ڪتاب جو نالو: اڌوريون خواهشون!
مصنف: ساجد حسين سومرو
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 12 نومبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 819 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 169 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن مجموعي جو ليکڪ نئين ٽهيءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ساجد حسين سومرو آهي.
سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • مهاڳ : دردن جي دستاويز جهڙيون ڪهاڻيون!
  • سماج جي تصوير ڪشي ڪندڙ نوجوان ليکڪ!
  • ڏهرڪي جو اڀرندڙ ليکڪ
  • ماروئڙن جي اهنجن جو وڪيل
  • ساجد جنهن جو قلم تلوار جيان هلي ٿو
  • باغي ذهن
  • ليکڪ پاران
  • ڪھاڻيون

  • فقير سائين جي دعا
  • اڌوريون خواهشون
  • سرڪاري اسپتال
  • فيسبوڪي دوست جو وڇوڙو
  • انڌو عقيدو
  • ڪمپني جي ڪال
  • ميلو 
  • قسمت
  • محسوساتي ڪيفيت
  • نتيجو
  • فراق
  • سياسي ڀوتار
  • انتقامي ڪاروائي
  • اختصاري ڪهاڻيون

  • بي زبان جو انت
  • شاعر جي ڌيءِ
  • ڀٽڪيل غيرت
  • سوچ
  • صحافي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئو ڪتاب ” اڌوريون خواهشون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن مجموعي جو ليکڪ نئين ٽهيءَ جو نوجوان ڪهاڻيڪار ساجد حسين سومرو آهي.
    سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي.
    ساجد حسين سومري جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھن ڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آن لائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا ساجد، سنڌ سلامت سٿ اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو. اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر (اعزازي)
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام.
    Sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مهاڳ : دردن جي دستاويز جهڙيون ڪهاڻيون!

    مهاڳ : دردن جي دستاويز جهڙيون ڪهاڻيون!

    آئون ڪائناتي لقائن بابت انتهائي گهٽ معلومات رکندڙ شخص آهيان. مون کي بس ايتري سُڌ آهي ته هَن ڪائنات ۾ ٻه شيون ڏاڍيون قديم آهن. هڪ حضرت انسان ۽ ٻيو انهي جو درد جيڪو صدين کان ساڻس گڏ آهي. اِنهي درد حضرت انسان کي جيڪا ڪامل ترقي نصيب ڪرائي آهي. سو بنھ ڪمال جي ڳالھ آهي. دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿا. هڪڙا ماڻهو پنهنجي مٿان ڏاڍ، ظلم، جبر ۽ بي واجبي کي انتهائي آساني سان خاموش ٿي ڪري برداشت ڪري وڃن ٿا ۽ اُنهي وارتا خلاف ٻڻڪ به ٻاهر نه ڪڍندا آهن. اهڙن ماڻهن جي خاموشي استحصالي قوتن کي سگهارو ڪندي آهي. اِنهي جي برعڪس وري ٻيا ماڻهو نه صرف پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم، بلڪ آس پاس توڙي معاشري ۾ برپا ٿيندڙ هر هڪ نقصان ده عنصر جي نشاندهي ڪري انهي خلاف مزاحمت ڪن ٿا. اِها مزاحمت، اِها بغاوت يا ته تقريري انداز ۾ هجي ٿو يا وري تحريري انداز ۾. اظهار جا هِي ٻئي نمونا پنهنجي جاءَ تي سُٺو اثر ڇڏيندڙ آهن. اِنهي نموني ساجد حسين سومري به پنهنجي جهاد جو جيڪو نمونو اختيار ڪيو آهي سو تحريري آهي.
    مون جڏهن هن مجموعي ۾ موجود ڪهاڻيون پڙهيون ته مون کي محسوس ٿيو ته واقعي هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ سندس ڪهاڻيون ڪُل ملڪيت هجن ٿيون. ڇو ته انهن ڪهاڻين ۾ ڪهاڻيڪار جا خواب سمايل هوندا آهن. سندس حسرتون سمايل هونديون آهن. محبوب کي ڪجھ ڏوراپا ڏنل هوندا آهن. سماج خلاف ڪجھ ڪروڌ اظهاريل هوندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار جڏهن ڪهاڻي لکندو آهي ته سڀني کان پهريان هو پنهنجي پاڻ کي انهي ڪهاڻي ۾ تحليل ڪندو آهي. پنهنجي عقيدي، عقل، ڏاهپ کي پاسي تي رکي ھُو ٻين جي زبان ٿي پوندو آهي. ٻين تي ٿيل ظلم جي داستان کي بيان ڪندو آهي. اِهڙي نموني تڏهن ئي وڃي ڪري سندس ڪهاڻيون ٻين جي دلين ۽ دماغن تي حاوي ٿينديون آهن ۽ انهن تي ديرپا اثر ڇڏينديون آهن. ساجد جون ڪهاڻيون به ڪجھ اھڙي ئي نموني جون ڪهاڻيون آهن. هنن ڪهاڻين ۾ ڪردار نه صرف ڳالهاين ٿا پر سماج اندر نفرت ڀري ريتن ۽ رسمن خلاف اعلان بغاوت ڪندي نظر اچن ٿا.
    سنڌي ادب ۾ هن وقت کوڙ سارا تخليقڪار طب آزمائي ڪري رهيا آهن. هڪڙا شعر و شاعري واري جهان ۾ گم آهن ته ٻيا وري محبوبن جي قصيده گوئي ۾ گم آهن. تمام ٿورا اھڙا ليکڪ آهن جيڪي پاڻ کي ڇڏي ڪري پنهنجي معاشري تي مشاهداتي نظر رکيون ويٺا آهن ۽ انهن جي هر هڪ لکڻي ۾ معاشري جو عڪس ۽ اولڙو چٽو نظر اچي ٿو. انسان کي جيڪڏهن رب تعاليٰ لکڻ، سمجهڻ ۽ فڪر ڪرڻ واري واٽ ڏيکاري آهي ته بهتر آهي ته ماڻهو ٻين لاءِ فڪرمند رهي، ٻين جي دردن جو ڀرجهلو ٿئي. پنهنجي ڏات ۽ قلم کي ٻين جي راهن هموار ڪرڻ لاءِ وقف ڪري. ساجد حسين سومرو سنڌ جي اهڙي ضلعي سان تعلق رکي ٿو جنهن ۾ عوام الناس جي قسمت جا فيصلا اُتان جا واڳ ڌڻي مطلب سردار ڪندا آهن. جيتوڻيڪ پاڻ سڀئي آهيون ته هڪ ئي قوم جا فرد پر انهي جي باوجود به ساڳي قوم کي ٽُڪرن ۾ ورهائي جهڙي نموني مونجهارن ۽ تضادن جي ور چاڙهيو ويو آهي سو بنھ ڏک ڏيندڙ ڳالھ آهي.
    ساجد حسين سومرو اِهڙي المناڪي سماج ۾ هوندي قلم وسيلي جيڪا جدوجهد ڪئي آهي ۽ جهڙي ريت ڀوتارن ۽ انهن جي ڪمدارن جي اک ۾ ڪنڊو ثابت ٿيو آهي سا ڳالھ فخر لائق آهي. اڄ جي نوجوان کي به ساجد حسين سومرو وانگر بي باڪي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. پنهنجي علم، ڏات ۽ عقل و فهم وسيلي کيس وقت جي فرعونن سان جنگ جوٽڻ کپي. ڇو ته پڙهيل لکيل ۽ باشعور طبقي جي خاموشي لاشعور ۽ جابر طبقي کي اڃا وڌيڪ مستحڪم ڪندي آهي ته ھُو مظلومن تي پنهنجو ڏاڍ ۽ ظلم جاري رکن. ساجد حسين سومرو جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن سي دردن جي دستاويز جهڙيون ڪهاڻيون آهن. سندس ڪهاڻيون انتهائي سادي اسلوب سان لکيل آهن. جنهن ڪري ادب دوست توڙي عام ماڻهو جي فهم ۾ جلدي سمجهڻ جوڳيون آهن. ڪهاڻي کي انتهائي آسان هجڻ به گهرجي ته جئين عام ماڻهو انهي مان ڪجھ پرائي سگهي. اجايو ڪهاڻي کي نه تويل ڪرڻ گهرجي. نه اُن ۾ گهڻي ڳُجھ رکجي ۽ نه ئي انهي ۾ ڳُتيل لفظ اُتڻ گهرجن.
    دنيا جهڙي رفتار سان ترقي ڪري رهي آهي. انهي رفتار جي آڌار تي پنهنجو معاشرو جهڙوڪ پورو ته نه ٿو لهي پر انهي جي باجود به پاڻ دنيا سان گڏ هلڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. انهي ڪوشش جي عيوض اڄ اسان وٽ عام رواجي شين ۾ جدت پڻ آئي آهي. انهي جدت اسان جي سوچن ۾ پڻ نواڻ آندي آهي. اِها نواڻ جڏهن قلم وسيلي ڪاغذن تي جنم وٺندو آهي ته انهي مان گهڻا ئي اونداھ ذهن مستفيد ٿيندا آهن. ڪاغذ ۽ قلم جو جيڪو پاڻ ۾ ناتو آهي سو ناتو اڄ جو نه بلڪ صديون پراڻو ناتو آهي. اِنهي ناتي دنيا ۾ حيران ڪن تبديليون رونما ڪرايون آهن. اڄ جو انسان چاهي ٿو ته کيس هر هڪ شئي انتهائي مختصر وقت ۾ ملي ۽ وڏي ڳالھ ته اِها آهي جو جيڪا شئي موصول ٿئي سا خود به مختصر کان مختصر هجي.
    اِنهي تجربي ۽ سوچ، ڪهاڻي کي به مختصر ڪهاڻي جو روپ ڏنو. اسان وٽ پهريان تويل ڪهاڻي لکي ويندي هئي. اڳتي هلي اُها مختصر ٿي ۽ کيس اختصاري ڪهاڻي سڏيو ويو. وقت جي مناسبت سان سئو اکري ڪهاڻي جنم ورتو وري هاڻ ته دنيا ايتري ترقي ڪري ورتي آهي جو اِها ڪهاڻي فليش فڪشن ٿي چڪي آهي. يعنيٰ ڪئميرا جي پهرين جيڪا چمڪ هجي ٿي انهي کي فليش چئبو آهي. فليش فڪشن مطلب هڪ چمڪ ۾ پورو قصو سمجھ ۾ اچي وڃي. ڪهاڻي جي اِها ترقي تاريخ جي ورقن ۾ سونهرن لفظن سان درج ڪئي ويندي. ڪهاڻي جي صنف ۾ مون گهنگار به هڪ تجربو ڪيو آهي جنهن کي مون نالو ڏنو آهي ”ڪائونٽر ڪهاڻي“. هاڻ ڏسڻو اِهو آهي ته مون طرفان شروع ڪيل انهي ڪهاڻي واري انداز کي ڪيتري وقت ۾ ترقي ملي ٿي ۽ ان تي ڪيترا دوست طب آزمائي ڪن ٿا.
    ڪجھ عرصو پهريان سنڌ اندر هڪ وڏو بحث شروع ٿيو. هتي جيڪي مها اديب ۽ مها ڪهاڻيڪار طور سُڃاتا ويندا آهن تن ڪانفرنسن ۾ اهو چوڻ شروع ڪيو ته سنڌ اندر ڪهاڻي مري رهي آهي. مطلب ڪهاڻي جي صنف ڪمزور ٿي رهي آهي. جڏهن مون هي ڳالھ ٻڌي ته آئون حيرت ۾ پئجي ويس. انهن ڪهاڻيڪارن کي صرف اِها خام خيالي هئي ته ڪهاڻي صرف اُهي ئي لکي سگهن ٿا باقي پوري سنڌ اندر سڀئي ماڻهو ڪهاڻي لکڻ کان اڻ واقف آهن. اڙي بابا توهان جي لکڻ يا نه لکڻ، توهان جي هجڻ يا نه هجڻ سان نه ئي ڪا صنف تباھ ٿيندي ۽ نه ئي ڪهاڻي ڪڏهن مرندي. ڇو ته ادب ۾ جڏهن به ڪو نوجوان داخل ٿيندو آهي ته اهو نظم ۾ پهريان غزل لکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن نثر طرف ايندو آهي ته سڀ کان پهريان ڪهاڻي لکڻ شروع ڪندو آهي. ان لاءِ ڪهاڻي بابت اجائي غلط فهميون ۽ مونجهارا پيدا نه ڪريو.
    سنڌ اندر هن مهل ساجد حسين سومرو سميت جيڪي به نوجوان مستقل مزاجي سان لکي رهيا آهن سي نه صرف ڪهاڻي لکن پيا، بلڪ ڪالم، مضمون، تنقيد توڙي تحقيق واري ميدان ۾ به پاڻ ملهائن پيا. اهڙي خوشگوار ماحول جي هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن پاڻ کان پوءِ سڄي سنسار کي اونداھ تسليم ڪجي ته يقينن اهو عمل شعوري عمل ته ڪونه هوندو. ڪتاب جي ڇپائي کان وٺي ڪري اخبارن، رسالن ۽ ٻين اشاعتي مرحلن ۾ اڄ به پنهنجا نوازي واري راويت برقرار آهي. جنهن سبب سنڌ جا ڪافي تخليقڪار گهڻو ڪجھ هجڻ جي باوجود به ڄڻ ڪجھ ڪونه آهن. ڇو ته انهن جي تخليق کي ماڻهن جي آڏو اچڻ جو موقعو ئي ڪونه ملندو آهي. گهڻا ته وري مون اھڙا به ڏٺا آهن جن کي اشاعتي وسيلن جي ئي مڪمل ڄاڻ ڪونه آهي. جنهن سبب به اُهي پوئتي رهجي ويا آهن. سنڌ اندر لاعلمي هڪ وڏو الميو آهي. جيڪو تخليقڪار کي کائيندو ٿو وڃي.
    ساجد حسين سومرو به ڳچ عرصي کان علم ۽ ادب سان سلهاڙيل هڪ باشعور نوجوان آهي. سندس تحريرون خواھ ڪهاڻيون هجن يا ڪالم، هن ڌرتي جي دردن جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن ڪتاب ۾ موجود سندس سڀئي ڪهاڻيون جيتوڻيڪ ڪهاڻي جي فن جي حوالي سان ڪجھ ڦڪيون، مٺيون ٿي سگهن ٿيون پر سندس سوچ ۽ فڪر مان اِهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته سندس وٽ انفرادي سوچ جي بدران اجتماعي سوچ آهي. جيڪا کيس مسلسل لکڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ هي نوجوان مسلسل لکندو رهندو آهي. ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ سندس پهرين ڪهاڻي ” فقير سائين جي دعا“ ۽ ” ٻي ڪهاڻي ” انڌو عقيدو“ انهي ڳالھ جي شاهدي ڏين ٿيون ته اسان وٽ اڄ به ٻهراڙين ۾ عورتون، توڙي گهٽ پڙهيا لکيا نوجوان جعلي عاملن ۽ فقيرن جي ڪوڙن ڌاڳن، ڦيڻن ۽ ڏٽن تي يقين رکن ٿا. انهي عقيدي الائي ته ڪيترا وسندڙ گهر اُجاڙيا آهن ۽ الائي ته ڪيترن نوجوانن جي خوابن جي غلط تشريع ڪري کين زندگي ڀر دربدري نصيب ڪئي آهي. معاشري جي اهڙن غلطن ريتن توڙي رسمن جي نشاندهي ڪري ماڻهن کي انهي کان آگاھ ڪرڻ هڪ اهل علم ۽ باشعور فرد جو ئي ڪم آهي. اِها ذميواري هڪ اديب، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور تي به عائد ٿئي ته هو ماڻهن کي اونداهي کان خبردار ڪري ۽ روشني جو ڏس ٻڌائي، سجاڳي جو سڏ ڏئي ته جئين سماج ۾ پيدا ٿيندڙ غلط ريتون ۽ رسمون ناپيد ٿي وڃن.
    مون جڏهن ڪهاڻي” اڌوريون خواهشون“، ” سرڪاري اسپتال“ ۽ ” فيسبڪي دوست جو وڇوڙو“ پڙهيو ته آئون حيرت زده ٿي ويس. ڇو ته هنن ٽنهي ڪهاڻين جي انت ۾ جيڪو المناڪ وڇوڙو ڏيکاريل آهي انهي جو بنيادي ڪارڻ روڊ حادثن وسيلي واقع ٿيل ايڪسيڊنٽ آهي. جيڪي اڪثر ٽرالر جي ٽڪر سبب برپا ٿيا آهن. انهي ڳالھ کان قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ڪو اسان وٽ روڊ انتهائي محفوظ آهن ۽ انهن تي هلندڙ وزني گاڏيون ۽ ٽرالر قانون تي عمل پيرا ٿيندي سفر طئي ڪنديون آهن. اسان وٽ ته روڊ موت جو راڪاس آهن. خاص ڪري انهن شهرن لاءِ جيڪي روڊن جي ويجها قائم ٿيل آهن. اتان جي ماڻهن کي گهڻو نقصان کڻڻو پوي ٿو. ڊرائيورن جي انهي لاپرواهين سبب ڪافي امڙين جون جهوليون خالي ٿيون آهن پر هتي حالت اِها آهي جو آئي ڏينهن حادثا ٿيڻ جي باوجود به حڪومت ڪوبه تحرڪ ڪونه وٺندي آهي. سڄي ڀوڳنا صرف جو صرف عوام کي ئي ڀوڳڻو پوندو آهي. هنن ٽنهي ڪهاڻين منهنجي ذهن کي ايترو ته ولوڙيو جو آئون ڪي ئي ساعتون غم واري ڪيفيت ۾ مبتلا رهيس ۽ اِهو سوچيندو رهيس ته هن ڌرتي جو ڀاڳ ڪڏهن سڻائو ٿيندو.
    ساجد حسين سومرو ڪهاڻين ۾ احساس ڀريا آهن. ڪيفيتن کي مختلف رنگن ۾ ڪاغذ تي آڻي ڪري بيهاريو اٿس. سندس مزاج، پسند توڙي نا پسند جي اسان کي اتي ئي پروڙ پئي ٿي ته ھُو ڪهڙي اک سان هن سماج جو جائزو وٺي ٿو ۽ شين کي ڏسڻ لاءِ سندس وٽ ڪهڙا طور ۽ طريقا آهن. آئون ساجد حسين سومرو کي مڪمل طور تي ڪامل انسان ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قطعي ڪونه آهيان. سندس ڪهاڻين ۾ ضرور ڪجھ اوڻايون هونديون، ڪجھ گهٽ وڌايون هونديون. ممڪن آهي سندس ڪا ڪهاڻي توهان کي بنھ پسند نه اچي ۽ ائين به ممڪن آهي ته سندس ڪا ڪهاڻي توهان جي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏي. هاڻ باقي فيصلو توهان پڙهندڙن کي ڪرڻو آهي ته ساجد پنهنجي قلم وسيلي هن ڌرتي جي ڏکن کي ڪيتري احسن نموني سان توهان آڏو پيش ڪيو آهي ۽ توهان انهي مان ڪيترو مسفيد ٿيا آهيو. ڇو ته هر هڪ پڙهندڙ جو هڪ پنهنجو الڳ امتياز هجي ٿو. انهي جو پنهنجو هڪ الڳ مطالعو هجي ٿو ۽ انهي وٽ شين کي سمجهڻ، ڏسڻ ۽ پرکڻ جو هڪ الڳ طريقو هجي ٿو. انهي نموني توهان مهربان جيتري قدر اعتدالي نموني سندس محنت کي تسليم ڪندا تهڙي ئي نموني ليکڪ کي اُتساھ ملندو ۽ سندس محنتن جو ڦل به کيس ملندو.

    سدائين گڏ،
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت.

    يوسف جميل لغاري
    ٺري ميرواھ


    سماج جي تصوير ڪشي ڪندڙ نوجوان ليکڪ!

    سنڌ جي سرموڙ ليکڪ، اديب، ڏاهي ۽ سنڌ پرست محترم عبدالواحد آريسر صاحب پنهنجي ڪتاب "وريا واهرو" ۾ لکيو ته مون ڪٿي پڙھيو آھي ته جڳ مشھور مفڪر ڪارل مارڪس جنهن وقت پنهنجو جڳ مشهور لافاني ۽ لاثاني ڪتاب سرمايو Das Capital لکي رهيو هو ان وقت سندس حال انتهائي مسڪيني وارو هو ان حالت ۾ گذارن لاء اخبار "نيو يارڪ ٽرييون" ۾ هو نامه نگاري ڪندو هو جنهن جي عيوض کيس هفتي ۾ ٻه ڊالر ملندا هئا جن مان هو ڪتاب ڪاغذ ۽ مس خريد ڪري پنهنجو ڪتاب لکندو هو.
    هڪ ڀيري هو لنڊن جي برٽس لائبريري ۾ ويٺو ڪتاب لاء مواد گڏ ڪري رهيو هو ته سندس نوڪرياڻي انتهائي پريشاني جي عالم ۾ اچي چيو ته توهان جو فلاڻو ٻار سڪرات جي حالت ۾ آھي. جيڪڏھن سندس ترت دوا لاء پيسن جو انتظام نه ڪيو ويو ته مري ويندو، مارڪس اها خبر ٻڌي بنا ڪنهن پريشاني جي چيو ته "مرڻ ڏيوس ! آءُ هن وقت اهڙي ٻار کي جنم ڏئي رهيو آھيان جيڪو ڪڏھن به بيمار نه ٿيندو ۽ ڪڏھن به نه مري سگهندو. سندس اشارو پنهنجي ڪتاب ڏانهن هو.
    اهو ڪتاب موجوده دور جي نظرياتي ڪتابن مان سڀني کان وڌيڪ زندگي سان ڀرپور سگهارو ۽ تندرست آھي. سو انهن ڳالهين کي مد نظر رکي ڪري چوڻو ٿو پوي ته بلڪل ڪتاب اولاد سان گڏ هر ماڻهو کان وڌيڪ تندرست چُست تازو توانو ۽ هر وقت دور کان مضبوط ساه واري شئي آھي. جيڪو تاريخ جي ورقن مان هر ڀيري زنده ۽ شادآباد لڳي ٿو، ايئن ئي اسان جو محبوب دوست نئي ٽھي جو ڪهاڻيڪار ليکڪ ساجد حُسين سومرو ڪتاب جي شڪل ۾ ٻار کي جنم ڏنو آھي. جيڪو ڪڏھن به مرڻو نه آھي.
    زندگي جي پهرين ۽ شروعاتي ڪتاب سندس ڪهاڻين تي مشمتل آھي. جيتري قدر ڏور هوندي به مون ساجد حسين سومرو کي ويجهڙائي کان ڏٺو آھي ته غربت جي لڪير ۾ زندگي گهاريندڙ هن دلبر دوست جون لکڻيون خاص ڪري ڪهاڻيون سماج ۾ هلندڙ هيرا ڦيرا ڏکن، ڏولاون، مارا ماري، بيروزگاري دهشت وهشت سان گڏ ٿيندڙ ھر ظلم ستم جي عڪاسي ڪن ٿيون. جن کي ليکڪ ساٿي پنهنجي قلم جي ذريعي هر ڏُک کي ڪهاڻين جي صورت ۾ سهيڙي اسان توهان تائين پهچائڻ ۾ بي لوث ڪوشش ڪئي آھي.
    ساجد حسين سومرو جون لکيل ڪهاڻيون پڙھڻ وقت خبر پئي ٿي ته سندس لکيل ڪهاڻين ۾ غريب، مسڪين ماروئڙن جا درد، پيڙاءُ، اهنج, ڏُک ۽ ڏولاون کي پنهنجو درد سمجهي لکيون آھن. اِهي سڀ اسان جي ماحول جون حقيقي عڪس لڳن ٿيون. هوئن به اهو واضع آھي ته ڪهاڻيون هر ان ليکڪ جي گهر پاڙي ڳوٺ شھر سميت آس پاس ۽ سموري دنيا جي ماحول مان پيدا ٿينديون آھن جن کي ليکڪ پنهنجي قلم جي نوڪ سان پنن تي چٽي ڪڏھن اخبارن زينت بڻائي ٿو ته ڪڏهن وري ڪتابي صورت ۾ مارڪيٽ ۾ آڻي ٿو.
    اسين پُر اميد آھيون ته اسان جي پياري دوست جو ڏکن سان ڀريل ڪهاڻين جو ڪتاب ( جيڪو اوهان سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي پڙهي رهيا آهيو ) جنهن کي پڙھي ڪري اوهان کي ضرور ڪجهه نه ڪجهه حاصل ٿيندو. هون ته گهڻي ڀاڱي ڪو به ليکڪ شھر جي ارد گرد جي مسئلن کي کڙو ڪندا آھن پر ساجد حسين سومرو ڏھرڪي واري پاران گهڻي ڀاڱي ٻھراڙي، ڳوٺن، واهڻ وستين کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ فوڪس ڪيو آھي.
    جيئن هن ليکڪ هڪ ڪهاڻي "انڌو عقيدو" ۾ صاف صاف لکيو آھي ۽ هن ۾ هڪ سسُ ۽ نُهن جي ڪهاڻي آھي ماءُ پنهنجي پُٽ نالي صابو جي زال مٿان الزام ٿي هڻي ته هوءُ تعويذ ڪرائي مون کي پياري ٿي ۽ منهنجي پٽ کي به مون خلاف ورغلائي ٿي آخر جهيڙو وڃي آسمان سان لڳي ٿو پر ڪهاڻي ۾ واقعي صابو صابرين ۽ سندس زال به ماٺيڻي آھي. ايتري قدر جو صابو جي ماءُ سندس زال کي طلاق ڏيارڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پر صابو انڪار ڪري ڇڏيندو آھي، ۽ صابو پنهنجي امڙ جي تعويذن واري ڳالھ کي ڪوڙ سمجهي رد ڪندي امڙ جو علاج ڪنهن سٺي مان اسپتال مان ڪرائي ٿو ۽ آخر بيماري جي سڃاڻپ هيپاٽائيٽس طور ٿئي ٿي.
    هي ڪهاڻي گهري سوچ سان لکيل آهي، هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هي پير فقير سڀ ٺڳي جا ٺاھ آهن. سندس هڪ ڪهاڻي "انتقامي ڪاروائي" جي عنوان سان آهي، هي ڪهاڻي ڳوٺاڻي وڏيري ۽ هڪ استاد بابت لکيل آھي استاد ۽ سندس مائٽن وڏيري کي اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏنا جنهن جو انتقام وٺڻ لاء وڏيرو سرگرم ٿئي ٿو ۽ استاد سميت سڀني ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙيون ايف آئي آريون داخل ڪرايون وڃن ٿيون ۽ ھنن ويچارن جي ڪا به پٺڀرائي نه ٿي ٿئي پوليس جا دڙڪا دهمان به هنن مٿان ٿيندا آھن. هن ڪهاڻي جو حقيقت سان ويجهو تمام گهڻو ۽ گهرو تعلق آھي هي ڪهاڻي باقائدا ٻھراڙي جي ڳوٺن مان جنم وٺندڙ ڪهاڻي آھي.
    جيڪي وڏيرا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان جو ڏاڍو سو گابو آھي واري راند کيڏندا رهن ٿا ڀوتارڪي نظام ۽ اڻبرابري جي ڪري عدل انصاف مسڪينن کي ملڻ مهال ٿي ويو آهي هوئن به ٻھراڙي جي علائقن ۾ ايئن ئي ٿيندو آھي جيئن ليکڪ هن ڪهاڻي کي ساڳي نموني سان پيش ڪيو آھي.
    ”قسمت“ ڪهاڻي کي اگر دل او جان ۽ غور سان پڙھجي ته اکين مان ڳوڙھا ٽمي پوندا ڇو ته هي ڏُکن ڀري ڪهاڻي آھي اولاد ماءُ پيءُ جي پوڙھائپ جو سهارو ۽ آسرو بڻبا آھن پر هتي نوجوان پٽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي پوڙهائپ جو احساس ئي دماغ ۽ دل مان ڪڍي ڇڏي ٿو , هن ۾ ليکڪ هڪ محنت مزدوري ۽ پورهيو ڪندڙ پيرسن پيءُ ۽ پٽ جي باري ۾ لکيو آھي جيڪو واقعي به هن سماج جي عڪاسي ٿو ڪري.
    پوڙھو پيءُ ڪمائي گهنجيل هٿڙن سان محنت مزدوري ڪري گهر هلائي ٿو پر نوجوان پُٽ جي ڪُلهن تي هميشه ڀوت سوار هجي ٿو نه گهر ڏانهن ڌيان ڌري نه ئي وري پيرسن پيءُ لاء دل ۾ احساس آھي جتي وڻيس هليو وڃي جنهن مهل دل چويس گهر واپس اچي آخر گهڻو سمجهائي سمجهائي والدين ٿڪجي پون ٿا پر پوء رڍ جي ٻولي" ٻي" تمام گهڻي ٽائيم ۽ وقت کان پوء هڪ استاد جي اسرار تي مس مس وڃي پنهنجي والدين جو ڀرجهلو ٿئي ٿو.
    هاڻ اهڙن مرحلن مان گذرندڙ ڪيترائي والدين ڏٺا جيڪي اولاد جي هوندي سوندي به پاڻ محنت مشقت ڪري گهر جو گاڏو هلائڻ ۾ مصروف آھن، هن ڪهاڻي جي آخر ۾ ليکڪ پڙهندڙن کي ڇرڪائي وجهي ٿو، هو قسمت جو تعلق انسان سان هرگز نٿو ڏيکاري ۽ هن ئي ڪهاڻي ۾ دليلن سان لکي ٿو ته:
    شاهزيب توکي ته خبر آهي الله پاڪ کي سڀئي انسان پيارا آهن، پوء ڀلا ڪنهن جي قسمت ۾ اميري ڇو لکيائين ۽ ڪنهن جي قسمت ۾ غريبي ڇو لکيائين؟ ڪنهن جي قمست ۾ نماز ڇو لکيائين ته ڪنهن جي قسمت ۾ بي نمازي ڇو لکيائين؟ ڪنهن جي قمست ۾ شراب، ۽ زنا لکيائين ته ڪنهن جي قمست ۾ پرهيزگاري ڇو لکيائين؟
    ڪنهن جي قسمت ۾ قرآن جو حافظ لکيائين ته ڪنهن جي قسمت کي اڻپڙهيل ۽ جاهل ڇو لکيائين؟ هاڻي جيڪڏهن ڪو فرد ڦل اسپيڊ ۾ بي ڌياني ۽ لاپرواهي سان موٽر سائيڪل يا ڪار هلائي ٿو ۽ جڏهن ايڪسيڊنٽ ٿي فوت يا هميشه لاء اپاهچ ٿي وڃي ٿو، ڇا اهو به ان جي قسمت ۾ لکيل هو؟ جيڪڏهن هو احتياط ڪري ها ته ڇو نقصان ۾ وڃي ها.
    ساجد جون ٻيون ڪهاڻيون به سماج هاڻي عڪس ۽ اولڙا پسائن ٿيون، ساجد حسين سومرو پاران لکيل هي ڪهاڻين جو ڪتاب احساسن سان ڀريل لفظ به لفظ مشاهدي ۽ مطالعي سان لکيل آھي جيئن مون گهرائي سان ڏٺو ۽ پڙھيو، نئين ٽھي جي نوجوان ليکڪ جون سڀئي ڪهاڻيون يا گهڻي ڀاڱي ليک اخبارن ۾ پڙھيا جن ۾ هميشه ڪو نه ڪو سبق مليو.
    هون به گهڻي ڀاڱي سماجي مسئلا، سياسي ۽ اقتصادي اڻ برابريون، طبقاتي تضاد سان گڏوگڏ ڪارو ڪاري جي ڪڌي رسم ۽ غربت جي چڪي ۾ پيسجدڙ طبقي انهن موضوعن تي ساجد حسين سومرو لکڻ لاء مجبور ٿي ويو ۽ انهن لکڻين کي محفوظ ۽ مضبوط ڪرڻ لاء ڪتاب جي شڪل ۾ آڻي ڇڏيو آھي ۽ اسين پُر اميد آھيون ته ڀاءُ ساجد حسين سومرو پنهنجي علمي، قلمي ۽ ادبي پورهيئي کي اڻ کٽ خزانو سمجهي لکندو رهندو ۽ دعا آھي ته هي ڪهاڻين جو سندس پهريون ڪتاب سنڌي ادب ۾ سٺو نالو ڪمائيندو.

    حميد شڪيل گوزائي
    خيرپور ناٿن شاهه


    ڏهرڪي جو اڀرندڙ ليکڪ

    ڏهرڪي جو اڀرندڙ ليکڪ

    ساجد حسين سومرو ڏھرڪي جو اڀرندڙ ليکڪ ۽ ڪھاڻيڪار آھي. سندس مطالعي سان بي حد لڳاءُ ڏسي ايئن محسوس ٿيندو آھي تہ ھو مستقبل جو ناميارو فڪشن ليکڪ ٿي اڀرندو. پر ان جي ڪھاڻي مان ھن وقت بہ ڪھاڻي ڪيترن ئي حوالن سان، ڪھاڻي جي گھرج جو پورائو ڪري ٿي پئي. ساجد روزاني زندگيءَ جي معاملن کي ڪھاڻي جو روپ ڏيئي وڃڻ ۾ ڪامياب ويو آھي.
    ھن وقت ھن جو مشاھدو سندس ڳوٺ جا معاملا، مسئلا، واقعا آھن پر اڳتي ھلي ھو ڪھاڻي جا اڪيچار موضوع چونڊيندو ۽ سندس تخليقي سگھ سراڻجي نت نئين موضوعن جي چونڊ ڪندي. ساجد جي سمپل ڪھاڻين جي اھم ڳالھ توھم پرستيءِ وارا موضوع آھن، جن کي ھو ايڊريس ڪندي توھم پرستيءَ کي تخليقي سگھ سان نندي اھو پيغام ڏيئي ٿو تہ جديد ميڊيڪل سائنس ئي سڀني مسئلن جو جوڳو حل آھي. جيئن تہ ھي نوجوان تمام گھڻو لکي ٿو ۽ ڇپجي ٿو، ايترو ئي ھو مطالعو بہ ڪري ٿو، پر ھر فن جي پنھنجي ذھني، فني ارتقا ٿيندي آھي، تيئن ساجد جي فن ۽ فڪشن جي بہ ارتقا ٿيڻي آھي ان لاءِ انکي يقينن مطالعو ۽ محنت جاري رکڻي آھي.
    پر ھن وقت بہ ھن جي ڪالمن، لکڻين ۽ ڪھاڻين کي پنھنجو تخليقي جذبو آھي. مان سمجھان ٿو، ھر ليکڪ پاڻ ئي پنھنجي ادبي، علمي شعور وڌڻ سان پنھنجي تخليقي پورھيي جي ڪٿ ڪري سگھڻ جي اھل ٿيندو آھي. ساجد کي بہ يقينن اھو احساس ھوندو تہ ھو ڪھڙي ادبي اسٽيج تي آھي، پر مان ذاتي طور ھن نوجوان جي ڪالمن ۽ ڪھاڻين جو نہ فقط پڙھندڙ پر پسند ڪندڙ پڻ آھيان. ڇو تہ ڏھرڪي شھر ۾ فڪشن رائيٽر تمام گھٽ آھن ۽ ساجد فڪشن جي چونڊ ڪئي آھي، جيڪو ھر حوالي سان ساراھ جوڳو عمل آھي.

    محمد دين راڄڙي
    ڏھرڪي


    ماروئڙن جي اهنجن جو وڪيل

    ماروئڙن جي اهنجن جو وڪيل

    ﺟڏﻫﻦ کان ادب جي دنيا ۾ ﭘﻴﺮ ﭘﺎﺗﻮ ﺁﻫﻲ، تڏهن ﮐﺎﻥ ﻫﻦ ڪتاب ﺟﻲ ﻣﺼﻨﻒ ﺳﺎﺟﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﺳﻮﻣﺮو جون ڪﻬﺎڻيون، ڪﺎﻟﻢ، ﻣﻘﺎﻻ، ﻣﻀﻤﻮﻥ ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ڪﺘﺎﺑﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﺗﺒﺼﺮﺍ ﻣﺨﺘﻠﻒ، اخبارن، رسالن ۽ ﻣﻴﮕﺰﻳﻨﻦ وغيره ۾ ﭘڙﮬڻ ﻻءِ ﻣﻠﻴﺎ ﺁﻫﻦ. ﺳﺎﺟﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﺳﻮﻣﺮو سنڌي ادب ۾ پنهنجي ﻗﻠﻤﻲ ﭘورﻫﺌﻲ ﺳﺎﻥ هڪ ﺍلڳ سڃاڻپ ٺاهي ورﺗﻲ ﺁﻫﻲ. ﻫﺮ ليکڪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠون لکڻيون اولاد ﺟﻴﺎﻥ پيارﻳﻮﻥ ﻫﻮﻧﺪﻳون آﻫﻦ ۽ ﺍﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﺳﺎﺟﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ لکڻين سان اولاد جيان پيار ڪري، ساھ ۾ سانڍي، ڪتابي شڪل ڏﺋﻲ، اوهان آڏو ﭘﻴﺶ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ.
    ﺳﺎﺟﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﺳﻮﻣﺮو ﺟﻮﻥ ڪهاڻيون ﺣﻘﻴﻘﺖ تي ﻣﺒﻨﻲ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮﻥ ﺁﻫﻦ ۽ وٽس ﻟﮑڻ ﺟﻮ ﺍﻫڙﻭ ﺗﮧ ڏانءِ ﺁﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻟﮑﻴﻞ هر ڪﻬﺎڻي ﮐﻲ ﺁﺧﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ پڙهڻ ﮐﺎﻧﺴﻮﺍءِ روح ﺋﻲ نه رهي، ۽ ﺍﺋﻴﻦ لڳندو آهي ڄڻ ڪنهن هٿ کان پڪڙي ويهاري ڇڏﻳﻮ ﻫﺠﻲ. ﺳﺎﺟﺪ ﺟﻲ ﻫﺮ ڪﻬﺎڻي ۾ سماج ﺟﻲ عڪاسي ٿيل هوندي ﺁﻫﻲ، ﺳﺎﺟﺪ ﺣﺴﻴﻦ سومرو ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻮﺿﻮﻋﻦ ﺗﻲ ڪﻬﺎڻيون لکيون ﺁﻫﻦ، هو پنهنجي ڪهاڻين ۾ سنڌي قوم ﺟﻲ ڏﮐﻦ، پيڙائن، ڏﺍڍ، ﻇﻠﻢ، ﺟﺒﺮ ﺟﻲ عڪاسي ڪري ﻗﻠﻢ ﺟﻲ ﻧﻮڪ ذيريعي ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﺳﻤﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ. سندس ﻫﺮ ڪهاڻي ﻧﺼﻴﺤﺖ ڀري هوندي ﺁﻫﻲ ۽ ﺳﺎﺟﺪ ﺟﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﮬﺮ ڪهاڻي ۾ ڪو ﻧﮧ ڪو ﻣﻘﺼﺪ ضرور ﮬﻮﻧﺪﻭ ﺁﮬﻲ ۽ ﮬﺮ ڪهاڻيڪار سماج ۾ جيڪو ڪجھ ڏﺳﻦ ۽ ﭘﺴﻦ ٿا ﺗﻦ ﮐﻲ ﻟﻔﻈﻲ ﺟﺎﻣﻮ ﭘﮭﺮﺍﺋﻲ ڪهاڻي ﺟﻲ صورت ۾ ﭘڙﮬﻨﺪڙن آڏو ﭘﻴﺶ ڪﻦ ٿا.
    ﺳﺎﺟﺪ سنڌ ﺟﻮ ﺳﭽﻮ سپوت ﺁﮬﻲ ۽ هن هر گهڙي هر جاء سنڌ ﺟﻲ ﮬﺮ ننڍي وڏي ﻣﺴﺌﻠﻲ ﺗﻲ لکي ڌرتي ڌڻين ﺟﻲ اهنجن، پريشانين، ۽ پيڙائن کان نجات ڏيارڻ لاء ﻭڪالت ڪئي ﺁﮬﻲ ﺳﺎﺟﺪ ﺟﻲ ﮬﻤﻴﺸﮧ ﺍﮬﺎ ئي ﺧﻮﺍﻫش رهي ﺁﮬﻲ ﺗﮧ سندس ادبي ﻗﻠﻤﻲ ﭘورﮬﺌﻲ ﮐﻲ هڪ ڪتاب ﺟﻲ شڪل ڏﺋﻲ ﻧﮧ صرف ﻣﺤﻔوظ ڪجي ﭘﺮ سنڌي ﻗوم ﮐﻲ ﭘڙﮬڻ ﻻء به ڏﺟﻲ ﺗﮧ ﺟﻴﺌن اسان ﺟﻮ ﻧئون ﻧﺴﻞ ﮬﻲ ڪﮭﺎڻيون پڙهي ۽ ﺍﻧﮭﻦ مان ﺳﺒﻖ ﺣﺎﺻﻞ ڪري ﺳﮕﻬﻲ، ﺍلله ﭘﺎڪ ﮐان دعا ٿو ڪريان ﺗﮧ ﺳﺎﺟﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﺳﻮﻣﺮو کي اڃان وڌيڪ لکڻ ﺟﻲ ﺗﻮﻓﻴﻖ ادا ڪري.

    حاڪم ﻋﻠﻲ ﭼﺎنڊيو / دادو


    ساجد جنهن جو قلم تلوار جيان هلي ٿو

    ساجد جنهن جو قلم تلوار جيان هلي ٿو

    ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين انساني زندگي سان ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ ڪھاڻي جو گھرڳ تعلق رھيو آھي. پر مختلف وقتن تي ان جي شڪل يا بناوت ۾ فرق ايندو رھيو آھي. اسان وٽ نثر جي ڀيٽ ۾ نظم تمام گھڻو لکيو پيو وڃي، پر ان سان گڏوگڏ نثر کي به چڱي خاصي وسعت حاصل آھي. اھو ڪالمن، ڪھاڻين ۽ مضمونن جي صورت ۾ اسانجن پراڻن ڪھاڻيڪارن ۽ ڪالم نويسن سان گڏ نوجوان دوست بہ نثر ۾ پاڻ ملھائي رھيا آھن.
    در اصل ڪھاڻيڪار کي ڪھاڻي لکڻ وقت گھڻ پاسائون خيال رکڻو پوي ٿو.
    ڪھاڻي ۾ اظھار جي آزادي، منظر نگاري، دک درد، معاشرتي اوڻايون،ڪلائيمڪس ۽ ڪھاڻي جو معياري ھجڻ.!مطلب تہ سڀني رخن تي نظر رکي ڪھاڻيڪار ڪھاڻي سرجي ٿو.اسان وٽ ڪيترا ئي نوجوان ادبي کيتر ۾ پنھنجون پنھنجون ذميواريون نڀائي رھيا آھن. انھن نوجوانن ۾ ڏھرڪي جي پسگردائي جو محبوب دوست، پيارو ساٿي ساجد حسين سومرو بہ پنھنجي قلم جي نوڪ سان ادبي کيتر کي زرخيز ڪرڻ لاءِ ڏينھن رات ڪوشان آھي.
    ھن دوست اٿندي ئي پنھنجي قلم کي اسانجي سماج ۾ ٿيندڙ ڪڌين رسمن، ٿيندڙ نہ انصافين، ۽ بڇڙاين سان جنگ جاري رکڻ جي ذميواري سونپي ڇڏي آھي.
    ھن جي ڪھاڻين جو ڪتاب،اڌوريون خواهشون، اميد اٿم تہ سنڌي ادب ۾ جدا حيثيت ۽ نالو پيدا ڪندو.


    حافظ محمد بخش (ملزم سومرو)
    ڳوٺ حافظ بخشڻ سومرو
    ڏھرڪي


    باغي ذهن

    باغي ذهن

    نوجوان ساجد حسين سومرو ادب جي ميدان ۾ شروعاتي قدم کڻندڙ ھڪ باغي ذهن آھي. جنهن ننڍي وهي ۾ ھن سماج کي پرکڻ، پروڙڻ ۽ سمجهڻ جي بغاوت ڪري ککرن ۾ کڙو هنيو آھي. هن سماج ۾ يا ته ماڻھو انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو هجي، يا ته هيٺ ڪنڌ ڪيو بي ضمير ٿيو ظلم زيادتيون برداش ڪري خاموش تماشائي بڻجي وڃي يا وري مزاحمت ڪري؟ سو ان سماج کي بدلائڻ لاءِ بغاوت ڪرڻي پوي ٿي. ان بغاوت جا لاتعداد گس پنڌ ۽ پيچرا آھن. انهن مان هڪ پنڌ لکڻ به آھي. جيڪو گس اسان جي پياري نوجوان ساجد حسين سومري به چونڊيو آھي. هاڻ ڏسجي ته هو ان منزل سان ڪيترو نڀاھ ڪري ٿو.
    بنيادي طور ساجد نثر جي دنيا جون ماڻھو آھي. بهتر ادب سرجڻ لاءِ بهتر ادب پڙھڻ جي سخت ضرورت آھي. ساجد جون ڪهاڻيون هن سماج جي حقيقي مسئلن کي نروار ڪن ٿيون، ڪڌن ڪردارن کي اگهاڙو نانگو ڪن ٿيون. سندس باغي خيال شاندار آھن. پر ڪهاڻي لکڻ کان اڳ کيس سنڌ جي ناميارن ڪهاڻيڪارن کي ضرور پڙھڻ گهرجي. ادب جي ميدان ۾ تڪڙبازي بجاءِ گهري سوچ ويچار ۽ سنجيدگي سان وڌندڙ قلم ڌڻي پنهنجي ٻولي کي شاندار ادب ارپيندا آھن.
    ساجد حسين سومري مان به اهڙي اميد ڪيون ٿا. مستقبل ۾ ساجد پنهنجي لکڻين ۾ سنڌ، سنڌو ڌرياھ، وطن جا مزدور هاري پورهيتن جي مسئلن کي اڃان به وڌيڪ اجاگر ڪندو.

    جيئي سنڌ

    محب ڀيل
    4 نومبر 2019ع


    ليکڪ پاران

    ليکڪ پاران

    سنڌ جيڪا ماضي ۾ امن پرست، سرسبز ۽ شاهڪار هئي، سنڌ جنهن سائنس کي تخليق ڪيو، اڄ اها سنڌ دنيا ۾ ڪاميابي ۽ امن امان جي ڀيٽ ۾ ڪافي پٺتي آهي، اڄ ان سنڌ جي ماروئڙن مٿان فطري ۽ غير فطري ظلم ٿيندو رهي ٿو، اڄ ان سکي ستابي سنڌ جا ماروئڙا لولي لاء رلندا ۽ ڀٽڪندا ٿا وتن، اڄ اها سنڌ انڌن عقيدن ۾ جڪڙيل آهي، اڄ ان سنڌ جا ماروئڙا پنهنجي وطن ۾ جلاوطن آهن، اڄ اها امن پرست ڌرتي مسئلن جو مجموعو آهي، ماضي ۾ شاهڪار ۽ حسناڪ هن ڌرتي جو حسن اجاڙڻ ۾ وقت جي حڪمرانن جو ئي هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ جنهن جي هٿن ۾ سنڌ جون واڳون آهن انهن هميشه سنڌ کي اجاڙڻ ۾ ڪا گنجائش ناهي ڇڏي، انهن سنڌ کي برباد ڪيو آهي ۽ سنڌ جي فطري حسن کي تباھ ڪيو آهي.
    مان وقت جي حڪمرانن جو سنڌ طرف ڌيان ڇڪائڻ لاء سنڌ جي مسئلن تي سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ مسلسل لکندو رهندو آهيان، منهنجا ڪالم هر روز ڪنهن نه ڪنهن اخبار جي زينت بڻيل هوندا آهن، مون کي سنڌ جا سور ڪا هڪ ساعت سک ۽ سانت سان سمجهڻ نٿا ڏين، تڏهن مان راتين جي اوڄاڳن جو فائدو وٺندو آهيان، ۽ موبائيل هٿ ۾ کڻي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن مسئلي تي لکندو رهندو آهيان، رات جي سانت ۾ لفظن جي ديوي مون مٿان مهربان ٿي پوندي آهي ۽ لفظ منهنجي سامهون رقص ڪندا آهن، تڏهن مان محسوس ڪندو آهيان ته ڄڻ منهنجي سامهون لفظن جو هڪ وڻ آهي ۽ مان ان وڻ مان سٺا سٺا لفظ پٽي پنهنجي تحرير ۾ تحليل ڪندو آهيان، مان سنڌ جي سورن کي لفظن جو روپ ڏئي ڪڏهن ڪالم ته ڪهاڻي جي صورت ۾ مختلف اخبارن ۾ ڇپرائيندو آهيان، ۽ جڏهن منهنجي لکڻي اخبار ۾ شايع ٿيندي آهي ته فيسبوڪ تي اپلوڊ ڪندو آهيان دوست منهنجي لکڻي کي پڙهندا آهن بعد ۾ داد به ڏيندا آهن ۽ اها داد مون کي اڳتي لکڻ لاء اتساهيندي آهي.
    سچ ته اهو آهي نه مان ڪڏهن پاڻ پڏايو آهي ۽ نه ئي ليکڪ سڏايو آهي، بس هي ته دوستن جي مهرباني آهي جنن مون کي ليکڪ جو لقب ڏنو آهي، مان ته بس سنڌ جي سورن کي قلم جي قط سان قيد ڪريان ٿو، ۽ پنهنجي لکڻين ذريعي ڪرپٽ ۽ نااهل حڪومت جو ڌيان ڇڪايان ٿو، ڇان ڪيان جيڪڏهن مان ظلم ۽ ڏاڍ تي نٿو لکان ته مون کي اندر جو انسان ڀونڊا ڏي ٿو.
    مسلسل ڪالم لکڻ کانپوء منهنجو ڪهاڻي لکڻ ڏانهن لاڙو ٿيو، مان پهرين ڪهاڻي "سرڪاري اسپتال" جي عنوان سان لکي، لکي نه بلڪ لکجي وئي، ڇاڪاڻ ته هي ڪهاڻي فرضي نه پر حقيقي آهي، هن ڪهاڻي جو ڏک منهنجو انفرادي ڏک آهي، هن ڪهاڻي ۾ جيڪو ڪجھ به لکيل آهي سمورو سچ آهي، هي هڪ سچي وارتا آهي جنهن کي مون ڪهاڻي جو ويس پارايو آهي، هي ڪهاڻي هلال پاڪستان جو حصو پڻ ٿي چڪي آهي، هن ڪهاڻي ذريعي مون سرڪاري اسپتال جي ڊاڪٽرن جي ڪارگرگي کي به نروار ڪيو آهي ته ساڳئي وقت حڪومت جي نااهلي کي پڻ عيان ڪيو آهي، هي ڪهاڻي جڏهن مون سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪئي ته ادبي دوستن ۽ سينئر ڪهاڻيڪارن پاران مون کي سٺي موٽ ملي، ان کان بعد ڪهاڻي لکڻ ڏانهن منهنجو وڌيڪ شوق پيدا ٿيو.
    منهنجي ٻي ڪهاڻي جيڪا باعنوان "فيسبوڪي دوست جو وڇوڙو" آهي هي ڪهاڻي پڻ حقيقت تي مبني آهي، هن ٻنهي ڪهاڻين ۾ تذڪرو ڪيل درد ۽ پيڙاء کي مون ڀوڳيو آهي، منهنجون ٻيون ڪهاڻي فرضي ۽ تصوراتي آهن، مون پنهنجي ڪهاڻين ۾ عام اديبن جيان اجاين ۽ اوپرن لفظن جو استعمال هرگز ناهي ڪيو، هڪڙا ماڻهو ڇا ڪن ٿا جو پنهنجي تخليقن منجھ اهڙا ته پراسرا لفظ لکن ٿا جو عام فرد ته ڇا پر ڪو ڏاهو به سمجهڻ کان قاصر رهي ٿو، اهڙا ماڻهو رڳو شهرت جا بکيا آهن، مان پنهنجي ذات جي هروڀرو تشهير نٿو ڪرڻ چاهيان، منهنجي ڪهاڻين ۾ لفظ بنھ سادا ۽ هر فرد کي سمجھ ايندڙ آهن، مان پنهنجي ڪهاڻين ذريعي سماج تي تنقيد ڪئي آهي، انڌن عقيدن، ۽ رجعت پرست سوچن ۾ جڪڙيل سماج کي سڌارڻ جي ننڊڙي ڪوشش ڪئي آهي، هي منهنجو پهريون پورهيو آهي، ظاهر ڳالھ ڪمي پيشي ته لازمي هوندس، پر مان چوندس ته ڪمي پيشي کي نظرانداز ڪري ڪهاڻين ۾ سمايل حقيقت کي تسليم ڪيو ۽ ان تي عمل پيرا ٿيو. پئسن جي قلت سبب هن مجموعي کي ڪنهن به اداري پاران ناهي ڇپرايو تنهن ڪري هي مجموعو سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي نانء ڪيان ٿو، مون کي اميد آهي ته دوست هن مجموعي کي پڙهي پنهنجي قيمتي رايي کان آگاھ ضرور ڪندا.
    آخر ۾ مان ان محبتي مٺڙي ۽ پياري دوست نوجوان ٽهي جي بهترين ليکڪ سائين يوسف جميل لغاري صاحب جو دل سان شڪر گذار آهيان، جنهن نه فقط هن ڪتاب جو مهاڳ لکيو پر منهنجي هن مجموعي کي به منظرعام تي آڻڻ ۾ منهنجي دلي مدد ڪئي، سچ ته اهو آهي جو هن ڪتاب کي منظرعام تي آڻڻ جو سمورو ڪريڊٽ سائين يوسف جميل لغاري ڏانهن ئي وڃي ٿو، ان کان بعد مان پياري دوستن ليکڪ حميد شڪيل چانڊيو، ليکڪ حاڪم چانڊيو، سينئر ڪهاڻيڪار سائين محمد دين راڄڙي صاحب ۽ سائين محب ڀيل، سنڌ جي سهڻي ڪوي سائين ملزم سومرو جو به شڪرگذار آهيان جنن منهنجي هن مجموعي لاء تاثرات لکيا. سنڌ سلامت سٿ جون پڻ مھربانيون جن منھنجي ھن ڪتاب کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شامل ڪيو.

    دعائن جو طلبگار

    ساجد حسين سومرو / ڏهرڪي
    03083601844


    ڪھاڻيون

    فقير سائين جي دعا



    هو شاخ جي ڪپر تي اداس ۽ پريشان حال ۾ ويٺو هو سندس نظرون شاخ جي وهندڙ پاڻي ۾ ٽڪ ماريون ٻيٺيون هيون، هڪ هٿ ۾ ڀتر جهليون ويٺو هو ته ٻي هٿ سان هڪ هڪ هڪ ڀتر پاڻي ۾ اڇليندو ويٺو هو، منهنجي جيئن ئي حسن تي نظر پئي ته پريشان ٿي ويس، سوچيم اڄ مون واري يارڙي حسن جو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو آهي ڇا؟ سو آئون به حسن ڏي وڌڻ لڳس، حسن ڏي پهچڻ شرط ڪلهي تي هٿ رکي چيو مانس حسن پيارا خير ته آهي؟
    جڏهن اچتو حسن جي ڪلهي تي هٿ رکيم ته حسن جو وڏو ڇرڪ نڪري ويو، اڙي يار ڪاڏهون آئين، سڄو مزو ئي ٽوڙي ڇڏيوئي، حسن ڪاوڙ واري انداز ۾ چوڻ لڳو،.چيومانس پيارا توکي پريشان ڏسي آيو آهيان، خير ته آهي اڄ ڪهڙو کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو اٿئي؟
    چيائين يار منهنجي هڪ سهڻي ڇوڪري سان محبت ٿي وئي آهي، مان ان کانسواء زنده نٿو رهي سگهان. بس دل چئي ٿي اڄ ئي شادي ڪريانس، جيئن سالن جي سڪ هڪ لحظي منجھ لهي وڃن.
    ادا پوءِ وارو ڪر شادي ڪري جان ڇڏائي، ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آ؟
    يار دراصل ڳالھ ٻي آهي؟
    وري ڪهڙي ڳالھ حسن؟
    يار مان ته هن کي ڏاڍو چاهيندو آهيان پر هو منهنجي شڪل ڏسڻ پسند به ناهي ڪندي! چيومانس: يار حسن هڪ ڳالھ ٻڌ، تون به اصل صفا ڪو چريو آهين پيارا مزو آ تڏهن جڏهن محبت ٻنهي پاسي هجي باقي هڪ پاسي واري محبت مطلب پاڻ کي زليل خوار ڪرڻ آهي.
    تون منهنجي ڳالھ کي نٿو سمجهين، حسن چوڻ لڳو،
    ڇا سمجهان ڀلا تون ٻڌائي؟
    يار آئون مجبور آهيان، گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي سڄڻ کي ٺاھڻ لاءِ پيرن، فقيرن، جي پويان لکين روپيا وڃايا اٿم پر پوءِ به منهنجو پرين مون سان سڌ نٿو ڪري، پنڌرهن ڏينهن پهرين جي ڳالھ آهي هڪ فقير بابا ڏي ويو هيس چيومانس فقير سائين منهنجو ڪم ڪيو پئسا اوهان کي منهن منگيا ڏيندس.
    تنهن تي فقير چيو تنهنجو ڪم ڏھ ڏينهن ۾ ٿي ويندو پر مون کي پنڌرهن هزار ڏيڻا پوندئي، سوچيم منهنجو پرين مون سان ڏهن ڏينهن ۾ ٺهي وڃي ته ٻيو مون کي ڇا کپي،مون به خوشي خوشي ۾ پنڌرهن هزار کيسي مان ڪڍي ڏنا، ڪجھ تعويذ ڏنائين ۽ چيائين هي جيڪو تعويذ آ اهو ڇت واري پکي ۾ ٻڌجان.
    چيم فقير سائين ڇت واري پکي ۾ ڇو؟ چيائين هي تعويذ جيئن ئي پکي ۾ ٻڌندي ته پکو هلڻ شرط تنهنجي محبوبا جو مٿو چڪرائيندو، مٿو چڪرائڻ کانپوءِ دل ۽ دماغ ۾ رڳو تنهنجو ئي نالو هوندس، ۽ ڪجھ ڏينهن ۾ تنهنجي محبوبا تنهنجي قدمن ۾ هوندي.
    چيم پوء ڇا ٿيو؟
    بيرازي مان چيائين يارررر فقير ته ڏھ ڏينهن جو وقت ڏنو هو پر اڄ پنڌرهون ڏينهن آهي سڄڻن کي نڪو لهر نڪو لوڏو آيو آهي. وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي آئون کلڻ لڳس، چيم مانس يار واھ جو ٿي اٿئي، معصوماڻي لهجي ۾ چيائين: منهنجي بيوسي تي ٽهڪ نه ڏي ظالم، چيم هڪ سهڻي صلاح وٺ،
    چيائين ٻڌائي سائين:
    پنهنجي بابا کي چئو تنهنجي شادي تنهنجي چاچي جي گهران ڪرائي جان ڇڏائي، باقي هي پير فقير ڦري تباھ ڪندئي، پر ٿيندوئي ڪجھ به ڪونه،
    چيائين يارررر چوين ته سهي ٿو، واقعي به مون کي پيرن، فقيرن، ۽ جعلي بابن، ڦري ڪنگال ڪيو آهي، بس هاڻي ئي آئون وڃان ٿو گهر ۽ چوان ٿو بابا کي ته منهنجي شادي منهنجي چاچي جي گهران ڪرائي.

    مهيني کانپوء حسن خوش خوش نظر آيو، پري کان ڏسي هڪدم مون ڏي ڊوڙندو آيو، ٻٽا ٻٽا ڀاڪر ڀري چيائين يار سڄي عمر دعا ڪندو سانئين،


    اڌوريون خواهشون

    اڌوريون خواهشون

    هو پاڻ ته نه پڙهي سگهيو، پر ننڊپڻ کان ئي دل ۾ خواهش هيس ته وڏي له شادي ڪري پنهنجي اولاد کي تعليم جهڙي طاقتور هٿيار کان واقف ڪرائيندس، هو وڏو ٿيو شادي ڪيائين، پر غربت سبب شادي جي ٻين ڏينهن تي مزدوري تي ويو، ويچاري سليم تي دوست، مٽ، مائٽ، سنگتي، ساٿي، کل، ڀوڳ، پيا ڪن ته يار تون نئي شادي ڪئي آهي فلحال ته مهينو کن گهر مان ٻاهر ئي نه نڪر، ۽ آرام ويهي اسان جي ڀاڀي کي وقت ڏي، سليم جي اکين مان لڙڪ اچي وڃن ٿا، سڏڪا ڀري دوستن کي چوي ٿو. دوستو مون وٽ ايترو پئسو ناهي جو مان ٻه ڏينهن ويهي آرام سان کائي سگهان، جيڪڏهن آئون ڪم تي نٿو وڃان ته منهنجي گهر جو سرڪٽ ئي نه هلندو تنهن تي دوستن به شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪيا.
    شادي کانپوءَ دل ۾ خواهش جاڳيس ته پٽ ٿئي، هاڻي سليم پيرن، فقيرن، برزگن، درگاهن، ۽ مسجدن، مان اها دعا ٿو گهري، ته اي منهنجا پالڻهار هاڻي آئون غربت سبب زندگي کان بيزار ٿي ويو آهيان، اي الله هاڻ مون کي پٽڙو ڏي ته جيئن هو منهنجو ڀرجهلو ٿي منهنجي مدد ڪري سگهي. قدرت الله جي شادي جي چوٿين مهيني کان پوءَ سندس گهرواري اميدواري ٿي ويس، شام جو جڏهن ڪم کان گهر واپس آيو ته امڙ اچي پاسي ۾ ويٺس، ۽ چوڻ لڳس، ابا مبارڪ اٿئي.
    چيائين، خير مبارڪ امان، پر مبارڪ ڇا جي پئي ڏين؟
    امڙ چوڻ لڳس، پٽ منهنجي نهن اميدواري ٿي وئي آهي!
    هن جڏهن اها ڳالھ ٻڌي تڏهن خوشي جي ڪا حد ئي نه رهيس، خوشي وچان کلندو، پڄندو، ڊڪندو، وڃي هوٽل تان مٺائي وٺي آيو، مٺائي وٺي گهر پهتو ته امڙ کي چيائين، امان هاڻي ائين ڪر هي مٺائي پيالن ۾ وجهي ڳوٺ جي هر هڪ گهر ۾ ڏئي اچ.
    هاڻي هن گهرواري جي ڊليوري لاِ پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا، نئون مهينن کانپوء هن جي گهرواري کي پيٽ ۾ درد پيو، سليم به ڪم تان جلدي واپس آيو ۽ بروقت ليڊي ڊاڪٽرياڻي ڏي کڻائي ويس، جيئن ئي اسپتال پهتا ته ليڊي ڊاڪٽرياڻي چيڪ اپ ڪرڻ کان پوِ چيس:
    تنهنجي گهرواري جي اڄ ڊليوري ٿيندي سو به وڏو آپريشن ڪرڻ سان، ڇو ته پيٽ ۾ ٻار به پاسيرو آهي ۽ تنهنجي گهرواري کي خون جي به ڪمي آهي. ڊاڪٽرياڻي هن کي چيو ته هاڻي وقت نه وڃايو جلدي ڪيو خون جو بندوبست ڪيو، هو ويچارو پنهنجي گهرواري ۽ امڙ کي اسپتال ۾ ڇڏي خون جي تلاش ۾ پنهنجي دوستن ڏي راهي ٿيو، آخر گهڻي ڀڄ، ڊڪ، کان پوء A گروپ جو خون به ملي ويس، ڊاڪٽرياڻي خون جون ٿيليون هڻي، چند گهنٽن کان پوء آپريشن شروع ڪيو.
    سليم پريشان حال ۾ آپريشن ٿيٽر جي ٻاهريان دعائون گهري پيو ته خير سان آپريشن ٿي وڃي، نيٺ خير سان آپريشن ٿي ويو، ايتري ۾ آپريشن ٿيٽر مان نرس به هٿ ۾ ٻار کنيون کلندي کلندي اچي سليم وٽ پهتي، ۽ چوڻ لڳي ادا مبارڪ هجيئي الله پاڪ اوهان کي پٽ عطا ڪيو آهي، سليم پنهنجي ننڊڙي پٽ کي هٿن ۾ کڻي اڀ ڏي نهاري چوي ٿو شڪر ٿي منهنجا الله،
    نرس هٿن مان ٻار ڇني چيائينس، پهرين مون کي مٺائي جو هزار روپيو ڏيو ٻار پوءِ ڏيندس، سليم خوشي وچان هزار جي جاءِ تي نرس کي ٻه هزار ڪڍي ڏنا، اسپتال مان ڊسچارج ٿي گهر پهتا، ستين ڏينهن ڇٺي ڪري نالو رکيائون اسلم،
    سليم جڏهن شام جو ٿڪو ٽٽو اچي گهر پهچندو هو ته پنهنجي ننڊڙي پٽ اسلم کي ڏسي ٿڪ ئي لهي ويندا هيس، مسلسل ائين سلسلو هلندو رهيو، اسلم به آخر پڙهڻ جي عمر تائين پهچي ويو، سليم جي خواهش هئي ته منهنجو پٽ پڙهي نوڪري وٺي، سليم پنهنجي پٽ کي ڳوٺ جي ويجهي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، اسلم پنج درجا پنهنجي ڳوٺ مان پاس ڪري ڇهين درجي ۾ شهر جي اسڪول ۾ داخلا ورتي، ڇهين درجي کان ويندي ڏهين تائين شھر جي اسڪول ۾ پڙهيو، اسلم هوشيار شاگرد ٿي اڀريو، هر ڀيري پوزيشن حاصل ڪندو هو، ڏھ پاس ڪرڻ کانپوء ساڳئي شهر جي ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، اهڙي طرح اسلم انٽر به ڪليئر ڪئي، پر غربت سبب اڳتي ڪونه پڙهي سگهيو.
    سليم پنهنجي پٽ اسلم کي اڳتي تعليم نه ڏيارڻ سبب پريشان هو، اسلم کي چيائين پٽ معاف ڪجان آئون غريب آهيان انهيَ لاء توکي اڳتي نه پڙهائي سگهيس، اسلم پٽ تون هاڻي ڪنهن نوڪري جي تلاش ڪر ڇو ته مهانگائي جو دور آهي ۽ گهر جو گاڏو هاڻ مونکان نٿو هلي. اسلم آٿت ڏيندي چيس بابا پريشان نه ٿيو آئون اوهان جو ڀرجهلو ٿيندس، اسلم نوڪري جا ڪاغذات ٺهرائي مختلف شعبن ۾ جمع ڪرائي ايندو آهي، آخر هڪ ڏينهن اسلم جي الله ٻڌي ورتي، اسلم کي هڪ سرڪاري اداري ۾ نوڪري ملي وئي، نوڪري جي خبر جڏهن والد سليم کي پيس ته هن سوچو بس منهنجون خواهشون پوريون ٿي ويون.
    اسلم به نوڪري join ڪري ورتي، 29 ڏينهن کانپوء موبائيل تي Massage آيس ته Congratulation اوهان جي پگهار جاري ڪئي وئي آهي، جنهن مهل دل چاهي National Bank مان پگهار ڪڍرائي سگهو ٿا، اسلم جي دل باغ و بهار ٿي وئي، اسلم بينڪ مان پگهار جا 25000 ڪڍرائي، گهر جي کائڻ پيئڻ جي سامان سميت پنهنجي گهرواري ۽ امڙ جا ڪپڙا ورتا ۽ بقايا پئسن جو سوچيائين ته هي پئسا بابا کي ڏيندس، سامان هٿ ۾ کڻي جڏهن ڪرائي واري رڪشي تي گهر واپس وڃڻ لڳو ته اوچتو ٽرالر ۽ رڪشي ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، اتي موجود ماڻهن ٻنهي زخمين رڪشي ڊرائيور ۽ اسلم کي کڻي سول اسپتال پهچايو، اسپتال پهچڻ شرط معلوم ٿيو ته اسلم زخمن جا تاب نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، اهڙي خبر جڏهن والد کي پوي ٿي ته هو به پٽ جي صدمي ۾ فوت ٿي وڃي ٿو.


    سرڪاري اسپتال

    سرڪاري اسپتال

    عيد ۾ ٻه ڏينهن پيا هئا امتياز ۽ منهنجي عيد جي حوالي سان تياري زور شور سان هئي،
    صبح جو 7 وڳي دروازو کڙڪيو
    پڇيم ڪير؟
    چيائين، ماما مان امتياز آهيان، جلدي تيار ٿي ڪم جي دير ٿي وئي آهي، اڄ هفتو به آهي ڇاڪاڻ ته اڄ هفتي جا ٺيڪيدار کان پئسا به وٺڻا آهن ۽ سڀاڻي عيد جي خريداري به ڪرڻي آهي،
    امتياز چوڻ لڳو
    چيم بس پنج منٽ وڏا آهن هاڻي ٿو تيار ٿيان،
    تيار ٿي ٻاهر نڪتس ته امتياز موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪيون بيٺو هو،
    آ يار جلدي ويھ ڪم جي دير ٿي وئي آ، ٺيڪيدار به ڪاوڙيو بيٺو هوندو،
    امتياز چوڻ لڳو،
    ماما اڄ پئسا ملندا ٻين ڏينهن عيد به آهي پاڻ سنڌ جي ٽوئر تي به هلنداسين وڏو مزو ايندو ماما،
    منهنجو ڀاڻيجو امتياز ٻاراڻيون ۽ عجيب ڳالهيون ڪرڻ لڳو
    ڳالهيون ڪندي ڪندي آخر ڏهرڪي به پهچي وياسين،
    چيو مانس مون کي دوڪان تي ڇڏ تون وڃ ڪم تي،
    چيائين اڄ چانھ پيار صفا ڀلي،،
    مون چيو چانھ جام،
    هوٽل واري ڏي فون ڪري چانھ ۽ بسڪٽ جو آرڊر ڏنم،
    جهٽ گهڙي کان پوِ چانھ ۽ بسڪٽ به اچي ويا،
    امتياز چانھ پي بسڪٽ کائي موڪلائڻ جي ڪئي،
    چيم ٺيڪ آ تون هلي پئو پر شام جو وقتي اچجان ته جئين درزي کان ڪپڙا کڻون ۽ چپل وغيره به وٺون،
    چيائين ٺيڪ آ مان شام جو وقتي ايندس،
    امتياز مزدوري لاِ ميرپور ماٿيلي ڪم تي ويو ۽ مان دوڪان جو شٽر مٿي ڪري دوڪان جي صفائي شروع ڪيم،
    دوڪان جي صفائي ڪري، منهن ڌوئي جئين ئي صوفي تي آرام ڪرڻ لاء ويٺس ته موبائيل جي گهنٽي وڳي،
    ڪال اٽينڊ ڪري پڇيم ڪير؟
    چيائين ڪير کي ڇڏ، جلدي ميرپور سول اسپتال پهچي وڃ،
    چيم ڇو ادا خير ته آهي؟
    چيائين بس خير ناهي تون جلدي پهچ،
    پڇيم وري به ڪجھ ته ٻڌائي،
    چيائين تنهنجو ڀاڻيجو امتياز ۽ ان جا 2 ساٿي ٽرالر جي ٽڪر ۾ ايڪسيڊنٽ ٿي پيا آهن جلدي اسپتال پهچ،۔
    اهڙي افسوسناڪ خبر ٻڌي منهنجي ته پيرن هيٺيان زمين ئي نڪري وئي،
    دوڪان کي اڪيلو ڇڏي موٽر سائيڪل کي ڪڪ هڻي اسپيڊ ۾ ميرپور اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ وڃي پهتس،
    ايتري ۾ اتي موجود ڪجھ دوست منهنجو اڳ جهلي چئي رهيا هئا ته يار هتي ڊاڪٽر ڌيان به نٿا ڏين ۽ نه ئي سهڻي نموني هنن جو چيڪ اپ ڪن ٿا، ڊاڪٽر صرف ايترو چئي کسڪي ويا آهن ته هنن جي ذندگي خطري ۾ آهي ۽ هنن کي جلدي شيخ زاهد هاسپيٽل رحيم يار خان کڻائي وڃو،
    سوچيم هڪ ته امتياز هيو 2 ٻيا ڪير هئا،
    جڏهن ايمرجنسي وارڊ پهتس ته ڏسان پيو هي ته منهنجو سئوٽ آفتاب ۽ منهنجو ويجهو مائٽ اصغر آهي،
    پنهنجي جگرن کي رت ۾ گاڙهو لال ڏسي اندر ۾ ڪپجان، ٽڪجان، ۽ وڍجان پيو،
    دوستن کان پڇيم اسپتال ته خالي پئي آ ڊاڪٽر ڪاڏي ويا؟
    هڪ دوست آڱري جو اشارو ڪندي چيو او هن سامهون واري ڪمري ۾ ويٺا اٿئي،۔
    هڪدم ڊاڪٽر جي ڪمري ۾ ويس،
    چيم ڊاڪٽر صاحب هتي مريض ٽڙپن ٿا پيا ۽ اوهان هتي A/C واري ڪمري ۾ آرام سان ويهي موبائيل جا مزا پيا وٺو،
    چيائين گهڻي ڊيگھ نه ڪر، وڃي پنهنجي مريضن کي رحيم يار خان کڻائي وڃ، جلدي کڻائي وڃ نه ته هنن جا پساھ اتي ئي پورا ٿي ويندء، ڇاڪاڻ ته امتياز کي دماغ وارو ڌڪ آهي ۽ هي ڌڪ تمام خطرناڪ ٿئي ٿو، چيائين ٻين ڏي ته خير آ باقي امتياز جي حالت تمام ڳڻتي جوڳي آهي،
    چيم سائين ٿورو هلي چيڪ اپ ته ڪيو،
    چيائين ٽر اکين کان، وڌيڪ مون کي ڊسٽرپ نه ڪر،
    چيم ڀلا ايمبولينس جا ڊرائيور ڪٿي آهن،
    چيائين ڇورا تون ته ڪو زليل ماڻهو آن، وڃي هوڏي مر، ڏس وڃي ڪٿي نه ڪٿي بيٺا هوندء،
    ڊاڪٽر جو رويو ڏسي، منهنجو همت حوصلو جوش ۽ جذبو تمام گهٽجي ويو، مان پريشاني ۾ وڪوڙجي ويس، مون کي هر طرف اونداهي نظر آئي، ٻي طرف منهنجي ذهن ۾ امتياز جو رت هاڻو جسم بار بار اڳيان پيو اچي،
    پورو هڪ ڪلاڪ اسپتال جي اندر گهمي گهمي ٿڪجي پيس پر ڊرائيور لڀن ئي ڪونه،
    آخر تنگ ٿي ايم ايس ڏي ويس،
    چيم، سائين ايم ايس صاحب هي ڪهڙي بدمعاشي، بدتميزي، گنڊا گردي، ۽ لاپرواهي آهي، جو اسان جا مريض هتي زخمن ۾ ٽڙپي ٽڙپي مري رهيا آهن ۽ اوهان جا ڊاڪٽر A/C واري روم مان نڪري صرف چيڪ اپ ڪرڻ جي زخمت به نٿا ڪن، ڇو سائين هي ڪهڙي داداگيري آ، صاحب ڳالھ ٻڌ جيڪڏهن منهنجي مائٽن کي ڪجھ به ٿيو ته ان جو زميوار تون ۽ تنهنجا هي ڊاڪٽر هوندا، تون مونکي شايد سڃاڻي ڪونه ٿو مان ڦلاڻي اخبار جو رپورٽر آهيان،
    پهرين ته ايم ايس صاحب ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو لال ٿي ويو پر جنهن مهل رپورٽر جي ڳالھ ڪيمپوء ٿڌو ٿي ويو،
    ڪرسي تان اٿي ٻانهون ٻڌي چوڻ لڳو،
    بابا خير آ خير آ سرڪاري ادارن ۾ ائين ٿيندو رهندو آ، تون ناراض نه ٿي توکي ڊاڪٽر به ملن ٿا ايمبولينس به ملي ٿي،
    ايم ايس هڪدم پنهنجي کيسي مان موبائيل ڪڍي ورتو،
    شايد ايمبولينس واري ڊرائيور ڏي پيو ڪري،
    هيلو ڪاٿي آهيو ڙي، هتي مريض ٽڙپن پيا توهان پنهنجي لاپرواهي ۾ مست آهيو، ٻڏي نٿا مرو،
    ايتري ۾ ڊرائيور ڊوڙندو اچي ايم ايس واري ڪمري ۾ پهتو،
    جي سائين جي خير ته آهي،
    ڊرائيور چوڻ لڳو،
    هيڏي ڇا لاء ٿو اچين هوڏي ايمرجنسي وارڊ وڃ ۽ مريضن کي رحيم يار خان کڻائي وڃ،
    ايم ايس ڊرائيور کي چوڻ لڳو،
    پر تيستائين تمام دير ٿي چڪي هئي، امتياز جو ساھ نڙي تائين پهچي چڪو هو،
    امتياز کي ميرپور مان کڻي جئين ئي رحيم يار خان شيخ زاهد هاسپيٽل جي ايمرجنسي وارڊ پهتاسين ته ڊاڪٽرن مريض کي ڏسڻ شرط ٻڌايو ڇوڪرو ته ختم کڻي آيا آهيو،
    منهنجون ته دانهون ۽ رڙيون نڪري ويون، اي ڪائنات جا خلقڻهار هي ڇا ٿي ويو
    پر وري ڊاڪٽر آٿت ڏيندي چيو گهٻرايو نه، مريض جي ريڙه جي هڏي ڀڳل آ جنهن سبب هن جي جسم جو ساھ بلڪل ختم ٿي ويو آهي ڪجھ ڏينهن علاج ڪنداسين پوء طبيعت ۾ بهتري اچي ويندس،
    وقت گذرندو رهيو، امتياز جو علاج هلندو رهيو، پر طبيعت ۾ ڪو به سڌارو نه آيو، آخر اهو وقت به آيو جڏهن راولپنڊي ۽ ڪراچي جي ماهر ڊاڪٽرن امتياز کي لاعلاج ڪري ڇڏيو، ۽ هاڻ مسقتل طور نوجوان امتياز کٽڙي جي حوالي ٿيل آهي،


    فيسبوڪي دوست جو وڇوڙو

    فيسبوڪي دوست جو وڇوڙو

    هو هڪ اعليٰ سوچ جو مالڪ هو، سندس تعلق ته امير گهراڻي سان هيس پر طبيعت بلڪل غريباڻي هيس، ادب اخلاق ۽ ڳالهائڻ ۾ رس چس ايتري جو پرائي کي به پنهنجو ڪيو ڇڏي، الطاف هو ته نوجوان پر دنيا جي ريتن ۽ رسمن کان اهڙو ته واقف هو ڄڻ هڪ صدي جو فرد هجي، هو مون کي سڳي ڀائرن وانگر سمجهندو هو، پنهنجي پرسنل ڳالھ به مون سان ئي شيئر ڪندو هو جڏهن شام جو وڻندڙ پهر ٿيندو هو تڏهن ميسيج ڪري چوندو هو،
    يار ساجد ڪٿي آهين؟
    چوندو هيس الطاف سائين مان گهر آهيان.
    پيارا گهر ڇا پيو ڪرين؟
    بس بابا فارغ آهيون مڙئي سعادت حسين منٽو جون ڪهاڻيون پيا پڙهون،
    چوندو هو توبه توبه تنهنجو ته سڄو ڏينهن پڙهڻ ۽ لکڻ ۾ گذرندو آهي، هاڻي ڇڏ پڙهڻ کي شام ٿي وئي اٿئي اچ ته پارڪ ۾ ڪچهري ڪيون. هي هڪ عجيب اتفاق هو ته الطاف جڏهن به ميسيج ڪندو هو يا امر جليل، جي ڪهاڻين جو ڪتاب، يا وري سعادت حسين منٽو جي ڪهاڻين جو ڪتاب يا وري طارق عالم جو ناول " رهجي ويل منظر " منهنجي هٿ ۾ هوندو هو. الطاف اڪثر مون کي چوندو هو ساجد تون پڙهي پڙهي انڌو يا ته چريو ٿي ويندين.
    آئون چوندو هيس ٻيو ڇا ڪيون يار غريب ماڻهو آهيون نوڪري پاڻ کي ملي ڪونه، مڙيئي لکڻ پڙهڻ سان دل جو اٽڪيل آ، بس اهي ڪتاب ئي آهن جنهن سان پنهنجي سنگت آهي، هي ڪتاب آهن ته گونگا پر هنن کي ڏسڻ سان وڏي ڄاڻ مليو وڃي، الطاف پاڻ به علم جو اڃيو هو، انگريزي ته ائين ڳالهائي ڄڻ انگريز هجي، پارڪ ۾ هو علامه اقبال جا شعر ته آئون مرزا غالب جا شعر ٻڌائيندو هيس، فيشني ڇوڪرو هو،
    جڏهن به پارڪ ۾ ملاقات ٿيندي هئي، هو آمريڪي راڳي جسٽن بيبر يا ايڪون جا ڪلام ٻڌائيندو هو ته آئون ڀارت جي راڳي ڪمار سانو، سونو نگم، يا وري ادت نارائڻ جا ڪلام ٻڌائيندو هيس. الطاف سان دوستي جو داستان ڪجھ هيئن آهي جو هن مون ڏي فيسبوڪ تي فرينڊ ريڪوئيسٽ موڪلي. منهنجي فرينڊ لسٽ ۾ تقريبن سياسي سماجي اڳواڻ، شاعر، صحافي، اديب، ۽ ليکڪ آهن، تنهن ڪري آئون ريڪوئيسٽ به ادب جي اڃن جي Confirm ڪندو آهيان، الطاف جي جڏهن ريڪوئيسٽ آئي تڏهن مون هڪدم هن جي پروفائيل کوليم. سوچيم جيڪڏهن همراه علم، ادب جو ڄاڻون آهي ته ريڪوئيسٽ Confirm ڪندس نه ته Pending ۾ رکي ڇڏيندس،
    آئون جڏهن الطاف جو پروفائيل کوليم تڏهن سندس I.D ۾ ڪا به سياسي، يا ادبي پوسٽ ڏسڻ ۾ ڪونه آئي صرف جسٽن بيبر جون اسٽائلش تصويرون ڏسڻ وٽان مليون،
    تڏهن هن جي ريڪوئيسٽ Pending ۾ رکي ڇڏيم،
    تقريبن هن جي ريڪوئيسٽ چار يا پنج ڏينهن Pending ۾ پئي هئي.
    آخر هڪ ڏينهن هن Massanger ۾ ميسيج ڪيو.
    صاحب ريڪوئيسٽ ته confirm ڪيو.
    چيم حاضر بابا ڪيان ٿو.
    چيائين وڏي مهرباني.
    وري ٻي ڏينهن هن ميسيج ڪيو،چيائين پنهنجو مڪمل تعرف ڪرايو؟
    آئون پنهنجو مڪمل تعرف ڪرايم. چيائين هونء ته مان ادبي لکڻيون ڪونه پڙهان پر اوهان جون لکڻيون اڪثر مان پڙهندو آهيان، بهترين لکندا آهيو.
    الطاف کان پڇيم اوهان ڪير ۽ ڪٿان کان آهيو؟
    چيائين مان اوهان جي ڳوٺ کان تقريبن 8 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي پري ويٺو آهيان.
    ائين ئي مسلسل massanger تي رابطو ٿيندو رهيو.
    هڪ ڏينهن الطاف ميسيج ڪيو.
    ساجد توهان سان ملڻو آهي ڪڏهن ۽ ڪٿي ملندائو.
    چيم جتي اوهان چئو.
    چيائين اڄ شام 5 وڳي گلاب پارڪ ۾ اچجو.
    ٺيڪ آ سائين آئون اچي ويندس.
    شام جو ٺيڪ 5 وڳي پارڪ ۾ ملاقات ٿي، پوءِ اها ملاقات هر روز جو معمول بڻجي وئي، ملاقات وقت اسان وٽ رڳو علم جا موضوع جا هوندا هئا، چند ڏينهن ۾ اسان ٻنهي جي دوستي ايتري ته جٽادار ۽ مستحڪم ٿي وئي ڄڻ ننڊپڻ جا دوست هجون،
    آخري ڏينهن ۾ هو ڏاڍو پريشان نظر ايندو هو، پڇڻ تي معلوم ٿيندو هو ته،مون کي ڪجھ به ڪونهي. اها آچر جي اڀاڳي شام هئي جڏهن الطاف سان آخري ملاقات کانپوء ملاقاتن وارو سلسلو بند ٿي ويو. الطاف سان ملاقات کانپوء جيئن ئي آئون ڳوٺ واپس آيس. گهر پهچڻ شرط ئي موبائيل جي گهنٽي وڳي. ڪال اٽينڊ ڪيم ته روئڻ جو آواز آيو پڇيم خير ته آهي ڪير ٿا ڳالهايو؟
    سسڪندي دانهون، ڪوڪون ۽ رڙيون ڪندي چيائين مان الطاف جو والد آهيان، او منهنجا پيارا پٽ، منهنجو ٻچڙو الطاف ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو،
    منهنجون رڙيون نڪري ويون، ڇا الطاف فوت ٿي ويو،


    انڌو عقيدو



    صابو جي شادي کي ڪجھ ئي مهينا ٿيا هئا، هڪ ڏينهن اچانڪ صابو جي گهر ۾ صابو جي امڙ پنهنجي ننهن کي وڏي وڏي آواز سان ست سريون ٻڌائي رهي هئي، صابو جي امڙ پنهنجي ننهن کي طعنا ۽ مهڻا ڏيندي چئي رهي هئي ته جڏهن کان صابو جي شادي تو جهڙي مڪار ۽ چالاڪ رن سان ڪرائي اٿم، تڏهن کان مون کي تو اهڙا ته تعويذ پيارا آهن، جو منهنجي طبيعت ٺيڪ ئي نٿي ٿئي، علاج ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پئي آهيان پوء به ڪا به ڪسر نٿي پوي، الله ڪندو رن توکي قرآن پڄندئي، شل ٻيڙو غرق ٿيندئي. شل قبر ۾ جيت پوندئي.
    صابو جي امڙ پنهنجي ننهن کي مرڻ جهڙا لفظ ڪڍي رهي هئي، پر شابس آ صابو جي وني کي جنهن هڪ لفظ به ٻاهر نه ڪڍيو، هو فقط پنهنجي سس جي زبان مان نڪتل گهٽيا الفاظ ٻڌي روئي رهي هئي، ۽ آسمان ۾ اکيون اٽڪائي ڪائنات جي تخليقار کي اندر ئي اندر ۾ ڏوراپو ڏيندي چئي رهي هئي ته اي منهنجا رب هي ڪهڙي ڏوھ جي سزا ڏئي رهيو آهين، پهرين به آئون ننڊپڻ کان بابا وارن جي گهر ۾ ڏکن، دردن، تڪليفن ۽ مصيبتن واري زندگي گذاري آئي آهيان، منهنجا مالڪ شادي کان پوء ته مون کي سک جو ساھ کڻڻ ڏين ها.
    صابو جي امڙ پنهنجي ننهن کي منفي انجام تائين پهچائڻ ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهي، ايتري ۾ سج به لهي ويو ۽ صابو به ڪم تان واپس وريو، پر صابو جي گهر واري صابو جي ورڻ کان پهرين پنهنجي پيڪن تائين پهچي چڪي هئي، صابو کٽ تي ويهي پنهنجي وني کي سڏيندي چيو: آسيا او آسيا پاڻي ته پيار،
    آسيا جواب ڪونه ڏنو. ٻيهر چيئيس،آسيا پاڻي پيار اڃ لڳي آه.
    اڄ ڪم به گهڻو ڪيو اٿم ٿڪجي به پيو آهيان.
    پر وري به آسيا جو جواب ڪونه آيو.
    ايتري ۾ صابو پنهنجي امڙ کي چيو امان او امان اڄ آسيا ڪونه ٿي نظر اچي ڪٿي غائب آ؟
    ڪاوڙ ۾ جواب آيس ابا اهڙو ته زال کي لاڏڪو ڪري ڇڏيو اٿئي جو هو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ بنا توکان پڇڻ جي ڳوٺ ڏي پنهنجي ماء، پيء، ڏي هلي ويندي آهي، اڄ منجهند جو هن مونسان جهيڙو ڪري وڃي پنهنجي پيڪن تائين پهتي آهي،.
    پر ڇو امان ڇا ڳالھ آ، لڳي ٿو ضرور تون هن سان جهيڙو ڪيو هوندو.
    صابو جي امڙ روئڻهارڪي آواز ۾ چيو ته پٽ صابو تنهنجي وني مون کي مرڻ ڪنڌي تي پهچايو آهي.
    وري ڪئين امان، صابو چيو؟
    منهنجا پٽ توکي ته خبر آ آئون بيماري جو علاج ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پئي آهيان پر پوء به بيماري جي پاڙ نٿي پٽجي، تنهنڪري پٽ اڄ آئون هڪ فقير بابا ڏي وئي هيس، هن منهنجو هٿ ڏسي سڄو راز پروڙي ورتو، چيائين ته مائي توسان تعويذ ٿيل آهن، تعويذ به اهڙا ٿيل اٿئي جو تنهنجي زندگي فقط ڪجھ ڏينهن آهي، پوءِ تون هميشه لاِ قبر انڌاري ڪوٺڙي ۾ آرامي ٿيندين.
    پوء آئون فقير سائين کان پڇيم فقير سائين، اهڙو ويڌن مون سان ڪنهن ڪيو آهي ۽ ڇو ڪيو آهي؟
    فقير مون کان پڇيو:
    اوهان جي گهر ۾ گهڻا گهرڀاتي آهن، مون چيو هڪ مان ٻيو منهنجو مڙس ٽيون منهنجو پٽ، 2 منهنجون ڌيئرون ۽ هڪ منهنجي ننهن ٽوٽل 6 گهرڀاتي آهيون،
    تنهن تي فقير چيو، اسان فقير تعويذ ڪرڻ واري جو نالو هرگز ناهيون ٻڌائيندا پر جي تون چوين ٿي ته توکي نالو به ٻڌائيندسين، پر هڪڙي شرط تي
    چيم شرط وري ڪهڙي فقير؟
    چيائين پئسا ڊبل وٺندو سانئين، چيومانس ٺيڪ آ تون نالو ٻڌائي، چيائين توسان تعويذ تنهنجي ننهن ڪيا آهن، تون تنهنجي ننهن جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهين تنهن ڪري هو توکي تعويذ ڪري مارائڻ چاهي ٿي، ۽ پنهنجو رستو صاف ڪرڻ چاهي ٿي.
    منهنجا سهڻا صابو پٽ فقير جي زبان مبارڪ مان اهڙا سخن سڻي منهنجي زمين پيرن هيٺان نڪري وئي. امان پو ڇا ٿيو فقير ٺيڪ ٿيڻ جو ڪو رستو به ٻڌايو يا نه ۽ ها توکان پئسا گهڻا ورتس؟
    ها ابا،
    هن پنهنجي پوتي مان ڳنڍ ڇوڙيندي ڪجھ تعويذ ڪڍي پنهنجي پٽ کي ڏيکاريا، چيائين پٽ هي تعويذ ان فقير ڏنا آهن چيائين ته هنن تعويذن کي روزانو ڀرڀات ڌاري هڪ هڪ ڪري ساڙيندي رهجان، چيائين انشاءالله ڪجھ ڏينهن ۾ خير ٿي ويندي،
    ۽ توکان پئسا گهڻا ورتس صابو چيو؟
    ڇهه هزار روپيا ورتائين.
    صابو بيزاري واري انداز ۾ چيو امان او امان توکي هاڻي ڇا چوان
    نه پٽ نه ڪجھ نه چئو منهنجو فقير سائين تي انڌو عقيدو آهي ڏسجو آئون ڪجھ ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندس، صابو پٽ تون هاڻي هڪڙو ڪم ڪر!
    ڪهڙو ڪم امان؟
    پنهنجي گهرواري کي طلاق ڏي.
    ڇو امان هي ڇا پئي چوين تنهنجو دماغ ته ٺيڪ آ نه، آئون آسيا کي طلاق هرگز ڪونه ڏيندس، مون کي آسيا جي خبر آ هو ائين ڪري به نٿي سگهي، هن هميشه امن جي پرچار ڪئي آهي، منهنجي امان تو سان تعويذ ناهن ٿيل، هي تنهنجو انڌو عقيدو منهنجو گهر برباد ڪري ڇڏيندو،
    بهرحال تون پريشان نه ٿي آئون تنهنجو علاج ڪنهن وڏي نجي اسپتال مان ڪرائيندس، امان تون ته هميشه ويچاري ڊاڪٽر رفيق کان علاج ڪرايو آهي، هن ويچاري کي ڪهڙي خبر ته توکي مرض ڪهڙو آهي، هو ويچارو پاڻ به عطائي ڊاڪٽر آهي،
    ۽ هو جيڪو تو وارو فقير بابو آ ان جو سڄو ڏينهن ڪوڙ، ڌوکي، فراڊ، ۽ ٺڳي تي گذارو آهي،
    پٽ تنهنجي زال مون سان جيڪو لقاء ۽ ويڌن ڪيو آهي اهو سمورو اوهان کي ٻڌايو آهي، هاڻ جيڪڏهن مون کي زنده ڏسڻ چاهين ٿو ته پنهنجي زال کي طلاق ڏي،
    امان طلاق ته ان کي ڪنهن به صورت ڪونه ڏيندس، باقي سڀاڻي تو کي ڪنهن وڏي اسپتال ضرور وٺي ويندس،
    او منهنجا صدورا پٽ مون کي ڪوبه مرض ناهي مون سان تعويذ ٿيل آهن، جيڪي تنهنجي زال ڪيا آهن،
    صابو بيزاري مان هٿ ٻڌي چيس امان الله کي مڃ هاڻي چپ ڪر سڀاڻي ڏسنداسين،
    ماني وغيره کائي صابو ۽ ان جا گهرڀاتي ننڊ سمهي پيا، آخر صبح به ٿي وئي، صابو صبح جو تڙ ۽ ناشتو ڪري پهرين ڳوٺ پنهنجي زال کي وٺڻ ويو، زال کي گهر وٺي آيو ۽ پنهنجي امڙ کي چيائين امان تيار ٿي ته تنهنجو هٿ ڏيکاري اچان،
    ها ابا تيار ٿيان ٿي، صابو جي امڙ جهٽ ۾ تيار ٿي ۽ پوء موٽر سائيڪل تي چڙهي هڪ سٺي اسپتال ويا، صابو جي امڙ اسپتال ۾ ڊاڪٽر کي پنهنجي بيماري بابت آگاهي ڏني، ڊاڪٽر هن جي پيلي اکين ۽ چهري کي ڏسي بيماري جو اندازو لڳايو ته امڙ توهان کي هيپاٽائيٽس آهي، هن بيماري جو مسلسل 6 ڇھ مهينا دوائن جو ڪورس هلندو پوء اوهان جي هن بيماري مان پاڙ پٽجي ويندي، ۽ اوهان جي طبيعت بلڪل ٺيڪ ٿي ويندي،
    ڊاڪٽر پرچي تي ڪجھ دوائون لکي هن جي هٿ ۾ ڏني، ۽ چيائين امان هي وٺو دوائن جي پرچي ٻاهرين اسٽور تان وٺي اچو پوء اوهان کي دوائون کائڻ جو ٽائيم ٽيبل ٻڌايان،
    هو اسٽور تان دوائون وٺي آيا، ۽ ڊاڪٽر هنن کي دوائون کائڻ جو وقت به ٻڌائي ڇڏيو، بعد ۾ هو گهر موٽي آيا، گهر واپس موٽڻ شرط هن پنهنجي ننهن کان معافي ورتي،
    چيائين امان مون کي معاف ڪجان منهنجو ڪاني لڳي فقير تي انڌو عقيدو هو جنهن جي ڪري آئون توکي گهٽ وڌ ڳالهايس،
    آسيا به پنهنجي سس کي جهٽ گهڙي ۾ معاف ڪري ڇڏيو،
    بعد ۾ هن دوائون کائڻ شروع ڪيون، ۽ اهڙي طرح هن جي طبيعت ۾ وقت بوقت سڌارو ايندو ويو هن مسلسل ڇھ مهينا وقت جي پابندي جي حساب سان دوائون کاڌيون،
    6 مهينن کانپوء ساڳئي اسپتال ۽ ساڳئي ڊاڪٽر ڏي چيڪ اپ ڪرائڻ لاِ ٻيهر ويا، ڊاڪٽر چيڪ اپ ڪرڻ کان بعد مبارڪ باد ڏيندي چيس ته امان مبارڪ اٿئي اوهان جي هيپاٽائيٽس مان جند آجي ٿي چڪي آهي، ۽ هاڻ اوهان بلڪل ٺيڪ آهيو،


    ڪمپني جي ڪال

    ڪمپني جي ڪال

    اڃان روح کي راح بخشيندڙ سج پنهنجي لالاڻ ڪونه ڪڍي هئي، اڃان سڀئي ڳوٺ وارا پنهنجي گرم بستر ۾ سردي جو مزو وٺي رهيا هئا، ۽ اسان جي اڱڻ تي پکين جا ولر پنهنجي مٺڙي ٻولي ۾ ٻيچل جي چنگ وانگر سازندا وڃائي رهيا هئا ۽ ٿڌڙي زمين تان داڻو چڳي رهيا هئا،
    آئون به گرم بستر ۾ مزي سان موبائيل پئي هلايم،
    اوچتو صبع جو سوير سوير منهنجو دروازو کڙيو، گرم بستر مان اٿندي ته مونکي ٻرو پئي چڙهيو پر تنهن هوندي به اهو سوچي اٿڻو پيو ته يارا صبح جو در کڙڪيو آهي الله خير ڪري،
    جيئن ئي دروازو کوليم ته ڏسان ته اسان جي ڳوٺ وارو ڏنو خوشي ۾ ولهور نظر پئي آيو،
    چيم، اڙي ڏنا مئا خير ته آهي ڇا تي صبح سان مٿو خراب ٿيو اٿئي، ۽ هي اچانڪ تنهنجي ڀڳل ۽ بي سري چهري تي مرڪ جو ڪارڻ ڪهڙو آهي؟
    ڏني چيو پهرين اندر هل ڪو چانھ چڪو پيار،
    ڪو باھ جو مچ ٻارائي، پوء سڀ حقيقت ٻڌايائين ٿو،
    ها، ها اچ اچ اندر اچ،
    آئون هيڏانهن شريفان کي هڪل هنيم، شريفان او شريفان؟
    ايتري ۾ شريفان به اکيون مهٽيندين مون وٽ آئي،
    جي ڪيان نورا،شريفان چيو
    شريفان ڀاء ڏنو آيو آ، چلھ ۾ باھ ٻار، ڪا گهاٽڙي چانھ تيار ڪر،
    شريفان جهٽ گهڙي ۾ باھ ٻاري ۽ آئون ڏني کي چيم اچ ته باھ جو مزو وٺون،
    باھ تي ويهڻ شرط ڏني چيو، اڙي نورا ساڙ سڙيا اڄ اسان به زميندار ٿي وياسين،
    حيرت مان پڇيم، ڏنا ڏانئڻ وري ڪيئن؟
    مئا اڄ ڀلا آڪڙو لڳو ٿئي ڇا؟
    نه نورا نه،
    آن باقي؟
    نورا اڄ صبح جو مون ڏي ڪمپني جي ڪال آئي هئي، ڪمپني وارن چيو، بهائي جان آپ ڪو مبارڪ هو آپ ڪي لاٽري نڪلي هي اور آپ ني جيتين هين پچاس تولا سون اور پچاس لاک ڪيش، اور هان يي رقم وصول ڪرني ڪي لئي آپ ڪو ميري نمبر پي فلحال چار هزار بهيجني هونگي، بعد مين آپ ڪو يي ڪيش رقم اور پچاس تولا سون آپ ڪي گهر کي ايڊريس پر ڀجوا دينگي،
    چيم پوء؟
    پوء سائين مون کان گهر جي ايڊريس بابت معلومات ورتائون ان کان بعد چيائون ته جلد پئسا موڪليو ته جيئن اوهان ڏي هي سون ۽ ڪيش جلد کان جلد اماڻيون، ۽ هاڻ سوچان ٿو ته سج اڀري ۽ دوڪانون کلن ته ڪمپني ڏي چار هزار موڪليان، پر سوچيم ايترو ڪجھ ڪرڻ کان پهرين پنهنجي ڀاء نورو کي خوشخبري ٻڌائيندو وڃان،
    نورو ڀاء هاڻ پريشان نه ٿي پنهنجا سڀ ڏک، درد، دور ٿي ويندا،
    چيومانس ڏنا هي سڀ ٺڳي اٿئي،
    ڏني چيو نه نورا هي ڪوڙ ناهي،
    وري چيومانس ڏنا ڀاء هي سڀ ڪوڙ ٺڳي ۽ فراڊ اٿئي،
    پر ڏني ته تري تيل به نه لاهڻ ڏنو،
    ڳالهيون ڪندي آخر 9 وڳي جو وقت ٿيو،
    ڏني چيو نورا ٽائيم ڳچ ٿي ويو آهي لڳي ٿو ايزي پئسن وارا دوڪان کلي ويا هوندا، هاڻي چڱو آئون هلان ٿو،
    ٺيڪ آ ڏنا وڃين ته ٿو پر منهنجي ڳالھ ياد ڪجان هي سڀ ڪوڙ اٿئي،
    ڏنو ٽهڪ ڏئي نڪتو اهو پئي ويندو ٿي،
    ڪجھ ڪلاڪن کان پوء ڏنو ٻيهر منهنجي گهر آيو،
    چيائين نورا خير سان پئسا موڪليا اٿم، پر ها پئسا موڪلڻ کان پهرين ڪمپني وارن سان ڪال تي ڳالهايو هيس، انهن چيو فڪر نه ڪيو اوهان کي 2 ڏينهن اندر گهر ويٺي پئسا ۽ سون ملي ويندو،
    چيم ٺيڪ آهي 2 ڏينهن انتظار ڪر، ڏسون ٿا ڇا ٿو ٿئي،
    چيائين مون کي يقين آهي ڪمپني وارا مون سان ٺڳي ڪونه ڪندا ۽ مون ڏي سون ۽ پئسا ضرور موڪليندا،
    ڏني کي ڪمپني وارن ته 2 ڏينهن جو وقت ڏنو هو، پر ٻن ڏينهن بدران 5 ڏينهن گذري ويا پوء به نه هن ڏي پئسي آيا نه ئي سون آيو،،،،
    آئون هڪ ڏينهن ڏني جي گهر ويس، ڏسان ته ڏنو ويچارو مٿي تي هٿ رکي پريشان ۽ اداس ويٺو آهي،
    چيم ڏنا خير ته آهي؟
    چيائين يار انهي ڏينهن تنهنجي ڳالھ تي عمل ڪيان ها ته جيڪر اڄ مون کي ڌمڪيون نه ملن ها،
    چيم ڌمڪيون؟
    ها يار جيڪي پئسا ڪمپني وارن ڏيموڪليا هيم اهي پئسا ڪنهن کان اڌارا ورتا هيم، اڄ اهو منهنجي گهر اچي مون کي ڌمڪي ڏني اٿس ته جيڪڏهن اڄ مون کي پئسا نه مليا ته تنهنجي ٻڪري ڪاهي ويندس،
    نورا هاڻ پريشان آهيان ته ان کي پئسا ڪٿان ڏيان؟
    چيومانس ان کان پهرين جو هو تنهنجي ٻڪري ڪاهي وڃي هي وٺ 4 هزار هن کي ڏئي اچ ۽ جڏهن توکان پئسا ٿين مون کي ڏجان.


    ميلو 

    دوست چيو فلاڻي بزرگ جو ميلو آهي، هل ته گهمي اچون،
    چيم اهو ميلو وري ڇا آهي؟
    چيائين توکي ميلي جي به خبر ناهي، چيائين ٻڌ ڀلا
    ميلي ۾ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ تمدن جا رنگ هوندا آهن، علم، ادب، تصوف ۽ سماج بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، صوفياڻو راڳ، مچ ڪچهري، سگهڙ ڪچهري، ملھ، ملاکڙي، سميت ڏيهي توڙي پرڏيهي ادبي ڪتابن جا وسيع اسٽال لڳل هوندا آهن، ان کان بعد سنڌي سٻاجهڙا پنهنجو ثقافتي لباس پهري ميلي جو شان وڌائين ٿا، هر طرف ماڻهو پيار، پريت، امن، ۽ محبت، جي پرچار ڪن ٿا، صوفين، ولين ۽ الله جي بزرگن جي خيالن ۽ نظرين بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي،
    مون دوست جي زبان مان ميلي جي واکاڻ ٻڌي، هڪدم تيار ٿي پيس،
    ٽاٽ پٽاٽ ٿي جڏهن ميلي ۾ قدم رکياسين ته گوڙ، ٻڙتول، ڌمچر، ۽ اسپيڪرن جي آوازن ڪن ئي ٻوڙا ڪري ڇڏيا،
    ڪن تي هٿ ڏئي اڳتي وکون وڌائيندا وياسين، ڏسان ته بوڪ اسٽالن بدران اسٽالن تي ماڻهو گول رنگ ذريعي جوا پيا کيڏين، ٿورو اڳتي وڌياسين ته سگهڙ ڪچهري، ۽ مچ ڪچهري، بدران شراب جي نشي ۾ ڌت ٿيل ڪجھ فرد تنبو ذريعي اڏيل هڪ ڪوٺڙي ۾ ٽيپ ۾ ڊسڪو ڪلام هلائي جهمريون پيا کيڏين،
    جيئن ئي اڳتي وڌيس، ڇا ٿو ڏسان ته هڪ لوهي وڏي گيٽ تي پوسٽر لڳو پيو آهي، انهي پوسٽر تي ڪجھ عورتن جا اڌ ڪپڙا پهريل اگهاڙا ڦوٽو نظر آيا، انهي گيٽ جي اندرين ماحول ۾ داخل ٿيڻ لاء ماڻهو ٽڪيٽ واري کان پئسن ۾ ٽيڪيٽ پيا وٺن، سو اسان به ٻه 2 ٽڪيٽون خريد ڪيون، جيئن ئي اندر داخل ٿياسين ڊسڪو گانو ٻڌڻ ۾ آيو، ان گاني تي ڪجھ ينگسٽر عورتون نچي رهيون هيون، ۽ ان عورتن مٿان ماڻهو پئسي جو مينهن وسائي رهيا هئا، ڏسان پيو ڪي ماڻهو عورتن کي ڪجھ پئسي ڏئي، انهن جي ڇاتين کي هٿ پيا لاهين.
    تڏهن آئون حيرت ۽ سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏندو ۽ ترندو رهيس ٻڏندي ترندي پاڻ بچائيندي حيرت ۽ سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر نڪرندي ئي سوچيم واااااه ڪائنات جا تخليقڪار هن دنيا وارن ته پئسا کي ايمان سمجهو آهي، هتي ته نياڻيون پئسن تي پنهنجي جسم جي نمائش پيون ڪن ۽ چند ڏوڪڙن تي خوب ٿيون نچن،
    انهي عورتن لباس ئي اهڙو پاتو هو جو عورتن جون ڇاتيون به بلڪل عيان هيون،
    اتان توبه توبه ڪري ٻاهر نڪتاسين،
    ٿورو اڳتي وڌياسين ڏسان ته ڪجھ تنبن جون ڪوٺڙيون اڏيل آهن، انهي تنبن مان چند نوجوان ڇوڪرا سلوار جو اڳٺ ٻڌندي نظر آيا، پڇڻ تي معلوم ٿيو ته هتي 200 روپيا ڏئي ٽين نسل ( کدڙن ) سان جنسي تعلقات قائم ڪري سگهجي ٿو،
    ان کان بعد اڳتي وڌڻ جو سلسلو جاري هو، ڇا ٿو ڏسان ته پيار، پريت، امن، ۽ محبت جو درس ڏيڻ بدران نشي ۾ ڌٿ ٿيل ڪجھ ماڻهو واٽ ويندڙ ماڻهن کي ماء، ۽ ڀيڻ جون اگهاڙيون گاريون ڏئي رهيا ھئا،
    ڏسان پيو پوليس وارا ۽ صحافي پريس جو ڪارڊ ڳچي ۾ وجهي مفت ميلو پيا گهمن،
    دوست کي چيم يار هتي ته حالت لڳي پئي آهي، صحافي جيڪي سماجي ۽ معاشرتي برائين ۽ بڇڙائين جون خبرون رونما ڪن ٿا، سي سڀ وتن ٿا انهي سماجي برائين جو مزو وٺندا،
    پوليس جيڪا سماجي برائن کي ختم ڪري ٿي، اها به هي سڀ لقاء اکين سان ڏسي ٿي، پر خاموش آهي،
    چيومانس يار تون ته چيو پئي ميلي ۾ مچ ۽ سگهڙ ڪچهري، ڪتابن جا اسٽال ملھ ملاکڙو ۽ ٻيو به گهڻو ڪجھ آهي، پر هتي ته سواء عياشي جي ڪجھ به ناهي،
    چيائين، دراصل آئون به ميلن ۾ ڪڏهن ڪونه ويو آهيان، هي سڀ معلومات آئون ڪتابن مان حاصل ڪئي آهي،
    بيزاري مان چيم، ياررررر ڇا چوان توکي، بس هاڻي موٽر سائيڪل اسٽارٽ ڪر ته هلون گهر.


    قسمت

    قسمت

    سياري جي سرد ۽ سانت رات ۾ رمضان ۽ سندس وني هڪئي کٽ تي سمهي رهيا هئا، رمضان اڀ ۾ اکيون اٽڪائي سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا پئي کاڌا، هو سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر نڪري پنهنجي وني کي چوي ٿو،
    گل خاتون
    جي ڪيان؟
    گل خاتون مون کي ته سوچون ڪا هڪ ساعت سمهڻ نٿيون ڏين،
    ڇو رمضان ڇا مسئلو آهي؟
    گل خاتون سوچان ٿو پاڻ وارو نوجوان پٽ شاهزيب نه ڪم ڪري ٿو ۽ نه ئي پنهنجي پيرسن پيء جو ڪو احساس ڪري ٿو، هو سڄو ڏينهن ڇڙواڳ ڇوڪرن سان شهر جون گهٽيون، ۽ بازارون رلندو آهي،
    گل خاتون هاڻ ته منهنجي جسم ۾ مزدوري ڪرڻ جيتري قوت ناهي رهي، آخر نوجوان نياڻي جو به بار ويٺو آهي، ان جو به ڪٿي بلو ڪرڻو آهي، پر اهو به تڏهن ٿيندو جڏهن جيب ۾ پئسا هوندا، مون کي سمجھ نٿو اچي ته آخر پنهنجي گهر جو سسٽم ڪئين هلندو؟
    جيڪڏهن شاهزيب کي چڱائي ڀلائي چوان ٿو ته هو خودڪشي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، آخر وڃان ته وڃان ڪاڏي؟
    رمضان الله وڏو آ، ڪائنات جو مالڪ غريبن کي ڏکيو ڪونه ڇڏيندو، تون هاڻ آرام سان ننڊ ڪر، سڀاڻي سوير شاهزيب کي گڏجي سمجهائينداسين، الله ڪندو سمجهي ويندو ۽ ڪم ڪار ڪري تنهنجو ڀرجهلو ٿيندو،
    نه گل خاتون مون کي نٿو لڳي ته شاهزيب منهنجو ڀرجهلو ٿيندو، يا وري پنهنجو چيو وٺندو،
    رمضان تون هاڻي آرام ڪر، سڀاڻي انهي ڳالھ کي ڏسنداسين،
    ٺيڪ آ گل خاتون، غريبن جي الله کي پارت، ائين چئجي رمضان سمهي رهي ٿو،
    آخر رات پنهنجي پڄاڻي تي پهچي ٿي، ۽ صبح جو سج اڀري ٿو، رمضان جا گهرڀاتي به ننڊ مان سڄاڳ ٿي پون ٿا،
    چانھ وغيره ٿئي ٿي، سڀئي چانھ پيئن ٿا،
    شاهزيب منهن هٿ ڌوئي، چانھ وغيره پي، ٻاهر وڃڻ لاء تيار ٿئي ٿو ته امڙ پڇيس ٿي، ابا ڪاڏي ٿو وڃين؟
    ڪاوڙ ۾ چيائين جاڏي وڃان تنهنجو ڇا،
    امڙ چيس پٽ ٿورو سڌري وڃ، ماحول خراب لڳو پيو اٿئي، ڪٿي حقون ناحقون ڦاسي نه وڃين، سياڻو ٿي ٻچا، پنهنجا پير سنڀاري وڃ، تنهنجو ابو پوڙهو ٿي چڪو آهي، ڪجھ ان جي مدد ڪر، ڪو ڪم ڪار ڪر،
    هو بيزاري مان چوي ٿو، ڇا ڪيان امڙ منهنجي قمست ۾ ڪم لکيل ئي ڪونهي، مون کي ڪٿي ڪم ملي ئي ڪونه ٿو،
    ايتري ۾ هنن جي گهر، پاڙي وارو ماستر شبير اچي ٿو،
    شبير چوي ٿو ادي گل خاتون ڇا تي سويري سويري ڪروڌ لاٿيون بيٺي آهين،
    ادا شبير نوجوان پٽ گهر ۾ ويٺو آهي ۽ ڪراڙو پيء ڪمائي گهر جو چرخو هلائي ٿو، اڄ هن کي سمجهائي رهي آهيان ته پٽ ڪم ڪار ڪر، نه ته ماڻهو ٿڪون هڻنداء،
    پوء شاهزيب ڇا ٿو چوي؟
    شاهزيب چوي ٿو منهنجي قسمت ۾ ڪم آهي ئي
    ڪونه،
    ماستر شبير شاهزيب سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو ائين شاهزيب؟ ادي گل خاتون ڇا پئي چوي؟
    ها استاد شبير مون کي ڪم ڪٿي ملي ئي نٿو، شايد الله پاڪ منهنجي قسمت ۾ ڪم لکيو ئي ناهي،
    تڏهن ماستر شبير چوي ٿو، پٽ قسمت انسان پنهنجي پاڻ ٺاهيندو آهي، قسمت يا نصيب جو انسان سان ڪو به تعلق ناهي،
    شاهزيب حيرت مان چوي ٿو استاد اهو ڪئين ڀلا؟ اسان ته هميشه کان ئي ٻڌندا آيا آهيون ته هن معاشري ۾ هر انسان سان جيڪو ڪجھ به ٿئي ٿو اهو ان جي قسمت ۾ لکيل هوندو آهي،
    نه شاهزيب نه، ائين بلڪل به ناهي،
    باقي ڪئين استاد؟
    شاهزيب توکي ته خبر آهي الله پاڪ کي سڀئي انسان پيارا آهن، پوء ڀلا ڪنهن جي قسمت ۾ اميري ڇو لکيائين ۽ ڪنهن جي قسمت ۾ غريبي ڇو لکيائين؟ ڪنهن جي قمست ۾ نماز ڇو لکيائين ته ڪنهن جي قسمت ۾ بي نمازي ڇو لکيائين؟ ڪنهن جي قمست ۾ شراب، ۽ زنا لکيائين ته ڪنهن جي قمست ۾ پرهيزگاري ڇو لکيائين؟
    ڪنهن جي قسمت ۾ قرآن جو حافظ لکيائين ته ڪنهن جي قسمت کي اڻپڙهيل ۽ جاهل ڇو لکيائين؟ هاڻي جيڪڏهن ڪو فرد ڦل اسپيڊ ۾ بي ڌياني ۽ لاپرواهي سان موٽر سائيڪل يا ڪار هلائي ٿو ۽ جڏهن ايڪسيڊنٽ ٿي فوت يا هميشه لاء اپاهچ ٿي وڃي ٿو، ڇا اهو به ان جي قسمت ۾ لکيل هو؟ جيڪڏهن هو احتياط ڪري ها ته ڇو نقصان ۾ وڃي ها،
    ۽ ها ٻي ڳالھ ٻڌ شاهزيب،
    جي ٻڌايو استاد،
    توهان کي خبر آهي خودڪشي ڪرڻ سخت گناھ آهي، ڇا خودڪشي ذريعي ماڻهن جو موت به قسمت ۾ لکيل هوندو آهي؟ سوچڻ جون ڳالهيون آهن، هي سڀ انسان جون پنهنجون ڪيون آهن، بس مڙيئي انسانن کي قسمت جو بهانو هٿ اچي ويو آهي،
    ماستر شبير جون ڳالهيون ٻڌي شاهزيب جون اکيون کلي وڃن ٿيون، هو حيرت ۾ چوي ٿو
    استاد شبير توهان جون ڳالهيون بلڪل سهي آهن،
    تڏهن ماستر شبير چوي ٿو پٽ همت، حوصلو، جوش، جذبو، ۽ جاکوڙ ڪرڻ سان ڪم ٿئي ٿو، باقي قسم تي ڀاڙڻ بلڪل به غلط آهي،
    استاد شبير جون ڳالهيون شاهزيب لاِ اتساھ جون علامت بڻجن ٿيون، هو ٻي صبح جو پنهنجي ابي سان گڏ ڪم تي وڃي ٿو، ۽ اهڙي طرح مسلسل ڪم تي ويندو رهي ٿو، هاڻي ته هن جي گهر جا حالات به آهستي آهستي سهي ٿيڻ لڳا ها، ۽ شاهزيب جيڪو سڄو ڏينهن ڇڙواڳ ڇوڪرن سان رلندو هو، هاڻ اهو پنهنجي محنت ۽ ذريعي پنهنجي ڀيڻ جو ڏاج وٺي شادي به ڪرائي ڇڏيائين ۽ پوڙهي ابي جو ڀرجهلو به ٿي بيٺو آهي،


    محسوساتي ڪيفيت

    محسوساتي ڪيفيت

    مون قلم ۽ ڪاغذ هٿ ۾ کنيو آهي، قرطاس ابيض تي محسوساتي ڪيفيت ۽ من اندر جون سوچون ۽ لوچون قلم جي نوڪ سان قيد ڪرڻ پئي چاهيس، اڃان تحرير جو پهريون لفظ لکڻ ويٺس ته ذهن ۾ هڪ معصوم نياڻي جو گهٽا ڏنل لاش تري آيو، جيڪو ڄڻ ته مون کي دانهن ڏئي چئي رهيو هو ته
    اي درد وندن جي دانهن قيد ڪرڻ وارا ليکڪ،
    ڪجھ مون تي به لکجان، مان به تنهنجي قلم جي ڪجھ مس کپائڻ چاهيان ٿي، ڇاڪاڻ ته مون کي به انسان جي روپ ۾ وحشي درندن جنسي بک جو نشانو بڻائي گهٽا ڏئي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهي،
    اڃان ان معصوم پنهنجي دانهن پوري ئي مس ڪئي، هڪ خوبصورت ڪنواري ڇوڪري جو لاش ذهن ۾ لامارا پيو ڏي،
    جيڪو ڄڻ ته مون کان پڇي رهيو هو ته
    اي ليکڪ ڇا پيو لکين؟
    ان خاموش ٿيل لاش کي جواب ڏنم ته
    درد وندن جي دانهن پيو لکان،
    چيائين ٿوري قلم جي مس مون تي به خرچ ڪجان ڇاڪاڻ ته مون کي به سماج جي جاهل ترين انسانن ناحق ڪارو ڪاري جو ڪوڙو بهتان هڻي ڪهاڙيون هڻي الهڙ جواني ۾ قتل ڪري ڇڏيو آهي،
    منهنجي اکين کان نير وهي آيا، مان ان بي جان لاش جي دانهن ڪاغذ تي اتارڻ وارو ئي هيس ته پٺيان ڪنهن نوجوان منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو،
    چيائين ڪير آهين،؟
    چيم ڪاغذ تي درد وندن جي دانهن قيد ڪرڻ وارو ليکڪ آهيان،
    چيائين هڪ دانهن منهنجي به قيد ڪر،
    مان پڙهيل لکيل، شعور رکندڙ بيروزگار باشعور فرد آهيان، پر مون کي اڄ تائين نوڪري ناهي ملي، هاڻي آئون بيروزگاري سبب پريشان ٿي ويو آهيان، مون کان وقت جي حڪمرانن جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، منهنجا احساس ته پهرين ئي آپگهات ڪري چڪا آهن ۽ خواهشون به خودڪشي ڪري چڪيون آهن، پر اڄ مان پاڻ به آپگهات ڪرڻ پيو وڃان، اگر تنهنجي قلم ۾ طاقت آهي ته لفظن جي ڪارگردگي ذريعي وقت جي حڪمرانن کي منهنجي خودڪشي جي اطلاح ڏئي گهروڙي منهن ۾ ڀونڊا ڏجان،
    اهڙي طرح ڪجھ دير کانپوء اهو نوجوان منهنجي اکڙين کان اوجهل ٿي ويو،
    ڪجھ ساعت کانپوء لاتعداد مردن عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جي دانهن، ڪوڪن، ۽ رڙين مون کي وائڙو ڪري ڇڏيو، ڪو پاڻي جي دانهن پيو ڏي، ڪو پوليس جي ذيادتين جي دانهن پيو ڏي، ڪو گمشده ٿيل فردن جي دانهن پيو ڏي، ڪو قاتل کي گرفتار ڪرائڻ جي دانهن پيو ڏي، ڪو وڏيري جي ظلم، ذيادتين، ڏاڍ، ۽ ڏمر، جي دانهن پيو ڏي،،،
    مان بلڪل پريشان ٿي ويس، وائڙو، بيحال ۽ بتال ٿي ويس ڪاغذ ۽ قلم ميز تي رکي ڀڄڻ وارو هيس ته ڪنهن ٻانهن کان پڪڙي ورتو،
    چيائين ڪاڏي؟
    پڇيم تون ڪير آهين؟
    چيائين مان تنهنجي امڙ آهيان،
    امڙ؟
    ها مان تنهنجي امڙ " سنڌ " آهيان،
    مان سنڌ امڙ جو بيحال، حال ڏسي روئڻهارڪو ٿي ويس، پريشان ٿي ويس، نهايت ئي گهٻرائجي ويس، منهنجو دماغ هڪ دم تاريخي ڪتابن ڏانهن مائل ٿي ويو، انهي تاريخي ڪتابن ڏانهن، جنهن ۾ مون پڙهيو هو ته سنڌ ماضي ۾ سهڻي، شاهوڪار، امن پرست، ۽ صوفين، برزگن، ۽ الله وارن جي ڌرتي هئي،
    مان سنڌ امڙ کان پڇيم منهنجي جيجان تنهنجي اهڙو حشر ڪنهن ڪيو آهي،
    چيائين منهنجو هي حال، چورن، لوٽيرن، ڌاڙيلن، ڌرتي دلالن، ٻاهريان آيل ڌارين، ۽ منهنجي ڪک مان جنم وٺندڙ منهنجي پنهنجن،
    منهنجي پنهنجن؟
    ها منهنجي پنهنجن، اهي منهنجا پنهنجا جيڪي وقت جا حڪمران آهن،
    سنڌ امڙ چيو منهنجا ٻچا انهن منهنجي فطري حسن کي ختم ڪيو آهي، منهنجي روح کي زخمي ڪيو اٿن، منهنجي وسيع ميدان تي رت جي راند پيا کيڏائن، منهنجي جياپي لاء ڪجھ نه پيا ڪن،
    آخر ۾ سنڌ امڙ روئندي چيو الله جو واسطو اٿئو مون کي وقت جي منصف کان نياء وٺي ڏيو،
    ڪجھ ساعت کانپوء سنڌ امڙ منهنجي اکين کان اوجهل ٿي وئي،،
    اهڙي طرح مان پنهنجي تحرير کي پهرين لفظ کان اڳتي نه وڌائي سگهيس، منهنجو دماغ ڪم ڇڏي ويو، لفظن جي ديوي رسي وئي، ۽ منهنجي محسوساتي ڪيفيت مون کان وسري وئي.


    نتيجو

    نتيجو

    هن کي بار بار ڳوٺ وارا چوندا رهيا ته ادا تنهنجي نياڻي جوان ٿي وئي آهي خميسا ڀاء پنهنجي نوجوان نياڻي جي شادي ڪرائي جان ڇڏائي ڇاڪاڻ ته اڄ ڪالھ ماحول خراب آهي ۽ نوجوان ڇوڪري گهر ۾ ويهارڻ بلڪل به سهي ناهي، ادا خميسا توهان ڏي اخبار به روزانو ايندي آهي، ملڪ جا حالات ته اوهان پاڻ ڏسندا آهيو، ادا اڄ ڪالھ جي ماڻهن ۾ ڌي، ڀيڻ، ۽ نياڻي جي بلڪل به سڃاڻ ناهين، اڄ ڪالھ جا ماڻهو رڇ، ڀولا، ٿي ويا آهن.
    پر خميسو ڳوٺ وارن جي ڳالھ تي عمل ڪرڻ بدران ڪاوڙجي اٿيو هليو ويندو هو ۽ ويتر چوندو هو ته منهنجي نياڻي جي توهان کي ڏاڍي فڪر لڳي پئي آهي، ڀلا منهنجي معصوم ڌي اوهان جي گهران کائيندي آهي ڇا؟ جڏهن به آئون گهر کان ٻاهر نڪران ٿو توهان سڀ ڳوٺ وارا وٺ وٺ ڪري ويندا آهيو، ڪونه اٿائيندس پنهنجي نياڻي، جيستائين آئون زنده آهيان تيستائين پنهنجي نياڻي جي هرگز شادي ڪونه ڪرائيندس، ڪاوڙ واري لهجي ۾ چوندو هو سڀني کي منهنجي نياڻي جي لڳي پئي آ،
    خميسي جا ڪيترائي مائٽ سميرا جو رشتو وٺڻ لاِ آيا پر خميسو ٺپ انڪار ڪري ڇڏيندو هو،
    نه ڄاڻ ته سميرا جو ڳوٺ جي ڪنهن نوجوان سان چڪر هلندڙ هو، هر روز موبائيل تي اها ئي سس پس ٿيندي هئي ته ڪڏهن ڀڄي هلون ڇو ته هاڻي گهڻو وقت پري نه ٿا رهي سگهون، ۽ سياري جون سرد، سانت، ۽ طويل راتيون هڪٻئي کانسواء گهارڻ تمام مشڪل ٿي پويو آهن،
    سميرا به شايد موقعي جي تلاش ۾ هئي، هڪ ڏينهن وجھ وٺي پنهنجي چاهيندڙ کي فون ڪيائين ته اڄ رات ٺيڪ 1 وڳي نڪرڻ جي تياري ڪجان،
    سندس چاهيندڙ چيس، ٺيڪ آ پر رات ڪٿي ملندين؟
    سميرا چيس ته رات مان پنهنجي گهرڀاتين کي نشو ڏيندس بس تون منهنجي گهر هليو اچجان،
    ٺيڪ آ مان رات ٺيڪ هڪ وڳي پهچي ويندس،
    رات ٿي ته سميرا ماني کان پوء پنهنجي گهرڀاتين کي چانھ ۾ نشي جون گوريون وجهي ڏنيون ۽ چند ساعتن کانپوء گهر جا سڀئي ڀاتي نشي ۾ الوٽ تي بيهوش ٿي پيا،
    نيٺ هڪ به ٿيو ويو ۽ چاهيندڙ به اچي ويس، سميرا تڪڙ تڪڙ ۾ ٿيلهي ۾ ڪپڙا ۽ گهر جا سمورا زيور کڻي پنهنجي چاهيندڙ سان نڪري پئي،
    صبح جو جڏهن خميسي سميت ٻين گهرڀاتين کي هوش آيو ته سميرا جي کٽ خالي ڏسي حيران ۽ پريشان ٿي ويا ۽ هڪٻئي کان وائڙا ٿي پڇڻ لڳا ته سميرا ڪٿي آ سميرا ڪٿي آ؟
    نه ڄاڻ سميرا جي ننڊي ڀيڻ حميرا کي خبر هئي ته سميرا جي ڳوٺ جي نوجوان سان سنگت هئي.
    گهڻي سوچ ويچار کان پوء حميرا چوڻ لڳي بابا خميسا مون کي لڳي ٿو سميرا پنهنجي ڳوٺ واري نوجوان واجد سان ڀڄي وئي آهي،
    ڇا،،،،،،،،،،،،،،؟
    خميسو وڏي رڙ ڪري زمين تي بيهوش ٿي ڪري پيو،
    گهروارن زور وغيره ڏئي پاڻي جا ڇنڊا هڻي هوش ۾ آندائونس،
    هوش ۾ اچڻ کانپوء جهونو خميسو ويچارو ڍاڍيون ڪري روئڻ لڳو، ۽ چوڻ لڳو اي منهنجا الله هي ڇا ٿي ويو، روئندي روئندي چوڻ لڳو هاڻي آئون ڳوٺ وارن کي ڇا جواب ڏيندس، ڳوٺ وارا ته مونکي طعنا ڏئي ماري وجهندا،
    پنهنجي وني کي ڪاوڙ ۽ روئڻدڙ انداز ۾ سڏ ڪري چيائين،
    او چنڊي رن هي هٿ ٻڌائين ٿو الله کي مڃ ڳوٺ ۾ وڃين هوڪا نه ڏجان، خاموش رهجان آئون سڀاڻي وڏيري کي چئي ڳجھ ڳوھ ۾ ڇوڪري کي واپس موٽائيندس،
    رات ٿي پر هنن پريشاني سبب گهر ۾ ماني وغيره ڪونه پچائي، خميسي ويچاري جي ته سڄي رات سوچن ۾ گذري وئي ۽ سڄي رات ننڊ ئي ڪونه ڪيائين،
    صبح جا 9 ٿيا ته اخباري هاڪر روز جي معمول موجب اخبار ڏيڻ آيو،
    دروازو کڙڪايائين،
    خميسي پڇيو ڪير آهين؟
    سائين آئون آهيان اخباري هاڪر،
    خميسي دروازو کولي اخبار وٺي اندر هليو
    پهرين ته خميسو ڪندو ائين هو جو اخبار وٺي گهر کان ٻاهر وڃي ڳوٺ جي پنج اٺ معزز ماڻهن سان گڏ ويهي پڙهندو هو، پر هن ڀيري ائين ڪونه ڪيائين
    هو پريشاني سبب اندر هليو ويو، روز جي معمول موجب هو عينڪ اکين تي چاڙهي ڪرسي تي ويهي اخبار پڙهڻ ويهي رهيو، اخبار جون مين سرخيون پڙهڻ کانپوء اخبار جو ٻيون صفحو هٿ ۾ کنيائين، جيئن ئي ٻيون صحفو پڙهڻ ويٺو ته پهرين پهرين هن کي پسند پرڻي جي خبر ڏسڻ وٽان ملي، نه ڄاڻ اها خبر هن جي ڌي سميرا ۽ ڳوٺ جي نوجوان واجد جي هئي جنهن ۾ سميرا جو بيان هو ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو مان پنهنجي رضا خوشي سان پنهنجي ڳوٺ واسي واجد سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن تي اسان جي برادري جا ماڻهو اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن، ۽ اسان کي مارڻ لاء ڪوششون ڪري رهيا آهن اسان اعليٰ اختيارين کي هٿ ٻڌي اپيل ٿا ڪريون ته موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ ڦلاڻن ڦلاڻن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي،
    جڏهن خميسو اها خبر پڙهي ٿو ته خميسي جا ڇرڪ نڪري وڃن ٿا،
    خميسو هڪدم اخبار کي ڪرسي تي رکي وڏيري ڏي وڃڻ لڳو،
    ان ڏينهن خميسي جي غيرمودگي ۾ ڳوٺ وارن به اخبار گهرائي ورتي هئي،
    خميسو جيئن ئي گهر کان ٻاهر نڪتو ڪجھ وکون اڳتي وڌايائين ته انهن معزز ماڻهن جي خميسي تي نظر پئي ۽ سڏ ڪري چيائون،
    ادا خميسا اسان هي اخبار ۾ ڇا پڙهيو آ بابا،
    خميسو روئڻهارڪو منهن ڪري چوڻ لڳو ادا اوهان سهي پڙهيو آهي هي ڳالھ بلڪل به سهي آهي،
    ايتري ۾ اتي موجود هڪ همراھ وڏي آواز ۽ ڪاوڙ ۾ خميسي کي چوڻ لڳو،،
    خميسا ڀاء اسان ته توکي چئي چئي ٿڪجي پياسين ته ڇوڪري جي شادي ڪرائي جان ڇڏائي پر تو ته اسان جي هڪ به ڪونه ٻڌي هاڻي ڀلا کاڌاء کٽيو،
    اهي لفظ خميسي جي دل ۾ گولي وانگر پيهي ويا، هو روئندو روئندو وڃي وڏيري جي اوطاق تي پهتو، وڏيري خميسي کي ڏسي سڄو راز پروڙي ورتو، وڏيرو خميسي کي چوڻ لڳو خميسا تو واري نياڻي جي خبر آئون اخبار ۾ پڙهي اٿم، بابا هاڻي آئون به ڪجھ ڪونه ڪري سگهندس، ڇاڪاڻ ته ڇوڪري ڪورٽ ۾ شادي ڪئي آهي ۽ آئون قانون سان حرڪت ڪونه ڪندس، بابا مون کان ڪم زور اٿئي،
    جڏهن وڏيري جواب ڏنس ته خميسو گهر واپس وڃڻ لڳو،
    گهر موٽڻ شرط گهرڀاتين پڇيس ته
    ڏي حال وڏيري ڇا چيو؟
    وڏيري جواب ڏنو، خميسي پريشاني ۽ هيٺئين لهجي ۾ چيو،
    اهڙي خبر جڏهن گهرڀاتي ٻڌن ٿا ته گهر ۾ روڄ راڙو مچي وڃي ٿو، چار پنج ڏينهن خميسو شرم کان گهر کان ٻاهر به ڪونه نڪتو، گهر ۾ ويهي ويهي اچي بور ٿيو نيٺ ڇهين ڏينهن ٻاهر نڪتو،
    جيئن ئي ٻاهر نڪتو سڀئي ڳوٺ وارا طعنا، مهڻا ڏيڻ لڳيس، هر ڪنهن جي زبان تي اها ئي ڳالھ ھئي، خميسا اسان جو توکي چيو هو نياڻي کي اٿائي جان ڇڏائي هاڻي ڀلا کاڌاء کٽيو،
    خميسي بعد ۾ ڏاڍو پڇتايو ۽ سوچڻ لڳو ته يار جيڪڏهن انهيَ ڏينهن لاپرواهي نه ڪيان ها ۽ ڳوٺ جي چڱن ماڻهن جي ڳالھ تي عمل ڪري نياڻي جي وقتي طور شادي ڪرايان ها ته جيڪر مٿان ايتري نوبت نه اچي ها،
    هو ڳوٺ وارن کان ڏاڍو شرمنده هيو، ۽ ڳوٺ وارن به هر ڀيري بي عزتو ڪري هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو،
    ويچارو ڳوٺ وارن جي طعنن، مهڻن، کان تنگ اچي نيٺ هڪ ڏينهن پکي ۾ رسو وجهي خودڪشي ڪري زندگي جو آنت آڻي ڇڏيائين،،


    فراق

    فراق

    ڪون بچسان درد تيڏي وچ رو رو دم ڏيسان،
    آپين سڻسين دل ٽٽ پوسي هڪ ڏينهن مر ويسان،
    دماغ تي هٿ رکيون ڪرسي تي ويهي اداس حال ۾ منظور سخيراڻي جو مٿيون ڪلام وڏي آواز سان ٻڌي رهيو هو، اوطاق جي پاسي کان لنگهيس ته وڏي آواز ۾ ڪلام ٻڌي هڪ دم اوطاق ڏي ڪاهي پيس،
    اوطاق ۾ پهچندي ئي اسلام وعليڪم چيم،
    ڪلام جو آواز گهٽ ڪندي چيائين
    وعليڪم سلام، آ اندر اچ،
    نواب ڀاء خير ته آهي اڄ ته ڏکائتو ڪلام پيو ٻڌين؟
    بس يار نه پڇ،
    يار پڇڻ ته آيو آهيان مون کي ٻڌائي ته ڇا مسئلو آ؟
    بيوفا سڄڻ مون جو ويڙهو ويران ڪري ويا ۽ پاڻ وڃي پنهنجو ويڙهو وسايائون اٿئون،
    مان نه سمجهيس نواب؟
    يار بس رهڻ ڏي خوامخواه منهنجا زخم تازا نه ڪر،
    قسم ٿي پياري ماڻهو جو ٻڌائي،
    وڏو شوڪارو ڀري چيائين،، ياررر ماري ڇڏيوء،
    هاڻي ته ٻڌائڻو پيو، دراصل ڳالھ ائين آ جو اڄ کان تقريبن چار سال پهرين هڪ سندر، سهڻي، سيبتي، ۽ سنهڙي ڇوڪري سان پريت جا پيچ اڙيا هئا، مان هن کي ۽ هو مون کي ڏاڍو پسند ڪندي هئي، روزانو هڪٻئي جو ديدار نه ٿئي ته دل کي سڪون نه اچي، منهنجو پرين شروعات ۾ اهڙو ته اڙانگو هو جو راضي ٿيڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي،
    پوء؟
    پوء ڇا آئون به دل جو دل ۾ پڪو پھ ڪيو ته ڪجھ به ٿي پوي پر هن سهڻي کي ته لازمي پنهنجو ڪندس، ٻن سالن جي ڊگهي جدوجهد کانپوء آخر سهڻن هار مڃي،
    واھ، ڀلا ڏي حال تو هن کي پهريون ڀيرو ڪٿي ڏٺو هو؟
    منهنجي ننڍڙي ڀائرن جي سنت طهر هئي ان ڏينهن اسان جا سڀ مٽ مائٽ رسم رواج موجب اسان جي گهر آيل هئا آئون ته ٻاهر شادي جي ڪم ڪار ۾ لوھ هيس پر گهر ۾ ڪو اهڙو ڪم ٿي پيو جنهن سبب گهر اچڻو پيو، گهر ۾ پهچڻ شرط جيئن ئي هن اپسراء تي نظر پئي ڪجھ پل لاء آئون موبائيل وانگر هينگ ٿي ويس، سنهڙا چپڙا، ڳاڙها ڳل، ڊگها وار، شرابي اکڙيون، معصوم ادائون، ۽ سنهڙي چيلھ، هاء نه پڇ ڄڻ ته مڌوبالا هجي، هي ڪير آ؟ ڪٿان جي آ؟ ڪجھ ساعتن لاء آئون سوچن جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس،.
    ايتري ۾ ٻاهريان رڙ آئي، اڙي هل نواب جلدي سامان کڻي اچ، ها ها آيو آيو ڪري ٻاهر نڪري ويس،
    پوء ڇا ٿيو؟
    پوء هڪ ڀيرو وري هن جو مکڙو پسڻ لاِ اندر اچڻو پيو پڇڻ تان معلوم ٿيو ته هو سامهون واري ڳوٺ جي آهي،
    پوء؟
    پوء نياپو موڪليو مانس، پر پهرين ڀيري ته هن کنگهيو ئي ڪونه، آئون به هر روز نئون نياپو موڪليندو هيس، نيٺ ٻن سالن کانپوء هن چيو هاڻي بس گهڻو ٿيو آئون تنهنجي آهيان، هي جسم، جان تنهنجي مٿان قربان، منهنجو جيئڻ مرڻ تو سان آهي،
    پوء؟
    پوء مسلسل چار سال هن سان خوب نڀايو هيم،
    اڇا اوهان شروعات ۾ هڪ ڳالھ ڪئي هئي ته
    بيوفا سڄڻ مون جو ويڙهو ويران ڪري ويا ۽ پاڻ وڃي پنهنجو ويڙهو وسايائون اٿئون،، ان ڳالھ جو ڇا مقصد آهي؟
    لڙڪ وهائيندي چيائين منهنجو پرين بيوفا نڪتو، ساٿ نڀائڻ جا ۽ گڏ رهڻ جا واعدا ڪري پاڻ وڃي پنهنجو ويڙهو وسايائون،
    ويڙهو مطلب مان نه سمجهيس؟
    روئندي چيائين، منهنجو پرين هاڻ هن دنيا ۾ ناهي رهيو،،


    سياسي ڀوتار

    سياسي ڀوتار

    اليڪشن ۾ ڪجھ ڏينهن پيا هئا ته هڪ ڏينهن منهنجو شهر وڃڻ ٿيو شهر پهچڻ شرط مختلف اميدوارن پاران لڳايل ڪيمپن تي سياسي گيتن جي گونجار هئي، ائين لڳو پئي ڄڻ هي ڪيمپن وارا هڪٻئي سان مقابلو ڪيون بيٺا آهن ته جنهن جي راڳ جو آواز وڏو............ سو هڪ ڪيمپ تي هڪ وڏي آواز ۾ گيت هلي رهي رهيو هو جنهن جا ٻول هئا " ڀُٽي جا دشمن اسان ڳولهي ڳولهي مارينداسين " ان کان بعد ٿورو اڳتي وڌيس ته هڪ ٻي ڪيمپ تي ٻيو گيت ٻڌڻ ۾ آيو جنهن جا ٻول هئا " روڪ سڪو تو روڪ لو تبديلي آئي ري " اهڙي طرح تقريبن 8 ڪيمپن تي مختلف سياسي پارٽين جا گيت وڏي آواز ۾ گونجي رهيا هئا، انهن ڪيمپن جي پاسي مان جيڪو ماڻهو به گذري پيو ڪنن تي هٿ ڏئي پوء گذري پيو ڇاڪاڻ ته اسپيڪرن جو آواز وڏو ڪيون بيٺا هئا،
    نه اُهي ڪيمپن وارا آزان جي وقت گيتن جو آواز بند ڪن پيا ۽ نه ئي وري ڪنهن معزز جي چوڻ تي گيت بند ڪن پيا، بس رڳو جُهمر جو ٽڙڪو لڳو پيو هو، ڪجھ وقت آئون سوچن جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ لڳس، هي ڪهڙا مسلمان آهن جيڪي آزان جو به احترام نٿا ڪن، چلو خير شهر مان گهر جو سامان وغيره وٺي ڳوٺ پهتس ڏسان ته ڳوٺ جا ڪجھ فرد هٿن ۾ گلاب جا گل کڻي ڪنهن جي انتظار ۾ بيٺل آھن آئون به جلدي ۾ گهر ڏي سامان رکي پوئين پيرن واپس آيس، غُلو کان پڇيم، غُلو ڏي خبر خير ته آهي هي ڇا جو مانڊاڻ متل آهي؟
    چيائين ڀوتار ورڪ تي اچي ٿو اُن جي آسري ۾ بيٺا آهيون، ڀوتار ته 2 وڳي اچڻ جو وقت ڏنو هو پر هِن مهل 4 ٿين ٿا اڃان تائين ناهي آيو،
    دل ۾ سوچيم اِهي وڏا ماڻهو هوندا به اِئين آهن، ڪجھ گهڙيون غُلو سان حال احوال اورڻ کانپوء، ڏسان ته ڪچي رستي تان 20 گاڏيون ڌوڙ اڏامديون اسان جي ڳوٺ طرف اچن ٿيون، ڳوٺ وارن جي چهري تي مرڪ اچي وئي، ڳوٺ وارن چيو ڀوتار اچي ويو جهٽ گهڙي کانپوء ڀوتار به هڪ وڏي لينڊ ڪروزر گاڏي مان پنهنجا قدم مبارڪ زمين تي رکيا، هيڏانهن هڪ همراه وڏي آواز ۽ هڪئي ساهي ۾ چيو نعراااااااااا اي،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،، اتي موجود ماڻهن نعري جو جواب ڏئي ڀوتار جي مٿان گلن جو مينهن وسائي ڏنو،
    مون کي سمجه نه پئي آيو ته آخر ڀوتار ڪهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي جو ان جي مٿان گلاب جا گل مينهن وانگر وسي رهيا آهن، سوچيم هي ڀوتار ته اهو آ جيڪو پوئين اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ جي لالچ ۾ ڳوٺ وارن کي ترقي جا ڪوڙا خواب ڏيکاري ووٽ وٺي ڪامياب ٿيڻ کانپوء ڳوٺ ڏي منهن ئي نه ڪيائين،،،، اتي موجود هر ماڻهو جي خواهش هئي ته آئون ڀوتار کي ڀاڪر پائي ملان پر ڀوتار ووٽن جي لالچ ۾ مجبورً ماڻهن سان ملندو رهيو، ان کان بعد ڀوتار اوطاق تي پهتو، اوطاق تي پهچڻ شرط ڀوتار سڀني ڳوٺ وارن کي خوش چڱو ڀلو ڪري چيائين، ڳوٺ واراؤ آئون شرمنده آهيان ته 5 سالن ۾ اوهان جي ڪابه سار ناهيان لڌي، مان اوهان جي مسئلن کان بلڪل واقف آهيان، بس هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي آزمائي ڏسو ڏاڙهي تي هٿ گهمائيندي چيائين
    آئون مڙساڻو واعدو ڪيان ٿو جيڪڏهن آئون اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ويس..
    ڳوٺ جي نوجوانن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين
    هنن پڙهيل لکيل نوجوانن کي روزگار به ڏيندس، ۽ هن ڳوٺ جا روڊ، رستا، ڊرينينج سسٽم، ٺھرائڻ سميت اسٽريٽ لائٽون به لڳائي ڏيندس، ان کان بعد به منهنجي بنگلي جو در اوهان جي لاء 24 ڪلاڪ کليل هوندو جيڪو به اوهان جو ڪم هوندو انهي مهل ٿي ويندو، توهان ڳوٺ وارن جي شابس آ جو اوهان هر ڀيري مونکي ئي ووٽ ڏيندا آهيو،
    ڀوتار پنهنجي ڳالھ ختم ڪئي ته ايتري ۾ ڳوٺ جي هڪ معزز چيو ڀوتار اوهان اسان جي اڱڻ تي آيو آهيو اسان اوهان تي هڪ ڀيرو ٻيهر اعتماد ڪيون ٿا ۽ اسان وچن ڪيون ٿا ته سموري ڳوٺ جا ووٽ اوهان کي ئي ملندا،، ڀوتار هلڪي مسڪراهٽ چهري تي آڻي چيائين چاچا وڏي مهرباني، ان کان بعد ڀوتار ڳوٺ وارن کان موڪلاڻي ڪري پنهنجي راھ ڏانهن راهي ٿيو،
    آخر ڪجھ ڏينهن ۾ اليڪشن جي تاريخ به اچي وئي ڳوٺ جا سمورا ووٽ به ڀوتار جي کاتي ۾ هليا ويا، سرڪاري نتيجا اچڻ کانپوء معلوم ٿيو ته ڀوتار ڪامياب ٿي ويو، ڀوتار جي ڪاميابي جي خبر ٻڌي ڳوٺ وارن جا چهرا خوشي ۾ ٻهڪي پيا، ڳوٺ وارن سمجهيو هاڻ بدنصيب ڳوٺ کي اسان وارو ڀوتار ڪنوار جيان سينگهاريندو،
    تعليم، روزگار، پڪا رستا، صحت جون سهولتون، مطلب ته ڳوٺ وارن سوچيو هاڻ اسان جي زندگي به شهري ماڻهن جيان گذرندي، هاڻ هو ڀوتار مان ايم، اين، اي ٿي ويو،
    ڪجھ مهينن کانپوء ڳوٺ وارن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو ته پاڻ ڀوتار کي ووٽ ڏنا ۽ ڀوتار اليڪشن ۾ ڪامياب به ٿي ايم، اين، اي، ويو آهي، هاڻي هلو ته سڀاڻي ايم، اين، اي، صاحب کي واعدو ياد ڏياري اچون،
    صبح جو 10 وڳي ڳوٺ وارا ايم، اين، اي، عرف ڀوتار جي بنگلي تي پهتا،
    اتي موجود ڀوتار جي نوڪرن کان پڇڻ تي معلوم ٿيو ته ڀوتار اسلام آباد آهي، ڀوتار جي غيرمودگي جو ٻڌي ڳوٺ وارا واپس پنهنجي ڳوٺ ڏانهن راهي ٿيا، 5 ڏينهن کانپوء ٻيهر بنگلي تي ويا پر وري به پتو پيو ته ڀوتار لاهور آهي.
    پندرهن ڏينهن کانپوء وري ٻيهر ڳوٺ جا معزز ماڻهو ڀوتار کي واعدو ياد ڏيارڻ لاء سندس بنگلي تي ويا پر وري به معلوم ٿيو ته اڄ ڀوتار ڪراچي آهي، اهڙي طرح ڳوٺ وارا جڏهن به ڀوتار سان ملڻ وڃن ته ڀوتار جو ڏس ڪڏهن لاهور، اسلام آباد، ملتان، ملي ته ڪڏهن ڪراچي، حيدآباد، ۽ سکر ملي، ڳوٺ وارن تقريبن ڀوتار جي پويان ڏيڍ سال پنڌ ڪيو ڀوتار جو ملڻ ته گهوريو پنهنجي جاء تي پر ديدار به نصيب ڪونه ٿيو، آخر اقتدار جي ڀوڄاري ۽ ٺڳ ڀوتار پنهنجا واعدا وفا نه ڪيا، ڳوٺ وارن جو ڳوٺ جي ترقي وارو خواب به چڪناچور ٿي ويو پر ها ڳوٺ وارن ڏاهن کي ڏس ڏنو ته ٻيلي خدا جي واسطي اهڙي ٺڳ سياسي ڀوتار کي ڪڏهن به ووٽ نه ڏجو،،


    انتقامي ڪاروائي

    انتقامي ڪاروائي

    ربنواز جو ڳوٺ اسان جي ڳوٺ کان تقريبن 2 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هو، ربنواز پاڻ هڪ بهترين استاد سان گڏوگڏ امن پسند، جهيڙي ٽاڙ، علم عقل ڏاهپ جا درس ڏيندڙ، ۽ پڙهيل لکيل تعليم يافته ڳوٺاڻو هو، هن وٽ هر مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي به خاص مهارت حاصل هيس، هو اسان جي ڳوٺ واري مڊل اسڪول ۾ ٻارن کي پڙهائيندو هو، هڪ ڏينهن اچانڪ استاد ربنواز ڊڪندو، ڪرندو، ٿاٻڙندو، اسان جي ڳوٺ پهتو، چهري تي خوف جي لهر ڇانيل هيس ۽ سڄو بت ڪرڙي وانگر ڏڪي رهيو هيس، گهر اندر اچي ڏڪندي ۽ گهٻراهٽ واري لهجي ۾ چيائين ته تڪڙ ڪيو دروازو بند ڪيو ۽ ڪنهن کي ٻڌائجو نه ته ڪو آئون هتي آهيان،
    استاد ربنواز خير ته آهي، ادا اصغر پڇيس،
    بس ادا خير وري ڪهڙي؟ وڏيري انتقامي ڪاروايون شروع ڪيون آهن، ۽ هن اسان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن انهي ڏينهن وڏيري کي ووٽ ڏيون ها ته جيڪر اڄ چورن، ڌاڙيلن، ۽ ڏوهارين، وانگر اسان جي پويان پوليس نه هجي ها، اڄ وڏيري جي چرچ تي اسان جي گهر ۾ پوليس وڄ جيان ڪڙڪي پئي آهي، ۽ آئون وجھ وٺي هيستائين پهتو آهيان،
    استاد ربنواز ڪهڙي وڏيري جي ڳالھ ڪيو ٿا؟ اصغر پڇيس،
    ادا اصغر اِهو وڏيرو جيڪو هاڻ نئون ايم، اين، اي ٿيو آهي،
    پر اُهو ايم، اين، اي، اوهان جي پويان ڇو لڳو آهي؟
    چيائين، ادا اصغر ڳالھ ڪجھ ائين آهي جو اڄ کان 5 ڏينهن پهرين وڏيري جي برادري جي ڪجھ شرپسند ماڻهن منهنجي رستا روڪ ڪري بنا ڪنهن غلطي ۽ بنا ڪنهن سبب جي منهنجو گريبان ڦاڙي مون کي چماٽون هنيون ۽ قتل ڪرڻ جون موتمار ڌمڪيون پڻ ڏنيون، آئون جڏهن اهڙي شرپسند ۽ بدمعاشن جي دانهن حد جي ٿاڻي تي کڻي ويس ته ايس، ايڇ، او، منهنجي ايف، آء، آر، داخل نه ڪئي، ۽ ويتر دهمان، دڙڪا، داٻا ڏيندي چيائين، مون کي خبر آ ڙي تون ڪتيرو مڙس ماڻهو آهين، اُنهن غريبن ۽ شريفن سان وڙهي ۽ اُنهن کي ڪُٽي، پنهنجي گريبان ڦاڙهي اُنهن تي ڪوڙا ڪيس ڪرائڻ چاهين ٿو، اهڙي طرح هنن منهنجي فرياد داخل نه ڪئي ۽ مان چُپ ڪري وڃي پنهنجي گهر ويٺس، اصغر ڀاء اوهان کي ته خبر آ آئون اڄ تائين ڪنهن سان اُچائي ناهي ۽ نه ئي ڪنهن سان وڙهيو، یا جهيڙيو، آهيان، مان ته هڪ امن پسند، استاد آهيان،
    اُهي شرپسند ڪير هئا اصغر پڇيس؟
    اُهي وڏيري جا واٺا هئا،
    پر انهن اوهان سان اِئين ڇو ڪيو؟
    چيائين دراصل اليڪشن کان ڪجھ ڏينهن پهرين وڏيرو اسان جي ڳوٺ ۾ ورڪ تي آيو هو، ۽ وڏيري منهن هيٺ ڪري چيو ته ڳوٺ وارٶ اسان جي مثال به اُنهن موسمي ڏيڏرن جيان آهي جيڪي سانوڻ جي موسم ۾ ٽران ٽران ڪري ٻاهر نڪرندا آهن، بلڪل اِئين جيئن اسان سياسي ماڻهو اليڪشن جي موسم ۾ بنگلن مان نڪري شهرن، ڳوٺن، ۽ وستين طرف نڪري پوندا آهيون، سو ڳوٺ وارٶ جيئن ته اوهان کي خبر آهي ته اليڪشن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي اسان اوهان وٽ اِها آس اميد کڻي پهتا آهيون ته ماضي کي وساري هن ڀيري اسان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو انشاالله اوهان جي ڳوٺ کي پئرس بڻائي ڇڏيندس، ۽ بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون وٺي ڏيندس.
    معزز هجڻ جي ناطي سڀئي ڳوٺ وارا منهنجي ڪيل فيصلي تي راضي هوندا آهن، سو انهي ڏينهن وڏيري جي اچڻ کان ڪجھ ڪلاڪ پهرين ڳوٺ وارن سان صلاح مشوري کان پوء اها ڳالھ طئي ڪئي سين ته هيل وڏيري کي ووٽ ناهن ڏيڻا، ۽ پنهنجي تڪ تي وڏيري جي مقابلي ۾ پڙهيل لکيل نوجوان فرد بيٺو آهي ووٽ ان کي ڏينداسين.
    سو وڏيري پنهنجي ڳالھ ختم ڪئي ايتري مان به اٿي ڪري وڏيري جي اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، چيم سائين گذريل 20 سالن کان اسان اوهان کي ووٽ ڏيندا آيا آهيون ۽ اوهان هر ڀيري ڪامياب ٿيندا آهيو پر اسان جي ڳوٺ ۾ ته هڪ ٽڪي جو ڪم ڪونه ڪرايو اٿئو، سائين اسان معزرت ڪيون ٿا ڇو ته هن ڀيري اسان ڳوٺ واسي پنهنجو قيمتي ووٽ اوهان کي ڪونه ڏينداسين، ايتري ۾ وڏيرو ڪاوڙ ۾ اٿيو هليو ويو..
    پوء ڇا ٿيو؟
    پوء ڇا اسان جنهن کي ووٽ ڏنا اهو ويچارو وڏيري کان هارائي ويو ۽ وڏيرو اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي ايم، اين، اي ٿي ويو آهي ۽ هاڻ اسان غريبن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو اٿس، غريب آهيون صبر ڪيون ويٺو آهيون شل وڏيري کي الله پڄي.


    اختصاري ڪهاڻيون

    بي زبان جو انت

    بي زبان جو انت

    هن ڏي ننڊڙي ڇوڪري ڀڄندي اچي ٿي،
    بابا بابا،
    جي ڪيان؟
    هو پنهنجي ڪڻڪ ۾ خميسي جي ٻڪري ڪڻڪ کائي ٿي بيٺي،
    هو هڪدم کٽ کان اٿي پنهنجي ڪڻڪ ڏي وڃي ٿو،
    ۽ ٻڪري کي ڊوڙائي ڊوڙائي آخر پڪڙي وجهي ٿو،،
    ظالم زميندار ٻڪري کي پڪڙيندي ئي ڪاوڙ وچان
    ٻڪري جي پيٽ ۾ هڪ مڪ، ٻي مڪ، ٽين مڪ، چوٿين، پنجين، اصل اٺ، ڏھ، مڪان ٻڪري جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍي ٿو،
    ايتري ۾ گرڀ ٻڪري آڪاش ۾ اکيون اٽڪائي رڙ ڪري ٿي،
    ۽ اها رڙ چند ساعتن کانپوء هميشه هميشه جي لاء خاموش ٿي وڃي ٿي،


    شاعر جي ڌيءِ

    شاعر جي ڌيءِ

    رات جي سانت ۾ جڏهن شهر جي سموري مخلوق سميت شهر جو شور ۽ گجگوڙ به آرام ۾ هو، تڏهن هڪ ينگسٽر ڪنواري ڇوڪري اٿي ٿي، ۽ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ٿي، ۽ ڪمپيوٽر اسٽارٽ ڪري ٿي، ڪجھ ساعت کانپوء هڪ سنڌي ڪلام هلائي ٿي،
    تڏهن سندس بابا ڪلام جي آواز تي سڄاڳ ٿي پوي ٿو، ۽ ڌي جي ڪمري ۾ هليو وڃي ٿو، ڪلام جا ٻول ٻڌي ٿو ته ڪاوڙ وچان پنهنجي ڌي جي ڳٽي تي چماٽ وهائي ڪڍي ٿو ۽ ڌي سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو،
    ڇوري ٻڏي نٿي مرين هڪ بيڪار ۽ ڇڙواڳ ڪلام ٻڌين ٿي،
    تڏهن سندس ڌي معصوماڻي انداز ۾ چويس ٿي،
    بابا هن ڪلام جي شاعري به اوهان جي ٿيل آهي،
    تڏهن هو شرم وچان ڪنڌ هيٺ ڪري ٻاهر هليو وڃي ٿو،


    ڀٽڪيل غيرت

    ڀٽڪيل غيرت

    فهد پنهنجا اورڻ اوريندي چيو، مان پريت جا پيچ اڙائي ويٺو آهيان، هن جو عڪس منهنجي من جي پاتال ۾ پيهي ويو آهي، جڏهن هو منهنجي سامهون گذري ٿي، تڏهن هن جي سڳند منهنجي روح کي راحت بخشي ٿي، سوچان ٿو تعليم کي تيلي ڏئي، هن کي راضي ڪري، يونيورسٽي مان ڀڄائي، عشق جو ڪو سنسان ۽ الڳ آستان وسايان،
    چيومانس، هو آهي ڪير، ۽ ڪٿان جي آهي؟
    چيائين ڪير آهي ڪٿان جي آهي، ڪا خبر ناهي؟ پر يار آهي صفا مست، ڇا ٻڌايائين، ڇا ته هن جون اڀريل ڇاٿيون آهن، ڇا ته هن جي چيلھ آهي، جڏهن هو وک وڌائي ٿي تڏهن هن جا ارھ لڏن ٿا، ۽ منهنجي وجود کي سيڪس جي بک ڏيارين ٿا، هاڻ آئون ڪيترن ئي ڏينهن کان سوچن جي دنيا ۾ غائب آهيان ته آخر هن سان پيار جو اظهار ڪيئن ڪيان؟
    چيم هو ڪٿي رهي ٿي؟
    چيائين يونيورسٽي ۾ مون سان گڎ پڙهي ٿي،
    چيم جتي اوهان کي حياء، ادب، اخلاق، علم، عقل، ڏاهپ، سڃاڻپ، ۽ سياڻپ، جو درس ملي ٿو انهيَ درسگاهن ۾ اوهان اهڙا افعال ڪيو ٿا، ٻڏي نٿا مرو،
    چيائين بابل اتان جو ماحول آزاد آهي، اتي عشق کان ڪير ڪنهن کي روڪي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ جو اتي نه ڇوڪرين جا ماء، پيء، ڀائر هجن ٿا، ۽ نه ئي ڪو هنن جو مٽ مائٽ هجي ٿو، اسان کي استاد چون ٿا ڪنهن سان زبردستي نه ڪيو باقي جيڪو اوهان سان راضي ٿئي، ان سان نينهن جو ناتو نڀائيندا رهو، ۽ عشق جي آگ اجهائيندا رهو،
    تڏهن آئون نماڻي انداز ۾ چيومانس، فهد ساڳئي هنڌ تنهنجي " ڀيڻ " به پڙهي ٿي،
    تڏهن هو ڪجھ ساعت سانت ٿي ويو، شايد ضمير ڀونڍو ڏنس، ۽ شرم وچان، ڪنڌ هيٺ ڪري اٿي هليو ويو،


    سوچ

    سوچ

    سندس گهر جي دروازي اڳيان 2 نوجوان هڪٻئي سان کل، ڀوڳ ڪري رهيا هئا،
    هو هڪدم گهر کان ٻاهر نڪري اچي ٿو،
    ٻنهي نوجوانن کي گريبان کان جهلي ٻه چماٽون هڻي
    چوي ٿو،
    توهان کي حيا شرم نٿو اچي جو دروازي جي اڳيان بيٺا آهيو، سامهون اسان جا گهر آهن ۽ اسان جا ٻار بي پردگي سان ويٺا آهن،
    ٻنهي نوجوانن کي دهمان، داٻا، دڙڪا، ڏئي ڪمري ۾ پنهنجي عورتن سان T.V تي انگ اگهاڙين ڊانسرن جي رقص ڏسڻ لاء ويهي رهيو،
    وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي چوي ٿو ڇوريون واااااھ جي ڊانس ٿيون ڪن،


    صحافي

    صحافي

    چيائين صحافي آهين؟
    چيم بلڪل.
    ڪڏهن کان؟
    گذريل چئن سالن کان!
    پوءِ صحافت ۾ تنهنجو نالو ته مشهور ڪونهي، لڳي ٿو ته شايد متحرڪ ناهين.
    چيومانس، سهڻا، دراصل مان بليڪميلر ناهيان.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 870
    ڪتابن جو مشاهدو: 2451000
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 627224
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ