري ۽ ڊرائنگ اسان جو ورثو رهيا آهن. ماضي بعيد کان اهي ٻئي شيون اسان جي خاندان ۾ رهيون آهن. مان اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته مان ننڍو هوس ته گهر ۾ ٻه قادر الڪلام شاعر موجود هيا، هڪ منهنجو والد صاحب سعيد علي شاهه ”خادم“ ۽ ٻيو ڀاءُ روشن علي شاهه ”روشن“ اڳتي هلي ٻئي منهنجي ڀاءُ به شاعري ڪئي جنهن جو نالو معصوم علي شاهه ”نماڻو“ هيو. وڏي ڀاءُ ۽ والد صاحب سان گڏ مشاعرن ۾ وڃڻ، اُتي شاعرن کي ملندڙ داد ڏسي ٻُڌي، منهنجي دل به چاهيندي هئي ته شاعري ڪيان. ان کان علاوه ننڍي هوندي ڪتابن پڙهڻ جو گهڻو شوق هوندو هئو، ميٽرڪ تائين هاءِ اسڪول جي لئبرريءَ جا سمورا سنڌي ۽ اردو ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئم، انهن ڪتابن ۾ ڪيترائي شاعرن جا ديوان ۽ ڪليات هئا. جن جي پڙهڻ سان به شاعريءَ طرف لاڙو ٿيو. ٽين ڳالهه جنهن مون کي شاعر بنايو سا هئي، اسان جي اوطاق، جتي هر وقت شاعرن، سگهڙن ۽ ڳائڻن جون محفلون متل هونديون هيون. مان پنهنجي والد صاحب جي جهوليءَ ۾ سڄي رات ويهي اهڙيون محفلون ڏسندو ٻُڌندو هوس.
    بابا جي ڪچهريءَ ۾ ڪنهن شاعر، ڪنهن ڳائڻي وغيره جي ڪلام ۾ ڪو ڏکيو لفظ هوندو هئو ته مان بابا کان ان جي معنيٰ پڇندو هئس ته هو پاڻ رهبري ڪندا هئا. ان مان بابا جو مقصد مون کي ٻوليءَ جي واقفيت ڏيڻ هوندو هئو. 1957ع ۾ جڏهن انگريزي پنجون درجو پڙهندو هوس ته شاعري شروع ڪئي. ابتدا ۾ والد صاحب کان اصلاح وٺندو هوس. حافظ محمد بخش ٽي وزن بحر لکي ڏنا جن تي طبع آزمائي ڪيم. باقي شاعريءَ جو علم ڪتابن پڙهڻ سان حاصل ٿيو.
    سوال: شاعريءَ ۾ اوهان جو ڪو باقاعدي استاد؟
    جواب: مون پهريائين عرض ڪيو آهي ته شروعات ۾ مون شاعريءَ ۾ پنهنجي والد کان اصلاح ورتي. پر سندن ئي حياتيءَ ۾ مون بحر وزن تي عبور حاصل ڪري ورتو، تنهن ڪري بابا سائين جن آخري عُمر ۾ پنهنجي شاعري، اصلاح لاءِ مون کي ڏيندا هئا. شروعاتي ٽي بحر وزن، حافظ محمد بخش خاصخيليءَ مون کي لکي ڏنا هئا. ان بعد مون شاعريءَ جو علم مطالعي مان پِرايو. ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ”رهنماءِ شاعري“ ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي ڪتاب ”آفتاب ادب“ منهنجي ڪافي رهبري ڪئي. حافظ محمد بخش، منهنجي شاعريءَ جي اصلاح ڪانه ڪئي آهي. پر شروعاتي ٽي بحر ۽ انهن جا وزن لکي ڏيڻ جي ڪري مان حافظ صاحب کي شاعريءَ ۾ پنهنجو استاد سمجهندو آهيان. منهنجي والد صاحب، منهنجي ننڍپڻ ۾ شاعريءَ جي اصلاح ڪئي ۽ شعر ۾ خيال صحيح يا غلط هئڻ بابت نشاندهي ڪندا هئا، تنهن ڪري اهي منهنجا اوائلي استاد هئا. اڳتي هلي، استاد بخاري ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو اثر قبول ڪيم ۽ سندس تطبع تي ڪجهه شعر پڻ لکيم.
    استاد بخاريءَ کي گهڻو ويجهو رهيس. باقي شيخ اياز سان زندگيءَ ۾ ٻٽي مختصر ملاقاتون ٿيون. پر ساڻس واسطو سندس ڪتابن پڙهڻ سان قائم رهيو. استاد بخاريءَ ۽ شيخ اياز کان اڳ شاهه لطيف ۽ خليفي نبي بخش جو به مون تي اثر رهيو آهي، پر مٿين چئن شاعرن مان منهنجي شاعريءَ تي ڪنهن جو به ڪو نمايان اثر نظر نه ايندو. البت پڙهڻ واري دور ۾ مان انهن کان متاثر ضرور هوس.
    سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ۽ ان ۾ اوهان ڪيترو لکيو؟
    جواب: منهنجي پسند جي صنف غزل آهي. ڇو ته ننڍي هوندي، مون شاعري پڙهڻ شروع ڪئي ته اڪثر شاعريءَ جا ديوان ۽ ڪليات پڙهيم جن ۾ غزل جي شاعري هئي. بابا سان گڏ جن طرحي مشاعرن ۾ ننڍپڻ ۾ شرڪت ڪيم. سي به گهڻو ڪري غزل وارا مشاعرا هوندا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ شاعر مسدس وغيره لکي ايندو هئو. نه ته اڪثر غزل گو شاعر هوندا هئا. اسان جي اوطاق تي جيڪي گويا يا ڳائيندڙ عورتون ايندڙ هنيون. سي به اڪثر غزل ڳائيندا هئا. البت يڪتاري وارا صوفي فقير ڪافيون، ڪلام يا وايون ٻڌائيندا هئا باقي پڪي راڳ ڳائڻ وارا يا نچندڙ مايون، گهڻي ڀاڱي اردو غزل تي اڪتفا ڪندا هئا، غزل ۾ جيڪا نفاست، شيريني ۽ شعريت آهي. اها مون کي سدائين ڪشش ڪندي رهندي آهي. جنهن ڪري مون کي غزل جي صنف پسند به آهي ۽ غزل لکيو به گهڻو اٿم.
    منهنجي غزلن جو مجموعو ”مينديءَ سندا کيت“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. ”دل جو شهر“ ۾ به غزلن جو چڱو تعداد آهي. ”ديوان راشد پڻ ڇپجي چڪو آهي.
    سوال: سُٺي غزل لکڻ لاءِ ڪهڙين شين جي ضرورت آهي؟
    جواب: زبان جي موسيقي، بحر ۽ وزن جو پوراءُ، سٽن جو موزون سلسلو خيال جي چست بندش، هڪ سٺي غزل لاءِ ضروري آهن.
    فن وسيلي زندگيءَ جي ترجماني ڀلي ڪجي، پر فن جي دائري کان ٻاهر نه وڃجي. رام پنجواڻي صاحب چيو آهي، ”مون کي افسوس آهي ته غزل جي نالي ۾ ويچاري غزل سان جيڪي زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن، سي فن ۽ ادب جي بي حرمتي ۽ اره زورائيءَ جي برابر آهن.“
    ايم ڪمل، غزل بابت راءِ ڏيندي چيو آهي ته، ”نئين غزل ۾ پڻ وزن، قافيي، رديف، ربط، انهن تمام فني پهلوئن جي پورائو، عمدي غزل لاءِ لازمي آهن.“
    سوال: غزل جي ارتقا بابت ٻڌايو؟
    جواب: غزل، عربستان جي پيداوار آهي، عربستان کان اهو ايران پهتو، ايران ۾ غزل جو موجد رودڪي نالي هڪ شاعر (جيڪو نابين هيو) کي ڪوٺيو ويو آهي، پر حافظ شيرازيءَ اُن کي اؤج وٺرايو آهي. مغل حاڪمن جي دؤر ۾ غزل هندستان ۾ داخل ٿيو ۽ شروعاتي دؤر ۾ جيئن ته مغلن جي زبان فارسي هئي تنهن ڪري غزل به فارسيءَ ۾ لکيو ٿي ويو، پر پوءِ اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ اردو ٻولي ايجاد ٿي ته غزل به اردؤ ۾ لکجڻ ۾ آيو ۽ شاعرن فارسيءَ سان گڏ اردو غزل به چيا. اورنگزيب بادشاهه جي ڌيءَ زيب النساءِ ”مخفي“ ۽ مغل گهراڻي جو آخري بادشاهه بهادر شاهه ”ظفر“ ان دؤر جي ناميارن شاعرن ۾ شماريا وڃن ٿا. هندستان ۾ ٻيا اردو غزل جا شاعر هي هئا. ولي دکني، مير،درد، داغ دهلي، سودا، انشا، ناسخ، آتش ۽ نظير، وغيره.
    سنڌ ۾ ٽالپورن جي شروعاتي دؤر حڪومت ۾ فارسيءَ جو رواج اوئج تي هئو. ان دؤر ۾ سچل سرمست جو ”ديوان آشڪارا“ ۽ عطا ٺٽويءَ جو ”ديوان عطا“ سامهون آيا. انگريزن جي اچڻ بعد، فارسيءَ جو رجحان گهٽجي ويو. خليفي گل محمد ”هالائي“ سڀ کان اول سنڌي غزل جو رواج وڌو ”ديوان گل“ سندس غزلن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي غزلن جو پهريون ڪتاب چئجي ٿو. ان بعد قاسم، سانگي، قليچ ۽ گدا وغيره به ديوان لکيا اڳتي هلي غزل جديد سنڌي شاعرن جي هٿن تائين پهتو. نارائڻ شيام جو ڪتاب ”بوند لهرون ۽ سمنڊ“ غزلن جو بهترين نمونو آهي. جديد سنڌي شاعرن جا سوين نالا آهن، جن غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ڪري رهيا آهن. اڄ سنڌي غزل به ٻين ٻولين جي غزل سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو بيٺو آهي.
    سوال: اوهان جي نظر ۾ تنقيد ڇا آهي؟ ۽ اوهان تنقيد کي ڪهڙي نگاهه سان ڏسو ٿا ۽ جڏهن اوهان تي تنقيد ٿيندي آهي ته اوهان جون ڪهڙيون Feelings هونديون آهن؟
    جواب: تنقيد، اهو رندو آهي، جنهن سان ڪاٺ مان ٺهيل ڪنهن شيءِ کي وڌيڪ لسائبو ۽ سهڻو بنائبو آهي، ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اگر تنقيد جو عمل دخل نه هوندو ته اها ٻولي آهستي آهستي بگڙڻ شروع ٿي ويندي ۽ نيٺ پنهنجي اصليت وڃائي ويهندي. جيئن هن وقت سنڌي ٻوليءَ سان هاڃو ٿي رهيو آهي. مون تي به ٻين اڪثر ليکڪن وانگر تنقيد گهٽ ٿي آهي. پر جڏهن تنقيد ٿيندي آهي ته منهنجي محسوسات ائين هوندي آهي، جيئن مون پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي ته،

    منهنجي لاءِ سُڌارو آهي، تعميري تنقيد
    تنهنجي گفتن ۾ اوسائين، ڪانهي ڪابه ڪڙاڻ

    سنڌي ادب ۾ تنقيد تمام گهٽ ٿئي ٿي. البت ذاتي پسند يا نا پسند تي راءِ ڏني وڃي ٿي. سنڌ ۾ اصولن موجب تنقيد ڪرڻ جو لاڙو گهٽ آهي. اصولن بنا جيڪا به تنقيد ڪبي، اها ناقص ليکي ويندي.
    سوال: پنهنجي دؤر جي ادبي ميڙاڪن جو منظر چٽيو؟
    جواب: جيئن ته اسان جي جوانيءَ واري دؤر ۾ ڊش انٽينا، ڪيبل System ۽ ڪمپيوٽر جو رواج نه هئو، تنهن ڪري مشاعرا ۽ ادبي ميڙاڪا نه رڳو شاعرن ۽ اديبن جي گُهرج هئا پر عام ماڻهوءَ لاءِ تفريح جو سبب به هئا. تنهن ڪري، سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ ٻُڌندڙ موجود هوندا هئا. ون يونٽ واري زماني ۾، ”جشن لطيف“، ”هوشو ڊي“، ”سائين جي ايم سيد جي سالگره“ وغيره اهڙا ڏينهن هوندا هئا، جن تي ماڻهو ميلن ملاکڙن جيتري رش ڪندا هئا ۽ شاعرن، اديبن، سياستدانن، مفڪرن ۽ دانشورن کي سڄيون راتيون جاڳي ٻڌندا هئا، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ شيخ اياز کي جڏهن اسٽيج تي سڏ ٿيندو هئو ته سڄو پنڊال اُٿي بيهي استقبال ڪندو هئو ۽ نعرا هڻندو هئو. نوابشاهه ۾ شيخ مجيب صاحب جي موجودگيءَ ۾ جلسو هلندڙ هئو ته ون يونٽ ٽُٽڻ جي خبر آئي. ان وقت جلسي ۾ شريڪ ماڻهن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.
    ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره به وساري نه ٿي سگهجي. سنڌ ۾ پهريون هوشو ڊي ڀان سيد آباد ۾ ملايو ويو. ان جلسي جو به عجيب منظر هيو. موري شهر ۾ شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ سائين جي ايم سيد کي اسٽيج تي ٻُڌوسين ۽ عوام جي ان وقت جي سنڌيت واري جوش جذبي کي به ويجهي کان ڏٺوسين. حيدرآباد جي بسنت هال ۾ حميد سنڌي صاحب پاران رچايل ”جشن روح رهاڻ“ جا لطف پرور نظارا وساري نٿا سگهون.
    اهڙين وڏين اسٽيجن تي ڀرپور داد حاصل ڪرڻ سبب ڪيترائي مون جهڙا شاعر پوڙها ڪونه ٿا ٿين.
    سوال: شاعريءَ لاءِ علم عروض جو سکڻ ضروري آهي ڇا؟
    جواب: ٻي شاعريءَ ۾ عروض جي ڀلي ضرورت محسوس نه به ٿئي پر غزل، عروض جي ڄاڻ کان سواءِ بي مزو ٿي ويندو.
    قصيدي، رباعي، قطع ۽ مثنويءَ لاءِ پڻ بحر وزن ضروري آهي، غزل ۾ وزن جي خيال کان تجربي جي گنجائش آهي پر ائين ممڪن ڪونهي ته غزل لکجي، پر ان ۾ علم عروض جي ڪاڻ نه ڪڍجي ۽ ان کان زوگرداني ڪجي. تجربي جي معنيٰ ڇڙواڳي نه هئڻ گهرجي، تجربي جو مقصد اهو نه هئڻ گهرجي ته ڪنهن صنف جي وصف کي مروٽي سروٽي خراب ڪري، سندس اصليت کي ئي فنا ڪري ڇڏجي.
    سوال: شاعري ڇا آهي؟ ان جي اوهان جي نظر ۾ ڪهڙي وصف آهي؟
    جواب: شاعري ڏات آهي، ڪنهن شاعر چواڻي ته، ”هيءَ عشق جي نعمت به ته ڪنهن ڪنهن کي ملي ٿي ”ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ته:
    ”جي توبيت ڀانئيا، سي آيتون آهين“
    فارسيءَ جي هڪ چوڻي آهي ته، ”شاعري جزويست از پيغمبري“ معنيٰ، شاعري پيغمبريءَ جو جزو آهي. شيخ اياز پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو ته، ”بيشڪ شاعر فرشتو نه آهي پر فرشتو به شاعر نه آهي.“ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ چيو آهي ته،

    آڌيءَ اُٿي ٿا هُو گيت جوڙن
    شاعر پکين کان اڳ ۾ پتوڙن

    شاعر، اندر جو اهو اُڌمون آهي، جنهن کي روڪڻ چاهجي ته روڪي نه سگهجي. ان جي وصف بيان ڪجي ته پورو حق ادا نه ڪري سگهجي، قلندر جو هڪ شعر آهي جنهن جو ترجمو آهي ته،

    سو مُنهن ڏٺو اٿم جو ڌيان ۾ نه ماپي
    لذت جمال تنهن جي جهان ۾ نه ماپي

    سوال: اوهان جي نظر ۾ سونهن ڇا آهي؟ ۽ اوهان جڏهن ڪا سونهن ڏسندا آهيو ته ڇا محسوس ڪندا آهيو؟
    جواب: سونهن جو معيار هر دؤر ۾ هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ رهيو آهي. ڪنهن شاعر چواڻي ته،

    ”شل نه ڪنهن کي ڪو وڻي
    ٻيو نٿو ڪو پو وڻي“

    حقيقت ۾ ٻاهرين سونهن کان وڌيڪ، انسان جي پنهنجي اندر ۾ سُونهن هوندي آهي، اهي پنهنجي اندر جا جذبا هوندا آهن، جيڪي سامُهين صورت ۾ نروار ٿيندا آهن ۽ ماڻهو، پنهنجي ئي جذبن جي سونهن پسي عاشق ٿيندو آهي ۽ پنهنجن ئي جذبن سان پيار ڪندو آهي.
    مان جڏهن به ڪا وڻندڙ شيءِ ڏسندو آهيان، ته غزل لکڻ تي دل چاهيندي آهي جيئن هڪ ڀيري سُونهن پاڻ پسايو ته مون لکيو.

    سُونهن تنهنجيءَ تي سڀئي تشبيهه جا دفتر کُٽا
    عشق جن توسان ڪيو سي دين دنيا کان ڇُٽا

    سونهن، ساوڪ ۽ سرهاڻ منهنجون ڪمزوريون آهن ۽ جڏهن به اهي چيزون منهنجي سامهون هونديون آهن ته مان بي خود ٿي ويندو آهيان ۽ بي خود ٿي چوندو آهيان ته، ”راشد پنهنجي جنت آهي، ساوڪ ۽ سُرهاڻ،
    سوال: يقيناً اوهان عشق ڪيو هوندو، جيڪڏهن ها ته، پنهنجي ماضي جي يادن جي باري ۾ ٻڌايو؟
    جواب: مارئي جڏهن آزاد پنهنجي وطن ۾ هُئي ته سندس عشق فقط هڪ فرد، پنهنجي مڱيندي ”کيت“ سان هئو، پر جڏهن عمر بادشاهه جي قيد ۾ پئي ته سندس عشق وسيع ٿي ويو، سڀني ماروئڙن سان ڇيلن جي ڇانگن سان، ٻڪرين جي ڌڻن سان مطلب ته ٿر جي ذري ذري سان سندس عشق ٿي ويو.
    اهو سندس عشق مجازيءَ کان عشق حقيقيءَ ڏانهن سفر هئو، منهنجي ڪيفيت به ڪجهه اهڙي رهي آهي. پهرين ڳالهه ته اوهان سمجهندا هوندا ته مان عشق ڪرڻ کان پوءِ شاعر ٿيو آهيان، سو ائين نه آهي، مان شاعر تڏهن کان آهيان، جڏهن ٻالڪپڻ ۾ مون کي عشق جي ڪا خبر ئي نه هئي، مون ابتدا ۾ مذهبي شاعري ڪئي، جيڪو اسان جو ورثو هئو، مون اهو سنڀاليو. اڳتي هلي ڪي ناڪام عشق به ڪيم. جيئن حضرت ابراهيم نبي تارو ڏسي چيو ته ”اهو منهنجي خدا آهي“، تارو گم ٿي ويو ته چيائين ته، ”گم ٿيندڙ منهنجو خدا ٿي نٿو سگهي“. ائين مون به بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ ڪجهه ڊوڙ ڊُڪ ڪئي ۽ مجازي عشق جي پيچرن تي هلڻ شروع ڪيو پر سُتت ئي ونيونٽ دؤر جو سرجيل ادب پڙهيم ته قومي رنگ ۾ رنگجي ويس ۽ هڪڙي محبوب بدران سڄي سنڌ ۽ سنڌ جو هر ٻچو منهنجو محبوب بنجي پيو. سچل سرمست چيو ته، ”يار ڏٺم ڪک پن ۾ الله“ اڄ منهنجي به اها حالت آهي جيئن شاهه لطيف چيو آهي ته،

    مون کي اکڙين وڏا ٿورا لائيا
    تا پڻ پرين پسن، جان کڻان کر سامهون

    سوال: اوهان واري کيپ ۾، هينئر اوهان جي نظر ۾ ڪير ٿو سٺو لکي اوهان منصفانه فيصلو ڏجو؟
    جواب: همعصر هڪٻئي لاءِ حقيقت پسندانه فيصلو نه ڏئي سگهندا آهن، ايندڙ دور ئي صحيح فيصلو ڪندو ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ هئو. ان کان علاوه ڪن ليکڪن کي حالتن جو موافق هئڻ راس اچي ويو ۽ حالتن مان ڀرپور فائدو وٺي پاڻ کي خوب چمڪايائون، گهڻو ڇپيا ۽ گهڻو عوام آڏو آيا، ڪن ڏات ڌڻين کي حالتن پٺتي ڌڪي ڇڏيو، نه ايترو ڇپجي سگهيا نه وري وري وڏن شهرن جي وڏن ميڙاڪن ۾ شرڪت نصيب ٿين. فيصلو تڏهن ڪري سگهجي ٿو. جڏهن هڪڙي دور جا لکندڙ، هڪ جيترو ڇپيا هجن، ڇپجڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هتي ته ڪيترا اهڙا غريب ليکڪ آهن، جيڪي سڀ ڇپجندڙ ڪتاب خريد ڪري پڙهي به نه ٿا سگهن. ظاهر آهي ته سڀ ڪتاب نظر مان نه گذرندا ته انهن بابت راءِ ڪيئن ڏئي سگهبي.
    منهنجي نظر ۾ پُراڻا ليکڪ يا نوان ليکڪ سڀ برابر آهن، محترم صرف اهو ليکڪ آهي، جيڪو سوچي سمجهي، ٻوليءَ جي دامن ۾ ڪي چار گل وجهڻ چاهي ٿو يا پنهنجي ادب وسيلي ڀٽڪيل ماروئڙن کي ڪا واٽ ڏيکارڻ چاهي ٿو. باقي جيڪڏهن ڪوبه ليکڪ پنهنجي ذاتي جذبن جي تسڪين لاءِ لکي ٿو ته پاڻ ڄاڻي، اسان ان بابت ڇو ويهي پنهنجو وقت وڃايون:
    سوال: دوستي اوهان جي نظر ۾؟
    جواب: دوستي هڪ سنهي ڌاڳي مثل آهي، اهو ڌاڳو اگر داناءُ ماڻهن جي وچ تي هوندو ته ڪڏهن به ڪونه ڇڄندو پر نادانن جي وچ تي هوندو ته هُو ڇڪي ڇني وجهندا. ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته،

    ڇِــنـن تـــوءِ مَ ڇـــن، پـــاءِ امــيـرِي ان ســـان
    جــي هُــو اوڳـڻ ڪنئي سسئي، ته تون ڳڻ ڏيئي ڳنهه

    دوستيءَ لاءِ ڪنهن شاعر جي سٽ آهي ته.
    رکڻ آه سولي، نباهڻ ڏکي آ
    سڄڻ يار ياري هلائڻ ڏکي آ

    ماڻهن سان دوستي رکڻ کان بهتر آهي ته ڪتابن سان دوستي رکجي، ڇو ته انهيءَ دوستيءَ مان ڪڏهن به دوکو نه ملندو. ڪوبه نقصان نه پوندو، رڳو فائدو ئي فائدو ملندو.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي مان ڪيترا مطمئن آهيو؟
    جواب: س-ا-س جو ڪم ڪڏهن تيز ۽ ڪڏهن ماٺو ٿو رهي. ڪنهن دؤر ۾ سنگت گهڻو سرگرم ته ڪنهن دؤر ۾ وري گهڻو خاموش ٿي رهي. پوءِ به سنگت جو وجود اسان لاءِ وڏي اتساه جي ڳالهه آهي. سنڌي ماڻهو ڪوبه ادارو يا تحريڪ مستقل هلائن، سو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر پوءِ به سنگت چڱي خاصي حياتي ماڻي آهي ۽ اسان جون دعائون آهن ته شال سنگت جو پاڇو اسان جي سِرَ تي دائمي رهي. سنگت کي ڪل وقتي ڪارڪن ۽ عهديدار ڪونه ٿا ملن. اڪثر سرڪاري نوڪريءَ وارا ماڻهو هِن تنظيم جا عهديدار چونڊجن ٿا، جيڪي جز وقتي ڪارڪن ٿي ڪم هلائين ٿا. جيڪڏهن سنگت کي ڪل وقتي عهديدار ملن ته سنگت وڌيڪ ڪم ڪري سگهي ٿي. في الحال اديب ۽ شاعر پيدا ڪرڻ جي سٺي فيڪٽري آهي. سنڌ جي مجموعي حالتن کي ڏسندي، سنڌي سياستدانن جي ڪردار کي ڏسندي ۽ سنڌ ڏانهن ۽ سنڌ جي مسئلن ڏانهن سنڌ جي سياستدانن جي رويي کي ڏسندي مان سنگت جي ڪردار مان مطمئن آهيان. گهٽ ۾ گهٽ سياستدانن وانگر، هي سنگت غدار ته پيدا ڪانه ٿي ڪري.
    سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
    جواب: زندگي منهنجي نظر ۾ مسلسل جدوجهد جو نالو آهي.
    اردو چواڻي موجب.
    موج جب مضرب ہے زندہ ہے
    قرار پایا مرگئی

    اسان جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ به چيو آهي ته.

    زندگي آهي ته آهي ڊوڙ ڊُڪ
    مُئي پڄاڻا لحد ۾ هونداسين سُڪ
    ڏسُ متان همت جي دامن کي ڇڏين
    ڏِسُ متان اهڙي ڪرين، ”استاد“ چُڪ

    سوال: مذهب اوهان جي نظر ۾؟
    جواب: مذهب معنيٰ رستو، هر ماڻهوءَ کي رستي سان هلڻ گهرجي، رستو ڇڏيندو ته اوجهڙ ۾ ڦاسندو. مذهب ڪيترائي آهن، جيئن لطيف سائين چيو ته،
    ”واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪيهيءَ ويا“
    اهي ويهه ئي واٽون نيٺ هڪ ئي منزل تي پهچنديون ۽ سڀ جُز هڪ ڪُل ۾ سمائجي ويندا. مذهب ۾ رواداري هئن گهرجي. انتها پسنديءَ کان پاسو ڪجي. حافظ شيرازيءَ چيو آهي ته،

    حافظا! گر وصل خواهي، صلح ڪُن باخاص و عام
    بامسلمان الله الله، بابرهمن رام رام

    معنيٰ: حافظ! جيڪڏهن ميلاپ چاهين ٿو ته سڀني سان صلح ڪر مسلمانن سان الله الله ڪر ۽ برهمڻن سان رام رام ڪر.
    سوال: هي ڪائنات اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
    جواب: ڪڏهن گل جهڙي حسين نظر اچي ٿي، ته ڪڏهن خار ٿي چڀي ٿي، ڪنهن پل جنت جي هير جهڙي محسوس ٿئي ٿي ته ڪنهن گهڙيءَ دوزخ جي دونهين جهڙي ٿي لڳي. ڪنهن وقت شاديءَ جي محفل جهڙي آهي ته ڪنهن کن ۾ وري ماتامين جي مجلس جهڙي ٿي محسوس ٿئي. ڪنهن کي خوشين جا خزانا ٿي آڇي، ته ڪنهن تي وري غمن جا پهاڙ ڪيرايو ڇڏي. مطلب ته،
    ڏيکاري دؤر ٿي دنيا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
    سوال: اياز ۽ استاد اوهان جي نظر ۾ ؟
    جواب: اياز ۽ استاد، سنڌي ٻوليءَ جي گلزار جا ٻه گل آهن. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي. هڪڙي ڪيسٽ جي حوالي سان وڌيڪ شهريت ماڻي آهي ۽ ٻئي ڪتابن وسيلي مشهوري ماڻي آهي. ٻنهي جي لکڻ جو محور سنڌ ۽ سنڌي ٻولي هئو. ٻنهي شاعرن اسان کي لفظن جا انبار ڏنا آهن. ٻئي ساهه سان سانڍڻ جهڙا آهن. هنن کي هڪٻئي کان جيڪو گهٽ وڌ ڄاڻائي سو سنڌي قوم ۾ ويڇا وجهڻ ٿو چاهي. اهڙو ماڻهو سنڌي قوم جو سڄڻ ناهي.
    سوال: عشق بابت اوهان ڇا چوندؤ ؟
    جواب: عشق به ٻين جذبن وانگر انسان جي اندر جو هڪ جذبو آهي، عربيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته، ”العشق نارالله“ يعني عشق الله تعاليٰ جي باهه آهي. سنڌ جي ڪنهن صوفي شاعر چيو آهي ته،
    ”عشق عشق هر ڪو چوي، عشق نه ڄاڻي ڪو.“
    شاعر جي اندر ۾ جيترو عشق پڪو پُختو هوندو، اوتري ان جي شاعري پڪي پختي هوندي. هونئن ته شاعري لفظن جو ميلاپ آهي. هڪ سگهڙ به سُٺي شاعري ڪري سگهي ٿو. پر عشق جو آلاپ جيڪو اثر رکي ٿو. اهو هُنر وارو ماڻهو ڪٿان حاصل ڪندو؟ دنيا جو ڪوبه ڪم اگر دل لڳائي ذوق عشق سان ڪبو ته اهو سهڻي نموني سان پائيه تڪميل تي پهچندو ۽ ڏسندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي سهڻو ۽ سُريلو لڳندو پر ڀڳي دل نموني سان ڪبو ته نه اهو پورو ٿيندو نه وري ڪنهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه رکڻ جي قوت هوندس. اهڙي نموني سان شاعري به عشق سان ڪئي ويندي ته، اها وڌيڪ پرڪشش هوندي، جي بنا عشق جي رڳو لفاظي هوندي ته ان ۾ ڪابه ڪشش نه هوندي. شيخ اياز چيو آهي ته،

    شاعري جي روح گرمائي نٿي،
    منزل – مقصود کي پائي نٿي.

    سوال: پنهنجو پسنديده غزل ٻڌايو ؟
    جواب: جيئن هر ماڻهوءِ کي پنهنجو سمورو اولاد هڪجهڙو پيارو هوندو آهي، تيئن شاعر کي پنهنجي سموري شاعري پسند هوندي آهي، اهو ته نقادن جو ڪم آهي ته ڇنڊ ڇاڻ ڪن. بهرحال اوهان جي فرمائش موجب مان پنهنجو هڪ غزل عرض رکان ٿو،

    غزل

    تنهن جي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين
    ڀونئر آهيون وٺي سرهاڻ، هليا وينداسين
    چشم تر آيا هياسون ۽ چمن مان هاڻي
    کڻي اکڙين سندي آلاڻ، هليا وينداسين
    چنڊ! ڪڪرن ۾ لڪائي ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي
    تنهن جي چوري ڪري چانڊاڻ، هليا وينداسين
    مٺن ماڻهن کان مٺائي نصيب ٿيندي آ
    ڪابه محسوس ٿي ڪوئڙاڻ هليا وينداسين
    پاڻ محبت جا پوڄاري، توکي نيبهه هِي هجن
    تنهن جو ترڪش ۽ تنهنجي مياڻ هليا وينداسين
    آسرو آه رڳو رات کُٽي پره ڦٽي
    باک جي ڏسنديئي ڳاڙهاڻ هليا وينداسين
    پاڻ وڻجارا ٻٽي ڏينهن مسافر ”راشد“
    رڳو ڀرجي وهي مهراڻ هليا وينداسين.

    سوال: اوهان جو پڙهندڙن لاءِ پيغام ؟
    جواب: زندگي تمام مختصر آهي. انهي مختصر عرصي ۾ اهڙو ڪو ڪارگر ڪم ڪري وڃو، جو اوهان هِن دنيا ۾ موجود نه هجو تڏهن به توهان جي ڪيل ڪم جي ڪري، اوهان کي ياد ڪيو وڃي.


    انور پيرزادو


    BRIEF INTRODUCTION
    انور پيرزادو
    (1945-2007)


    نالو: انور پيرزادو
    اصل نالو: محمد پريل پيرزادو
    ولديت: شفيع محمد پيرزادو
    جنم تاريخ: 25 جنوري 1945ع وفات: 8ن جنوري 2007ع.
    جنم هنڌ: ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ (ٻلهيڙجي) تعلقه ڏوڪري (لب درياءُ)، ضلعو لاڙڪاڻو سنڌ – پاڪستان
    تعليم: M.A. (English Literature) LL.B.
    ڪرت: Writer Journalist
    لکڻ جي شرو عا ت: 1962ع
    ادبي سڃاڻپ: شاعر، نقاد
    ڇپيل ڪتاب: 1. اي چنڊ! ڀٽائي کي چئجان!! (شاعري)
    2. Social Content in Shah Jo Risalo (English) Published by Shah Latif Chair, Karachi University.
    3. Larkana Gazatter (2003) (English).
    4. Khirthar (English) Published by Oil Company ENILASMO.
    اڻڇپيل ڪتاب: 1) “Sindhi Language or Literature” to be published by Sindhi Language Authority, Hyd.
    2) Sindh Gazetter, by Govt of Sindh.
    3) English Translation of قيدياڻي جي ڊائري by Ms Akhtar Baloch
    مڃتا ايوارڊ: 1) By IUCN (Shield)
    2) By Sindh Culture Dept (Shield)
    3) Monthly SOJHRO (Shield)
    4) Daily Awami Awaz (Editions)

    سوال: انور صاحب اسان کي پنهنجي ننڍپڻ جي ڪهاڻي تفصيل سان ٻڌايو ؟
    جواب: انور صاحب هن سوال جو جواب ڏيڻ پسند نه فرمايو.
    سوال: اوهان جي لکڻ جي شروعات ڪڏهن ٿي ۽ سڀ کان اول اوهان ڪهڙي صنف ۾ لکيو ؟
    جواب: ڪراچي جيل ۾ شاعري
    ڪراچي جيل ۾ PAF طرفان Field Court Martial ٿيڻ ۽ 5 سال قيد جي سزا ملڻ سبب ويس. ڏوهه اهو هيو جو مون 26th March 1971 تي اوڀر پاڪستان ۾ ملٽري ائڪشن جي مخالفت ڪئي هئي. ڪيس بغاوت 124-A PPC هيٺ هلايو ويو.
    سوال: اوهان جي لکڻ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا ؟
    جواب: (1) منهنجي Jenes ۾ شاعري هئي، ڇاڪاڻ ته منهنجا ابا ڏاڏا عربي / فارسي جا پڙهيا لکيا ماڻهو / عالم هئا.
    (2) ڳوٺ جو ماحول صوفياڻو هو. اسان جي ڳوٺ ۾ مسجدون گهٽ ۽ صوفي اوتارا وڌيڪ هوندا هئا. ان ڪري ڀٽائي جو رسالو ۽ سنگيت Way of life بڻجي ويو هو.
    (3) جديد دور جو سماجي شعور، کاٻي ڌر جي سياست جو اثر، سنڌي قومپرستيءَ جو رنگ ۽ سماجي ناانصافين جا ذاتي مشاهدا.
    سوال: شاعري لاءِ عشق ڪيترو ضروري آهي ؟ ڇا ڪنهن عشق يا پيار جي بغير شاعري ممڪن آهي، جي ممڪن آهي ته ڇا اها شاعري ماڻهن جون دليون کٽي سگهي ٿي ؟
    جواب: Poetry is spontaneous overflow of emotions
    ٻين لفظن ۾ چئجي: درد جي سيسراٽي ۽ ان جو لفظن ۾ اظهار
    Poetry is also composition of words, as Music is composition of voices.
    شاعريءَ لاءِ عشق، مجازي، انساني، Sex-related، مخالف جنس / يا هم جنس سان، ذاتي ۽ شخصي ضرور آهي. اهڙي عشق جو درد، وڇوڙو، ميلاپ جو مزو ۽ وڇوڙي جو عذاب هر بالغ مرد توڙي عورت جي زندگي ۾ بلوغت وقت بنا ناغاني يا Discrimination جي اچي ٿو.
    اهو جذبو انسان کي سوچڻ، جدوجهد ڪرڻ، قرباني ڏيڻ ۽ سر ڏيڻ تي مجبور ڪري ٿو.
    ان ڪري اهڙا محرڪات شاعري لاءِ ضروري آهن.
    هونئن عشق ٻين شين سان به ڪري سگهجي ٿو پر obsession گهڻو ڪري sex-related عشق ۾ ٿئي ٿي.
    سوال: توهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ۽ ان صنف تي لکڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ؟
    جواب: پسنديده صنف: شاعري
    Investigative Cultural or literary writing or in prose
    سوال: اسان وٽ اڄ جو نوجوان، شاعر سينيئر شاعر جيان غزل وڌيڪ لکي رهيو آهي ۽ ڪافي ۽ وائي جي صنف ڏينهون ڏينهن ناپيد ٿيندي ٿي وڃي، ڇا غزل جي اچڻ ڪري اسان جي صنف وائي ۽ ڪافي کي نقصان نه رسيو آهي ؟
    جواب: سنڌ ۾ غزل بعد ۾ آيو، وائي ۽ ڪافي جي روايت پراڻي آهي قديم ايراني سلطنت جو جڏهن سنڌ حصو بڻي ۽ سنڌو درياءَ جو ساڄو ڪنارو ان ۾ شامل ٿيو، تڏهن کان فارسي جو اثر، ايران جو اثر ۽ غزل جو اثر پئدا ٿيو.
    وائي ۽ ڪافي ڪلاسيڪل صنفون انهيءَ دور جون آهن جڏهن ڇند وديا ۽ سنسڪرت جو هتي اثر هو، هي زمانو مهين جي دڙي جي زوال کان جلد پوءِ جو آهي.
    غزل سنڌ ۾ ٻيهر ٽالپر دور ۾ رائج ٿيو جنهن تي ايران ۽ بلوچ اثر ڇانيل هو. پر ڀٽائي ان کان اڳ ڪلهوڙا دور ۾ فارسي خلاف بيت لکيو: ”جي تون فارسي پڙهئي، گولو توءِ غلام“. ڀٽائي نيٺ سنڌي شاعري جو قائل هو.
    باقي M.H Panhwar چواڻي: 4,000 قبل مسيح کان وچ ايشيا، وچ اوڀر، عراق، شام ۽ ايران مان آرين جي آمد سنڌ ۾ جاري هئي جنهن هتي دراوڙن جو اثر گهٽائي ڇڏيو.
    هن وقت نه غزل ميدان ۾ آهي ۽ نه وائي، هي وقت انگريزي اثر واري صنف Blank Verse جو آهي. پر پوءِ به وائي، ڪافي ۽ بيت امر رهندا، ڀٽائي جي ڪري.......
    سوال: اسان وٽ چيو ويندو آهي ته هي غزل جدت جو شڪار آهي ۽ جدت کي تخليقار غلط / گار ڇو ٿو سمجهي ۽ اهو به ٻڌايو ته اڄ جي دور ۾ غزل جو گهاڙيٽو ڪٿي بيٺو آهي ۽ ان ۾ نواڻ ڪهڙي ريت اچي سگهي ٿي؟
    جواب: سنڌي غزل تي ڪلاسيڪل سنڌي وائي ۽ بيت جو به اثر آهي، جديد آزاد نظم جو به اثر آهي،
    سنڌ جي سياسي اشوز جو به اثر آهي، ان ڪري ان ۾ رڳو عشق ئي نه پر سوشلزم، ڪميونزم ۽ نئشلنزم به داخل ٿي ويا آهن.
    عروضي بحر کي پڻ سنڌي غزل ڪافي آزاد ڪري ورتو آهي.
    منهنجي خيال ۾ غزل جي اهڙي ساخت تي ايراني ۽ فارسي غزل گو شاعرن کي ريس اچڻ گهرجي.
    سوال: مون اوهان کي گهڻو ته نه پڙهيو آهي پر ايترو ضرور ڄاڻا ٿو ته اوهان جي شاعري سنڌي ادب ۾ سٺي جاءِ والاري ٿي ۽ اوهان شاعري جي حوالي سان وڏا نالا پڻ آهيو. اوهان فقط ايترو ٻڌايو ته اوهان شاعري کي ڪهڙن لفظن ۾ اظهارڻ چاهيندو ؟
    جواب:
    Poetry is the most beautiful documentation of a nation’s history fully equipped with greatest part of expression, musical magic and creative divine- like imagination, of the poet.
    سوال: اوهان پنهنجي دور جي ادبي دوستن ۽ ادبي ماحول جي عڪاسي ڪرڻ فرمائيندو ؟
    جواب: No, Thanks
    سوال: تنقيد آخر آهي ڇا ؟ اسان وٽ جيڪو تيڪو بغير ڄاڻ ۽ علم جي ڪنهن جي تخليقي پورهئي تي ابتو سبتو ڳالهائي، پاڻ کي تنقيد نگارن جي لسٽ ۾ شامل ڪريو ڇڏي.
    جواب:
    CRITICISM
    It is critical appreciation, containing two important aspects:
    1. Critical approach
    2. Appreciation: an act to appreciate; define; analyse.
    سوال: اسان جا ڪجهه اديب شيخ اياز کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ؟
    جواب: شيخ اياز سميت دنيا جو ڪوبه شاعر تنقيد کان بالاتر هئڻ نه گهرجي.
    ڪوبه حرف،
    حرفِ آخر ناهي!!
    هي دنيا ان ڏينهن ختم ٿي ويندي،
    پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهچي ويندي،
    قيامت برپا ٿي ويندي. ،
    جنهن ڏينهن
    حرفِ آخر پئدا ٿيندو!!!
    پوءِ
    1- نه سج اڀرندو نه لهندو
    2- نه ڏينهن ٿيندو نه رات هوندءِ
    3- نه فطرت هوندي ۽ نه انسان
    4- کيل ختم، پئسا هضم
    سوال: شيخ اياز جي پوئين دور / ٻي رخ ۾ مٽجي وڃڻ، وڃي مذهبي ماڻهن سان ميلا ڪرڻ، جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا ؟
    جواب: جنگ ڪرڻ جا نتيجا ڪجهه هيٺين ريت ٿي سگهن ٿا:
    1. فتح حاصل ڪرڻ / شهادت ذريعي يا زنده رهي ڪري.
    2. شڪست حاصل ڪرڻ / شهادت ذريعي.......
    3. ميدان ڇڏي ڀڄي وڃڻ.
    ڀٽائي سچ چيو آهي:
    ڪِلي وَيرَ، ڪٽڪ ۾، سائو سڀ نه هونِ. (جنگ ويل، لشڪر ۾، سڀ بهادر سپاهي نه هوندا آهن.)
    سوال: اسان وٽ اڄ سنڌي ادب ۾ تمام گهڻا ۽ سٺا ڪتاب ڇپجي رهيا آهن، اهي ڪتاب شاعري، تاريخ ۽ تنقيد تي مشتمل آهن، توهان اڄ جي ڪتابن کي معيار جون گهرجون ذهن ۾ رکي اهو ٻڌايو ته اهي ڪيترا معياري آهن ؟
    جواب: مان ڪا حتمي راءِ ڏئي نه ٿو سگهان، ڇاڪاڻ ته:
    1- مون سڀ ڪتاب نه پڙهيا آهن.
    البت مان اهو چئي سگهان ٿو ته:
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتابن جو معيار پنجابي، پشتو، بلوچي، سرائيڪي ۽ اردو جي ڪتابن جي ڀيٽ ۾ اڳڀرو آهي. انگريزي ۾ ڪتاب اسان جي سنڌي ڪتابن کان اڳڀرا آهن.
    سوال: اوهان جي گوشه نشين رهڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن، اوهان کي ادبي پروگرامن م گهٽ ٿو ڏسجي ؟
    جواب:
    ڪـــڏهن پـــئـجي ڪَــنُ ٿــي،
    ڪـــڏهــن ٿــئـجـي واتُ،
    ڪــڏهــن ٿــئــجي ڪــاتُ،
    ڪــڏهــن ٿــئــجــي ٻــڪــرو.
    ڀٽائي

    سوال: پنهنجي عشق ۽ پريم جي ڪهاڻي ٻڌايو (سچائي ۽ ايمانداري سان)
    Right of privacy
    For every human being is his/her fundamental right.
    A wife can tell her husband to go off because she has to talk to someone in privacy. It is her fundamental human right.
    Any man, Sindhi, Baloch, Muslim or Hindu, who does not allow his wife to exercise her right of privacy is not an enlightened man.
    So, my personal love story is my private life, which non should trespass.
    سوال: زندگي مان ڪيترو مطمئن آهيو ؟
    جواب: اوترو جيترو ڀٽائيءَ جي جيئري مرڻ واري سوچ يا فنا واري فلسفي ۽ طريقت تي عمل ڪري سگهيو آهيان!!
    سوال: جدت پسند ۽ رجعت پسند ٻه محاوره اسان وٽ عام آهن، ان جي باري ۾ ٿورو ٻڌايو ؟
    جواب: هر قسم جي نواڻ جدت پسنديءَ جي دائري ۾ اچي ٿي، پر هر نئين شيءِ ضروري ناهي ته ترقي پسند به هجي، البت جديد ته ٿي سگهي ٿي.
    رجعت پسندي انساني ارتقا جي طيءَ ٿيل اصولن جي روشنيءَ ۾ (ته هر شي اڳتي وڌي ٿي، هر مادو ترقي جي رفتار تي چال سارو وک کڻي ٿو ۽ ترقي مادي جدليات جو مظهر آهي جنهن جو رخ آئيندي ڏانهن آهي پوئتي قدم کڻڻ، پوئتي هٽڻ ۽ ماضيءَ ڏانهن سفر جو اهڃاڻ آهي، مثال سائنس غلط آهي ڇاڪاڻ ته خدا جا ڳُجهه کولي ٿي، انسان چنڊ تي ناهي پهتو، دنيا جيئن هلي تيئن هلڻ گهرجي، ان ۾ ايندڙ هر نئين تبديلي جي مخالفت ڪرڻ گهرجي وغيره وغيره.
    سوال: زندگيءَ جو ڪو يادگار واقعو ؟
    جواب: ڀٽائيءَ جي فڪر سان آگاهي!!
    سوال: ڪالا باغ ڊيم جي ٺهڻ جي تياري پئي ڪئي وڃي، ان لاءِ سجاڳ سنڌي اديب پنهنجو ڪردار سٺي نموني سان نڀائي رهيا آهن، جن ۾ ”خبرون“ وارن سنڌي اديبن / صحافين استيعفائون ڏيئي ڇڏيون، اوهان انهن جي ان عمل کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا، جڏهن ته هت ڪراچي ۾ اڳ ۾ ئي سنڌين لاءِ روزگار جو مسئلو آهي ؟
    جواب:
    نوٽ: هي سوال ادبي نوعيت جو نه آهي ۽ اديب کان انٽرويو سان لاڳاپيل به ناهي.
    سوال: اوهان جو ڪو پيغام ؟
    جواب: جيترو ٿي سگهي ڀٽائي کي پڙهو!!

    اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!
    هي ماڻهو تنهنجن بيتن کي،
    ڌرتيءَ کان ڌار ڇني ٿا ڪن،
    ٿيون وايون تنهنجيون وار پٽن،
    ۽ سُرڙا تنهنجا اوسارين،
    هي ارهي سرهي دانهن ڏجان،
    اي چنڊ ڀٽائيءَ کي چئجان!.


    بشير سيتائي

    غزل

    تنهنجي اچڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
    مُرڪي ملڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ.
    واهيرن ڏي ورندڙ پنڇي، شام شفق،
    سج لهڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
    اڏندڙ آنچل، رنگ ۽ روشني سڀ رل مل،
    هير گهلڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
    مينهوڳيءَ ۾ پر به ملياسين، هيل به من!
    مينهن پوڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
    ساوڻ ايندي ساهه ۾ رچندي آ سُڳنڌ،
    پينگهه لڏڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
    منهنجي رئڻ تي ٽهڪ ڏئي تون کلندو آن،
    تنهنجي کلڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ،
    باهه ”بشير سيتائي“ ڀڙڪي جذبن ۾،
    هاڻ جيئڻ جو منظر ڏاڍو وڻندو آ.

    ***

    BRIEF INTRODUCTION
    بشير سيتائي
    (1949-2016)

    ادبي نالو: بشير سيتائي
    اصل نالو: بخشل خان
    ولديت: آخوند محمد موسيٰ ڀٽي
    جنم تاريخ: 8 جولاءِ 1949ع وفات: 5 فيبروري 2016ع.
    جنم هنڌ: سيتا وليج تعلقو دادو
    تعليم: ايم اي، (سنڌي ادب ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ فرسٽ پوزيشن)، ايل ايل بي
    ڌنڌو: ملازمت
    ادب ۾ ابتدا: 1966ع کان
    ادبي سڃاڻپ: اديب / شاعر
    ڇپيل ڪتاب: (1) سج سريکو سچ (شاعري 1987)، (2) ڏات نه ٿيندي مات (شاعري 1993ع)، (3) جهرڻو منهنجي جيءُ (شاعري 2000ع)، (4) اکر اکر ۾ اٿاهه الفت (اديبن جا خط 2001ع)، (5) ڏاها ڏات ڌڻي (حصو پهريون 2004ع)، (6) اداس من جي اداس موسم، (7) فارسي گرام، (8) سپنا تڙپن ساڀيان لاءِ، (9) چاهه چريا اُتساح چريا، (9) سنان وٽ هلو سرتيون.
    اڻ ڇپيل ڪتاب: جيون گهاڻي جيئن (ڪهاڻيون)، منهنجو آئينو (سارون)، مون جي ڏٺا ماءُ (خاڪا)، گوهر ناياب (فارسي غزلن جو سنڌي ترجمو)، خوشبو جدا جدا (فارسي بيتن جو سنڌي ترجمو)، اکر اکر ۾ اٿاهه الفت (ڀاڱو ٻيو)، رباعيون عمر خيام جون (ترجمو) منهنجا نياز ناما (دوستن ڏانهن لکيل خط)، ڏاها ڏات ڌڻي (حصو ٻيو دادو ضلعي جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ڊائريڪٽري)، گوهر ناياب (حصو ٻيو)، ابو سعيد ابوالخير جي فارسي رباعين جو سنڌي ۽ انگريزي ۾ ترجمو
    ايوارڊ: سنڌي ادبي سنگت ۽ شهيد عادل سخيراڻي فورم دادو طرفان بهترين شاعر ۽ اديب جو ايوارڊ.

    سوال: اوهان جي ادبي ابتدا ڪيئن ٿي ؟
    جواب: مون کي شاعري جو شوق 1965ع ۾ جاڳيو. فارسي جي پنج ڪتابي ”ڪريما“ مون اٺين جماعت ۾ ئي آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي جيڪو بعد ۾ منهنجو سهرو بڻيو، وٽ پڙهي پوري ڪئي هئي. فارسي زبان سان ٿورو گهڻو سابقو هيو. ان ڪري سنڌ جي آڳاٽن غزلگو شاعرن جا فارسي زده سنڌي غزل پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ دقت محسوس ڪانه ٿيندي هئي. شاعري پڙهندي پڙهندي شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيو، منهنجو پهريون غزل 1966ع ۾ ماهوار ”بادل“ ۾ شايع ٿيو هو. هي منهنجو اهو دور هو. جڏهن مان ميٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري بيروزگاري جو سرٽيفڪيٽ وٺي گهر پهتو هوس ۽ هوڏانهن ڪنهن دوشيزه سان پريت جو پيوند به لڳي چڪو هو. سو “Fuel to the flames” وارو قصو بڻجي ويو. منهنجي شاعري جو بنيادي ڪارڻ احساس محرومي ۽ عشق هو.
    سوال: اوهان شاعري جي باقائده سکيا ڪنهن کان ورتي ؟
    جواب: شاعري ۾ منهنجو ڪوبه هڪ استاد ڪونهي، جنهن کان مون شاگردي جو سڳو ٻڌرايو هجي. منهنجا استاد ان زماني جا بزرگ شاعر، همعصر ادبي دوست ۽ علم عروض جا ڪجهه ڪتاب جهڙوڪ رياض بلاغت، رهنمائي شاعري وغيره وغيره آهن. وفا ناٿن شاهي سان به زندگي جو ڪجهه حصو گڏ رهيس، لڳ ڀڳ اسان ٻنهي جي شاعراڻي عمر ساڳي آهي. مون سڄي عمر سکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. شاعري بحر بيڪران آهي. شاعري کي پنجٽيهه سالن جيترو عرصو ڏيئي چڪو آهيان. پر اڄ به پاڻ کي طفل مڪتب سمجهندو آهيان. دوست مون کي سٺو شاعر سمجهن ٿا، اها انهن جي ذره نوازي آهي.
    سوال: سيتا ڳوٺ جي حوالي سان ڪيترائي اديب، عالم، صحافي ۽ شاعر ”سيتائي“ سڏائن ٿا. چڱو خاصو تعداد آهي انهن جو!! ڪو خاص سبب آهي ان جو ؟
    جواب: سيتا ڳوٺ علم ۽ ادب جي حوالي سان شاهوڪار ڳوٺ آهي. هتي مرحوم جمع خان ”غريب“، محمد رمضان ”ثاقب“ ليلا رام ”شاعر“، حاجن شاهه ”هموطن“ سيتائي ۽ لونگ خان ”لائق“ جهڙا شاعر پيدا ٿيا. آخوند محمد صالح ڀٽي سيتائي، مولوي محمد صديق سيتائي، آخوند محمد دائود ڀٽي سيتائي ۽ مولوي عبدالغفور سيتائي جهڙيون نامور هستيون به منهنجي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيون. جيئن لاٽ مان لاٽ ٻرندي آهي. اهڙي ريت علم ۽ ادب جو قافلو روان دوان آهي ۽ اڄ به کوڙ سارا شاعر اديب ۽ اهل علم ”سيتائي“ بڻيا بيٺا آهن. لسٽ ڊگهي آهي.
    سوال: اوهان جي شاعري جي اڀياس مان محسوس ٿو ٿئي ته اوهان شاعري ۾ فني بندش جو وڌيڪ خيال رکو ٿا. اهو صحيح آهي ؟
    جواب: جي ها! منهنجي شاعري ۾ فن کي بنيادي اهميت حاصل آهي. علم عروض ۽ هندي ڇند وديا شاعري لاءِ ائين آهي، جيئن ڀِتِ لاءِ شاهل ۽ ڏور. علم عروض ۽ ڇند وديا تحت، لفظ پنهنجي حرڪات سڪنات مطابق شاعري ۾ سموهجن ٿا.
    سوال: شاعري ۾ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ؟
    جواب: منهنجي پسنديده صنف غزل آهي. ڇو ته غزل اها ميڊيا آهي جنهن ذريعي شاعر هڪ ئي وقت، غزل جي هر بند ۾، مختلف موضوع زير بحث آڻي سگهندو آهي. مون کي ائين لڳندو آهي ته آئون پنهنجي مافي الضمير ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ غزل ۾ وڌيڪ ظاهر ڪري سگهندو آهيان.
    سوال: ڇا اڄ جو غزل اسان وٽ جديد غزل ٿي چڪو آهي ؟
    جواب: منهنجي خيال ۾ ته ”جديد غزل اڄ به ٿورو گهڻو پنهنجي روايت“ سان جُڙيل آهي. ڪابه چيز هڪدم جديد ڪانه ٿيندي آهي. غزل روايت کان هٽيو ته غزل نه رهندو. منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته اڄ جو غزل فقط موضوعاتي لحاظ کان جديد آهي، باقي گهاڙيٽي ۽ هيئت ۾ ساڳيو آهي ۽ ساڳيو رهندو. اسان جديد غزل کي جديد ان ڪري چئون ٿا ته ان ۾ نئون فڪر ۽ جديد احساس آهي.
    سوال: هڪ سٺي غزل جي خوبي ڇا آهي ؟
    جواب: غزل ۾ رومانس هجي، لفظن جي چونڊ غزل جي مزاج وٽان هجي. غزل ۾ ڪيل انقلابي ڳالهه ۾ به جيسين رومانس نه آهي ان ۾ مزو نه ٿو رهي، غزل ۾ هڪجهڙو Content ۽ يڪسانيت غزل جو موت آهي. غزل ۾ هڪجهڙا ۽ ساڳيا ساڳيا موضوع آڻڻ سان غزل جي سونهن متاثر ٿئي ٿي. اهڙي غزل کي نظم ئي چئي سگهجي ٿو پر ان کي غزل چوڻ گهٽتائي آهي. مان ائين چوندس ته هڪ سٺي غزل جي خوبي آهي مقصديت، معنيٰ خيزي، فني بندش، خيال جي گهرائي ۽ ويرائٽي!!
    سوال: ڪي دوست غزل ۾ به وزن بحر جو خيال نه ٿا رکن، سندن چوڻ آهي ته Priority خيال کي آهي وزن کي ناهي. اوهان ٻڌايو ته شاعري ۾ خاص طور تي غزل ۾ فن کي اهميت آهي يا خيال کي ؟
    جواب: مان غزل ته ڇا پر شاعري جي هر صنف کي فني بندش يعني عروضي قائدن (بحروزن) ۾ لکڻ جو قائل آهيان. سواءِنثري نظم جي. فني بندش ته غزل جي بنيادي سونهن آهي. ائين چوڻ ته اوليت خيال کي آهي بحروزن کي ناهي سو بلڪل غلط آهي، مان ائين ٿو چوان ته ٻئي لازم ملزوم آهن. ٻئي اڻٽر آهن. هڪ ئي وقت خيال ۽ فني بندش جو پورائو ڪرڻ غزل جي تقاضا آهي. باقي ڪي دوست وزن بحر ٽوڙي فقط فڪر ۽ خيال کي سميٽن ٿا ته انهن جي مرضي. مان وزن بحر کان ڪريل غزل کي غزل نه چوندس. آخر اهي به ته شاعر آهن جيڪي وزن بحر ۽ تخيل جا ڇيڙا بهترين نموني ملائن ٿا. اهو هڪ Talent آهي، ٽيڪنڪ آهي. استادي آهي، هنرمندي آهي، ”باقي گدڙ ڊاک نه پُڄي اکي ٿو کٽا“ وزن بحر تي عبور ناهي همراهه غزل لکي وڃيو پار پون ۽ رِٽِ لڳايو وتن ته هي ”فعولن فعولن“ جو دور ناهي.
    سوال: اسان جا ڪجهه اديب نثري نظم کي شاعري طور مڃڻ لاءِ تيار ناهن. ڇا اوهان نثري نظم جا مخالف آهيو، ۽ اهو ٻڌايو ته نثري نظم شاعري جي زمري ۾ اچي ٿو ؟
    جواب: نثري نظم جو مخالف ناهيان، بطور صنف ان کي شاعري ۾ قبول ڪري سگهجي ٿو. جن دوستن کي موزون صنفن لکڻ ۾ دِقت محسوس ٿئي ٿي ۽ انهن ۾ ڪجهه شاعرانه صلاحيتون به موجود آهن ته اهي نثري نظم بهتر انداز ۾ لکي سگهن ٿا. جنهن ۾ ڪنهن به وزن بحر جي پابندي ناهي. اسان وٽ موزون شاعري تي زور ڏيندڙ شاعر نثري نظم جا ڪٽر مخالف هوندا آهن، مگر مان انهن مان ناهيان، نثري نظم جي مخالفت ڪرڻ ذهني ڊڪٽيٽرشپ آهي. هر شعبئه حيات ۾ نئين ٽيڪنڪ اچي رهي آهي، نئين شين جو متعارف ٿيڻ فطري عمل آهي. نثري نظم به اندر جي اظهار جو ذريعو آهي.
    سوال: نثري نظم ۽ آزاد نظم، ٻنهي ۾ ڪو فرق آهي اوهان جي نظر ۾؟
    جواب: نثري نظم عروضي بندشن کان آزاد آهي، جڏهن ته آزاد نظم ۾ Meter/Rhythm ٻئي ڪم ڪن ٿا، فقط قافين رديفن کان آزاد رهي ٿو. آزاد نظم اسان جي سنڌي شاعري ۾ ورهاڱي کان اڳ آيل آهي ۽ هينئر پراڻو ۽ مقبول ٿي چڪو آهي. اسان وٽ اياز، امداد، تنوير ۽ شمشير ڪامياب آزاد نظم لکيا آهن. نئين ٽهي ۾ ڪن ٿورن ۾ آزاد نظم لکڻ جو بهترين Talent آهي. دراصل آزاد نظم جيترو سولو سمجهيو ويو آهي، اوترو ئي مشڪل آهي. ان ۾ گهري سوچ ۽ مشاهدو درڪار آهي. ان ۾ گُهربل ٽيڪنيڪ ۽ فلاسافي کانسواءِ سونهن نه ٿي رهي. ”والٽ وٽمئن“ جي چواڻي ته، ”آزاد نظم اها شي آهي جا بظاهر بي قائده آهي پر قريب ٿي ڏسبو ته باقائده آهي.“
    سوال: ڪن دوستن جو خيال آهي ته هي دور ئي آهي نثري نظم ۽ آزاد نظم جو، شاعري جون موزون صنفون پنهنجي خوبي وڃائي چڪيون آهن، اوهان ٻڌايو ته آزاد نظم جي زور وٺڻ سان ۽ نثري نظم جي ارتقائي عمل سان موزون شاعري متاثر ٿي آهي يا نه ؟
    جواب: آزاد نظم يا نثري نظم جي ارتقا سان موزون شاعري تي ڪو فرق نه پيو آهي ۽ نه پوندو. موزون شاعري جي اهميت پنهنجي جڳهه تي مُستند آهي ۽ مستند رهندي. موزون شاعري گٺل پيٺل ۽ پاروٿي ڪانه ٿي وئي آهي. ان ۾ موضوع ۽ خيال جي اعتبار کان تمام نواڻ ۽ وسعت اچي وئي آهي.خاص طور غزل جي سونهن ويرون ويرون وڌ آهي. نور محمد خسته، آخوند قاسم هالائي ۽ خليفي گل هالائي جي غزل کان اڄ جو غزل موضوعن جي اعتبار کان مختلف ۽ منفرد آهي. ان جي ٻولي، لب لهجو وڌيڪ پنهنجائپ وارو ٿي ويو آهي. موزون شاعري کي روايتي، مُدي خارج ۽ دقيانوسي سمجهڻ سطحي سوچ آهي. اها سوچ انهن ذهنن جي پيداوار آهي، جن کي وزن بحر ۽ ٻيا فني لوازمات سمجهه ۾ نٿا اچن يا محنت ۽ رياض نه ٿو پڄي، سکڻ ۽ سمجهڻ کان لنوائن ٿا، موزون شاعري جي ڪهڙي به صنف هجي. اها پنهنجي عصري تقاضائن سان زنده جاويد ۽ اڳئين کان اڳري ٿيو بيٺي آهي.
    سوال: شاعري ۾ ”جدت“ ڇا کي چيو ٿو وڃي ؟
    جواب: مان هڪ ”مولود“ آزاد نظم واري Format ۾ لکي چوان ته اها منهنجي شاعري ۾ جدت آهي، اهو غلط آهي. اصل ۾ جدت ان شي جو نالو ناهي. جدت اسان جي نئين فڪر ۽ جديد احساس جو نانءُ آهي. جڏهن اسين چئون ٿا ته هي جديد ادب آهي ته ان مان مُراد آهي اسان پنهنجي نئين فڪر ۽ احساس سان اهو ادب تخليق ڪيو آهي. پنهنجي عالمانه ۽ مدربرانه ۽ سائنسي انداز فڪر سان موضوع کي حالتن جي تناظر ۾ رکي زير بحث آندو آهي. اسان فڪري ارتقا ۽ انقلابي سوچ سان شاعري ڪيون. ان کي اثرائتي بڻائڻ ۾، نون لهجن، اشارن، ڪناين، تشبيهن ۽ تمثيلن سان بيان ڪيون، ان ۾ نئين دور ۽ ماحول جي ڳالهه ڪيون اها جدت آهي. مطلب ته جدت ڪا الڳ شي نه هوندي آهي نه ئي ڪنهن صنف جي گهاڙيٽي ۽ هيئت کي تبديل ڪرڻ ۽ بگاڙڻ جو نالو آهي. بلڪ جدت اها آهي ته اسان فرسوده ۽ مُدي خارج سوچ کان هٽي سماج جي نون قدرن ۽ ترقي پسند لاڙن جي حوالي سان ڳالهه ڪيون.
    سوال: ادب ڇا آهي. اسان سٺو ۽ صحتمند ادب ڪهڙو چئي سگهون ٿا؟
    جواب: عام طور تي جيڪو به خيال نثر يا نظم جي تحريري صورت يعني لکت ۾ آهي، ان کي ادب چئبو آهي. ”ميٿيو آرنالڊ“ چواڻي ته ”اهو سڄو علم جيڪو ڪتابن ذريعي ملي اهو ادب آهي“. پر مان وڌيڪ واضح ڪيان ته ادب ۽ زندگي ٻئي لازم ملزوم آهن. ادب زندگي جو عڪاسي هوندو آهي. جنهن ادب ۾ زندگي جا گوناگون پهلو نه آهن سماجي، سياسي، تهذيبي ۽ تمدني رنگ نه آهن، جنهن ۾ سماج جي جيئري جاڳندي تصوير نظر نه ٿي اچي، ادب نه ٿو چوائي سگهي. ”ادب برائي ادب“ جو نعرو اڄ کِلِ جهڙي ڳالهه ٿي وئي آهي. جنهن به ادب ۾ زندگي، ماحول ۽ سماج جي ڳالهه نه آهي، اهو ادب سڄو سارو بڪواس آهي. سٺو ۽ صحتمند ادب اهو آهي جنهن ۾ اسان جي زندگي جا مسئلا زير بحث آهن. سماجي تبديلي ۽ بهترين انساني معاشري اڏڻ جو ڏس پتو ڏنل آهي.
    سوال: شاعر جو سماج ۾ ڪهڙو ڪردار هئڻ گهرجي، ان جي ادبي ۽ ذاتي ڪردار ۾ تضاد رهي ٿو. ان صورتحال لاءِ اوهان جو ڇا چوڻ آهي ؟
    جواب: شاعر به هڪ انسان آهي، ان ۾ بشري ڪمزوريون آهن، ان کان ننڍيون وڏيون غلطيون سرزد ته ضرور ٿينديون. پوءِ به ٿلهي ليکي قومي سطح تي، ان جو ڪردار صاف ۽ شفاف هئڻ گهرجي. ڏاڍ ڏهڪاءُ، سماجي ڦرلٽ ۽ پرماريت خلاف آواز بلند ڪري، قلم ۽ ڪلا سان سچو رهي، درٻاري ۽ پٺو نه هجي، ڪنهن وڏيري جو ونگاري نه هجي. هن جو هر لفظ مظلوم ۽ مسڪين جي حق ۾ هجي.
    سوال: اسان جي نئين شاعري مان ڪجهه (Frustration) جهلڪي ٿي ان جو سبب ؟
    جواب: هر ڳالهه کي وقت ۽ حالتن جي تناظر ۾ ڏسڻ ضروري آهي. سنڌ صدين کان سور سَٺا آهن. هميشه سنڌ ڌرتي تي ڌاري والار ۽ مقامي ماڻهن جي حقن جي لتاڙ رهي آهي. نصف صدي کان جيڪي هاڃا ٿيا آهن، قهري ڪڪرن جيڪي باهيون برسايون آهن، انهن سان انسانيت جلي ٻري وئي آهي. مطلبي ۽ خود غرض سياست اسان جو آئندو ڌنڌلو ڪري ڇڏيو آهي. احساس محرومي، مايوسي ۽ ويڳاڻپ جي فضا اڀري آهي. نئين ٽهي ڇو ته انهن حالتن جو گهرو مشاهدو رکي ٿي ۽ ٻيو ته نئين ٽهي سُٺو Talent رکندي به حقوق ۽ روزگار کان محروم آهي، ان ڪري انهن حالتن جو اثر ادب تي به اوس پوي ٿو. ڪجهه اهڙو ادب جنهن ۾ قنوطيت ۽ يا سيت جو اهڃاڻ آهي مان ان کي به دٻيل احتجاجي ادب سمجهان ٿو. هر فرد جي ذاتي پيڙا، ۽ انتشاري ڪيفيت مان ئي اسان سماج جي گندي Set-up جو پتو لڳائي سگهون ٿا. Frustration به اسان جي نفسياتي ۽ ذهني دٻاءُ جو نالو آهي. جيڪا هن معاشري جي System جي خرابي سبب آهي.
    سوال: اڄ ڪلهه شيخ اياز پنهنجي آخري لکڻين سبب تنقيد جو نشانو بڻيل آهي ۽ ڪن استاد بخاري کي شيخ اياز کان مٿاهون شاعر قرار ڏنو آهي. اوهان جي نظر ۾ اياز ۽ استاد جي وچ ۾ ڪا امتيازي لڪير آهي؟
    جواب: مون لاءِ ٻئي محترم شخصيتون آهن. شيخ اياز جو سنڌي ادب ۾ وڏو Contribution آهي. هن سنڌي شاعري کي نج سنڌي لهجو ڏيڻ، پنهنجي مٽي جي مهڪ ڏيڻ ۽ ان ۾ انقلابي سوچ اجاگر ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. شيخ اياز جي ٻولي ۽ شاعراڻو اسلوب ڀٽائي جو تسلسل آهي. هن بيت ۽ وائي کي جديد ڪيو. هن جي شاعري کي تمام گهڻي عوامي تائيد حاصل ٿي. هن جي شاعري اسان جي قومي تحريڪن جي اڳواڻي ڪئي. اسان جي نئين ٽهي اياز جو ئي تسلسل آهي. هن جي ئي نين روايتن سان اسان جي نئين نڪور شاعري نسري ۽ نکري آهي ۽ شاعرن جو اکٽ قافلو اڳتي وڌي آيو آهي. جيستائين استاد بخاري جو تعلق آهي ته استاد به شعري ادب ۾ تمام وڏو نانءُ آهي. هن جا گيت ”منهنجو نالو لکو“، ”توکان ڌار ٿيان گنهگار ٿيان“، ”اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو“، ”رچي مچي مون آزمايو“، ”تون مڃين مڃين نه مهربان“، ”پيارو پيارو سور ڏيئي ويو“ امر گيت آهن ۽ اڄ به هزارن لکن دلين جي ڌڙڪن بڻيل آهن. اڄ ڪلهه ڪي دوست شيخ اياز کي آخري دعائي نظمن جي حوالي سان تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ ڪي وري استاد بخاري جي ڪيسٽائي شاعري کي غير معياري ۽ بازاري شاعري قرار ڏيئي استاد کي لوئي رهيا آهن. آئون ائين چوندس ته ان تنقيدن سان اهي همراه پنهنجو ادبي قدبت وڌائڻ جون فضول ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان کي انهن ٻنهي شاعرن جون فقط سگهاريون تخليقون سيني سان لائڻ گهرجن. ان سلسلي ۾ مان ان خيال جو آهيان ته ڪابه ادبي تخليق چاهي اها شيخ اياز جي هجي يا استاد جي جيڪڏهن Relevant نه آهي ته ان کي پڙهندڙ ڪڏهن به قبول ڪونه ڪندا. انهن جون به اهي شيون ادب جو حصو بڻبيون جيڪي Relevant آهن. جيڪا به لکڻي عوامي امنگن، انقلابي ۽ سائنسي سوچ ۽ فڪر سان هم آهنگ آهي ۽ سماج کي اڳتي وٺي هلڻ جي سگهه رکي ٿي، ڪڏهن به نه مرندي. جنهن لکڻي ۾ اهڙي سگهه ناهي اها چاهي ادب جي ڪنهن افلاطون اديب شاعر لکي هجي پنهنجو موت پاڻ مري ويندي. باقي ادب ۾ ٺلهيون عقيدتون ڪونه هلنديون آهن. ادب ۽ عقيدت ٻه جدا شيون آهن. عقيدت جي بنياد تي ادبي جهڳڙا نه ٿيڻ گهرجن.
    سوال: ڇا ادب ۾ تنقيد نه هئڻ گهرجي يا تنقيد ضروري آهي، اوهان جو ڇا خيال آهي ؟
    جواب: تنقيد بلڪل هئن گهرجي، هر ليکڪ تي، مون تي به!! تنقيد ڇنڊڇاڻ جو نالو آهي. تنقيد ادب لاءِ Fuel جو ڪم ڏيئي ٿي! تنقيد نه هئڻ سان ڪارائتو ادب تخليق نه ٿيندو. هر ماڻهو پنهنجي لکڻي کي First & Final سمجهندو ۽ ادبي فرعونيت جنم وٺندي. پر تنقيد جو ادبي معيار هئڻ گهرجي. اها تعميري هجي تخريبي نه! هتي اسان تنقيد جو هيل تائين ڪو معيار قائم ڪري نه سگهيا آهيون. وڻي ته ڪنهن کي آسمان تي رسايون، وڻي ته ڪنهن کي گٽر ۾ ڪيرايون. تنقيد ۾ به اسان ذاتي پسند، ٻهروپي ۽ منافقي وارو ڪردار ادا پيا ڪيون. جيڪو نهايت هاڃيڪار آهي. تنقيد به اهو ڪري سگهي ٿو جيڪو ادبي Values کان واقف آهي. سُخن فهم آهي، ادب شناس آهي ۽ جنهن موضوع تي تنقيد ڪري ٿو ان ۾ کيس ڀرپور علميت ۽ عبور حاصل هجي. هتي ته تنقيد جا عجيب غريب منظر ۽ کل جهڙا پهلو سامهون ايندا آهن. دک درد ۾ ٻڏل شعر ٻڌندي ڪو چئي ٿو ڏيئي ته ان ۾ مايوسي آهي، هي رجعت پسند ليکڪ آهي. ڪنهن جي شعر ۾ ٺلهي Sloganism ڏسي چوي ٿو ته واه جو هنجي شاعري ۾ انقلاب آهي. اها سموري سطحي تنقيد آهي. هڪ شاعر جنهن جو هتي نالو کڻڻ مناسب نه ٿو سمجهان چوڻ لڳو ”استاد بخاري ڇا جو وڏو شاعر آهي استاد ته هڪ نعت به ڪانه لکي آهي، جڏهن ته مون کوڙ ساريون نعتون لکيون آهن. اهو ڇا ۾ وڏو شاعر آهي جنهن کي نعت لکڻ نه ٿي اچي“ آهي نه کل جهڙي ڳالهه!! هڪ دوست چيو، ”بشير تنهنجو ڪتاب پڙهيم تو هيتري شاعري ڪئي آهي پرموليٰ علي سائين جي شان ۾ هڪ منقبت به نه ٺاهي آ، مون تنهنجي سڄي ڪتاب کي غلط ڪري گيها ڪڍي ڇڏيا آهن. ڇوته تو رڳو داڦ ڪئي آهي. ڏسو! هر ڪنهن جي سوچ جو نرالو زاويو آهي؟ هر ڪو لکيڻن کي عقيدتن ۽ نظرين ۾ ٿو پرکي. اسين Impartial نقاد ڪٿان آڻيون. مان چوان ٿو ته پهرئين خود تنقيد کي سمجهڻ گهرجي، تنقيد جو علم سولو هجي ها ته الهداد ٻوهيو صاحب ۽ ٻيا سنڌي اديب ۽ دنيا جي مختلف ٻولين جا ڏاها تنقيد جهڙي موضوع تي ايترا ضخيم ڪتاب نه لکن ها.
    سوال: اوهان ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪئي، ڇا اوهان جي ذاتي چونڊ هئي؟
    جواب: منهنجي ادب سان وابستگي هئي، ان ڪري مون ايم اي سنڌي Literature ۾ ڪئي، ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي. هونءَ ٺلهو شاعر بڻيل هوس، پر سنڌي لٽريچر جو ان بهاني سان تفصيلي مطالعو ڪري ڪافي ڳالهين کان باخبر ٿيس. جن جي مون کي اڳ ۾ ڪا خبر ڪانه هئي. هونءَ به هر شاعر ۽ اديب تي فرض آهي ته هو اسان جي سنڌ جو سمورو ڪلاسيڪي، آڳاٽو ۽ جديد ادب پڙهي ۽ ٻولي جي تاريخ کان واقف ٿئي. نثر ۽ نظم جي سڀني صنفن جي سموري تاريخ کان باخبر ٿئي.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جي باري ۾ اوهان جو ڇا چوڻ آهي ؟
    جواب: سنڌي ادبي سنگت جو رول ون يونٽ جي زماني کان ۽ ان جي ٽٽڻ کان پوءِ به بهتر رهيو. ان جي قيادت مضبوطي هئي. ڪم ڪرڻ وارا ترقي پسند هئا. سنڌ جي اها واحد ادبي جماعت آهي جنهن ترقي پسند ادب کي هٿي ڏني ۽ لکندڙن جي وڏي کيپ تيار ڪئي. موجوده وقت ۾ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن جو رڳو شهرت ۽ انا پسندي وارو رجحان آهي ۽ خاطر خواه رزلٽ ڪانهي. سنڌي ادبي سنگت کي باقائدي فعال بڻائڻ لاءِ سينيئر هڏڏوکي ۽ سنجيده اديبن کي اڳيان آڻڻو پوندو ۽ ادبي پراجيڪٽ هٿ ۾ کڻڻا پوندا.
    سوال: اسان وٽ ادب ۾ گروه بنديون ۽ لابيون آهن. انهن جا ڪهڙا سبب آهن ؟
    جواب: گروهه بنديون ۽ لابيون ڪجهه نظرياتي بنيادن تي آهن. ڪي سرڪاري ۽ غير سرڪاري تفريق سبب، ڪجهه اڻ سهائپ، ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بنيادن تي آهن. اڄ جي دور ۾ هر ڪو پنهنجي جاءِ تي فني خان آهي، هر ڪو پنهنجي پذيرائي ۾ آهي ادب ۾ سنجيده ۽ سٺو ڪم ڪندڙ اديبن ۽ استاد شاعرن جي عزت ڪانهي ۽ ڪو ڪنهن جي صلاحيتن کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. اسان وٽ وڏي اديب شاعر جي ڪسوٽي ”وڏو عهدو“ ۽ ڊگرين جي لانڍ آهي، ڪرسي نشين ۽ عهدا ماڻيندڙ اديب ئي سڀ ڪجهه آهن، باقي ٻين کي ڪُت خلق سمجهيو پيو وڃي.
    سوال: نئين ٽهي ۽ ان جي تخليقي صلاحيتن بابت اوهان جو ڇا چوڻ آهي ؟
    جواب: نئين ٽهي ۾ وڏو Talent آهي، جيڪڏهن پنهنجو مطالعو ۽ مشاهدو تيز ڪن ۽ فني لوازمات ۽ قائدا سکن ته پوءِ وڏو ڦيرو اچي سگهي ٿو. ڇو ته نئين ٽهي وڌيڪ حساس ۽ حالات کي سمجهڻ جي سگهه رکي ٿي. ماحول ۽ حالتن کي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ Analysis ڪري سگهي ٿي. انهن ۾ ڀرپور صلاحيتون آهن. نون ليکڪن/شاعرن ۾ ڪيترن جي تخليقن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ائين چوڻ ته اسان جي ادب/شاعري جو مستقبل اونداهو آهي، سو درست ڪونهي! هي دور ۽ ايندڙ دور نئين ٽهيءَ جوئي ته آهي. ان نئين ٽهي ۾ ئي سڀاڻي جا شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ابراهيم جويا پيدا ٿيڻا آهن.
    سوال: ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان قائم ڪيل سرڪاري ادارن بابت ڪجهه چوندؤ ؟
    جواب: ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان قائم ڪيل سرڪاري ادارن بابت اهو چوندس ته سرڪاري ادارن کان ادب ۽ ثقافت جي حوالي سان وڏيون توقعات رکڻ اجايون آهن، نه ته اهي وڌيڪ ڪتاب ڇپرائن ٿا، نه اديبن ۽ شاعرن جي مالي سهائتا ٿا ڪن. ڪيترائي شاعر اديب ۽ فنڪار ڪسمپرسي جي حالت ۾ مري ويا. انهن ادارن ۾ ڪرسي سيڙائيندڙن جا پنهنجا مفاد ۽ همدرديون به آهن. انهن جون ڪجهه پنهنجون مجبوريون به آهن. انهن کي واضح ڪيل پاليسي کان ٻاهر نٿو هلڻو پوي ۽ پنهنجي پر ۾ رڳو ڪاغذن جو پيٽ ڀري سرڪار کي پنهنجي سهڻي ڪارڪردگي ڏيکارن ٿا. ادب ۽ ثقافت جي خدمت جي سلسلي ۾ سرڪاري ادارن تي ڀاڙڻ نه گهرجي.
    سوال: ريڊيو ۽ T.V بابت جيڪا ڪارڪردگي آهي ۽ سرڪاري سهڪار سان ادبي ڪانفرنس بابت ڪجهه ٻڌايو ؟
    جواب: مان نه پُڇ لٽڪائو اديب آهيان نه ميلائي شاعر، شهرت پويان ڊوڙان ئي ڪونه، ادبي مقام گهڻي لکڻ يا ٽي وي تي بار بار اچڻ سان ڪونه ٿو وڌي. ٿورو ئي لکجي مگر سگهارو هجي، اهميت ۽ افاديت وارو هجي. مان Quantity کان وڌيڪ Quality جو قائل آهيان. سڄو ڏينهن لٺ کنيو شاعري جي پويان ڪونه هلندو هان، ۽ نه مون شاعري کي پاڻ لاءِ ڪڏهن وجهه شهرت سمجهيو آهي. باقي T.V ۽ Radio وارن جي ته هونءَ ئي هڪ هٽي قائم آهي. اتي اقربا پروري ۽ دوست نوازي جي ڳالهه آهي. رڳو سرڪاري ڪانفرنس ۾ به پنهنجا من پسند چونڊ دوست اديب گهرايا ويندا آهن ۽ انهن کي ساون لفافن ۾ ”مال پاڻي“ ڏنو ويندو آهي.
    سوال: چوندا آهن ته شاعري لاءِ عشق جي چڻنگ ضروري آهي ؟ اوهان اهو فرمايو ته اها ڳالهه ڪيتري قدر درست آهي؟
    جواب: شاعري لاءِ ڪنهن حد تائين عشق محبت ضروري آهي، پر اها ڳالهه سو فيصد شاعري سان لاڳو ڪرڻ منهنجي خيال ۾ درست ناهي، شاعري جا ٻيا به ڪارڻ ۽ محرڪ ٿي سگهن ٿا. جهڙي نموني سان ماڻهو جو احساس محرومي، بيروزگاري، بک ۽ بدحالي. ذاتي دک درد، يتيمي ۽ ويڳاڻپ وغيره وغيره.
    سوال: اوهان جي نظر ۾ عشق ڪهڙي شي آهي ؟
    جواب: عشق انسان جي اندر جي جذبي جو نالو آهي، ماڻهو جو ڪنهن شي سان زياده اُنس ٿي وڃڻ، ان شي لاءِ فريفته ۽ چريو ٿي پوڻ، ان جي تانگهه طلب ۽ تڙپ ۾ رهڻ جو نالو عشق آهي. عشق جي اڃان به اتاهين منزل کي جنون سڏيو ويندو آهي. ان ڪيفيت ۾ ماڻهو جنهن شي کي چاهيندو آهي، ان جا ڀلا ۽ بُرا پاسا ڏسڻ يا سوچڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. ان حد تائين جو هو پاڻ به دنيا و مافيها کان بي خبر ۽ لاتعلق ٿي ويندو آهي، لوڪ ڇا ٿو چوي سندس جي باري ۾، اُن جي هو ذري ڀر به پرواهه نه ڪندو آهي. بهر ڪيف عشق ئي هڪ واحد جذبو آهي جنهن تحت ماڻهو زندگي جي مختلف شعبن ۾ انيڪ ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. جهڙي نموني سان سائنسدانن عشق جي جذبي جي تحت ئي تجزيا ڪري ليباٽرين ۾ پنهنجون ڄمارون وقف ڪري ايجادات دنيا جي سامهون آنديون، ان جذبي تحت دنيا جي عالمن علم وڌايو. انهي جذبي تحت سماج سڌارڪن، سماجن ۾ وڏيون تبديليون آنديون. مون وٽ عشق جو مفهوم لامحدود آهي.
    سوال: مذهب اوهان جي نظر ۾ ؟
    جواب: جيئن ته انسان جڏهن کان هن ڌرتي تي جنم ورتو آهي ته هن جي آس پاس جو جيڪو ماحول آهي وڻ ٽڻ، سج تارا، افق شفق، زمين آسمان اهي سڀ شيون هن کي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون ته هي شيون ڇا آهن. اهي ڪيئن ۽ ڪٿان آيون. خود آئون ڪير ۽ ڪٿان آيو آهيان، ڪائنات ڪهڙي System تحت هلي ٿي. سو ان ڏس ۾ صدين کان وٺي، ڏاها، دانشور، مني، رشي، اوتار، نبي، پير ۽ پيغمبر پنهنجون پنهنجو تعويلون ۽ تشريحون ڪري ڪجهه گس ۽ ڏس، پنڌ ۽ پيچرا انسان ذات کي ٻڌايا آهن ۽ پنهنجا متا ۽ اصول ڏنا آهن. جنهن کي ڌرم ۽ مذهب سڏجي ٿو، اصل ۾ مذهب جو بنياد Fear and fraught تي ٻڌل آهي ڇو ته ماڻهو هن ڪائنات جي ماهيت ۽ Structure کي سمجهي نه ٿو سگهي. ان ڪري هن جي اٻوجهائپ ۽ لاعلمي کيس مذهب جو پابند بڻائي ٿي. منهنجي نظر ۾ ”انسانيت“ جو مذهب سڀن کان اعليٰ آهي.
    سوال: هن ڪائنات جي باري ۾ اوهان ڇا چوڻ پسند ڪندؤ ؟
    جواب: هي ڪائنات هڪ Mystery آهي. جنهن لاءِ اڄ تائين ڪوبه ماڻهو وثوق سان نه ٿو چئي سگهي ته هن جي ابتدا ڪيئن ٿي. انسان صدين کان وٺي ان معمي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسلامي نظرئي مطابق اها ”ڪن فيڪون“ سان عمل ۾ اچي وئي. جڏهن ته سائنسدان ان جي پيدائش جي باري ۾ ٻئي نموني سان اظهار خيال ڪن ٿا. جن جو چوڻ آهي ته هي دنيا هڪ وڏي ڌماڪي Big Bang سان شروع ٿي. هي سمورو مادو ٻرندڙ ريڪڙي وانگر هڪ آتشي بال جي صورت ۾ هو جيڪو ڦاٽو ۽ مادو هر طرف پکڙجي ويو ۽ ان پکڙيل مادي ٺرڻ شروع ڪيو. گيس ۽ غبار جي ڪڪرن مان ستارا، سيارا ۽ چنڊ وجود ۾ آيا. اسان جي ڌرتي هڪ ذرڙي برابر آهي، جيڪا هڪ شمسي نظام جو انتهائي ننڍڙو حصو آهي. اهو شمسي نظام به هڪ ڪهڪشان جو حصو آهي. اسان جي ان ڪهڪشان کان ڏهه هزار ملين ٻيون به ڪهڪشائون آهن، جن مان ڪي ايتريون پري آهن جو اتان روشني کي اسان تائين پهچڻ ۾ هزارين ملين سال لڳن ٿا. جڏهن هيڏي وسيع ڪائنات ۾ اسان جي ڌرتي هڪ واري جي ذرڙي برابر آهي ته ان تي رهندڙ هڪ ماڻهوءَ جي ڪهڙي حيثيت آهي جو ان جي تخليق جي اسرار کي سمجهي سگهي.
    سوال: اوهان کي فارسي ادب سان به لڳاءُ آهي ؟
    جواب: انتهائي، جنون جي حد تائين-!! ڇو ته فارسي تمام شيرين زبان آهي.
    سوال: فارسيءَ ۾ اوهان کي ڪهڙا شاعر پسند آهن؟
    جواب: فردوسي، سعدي شيرازي، حافظ شيرازي ۽ مولانا رومي، فارسي شاعري جا چار ٿنڀا چيا ويا آهن ۽ ايرانين توڙي غير ايرانين ۾ بيحد مقبول آهن. انهن کان علاوه مون کي رودڪي، فرخي، عنصري، طاهر عريان، ابو سعيد ابو الخير، خيام، انوري، ظهير فاريابي، عطار، خواجو ڪرماني، عبيد زاڪاني، ڪمال خجندي، عبدالرحمان جامي، سلمان ساوجي ۽ بابا فغاني بيحد پسند آهن. هر ڪنهن وٽ پنهنجو رنگ، پنهنجي خوشبو آهي. بلوچ صاحب! ڪڏهن ڪڏهن انهن جا خوبصورت شعر پڙهي، دل تي رقت طاري ٿيندي آهي ۽ اکين ۾ ڳوڙها اچي ويندا آهن.
    سوال: اهي ته فارسي جا قديم شاعر آهن. اوهان ايران جي جديد شاعرن کي به پڙهيو آهي يا نه؟
    جواب: جي ها! جديد فارسي شاعري جو قافلو هڪ شاعر نيمايو شيج کان شروع ٿئي ٿو. قريباً 1935ع کان، اها جدت جي تحريڪ ايران ۾ مغربي شاعري کان متاثر ٿيڻ سبب ٿي هئي، نيمايو شيج جو پهريون آزاد نظم هڪ ادبي رسالي ”موسيقي“ ۾ شايع ٿيو هو ۽ هو پهريون شاعر هو جنهن فارسيءَ جي مروج عروضي قاعدي قافيه رديف جي پابندين کان شعر کي آزاد رکيو. جديد شاعري ۾ احمد شاملو پڻ وڏو نالو ڪمايو ان کان علاوه فريدون توللي، مهدي اخوان، هوشنگ ابتهاج، سُهراب سپهري، شفيعي ڪدڪني فارسي جي جديد شاعري ۾ تمام اڀريل نالا آهن. انهن جي آزاد نظمن ۽ نثري نظمن ۾ اقتصادي، سياسي ۽ سماجي جهلڪ آهي. حسن ۽ عشق جو موضوع به نئين انداز سان آندل آهي. سنڌ جي جديد شاعري وانگر ان ۾ به زندگيءَ جا مسائل، سادگي ۽ حقيقت پسندانه نموني سان آندا وڃن ٿا. مطلب ته هو سرحد پار آهن پر دل جون ڌڙڪنون، سوچ جو انداز ۽ زندگيءَ جي تعمير وارو اتساهه ته ساڳيو آهي. اهي به ڄڻ اسان جا پنهنجا آهن. هر حوالي سان ۽ هرناتي سان -!!
    سوال: هن کان ڪجهه وقت اڳ همسفر گاڏهي جو ڪتاب ”سنڌ جي ڏاهپ کان سورنهن انٽرويو“ شايع ٿيو هو. جنهن ۾ ڊاڪٽر نجم عباسي جو انٽرويو به شامل آهي. ڊاڪٽر نجم عباسي پنهنجي انٽرويو ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ مولانا رومي کي ڇوري باز سڏيو آهي، سندس لفظ آهن ته دنيا جا گهڻا تڻا صوفي ڇوري باز رهيا آهن. رومي جي پٺيان به ڇورن جي لانڍ هوندي هئي. جيئن ته اهو ڪتاب نجم عباسي جي وفات کان گهڻو پوءِ هاڻي ڇپيو آهي. توهان جو رومي بابت مطالعو ڇا ٿو چوي.
    جواب: مون مولانا رومي تي ڪافي مواد پڙهيو آهي. ان تي لکيل تذڪرا ۽ مضمون نه رڳو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ بلڪ نج فارسي ۾ به پڙهيا آهن. اهڙي ڪنهن به قسم جي ڳالهه مولانا روميءَ سان منسوب ٿيل نه آهي. نجم عباسي مولانا رومي لاءِ اهي ناشائسته ۽ نازيبا الفاظ چيا آهن. اهو انٽرويو مون پاڻ به پڙهيو آهي. نجم عباسي هينئر زنده ناهي ورنه ان کان پڇجي ها ته اهڙي هٿ ٺوڪي ڳالهه توهان ڪيئن ڪئي. بس تصوف جي مخالفت ۾ هُن انتهائي بغض ۽ عناد کان ڪم ورتو ۽ هونءَ به هو صوفين کي ڪچيون گاريون ڏيندو هو. مولانا رومي 604 هجري ۾ بلخ ۾ پيدا ٿيو هو ۽ 672هه/ ۾ قونيھ ۾ سندس وفات ٿي هئي. هن قونيھ، روم حلب ۽ دمشق ۾ تعليم حاصل ڪئي. قرآن حديث، تفسير، منطق ۽ معقول جي علم ۾ ڪمال جي درجي تي پهتو هو. هُن جي تعليم ۾ سندس پيءُ شيخ محمد بهاوالدين ۽ سيد برهان الدين ترمذي جهڙي عالم جو هٿ هيو بعد ۾ شمس تبريزيءَ جهڙي درويش جو مٿس رنگ چڙهيو، جنهن سبب تصوف ۾ سندس حالت ئي دگر گون ٿي وئي. ۽ هو دنيا کي تڇ سمجهڻ لڳو. سندس زندگيءَ ۾ جن شخصيتن سان بي پناهه محبت رهي انهن ۾ شمس تبريزي جنهن کي سندس مرشد جو درجو حاصل آهي. ٻيو صلاح الدين زرڪوب، جيڪو ابتدا کان ئي مولانا روميءَ جو پير ڀائي ۽ صاحب حال هيو ۽ ٽيون شيخ حسام الدين چلپي، جيڪو پڻ اڳين ٻن صاحبن جهڙو با اخلاق ۽ باڪمال انسان هيو ۽ ان ئي مولانا کي سندس مشهور تصنيف ”مثنوي“ لکڻ تي آماده ڪيو.
    صحبت صاحب! مولانا رومي صاف شفافه طبيعت جو مالڪو هو. ان پنهنجي مثنوي کي پهلوي (فارسي) زبان جو قرآن سڏيو آهي، سندس لفظ آهن.

    مثنوي و مولوي و معنوي
    هست قرآن در زبان پهلوي.

    جيئن ڀٽائي صاحب چيو ”بيت نه ڀائنج ماڻهئا! هي آيتون آهين“ اوهان پڙهيو ۽ ٻڌو هوندو ته ڀٽائي مولانا روميءَ جي مثنوي پاڻ سان کنيو وتندو هو، جا هن کي هر قدم تي اتساهيندي هئي. مولانا جي مثنوي نه رڳو ايران بلڪ پوري برصغير جي ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري رهي آهي. مان نجم عباسي جي انهن لفظن جي سختي سان ترديد ڪيان ٿو جيڪڏهن رومي صاحب ايڏو بداخلاق هجي ها ته کيس اسان جو روحاني مرشد ڀٽائي توڙي دنيا جو هر معقول ماڻهو ان سان محبت ۽ عقيدت نه رکي ها.
    سوال: اوهين تصوف ۽ صوفين کي ڪهڙي Angle سان ڏسون ٿا؟
    جواب: هر نظريو پنهنجي پنهنجي دور جي پيداوار هوندو آهي. سنڌ ۾ تصوف جو تمام اهم رول رهيو. محبت ۽ ڀائيچاري، اخوت ۽ انسان دوستي، سهپ ۽ رواداري لاءِ جيڪو رول تصوف ادا ڪيو اهڙو ڪنهن ٻئي نظرئي ناهي ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ماڻهو فطرتا محبتي ٻئي جي نظريه جو احترام ڪندڙ، سهپ ۽ رواداريءَ جو امين ۽ سيڪيولر رهيو آهي ان ۾ مذهبي جنونيت ناهي. صوفين جو اهو هڪ سماجي رول هيو. باقي هينئر هن حالتن ۾ تصوف سو فيصد قابل قبول نظريو ناهي. اهو غير انقلابي آهي سماجي جدوجهد ۽ قومي وجود جي ويڙهه ۾ بي معنيٰ آهي. ان جو ترڪِ دنيا جو سبق اسان کي سموري سياسي سماجي جدوجهد ۽ دنيا ۾ انقلابي تحرڪ ۽ زندگيءَ جي انيڪ فيلڊس ۾ نوان تجربا ۽ مشاهدا ڪرڻ ۾ مانع آهي. ان ڪري تصوف نين حالتن جي تناظر ۾ ٺيڪ آهي. هونئن به هر شي جا Positive پهلو کڻجن ۽ Negative ڇڏي ڏجن.
    سوال: اوهان ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندؤ؟
    جواب: منهنجو پيغام محبت، امن، ڀائپي ۽ ايڪو آهي، منهنجي هن ڌرتي تي رهندڙ ۽ ان سان محبت ڪندڙ هر ماڻهو لاءِ دعا آهي ته هو خوش هجي.


    مــنـهـنـجي اڱــڻ تي اونــدهه آ، تــون ان جــو ڏک نــه ڪــر،
    مــنـهـنـجي دعــا آ، تــنــهــنــجي اڱــڻ تــي جــرڪــن شــل جــوتــون.
    (بشير)


    جوهر بروهي

    وائي

    رِڻ رڻ تــــي آ رَڻُ
    ڪـــيـڏاري جــي ڪـــوڪ ٻـــــڌي مـــون!

    ڏاڙهــــــياڙي تـــي ٽــڪرايـا هــن، پــاڻــي ۽ پـاهـــڻ
    ڪـــيـڏاري جــي ڪـــوڪ ٻـــــڌي مـــون!

    گـلـن واسـيل جـڳ ٿـو چـٽـڪـي، ايــٽـم جــو ٻــارڻ
    ڪـــيـڏاري جــي ڪـــوڪ ٻـــــڌي مـــون!

    جوهر! منهنجي وسطي مون لــئه، دوزخ ٿي پئي ڄـڻ
    ڪـــيـڏاري جــي ڪـــوڪ ٻـــــڌي مـــون!


    BRIEF INTRODUCTION
    جوهر بروهي


    پورو نالو: عبدالقيوم
    ادبي نالو: جوهر بروهي
    ولديت: عبدالڪريم ذبيع ساسولي بروهي
    جنم تاريخ: 29 جنوري 1950ع
    جنم هنڌ: ٿريچاڻي تعلقو پنو عاقل سکر
    شاعري جي شروعات 1970ع
    تعليم: درس نظامي مڪمل ۽ ميٽرڪ پاس
    مستقل پتو: فريد آباد تعلقو ميهڙ، دادو
    ڌنڌو: مدرس، معلم
    سوال: جوهر صاحب اوهان جي لکڻ جي شروعات ڪيئن ٿي، ڪڏهن ٿي ۽ ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ٿي؟
    جواب: جيئن ته ننڍپڻ کان لکڻ پڙهڻ جو شوق ساهه ۾ سمايل رهندو هو. مختلف ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون پيو پڙهندو رهندو هوس، پر جيئن ته بروهي خاندان ۾ جنم هئڻ ڪري منهنجي لکڻ جي شروعات 1972ع ۾ بروهي ٻولي ۾ نثر کان ٿي، شروع ۾ ته رديف ۽ قافين جي به ڄاڻ نه هوندي هئي، پر هفته روزه ”ايلم“ ۽ ٽماهي ”مهراڻ“ جو مطالعو به ڪندو رهندو هوس. براهوي ٻولي جو ادبي ماحول تمام محدود هئڻ جي ناتي سان جلدي ئي پذيرائي ملي. پر دل ۾ خيال آيو ته سنڌ ۾ رهي ڪري پنهنجي شناخت سنڌي ادب سان ئي ڪرائي سگهجي ٿي. مون باقائدي سنڌي ٻولي ۾ لکڻ جي شروعات 1976ع کان ڪئي.
    سوال: سنڌي ادب لاءِ لکڻ جا ڪهڙا ڪارڻ هيا؟
    جواب: سنڌي ادب کي منهنجي ضرورت ته ڪانه هئي پر مون کي سنڌي ادب جي ضرورت هئي. اردو ٻولي جي مقابل سنڌي ٻولي ئي واحد ٻولي آهي جيڪا ان جي سامهون ڪر کنيو بيٺي آهي. جڏهن ته اوهان ڏسندو ته ٻين ٻولين کي Support ڪرڻ وارا ڪيترائي ادارا آهن. پر هي واحد زبان آهي، جنهن پنهنجو وجود نامسائد حالتن ۾ به برقرار رکيو آهي ۽ رکندي پئي اچي. جيئن ته سنڌ ۾ ئي رهڻ ڪري سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر سان دلي لڳاءُ هيو. ان ڪري پنهنجي اندر جي اڌمن ۽ احساسن کي سنڌي زبان جوئي ويس ڍڪايو، ڇو ته اها به مون کي بروهي زبان جيان ئي قريب ڀاسندي آهي.
    سوال: شاعري ۽ شاعرن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ڀٽڪيل آهن. گمراهه ٿيل آهن. جڏهن ته اوهان جو به شاعري سان گهرو تعلق آهي ۽ وري ساڳي جاءِ تي اوهان عالم دين به آهيو ته اوهان جي نظر ۾ شاعري ڇا آهي ۽ شاعر جو معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار هئڻ گهرجي. جڏهن ته ڪٿي وري اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ”شاعري جزويست از پيغمبري“
    جواب: شاعري الهام آهي. اعليٰ انساني وصف آهي. جيڪو نه ٿو پڄي سگهي ”آکي ٿو کٽا“
    عربي ادب جو وڏو شاعر ”حسان بن ثابت“ کي نبي ڪريم هلندي خطبي مان لهي حڪم فرمايو ته ”حسان! منبر تي چڙهي شاعري پيش ڪر“ شاعري جا مخالف انسانيت جي خوشبو کان واقف ئي ناهن، اهي نفرتن ۾ پلجندڙ آهن. ان ڪري کين شاعري ۽ شاعرن جي اهميت جي خبر ئي ناهي.
    سوال: اوهان شاعري جي اصلاح ڪنهن کان ورتي؟
    جواب: سچ پڇو ته مون شاعري جي اصلاح ڪنهن کان به نه ورتي ۽ نه ئي وري ڪو منهنجو شاعري ۾ استاد آهي. پر مون جڏهن ”مهراڻ“ جو لڳاتار مطالعو شروع ڪيو ته سنڌي شاعري جي وزنن ۽ بحرن کي پنهنجي منهن سمجهڻ جي مٿاڪٽ ڪيم ۽ اتان ئي شاعري جي پيچرن تي هلڻ جو ڏانءُ مليو. ان ڪري مان ته ائين ئي چوندو آهيان ته ”مهراڻ، رسالو ئي منهنجو استاد به آهي ته رهبر به.
    سوال: اوهان جي ترقي پسند/ انقلابي شاعري ڪڏهن رجعت پرستن جي ور به چڙهي هوندي. ڇا توهان ڪڏهن انهن جي عتاب هيٺ آيا آهيو؟
    جواب: (وڏو ٽهڪ ڏيندي) سوال ته ڏاڍو ڏکيو ڪيو اٿو بلوچ صاحب. منهنجي ترقي پسند/انقلابي شاعري جتي به پهتي آهي. مون کي خوب داد ڏنو ويو آهي. شاعري جي تعريف ڪئي وئي آهي. مون کي اهڙو ڪوبه واقعو ياد نه ٿو اچي جو منهنجي اهڙي شاعري تي رجعت پسند ڪاوڙ يا هجن پر جڏهن ته ان جي برعڪس مذهب پرست خود پنهنجي تقريرن ۾ انتهائي اعليٰ درجي جي شاعري پيش ڪندا رهندا آهن، البته انهن کي منهنجي رومانوي شاعري ڀانءِ نه پوندي آهي.
    سوال: اوهان هڪ ئي وقت سنڌي براهوي، اردو ۽ فارسي زبان جا شاعر آهيو. توهان اهو ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙي زبان ۾ شاعري ڪرڻ، پنهنجي روح جي قريب لڳندو آهي يا ان سان پنهنجائپ وارو ناتو سمجهندا آهيو؟
    جواب: نسلي طور مان بروهي آهيان، پر اسان جي مادري ٻولي سنڌي آهي. اڄ به اسين چارئي ڀائر هڪ ٻئي سان گهر ۾ براهوي بجاءِ سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائيندا آهيون. ان ڪري براهوي زبان توڙي سنڌي زبان ٻئي مون کي مادري زبانون لڳنديون آهن. اهو ئي سبب آهي جو انهن ٻنهي زبانن ۾ نهايت دلچسپي ۽ رواني سان شاعري ڪندو آهيان. باقي فارسي ۽ اردو اوپريون زبانيون آهن. انهن ۾ موڊ مطابق شاعري ڪندو آهيان. هينئر تائين مون فارسي زبان ۾ 80/70 غزل ۽ اردو ٻولي ۾ 12/10 غزل لکيا اٿم. جڏهن ته سنڌي ۽ براهوي شاعري 1976ع کان ڇپجڻ شروع ٿي آهي ۽ ان ۾ لاتعداد شاعري ڪئي اٿم. ٻنهي ٻولين جو موازنو ڪندي ائين چوان ٿو ته سنڌي ٻولي وسيع آهي ۽ ان جي برعڪس براهوي ۾ ايتري وسعت ناهي، پنهنجي اندر جو اظهار سنڌي ٻولي ۾ ڪرڻ تي ترجيح ڏيندو آهيان.
    سوال: اوهان سنڌي ٻولي جا سٺا شاعر آهيو. سنڌي معياري شاعري کي اوهان ڪڏهن براهوي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ڇو ته اهو اوهان تي سنڌي زبان جي سڄڻ ۽ هڏ ڏوکي شاعر هئڻ جي ناتي سان به فرض ٿئي ٿو؟
    جواب: ڀٽائي کان پوءِ ٻيو معياري شاعر ڪهڙو ٿي سگهي ٿو، سو مان پهرئين ڀٽائي جي چئن سرن جو منظوم ترجمو ڪري چڪو آهيان. جنهن مان هڪ سُر ڇپيل آهي ۽ باقي اڻڇپيل آهن ۽ ڀٽائي جون وايون پڻ براهوي ٻولي ۾ ترجمو ڪيون اٿم، جيڪي پڻ مختلف فنڪارن ڳايون آهن. انهن واين مان هڪ وائي
    ”ٿيندو تن طبيب، دارون منهنجي درد جو،
    جنهن جو براهوي زبان ۾ ترجمو هن ريت ٿيو:
    ”مروجان طبيب، دارون ڪنا درد“
    هي وائي ڪوئٽه T.V تان پڻ نشر ٿي چڪي آهي. جيڪا نهايت مقبول وئي آهي. لطيف سرڪار کان علاوه سنڌ ڌرتي جي ڪجهه شاعرن کي ترجمو ڪري چڪو آهيان. جنهن ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، امداد حسيني، اسحاق راهي، بشير سيتائي، آغا سليم، مطلب ته ويهارو کن شاعرن جو ڪلام ترجمو ڪري چڪو آهيان. جڏهن ته هڪ سال ترجمي جو سال براهوي ادب ۾ به مقرر ڪيو ويو هو. ان پروگرام ۾ مون تي سنڌي شاعرن جي ڪلامن جو منظوم ترجمي جو ڪم رکيو ويو هو.
    سوال: چيو وڃي ٿو ته شاعري هن دور ۾ مري رهي آهي. جڏهن ته ڪن سينيئر شاعرن جو چوڻ آهي ته شاعري فن ۽ فڪر جي حوالي سان نوان لاڙا هن صدي ۾ ئي ڳولي لڌا آهن. ان ڪري هو مري ڪانه ٿي پر هن ته جيئڻ جي شروعات ئي هن دور ۾ هاڻ ئي ڪئي آهي.
    جواب: مون کي يقين آهي ته فن ڪڏهن به مرندو ناهي، باقي شاعري سان لاڳاپيل لوازمن جو مطالعو ضرور ڪجي. سنڌي شاعري شاهه ڪريم بلڙي واري، شاهه ڀٽائي جي دور کان ئي سونهري دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، اهو غلط آهي ته ڪا شاعريءَ جيئڻ ئي هاڻي شروع ڪيو آهي! بروهي شاعري جو پهريون دور ئي لطيف سرڪار جو دور آهي، جڏهن ته اهو سنڌي شاعري جو ٻيو دور آهي. جڏهن ته سنڌي شاعري جو پهريون دور قاضي قاضن کان به اڳ ۾ آهي ۽ اردو شاعري ته گهڻي پوءِ جي پيداوار آهي.
    سوال: اوهان پنهنجي همعصر شاعرن ۾ ڪهڙن شاعرن کي سٺو يا معياري شاعر سمجهو ٿا؟
    جواب: سائين مون وٽ نالن جي ڀرپور لسٽ آهي. پر مان هتي نالا نه کڻندس. هون به هر تخليق جي پنهنجي سونهن ۽ سنورتا آهي. ڪڏهن وڏي شاعر کان به ڪو ننڍو شاعر اهڙو بند تخليق ڪندو آهي جو اهو وڏي شاعر کان مٿاهون لڳندو آهي. ان ڪري معيار سٺي مان سٺي شي لکڻ تي منحصر آهي نه ننڍي وڏي تي.
    سوال: هن وقت اوهان ڪهڙو ادبي يا تخليقي ڪم سرانجام پيا ڏيو ۽ ڪهڙين ٻولين ۾؟
    جواب: حال ۾ مان سنڌي ٻولي ۾ قرآن شريف جي لغت لکي رهيو آهي. جيڪا ڊڪشنري عربي کان سنڌيءَ ۾ آهي، جيڪڏهن ڪو پبلشر ان سلسلي ۾ ڳالهائيندو ته کين مثبت موٽ ڏني ويندي.
    سوال: نئين ٽهيءَ جي شاعرن مان اوهان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
    جواب: نئين ٽهي مان، مان ڪافي حد تائين مطمئن آهيان. جن دوستن جو گهرو مطالعو آهي ۽ فن سان پڻ وابستي آهي اهو ئي مستقبل جا سگهارا شاعر ٿي سگهن ٿا.
    سوال: شاعري ۾ علم عروض جي ڪيتري اهميت آهي؟
    جواب: علم عروض جي تمام وڏي اهميت آهي. علم عروض کان سواءِ شاعري ۾ مزو ئي ناهي. علم عروض سان گڏ جيڪڏهن خيال به گهرو آهي ته پوءِ ڄڻ ته جسم ۾ جان ٿي پوي. ڇو ته رنگن ۾ جيڪڏهن ڪوبه عنصر گهٽ آهي ته رنگ گم ٿي وڃي ٿو. خيال ۽ عروض جو شاعري ۾ هئڻ به ضروري آهي.
    سوال: چيو وڃي ٿو ته سنڌي غزل اصل ۾ فارسي غزل جي زمين مان ئي اسريو نسريو آهي ۽ اڄ تائين به تشبيهون ۽ تمثيلون اهي ئي فارسي غزل جون مروج آهن. اوهان ٻڌايو ته سنڌي غزل فارسي رنگ کان مڪمل الڳ ٿي ويو آهي يا اڃان به فارسي اثر هيٺ آهي؟
    جواب: سائين منهنجا سنڌي غزل هينئر فارسي غزل يا فارسي رنگ وڍنگ کان مڪمل الڳ ٿي چڪو آهي ۽ سنڌي غزل اصولن پٽاندر جدا شي بنجي ويو آهي. باقي ڪٿي ڪٿي ٿي سگهي ٿو ڪو هڪ اڌ شاعر هجي به، نه ته هينئر فارسي غزل جي رنگ ڍنگ ۾ اسان جو غزل ناهي. تنهن جي باوجود اهڙا شاعر هن وقت اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. باقي سنڌي غزل جو هينئر پنهنجو انداز ۽ اسلوب آهي.
    سوال: اوهان فارسي زبان ۾ شاعري ڪئي آهي. اوهان کي فارسي شاعري ۽ سنڌي شاعري ۾ ڪو امتيازي فرق نظر اچي ٿو؟
    جواب: ادا بلوچ صاحب! فارسي شاعري بهرحال هڪ اسلوب تي رکيل آهي. جڏهن ته سنڌي شاعري ۾ ان کان وڌيڪ انفراديت آهي. مون کي سنڌي شاعري وڌيڪ پسند آهي. اسلوب موضوع ترڪيبن ۽ تمثيلن جي حوالي سان.
    سوال: فارسي شاعري Romantic آهي. جيڪي فارسي ڄاڻن ٿا انهن جو چوڻ آهي ته رومانس ۾ اڄ به فارسي غزل سنڌي غزل کان اڳتي آهي. اوهان جو ان بابت ڪهڙو خيال آهي؟
    جواب: اهو ممڪن آهي! ڇو ته سنڌ جي غزل ۾ سنڌي سماج جي تلخي موجود آهي ۽ سنڌ جو غزل سياسي حالتن جي پيداوار آهي ۽ منجهنس خارجي پهلو نمايان آهي. جڏهن ته فارسي غزل ۾ داخليت جو عنصر گهڻو آهي ان ڪري زياده Romantic ٿو لڳي. ان جا ڪارڻ منهنجي نظر ۾ اهي ئي آهن.
    سوال: ڪنهن دور ۾ فارسي اسان جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ ائين ڇانيل هئي. جيئن اڄ جي دور ۾ انگريزي آهي. فارسي جي تڏا ويڙهه جا ڪهڙا ڪارڻ هئا؟
    جواب: جيئن ته ان وقت فارسي برصغير جي سرڪاري ٻولي هئي. خاص طور تي سنڌ ۾ فارسي زبان سنڌي ٻولي جي جاءِ والاري ۽ ان جو استحصال ڪيو ۽ اوهان جي لفظن ۾ چئجي ته راتاهو هنيو. اهو ئي سبب آهي جو فارسي هڪ ته سنڌ ۽ پوري برصغير تي هڪ مڙهيل ٻولي هئي. انگريزن جي اچڻ جي ڪري، ان جو سماجي ڪارڻ گهٽجي ويو ۽ انگريز سرڪار ان جي سرپرستي ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ انهن انگريزي ٻولي کي رائج ڪيو. اهي ئي شيون فارسي جي تڏا ويڙهه جو سبب بڻيون. پر پوءِ به فارسي زبان پنهنجي شيريني ۽ شاهوڪار ادب سبب جزوي طرح اڄ به جيئي ٿي.
    سوال: موجوده وقت سنڌ ۾ فارسي جي حوالي سان فارسي ادب کي سنڌي ادب ۾ ۽ سنڌي ادب کي فارسي ادب ۾ روشناس ڪرائڻ ۾ ڪهڙا اسان جا اوائلي ۽ موجوده سنڌي اديب پيش پيش آهن؟
    جواب: ادا سائين جيئن ته فارسي شعر ۽ سخن جي شروعات سمن جي دور کان ٿي چڪي هئي. جنهن جو اوج ارغونن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ هيو ۽ فارسي اسلامي علوم سبب مدرسن ۾ لازمي Subject ڪري پڙهائي وئي. ان ڪري فارسي جو رواج پيو. ايراني ادب کي روشناس ڪرائڻ ۾ اوائلي دور جا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرزا قليچ بيگ، سدا رنگاڻي، غلام احمد بدوي، علي محمد تنيو، عبدالله شڪارپوري، مولانا عبدالڪريم ڏيرو، ڊاڪٽر گل حسن لغاري، مولانا در محمد پنهور ۽ رحيم بخش قمر اچي وڃن ٿا. جڏهن ته موجود دور ۾ نياز همايوني، مولانا علي محمد عاقلي لاڙڪاڻي وارو، مشتاق سچاروي، غالب ملڪاڻي، غلام محمد لاکو، محمد بچل چانڊيو، بشير سيتائي ۽ هي بندو اهڙا فرائض سرانجام ڏيئي رهيا آهن.
    سوال: جيئن ته اسان وٽ سنڌي ادب جا ڪيترائي ادارا آهن، ڇا اوهان ان خيال جا آهيو ته فارسي ادب کي سنڌي ادب ۾ ۽ سنڌي ادب کي فارسي ادب ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ ڪو فعال ادارو سنڌ ۾ قائم ڪيو وڃي جيڪو اهڙو فريضو سرانجام ڏيئي سگهي.
    جواب: جيئن ته فارسي زبان کي ٻين ٻولين ۾ متعارف ڪرائڻ جي سلسلي ۾ اهڙي خدمت لاءِ ايراني سفارتخانو علمي سرپرستي ڪندو رهيو آهي. هن موقع تي ايراني سفارتخاني کي پيش رفت ڪرڻ گهرجي. باقي سنڌ جا ادبي ادارا وسيلن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ جي ئي ڀرپور خدمت ڪرڻ جي قابل، ناهن تاهم به مان ان خيال جو آهيان ته سنڌ ليول تي ڪجهه فارسيدان اديب اهڙو ادارو قائم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن، جيئن فارسي ۽ سنڌي لٽريچر کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي سگهجي. خاص طرح سان پنهنجو ٻولي جي جديد ادب کي.
    سوال: جيئن ته سنڌي ۽ فارسي زبان جو ماضي ۾ پاڻ ۾ ڳوڙهو ڳانڍاپو رهيو آهي، ڇا اوهان ان خيال جا آهيو ته سنڌي اديبن ۽ شاعرن ۾ نئين سر فارسي پڙهڻ، سمجهڻ ۽ لکڻ جو رجهان پيدا ڪجي ته جيئن ماضي وانگر ٻئي ٻوليون هڪٻئي جي قريب اچن ۽ جيڪو فارسي ۾ علمي ذخيرو آهي ان کان اسان جا سنڌي اديب ۽ شاعر ڀرپور فائدو وٺي سگهن؟
    جواب: سنڌ ۾ ارغونن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سياسي تعلقات هئا. ان ۾ سياسي ماحول موجود هيو. جنهن سبب ٻنهين ٻولين ۾ ڳوڙهو ڳانڍاپو هو ۽ ان جو اهو ئي سبب آهي. جيئن ته فارسي جي گهڻن ڪتابن جا سنڌي ۾ ترجما ٿيا آهن جنهن ۾ ”بوستان“، گلستان، سڪندر نامو، پنج ڪتابي، گلستانِ سعدي جا ٻه ترجما ٿيا آهن. هي منظوم ترجمو علي محمد تنيو چئو ديواري واري ڪيو، جڏهن ته تازو گلستان/بوستان جو نثري ترجمو ڊاڪٽر محمد قاسم سومري پڻ ڪيو آهي. جنهن جي اشاعت روشني پبليڪيشن ڪنڊياري وارن ڪرايو آهي. ساڳي وقت بشير سيتائي ”گوهر ناياب“ جي عنوان سان ڏيڍ سو کان مٿي فارسي شاعرن جو ڪلام متعارف ڪرائڻ لاءِ مرتب ڪيو آهي.
    باقي رهيو سوال فارسي سکڻ جو، ان لاءِ ڪير منع ڪندو ته نئين ٽهي جا دوست فارسي نه سکن. فارسي ۾ تمام وڏو شعري زخيرو آهي. جنهن کان آشنائي نهايت ضروري آهي. اهو تڏهن ممڪن آهي. جڏهن دوست فارسي زبان کان آشنا ٿين.
    سوال: اسان جي سنڌي، زبان سان صدين کان وٺي ناروا سلوڪ جاري رهيو آهي. اها ٻه اکيائي موجوده دور ۾ به ٿي رهي آهي. ان بابت اوهان جو ڇا خيال آهي.
    جواب: بلوچ صاحب! اسان ڌارين تي ڏوهه ڏيون ٿا پر اسان جا پنهنجا به سنڌي زبان کي اپاهج ۽ ننڌڻڪو بڻائڻ ۾ ڪسر نه ٿا ڇڏين ۽ فقط.....
    سوال: جيئن ته اوهان ٻن مظلوم ۽ قومي ٻولين يعني (براهوي ۽ سنڌي) جا نمائندا شاعر آهيو. ٻنهي قومن جي مظلوميت ۾ اها ڪهڙي مماثلت آهي جيڪا اوهان کي ٻنهي پاسي لکڻ تي مجبور ڪري ٿي؟
    جواب: سنڌي قوم سياسي لحاظ کان برصغير جي مظلوم قوم آهي. ان پنهنجي حقن جي اصول سان گڏ سنڌي علم ۽ ادب جو تحفظ ۽ خدمت لاءِ صدين کان مزاحمت جاري رکيو آهي ۽ ڪيترن ئي سگهارن طبقن کي يا سگهارن اديبن کي سنڌي ادب مزاحمت سان پنهنجو وجود ختم ڪرڻ نه ڏنو آهي. توڙي انهن قوتن جي ڪوششن سان سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي سياسي ۽ نفسياتي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. ظلم جي انهي روش کي سنڌي اديب به سوچي ٿو ۽ سنڌي ادب لاءِ پڻ پتوڙي رهيو آهي. انهن وانگر مان به سنڌي ٻولي جي ارتقا ۽ بقا لاءِ وت ۽ وس آهر ڪوشش ڪري رهيو آهيان. جڏهن ته براهوي ٻولي ڪيترن سببن جي ڪري سنڌي ٻوليءَ کان ڪافي گهٽ آهي. اهو ئي سبب آهي جو مان ادبي ڪم براهوي ۾ ڪيان ٿو ته جيئن مون کي نمايان حيثيت ملي پوي. پر پوءِ به عام بروهي وٽ ٻولي جو شعور ڪونهي. جڏهن ته سنڌي اديب ۽ شاعر کي سنڌي قوم کان صحيح موٽ ملي ٿي.
    سوال: جيئن ته اوهان شاهه جي رسالي جي ڪجهه حصي کي براهوي زبان ۾ ترجمو ڪيو آهي. براهوي سماج طرفان ڀٽائي کي ڪيتري مڃتا ملي آهي؟
    جواب: ادا! براهوي سماج منهنجي ترجمي جي ڪري متاثر ناهي، ڇو ته پڙهيل لکيل ماڻهوءَ جو انگ تمام گهٽ آهي. هو فقط هڪ بزرگ جي حيثيت سان ڀٽائي جا عقيدتمند ضرور آهن. باقي هن جي فهم ۽ فڪر کي ڪونه ٿا سمجهن. البته بروهي علمي ادبي حلقن ۾ منهنجي ترجمي کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي.
    سوال: جيئن ته اوهان بزم لطيف ميهڙ جا موجود وقت سرپرست اعليٰ پڻ آهيو. اوهان ٻڌايو ته بزم لطيف ميهڙ جي سنگ بنياد ۾ ڪهڙن اديبن، شاعرن جو اهم ڪردار رهيو آهي.؟
    جواب: سائين بزم لطيف هن وقت جنهن نموني سان پنهنجون ادبي سرگرميون برقرار رکيو ٿي اچي، ان ۾ اسان جي دوستن رفيق ايري، اسحاق راهي، ناظم منگي، انور جوکيو ۽ ”سڪندر آه“ جو اهم ڪردار رهيو آهي. ان کان علاوه ملنگ حيدري، محبوب ڏيپر ۽ هن بندي پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. بزم طرفان مشاعرن جون محفلون، ڪافي ادبي گڏجاڻيون ۽ ميڙاڪا ٿي چڪا آهن. جيڪي سنڌي ادب جي راهه ۾ هڪ وڌندڙ وک چئي سگهجن ٿا.
    سوال: جوهر صاحب اوهان کان آخري سوال ته اوهان جو ديس واسين لاءِ ڪهڙو پيغام آهي؟
    جواب: سچ سان پيار ڪيو. ڌرتي، ٻولي سان پيار ڪيو، پيار به ان ريت هجي جو انهن شين لاءِ ساهه به گهوري ڇڏجي.


    سڪندر ’آه‘

    غزل

    پري پل گذارڻ نه ٿي دل قبوليو.
    سدا گڏ گذارڻ نه سنگدل قبوليو.

    وفائن جو حاصل آهي بي وفائي،
    جڏهن چوٽ آئي تڏهن دل قبوليو.

    آ پنهنجي فطرت کان مجبور هر شيءِ
    ٻوڙي سمونڊ اڇليو ته ساحل قبوليو،

    جڏهن ساهه نڪتو تڏهن ”آه“ سڪندر،
    اچي ڏوهه پنهنجو پوءِ قاتل قبوليو.

    BRIEF INTRODUCTION
    سڪندر ”آه“
    (1950-2009)

    پورو نالو: سڪندر علي سومرو
    ادبي نالو: سڪندر ”آه“
    ولديت: محمد بخش سومرو
    جنم تاريخ: 31 مارچ 1950ع وفات: 27 سيپٽمبر 2009ع.
    جنم هنڌ: ڳوٺ گهاڙي (ميهڙ)
    تعليم: M.A (Economic)
    پيشو: سرڪاري ملازمت
    شاعري جي شروعات: 1968ع کان
    ڇپيل ڪتاب: 1. سوز عشق (1970ع)
    2. عيد تنهنجو انتظار (1996ع)
    3. مست گيت لال جا (2002)
    4. عيد ميلاد النبي
    5. تنهنجي شهر جي ڦٽ پاٿ تي (شعري مجموعو)
    6. شهيد راڻي بينظير ڀٽو

    سوال: اوهان جي ادبي ابتدا ڪيئن ٿي؟
    جواب: اها ڳالهه ائين آ ته جيئن ئي سانڀر پئي ته مان پنهنجي ڏاڏي سائين نالي عبدالغفور ”تراب“، جنهن کي شاعري جو شغف هوندو هو، ان سان گڏ رئيس ضياالدين ”ضيا“، شمس الدين ”بلبل“ جي فرزند جي اوطاق تي هفتيوار/ماهوار ادبي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيندو هيس، ان ڪري ننڍي هوندي کان وٺي ادب، علم ۽ شاعري طرف رجحان وڌندو رهيو. بعد ۾ شعر ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو شوق جنون جي حد تائين وڌي ويو ۽ ان سان گڏ ڳائڻ جو پڻ، پنهنجي منهن سان ڪچي ڦڪي شاعري ڪندو هوس. منهنجي پهرئين تخليق جيڪا غزل هئي سا مون مشاعري ۾ پڙهي. انهن ڏينهن ۾ ميهڙ ۾ مختلف ادبي تنظيمون جهڙوڪ بزم بلبل، بزم اڪبر، بزم لطيف ۽ بزم حيدري وغيره سرگرم هيون. جنهن جي زيرِ سايه هفتيوار شاعري نشتون، ادبي گڏجاڻيون ۽ هر مهيني عوامي مشاعرو ۽ راڳ رنگ وغيره جون محفلون منعقد ٿينديون رهيون ۽ مان طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾ حصو وٺندو هوس ۽ اهو سڄو سلسلو دادو ۽ لارڪاڻي ضلعي جي هر ننڍي وڏي شهر ۾ ٿيندو هو ۽ اهڙا ادبي ميڙاڪا ٿيندا رهيا. منهنجون تخليقون مختلف رسالن، اخبارن جهڙوڪ هلال پاڪستان، عبرت، آفتاب وغيره ۾ ڇپنديون رهيون.
    سوال: اوهان شاعري جي باقائده سکيا ڪنهن کان ورتي؟
    جواب: جيئن ته مون شاعري جي باقائده سکيا ڪنهن کان به نه ورتي آهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته عشق ئي منهنجو استاد آهي، باقي ادبي گڏجاڻين ۾ حصو وٺندو رهيو هوس ۽ اڪثر ڪچهرين ۾ شامل ٿيڻ ڪري تخليقي تربيت ٿيندي رهي. ان وقت جا سينيئر شاعر جنهن سان منهنجون ادبي ڪچهريون ٿينديون رهيون انهن ۾ احمد خان ”مدهوش“، احمد خان ”آصف“ مصراڻي، استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، عبدالرحمٰن نقاش، آثم ناٿن شاهي، نشتر ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، راز ناٿن شاهي، پيرل پرديسي، پيرل پياسي، شاهنواز مسافر، اسحاق راهي، ملنگ حيدري، دادن فقير، لونگ خان لائق، ظفر سيوهاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي اديب جنهن جي لسٽ وڏي آهي. تن سان شعري توڙي ادبي روح رهاڻيون ٿينديون رهيون.
    سوال: شاعري ۾ اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ۽ ڇو؟
    جواب: عرض ته مون شاعري جي هر صنف ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي جنهن ۾ غزل، گيت، وائي، نظم، حمد، نعت، مرثيه، وائي، منقبت، چوسٽا، رباعي، ٽيڙو، دوها، بيت وغيره وغيره. پر جيئن ته اسان جي شاعري جي اوسر نج غزل گوئي تي ٿي ڇو ته طرحي مشاعره اڪثر غزل جي Pattern تي منعقد ڪيا ويندا آهن. ان ڪري چئي سگهجي ٿو مون کي غزل جي صنف پسند آهي، جيڪا سڀ کان ڏکي صنف سمجهي وڃي ٿي ڇو ته اها رديف قافيو ۽ بحر وزن جي انگن ۾ قيد آهي ۽ ان جي هر بند ۾ مخصوص ۽ نئون موضوع ۽ تجرباتي شاعري ٿئي ٿي، سو مان ته شاعر ئي ان کي مڃان ٿو جيڪو غزل جي Process کان چڱي طرح واقف آهي/ هجي ۽ گذريو هجي. ان چوڻ ۾ وڌاءُ نه آهي ته غزل گو شاعر کي ئي مڪمل شاعر ۽ غزل ڳائڻ واري ڳائڻي کي ڳائڻو چئي سگهجي ٿو. ڇو ته غزل جي شاعري ذريعي شاعر، معاشري جي ڏک ۽ پيڙاءَ ۽ معاشرتي، بدحالي، بي انصافي، بي ثباتي، بي وفائي ۽ منافقي، ڪوڙ، دغا ۽ دولاب تي چڱي ڇنڊ ڇوهه جو اظهار ڪري سگهي ٿو.
    سوال: شاعري ۾ وزن بحر/علم عروض جي ڪيتري (Importance) آهي / هئڻ گهرجي؟
    جواب: شاعري ۾ وزن بحر جو هئڻ هر حال ۾ نهايت ضروري آهي ڇو ته شاعري اها جيڪا ڳائي وڃي، سهڻي نموني سان ۽ ڳائي تڏهن سگهجي ٿي جڏهن ان جو بحر وزن ۽ رديف قافيو پنهنجي جاءِ تي متوازن ۽ مڪمل هوندو. باقي سٽ جي گهٽ وڌائي قافئي رديف جي فقدان سبب شعر جو مزو بلڪل بي لذت ڦڪو ۽ ٻسو لڳندو ۽ بي سواد ٿي پوندو. جنهن کي شاعري چوڻ ئي شاعريءَ جي توهين جي برابر آهي. منهنجي ته اها ئي صلاح آهي ته اخبارون ۽ رسالا اهڙي شاعري شايع ڪرڻ کان پرهيز ڪن جيڪا بحروزن، قافئي رديف جي حد پار ڪيل هجي. اوهان ڏسندو ته شاهه لطيف جي شاعري به ڇند وديا جي حد ۾ بند ٿيل آهي. ان زماني جي بحر وزن جي ڪسوٽي يعني ماترائون، جيڪي هندي ڇند وديا تي لکيل آهن ۽ ڳائڻن جي راڳ راڳڻين جي بندش ۽ حد اندر آهن. اهو ئي سبب آهي جو شاهه صاحب جي شاعري عوامي حيثيت ماڻي چڪي آهي.
    سوال: شاعري اوهان جي نظر ۾ ڇا کي چئي سگهجي ٿو/ ڪهڙي شيءَ جو نالو آهي؟
    جواب: مان ته ائين چوندس ته هن ڌرتي ۾ جيڪا به چيز آهي سا شاعري کان سواءِ نامڪمل آهي. ٻار جڏهن ننڍپڻ ۾ ماءُ جي هنج ۾ ئي ماءُ جي زباني لولي ٻڌي ٿو. سابه شاعري آهي ۽ ڪلام رباني سا پڻ شاعري جي دِنگ ۾ اچي ٿي. ان کان پوءِ راڳ رنگ پڻ شاعري کانسواءِ اڻ پورو ۽ بي سواد آهي. رڌم لئي تار جانورن، پکين، پرندن جون ٻوليون ۽ سندن آواز به هڪ سُر ۾ يا ڪنهن مخصوص صنف ۾ ٻڌجن ٿيون، جنهن سان محسوس ٿئي ٿو ته ڪائنات جي هر چيز ۾ شاعر سمايل آهي.
    شاعري روح جي غذا آهي ۽ شاعري جا ڪي بند، ماڻهن جي اصلاح به ڪن ٿا جيئن رٺن کي پرچائڻ، روئندڙن کي کلائڻ، ظالمن کي ڪمزور ڪرڻ، مظلومن کي اڀارڻ ۽ ڏتڙيل ماڻهن کي زندگي جي ڪشمڪش سان منهن ڏيڻ. اهي سڀ شاعري جي صرف چند سٽن سان ئي ممڪن آهي جڏهن ته وڏيون تبليغون، تقريرون، مناظرا، ادبي ڪتاب، نثري ڪتاب، مقالا، غير نصابي مضمون اهو ڪجهه نه ڪري سگهيا آهن، جيڪو شاعري جي ٻن سٽن ڪري ڏيکاريو آهي. ان ڪري توهان ڏٺو هوندو ته ڪنهن غير معروف شاعر جي ٻن سٽن وڏن کان وڏن شاعرن جي ديوانن ۽ بياضن کي مات ڏئي ڇڏي آهي ۽ عوام کي موهي وڌو آهي.
    سوال: ادب ڇا آهي صحتمند ۽ معياري ادب جي پرک اوهان جي نظر ۾؟
    جواب: ادب جي معنيٰ آهي اها لکڻي جيڪا سماج کي درپيش مسئلن، مونجهارن، تڪليفن، ڏکن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري ۽ ان جو علاج ۽ تدارڪ دريافت ڪري ۽ ان جو حل ٻڌائي ۽ عوام / حڪومت بلڪ معاشري جي هر فرد جي رهنمائي ڪري ۽ انهن جي صحيح سمت تعين ڪري. ادب ۾ اخلاقي، سياسي، سماجي، اقتصادي بلڪ هر سطح تي بحث مباحثو، (Debate) ٿيڻ گهرجي ۽ سماج جي اوڻاين ۽ ناهموارين تي تنقيد ڪجي ۽ تنقيد سان گڏ ان جو حل تلاش ڪجي. حقيقت پسندي ئي صحيح ادب جي زمري ۾ اچي وڃي ٿي. خيالي خواب ۽ تصور ادب جي دائري ۾ نه ٿا اچن، بلڪ ڊرامائي تشڪيلون ٿي سگهن ٿيون. ان ڪري سٺو ادب ان کي چئي سگهجي ٿو جنهن سان عام ماڻهو جي ذهني اوثر ٿئي ۽ ٻولي پروان چڙهي. زبان ۽ ٻولي اهڙي ته آسان فهم هجي، جنهن کي هڪ گهٽ پڙهيل ماڻهو، آساني سان سمجهي سگهي. ائين نه ٿئي جو صرف اعليٰ تعليم يافته ماڻهو جن جو تعداد تمام ٿورو آهي ۽ هڪ ٻئي کي پنهنجون ادبي تخليقون ارپي ڇڏن.
    سوال: ڪيسٽي شاعري ۽ ڪيسٽن ۾ گانن جي طرزن تي شاعري بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    جواب: ڪيسٽن ۾ فلمي گانن جي طرزن تي شاعري ڪرڻ تي ادبي حلقن ۾ ڪافي ڏي وٺ ٿي رهي آهي ۽ ان کي معيوب سمجهيو ٿو وڃي. ان جا واضح ڪارڻ به آهن.
    ڪيسٽن ۾ ڳايل شاعري معياري نه آهي ۽ سستي شهرت جي شوق ۾ ٽرڙا ۽ هلڪا ماڻهو جن کي شاعري جي الف، بي جي به واقفيت ناهي ڳائڻن کان پنهنجي اثر رسوخ، لوڀ ۽ لالچ ذريعي ڪچي ڦڪي ۽ واهيات ۽ تڪبندي واري شاعري ڳارائي عام راءِ کي منحرف ڪري ڇڏيندا آهن طرزن ۽ ڌنن تي شاعري ڪرڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي. پر خراب شاعري ڪرڻ بلڪل خراب ڳالهه آهي. اسان هن جديد اليڪٽرانڪ ميڊيا واري دور ۾ غير ملڪي، فلمي، غير فلمي فوڪ ڌنن ۽ طرزن تي شاعري لکي ڳارائڻ کي غلط تصور نه ٿا ڪيون، پر شرط اهو آهي ته ڳائڻا ۽ ڪيسٽ ڪمپني وارا مالڪ پئسن ڪمائڻ واري جنون ۾ تڙ تڪڙ ڪري واهيات شاعري ڳارائڻ ۽ ڪيسٽين کي جاري ڪرڻ ۾ جلد بازي نه ڪن ۽ سنڌ جي عام ادبي شاعر کي خاطر خواه معاوضو ڏيئي سٺي شاعري لکرائي ڳارائن. منهنجي خيال ۾ ته سنڌي شاعري ٻين زبانن جي شاعري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ، بلڪه ڪر اڃان به مٿڀرو رکڻ جي صلاحيت رکي ٿي. خود مون وٽ منهنجون لکيل فلمي ۽ غير فلمي گانن جي طرزن تي شاعري اوهان پاڻ پڙهي ڏٺي ۽ ٻڌي آهي سو ان لاءِ ائين چوندس ته ڳائڻن جي پنهنجي حق ۾ اهو بهتر ٿيندو ته هو سٺي شاعري ڳائن ۽ سٺن ادبي شاعرن کي تلاش ڪري کين قدر جي نگاهه سان ڏسن ۽ سفارش ۽ لوڀ کان بلند ٿي پنهنجي گيتن کي امر بڻائن.
    سوال: اڄ ڪلهه ادبي حلقن ۾ استاد بخاري کي شيخ اياز کان مٿاهون درجي جو شاعر پيش ڪيو وڃي ٿو. اوهان جي نظر ۾ حقيقت Reality ڇا آهي؟
    جواب: ان لاءِ مان ائين چوندس ته هڪ شاعر جي ٻئي شاعر سان ڀيٽ ڪرڻ بلڪل نامناسب آهي. ڇو ته شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڍنگ ۽ رنگ، بلڪل منفرد آهي، جڏهن ته استاد بخاري جي شاعري جو پنهنجو الڳ انداز آهي، جيڪو عوامي سطح ۽ سنڌ جي جاگرافي حدن جي اندر آهي. جڏهن ته شيخ اياز جو وسيع مطالعو، ان جي شاعري مان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيتري ٻولي جي سڃاڻپ، استعارا، اصلاح، جوڙجڪ، تشبيهون شيخ اياز جي شاعري ۾ آهن. اهي استاد بخاري جي شاعري ۾ ورلي ملن ٿيون، ائين کڻي چئجي شاهه عبداللطيف جي شاعري کان پوءِ ٻي نمبر تي ٻولي جي ساخت ۽ بلاغت اياز جي شاعري ۾ ئي ملي ٿي. استاد بخاري جهڙا شاعر ڪلهه به هيا، اڄ به آهن ۽ سڀاڻي به ٿيندا، پر شيخ اياز جهڙو شاعر شايد وري سنڌ ڌرتي کي ٻيهر ملي سگهي.
    سوال: ادب ۾ تنقيد هئڻ گهرجي يا نه؟ اوهان جي نظر ۾ تنقيد جو ڇا معيار هئن گهرجي.؟
    جواب: ”تنقيد براءِ تنقيد“ نه پر ”تنقيد براءِ اصلاح“، تمام سٺي چيز آهي. ادب ۾ تنقيد ڪرڻ وارا اڪثر پنهنجي حلقي جي شاعرن يا پنهنجي مذهبي فرقي، ذات پات يا پنهنجي مطلب وارن شاعرن جو لحاظ رکندا آهن. جيڪا بلڪل نامناسب ڳالهه آهي. ڇو ته ادب، بغض ۽ منافقت کان بالاتر آهي. بدقسمتي سان اسان وٽ تنقيد جي سکيا ڏيڻ، طور طريقي رائج ڪرڻ لاءِ ڪوبه ادارو موجود ڪونه آهي. بي لاگ تنقيد هڪ تمام وڏو فن آهي ۽ تنقيد اهو ڪري سگهندو جيڪو يا ته ان اديب / شاعر جي ذهني ڪيفيت کان وڌيڪ ڄاڻ رکندو هجي يا ان جي برابري واري حد کي ڇهي. هاڻي اسان کي ڪيترو نه عجيب لڳندو جو هڪ معمولي لکيل پڙهيل، گهٽ تعليم يافته اديب يا شاعر شيخ اياز جهڙي شاعر تي تنقيد ڪري ڇو ته ان جي خيالن جي پرواز کي پهچڻ لاءِ به ان جي پائي يا مرتبي جيترو اديب يا شاعر هئڻ ضروري آهي. جيڪو في الوقت ملڻ نه صرف مشڪل پر ناممڪن آهي.
    تنقيد جي لاءِ مخصوص ادبي ميڙاڪا، نشستون منعقد ڪرائڻ گهرجن، ڪنهن به هڪ شاعر جي ادبي شاعري يا ادبي ڪاوشن تي اهڙن اديبن ۽ شاعرن کان تنقيد يا تبصرو ڪرائڻ گهرجي، جيڪي ان کي صحيح پروڙي سگهن. ائين نه ته مورڳو ئي ان جو ارواح لکڻ پڙهڻ تان ئي کڻائي ڇڏجي. تنقيد ڪرڻ سان گڏوگڏ اصلاح ذريعي ڪمي پيشي دور ڪرڻ لاءِ صلاح ۽ رهنمائي ڪرڻ ضروري آهي نه ته تنقيد براءِ تنقيد بيڪار آهي. اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جيڪو شاعر/اديب نه ٿي سگهيو آهي. اهو نقاد Critic بنجي ويو آهي، جيئن کڻي چئجي ته ناڪام مصور ئي ڪارٽونسٽ بنجي ٿو.
    سوال: ڪافي جي صنف اسان جي ادب مان ختم ٿي رهي آهي. ان جا سبب ۽ ڪارڻ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙي انمول صنف کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو. ان لاءِ اوهان ڪهڙا مفيد رايه ڏيندؤ؟
    جواب: وائي يا ڪافي ۾ تمام ٿورو فرق آهي، اهي صنفون سنڌ جي لوڪ شاعري جو بنيادي جز آهن. ماڻهو وائي ۽ ڪافي جي روح کي اڃان تائين نه سمجهي سگهيا آهن. ڪافي ۾ جيڪو مضمون بيان ٿئي ٿو سو صرف ئي صرف وڇوڙو، درد، ڏک، پيڙاءُ فراق، جدائي رنج، الم وارو هوندو آهي، ٻيو ته ڪافي ان کي چئجي ٿو جيڪا ڳائي وڃي. جڏهن ته ان کي ڳائڻ وارا ئي نه رهيا آهن. ڇو ته ان جي Composing ڪرڻ اڄ ڪلهه جي ڳائڻن ۽ فنڪارن جي وس جي ڳالهه ناهي. جڏهن ته انهن کي ٺهيل ٺڪيل ڌُن، ساز سروڌ سميت ملي ٿي ته پوءِ هو محنت ڇو ڪن. ڪافي ٺاهڻ لاءِ به شاعر کي درد، سوز، فراق جي ڪيفيت مان گذرڻو ٿو پوي، ان مان اڄ ڪلهه جو شاعر گذريو ئي ناهي. ڳائڻن فنڪارن، ۽ موسيقارن وٽ اها ڄاڻ ئي ناهي، جڏهن ته هو شارٽ ڪٽ Shortcut جا عادي بنجي چڪا آهن، سي ڪيئن ڪافي کي Compose ڪري سگهندا. روز روز ته شاهه لطيف ۽ اياز ڪونه پيدا ٿيندا ۽ نه ئي استاد منظور علي خان پيدا ٿيندو. جن زماني جي شان شوڪت شهرت توڙي دولت جي ذري برابر به پرواهه نه ڪئي ۽ صرف پنهنجي وطن جي حب ۽ ٻولي جي محبت ۾ وايون ۽ ڪافيون چوندو رهيو. بقول لطيف جي ته:
    اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورين
    باقي رهيو سوال ڪافي کي بچائڻ جو سو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان جو شاعر ڪافي جي روح کي چڱي طرح سمجهي، ان جو مطالعو ڪري، پوءِ لکي ۽ ڪافي جي صنف ۾ زندگي جي پيڙاءُ سمائي.
    سوال: اوهان ڪافي عرصي کان گوشه نشين (Hermit) ٿي ويا آهيو. ادبي رسالن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ اوهان جي ڪمي محسوس ٿيندي رهي آهي، ان جو ڪو خاص سبب؟
    جواب: ادا! سائين ائين ناهي ته ڪو مان ادب ۽ شاعري جي دنيا کان ڪٽيل آهيان، پر نوڪري جون مصروفيتون آڏو اينديون رهيون آهن. باقي مون ريڊيو پاڪستان ڪراچي لاءِ مسلسل لکيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رسالن ۽ اخبارن ۾ به منهنجي شاعري ڇپجندي رهي آهي ۽ منهنجي اڻ ڇپيل شاعري جو به ڪافي ذخيم زخيرو آهي. ان کان علاوه آءٌ هلال پاڪستان ۽ ٻين سنڌي اخبارن ۾ وقت ۽ حالات پٽاندڙ مسلسل ڪالم لکندو رهيو آهيان، جيڪي رڪارڊ تي موجود آهن.
    سوال: اوهان جي اهڙي خواهش جيڪا پايه تڪميل تائين نه رسي هجي؟
    جواب: منهنجي سڀ کان وڏي خواهش، جيڪا پوري نه ٿي سگهي نه ئي پوري ٿيڻ جو ڪو امڪان آهي، سا آهي ته ملڪ ۾ ڪو اهڙو ادبي ادارو قائم ٿئي جيڪو شاعرن جي بهترين ڪلامن/گيتن کي تڪي توري سينسرشپ جي Process مان گذاري، ڪيسٽن ۾ ۽ ٽي وي چينلز تان ڳارائي ته جيئن ڪيسٽن ۾ ايندڙ واهيات ۽ تڪبندي واري شاعري کان ٻولي ادب ۽ قوم کي بچائي سگهجي ۽ ڪيسٽن جي ڪمپنين تي ضابطي جي ڪارروائي ڪري ته هو بازاري شاعري نه ڳارائن.
    سوال: سنڌي ادبي سنگت جي باري ۾ يا ان جي ڪارڪردگي جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
    جواب: ادب کي جيڪڏهن سياست، مذهب، فرقي ۽ علائقا وار تعصبي قيد کان آجو ڪجي ته پوءِ اسان وٽ صرف نج ادب بچندو ۽ نج اديب ۽ شاعر بچندا، جن کي صرف پنهنجي ٻولي ۽ وطن لاءِ حب هوندي ۽ درد هوندو. هاڻي ته اديب شاعر سنڌي ادبي سنگت کي سياسي آکاڙي طور استعمال ۾ آڻي رهيا آهن ۽ کين ٻولي ۽ قوم سان ڪابه محبت نه رهي آهي. هو سياسي شاطرن جي هٿن ۾ رانديڪا بڻجي کيڏجي رهيا آهن ۽ چند ٽڪن جي عيوض پنهنجي ضمير جو سودو ڪري رهيا آهن، بقول دادن فقير جي:
    لڏي ويا ڇڏي ويا وفادار ماڻهو،
    بچيا باقي بيدرد بيڪار ماڻهو

    ان مسئلي جو حل صرف ان ڳالهه سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اسان سنڌي ادبي سنگت جي گُرگ واٺن جي پوئواري ڪرڻ بجاءِ، انهن کي پنهنجي حال تي ئي ڇڏي ڏيون ۽ کين اڪيلو ڪري ڇڏيون ۽ ان Level جون ٻيون انجمنون قائم ڪيون ته جيئن سندن هڪ هٽي ختم ٿئي ته جيئن هو منهن ڀر ڪِرن.
    سوال: نئين ٽهي جي لکڻين جي باري ۾ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
    جواب: نئين ٽهي ان لحاظ کان تمام خوشنصيب آهي جو انهن کي Dish, T.V يا اليڪٽرڪ ميڊيا کان علاوه پرنٽ ميڊيا ذريعي بين الاقوامي علم و ادب، شعر و شاعري موسيقي وغيره وغيره گهر ويٺي پهچي رهي آهي. باقي کين کي صرف محنت، مطالعي ۽ ادبي لاڙي جي سخت ضرورت آهي. سو شاعري ۾ ڇڙواڳ نثري نظم يا آزاد نظم لکڻ کان پرهيز ڪن، ڇو ته جنهن کي ڳائي ئي نه سگهجي، اهو شعر شاعري جي زمري ۾ نه ٿو اچي.
    اخبارن کي به گهرجي ته هو سواءِ غزل، گيت، نظم، وائي، ڪافي رباعي کان علاوه ٻي شاعري نه شايع ڪن. ان سان نوجوان شاعرن ۾ محنت جو رجحان وڌندو ۽ ٻولي جي ادبيت ۾ واڌارو ٿيندو. بهرحال نئين ٽهي ۾ Talent تمام گهڻو آهي، صرف ان کي تربيتي ادارن جي ضرورت آهي.
    سوال: اوهان جي پسند جا شاعر ۽ پسنديده فنڪار ڪهڙا آهن؟
    جواب: پنهنجي پسند جي شاعر جي باري ۾ چوڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي، ڇو ته سنڌ ۽ هر ننڍي توڙي وڏي عام توڙي خاص، معروف توڙي غير معروف شاعرن جي شاعري جي ڪنهن هڪ ڪلام يا سندن ڪلام جي ڪنهن هڪ ٻن بندن / سٽن منهنجي دل کي ڇهيو ۽ موهيو آهي. شاعري زمان ۽ مڪان جي قيد کان بلند آهي. ان ڪري دنيا جي هر زبان جي شاعري ۽ شاعر به مون کي ڀلو ۽ سٺو لڳندو آهي. اهو ئي ساڳيو حال ڳائڻن سان به لاڳو آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ڪاش! لتا منگيشڪر، محمد رفيع جهڙا ڳائڻا سنڌ اندر پيدا ٿين ها ۽ هزارين لکين سنڌي ڪلام ۽ گيت ڳائن ها ۽ باقي شاعرن جي باري ۾ سنڌي شاعرن کان مايوس ناهيان. شاهه لطيف، شيخ اياز، سچل سرمست (سچيڏنو)، بيدل، بيڪس، سامي، ۽ ٻيا عظيم شاعر دنيا جي ڪنهن به وڏي شاعر جي مقابلي واري صف ۾ آڻي بيهاري سگهجن ٿا.
    سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
    جواب: مان ائين چوندس ته زندگي جي حرڪت ۾ برڪت آهي. ۽ حرارت ئي زندگي آهي. واجبي شرارت به زندگي آهي. عشق محبت به زندگي آهي. زندگي هڪ جاءِ تي ڄمي نه ٿي بيهي، ان ڪري انسان ماضي جي يادن کان پاڻ ڇڏائي اڳتي پنهنجو سفر روان رکي ۽ پاڻ کي مصروف رکي ته بهتر ٿيندو ته جيئن کيس ڏکن، ڏولاون، پريشانن کان نجات ملي. زندگي جو مقصد هئڻ گهرجي ۽ منهنجي نظر ۾ زندگي جو مقصد وطن، قوم ۽ ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۽ ان جي خدمت ڪرڻ وارن جي خدمت ڪرڻ ۾ پوشيده آهي.
    سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟
    جواب: ادا! منهنجو فقط اهو ئي پيغام آهي ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مايوس ۽ پريشان حال Talented اديبن ۽ شاعرن جي پرگهور لهجي ۽ سندن پرگهور هن طرح لڌي وڃي ته بهتر ٿيندو.
    1. انهن جي ادبي ڪاوشن کي ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ڪرايو وڃي ۽ سندن انٽرويو وٺي سندن تصويرن سان شايع ڪيو وڃي.
    2. سندن ڪلامن کي ريڊيو T.V ۽ ڪيسٽن ذريعي ڳارائي عام ڪيو وڃي ۽ معقول معاوضو پڻ ڏياريو وڃي.
    3. سنڌ جي گمنام ۽ بي پهچ شاعرن ۽ اديبن جي مالي سهائتا ڪئي وڃي ۽ سندن مفت علاج وغيره جو سٺو بندوبست هجي، سندن هر حال ۾ عزت نفس مجروح نه ٿئي ته جيئن سندن دل ۽ دماغ هر دٻاءَ کان آجا رهن ته جيئن هو شعر و ادب جي سمنڊ جي پاتال مان ناياب موتي ميڙي عوام اڳيان آڻي پيش ڪن.

    چڱو ساٿ سلامت


    عبدالغفار تبسم


    BRIEF INTRODUCTION
    عبدالغفار تَبَسُم

    پورو نالو: عبدالغفار
    ادبي نالو: عبدالعفار تَبَسُم
    ولديت: قادر بخش ڀٽي
    جنم تاريخ: 20 نومبر 1951ع.
    جنم هنڌ: ڳوٺ ميرپور ڀُٽو نئون ديرو، لاڙڪاڻو
    تعليم: ايم – اي (آءِ- آر) M.A (I.R)
    نوڪري سرڪاري ملازمت
    ڇپيل ڪتاب: شاعري جي شروعات: گُلن جهڙا ڳل (شاعري) 69/1968ع ۾، مٽيءَ جا سُر (شاعري)، شفق وارا ڇانورا شاعري (ٻه ڇاپا)، سوچون، صحرا، سراب (شاعري)، زندگي تنهنجا رنگ هزار (نثر آمريڪا جو سفر نامو)، نيڻن جي آڳر ۾ (شاعري)، تنها ڪنڌيءَ مسافر (شاعري ٻه ڇاپا)، هو جي جوڀن ڏينهڙا (آٽو بايوگرافي (1) (نثر)، اُڀ هيٺان اڃارا گيت لڇن. (شاعري)، موسيقي موسم ۽ تبسم (شاعري)
    اڻڇپيل ڪتاب: آمريڪا جو سفر نامو پارٽ I ۽ II تيار آهن.
    يورپ ۽ فار ايسٽ
    نظمن جو هڪ ڪتاب ۽ جيون ڪٿا حصو ٻيو.
    ڇپائي هيٺ ڪتاب: خط ۽ تقريرون ۽ ٻيو ڪتاب قطعن، بيتن، ٽه سٽن تي مشتمل آهي.
    مڃتا ايوارڊ / ريوارڊ مليل:
    1. “Production of the world Sindhi institution of Washington” طرفان منهنجي سنڌي شاعريءَ جي سي ڊي (C.D) موتين مالها آمريڪا طرفان رليز ٿي. 2. سنا Sindhi Association of North America (SANA) طرفان ايوارڊ، 3. عبرت اخبار ايوارڊ Best Poet of 2000، 4. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ طرفان، 5. اڳواڻ پبليڪيشن طرفان، 6. ڊاؤ ميڊيڪل ڪاليج طرفان ۽ ان کان علاوه ڪيترائي ننڍا وڏا ايوارڊ.
    مڪمل شاعريءَ جون رليز ٿيل ڪيسٽون:
    1. چانڊوڪيءَ جا مسافر (داتا پروڊڪشن)، 2. همسفر (داتا پروڊڪشن)، 3. منهنجا حسين خواب (برکا پروڊڪشن)، 4. سانوڻ ۽ ساجن (ناز ڪلاسڪ)، 5. اُداس (لوڪ فنڪار پروڊڪشن)، 6. بيقراري (پارس پروڊڪشن)، 7. دردن جي دنيا (سچل پروڊڪشن)، 8. دل جون صدائون (سچل پروڊڪشن)، 9. منهنجا گيت (ڪنول پروڊڪشن)، 10. ڪلهه رات ڪو سپني ۾ آيو AMI اولڊ از گولڊ (لوڪ فنڪار پروڊڪشن).
    سي ڊيون:
    1. موتين مالها – آمريڪا مان 2. چانڊوڪين جا مسافر- داتا 3. لال جون ڳالهيون- ناز ڪلاسِڪ.

    سوال: تبسم صاحب: توهان کي هيستائين ڪيترا ۽ ڪهڙا فنڪار ڳائي چُڪا آهن ٿورو تفصيل ٻُڌائيندا؟
    جواب: مون کي اندازو ناهي ته ڪيترن ۽ ڪهڙن فنڪارن مون کي ڳايو آهي، ليڪن جيترن جا نالا ياد آهن اُهي توهان کي ٻُڌايان ٿو.
    استاد محمد يوسف، جلال چانڊيو، رحمان مُغل، وحيد علي، فوزيه سومرو، حُميرا چنا، ديبا سحر، ثمينا ڪنول، ڪنول نظاماڻي، مهتاب بلوچ، شهنيلا علي، صائمه منظور، منظور سخيراڻي، شمن علي ميرالي، انور حسين وسطڙو، امداد علي وسطڙو، غلام شبير سمون، ماسٽر اياز علي، محمد حسن، ممتاز علي لاشاري، محمد حنيف لاشاري، واحد بخش لاشاري، الهڏنو جوڻيجو، مظهر حسين، ذوالفقار علي، احمد مُغل، عاشق نظاماڻي، غلام علي سنديلو، غلام علي سمون، الطاف سمون، امداد علي ميراڻي، ماسٽر منظور، رياض سومرو، الطاف سمون، امداد علي ميراڻي، ساگر سنڌي، برڪت علي، صادق فقير، سجاد يوسف، ضامن علي، اسلم تنيو، عابده خاتنم، بادل راهي، علي مُراد، طفيل سَنجراڻي، عبدالله ڪَڇي، عبدالله پنهور، ٻالڪ سنڌي، اياز قادري، ماريه بلوچ، ديبا ڪنول، حضور بخش ابڙو، خادم حسين سخيراڻي، سرور سخيراڻي، عارف هاليپوٽو، ديدار سومرو، امداد لاشاري، برڪت فقير، شفيق منگي ۽ ظفر علي.
    سوال: ادب جي عظيم دنيا ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو؟
    جواب: شاعري زندگي آ، مون کي جڏهن شعور آيو ته مون سمجهيو ته ڪا شي آهي، جيڪا منهنجي لفظن جو روپ وٺڻ چاهي ٿي. پر سائين جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ جو حادثو ٿيو. ان ڏينهن کان ڄڻ ته هي ڪائنات ٻُسي ٻُسي لڳڻ لڳي ۽ مون ادا جي شان ۾ ۽ هن جي ياد ۾ غزل لکيو هو. جيڪو اڪثر ڪري منهنجو دوست امداد علي ميراڻي جهونگاريندو هو. ائين ئي مان ڀاءُ جي وڇوڙي تي لکندو رهيس ۽ لکندو رهيس.
    اسان نوجوان پنهنجي ڳوٺ ۾ هلڪا ڦلڪا فنڪشنز ڪرائيندا رهندا هئاسين. جهڙوڪ ڀٽائي جي شان ۾ يا وري چوڏهين آگسٽ وارن ڏينهن ۾ حصو وٺندا هئاسين. پنهنجا غزل، گيت پڙهندو هيم، ڪافي داد ملندو هو ۽ ائين ئي حوصلو مليو ته اڃان به لکندو رهان.
    اهڙي نموني سان منهنجو پهريون ڪتاب 69/1968ع ۾ شاعري جو مجموعو، ڇپيو. ۽ پوءِ وري اهڙي نموني سان اظهار جا موقعا ملندا رهيا ۽ مان يونيورسٽي وڃي پهتس ۽ اُتي هڪ دوست هوندو هيو، جيڪو منهنجي شاعري ترنم ۾ ڳائي ٻڌائيندو هو.
    ان کان پوءِ 71/1970ع واري ڏهاڪي ۾ مان جڏهن ڪراچي ۾ هيم ته منظور سخيراڻي مون سان گڏ رهندو هو. ڪاليج جي زماني ۾ ڏاڍا سرگرم هئاسين. ادبي پروگرام ڪرائيندا رهندا هئاسين. ڪن جون ورسيون، ته وري ڪن سان شامون پيا ملهائيندا هئاسين. مرحوم حسين بخش خادم، مصري فقير ۽ مائي ڀاڳي جهڙين عظيم هستين جون ورسيون ملهائيندا هئاسين.
    مهراڻ ادبي سنگت نئون ديرو ۾ سنگت جو سرپرست سائين محمد آچر مخمور هو، جنهن جي رهنمائي ۾ گهڻو ڪجهه سکياسين.
    ان کان علاوه ڊراما، اسٽيج به ڪندا هئاسين ۽ هڪ ڊرامي ۾ منهنجو گيت ڳايو ويو. جنهن ۾ ڪافي داد مليو. ٻه ٽي فلمون به ڪيون. فلم ”برسات جي رات“ ۾ ڪافي نغما منهنجا لکيل آهن، جن کي اڄ به وڏي مڃتا ملي رهي آهي. T.V تي به ڪم ڪيو T.V plays به ڪيا، هيري جي ئي رول ۾ آيس، ڪيترن اداڪارن سان دوستي هئي. نور محمد لاشاري مرحوم، ۽ محمود صديقي گهرا دوست هئا.
    منهنجو پهريون پلي (Play) ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ هليو. جنهن جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هو. هو ويچارو پاڻ ئي ريهرسل به ڪرائيندو هو. هارون بلوچ هن جو Official Assistant هو.
    مرحوم محمد يوسف سان 76/1975ع ۾ منهنجي دوستي ٿي، مرحوم دل جو سچو، مخلص ۽ جان نثار دوست هو.
    مرحوم ريڊئي تي 1976ع ۾ پهريائين پهريائين ٻه ڪافيون رڪارڊ ڪرايون. جنهن ۾ ”اڄ رات نه وڃ“ ۽ ”ڏاڍو ڏيئي ته مون کي آزار ويو“.
    سوال: اوهان گهڻو ڪهڙي صنف ۾ لکيو آهي؟
    جواب: منهنجي شاعريءَ جا جيترا به هيل تائين ڪتاب ڇپيا آهن تن ۾ گهڻائي غزلن جي آهي، ڇو ته منهنجي اظهار جو ذريعو غزل ئي آهن ۽ منهنجي پسنديده صنف به غزل ئي آهي.
    هوءَ سمنڊ ڪناري تي ڪلهه چنڊ ڏسڻ آئي
    هڪ چنڊ تماشو هو هڪ چنڊ تماشائي

    نيڻن جي نهارڻ سان هُنَ چنڊ جُهلايو پئي
    پنبڻين جي هندوري ۾ هُن رات پئي جُهومائي

    سوال: اوهان جو شاعري ۾ ڪو استاد؟ يا اوهان ڪنهن کان باقائدي رهبري ورتي هجي يا وري اوهان ڪن علم عروض جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو هجي؟
    جواب: بلوچ صاحب، سچي ڳالهه اِها آهي ته مان عروض گهڻو ڄاڻان ئي ڪونه. اِها موسيقي ئي آهي، جيڪا منهنجي شاعريءَ لاءِinspiration به آهي ته طاقت به، اها عروضي شاعريءَ کان فِداويه ناهي، پر اِها سچائي آهي جنهن جو مان اعتراف ڪيان ٿو. ابتدائي دور ۾ مهراڻ سنگت هُوندي هُئي، جنهن ۾ ٻين وانگر مان به شاعري پڙهندو هُئس. پر مُون پنهنجي شاعريءَ جي عُروضي اصلاح ڪنهن کان نه ورتي. آءٌ وري به اهو چوان ٿو ته جيڪڏهن منهنجي شاعريءَ جي سکيا جو ڪو ادارو آهي ته اهو موسيقي ئي آهي. مان ته ڏاڍو خوش قسمت آهيان ڇو ته منهنجي صحبت، شيخ اياز، استاد بخاري کان ويندي ذوالفقار راشدي ۽ امداد حسيني تائين هئي. اهي سڀ منهنجا اتساهيندڙ رهيا آهن. شيخ اياز سان اڪثر ڪچهريون ٿينديون هيون. هو واقعي مهان شاعر هو. اسان هن جو قدر نه ڪيو، هيءَ ڌرتي واقعي اسان کي ڪڏهن به نه بخش ڪندي. اياز کي شايد انهن کان شڪايت هئي، جيڪي اياز تي گند اڇلائيندا رهيا. بقول اياز جي ته:
    هيءَ ڀونءِ نه ايندي ڀانءِ،
    الا مان اڏري ويندو سانءِ

    هڪ دفعي شيخ اياز صاحب، ابراهيم جويو صاحب وارا منهنجي ماما عبدالعزيز ڀٽي وارن وٽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ آيا. ان وقت مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مون فخر محسوس ڪيو، جڏهن مون شيخ اياز صاحب سان هٿ ملايو، هي اهو دور هيو. جتي عظيم نعرن جي گونج هوندي هئي. ڪير جيئي، سنڌ جيئي، ۽ مون کي اياز جو گيت ياد اچي ويو.

    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو،
    سهندو ڪير ميار او يار
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.

    ان کان پوءِ اياز سان مسلسل ڪراچيءَ ۾ملاقاتون ٿينديون رهيون. آفيس ۾ ٻه ٽي دفعا فون ڪندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مان هن کي فون تي نه ملندو هئس ته پيغام ڇڏيندو هو ته، ”گهر وڃي ته مون کان ٿيندو وڃي“.
    سوال: اوهان اياز جي ايڏو ويجهو هوندي به هن عظيم پارکو ۽ ڄاڻو کان ڪڏهن به علم عروض جي متعلق نه ڳالهايو.؟
    جواب: سائين اهو بلڪل سچ آهي، مان کڻي پنهنجي بدبختي سمجهان يا وري ڪو عجيب اتفاق ئي سمجهان ته اياز سان ايترا سال گڏ رهڻ جي باوجود به شاعري جي فن جون ڳالهيون نه ڪيون ۽ نه وزن بحر تي عبور حاصل ڪري سگهيس.
    سوال: شاعري جي وصف اوهان جي نظر ۾ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ ۽ شاعريءَ کي ڇا سمجهندا آهيو؟
    جواب: شاعري هڪ الهامي جذبو آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو حساس آهي ۽ ان سان گڏ هو شاعر به آهي، ته هو خوردبين جيان هر شيءِ ڏسي سگهي ٿو ۽ هر ڪا ڳالهه محسوس ڪندو آهي. بقول سعيد ميمڻ جي ته،

    صدين تائين پهچي ٿي ان جي نظر،
    ڪلاڪار کي جي ملن ٿيون اکيون.

    شاعري ذريعي ئي ماڻهو پنهنجي اندر جي ڪيفيتن جو اظهار ڪري ٿو. جهڙوڪ: معاشري جا ڏک، سور، اندر جا اڌما، اذيتون، رنجشون جيڪي اسان جي پلئي پون ٿيون ۽ هڪ شاعر اهي سڀ شيون محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ انهن اڌمن ۽ احساسن کي لفظن جو روپ ڏيئي تخليق جي دنيا سان روشناس ڪرائي ٿو. پوءِ اهو ان ڏات ڌڻيءَ تي منحصر آهي ته هو انهن شين کي ڪيتري/ڪهڙي نموني سان ٻاهر ڪڍي اچي ٿو.
    ”استاد“ جي وڏي خوبي عوامي شاعري هئي. هن وساريل لفظن ۾ نئين جان وڌي. اهڙي سهڻي نموني سان اهي لفظ استعمال ڪيا. اهو هڪ شاعر جوئي ڪمال آهي. اصل ۾ شاعر جو ڪم آهي ته هو معاشري ۾ ٿيندڙ ظلم جي خلاف قلم کڻي، اها شاعر جي ئي ذميواري آهي ته هو ٻولي کي جياري، ٻولي تي ڪم ڪري. ٻولي تي لکي، باقي ٺلهو ڪافيا، رديف ملائي، رات پيٽ ۾ شاعر ٿيندڙ ته تمام گهڻا آهن. جن جي ڪيسٽن جون ٻوريون ڀريون پيون آهن.
    سوال: اوهان ڪهڙن شاعرن کان يعني سينيئر اديبن ۽ پنهنجي همعمر شاعر دوستن جي لکڻين کان متاثر آهيو؟
    جواب: سائين مان هر ان اديب کان متاثر آهيان جيڪو ديس لاءِ ۽ هن ڀونءِ لاءِ لکي ٿو. باقي، مون کي قمر شهباز، امداد حسيني، شمشير الحيدري، تاجل بيوس، وفا ناٿن شاهي، آڪاش انصاري، محسن ڪڪڙائي، احمد خان مدهوش ۽ ٻيا ڪيئي دوست آهن جيڪي سٺو لکن ٿا.
    سوال: اسان جي نئين ٽهيءَ جي باري ۾ اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
    جواب: اسان جي نئين ٽهيءَ مان ئي بيدل ۽ بيڪس پيدا ٿيڻا آهن، ڪيئي اياز ٿيندا. مان نئين ٽهيءَ جي نون خيالن کان متاثر آهيان، مان تقريبن سنڌي سڀ رسالا ۽ تقريبن اخبارون نظر مان ڪڍندو آهيان. اسان جي نئين ٽهيءَ جي لکڻين ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙا خيال ۽ فڪر جنم وٺن ٿا، جو مان سوچيندؤ آهيان ته ”اسان جيڪي ڳالهيون پنهنجي وهيءَ ۾ نه لکي سگهياسين، اهي عظيم خيال اڄ جو نوجوان ڏات ذريعي لکي ٿو“ سنڌي ادب اسان کي نئين ٽهيءَ ۾ ڏاڍا سٺا شاعر ڏنا آهن. مان هتي ڪنهن ڪنهن جا نالا کڻان.
    سوال: سنڌي ادبي ميڙاڪن ۾ ڇا اوهان جو وڃڻ ٿيندو آ؟ اوهان ڪيئن محسوس ڪندا آهيو؟
    جواب: ادا! ڏاڍيون محبتون ملنديون آهن. ايڏو پيار ۽ ايڏي محبت شايد ئي ڪنهن جي حصي ۾ آئي هجي. پر تنهن هوندي به سڀئي گڏجاڻيون هڪجهڙيون نه هونديون آهن. هر سال سائين سچل جي ادبي مشاعري ۾ دعوت ملندي آهي ۽ مان خوشي سان شرڪت ڪندو آهيان. جتي وڏا وڏا مدبر، اديب، مفڪر، شاعر ۽ ادب دوست ايندا آهن.
    ڪٿي ڪٿي وري اهو گروپ به هوندو آهي، جيڪو سينيئر شاعر اديبين تي چٿرون، ٽوڪون ۽ هوڪرا به ڪندو آهي ۽ مشاعري جي روح کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اصل ۾ اهڙا ادب دوست ته نه هوندا آهن، بلڪ انهن کي ادب دشمن ئي چئي سگهجي ٿو. جيڪي ڪنهن اديب جي پٽڪي ۾ هٿ وجهڻ وقت، اهو ڪڏهن به نه سوچيندا آهن ته اهو عزت وارو پٽڪو ڪنهن ڌاري جو نه بلڪ پنهنجو ئي آهي.
    سوال: غفار صاحب! ڇا اوهان سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي کان مطمئن آهيو؟
    جواب: سائين عرض آ ته توهان هي ڏاڍو ڏکيو سوال ڪيو آهي، هاڻ ڇا هي ته سنڌي ادبي سنگت اها تنظيم آهي. جنهن جو بنياد اياز قادري، شيخ اياز، شمشير الحيدري ۽ گوبند مالهي جهڙن عظيم انسانن وڌو هو. تنظيم ڪا به بُري نه هوندي آهي پر ان کي هلائڻ وارا ڪڏهن ڪڏهن ان جي لائق نه هوندا آهن ۽ ان جي برعڪس هوندا آهن. هي واحد تنظيم آهي جيڪا اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. باقي رهيو سوال ته ان جو مختلف وقتن ۾ مختلف ڪردار ڪهڙو رهيو آهي. هينئر تنظيم اها ناهي رهي جيڪا اياز جي وقت ۾ هئي. ان جو ذميوار وقت، حالات، اسان جو ماحول ۽ اسين پاڻ به آهيون. سنڌي ادبي سنگت کي ته تمام گهڻو ڪم ڪرڻو کپندو هو. اسان جا اهڙا جهونا شاعر جيڪي غربت ۽ مفلسي ڪري اڄ تائين پنهنجو ڪلام نه ڇپرائي سگهيا آهن. تنظيم کي گهرجي انهن جو ڪلام واري واري سان ڇپرائي ۽ اگر ڪو فنڪار ۽ شاعر ويچارو بيمار آهي ته ان جي مالي مدد به ڪري. ائين نه ٿئي جو رڳو پنهنجا ڪتاب ڇپرايا وڃن ۽ پنهنجي منهن ميان مٺو ٿيندو رهي. تنظيم سان گڏ خود احتسابي به ٿيڻ ضروري آهي. تاج جويو منهنجو سٺو دوست آهي. پڙهيل لکيل آهي. ڏاڍو سٺو ڪم ڪري رهيو آهي پر هن کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي. ۽ ان ڪري هن جي مٿان اڃان به وڌيڪ ذميواريون عائد ٿين ٿيون.
    سوال: اوهان جي لکڻ جو ڪو وقت مقرر آهي يا جڏهن به خيال آيو ته قلم بند ڪري ڇڏيندا آهيون ؟
    جواب: صحبت صاحب! لکڻ لاءِ ته ڪو وقت مقرر ناهي هوندو اوهان به ڄاڻو ٿا. اوهان به اديب ۽ شاعر آهيو. ان ڪري انهن شين کان بخوبي واقف آهيو. باقي لکڻ لاءِ ته صبح، شام، منجهند، رات، ڏينهن، جهڙ، مينهن، ڪنهن به وقت ڪو خيال اچي سگهي ٿو پوءِ کڻي ماڻهو ننڊ ۾ هجي يا جاڳ ۾.
    سوال: اوهان کي هڪ ذاتي سوال ڪيان ٿو ؟
    Being a poet, did you ever fall in love?
    جواب: مرڪندي، سائين! مان ته چوان ٿو ته عشق ئي ته آهي جيڪو هڪ عام سادي سودي ماڻهو کي شاعر بڻائي ٿو. ان ڪري جيستائين شاعري ۾ رومانس نه آهي، شاعري شاعري نه آهي. پر وري مزاحمتي شاعري عشق کان بهتر آهي. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به ڌرتي تي شاعر آهن اهي سڀ منهنجي خيال ۾ عشق جي ئي پيداوار آهن. منهنجو هڪڙو گيت برڪت علي ڳايو هو.

    جيڪي تبسم عشق واريون، شوق مان ڪافيون چوي،
    سي مان سارو جهنگ جهر ڦرندو ڳائيندو وتان.

    مطلب ته بلوچ صاحب! عشق کان سواءِ انسان اڻپورو ۽ خالي پوپو آهي.
    سوال: ؟منظور سخيراڻي اوهان کي ڪافي ڳايو آهي. اوهان جي شاعري جون نجي ڪيسٽون به ڪيون اٿس، ان لاءِ اوهان کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. اوهان اهو فرمايو ته ايتري شهرت اوهان کي ڪيئن ٿي لڳي.
    جواب: سچ ته مان ڏاڍو خوشقسمت آهيان انهي معاملي ۾، جو سنڌ جي مشهور راڳين مون کي گهڻو ڳايو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته مون کي عوام پسند ڪيو آهي. ان لاءِ هڪ ته راڳين جي وسيلي منهنجي شناخت ٺهي آهي، جيڪا منهنجي ذاتي ملڪيت آهي. مان ته ڪجهه به ناهيان، اهي سڀ محبتي ماڻهن جون محبتون آهن. جيڪي مون سان پيار ڪن ٿا.
    هڪ دفعي لاڙڪاڻي شهر جي مشهور ”سپنا“ هوٽل ۾ پروگرام رٿيو ويو هو. جنهن ۾ دوستن ڏاڍي همت افزائي ڪئي هئي ۽ سڪ، چاهت مان مون کي سونو تاج پارايو هو. پر مان پوءِ به اڄ سوچيان ٿو ته ڪاش! مان انهن جو ڀرم رکي سگهان! شهرت ته اچڻي وڃڻي شي آهي، ماڻهوءَ کي ڪڏهن به ان تي فخر ۽ وڏائي نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي ڪا وڏائپ ۽ ٽرڙائپ محسوس ڪري“ ڇو ته Pride will have a fall يعني هٺ مارائيندڙ آهي.
    سوال: جڏهن ڪا سونهن “Beauty” ڏسندا آهيو ته ڇا محسوس ڪندا آهيو؟
    جواب: سڄڻ! روح جي سچائي کي سونهن چوندا آهن. انسان ڪيڏو نه خوبصورت آهي، اگر هن جو روح سچو آهي. نه ته دنيا ۾ ڪجهه به نه آهي. هي ڪائنات به سونهن، حُسن ۽ خوبصورتي جي ڪري ئي ته اسان توهان کي وڻي ٿي، نه ته هت ڇا رکيو آهي.
    ان ڪري مان سونهن ڏسندي سڪون محسوس ڪندو آهيان ۽ تازو توانو ٿي ويندو آهيان.
    سوال: وزن بحر/ علم عروض جي اوهان وٽ ڪيتري اهميت آهي؟
    جواب: ادا! جيئن ته مون اڳ ۾ ئي مٿي ٻڌايو ته علم عروض جي اهميت هئڻ گهرجي، پر آءٌ انهيءَ واٽ کان بچي هلندو آهيان، ڇو ته منهنجي اندر ۾ لئي يا رڌم مقرر آهن، جيڪي منهنجي شاعريءَ ۾ مدد ڪندا آهن، پر مان وزن جي خلاف ناهيان. اتفاق آهي منهنجي ان معاملي ۾ ڪابه مشق نه رهي آهي. عبدالڪريم سنديلي صاحب جي به ڪٿي ڪٿي رهبري ورتي آهي. وڏن وڏن شاعرن جي صحبت به نصيب ٿي آهي. پر الائي ڇو ننڍي هوندي کان انهيءَ وزن بحر جي ور نه چڙهيو آهيان.
    سوال: زندگيءَ جو يادگار واقعو ۽ نه وسرڻ وارا لمحا؟
    جواب: منهنجي والدين جو وڇوڙو ۽ منهنجي ڀاءُ جو حادثو، اهي اهڙا واقعا آهن، جيڪي منهنجي ذهن جي پاتال ۾ لٿل آهن. جيڪي شايد ڪڏهن به نه نڪرن. منهنجو والد صاحب گذاري ويو. ان جو وڇوڙو برداش کان ٻاهر هو ۽ ائين لڳندو هو ته ڪٿي مان به گذاري نه وڃان. ان ڪري اهي وڇوڙا، تعزيتون، اسان شاعر ماڻهو ڪِٿي ٿا برداش ڪري سگهون.
    سوال: تبسم صاحب! اوهان جي اردو اديبن سان لکپڙهه وغيره يا ڪو رابطو آهي ؟
    جواب: نه سائين. ان معاملي ۾ مان ڏاڍو سست آهيان ۽ ان ڪري مان انهن سان ڪو خاص رابطو نه رکي سگهيو آهيان. هندو اديبن سان البت هڪ جاءِ تي ملاقاتون ٿينديون آهن. سا جاءِ آهي ”سنڌي سدائين گڏ“ جنهن جو روح رهاڻ ساٿي عطا محمد سنڌي هيو، جيڪو ويچارو گذاري ويو. هيءَ تنظيم دبئي ۾ آهي، جيڪا هر سال فيبروري مارچ ۾ هند توڙي سنڌ کان ٻه اديب گهرائيندا آهن ۽ ان سان گڏ ٻه فنڪار به گهرائيندا آهن. جن کي هو پاڻ وٽ 15 ڏينهن رهائيندا آهن. 1992ع ۾ مون کي ۽ گوبند مالهي کي گهرايو ويو هو. جڏهن ته فنڪارن ۾ غلام شبير سمون ۽ منظور سخيراڻي هئا.
    سوال: پڙهندڙن لاءِ، سنڌ واسين لاءِ، ڪو پيغام ڏيندؤ ؟
    جواب: دوست! مان خاص پنهنجن شاعرن ۽ لکيڪ ڀائرن کي چوندس ته شاعري هڪ الهامي امانت آهي، ان ڪري ان جو بلڪل تقدس ۽ ڀرم رکن. پنهنجي موضوع ۾ درد پيدا ڪريو ۽ دنيا جو ڏک پنهنجو ڏک سمجهو ۽ محسوس ڪريو. ڌرتيءَ لاءِ لکو ۽ ڌرتيءَ لاءِ پڙهو ۽ ڌرتيءَ لاءِ جيئو ۽ ڌرتيءَ لاءِ مرو.


    جيئي سنڌ

    عبدالغفار تبسم

    غزل


    سوچن جي سرحدن تي ليڪا ها اوپرا،
    ساگر جي خاموشين ۾ سڏڪا ها اوپرا.

    هُن ڀي نه چيو، نه ڪي هِن، ٽاڪيو وڌي بٽڻ کي،
    هو ٻئي اَنا جي دنگ تي بيٺا ها اوپرا.

    ڳاڙهين اڇين اکين مان ناسي پئي نير ٽميا،
    اڄ وِسوسن جا هُنَ وٽ اُجهڪا ها اوپرا.

    هُنَ چيو هُو دير ورندو، هِنَ چيو توهانجي مرضي،
    هڪ ٻئي سان اڄ ٻنهن جا لهجا ها اوپرا.

    هو ويو ته دَرُ ڀيڪوڙي ليٽي رهي پڌر ۾،
    گهرَ جي اُداسين جا نقشا ها اوپرا.


    تعارف : بلوچ صحبت علي

    ادبي نالو: بلوچ صحبت علي

    اصل نالو: صحبت علي
    ولديت: محمد يعقوب لُنڊ
    جنم تاريخ: پهرين جنوري 1974ع
    جنم هنڌ: ڇاڻو شاهه آباد محله دادو، سنڌ
    تعليم: بي ايس سي، ايل ايل بي، ۽ ايل ايل ايم ڪراچي يونيورسٽي
    ڪرت: وڪالت، (وڪيل هاءِ ڪورٽ)
    ادب ۾ ابتدا: سال 1995ع کان
    ادبي سڃاڻپ: شاعر، ڪالم نگار، مترجم ۽ ڪهاڻيڪار

    ڇپيل ڪتاب:

    1. Progressive General Vocabulary & Structure (English Grammar) 2000 (First Edition).
    2. Burning issues of present time (current affairs) 2003.
    3. Let’s love grammar (English Grammar) 2004.
    4. Musawar Dictonary (for Children) 2004.
    5. New international English (for kids) 2004.
    6. Teach me (A guide for class VI) 2004.
    7. Teach me (A guide for class VII) 2004.
    8. Teach me (A guide for class VIII) 2004.
    9. سيتا جا سدا بهار ماڻهو 2004.
    10. البرٽ آئنسٽائن جي جيون ڪٿا (ترجمو) 2006.
    11. سوجهرن جا سفير (ڀاڳو پهريون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2006.
    12. سوجهرن جا سفير (ڀاڳو ٻيون) سنڌ جي برک شاعرن جا انٽرويوز 2018.
    13. توکان پوءِ (شاعري).
    14. ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ (شاعري).
    15. خط خوشبوءِ جهڙا (بشير سيتائي جا لکيل خط).

    ايندڙ ڪتاب:
    1. جيئن توکي وڻي (شاعري).
    2. ٿامس ايڊيسن جو ترجمو.
    3. سنڌي انگريزي پهاڪا.
    4. Progressive General Vocabulary & Structure (English Grammar) 2018 (Second Edition).

    وابستگيون: چيف انسٽرڪٽر (انگلش لينگويج)
    پراگريسو انگلش فائونڊيشن دادو سال 1995ع کان 1999ع تائين.
    چيف ايڊيٽر/انچارج سرجڻهار پبليڪيشن دادو، 1995ع کان اڄ تائين.
    ايڊيٽر: ماهوار ”ماروي“ دادو.
    جوائنٽ ايڊيٽر: ماهوار ”جياپو“ ڪراچي 2006.
    سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جو سيڪريٽري.

    مستقل پتو: ڇاڻو شاهه آباد، محله دادو
    اي ميل ائڊريس: alisuhbat@yahoo.co.uk
    balochsuhbat@hotmail.com


    بئڪ ٽائيٽل صفحو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 865
    ڪتابن جو مشاهدو: 2388277
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 610160
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ