ڪتاب جو نالو: اک ڇنڀ
مصنف: رسول ميمڻ
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2019
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 16 ڊسمبر 2019 ع
پڙهيو ويو: 613 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 171 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
پراڻي ڪراچيءَ بابت سريلزم انداز ۾ هي ناول ورهاڱي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ورهاڱو جيڪو ٻن ملڪن وچ ۾ رڳو هڪ ليڪي جو نالو ناهي بلڪه اهو ماڻهن جي خواهشن جي قتل جو به نالو آهي، جن (خواهشن) کي ڪنهن ليکي ۾ نه آندو ويو. ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ وارو ڪراچي شهر، ان جا بندر بازاريون ۽ ٻيٽ ڏيکاريا ويا آهن. ناول ۾ سائين جي ايم سيد کان وٺي جناح ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جا ڪردار به ڏيکاريا ويا آهن ته اهي ڪهڙي ريت سنڌ جي تاريخي حيثيت ختم ڪري رهيا آهن. ناول جي مرڪزي ڪردار کي چڱي ريت پروڙ هوندي آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ سان ڇا ٿيندو، جنهن کي ان وقت جا سياستدان به شايد نه سمجهي سگهيا هئا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • مهاڳ
  • باب پهريون
  • باب ٻيون
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون
  • باب پنجون
  • باب ڇهون
  • باب ستون
  • باب اٺون
  • باب نائون
  • باب ڏهون
  • باب ٻارهون
  • باب تيرهون
  • باب چوڏهون
  • باب پندرهون
  • باب سورهون
  • باب سترهون
  • آخري باب
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو : اک ڇنڀ
    موضوع : ناول
    ليکڪ : رسول ميمڻ
    ڇاپو : پهريون
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن، قنبر
    سال : 2019ع
    قيمت : 250 روپيا
    ڊجيٽل ايڊيشن : 2019ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر books.sindhsalamat.com

    *


    Akhah Chhinbh

    Writen by : Rasool Memon
    Subject : Novel
    1st Edition : 2019
    Composed by : Khadim Hussain jarwar
    Published by : Kanwal Publication
    Price : 250

    ھيءُ ڪتاب ڊجيٽل ايڊيشن جي صورت ۾ محمد سليمان وساڻ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اک ڇنڀ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب نامياري ڪھاڻيڪار ۽ ناول نگار رسول ميمڻ جو لکيل ناول آھي. اختر حفيظ لکي ٿو:
    ”پراڻي ڪراچيءَ بابت سريلزم انداز ۾ هي ناول ورهاڱي جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. ورهاڱو جيڪو ٻن ملڪن وچ ۾ رڳو هڪ ليڪي جو نالو ناهي بلڪه اهو ماڻهن جي خواهشن جي قتل جو به نالو آهي، جن (خواهشن) کي ڪنهن ليکي ۾ نه آندو ويو. ناول ۾ ورهاڱي کان اڳ وارو ڪراچي شهر، ان جا بندر بازاريون ۽ ٻيٽ ڏيکاريا ويا آهن. ناول ۾ سائين جي ايم سيد کان وٺي جناح ۽ ٻين سياسي اڳواڻن جا ڪردار به ڏيکاريا ويا آهن ته اهي ڪهڙي ريت سنڌ جي تاريخي حيثيت ختم ڪري رهيا آهن. ناول جي مرڪزي ڪردار کي چڱي ريت پروڙ هوندي آهي ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ سان ڇا ٿيندو، جنهن کي ان وقت جا سياستدان به شايد نه سمجهي سگهيا هئا.“
    هي ڪتاب 2019ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آهيون سائين رسول ميمڻ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ نئين سر ڪمپوز ڪرائي موڪليو. مھربانيون خادم حسين جروار جون جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ڪراچيءَ ڪناري
    ان سمنڊ نالي،
    جنهن کي
    منهنجن ڳوڙهن
    نمڪين ڪيو.


    مهاڳ

    ڪنهن وقت ڪياماڙيءَ جي اسپتال ۾ ڊيوٽي هئي. منهنجو گهر موٽر وي ڀرسان هڪ ٽائون ۾ آهي. ڊيوٽيءَ تي وڃڻ لاءِ لياري ايڪسپريس رستو استعمال ڪندو هيس، جيڪو لياري نديءَ جي ڪناري وڃي گل ٻائيءَ اوريان کٽي ٿو.
    لياري ندي جي کاٽيءَ دوران ان ۾ هيٺ هڪ پل ظاهر ٿي. مان اتان لنگهيندي ان پل کي ڏسندو هيس. اها پراڻي پل جيڪا پٿرن جي ٺهيل هئي، پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ ڏسجي رهي هئي. ان ۾ ڪمانيءَ جهڙا در هيا، جيڪي ڀيمن تي بيٺل هيا.
    پل ڏسي مون اندازو لڳايو، ضرور ٻن کان اڍائي سئو سالن تائين پراڻي هوندي انگريز دور ۾ ان پل تان ڪيترائي ماڻهو لنگهيا هوندا، آمدرفت لاءِ استعمال ڪيو ويو هوندو. اهڙو خيال اچڻ شرط ذهن ۾ پراڻي ڪراچيءَ جو تصور اچي ويو.
    مون سوچيو ان تي ناول لکان، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي گذريل وقت جو ذڪر هجي. اها ڪراچي جيڪا هاڻي واري ڪراچيءَ کان مختلف هئي.
    سٺ واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي اچڻ ٿيندو هيو. منهنجي ذهن ۾ اها ڪراچي هئي، ٽرام، ڪيبري ڊانسز، شرابخانا، وڪٽوريا بگيون، اڌ اگهاڙا سياح، نپيئر روڊ ۽ صاف سٿرا رستا جن تي سدائين مينهن جون بوندون وسنديون هيون.
    ڪراچيءَ جي پراڻي تاريخ ڳولهڻ لاءِ ڪتابن جي ضرورت پئي. ڪجهه ڪتاب مليا جن ۾ ڪراچي جي انگريز دور واري وقت جو ذڪر هيو پر گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪتاب “ڪراچي سنڌ جي مارئي” ان کوٽ کي پورو ڪيو. گل حسن ڪلمتيءَ ڪمال ڪيو آهي. هن ڪراچيءَ جي وارثي ڪندي، ان کي ڪوزي ۾ سمايو آهي، ڪوزي مان ڍڪ ڀريو ۽ ڪراچي توهان جي اندر سمائجي ويندي.
    مون ڪراچيءَ جو تصوراتي پس منظر ٺاهيو ۽ ان ۾ اهڙن ڪردارن جي تخليق ڪئي جيڪي علامتي ۽ سرئلسٽڪ هيا. ناول کي خوابناڪ ۽ سحرانگيز ماحول ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي. مون ماضيءَ ۾ وڃي اهي واقعا ۽ ڪردار جيئرا ڪيا جن جو سنڌ جي مستقبل تي اثر هيو.
    مون ان وقت جي ڪراچيءَ کي هاڻوڪي ڪراچيءَ کان بهتر محسوس ڪيو. ڇو جو هاڻي ڪراچيءَ ۾ قتل عام آهي، آپگهاتي ڌماڪن ۽ لساني تنظيم جيڪو قهر ڪيو، شايد سنڌ ان ظلم جا داغ ڪڏهن ڌوئي نه سگهي.
    مون ٻه سال اڳ ناول جا ڇهه باب لکيا هيا ۽ پوءِ مايوس ٿي ڊائريءَ کي ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو هيو، خبر نه آهي اهو احساس ڪيئن پيدا ٿيو ته لکڻ فضول آهي، وقت برباد ڪرڻ آهي، جيڪر اهو وقت مان ميڊيڪل کي ڏيان ته سجايو ٿيندو، ان عرصي ۾ مون ميڊيڪل جا تحقيقي مضمون لکيا ۽ ڪجهه وقت پهريان واندو ٿيس، ڪرڻ لاءِ ڪو ڪم نه هيو، بي چين ٿي ويس.
    سوچون ماکيءَ جون مکيون آهن يا اهي ماکي ٺاهينديون، يا ڏنگينديون، مون انهن جا ڏنگ پنهنجي وجود تي محسوس ڪيا.
    ٽيبل جي ڪنڊ ۾ ان ڊائريءَ تي نظر پئي جنهن ۾ ناول جا ڇهه باب لکيل هيا. مون وري ناول لکڻ شروع ڪيو، جيئن لکندو ويس دل کي سڪون نصيب ٿيو، ان جي ڌڙڪڻ روانيءَ ۾ اچي وئي.
    مون گوگول جو ناول “ڊيڊ سول” پڙهيو هيو، اهو ناول لکڻ ۾ کيس اٺ سال لڳا، هن ناول لکي اڌ ۾ ڇڏي ڏنو هيو، ڇو جو اهو ناول قسطوار هڪ رسالي ۾ شايع ٿيندو هيو، پادري هن وٽ آيا ۽ احساس ڏياريائون ته هو لکي ڪفر ڪري رهيو آهي، پادرين جي ڳالهه جو هن تي ايڏو اثر ٿيو جو ناول جا اڻ ڇپيل حصا باهه ڏئي ساڙي ڇڏيا، آخري ڏينهن ۾ کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو، گناهه جي احساس ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ گذاري ويو.
    گوگول جي اهڙي ڪيفيت پڙهي مون کي حيرت ٿي هئي ته ڇا واقعي هڪ اديب جا احساس اهڙا ٿي سگهن ٿا.
    اهو احساس مون کي ان وقت ٿيو، جڏهن مون هن ناول جا ڇهه باب لکي ڪنڊ ۾ اڇلايو، اها وڌندڙ عمر آهي، عمر انسان کي مايوس ۽ محتاج ڪري ٿي، سوچن جا ڇڙواڳ گهوڙا رسا ڇنائي هيڏانهن ۽ هوڏانهن ڊوڙن ٿا. انهن کي لگام ڏيڻ لاءِ هم مرڪزيت (Concentration) ۽ واڳون هٿ ۾ رکي رستو مٽائڻ لاءِ لکڻ جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. انسان زندگيءَ تي سوچي، موت کي مايوس ڪري ٿو.
    مون کي هي ناول لکي دلي سڪون مليو. ڪجهه ڏينهن اهڙي دنيا جو سير ڪيو جيڪا منهنجي پنهنجي دنيا هئي. ان دنيا جو در دوستن لاءِ کليل آهي.


    رسول ميمڻ
    ڪراچي
    03 اپريل 2019ع


    باب پهريون

    اهو سومهڻيءَ جو وقت هيو، نماشام جي اُداسي رات جي ڦهلاءَ کي سُرمئي رنگ مان ڪارو ڪري وجهندي آهي. ستارا ان انتظار ۾ هوندا آهن ته ڪڏهن ٿو انهن کي چمڪڻ جو موقعو ملي، ستارا ڳوڙهن جيئن هوندا آهن، فرق اهو آهي ته ستارا اوندهه ۾ چمڪندا آهن ۽ ڳوڙها روشنيءَ ۾، پر عثمان عليءَ جا وهندڙ ڳوڙها، نه روشنيءَ ۾ چمڪندا هيا، نه اوندهه ۾، ڇو جو عثمان علي دل ۾ روئندو هيو، دل جا ڳوڙها بوندن جيان نه ڳڙندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو دل پاڻ سيني ۾ ڦاٿل ڳوڙهي جهڙي آهي.
    لياري نديءَ جي اولهه ۾، جتي ڪڏهن ٻنين ۾ سرنهه مهڪندي هئي ۽ ڪڻڪ ۾ لابارا پوندا هيا، اتي انسانن جي رت جي بوءِ ان ڳالهه جو يقين ڏياري رهي هئي ته هاڻي ڌرتيءَ تي گلاب نه ٽڙندا آهن، لياري ندي جيڪا هڪ چير جيان هئي جنهن جي زخم مان روڳ وهندو سمنڊ ۾ ڪري پنهنجو داستان ٻڌائي رهيو هيو، لياري ندي جنهن جي بوءِ، تاريخ جو وجود ميلن کان محسوس ڪري، انڪري اوڪارا نه ڏيندو هيو ته اها بوءِ وقت جو حصو هئي، وقت ۽ تاريخ الڳ نه آهن، وقت قاتل آهي. وقت مقتول آهي ۽ تاريخ وقت جي مزار آهي.
    عثمان عليءَ جو گهر لياري نديءَ ڪناري اهڙي هنڌ هيو، جتان هڪ سوڙهي گهٽي بغير پلستر جي اگهاڙن، بلاڪن وارن ننڍن گهرن جي وچ مان لنگهيندي، ٻين گهٽين کي ساڻ ڪري گل ٻائيءَ وٽ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي ڊٿل قبرن وٽ اچي ٿي کٽي. اتي غير قانوني ٽرڪ اڏي جي قبضي گيرن پاران قبرن کي ڊاهڻ لاءِ هنيل هٿوڙن ۽ ٽيڪمن جا نشان ڄڻ ڪنهن انقلاب جا نشان بنجي چڪا هيا.
    عثمان علي ان گهر ۾ پوڙهي پيءُ سان رهندو هيو. پوڙهي پيءُ سڄي عمر محنت ڪئي، محنت جو ڦل امن جي ڏينهن ۾ ملندو آهي، امن نه هجي ته محنت فيڪٽريءَ کي لڳل باهه ۾ سڙي ويندي آهي. محنت جو ڦل نه ملڻ ڪري ان سڄي زندگي غربت ۾ گذاري، اهو هاڻي سڀ ڪم ڇڏي ٻه ڪم ڪندو هيو. ماني کائيندو هيو ۽ نماز پڙهندو هيو. ماني ان لاءِ کائيندو هيو ته نماز پڙهي سگهي پر نماز ان لاءِ نه پڙهندو هيو ته ماني کائي سگهي. مولا ماني ڏيندو آهي پر مولا کان ماني وٺڻ عثمان علي ويندو هيو، جيڪو هڪ اسڪول ۾ تاريخ جو ماستر هيو ۽ کيس پهرين تاريخ جو سخت انتظار هوندو هيو، ڇو جو پگهار کانسواءِ گذرندڙ هر تاريخ کيس پورس جي هاٿيءَ جيان لتاڙي ويندي هئي.
    عثمان علي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو، هن پاڪستان چوڪ تي پريس ۾ پروف ريڊنگ ڪئي، هن پئسا بچائڻ لاءِ منجهند جو ويلو ٽاري، سلمان پڪوڙائيءَ جا سموسا کائي سپر مارڪيٽ جي سبيل جو پاڻي پيتو، جيڪو تاثير ۾ وراڻي وٽ ٺهيل قلندري ڪينٽين جي چانهه جي ڪاڙهي جهڙو هيو. غريب پئسا بچائي تعليم حاصل ڪندو آهي. پر تعليم تڪليفن کان غريب کي بچائي نه سگهندي آهي، غريب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري وڌيڪ تڪليف ۾ پئجي ويندو آهي. هو نوڪري ائين ڳوليندو آهي جيئن پاڻ وڃائجي ويو هجي. جيئن پئسو پئسي کي ڇڪيندو آهي، ائين نوڪريون نوڪري کي ڇڪينديون آهن، جن وٽ نوڪريون هونديون آهن، اهي نوڪريون ڏئي سگهندا آهن.
    عثمان عليءَ به تعليم حاصل ڪئي ۽ عشق ڪيو، کيس تاريخ ڄاڻ ڏني ۽ عشق رولي وڌو، عثمان عليءَ جي عشق جو داستان، سسئي پنهونءَ جو داستان نه آهي پر اهو داستان آهي ئي ڪونه، ڇو جو داستان انجام کي پهچندو آهي ۽ عثمان عليءَ جو داستان ائين هيو جيئن موسيقار جون آڱريون ڪٽيل هجن. ساز سلامت هجي ۽ موسيقار مجبور، وقت جي تند تيز ڇُريءَ جيان هٿن تي هلي هجي ۽ آڱريون وڍجي ويون هجن. اکين کي آڱريون هونديون آهن، جڏهن هن پهريون دفعو سوڀيا کي ڏٺو ته ان جون اکيون آڱرين ۾ تبديل ٿي هن جي دل کي ڇُهنديون هليون ويون، سوڀيا اڀرندڙ سج اڳيان ڀوري بادل مان ڇڻندڙ ڪرڻن جيان هئي.
    ڪو سج کي اغوا ڪيئن ڪري سگهي ٿو؟ ڇا ڪائنات مان چنڊ چوري ٿي سگهي ٿو ۽ ستارا پڃري ۾ قيد ٿي سگهن ٿا؟ پر ظالم دنيا ۾ هر شيءِ ممڪن آهي. سوڀيا کي هن سامهون اغوا ڪيو ويو، هن جيان هجوم اڪيلو هيو.
    اها سُرمئي سانجهي جڏهن رات ۾ بدلجي وئي ته هر شيءِ اوندهه ۾ پورجي وئي، سج جي خوف کان رات اکين ۾ لڪيل هوندي آهي. سج اوجهل ٿيندو آهي ته رات نڪرندي آهي. رات جي روشني اکين کي انڌو ڪري وجهندي آهي، اها رات جڏهن نروار ٿي ته عثمان علي پوڙهي پيءُ سان ان ڪمري ۾ ويٺل هيو جتي اڱر ۾ ٽانڊا ٽمڪي رهيا هيا. چڻنگ جو تجلو ڏسڻ لاءِ اوندهه جو هجڻ ضروري آهي. ٽانڊن جون چڻگون عثمان عليءَ جي اکين ۾ تجلا ڏئي رهيون هيون، پوڙهو پيءُ مانيءَ جا گرهه ڏندن بنا ائين چٻاڙي رهيو هيو جيئن رزق کي چُميون ڏيندو هجي. گرهه چٻاڙيندي ان جو آواز اوندهه ۾ اٿيو.
    “عثمان پاڻي ڀري آءُ... وضو ڪرڻو آهي.”
    عثمان علي اُٿيو ۽ ان جاري ۾ ٽانڊن جي روشنيءَ تي چمڪندڙ پتل جو ڪرمنڊل کنيو، پتل جي ڪرمنڊل تي ٽانڊن جو عڪس ائين هيو جيئن هيڊي جسم تي رانڀوٽا پاتل هجن.
    “بابا... پاڻي ته آهي ڪونه... ڪٿان ڀريان؟” عثمان عليءَ چيو.
    پوڙهي پيءُ گرهه چٻاڙيندي چيو:
    “بکايل جي وات ۾... يا ڏکايل جي اکين ۾ ڳولهيندي ته پاڻي ملي ويندو.”
    عثمان علي ڪنڌ هيٺ ڪري گهر کان ٻاهر نڪتو، هن ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو، اها عجيب رات هئي، جيئن اڻ کٽ الم ڪري رات جو ماتمي لباس پراڻو ٿي ڦاٽي ويو هجي. نائين تاريخ جو چنڊ نامڪمل هيو. ان جو اڌ پاسو سُڪل هيو، اهو اڌ رنگو نه هيو. اڌ رنگو انسانن لاءِ هوندو آهي، جيئرو اڌ، مئل اڌ کي سهارو ڏيندو آهي. چنڊ اڌ هجي ته وڇوڙي جي علامت هوندو آهي، سوڀيا جو وڇوڙو، سونهري وارن واري سوڀيا جنهن کان چنڊ متاثر هيو، چنڊ جي روشني سوڀيا جي چانڊوڪي هئي. نائين تاريخ جو چنڊ اڌ اونڌاهو، اڌ روشن، سوڀيا کي ياد ڪري عثمان عليءَ جي اکين ۾ ڳوڙها ترڻ لڳا. ماڻهو پاڻيءَ ۾ ۽ پاڻي اکين ۾ ترندو آهي. اکيون جسم جي ڀريل جام جو ڪنارو آهن ۽ ڪنارن کان پاڻي ڇُلڪي پوندو آهي.
    عثمان عليءَ ان کان اڳ لياري نديءَ ڪناري ڪڏهن ٽانڊاڻا نه ڏٺا، ڪنارن تي ڍورن جي ڍونڍ تي نچندڙ ٽانڊاڻا، بوءِ جي احساس کي زائل ڪرڻ لاءِ ڪافي هيا، پر اهو سڀ غير فطري هيو، ڍونڍ تي ٽانڊاڻن جو ناچ ۽ گلابن ۾ ڍونڍ جي بوءِ، ستارا ۽ ٽانڊاڻا ريس ڪن ٿا، ستارا، مئل آسمان ۾ زندگيءَ جي علامت آهن، آسمان ڍونڍ آهي ۽ ستارا، ٽانڊاڻا.
    عثمان علي آباديءَ کان نديءَ ڏي ويندڙ لاهي لهي هيٺ آيو ۽ ان برمي وٽ اچي بيٺو جنهن جو هٿيو ڪو لاهي ويو هيو. اهو پراڻو برمو جنهن کي لڳل ڪٽ هيٺان وهي ويل ياڻيءَ جا نشان هيا، ائين هيو جيئن منڍي ڪٽيل ماڻهو، شهر ۾ انسانن جون منڍيون ڪٽجي رهيون هيون، خودڪش ڌماڪا ٿي رهيا هيا. نسلي ۽ مذهبي فساد عروج تي هيا، مسجدون محفوظ نه هيون، دهشتگرد حڪمران هيا ۽ حڪمران دهشتگرد، قانون ڪاغذن ۾ قيد هيو ۽ امن خواب جيان اهڙي ننڊ جي انتظار ۾ هيو جيڪا ننڊ گولين ۽ ڌماڪن جي آواز ۾ ڦٽيل هئي. روڊن، رستن، تعليم گاهن ۾ استادن، پروفيسرن، ڏاهن ۽ تعليمدانن کي قتل ڪيو ويو. فيڪٽرين کي باهه ڏئي مزدورن کي ساڙيو ويو، وڪيلن، ڊاڪٽرن ۽ اديبن کي سرعام گولين جو کاڄ بنايو ويو. شهر جي هر ڀت خوف کان ڏڪي رهي هئي. هر ڀت جي ڏار ۾ خوف لڪيل هيو.
    بي رحم حڪمرانن جي ڪرسيءَ اڳيان ٽيبل ۾ خفيا خانو هوندو آهي، ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ اهو دل ڪڍي خفيا خاني ۾ رکندو آهي، فيصلي ڪرڻ وقت کيس دل نه هوندي آهي. جنهن کي ڪو ماري نه سگهندو آهي، ان کي دل ماريندي آهي.
    اوڻٽيهه سالن جي عثمان عليءَ اهڙو وقت ڪڏهن نه ڏٺو، وقت تڏهن ڏسبو آهي جڏهن ان جا ڪانٽا ڄمي وڃن، ڏکيو وقت نه گذرندو آهي. ڏکي وقت جون گهڙيون صدين تائين ڦهليل هونديون آهن ۽ سکيو وقت، وقت نه هوندو آهي.
    نائين تاريخ جي چانڊوڪيءَ ۾ پنهنجي پاڇي کان ڊنل عثمان عليءَ پٺ ورائي ڏٺو، ان جو پاڇو نه هيو، پاڇو عثمان عليءَ جي خوف کان اوندهه ۾ لڪيل هيو. اها رات رني نه هئي پر ستارا سُڏڪن جان نشان هيا. نائين تاريخ جو چنڊ سوڀيا جي نه وسرندڙ مرڪ جيان ڄڻ سج جو انتظار ڪري رهيو هيو. امن اهڙو پکي آهي جيڪو ڇرڪ ڀري اُڏامي ٿو، بدامنيءَ جي ڏينهن ۾ امن جو آکيرو هوا ۾ هوندو آهي.
    هو پتل جو ڪرمنڊل کڻي هلندو ان هائڊرنٽ وٽ پهتو جيڪو عرصو ٿيو بند ٿي چڪو هيو، ڪنهن وقت نديءَ ڪناري نصب ٿيل پائيپن مان صاف پاڻي ڇڪي ڪڍيو ويندو هيو ۽ واٽر ٽينڪر قطارن ۾ بيٺل هوندا هيا، هاڻي ان هائڊرنٽ جو ڪو نانءُ نشان نه هيو. گذريل هڪ سال کان نديءَ جي کوٽائي ٿي رهي هئي. ان کي وچ تان کوٽي گهرو ٿي ڪيو ويو جيئن گندو پاڻي هڪ نالي جي صورت ۾ ان مان گذري سگهي، لياري ندي جيڪا ويڪر ۾ ڪنهن درياهه کان گهٽ نه هوندي هئي، هاڻي ان جي ٻنهي ڪنارن تي روڊ ٺهي رهيا هيا. ايراضي نه هجڻ ڪري لياري نديءَ کي گهرو ۽ سوڙهو ڪري پاسن کان پٿر ٿي وڌا ويا. ڪيترن هنڌن تي اورهيڊ پليون ٺاهي ڪنارن کي پاڻ ۾ ملايو ٿي ويو. نديءَ جي کاٽيءَ دوران اٽڪل سورهن فوٽ هيٺ هڪ پل ظاهر ٿي هئي. اها هڪ پٿر جي پل هئي. اها دفن ٿيل پل ڪنهن مري ويل پل جو ڍانچو هئي. پل جا هڏا پٿر جيان سخت هيا. ان تي قدمن جا نشان مٽجي چڪا هيا. اها پل جيڪا ڪنهن وقت خوبصورت ۽ صاف هوندي، هاڻي گندگي ۽ گپ مان ائين ظاهر ٿي هئي جيئن ڪنهن ماضيءَ جي تذليل ڪئي هجي.
    لياري نديءَ ۾ سورهن فوٽ هيٺ هڪ پل جو ظهور ڪنهن وسري ويل خواب جيان هيو، هڪ اندازي موجب اها پل اٽڪل ٻن کان اڍائي سئو سال پراڻي هئي. انگريزن جي دور جي اها پل جنهن کي اوجهل ٿئي گهڻو وقت گذري چڪو هيو، زبون حال هوندي به سالم هئي. پٿر جي ويڪرن ۽ ڊگهن ڀيمن تي بيٺل اها پل جنهن جي صلين ۾ اڃان به ڪنهن بي رحم فوج جي ڇڙواڳ گهوڙن جي سنبن سهڻ جي قوت هئي، اها پنهنجي پراسرار پاڇي سان ائين ڏسجي رهي هئي جيئن وقت ڄمي پٿر ٿي ويو هجي.
    نائين تاريخ جي چنڊ هيٺان عثمان عليءَ کي پري کان اها پل ائين پئي نظر آئي جيئن ڪنهن پٿر جي اُجڙيل محلات جا تراشيل دروازا، جيڪي نديءَ جي گهرائيءَ ۾ پهاڙن تي پوندڙ وڏ ڦڙي وسڪار ۾ گهوڙن جيان ڊڪندڙ سانوڻ جي پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيا هيا، جنهن پاڻيءَ تي ڪڏهن پوکون ٿينديون هيون ته ڌرتي جيڪا هاڻي بي گناهن جي رت سان ڳاڙهي هئي ڪڏهن سائي ۽ سيبتي هئي.
    عثمان عليءَ کي ڪٿي به پاڻي نه مليو، هو هلندو نديءَ وٽ ڪناري تي پهتو جتي هيٺ اها پل ٻئي ڪناري تائين وڃي رهي هئي. هن سوچيو ٿي سگهي ٿو نديءَ جي ٻئي ڪناري پاڻي ملي پوي. اهو سوچي هو نديءَ ۾ هيٺ لٿو، سندس پير کوٽيل مٽيءَ ڪري ترڪيا ٿي ويا. هن پاڻ سنڀاليندي ڪرمنڊل جهلي هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪئي. هن محسوس ڪيو جيئن هيٺ لهندو ٿي ويو کيس ڪوهيڙو ورائيندو ٿي ويو. سيارو هوندي ايتري ٿڌ نه هئي پر نديءَ جي گهرائيءَ ۾ ٿڌ برداشت کان ٻاهر هئي. هن جو جسم ڏڪڻ لڳو، سندس پير پل طرف ڇڪبا ٿي ويا ۽ هو ٿيڙ کائيندو وڃي پل تي پهتو، هن نظر کڻي ڏٺو، اتي چانڊوڪيءَ ۾ آڙيون اڏامي رهيون هيون ۽ ٽانڊاڻا هڪ هجوم جي صورت ۾ کيس رستو ڏيکاري رهيا هيا. هن پل کان هيٺ ڏٺو، مرجهايل ڪنول جا گُل دل نما ساون پنن تي ڪنڌ رکي آخري ساهه کڻي رهي هيا. هو پل تان هلندو نديءَ جي ٻئي ڪناري پهتو. مٽيءَ جي چاڙهي چڙهي، پيل پٿرن تي قدم رکندو جڏهن مٿي پهتو ته سندس ساهه ڦوڪجي ويو. هن ڪنڌ کڻي جيئن وڏو ساهه کنيو ته سندس نظر چنڊ تي پئي، هن جي حيرت جي حد نه رهي، هن ڏٺو، نائين تاريخ جو چنڊ، چوڏهين تاريخ ۾ تبديل ٿي چڪو هيو.


    باب ٻيون

    جڏهن هو پُراڻي پل ٽپي نهر جي ٻئي پاسي آيو ته اها ساڳي ڪراچي نه هئي، لياري نديءَ جي پراڻي پل جو رستو ان ڪراچيءَ ڏانهن ٿي ويو جيڪا سوَ سال پراڻي هئي. عثمان عليءَ محسوس ڪيو. اهو سڀ خواب آهي. هن پاڻ کي جاڳائڻ لاءِ وڇڙي ويل محبوبا کي ياد ڪيو. سوڀيا جي درد جي سٽ هن جي سيني مان اڀري، آهه ۾ بدلجي وئي، هن ڳوڙهن جي لوڻاٺ چکي محسوس ڪئي، درد جو ذائقو کيس يقين ڏياري رهيو هيو ته اهو خواب نه، حقيقت آهي، هو اکين سامهون جيڪي ڏسي رهيو هيو، اهو وهم يا گمان نه هيو، پر ان وقت جي ڪراچي هئي جڏهن سيٺ نائون مل پيشانيءَ تي انتقام جو تلڪ هڻي ڌوتي پائي بيٺل هيو ۽ ان جي ڌوتيءَ جا ور هوا ۾ وشال سمنڊ جي ڇولين جيان لهرائي رهيا هيا. هن ڪراچيءَ جي ڪوٽ تي رکيل توپن سان انگريزن جو مقابلو نه ڪيو پر توپن ۾ گولا وجهي هلائي انهن جو آڌرڀاءُ ڪيو، هن ٽالپرن کان پنهنجي پيءُ هوتچند جي طهر جو پلاند سندن جسم جي چمڙي لاهي ورتو.
    اُها ان وقت جي ڪراچي هئي جڏهن دنيا ۾ پهرين مهاڀاري جنگ ڇڙيل هئي ۽ ڪراچي جي اهميت وڌي وڃڻ ڪري ننڍي کنڊ جا ماڻهو ايڏانهن رُخ ڪري رهيا هيا، هر هنڌ عمارت سازي ٿي رهي هئي، منگهي پير جي پهاڙن ۾ مدفون سنگ مر مر کان ڪوهستان جي هيڊن پٿرن کان گهڻو پري ڪارونجهر جي ڳاڙهن پٿرن جون ڇپيون تراشجي مجسمن، گُل ساز ڀيمن ۽ وڪڙ ڏنل ڪنول جي ولين جهڙين ڪمانين تي بيٺل عظيم عمارتن، ڪنهن سخي مرد جي وسيع دل جهڙن ايوانن، هيبتناڪ عدالتن ۽ ديوَ جيڏين بلند وبالا تجارت گاهن، سون جي سڪن سان جهنجهيل بينڪن، صاف وسيع رستن، روڊن ۽ روڊن جي ڪنارن کان ڇٽ هڻي، بيٺل پپل ۽ بڙ جي وڻن ڪراچيءَ کي عروج بخشيو هيو، عثمان عليءَ روڊ تي هلندي عظيم بڙن جي لڙڪندڙ پاڙن کي ڏسي محسوس ڪيو، خوشحالي ۽ امن جي ڏينهن ۾ بڙ جو وڻ موج ۾ اچي پنهنجين لڙڪندڙ پاڙن ۾ پاڻ لڏندو آهي.
    هو هلندو شهر جي مرڪزي روڊ تي آيو ته هڪ ٽرام گهنٽيون وڄائيندي هن جي ڀرسان لنگهي وئي. ماڻهو پرجوش ۽ خوش هيا. اتي هر عورت حسين هئي. جڏهن اک خوف کان آجي هجي ته هر شيءِ ۾ حسن نروار ٿيندو آهي، عثمان علي شهر جي سحر ۾ ڦاسي پيو. اتي رات هوندي ڄڻ سج آسمان ۾ بيٺل هيو، اها رات جي منجهند هئي ۽ ڏينهن پاڇن ۾ سڙيو پئي. شرابخانا ۽ بتخانا روڊ جي پاسي ساڳي صف ۾ هيا. مسجدن جو محافظ خدا پاڻ هيو. ناد هيو، سنک هيا، گلن سان سينگاريل ڪليسائن جا صليب ٻانهون کڻي عيسا جو انتظار ڪري رهيا هيا، چرچ جي گهنڊ تي وقت جي اهميت جو احساس پئي ٿيو، ممبر ۽ محراب تان بلند ٿيندڙ آواز امن جي اڇن ڪبوترن جيان اڏامي شهر جي هر ڪنڊ ۾ دلين جي آکيرن ۾ ٿي لٿو، جڏهن هو جيمس روڊ ٽپي اڳتي وڌيو ته هڪ شرابخاني اندر ڳاڙهي سائي روشنيءَ ۾ کيس اڌ اگهاڙو ٿڙڪندڙ جسم نظر آيو، اها هڪ ملاٽو نسل جي ڪيبري ڊانسر هئي جيڪا نچندي هڪ نانگ کي هٿن ۾ جهلي غلط طريقي استعمال ڪري رهي هئي. روڊن تي گهمندي عثمان عليءَ ڏي ڪنهن جو ڌيان به نه ويو. هو ڪرمنڊل هٿ ۾ جهلي روڊن تي هلندڙ عام رواجي شخص ڏسجي رهيو هيو، ان جي پرائي سلوار قميص هر دور جو فيشن هئي، اتي هرڪو پنهنجي ڌن ۾ مگن هيو، ڪو حجاب نه هيو. ڪو پرود نه هيو، هن راهه هلندي هڪ شخص کان پڇيو:
    “مون کي ٻڌاءِ، هيءَ ڪهڙي جاءِ آهي، مان رستو وڃائي ويٺل مسافر آهيان، سمجهه ۾ نه ٿو اچي پنهنجي ڪيفيت ڪيئن ظاهر ڪيان. توکي يقين نه ايندو.”
    ان شخص بيهي عثمان عليءَ جو جائزو ورتو، اهو ائين ڏسي رهيو هيو جيئن سندس نظر گهٽ هجي، اهو وڏين مڇن وارو پڳ پاتل شخص هيو، جنهن جي ڊگهي چولي هيٺان ٻڌل ڌوتي ايڏي ڍلي ڊگهي محسوس ٿي رهي هئي ڄڻ ڄاڻ ڇڙڻ واري هجي.
    “هيءُ ڪراچي آهي.” ان شخص چيو. “مٺي پاڻيءَ تي فصل اڀرندا آهن ۽ ٻاڙي پاڻيِءَ تي عمارتون، هت سمنڊ جو ريج اچي ويو آهي ۽ زمين ۾ دفن رت ڦڙا، ٻج بنجي عمارتن ۾ اڀريا آهن.”
    ان شخص جو جواب ٻڌي عثمان علي دنگ رهجي ويو، پوءِ پڇيو:
    “ڇا تون عالم آهين؟”
    “نه” ان شخص چيو. “خوشحاليءَ جو جاهل، بدحاليءَ جو عالم هوندو آهي.”
    عثمان عليءَ محسوس ڪيو، اهو اڏاوت جو دور، ان شهر جو ناياب دور هيو.
    “ڇا انگريز راڄ هوندي، انهن خلاف ڪا نفرت نه آهي؟” هن وري پڇيو.
    راهه ويندڙ شخص هن کي هڪ ڀيرو ٻيهر غور سان ڏٺو ۽ چپ ٿي ويو. جيئن سوچيندو هجي ته هي ڪو انگريز راڄ جو مخالف شخص ته نه آهي.
    “ها نفرت آهي.” ان شخص جواب ڏنو. “ڪجهه تنظيمون آهن جيڪي انگريز راڄ جي خلاف ۽ انهن کان آزاديءَ جي حق ۾ آهن.”
    “مون ته ڪا اهڙي نفرت جي ڳالهه محسوس نه ڪئي آهي.” عثمان عليءَ چيو.
    ان شخص مُرڪندي هن کان موڪلائيندي چيو. “هوشيار ٿجانءِ واقعا وقت نه ڏسندا آهن.”
    اهو شخص هليو ويو ۽ عثمان علي ان شهر ۾ وائڙن جيان گهمندو رهيو، هو نيپئر روڊ کان هلندو ڊينسو هال وٽ پهتو ته هڪ انگريز جنهن جا مهانڊا نيپولين سان ملي رهيا هيا، اهو نشي ۾ ڌُت هن وٽان لنگهيو.
    “او، ڪارا ڪرسچين الفرڊ” ان ٿيڙ کائيندي چيو “تون ڪلڪتي کان هتي پهچي وئين؟”
    عثمان علي هيسجي ويو، ان هٻڪندي ڳالهايو.
    “مان الفرڊ نه آهيان” هن چيو “پر هڪ ڀٽڪيل مسلمان آهيان. جيڪو رستو وڃائي ويٺو آهي.”
    انگريز مرڪيو ته نشي کان هن جي هڪ واڇ هيٺ لهي آئي.
    “ته پوءِ تون ڪنهن انگريز پويان اچ، جنهن اڳيان سوَ رستا کليل هوندا آهن.” ان چيو.
    عثمان عليءَ دل ۾ چيو، جيڪڏهن هن کي پنهنجو رستو ڏيکاريان ته مستقبل جي مونجهه ۾ مري وڃي. پوءِ هن چيو:
    “اي عظيم انگريز توهان جا رستا به عظيم آهن، جنهن سپهه سالار سنڌ فتح ڪئي ان سپهه سالار جو نالو شهر جي لال بازار تي آهي.”
    انگريز هن کي حيرت مان ڏٺو ۽ پڇيو “لال بازار ڪٿي آهي؟”
    “نيپئر روڊ” هن آڱر سان اشارو ڏيندي چيو.
    اهو انگريز تجسس مان اوڏانهن وڌيو پر ايتري ڪا به لال بازار نه هئي.
    ڊينسو هال وٽ مليل ان انگريز متعلق عثمان علي سوچيندو رهيو، ماڻهو ان کي ياد ڪندو آهي جيڪو کيس ڏکيو وقت ڏيندو آهي، شريف ماڻهو محلي وارن کان به وسري ويندو آهي. ڏکيو شخص دهشت جيئن ڇانيل هوندو آهي، هڪ انگريز جون بونا پارٽ جهڙيون مڇون، مڇن جا وڪڙ ۽ انهن جو تسلسل ڏاڙهيءَ سان گنڍيل. ڇا ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو، هڪ رعبدار چهرو يا دشمن جو نه وسرندڙ روپ؟ فاتح حواسن تي حاوي هوندو آهي.
    اها رات ظالم جي زندگيءَ جيان ڊگهي هئي، چوڏهينءَ جو چنڊ آسمان تي ائين ڏسجي رهيو هيو، جيئن سوا نيزي تي لهي آيو هجي. شهر ڏينهن جيان روشن هيو. ڪڏهن قانون جي حڪمراني نه هجڻ ڪري منجهند جو اوندهه هوندي آهي پر اها اڌ رات منجهند جيان روشن هئي.
    عثمان عليءَ کان هر شيءِ وسري وئي، هو ان پيءُ کي وساري ويٺو جيڪو وضو لئي پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيو هيو. هن کان اهو گهر ۽ گهٽي وسري وئي جنهن ۾ گند جا ڍير هيا. هن کان لياري نديءَ جو ٻيو ڪنارو وسري ويو جتي وهندڙ گٽر جي بدبوءِ هئي، هو شهر جي سحر ۾ گم ٿي ويو.
    جيڪڏهن هڪ رات ۾ هزار راتيون سمائجي وڃن ته اها انتظار جي رات هوندي آهي. اها رات ڄڻ عثمان عليءَ جي نه کٽندڙ رات هئي ۽ نه کٽندڙ رات موت جو ٻيو نانءُ آهي، پر شهر جي رونق، اڏجندڙ عمارتون، هڪ ملاٽا عورت جو نانگ هٿن ۾ جهلي ناجائز ناچ، مئخانا، آمد ۽ رفت، پئسي جي ريل پيل، روڊن تي ٺهيل پٽڙين مٿان ڪپهه جهڙا ڪونئرا ماڻهو کڻي ٽرامن جي اچ وڃ، بينڪون، پوسٽ آفيسون، محلاتن جهڙيون عدالتون، هيڊي ڳاڙهي پٿر جي اڀرندڙ عمارتسازي، پهرين جنگ عظيم جا چوٻول، ڪلهن تي سنگينين سان سجايل ڊگهيون بندوقون کڻي گذرندڙ، ٽهڪ ڏيندڙ فوجي، جسمن جي اڌ عرياني، اس کان بچائيندڙ خاڪي ٽوپلا، اڇا ململ جا پٽڪا، خاڪي ورديون، ڍليون ڌوتيون، سنها ڪڙتا، رعبدار مڇون، مني اسڪرٽ، آر تي ڀريل گهگهرا، نشيليون اکيون، ڪَڪا وار، سمنڊ جي واءُ تي جهومندڙ زلف، شهر جي هر شيءِ ايڏي ته تڪڙ مان ٺهي رهي هئي جيئن ڪنهن وليءَ جي مزار، جنهن کي فرشتا ٺاهي رهيا هجن ۽ انهن کي اها سج اڀرڻ کان اڳ مڪمل ڪرڻي هجي.
    عثمان عليءَ پاڻيءَ جي ڳولها شروع ڪئي، هو گارڊن کان ٿيندو ٿورو مٿي اهڙي هنڌ پهتو جتي هڪ قلعو هيو ۽ قلعي جي در تي ٻه سپاهي بيٺل هيا. هو وڌي قلعي جي در وٽ آيو. در تي بيٺل سپاهين هن کي ائين ڏٺو جيئن هو ماڻهو نه، پر ماڻهوءَ جهڙي ٻي ڪا شيءِ ڏسندا هجن. انهن هن کي روڪيو ۽ پڇيو:
    “تون ڪير آهين؟ پنهنجي سڃاڻ ڪراءِ”
    هن کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پنجن روپين جو سڪو ڪڍي کين ڏيکاريو، سپاهين سڪو ورتو ۽ پوءِ غور سان ڏسڻ لڳا، انهن جهيڻا جي تصوير ڏٺي ۽ در کولي ڇڏيو.
    عثمان علي قلعي اندر اهڙي هنڌ پهتو جتي انگريز فوجين جا گهر هيا، کيس پري کان ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيا، هو اوڏانهن وڌيو، ٽهڪن جا آواز هڪ ننڍي ڀت پويان اچي رهيا هيا، هن همت ڪري ڀت وٽ بيٺل گهاٽن وڻن جي اوٽ مان مٿي ٿي اندر ڏٺو. اتي ڪجهه نوجوان عورتون هيون جيڪي هڪ نيري پاڻيءَ جي حوض وٽ بيٺل هيون، اڳيان گاهه ۽ ٻوٽا هيا، وڻن جون گهاٽيون لامون هيون ۽ پري تائين جهنگلي نيرن گلن جون وليون هڪ ٻئي ۾ وچڙيل هيون.
    عثمان عليءَ سوچيو جيڪڏهن هو ڀت ٽپي اتي جهاڙين پويان لڪي پوي ته عورتن جي وڃڻ کانپوءِ ڪرمنڊل پاڻيءَ جو ڀري سگهي ٿو. هن اهو سوچي در وٽ بيٺل سنتريءَ کان نظر بچائي، احتياط سان لانگ ورائي، اها ڀت پار ڪئي ۽ هيٺ جهڪي لامن پويان لڪي پيو. هاڻي هن کي عورتن جا چهرا صاف ڏسجي رهيا هيا. اهي ست سنڌي عورتون هيون جن جي وچ ۾ هڪ نوجوان خوبصورت عورت بيٺل هئي. نوجوان عورت کي ڏسي عثمان عليءَ جا هوش اڏامي ويا، هن غور سان ڏٺو، اها سوڀيا هئي، جنهن جا وار وقت جي واءُ ۾ ڪَڪا ٿي چڪا هيا، سندس روشن ۽ مرڪندڙ چهرو ساڳيو جيئن يونيورسٽيءَ جي ڏينهن ۾ هوندو هيو، ان جو قد ڪاٺ ۽ جسم جي بيهڪ سوڀيا جهڙي هئي، سندس چهري جا نقش، ويڪريون پُر رونق اکيون، خوبصورت نڪ، گلابي چپ، روشن پيشاني ۽ اڀريل ڳل سڀ سوڀيا جا هيا. عثمان عليءَ ڏٺو، اها سندس وڇڙي ويل محبوبا هئي، جنهن کي هو ڪيترا سال ڳولهيندو رهيو پر کيس اها نه ملي، ان جي چهري تي وڇوڙي جو ڪو تاثر نه هيو، ماضيءَ جو ڪو ارمان نه هيو، اها خوش هئي ۽ سندس ٽهڪ وڻن تي ويٺل بلبلين کي پريشان ڪري رهيا هيا، ست سنڌي عورتون ان جون ٻانهيون هيون، جن سان هوءَ وڏي پيار مان ڳالهائي رهي هئي.
    “حوض ۾ چنڊ ڪنهن جو انتظار ٿو ڪري؟” هڪ ٻانهيءَ شرارت مان چيو.
    سڀ ٻانهيون کليون ته انهن جا ٽهڪ ڪونجن جيئن اڏاڻا، انهن نوڙي تلاءَ ۾ ڏٺو، چوڏهينءَ جو چنڊ ڄڻ تلاءَ ۾ رهندو هيو، عرش ۾ بيٺل چنڊ جو پاڇو انهن جي ٽهڪن تي لڏي رهيو هيو.
    “پياري لزا” هڪ ٻانهي چيو. “دير نه ڪر، وهنجي وٺ، تلاءَ ۾ لهندينءَ ته چنڊ ذرا ذرا ٿي ستارن ۾ تبديل ٿي ويندو.”
    لزا کيس پيار مان ڳل تي هٿ هنيو ۽ شرمائجي کلي پئي.
    “مان وهنجي نڪران ته نيرو جوڙو تيار رکجو.” لزا چيو.
    “ها” هڪ ٻانهي چيو. “تنهنجو تلاءَ مان نڪرڻ فجر جيان هوندو.”
    اهي ٽهڪ ڏئي کلنديون رهيون، انهن لزا جا ڪپڙا لاهڻ ۾ مدد ڪئي، لزا ڪنول جيان پاڻيءَ ۾ ترڻ لڳي.
    لزا ڪرنل مارٽن جي اڪيلي ڌيءَ هئي، ان رات ڪرنل مارٽن گهر کان پري اهڙي بيرڪ ۾ ترسيل هيو، جتي باغين تي نظر رکڻ لاءِ ميٽنگ هئي. ڪجهه ڏينهن کان اهڙا اطلاع اچي رهيا هيا ته شهر ۾ باغين جو هڪ گروهه ٻاهران آيل ماڻهن جي مدد سان ڪا تخريبي ڪارروائي ڪرڻ وارو آهي. بيرڪ ٻاهران تازادم گهوڙا بيٺل هيا، جن جا سوار پيغام رسائيءَ جو ڪم ڪندا هيا، هڪ آبنوسي ٽيبل تي ٻرندڙ پيٽرو ميڪس جي تيز روشنيءَ ۾ گورن حڪمرانن جا چهرا هيڊا ڏسجي رهيا هيا. منهوڙي جي اولهه ۾ اڏجندڙ لائيٽ هائوس جي پيلن پٿرن تي بيٺل سپاهي ڏور سمنڊ ۾ انڪري ڏسي رهيا هيا ته کين ڪا مشڪوڪ ٻيڙي نظر اچي ته هيڊ ڪوارٽر تي اطلاع ڏئي سگهن، ڀرسان ئي قديم جين مند جو ٻائو پرارٿنا ڪري لوبان ٽانڊن تي رکي اڀرندڙ دونهي جي واس ۾ سنک ڦوڪي رهيو هيو جيئن شهر بي امنيءَ کان بچي سگهي، شهر جا هندو انگريزن مان خوش هيا ۽ انهن جي راڄ قائم هجڻ جا خواهشمند هيا.
    لزا کي ڏسي عثمان علي ماضيءَ ڏانهن ائين وهي ويو جيئن وقت جي وهڪري ابتو وهڻ شروع ڪيو هجي، جيئن درياهن جا رُخ بدلجي ويا هجن. جيئن سج رستو ڀلجي ويو هجي، جيئن چنڊ ۽ ستارا اوندهه کان بغاوت ڪري فنا ٿي ويا هجن. عثمان علي گذريل وقت کي ياد ڪري ڪڏهن مرڪيو پئي ته ڪڏهن اداس پئي ٿي ويو. سوڀيا جنهن جي سونهن ۾ هر شئي روشن هئي. سوڀيا جنهن جي سونهن زماني جي گردش کي متاثر ڪيو.
    هو جهاڙين پويان لزا کي ڏسي سوڀيا کي ياد ڪري سوچيندو رهيو، جيڪڏهن اها سوڀيا نه آهي ته ان جو روح آهي، هو مري چڪو آهي ۽ مرڻ کانپوءِ عدم جي ان حد تي پهتل آهي، جتي ارواح قيد آهن. سندس من چاهيو ته هو اٿي سوڀيا کي سڏ ڪري ۽ کيس يقين ڏياري ته هو اتي موجود آهي ۽ ڳولهيندو ان مقام تي پهتو آهي جتي موت کانپوءِ ملاقات جو در کليل هوندو آهي پر عثمان عليءَ کي يقين نه اچي رهيو هيو ته هو مري چڪو آهي ۽ موت کانپوءِ جا منظر ڏسي رهيو آهي، هن جهاڙين ۾ اڀريل ڪنڊن جا زخم پنهنجي وجود تي محسوس ڪيا ۽ ڪنڊن جي رهڙن جا نشان ڏسي کيس يقين آيو ته روح رت کان پاڪ هوندا آهن. زخم ۽ زخمن مان وهندڙ رت رڳو جيئرن لاءِ هوندو آهي، هو جيئرو هيو ۽ وقت جي هر شيءِ جيئري هئي، هو، سوڀيا، لزا ۽ لزا جون ست ٻانهيون، هڪ تلاءُ ۽ تلاءَ ۾ وهنجندڙ ڪونج، جنهن کي پاڻيءَ ۾ بيٺل ڪنول جهڪي سجدو ڪري رهيا هيا. عثمان علي سڀ محسوس ڪندي به اهو محسوس ڪري نه سگهيو ته اها هڪ انگريز عورت هئي، پر کيس پڪ هئي ته اها سوڀيا آهي ۽ وقت کيس پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي هڪ عجيب ڪشمڪش ۾ مبتلا ڪري وڌو آهي، پوءِ هو لزا کي ڏسي سوڀيا جي تصور ۾ گم ٿي ويو.


    باب ٽيون

    هن تصور ۾ ڏٺو، سوڀيا باهه جي تلاءَ ۾ وهنجي رهي هئي، ان جو ناسي جسم گلابي ٿي چڪو هيو، هو بي وس تلاءَ ڪناري سوڀيا کي باهه ۾ وهنجندي ڏسي رهيو هيو، هن جي هٿن تي ٿوهر جا ڪنڊا هيا ۽ جسم ميڻ جو، جيڪو باهه جي شعلن کي ڏسي ٻرڻ لئي بي قرار هيو، اهو باهه جو تلاءُ نه هيو پر وقت جو تلاءُ هيو. ان وقت جو جڏهن هر شيءِ باهه ۾ سڙي رهي هئي، روڊ، رستا، گهٽيون، گهيڙ، چورنگيون، چوراها، املتاس، گلمهرا ۽ بيدمشڪ. وڻ جيئري خوشبوءِ ۽ مٺاس ڏيندو آهي، سڙي ته بوءِ. دونهي جي بوءِ مان خبر پوندي آهي، ماڻهو سڙيو آهي يا وڻ پر انهن ڏينهن روڊن تي سڙندڙ ٽائرن، ماڻهن ۽ وڻن جي دونهي ۾ ڪو تفاوت نه هيو.
    عثمان علي تصور ۾ ماضيءَ طرف ائين موٽي ويو، جيئن وقت جي واءُ جي تيز جهوٽي کيس کاهيءَ ۾ ڪيرايو هجي، هن ڏٺو، هو سوڀيا سان ڪلاس ۾ ويٺل هيو، پروفيسر جي ليڪچر جو موضوع هيو. “نظرين جو مستقبل تي اثر” اهو چئي رهيو هيو:
    “ارتقائي طور جڏهن انسان شعور ۾ آيو ته تاريخ جي سفر ۾ ڪٿي به نظرين کان جان ڇڏائي نه سگهيو، اهو نصيحتن ۽ صلاحن جي دائري کان ٻاهر نڪري نه سگهيو، زندگيءَ جي ڏسيل اصولن ۽ اڳ گهڙيل راهن تي ان جا پير پٿون ٿي چڪا آهن. انسان انفرادي طور ڪڏهن به نه سوچيو آهي، انسان اڃان به جانور جيان جذباتي آهي، ان وٽ سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻ نه آهي، هو جذبات جي ڌاري ۾ سچ کي ڪوڙ سمجهي ٿو ۽ ڪوڙ هن وٽ سچ ۾ بدلجي پوي ٿو، مذهب، قومپرستي، ٻولي، ثقافت ۽ سياسي نظريا جيڪڏهن هن اڳيان پرجوش انداز ۾ پيش ڪيا وڃن ته هو جذبات جي ڌاري ۾ وهندي دير نه ٿو ڪري. هن ڌرتيءَ تي انفراديت جو اعلان ڪفر برابر آهي، ان کي بغاوت تصور ڪيو وڃي ٿو. فطري طور انسان آزاد آهي ۽ ان کي حق حاصل آهي ته کيس انفرادي فڪر جي اجازت ڏني وڃي، هو ڪنهن مذهب، ذات، قبيلي، قوم يا ملڪ کان اجازت وٺي ڌرتيءَ تي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي، جيئن هو پيدا ٿيڻ ۾ آزاد آهي ائين سوچ ۾ به آزاد آهي. خطي جا مروج نظريا، رواج يا مڙهيل ريتون ۽ رسمون هن تي لاڳو نه ٿا ٿين. انسان جڏهن انسان جي روپ ۾ ڌرتيءَ کي قبول ڪندو ته اها بهشت ٿي پوندي ۽ حورن جي سحر مان نڪري عورت کي مان ۽ رتبو ڏيندو، ان جا ٻار فرشتا ٿي پوندا ۽ ڌرتيءَ جو پاڻي پي، شرابن طهورا وساري ويهندو.” پوءِ پروفيسر دنيا جي صورتحال تي ليڪچر ڏيندي چيو: “ اڄ مذهب ۽ معيشت جي نالي ۾ ملڪ سڙي رهيو آهي، اها باهه دنيا ۾ ٻري رهي آهي، ترقي پسند سوچ جي مفڪرن، عالمن ۽ پروفيسرن کي کلي عام رستن تي گوليون هڻي شهيد ڪيو وڃي ٿو، حڪومتون ماڻهن جو بچاءُ ڪرڻ بجاءِ، پنهنجو بچاءُ ڪن ٿيون. قانون خوف ۾ ورتل آهي، بدامنيءَ جو باز کنڀ کنڍيڙي اهڙن آنن تي آرو ڪري ٿو جن مان نڪتل پکي پاڻ کي ڪبوتر سڏائين ٿا، ڪجهه عرصو اڳ هڪ فيڪٽريءَ کي باهه ڏئي ساڙيو ويو، جنهن ۾ سوين مزدور بي گناهه سڙي ويا. ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو. ٻارنهن مئي تي جهنگ ۾ جانورن جيان شهر ۾ انسانن جو شڪار ڪيو ويو، مسجدن، مدرسن ۽ مجلسن کي آپگهاتي بمن سان اڏايو ويو، معصوم ٻارن کي اسڪولن ۾ بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو. شهر ۾ ڌرڻا هڻي روڊ رستا بند ڪيا وڃن ٿا. روڊن تي ٽريفڪ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڦاٽل رهي ٿي، اصلحو ڏيکاري سرعام ڦرلٽ ڪئي وڃي ٿي، ڪرپشن عروج تي آهي، روڊ رستا گند جا ڍير بڻجي چڪا آهن، پرڏيهين کي روڪڻ وارو ڪير به نه آهي. غير قانوني طور لکين ماڻهو داخل ٿي چڪا آهن. اهو سڀ انڪري ٿيندو آهي جو حڪومتون ان خوف ۾ ورتل هونديون آهن ته ڪنهن مضبوط ڌڙي کي راضي ڪرڻ لاءِ، ٻئي مضبوط ڌڙي خلاف ورتل ايڪشن ڪري اهو ناراض ٿي ويندو ۽ حڪومت خطري ۾ اچي ويندي. انڪري حڪومتون آسرن ۽ دلاسن سهاري سڀني کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ ڌڙا ڪنهن به خوف کان سواءِ طاقت آزمائي ڪندا آهن. اها هر ڌڙي جي پنهنجي سگهه آهي ته تشدد کانپوءِ ان جو دٻدٻو ڪهڙي حد ماڻي ٿو.”
    پروفيسر جو ليڪچر جاري هيو، خبر پهتي ته بارود سان ڀريل ٽرڪ کي فليٽن ڀرسان اڏاريو ويو آهي، ڌماڪي کانپوءِ عمارت ڊهڻ سبب سوين ماڻهو مارجي چڪا آهن، هڙتال جي اعلان سبب روڊ رستا بند ٿي چڪا آهن. هر هنڌ ٽائر سڙي رهيا آهن، شهر جي مختلف روڊن تي ڌرڻا هڻي جلوس ڪڍيا ويا آهن، ٽريفڪ بند ٿي چڪي آهي.
    پروفيسر هڪ ٿڌو ساهه ڀري ليڪچر ختم ڪيو ۽ شاگردن کي چيو ته: “هڙتال سبب اڄوڪو ليڪچر ختم.”
    اها يونيورسٽي جيڪا وسيع ۽ وڻن سان ڍڪيل هئي، ان جي وڻن جا پن ڪارا هيا. احتجاج جي دنيا ۾ انهن دونهي جو ويس ڪيو هيو. سوڀيا ۽ عثمان علي تاريخ جا شاگرد هيا. تاريخ جا اکر کارا ۽ ڳاڙها هوندا آهن. ڪي ڪارا اکر پڙهندا آهن، ڪي ڳاڙها، جيڪي ٻنهي رنگن جا اکر پڙهندا آهن، اهي سِرُ وڃائي ويهندا آهن، هو به اهڙي تاريخ جا شاگرد هيا جيڪا روز رنگ بدلائيندي هئي. تاريخ لکڻ لاءِ ورقن جو اڇو هجڻ ضروري آهي ڇو جو اهي آسانيءَ سان ڪارا ٿي سگهندا آهن. سوڀيا ۽ عثمان عليءَ لاءِ تاريخ هڪ آئيني جيان هئي. هڪ اهڙو آئينو جنهن جي پٺ سچ جو عڪس ڏيکاريندي هئي.
    هو جڏهن ڪلاس روم مان ٻاهر نڪتا ته هر شاگرد پريشان هيو، بسون بند ٿي چڪيون هيون، دونهي جي بوءِ آزاد گهمي رهي هئي، بندوقن ۽ بمن جي آوازن کي شهر جي هر ڪنڊ ۾ پهچڻ کان ڪو به روڪڻ وارو نه هيو، سوڀيا موبائيل فون تي گهر وارن سان ڳالهايو، سندس ماءُ جو آواز هيو:
    “رستا بند ٿي چڪا آهن، انتظار ڪر.”
    “امڙ فڪر نه ڪر، رستا کليا ته پهچي ويندس.”
    “فڪر ڪيئن نه ڪيان، رستا سدائين بند هوندا آهن، خدا کانسواءِ ڪير کولي سگهي ٿو.”
    “امڙ مان محفوظ آهيان ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ڪافي شاگرد موجود آهن.”
    “ڪنهن به هجوم ۾ پاڻ کي محفوظ نه سمجهه.”
    “بس امان دعا ڪر.”
    ماءُ سان ٿيل گفتگوءَ سوڀيا کي همت ڏني، هوءَ وقت جو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ گهاٽي بڙ هيٺان عثمان عليءَ سان ويهي سوچڻ لڳي.
    سج اڀرڻ مهل ڦڙتي ڏيکاريندو آهي، باقي وچ تي ان جو سفر سست هوندو آهي، شام ٿي چڪي هئي، سانجهي گيڙوءَ رنگ جو لباس پائي اچڻ جي تيارين ۾ هئي، روڊ نه کليا، در بند ٿي ويا. پير ڊهي ويا، رستا ماڻهو وڃائي ويٺا، ائين به ٿيندو آهي، صرف ماڻهو رستا وڃائي نه ويهندا آهن پر رستا به ماڻهو وڃائي ويهندا آهن، رستا دوکو ڏين ته ماڻهو پاڻ کان وڇڙي ويندو آهي.
    ان شهر جا سڀ روڊ رستا ماڻهن جي سڃاڻ کان لاچار هيا، سوڀيا جي ڪيفيت ڏسي عثمان عليءَ کيس حوصلو ڏنو.
    “اهو پهريون دفعو ته نه آهي، ائين ٿيندو رهندو آهي.” هن چيو ۽ پوءِ کيس دلداري ڏيندي چيو “سج سدائين ساڳيو نه آهي.”
    سوڀيا هوا جي جهوٽي تي ڀرسان رکيل ڪتاب جي ورندڙ تاريخ جي ورقن ۾ تبديل ٿي وئي.
    “مذهبي بنيادن تي اڏيل ملڪن جون ڀتيون نفرت جو تحفظ ڪنديون آهن.” هن جذباتي ٿيندي چيو.
    عثمان علي سوڀيا جو هٿ پنهنجن هٿن ۾ وٺندي سندس جذبات کي قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “لنگهي ويل نانگ جي لڪير، نانگ کان وڌيڪ ڀوائتي هوندي آهي.” هن چيو “اهو سڀ لڪير جو ڏنگ آهي.”
    “ها” سوڀيا چيو. “لڪيرون ڌرتيءَ ۾ ڏار وجهي ان کي ٽڪرن ۾ تبديل ڪري وجهنديون آهن، ملڪ تاريخ جي زلزلن جي پيداوار آهن.”
    پوءِ انهن کي اهي هاڃا ياد آيا جيڪي اتي روز پيش ايندا هيا.
    وڻن پويان سج بيٺي بيٺي غائب ٿي ويو. رات ڪاري رنگ جيان آسمان مان ڇڻي پئي، هو ٻئي همت ڪري اٿيا ۽ هلندا يونيورسٽيءَ کان ٻاهر روڊ تي آيا. ٽريفڪ غائب هئي، اڃان به پري کان فائرنگ جا آواز اچي رهيا هيا. دونهي جي بوءِ ۾ امن جون اکيون ڳڙي رهيون هيون. خوف ۽ دهشت حڪمرانن جي فرمان جيان نافذ هئي. هنن کي ڪا سواري نه ملي، هو هلندا سماما چوڪ تي پهتا ته پري کان پندرهن ويهه ماڻهو نعرا هڻندا، ڀڃ ڊاهه ڪندا، هنن ويجهو پهتا، انهن جا منهن ڏسي سوڀيا ۽ عثمان علي هيسجي ويا، اهي ويجهو آيا ته پڇيائون: “ڪير آهيو؟”
    هنن ڪو جواب نه ڏنو، انهن کي چپ ڏسي، هڪ ٿلهي ۽ ڪاري منهن واري شخص عثمان عليءَ جي نراڙ تي پستول رکي چيو. “ڳالهاءِ، جيئن لهجي مان خبر پوي.”
    “يونيورسٽيءَ جا شاگرد آهيون.” عثمان عليءَ چيو.
    “۽ هيءَ” ٻئي سوال ڪيو.
    “هي به شاگرد آهي.” عثمان عليءَ جواب ڏنو. “اسان جو سياست سان ڪو تعلق ڪونهي. ڪنهن پارٽيءَ سان واسطو نه آهي. اسان کي وڃڻ ڏيو.”
    اهي لهجي مان سڃاڻي ويا ته ڪير آهن، هڪ بڇڙي شڪل وارو اڳتي وڌيو ۽ ان بندوق جو هٿيو عثمان عليءَ کي مٿي ۾ وهائي ڪڍيو. عثمان علي فوٽ پاٿ تي ڪري پيو. سوڀيا رڙيون ڪري روئڻ لڳي. هڪ شخص ان کي ڀاڪر ۾ کڻي ڪلهي تي رکيو ۽ هليا ويا. عثمان علي نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڏٺو. سوڀيا کي کڻي ويندڙ شخصن مان، ڪو ڪن ڪٽيو هيو، ڪو ڪاڻو، ڪو لولو ۽ ڪو لنگڙو.
    عثمان عليءَ ڏٺو، ڪلهي تي رکيل سوڀيا جو پريشان چهرو دونهي ۾ گم ٿي ويو.


    باب چوٿون

    عثمان علي سوڀيا جي تصور مان موٽيو ته هڪ ٻيو سوڀيا جهڙو چهرو سندس سامهون هيو، تلاءَ ۾ وهنجندڙ لزا جيڪا سوڀيا جو روح هئي، تصور، تصور کي جنم ڏئي ٿو. هڪ سوچ سوَ سوچن جا رستا کولي ٿي، خواب ۾ خواب ڏسڻ، جاڳ جي شڪست آهي، جاڳ حقيقت آهي ۽ حقيقت جو تصور گمان جيان، جنهن ۾ ڪئي وهم آهن.
    عثمان عليءَ سوچيو، ڇا لزا وهم آهي؟ سندس دل چاهيو هو جهاڙين مان نڪري تلاءَ وٽ وڃي لزا کي ڇُهي سگهي. ان جي جسم کي محسوس ڪري سگهي. اها جهڙ ته نه آهي؟ پاڻيءَ جي سطح تي ترندڙ جل ڦوٽو ته نه آهي؟ ماڪ ته نه آهي، جيڪا سج اڀرڻ سان ٻاڦ ۾ تبديل ٿي ويندي؟ هو اڳتي وڌڻ جي همت نه ڪري سگهيو. پريان اهو سڀ نظارو ڏسندو رهيو. سندس لونءِ لونءِ ۾ سوڀيا ٿڌي پاڻيءَ جيان ڊوڙي رهي هئي. تلاءَ جي تهه تي لزا جو برفاني وجود، ان جون خماريل اکيون، مرڪندڙ چپ ۽ سرد موسم ۾ بادام جي وڻن جا رنگ بدلائي ويل پنن جهڙا برگنڊي ڳل. اهي سڀ نقش جيڪي سوڀيا جي ياد جو در کولي رهيا هيا. اهڙن گسن جو ڏس ڏئي رهيا هيا جن گسن تي سوڀيا جي وجود مان ڇڻيل وڇوڙي جا ڳاڙها گهاءَ پاروٿن گلن جيان پيل هيا.
    ٿوري دير گذري ته لزا پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتي، سندس وجود سنگمرمر ۾ لڪيل هيو. ماحول ۾ روشني ائين هئي جيئن اوندهه اکين کي کيرو ڪري ڇڏيو هجي. لزا جو وجود نظر نه ايندڙ لباس ۾ قيد هيو. عثمان عليءَ اهڙو نظارو اڳ نه ڏٺو هيو. چمبيليءَ جي ولين مان نظر ايندڙ اها اهڙي مڌ جيان هئي جنهن ۾ اکين جا جام تري رهيا هيا.
    “ڇا وقت ٿيو آهي؟” لزا جو آواز گونجيو.
    “پياري لزا” هڪ ٻانهيءَ چيو. “وقت جو ڪو وجود نه آهي، رات آهي، چانڊوڪي آهي ۽ لزا آهي.”
    لزا جي ٽهڪن تي تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ لهرون پيدا ٿيون.
    “ٻڌو آهي حالتون خراب ٿي چڪيون آهن” لزا ٿوري دير کانپوءِ پڇيو.
    ماحول ۾ سانت ڇانئجي وئي، عثمان عليءَ جي ڀرپاسي جيت جڻن جا آواز بند ٿي ويا، ائين لڳو ڄڻ هر شيءِ ڪن ڏئي ٻڌڻ چاهيندي هجي.
    “ڪجهه ماڻهن حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر اهو پهريون دفعو نه آهي.” وديا چيو، جيڪا هن جي ٻين ٻانهين کان مختلف ۽ ملڪ حالتن تي نظر رکندڙ هئي، سندس سنهو جسم ملڪي ساڙهيءَ ۾ سرنهه جي جهڪيل لام جهڙو هيو.
    “پياري لزا” هڪ ٻانهيءَ لزا جو آلو جسم اڇي ململ سان ڍڪيندي چيو. “جسم ڍڪ، مٿان چنڊ بيٺو آهي.”
    سڀ کلڻ لڳيون ۽ عثمان عليءَ هلڪو ٽهڪ ڏنو، جيڪو ڄڻ سندس هڪ ڪن ڏنو ۽ ٻئي ٻڌو.
    لزا ٻانهين سان اندر هلي وئي، ڪو بلب نه پئي ٻريو، پر روشني هئي، لزا جي وڃڻ سان اوندهه ڦهلجي وئي، عثمان عليءَ مٿي ڏٺو، صرف ستارا هيا، آسمان نه هيو. چوڏهين جو چنڊ بي شمار ستارن ۾ بيمار ٿي ڏٺو، ڪنهن به شيءِ کي انفراديت لاءِ اڪيلائي ضروري آهي، چنڊ منفرد نه هيو، اڪيلو نه هيو. ستارن جي لامحدود جهرمٽ ۾ پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺو هيو، اهو سڀ لزا جي وڃڻ ڪري هيو، تلاءُ خالي هيو، ٽهڪ چپ هيا، آواز چنبيليءَ جي ڇڻيل گلن جيان وکريل هيا.
    عثمان عليءَ سوچيو، هو تلاءَ مان ڪرمنڊل ڀري موٽي وڃي، رات گهري ٿي چڪي آهي، بابا انتظار ڪندو هوندو. ان کي وضو ڪرڻو آهي، نماز پڙهڻي آهي. اهو سوچي هو اٿيو ۽ پير پير ۾ ڏيندو، آهستي هلندو، تلاءَ تي پهتو، هن تلاءَ جي پاڻيءَ ۾ ڏٺو، پاڻيءَ ۾ نظر ايندڙ ستارن جي ترتيب لزا جو عڪس ٺاهي رهي هئي، اتي ثوبيا جو وجود هن جو انتظار ڪري رهيو هيو. مدتن کان وڇڙي ويل ثوبيا جيڪا ستارن ۾ سمائجي هن آڏو موجود هئي. جنهن جو وجود لزا جي عڪس جو اولڙو هيو.
    عثمان عليءَ هيٺ نوڙي احتياط سان تلاءَ مان ڪرمنڊل ڀريو، ڪرمنڊل مان ٽمندڙ هر بوند ۾ لزا جي خوشبوءِ سمايل هئي، هن ڪرمنڊل کي نڪ ويجهو آڻي پاڻيءَ جو واس ورتو ته کيس ثوبيا جي ويڻين ۾ پاتل گجرن جي خوشبوءِ حواسن کي لتاڙي وئي، هن ڀريل پاڻيءَ اندر ڏٺو، اتي ثوبيا جون اکيون هن ڏانهن ڏسي رهيون هيون، کيس پاڻي ثوبيا جي ڳوڙهن جهڙو محسوس ٿيو، هن ڪرمنڊل ۾ ڀريل پاڻي تلاءَ ۾ هاري، ٻيهر ڀريو. هو واپس مڙيو ته کيس محسوس ٿيو سندس دل تلاءَ ۾ ڪري پئي آهي، اها ٻڏي رهي آهي ۽ تري رهي آهي.
    سوچيائين واپس وڃي ڇا ڪندو؟ هن جي ثوبيا، لزا جي روپ ۾ اتي موجود هئي، هو ان کي ڇڏي ڪيئن وڃي پئي سگهيو، پر هن ۾ اها همت نه هئي ته اڳتي وڌي لزا سان ملي سگهي، ان کي يقين ڏياري سگهي ته اها لزا نه، ثوبيا آهي. وڇڙي ويل ثوبيا، جنهن کي هن سان بي حد پيار هيو.
    هو اهڙين ئي سوچن ۾ هيو ته ٺڪاءُ ٿيو، هڪ گولي هن جي ڄنگهه وٽان ٿيندي پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ هلي وئي، ڇٻڙڪو ٿيو ۽ پاڻي مٿي اڀري ڪنارن کان ٻاهر وڃي ڪريو، هو ٽپو ڏئي پري ٿي ويو. پاڻيءَ سان ڀريل ڪرمنڊل هٿن مان ڇڏائجي هيٺ ڪريو ۽ رڙهندو پري ٻاهرين ڀت ڀرسان پيل وڏي پٿر پويان هليو ويو. هو زخمي نه ٿيو هيو. همت ڪري اٿيو ۽ جهاڙين پويان لڪي جائزو وٺڻ لڳو. ٻاهر گوڙ مچي ويو، هڪ ٻئي گوليءَ جو آواز اڀريو ۽ “آهه” بلند ٿي، بنگلي اندران لزا جون ٻه ٻانهيون ٻاهر نڪتيون ۽ ڏهن ٻارهن شخصن کي هٿيارن سان اندر گهڙندو ڏسي رڙيون ڪري موٽي ڀڳيون، اهي انگريز سرڪار جا باغي هيا، جن قلعي جي دروازن تي بيٺل سپاهين کي گوليون هڻي ماريو هيو ۽ اڳتي وڌي ڪرنل مارٽن جي بنگلي تي حملو ڪري چوڪيدار کي زخمي ڪيو. اهي در ٽپي بنگلي ۾ داخل ٿيا هيا، عثمان عليءَ محسوس ڪيو، هن جي پيرن وٽان گُسي ويل گوليءَ سان هن کي نشانو نه بنايو ويو هيو پر اها گولي دروازي وٽ چوڪيدار کي نشانو بنائڻ لاءِ هلائي وئي هئي، جيڪا لوهي دروازي جي ڄارين مان ٽپي اندر آئي هئي.
    ڏهه ٻارنهن شخص جن جي اڳواڻي نرڙ تائين ٻڌل هڪ ميري پڳ وارو شخص ڪري رهيو هيو، جنهن جي هٿ ۾ جهليل بندوق جي نالي هن جي قد کان ڊگهي هئي، اهو تيزي سان اندر داخل ٿيو ۽ ان پويان ايندڙ شخصن جن مان هڪ کي ويڪري ناليءَ وارو وڏو طمنچو هٿ ۾ هيو. ان جون اکيون دهشت کان ٻاهر نڪتل ۽ گول هيون، چار تلوار بردار شخص هيا، جن جون مڇون سنهيون ۽ مٿي وڪڙ ڏنل هيون. مڇن جون نوڪون انهن جي ڪنن کي ڇهي رهيون هيون. عثمان عليءَ ڏٺو، ڊگهن وڻن ڪري اتي چانڊوڪيءَ جو ڪو تصور نه هيو، هن اوندهه ۾ تلوارن جي چمڪ محسوس ڪئي ۽ سوچيو، تلوارون تيز هجن ته انهن کي چمڪڻ لئي روشنيءَ جي ضرورت نه پوندي آهي، سڀني پويان ٽي ڀاليدار هيا جن جي ڍلين سُٿڻن مان محسوس ٿيندڙ سنهيون ڄنگهون ڀالن جي ڳنن جهڙيون هيون. اهي خوف ۽ وهشت ۾ ورتل هيا، سندن اکيون، وات کان وڌيڪ کليل هيون، اهي جيئن بنگلي جي در ڏانهن وڌيا ته وديا کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “ڪو به مرد گهر ۾ موجود نه آهي.” وديا چيو. “بهادر آهيو ته موٽي وڃو يا ڪنهن مرد جو انتظار ڪريو.”
    بندوق بردار کيس ڊگهي نالي تاڻيندي طنز ڪئي.” مردن جو انتظار عورتون ڪنديون آهن.” ۽ پوءِ ڌمڪي ڏيندي چيو. “ڏسان ٿو ڪير ٿو مردن کي روڪي؟”
    هن وديا کي ڌڪو ڏنو ۽ اندر گهڙي پيو، ٻيا سڀ ان بنگلي ۾ داخل ٿي ويا، عثمان علي جهاڙين، پويان اهو سڀ ڏسي رهيو هيو، اهي جيئن بنگلي ۾ داخل ٿيا ته عورتن جون رڙيون بلند ٿيون. اندران ڀڃ ڊاهه جا آواز آيا. هڪ فائر ٿيو ۽ عثمان عليءَ بارود جي بوءِ محسوس ڪئي. هن جي دماغ ۾ روڊن تي سڙندڙ ٽائرن جو دونهون ڀرجي ويو.
    هو ويل وقت ۾ موٽي ويو، اهي منظر سندس اکين آڏو ڦرڻ لڳا جڏهن روڊ سنسان هيا، هو ثوڀيا سان يونيورسٽيءَ کان ٻاهر نڪري گهر پهچڻ لاءِ ڪنهن سواريءَ جو انتظار ڪري رهيو هيو، هوا ۾ بارود جي بوءِ سمايل هئي، روڊن تي موت اگهاڙو نچي رهيو هيو، دونهي جي بوءِ ۾ امن جون اکيون ڳڙي رهيون هيون.
    عثمان عليءَ ڏٺو، خوف کان رڙيون ڪندڙ لزا هڪ اهڙي شخص جي ڪلهي تي هئي جنهن جي هڪ هٿ ۾ تلوار حياءَ کان پنهنجي ڌار ۾ وڍجي رهي هئي. ان شخص جا آستين ڦاٽل هيا ۽ ڏورا سمنڊ ڪناري ٻيڙي کي ٻڌل آلي نوڙ جهڙا هيا.
    “خبردار.... ويجهي اچڻ جي ڪوشش نه ڪجو.” هڪ ڀاليدار شخص ٻانهيءَ کي پري ڪندي چيو، ٻئي اڳتي آئي.
    “پري هٺ” ڪنهن جو آواز اڀريو.
    هر طرف سانجهي سمي گهاٽي بڙ ۾ جهرڪين جهڙو جهرمٽو پئجي ويو.
    عثمان عليءَ کي اڃان به اکين تي يقين نه پئي آيو.
    اتي اهو ڪجهه ٿي رهيو هيو جيڪو پهريون ٿي چڪو هيو، لزا بي وس ڪنهن جي ڪلهي تي رکيل هئي ۽ اهي هليا ويا، عثمان عليءَ ڏٺو، رڙيون ڪندڙ لزا جو چهرو ثوڀيا جيئن ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويو.


    باب پنجون

    عثمان عليءَ سمنڊ ڪناري صبح جو منظر ان کان اڳ اهڙو نه ڏٺو هيو، چنڊ سان ڀيٽ ڪجي ته سج سدائين چوڏهينءَ جو هوندو آهي، فرق آتش جو آهي. سج سدائين سمنڊ مان اڀرندو ۽ لهندو آهي، اڀرڻ ۽ لهڻ وقت ان جي تپش زائل ٿي ويندي آهي، پر ان صبح سج روئي رهيو هيو. سج غمگين هيو ته اڄ کيس ڪرنل مارٽن جي بنگلي ۾ لزا جو چهرو نصيب نه ٿيندو. پريان منهوڙي جو قلعو جنهن جي ڪچيءَ ڀت تي توپون سوار هيون ائين ٿي ڏٺو جيئن پنهنجين ٿلهين ڀتين ۾ ڏک کي پناهه ڏيندو هجي. ان اندر اڀريل عمارتون ۽ مٿان کليل منگهه ڄڻ وات کولي تازي هوا جي جهوٽي لاءِ واجهائي رهيا هيا. قلعي مٿان انگلينڊ جي ڳاڙهن پٽن وارو لهرائيندڙ جهنڊو، ان صبح هوا نه هجڻ جو بهانو ڪري ڄڻ لزا جي غم ۾ جهڪيل هيو. سمنڊ مان اڀرندڙ سج جا ڪرڻا ڪراچيءَ جي ڀوڄواڻي قلعي جي ڀت تي پيا ته اها گيڙو رنگ ۾ رنگجي وئي. اتي کاري ۽ مٺي در جي وچ تي ڄڻ ڦڪو در ظاهر ٿيو. پاڻي ذائقو ڇڏي ويو ۽ کوهه تان مائي مرادان جي ويڙهي جي عورتن پهريون دفعو محسوس ڪيو ته پاڻي ذائيقدار تڏهن هوندو آهي جڏهن ان کي ذائقو نه هجي.
    عثمان عليءَ سمنڊ ڪناري سج جو منظر ڏٺو ۽ محسوس ڪيو لزا جي اغوا سان سندس سوڀيا جا زخم کلي پيا هجن. هن دل مان رت وهندي محسوس ڪيو. فيصلو ڪيو ته هو لزا کي ڳولهي لهندو. هن کان سڀ وسري چڪو هيو. هو ڏک ۽ پيڙا جي عذاب ۾ اهو سڀ وساري ويٺو هيو ته کيس واپس موٽڻو آهي، پل جي پريان جتي سندس پوڙهو پيءُ پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهي.
    سومهڻيءَ جو وقت لنگهي چڪو هيو. ان طلسمي شهر ۾ هو هوش وڃائي ويٺو هيو، سندس ڪرمنڊل لزا جي بنگلي اندر ان وڏي پٿر پويان رهجي ويو هيو، جتي هو لڪل هيو. هو پوڙهي پيءُ کي وساري ويٺو. هن جي ذهن تي لزا سوار هئي ۽ لزا جي روپ ۾ سوڀيا اکين آڏو ڦري رهي هئي، شهر ۾ پريشان گهمندي کيس هڪ هاڪر جو آواز آيو. جنهن کي سڄي هٿ ۾ اخبارون هيون ۽ کٻي هٿ ۾ ويڙهيل اخبار لهرائي وڏي آواز ۾ چئي رهيو هيو، “ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ لزا، باغين هٿان اغوا. ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ کي گذريل رات بنگلي مان اغوا ڪيو ويو.”
    ماڻهو ان کان اخبار وٺي رهيا هيا ۽ پتل جو سڪو ڏئي رهيا هيا، جنهن جي هڪ پاسي ٽمورتي ۽ ٻئي پاسي تاج پائي ويٺل سخت چهري واري راڻيءَ جي مورت هئي. هن به کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پنجن روپين وارو چمڪندڙ سڪو ٻاهر نڪري آيو. هن اڳتي وڌي سڪو هاڪر کي ڏنو ته سڪو وٺي هاڪر جون واڇون هيٺ ڇڪجي ويون، هاڪر شڪي نظرن سان عثمان عليءَ کي ڏٺو ۽ پڇيو: “هيءُ ڪهڙي ملڪ جو سڪو آهي؟”
    عثمان علي ڪوڙ ڳالهايو. هن کي هرحال ۾ اها اخبار گهربي هئي.
    “هي به برطانيه جو سڪو آهي، جيڪو ويندي هت ڇڏي وئي.”
    هاڪر سڪي کي ڏندن سان ٻه چارچڪ پاتا، اها پڪ ڪرڻ لاءِ ته سڪو ڌاتوءَ جو آهي.
    “توکي اهو ڪٿان مليو؟” هن وري سوال ڪيو.
    “اهو ڀڳل پل پويان رائج آهي.”
    “ڀڳل پل” هاڪر کان اوچتو رڙ نڪري وئي، هو عثمان عليءَ کي ڪنڊ ۾ وٺي ويو ۽ نويڪلائيءَ ۾ پڇيائين: “ڇا تون حريت پسند آهين؟”
    “اهو تون ڪيئن سمجهيو؟” عثمان عليءَ چيو.
    هاڪر هن جي ڪن وٽ آيو ۽ سُسِ پُسِ ڪرڻ لڳو.
    “مان حريت پسندن جو ماڻهو آهيان، مون کي اهڙا اشارا مليا آهن، اهڙي شخص جي ڳولها ۾ آهيان جنهن وٽ چنڊ ۽ ستاري وارو سڪو هوندو ۽ پنهنجو ڏس اهڙو ڏيندو، جهڙو تون ڏنو آهي.”
    عثمان علي منجهي پيو ۽ سوچ ۾ پئجي ويو ته کيس ڇا چوڻ گهرجي. سوچيائين لزا کي حاصل ڪرڻ لاءِ حريت پسندن جي ويجهو وڃڻ ضروري آهي ۽ اهو هاڪر جنهن کي غلط فهمي هئي، کيس اهڙو رستو ڏيڻ لاءِ تيار هيو جيڪو رستو حريت پسندن ڏي پئي ويو. لزا حريت پسندن جي قيد ۾ هئي.
    “ها، مان اهو شخص آهيان.” هن چيو.
    “تنهنجو نالو ڇا آهي؟” هاڪر پڇيو.
    “عثمان علي” هن چيو. “عثمان علي بن عمر علي، لياري ندي کٻو ڪنارو.”
    هاڪر مرڪيو ۽ چيائين “پڪ سان تون اهو ئي شخص آهين، جنهن وٽ وڏا راز آهن”
    پوءِ هاڪر پينسل ڪڍي هن کي اخبار جي ڪنڊ سان پتو لکي ڏنو، اهو پتو ٺيٺ سنڌيءَ ۾ اهڙي انداز سان لکيل هيو جو نقطا هڪ ٻئي ۾ ائين الجهيل هيا جيئن کين تلفظ ظاهر ڪرڻ جي تڪڙ هجي.
    “پڙهي ٻڌاءِ” عثمان علي چيو.
    هاڪر هن کي شڪي نظرن سان ڏٺو.
    “جيڪڏهن پڙهي نه ٿو سگهين ته پوءِ تون اهو ماڻهو ڪيئن ٿي سگهين ٿو؟”
    عثمان عليءَ هاڪر جو شڪ دور ڪندي چيو.
    “مخفي لفظ پڙهندو آهيان، واضح لفظ سمجهڻ کان قاصر آهيان”
    هاڪر هن جي ڳالهه تي مطمئن ٿيو.
    “بيشڪ مون کي ائين چيو ويو هيو ته تون مخفي ۽ خفيا شخص آهين.”
    پوءِ هن عثمان عليءَ کي پڙهي ٻڌايو.
    “فقير هاشم، سيٺ ڀلرام داس گهٽي، کارو در.”
    هاڪر هوڪا ڏيندو هليو ويو. عثمان علي شهر جي چوواٽي تي بيهي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ائين ڏسڻ لڳو جيئن اهي سڀ حڪومت جا باغي هجن، چهري تي معصوميت جو نقاب چاڙهي شهر جي روڊن تي گهمندا هجن. وڪٽوريا بگين جا گهوڙا، ٻڌل چمڙي جي پٽن مان جان ڇڏائڻ لاءِ بي چين هجن. مال گاڏن سان ٻڌل اٺ ڳچي ڊگهي ڪري ڪنهن کي ڪنڌ ۾ چڪ وجهڻ لاءِ بي تاب هجن. ڏاند گاڏيون رکيل اناج جي وزندار ٻاچڪن جي ٻوجهه کان ائين چيڪٽ ڪنديون هجن جيئن معاشري ۾ پسجندڙ ڪنهن مظلوم جي دانهن، جيڪا سندس دل ۾ دٻيل هجي. هن شهر کي نئي نظر سان ڏٺو، جتي ڳاڙهين ساين روشنين ۾ ڪيبري ڊانسر جا اگهاڙا عضوا چمڪي رهيا هيا. ولايتي شراب کير کان سستو هيو. جنس جي آزادي هئي، اتي هر شيءِ ان دونهين ۾ لٽيل هئي جيڪو ڪنهن انگريز عملدار جي گاڏيءَ مان نڪري ڦهلجي ٿي ويو. ٽرام جي گهنٽي ۽ روڊن تي لرزندڙ لوهه جون پٽڙيون. ٽهڪ ۽ سڏڪا، ٻانهن ۾ ٻانهو ۽ لائيٽ هائوس جي زرد روشنيءَ ۾ چمڪندڙ سمنڊ جي واري ۽ ذرا ذرا لهرون.
    عثمان عليءَ شهر جي روانيءَ مان اک ڪڍي. هاڪر کان ورتل اخبار تي نظر ڦيري، اها “القاصد” اخبار هئي. ميري ڪاغذ تي ڀڳل اکرن واري اڌ اخبار لزا جي خبر سان ڀريل هئي. اها سڀ ڪهاڻي جيڪا هن رات اکين سان ڏٺي. اخبار ۾ اها به خبر هئي ته ليفٽينٽ آرگينان جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي، جيڪا لزا جي اغوا جي جانچ ڪندي، ان لاءِ ڪيئي ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون آهن، جيڪي شهر جي ناڪا بندي ڪري حساس جاين تي ڇاپا هڻي، لزا کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون.


    باب ڇهون

    هاڪر سان ملاقات کانپوءِ هو حريت پسندن سان ملڻ لئي بي قرار هيو. هن قاصد اخبار جي ڪنڊ وٽ لکيل پتو هڪ دفعو ٻيهر پڙهيو ۽ سوچڻ لڳو، حريت پسندن سان ملاقات ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟ کيس انهن متعلق ڪا ڄاڻ نه هئي. هن کي مڪمل طور اها ڄاڻ نه هئي ته شهر ۾ انگريزن خلاف ڪهڙي تحريڪ هلي رهي آهي؟ هو هڪ تحريڪ لاءِ ڪيئن ڪارآمد پئي ٿي سگهيو؟
    انهن ئي خيالن ۾ هيو ته شهر ۾ افراتفري مچي وئي. ماڻهو چئمگويون ڪرڻ لڳا. هن ڏٺو شهر ۾ اچ وڃ گهٽجي وئي. روڊ خالي ٿي ويا. هڪ هنڌ ڪجهه ماڻهو سُس پُس ڪري رهيا هيا. هو وڌي انهن وٽ ويو. ماڻهو هڪ پراسرار اجنبي کي ڏسي چپ ٿي ويا. انهن سمجهيو، يا ته هو جاسوس آهي، يا فرشتو جيڪو انقلابين جا روح قبض ڪندو. انهن کي خاموش ڏسي عثمان عليءَ ڳالهايو. “ڇا ڳالهه آهي ڀائرو....” شهر ۾ هيءَ افراتفري ڇو آهي؟”
    انهن مان ڪنهن جواب نه ڏنو. هن جي ٻيهر پڇڻ تي هڪ پوڙهي جنهن جي گهنجيل منهن تي مڇون کاڏيءَ کان هيٺ لڙڪي رهيون هيون، طنز ڀريل لفظن ۾ چيو.
    “تون قوم جو ڪهڙو فرد آهين، جنهن کي اها خبر نه آهي ته اڄ پندرهن انقلابين کي موت جي سزا ڏني ويندي؟”
    ان پوڙهي شخص چيو ۽ پوءِ لٺ سهاري ائين هليو ويو جيئن هو لٺ کي سهارو ڏيندو هجي ته لٺ هلڻ لائق هجي، هر ڪو ڪاوڙ ۾ ويڙهيل هيو، ڪاوڙ اهڙو احساس آهي، جنهن اڳيان خوشي ۽ پويان خوف هوندو آهي، خوشيءَ ۾ انسان هوش وڃائي ڏوهي ٿي پوندو آهي ۽ ڪاوڙ کانپوءِ خوف ائين ٿي ويندو آهي جيئن بکايل تي سيءُ.
    عثمان عليءَ اهو منظر اکين سان ڏسڻ چاهيو. هو هلندو صدر بازار پهتو ته دوڪان بند هيا. پريان ميدان ۾ توپون قطار ۾ بيٺل هيون ۽ ڀرسان ئي هڪ عارضي ڦاسي گهاٽ جوڙيو پئي ويو.
    اهو سڀ ان بغاوت جو نتيجو هيو جنهن کي ڪچليو ويو. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪمانڊنگ آفيسر ميجر ميڪ گريگر کي ايڪويهين رجمنٽ جي بغاوت جي خبر پئي هئي. اهڙي خبر کيس صويبدا رام بني ۽ جمعدار لڪشمڻ گداريءَ ٻڌائي هئي.
    بغاوت واري رات اهي ميجر ميڪ گريگر جي بنگلي تي پهتا. ميجر ان وقت ننڊ ۾ محو هيو، کيس جاڳائي اها خبر ڏني وئي ته “ايڪويهين بمبئي نيٽو انفنٽري رجمنٽ اڄ رات ٻئين وڳي بغاوت جو منصوبو جوڙيو آهي، ان بغاوت جي اڳواڻي حوالدار رام دين پانڊي ۽ حوالدار سورج بالي تيوري ڪندا.”
    اهڙي خبر ملڻ شرط ميجر ميڪ گريگر اعليٰ آفيسرن کي اطلاع ڏنو. سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر حالتن کي قابو ڪرڻ لاءِ احڪام جاري ڪيا. ايڪويهين رجمنٽ کي ڪڙو چاڙهي باغين کي گرفتار ڪيو ويو. ڪجهه باغي فرار ٿي ويا جن کي ڳولهي قتل ڪيو ويو. پڪڙيل فوجين مان يارهن کي ڦاسيءَ جي سزا ٻڌائي وئي، جڏهن ته پنجن کي توپن سامهون ٻڌي گولن سان اڏارڻ جو حڪم ڏنو ويو.
    ايمپريس مارڪيٽ جي عمارت ان رات وسيل مينهن ڪري روڊ جي ڦهليل پاڻيءَ ۾ عڪس ٺاهي رهي هئي. حقيقت ۾ ان عمارت جو ڪو وجود نه هيو. ان جاءِ تي هڪ وسيع ميدان هيو جنهن پويان اهو قلعو نظر اچي رهيو هيو، جتي انگريز فوجين جي رهائش هئي. پيراڊئيز گارڊن کان اولهه طرف ڦهليل ان قلعي اندر خوف واري ڪيفيت هئي. ميري ويدر جي وکريل وارن مان حيرت آکيري ۾ ويٺل جهرڪيءَ جي ٻچن جيان ٻاهر نهاري رهي هئي، قلعي اندر انگريز عورتن جي حفاظت ان حوالي هئي. ميري ويدر کي انگريز عورتن جي حفاظت ۾ جيڪو ڦل ملڻو هيو، اهو هڪ ٽاور هيو، جنهن جي کيس خبر نه هئي.
    عثمان عليءَ ڏٺو ميدان چوڌاري بيٺل ماڻهن جون اکيون ڳوڙهن جيان ڳٽن تي لڙڪي رهيون هيون، حيرت ۽ خوف، پري پارسين جي آخري آرامگاهه “ٽاور آف سائلينس” مٿان ڳجهن ۽ سرڻين جيان لامارا ڏئي رهيو هيو.
    اهو سيپٽمبر جو مينهن هيو جيڪو رات دل ڏاريندڙ گجڻ ۽ وڄ سان وسيو هيو. صدر بازار جي دوڪانن اڳيان ڏنل ڪاٺ جي ڇپرن مان پاڻي ائين ٽمي رهيو هيو جيئن شهر جي هر گهٽي روئندي هجي.
    عثمان علي هجوم ۾ موجود هيو، ان ڏٺو حيسيل ماڻهن جا هٿ دلين تي هيا، ميدان ۾ عارضي ڦاسي گهاٽ، ڳاٽ مٿي ڪري بيٺل هيو، اها ان لاءِ فخر جي ڳالهه هئي ته وطن دوست باغين جي ڪم اچي رهيو هيو. غلاميءَ جا سڀ رستا ڦاسي گهاٽ تي کلن ٿا ۽ آزادي جا رستا ڦاسي گهاٽ کان شروع ٿي کليل هوا ۾ نروار ٿين ٿا. عثمان علي تجسس ۽ حيرت مان هر شيءِ ڏسي رهيو هيو. ڦاسي گهاٽ ڀرسان ڪيتريون ئي توپون ائين بيٺل هيون جيئن گوڏا کوڙي باغين کان معافي وٺنديون هجن. هڪ دل ڏاريندڙ منظر هيو ۽ ان منظر جا سوين گواهه هيا. هزارين اکيون هيون، ڪيتريون ئي ڌڙڪندڙ دليون هيون.
    ڪراچيءَ جي گهم، اندر جي ٻوسٽ جيان مشهور آهي. مينهن وسي ته اهو ٻوسٽ ٻاڦ بنجي اکين مان وهي پوي پر اهو منظر دونهي جهڙو هيو. باهه جي ڄڀيءَ جهڙو هيڊو ۽ ڄر جهڙو نيرو، هر طرف درد جا ست رنگ ڦهليل هيا. آسمان مان انڊلٺ چيلهه چٻي ڪري هيٺ ڏسي رهي هئي. جڏهن باغين کي ميدان ۾ آندو ويو ته انهن جا هٿ پويان ٻڌل هيا. کين قطار ۾ بيهاري اهو ڪارو چٺو پڙهي ٻڌايو ويو جنهن ۾ الزام هيو ته “انهن برطانيه جي شاهي تاج خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ بغاوت جي سِلي ۾ کين موت جي حوالي ڪيو ويندو.”
    يارهن ڄڻن کي ڦاهي گهاٽ طرف اشارو ٿيو. انهن آزاديءَ جي حق ۾ نعرا هيا ۽ مٿي ڦاهي گهاٽ تي چڙهي ان وقت جو انتظار ڪرڻ جڏهن سندن روح آزاد ٿي غلاميءَ کي للڪاريندو. ڦاهيءَ کان اڳ انهن جي منهن تي ڪو ڪپڙو نه وڌو ويو. ڳچيءَ ۾ رسو وجهي، ڦٽي کي ڇڪيائون ته باغين جون اکيون ڏسي انگريز عملدار گهٻرائجي ويا، هجوم مان آهون بلند ٿيون. ڪيترا فرد دل نه جهلي پٽ تي ڪري پيا. ڪن کي اکين ۾ ڳوڙها ته ڪن کي ڏندين آڱريون هيون.
    ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ لاشن کي هيٺ لاهي تلوارن سان ڳڀا ڪري اڇلايو ويو. پنجن باغين، جن ۾ رام دين پانڊي ۽ سورج بالي تيوري شامل هيا، انهن کي توپن اڳيان ٻڌو ويو. ڪراچيءَ جي ماڻهن ان کان اڳ اهڙو منظر نه ڏٺو هيو. اهي چپ هيا ۽ اهڙي چپ ۾ سوين آواز دفن هيا.
    جڏهن باغين کي توپن سان ٻڌي رسيءَ کي باهه ڏيڻ جو اشارو ٿيو ته باهه جي مشعل هيٺ جهڪي، ان رسيءَ کي باهه ڏئي ڄڻ آخري سجدو ڪيو، رسين کي باهه لڳڻ سان توپن جا ٺڪاءَ ٿيا. ماڻهن ڏٺو انهن جي جسم جا ٽڪرا پکي بنجي اڏاڻا، اهي ڪبوترن جيان ولر جي صورت ۾ گول چڪر ڏئي رام باغ جي ماتا مندر تي لٿا.
    عثمان عليءَ ڪڏهن سوچيو به نه هيو ته کيس ڏسڻ لاءِ اهڙا منظر ملندا. هو جيئرو ۽ موجود هيو، هن اڳيان هر شيءِ وجود رکندڙ هئي، اهڙا منظر ڏسي هو سوچڻ لڳو، هيءَ ڪهڙي آزاديءَ جي جدوجهد آهي، جنهن جي نتيجي ۾ آزادي هندوستان لئي نفرت جو پيغام کڻي ايندڙ هئي. انسانن جو قتل عام جنهن ۾ ڪئي بي گناهه مرڻا هيا. مذهب جي بنياد تي ملڪ ٽٽڻو هيو ۽ ڪمزور قومن جا حق غصب ٿيڻا هيا.
    باغين جي موت حوالي ٿيڻ کانپوءِ هجوم ڇڙوڇڙ ٿي ويو. هوا ۾ اڃان به بارود جي بوءِ سمايل هئي. عثمان عليءَ محسوس ڪيو. توپن سان ٻڌي اڏاريل باغين جي رت جا ڇنڊا ماڻهن جي منهن تي لڳل آهن.
    هو واپس مڙيو ته ساڳيو هاڪر هن سامهون اچي ويو، هاڪر جي هٿن ۾ جهليل اخبارون وسيل مينهن کانپوءِ آليون پئي نظر آيون. اهو وڌي هن وٽ آيو ۽ چيائين “اهو سڀ اسان جي ڪرتوتن جو سلو آهي.”
    عثمان عليءَ ڳالهه نه سمجهي.
    “اهو وري ڪيئن؟” هن پڇيو.
    “جيڪڏهن پنهنجا هندوستاني انگريزن جي مخبري نه ڪن ها ته شايد هيءُ سانجو پيش نه اچي ها.”
    ٿوري دير پئي چپ ٿي ويا ۽ پوءِ عثمان عليءَ ڳالهايو.
    “آزاديءَ جي متوالن جو انجام ڏسي، دل ۾ انگريزن لاءِ نفرت وڌي وئي آهي. اهڙي بي دردي ۽ بي رحميءَ جو تاريخ ۾ مثال گهٽ ملي ٿو.”
    هاڪر جي منهن تي افسوس جا پاڇولا اچي ويا. ان موضوع تبديل ڪرڻ لاءِ کيس ٻڌايو. حريت پسندن کي تنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي، اهي توسان ملڻ چاهين ٿا. جيترو جلد ٿي سگهي، تون اتي پهچ”.
    عثمان عليءَ “ها” ڪئي، هو هاڪر کان موڪلائي اڳتي وڌيو، هن پڪو پهه ڪيو ته هو حريت پسندن سان هرحال ۾ ملندو، ڇو جو لزا کي ڳولهڻ جو اهوئي رستو هيو، لزا انهن وٽ هوندي ۽ هو ان کي آزاد ڪرائيندو.


    باب ستون

    عثمان عليءَ لاءِ ڄڻ واپسيءَ جو دربند ٿي چڪو هيو.
    محبت جي گلن تي ڪا به موسم اثر انداز نه هوندي آهي، عثمان علي وڃائجي ويل پيار جي ڳولها ۾ پاڻ وڃائجي ويو هيو، هن جا رستا ويڙهجي چڪا هيا، غاليچن جيان ويڙهيل رستا پهاڙ ٿي چڪا هيا.
    لزا جي آزاديءَ جو تصور، هن اندر لڪيل ان حسرت جو پورائو هيو، جنهن حسرت جي تصور ۾ سوڀيا جو وڃائجي ويل وجود تڙپي رهيو هيو. هو سڀ وساري ويٺو، سواءِ ان ياد جي ته هو مستقبل جو وسري ويل شخص آهي، جيڪو ماضيءَ جي حافظي ۾ پنهنجو حال ڳولهي ٿو. هن وٽ زمان ۽ مڪان معنا وڃائي ويٺا هيا. هو اهڙو معجزو هيو جيڪي معجزا ولين جي هٿن مان نڪري گناهگارن جي گرفت ۾ اچي سحر ٿي پوندا آهن.
    عثمان علي هاڪر کان مليل پتي تي حريت پسندن سان ملاقات جو سوچي کاري در روانو ٿيو. هو ٿڪيل هيو، رام باغ وٽ پهچي ان لاءِ آرام ڪيو ته متان وقت جا تعصب پرست ان باغ جو نالو نه بدلائي وجهن. هن اتي تصور ۾ رام ۽ سيتا کي ڏٺو. بنواس کانپوءِ اهو انهن جو پهريون ميلاپ هيو. انهن وڏي وڇوڙي کانپوءِ هڪ ٻئي کي ڳولهي لڌو هيو. رام ۽ سيتا جا چهرا، هن ۽ سوڀيا سان ڪيڏا ملندڙ هيا. اهڙي تصور کيس مرڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن جي ٿڪاوٽ دور ٿي وئي. من ۾ اميد جاڳي ته هو سوڀيا کي ضرور حاصل ڪندو. پر شايد سوڀيا دنيا ۾ موجود نه هئي، لزا سوڀيا جو جسم هئي، اهڙو جسم جنهن اندر هن جو روح هيو.
    عثمان علي هلندو مٺي در پهتو ۽ پوءِ کاري در، مٺو در نديءَ جي سرحد هئي ۽ کارو در سمنڊ جي سرحد. ٻئي در هڪ ٻئي سامهون هيا ۽ وچ تي هڪ لڪير، اها لڪير نه نديءَ جي هئي، نه سمنڊ جي، ان لڪير ۾ ٻئي سمايل هيا. ڌرتيءَ اندر جتي ندي ۽ سمنڊ پاڻ ۾ ملندا آهن، اتي ذائقي جي معنا بدليل هوندي آهي. ائين جيئن مذهب پاڻ ۾ ملي مذهب جي وصف بدلائي وجهندا آهن.
    جڏهن سيٺ ڀلرام گهٽيءَ ۾ پهتو ته هن فقير هاشم جو پڇيو. فقير هاشم ان گهٽيءَ جو مشهور ماڻهو نه هيو، شايد اهو اهڙو فقير هيو جن جا گهر نه هوندا آهن. اهي راهن جا رولاڪ هوندا آهن ۽ هر ٿاڪ انهن جو گهر هوندو آهي، هڪ شخص کيس ٻڌايو “هيءَ سيٺين جي گهٽي آهي، هتي فقيرن جو ڪهڙو ڪم، سواءِ ان جي ته اهي خير گهرن”.
    هو مايوس ٿي ويو، گهٽيءَ جي ٻئي ڪنڊ کان ڪو شخص هن جي هر حرڪت جو جائزو وٺي رهيو هيو، جڏهن عثمان علي مايوس ٿي موٽڻ وارو هيو ته اهو شخص وڌي ان وٽ آيو ۽ هن کان پڇيائين “ڪنهن کي ڳولهي رهيو آهين؟”
    “فقير هاشم کي” هن جواب ڏنو.
    ان شخص عثمان عليءَ جو جائزو ورتو ۽ پوءِ پڇيائين.
    “تنهنجي سڃاڻپ؟”
    عثمان عليءَ کيسي ۾ هٿ وجهي، کيس پنجن روپين جو سڪو ڪڍي ڏيکاريو. چنڊ ۽ ستارو ڏسي ان شخص کي پڪ تي ته هيءُ ساڳيو ماڻهو آهي، جنهن جو اطلاع اڳ ملي چڪو آهي. ان شخص عثمان عليءَ کي پويان اچڻ جو اشارو ڏنو ۽ هو کيس گهٽيءَ جي آخري ڇيڙي وٽ وٺي آيو جتي هڪ هيڊي رنگ جي عمارت هئي. هن نظر ڦيري عمارت کي ڏٺو. اها هڪ عجيب عمارت هئي.
    جنهن جي پاسن کان ڊگها برج هيا. برج ائين ڏسجي رهيا هيا جيئن مٿي وڃي جهڙ ۾ غائب ٿيندا هجن. اتي پٿر جو مورهيو جيڪو ڄڻ جيئري ٿيڻ جي انتظار ۾ هيو. هيڊي عمارت جي اڇي ڪانس تي ڪبوتر ويٺل هيا. انهن مان ڪو به ڪبوتر اهڙو نه هيو جيڪو ناسي نه هيو. هن جڏهن دروازي مٿان لکيل سَنُ ڏٺو ته سندس تاڪ لڳي ويا. اتي لکيل هيو 2050ع، جيڪا شايد سنڌ جي آزاديءَ جي تاريخ هئي.
    عثمان علي عمارت ۾ داخل ٿيو ته اتي هڪ حجري نما ڪمرو هيو. ڪمري جي ڪنڊ ۾ هڪ هٿ بتي ائين ٻري رهي هئي جيئن ڪوشش ڪندي هجي ته روشنيءَ کان هر شيءِ لڪيل هجي. هن ڏٺو اتي پاڇن جهڙا نوراني چهرا هيا، کيس ڪا خبر نه ٿي پئي ته انهن جي منهن تي ڏاڙهي آهي يا اوندهه جو عڪس. سندن جسم کي ويڙهيل اڇيون چادرون هٿ بتيءَ جي لاٽ ۾ هيڊيون نظر اچي رهيون هيون. وچ تي ويٺل شخص جيڪو ٻين کان سگهارو هيو ان ويهڻ جي صلاح ڪئي. هو انهن سامهون ويٺو.
    “پنهنجي سڃاڻ ڪراءِ” ان چيو.
    عثمان عليءَ کيسي مان پنجن روپين جو سڪو ڪڍي ان حوالي ڪيو، ان سڪي جو جائزو ورتو ۽ پوءِ ڪنڌ کي “ها” ۾ لوڏي اهو سڪو پنهنجي ڀرسان ويٺل ٻئي شخص حوالي ڪيو. اتي ويٺل سڀني سڪي جو جائزو ورتو.
    “واقعي، هيءُ چنڊ ۽ ستارو اسان جي تحريڪ جي علامت آهي.” ان شخص چيو ۽ پوءِ سوال ڪيو. “ڇا تون اوڌ کان آيو آهين؟”
    عثمان علي منجهي پيو.
    “نه” هن جواب ڏنو. “مان لياري نديءَ پريان، زمين دوز پل ٽپي آيو آهيان.”
    “زمين دوز پل؟” ان شخص عثمان عليءَ جو جملو ورجهايو ۽ پوءِ چيو. “زمين دوز پل مان تنهنجي مراد اها تحريڪ آهي، جيڪا زير زمين اڄڪلهه اوڌ ۾ هلي رهي آهي.”
    “نه” عثمان عليءَ چيو. “حقيقت اها آهي ته منهنجو ڪنهن به اهڙي تحريڪ سان ڪو واسطو نه آهي.”
    عثمان عليءَ جي جواب تي چپ ڇائنجي وئي ۽ لڳو هٿ بتيءَ جي لاٽ وڌيڪ روشن ٿي وئي هجي.
    “پر اسان کي ته اوڌ کان هڪ شخص جي پيغام جو انتظار هيو. جنهن موجوب حڪمت عملي تيار ڪرڻي هئي.” ان شخص چيو.
    “پوءِ تون ڪير آهين؟” هڪ ٻئي شخص هن کان پڇيو. “هيءَ چنڊ ۽ ستاري واري مهر توکي ڪنهن ڏني؟”
    عثمان عليءَ کين هر ڳالهه کولي ٻڌائي” هو پاڻ حيران آهي ته ڪهڙي دنيا ۾ پهچي ويو آهي. اها چنڊ ۽ ستاري واري مهر وقت جو رائج سڪو آهي، اهو سڀ لياري نديءَ ۾ دفن ڏيڍ سئو سال پراڻي پل جي ظاهر ٿيڻ ڪري ٿيو آهي.”
    عثمان عليءَ جي ڳالهه ٻڌي اهي پريشان ٿي ويا. انهن محسوس ڪيو يا ته اهو شخص چريو آهي يا فرشتو. جيئن ته غلاميءَ جي ڏينهن ۾ چريا به سياڻا ٿي پوندا آهن ۽ چرين جي کوٽ هوندي آهي، انڪري ضرور هيءُ فرشتو آهي جيڪو خدا مجاهدن جي مدد لاءِ غيبي قوت جي صورت ۾ عطا ڪيو آهي، پوءِ انهن مان هڪ شخص سوال ڪيو.
    “ڇا توکي خبر آهي ته ڪٿي آهين؟”
    “نه” عثمان عليءَ جواب ڏنو. “بس مونکي اها خبر آهي ته وقت جي وڃائجي ويل حصي ۾ ويٺل آهيان.”
    عثمان علي ڪيتري دير انهن اڌ نظر ايندڙ چهرن سان ڪچهري ڪندو رهيو. انهن کيس ٻڌايو “اهي جماعت الاخصار جا ماڻهو آهن. سندن مقصد انگريزن سان ويڙهه آهي، جيئن ته انگريز ڳالهين وسيلي ملڪ خالي نه ڪندا، انڪري ملڪ هٿيارن جي زور تي آزاد ڪرائڻو آهي.”
    اها ساڳي تحريڪ هئي جنهن کي اڳتي هلي سوٽي رومال تحريڪ ۾ تبديل ٿيڻو هيو. عثمان علي تاريخ جو شاگرد هيو ۽ تاريخ جو هر ورق هن اڳيان کلندو ٿي ويو. سندس من ۾ ڪنهن به تنظيم لاءِ ڪو احترام نه هيو. هن وٽ احترام سوڀيا جي نه وسرندڙ پيار لاءِ هيو. سوڀيا جي محبت هر تنظيم ۽ تحريڪ کان مٿاهين هئي. هن وٽ لزا جي اهميت هئي، جيڪا سوڀيا جو روپ هئي. هو اهڙي تحريڪ جو حامي هيو، جيڪا لزا جي آزاديءَ لاءِ هجي. هن اهڙي تنظيم جو حصو پئي ٿيڻ چاهيو جنهن جي منشور ۾ لزا جي آزاديءَ جو اعلان هجي. لزا جي آزاديءَ جو احساس، سوڀيا جي خال ڀرڻ لاءِ ڪافي هيو. هو لزا جي آزاديءَ جو سوچي من کي مطمئن ڪرڻ پيو چاهي ته هو سوڀيا لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيو پر لزا لاءِ اهو سڀ ڪري سڦلتا ماڻي سگهي ٿو، جماعت الاخصار جي عهديدارن عثمان عليءَ جي پراسرار شخصيت کي انڪري قبول ڪيو جو ان جي روپ ۾ کين نجات ڏياريندڙ غيبي قوت نظر آئي جيڪا هڪ فرشتي جي روپ ۾ سندن سامهون موجود هئي.
    “ڇا تون اسان جي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ پسند ڪندين؟”
    انهن مان هڪ سوال ڪيو.
    عثمان علي اهڙي ئي موقعي جي ڳولها ۾ هيو.
    “ڇو نه” هن چيو “مان توهان جو ساٿ ڏيندس هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي وڙهندس.” هڪ عثمان عليءَ جو جذبو ڏسي اهي خوش ٿيا ۽ کيس اجازت ڏني ته ڀل انهن مشقن ۾ حصو وٺي جيڪي مجاهدن کي تربيت لاءِ هلي رهيون هيون.
    عثمان عليءَ خوشي محسوس ڪئي ۽ سمجهيائين ائين ڪرڻ سان کيس لزا کي ڳولهڻ ۾ مدد ملندي.
    لزا جي اغوا ٿي وڃڻ کانپوءِ ڪرنل مارٽن هڪ ڏينهن به آرام ۾ نه گذاريو. هن فوجين ۽ کوجين جون ٽوليون ترتيب ڏنيون. کوجي جتي شڪ ظاهر ڪندا هيا ته فوجي پهچڻ ۾ دير نه ڪندا هيا. ڪيترائي بي گناهه ماڻهو جيل حوالي ٿي ويا. عقوبت خانن ۾ ڪيترائي موت جي ور چڙهي ويا ۽ ڪيترن ئي نه وسرندڙ زخمن کي پنهنجي وجود ۾ محفوظ ڪيو.
    هر ڪوشش کانپوءِ به لزا جي خبر نه پئي ته اها ڪٿي آهي، ڪرنل مارٽن ڪراچي ۽ ڪراچيءَ کان ٻاهر ڪيترا دفعا فوج ڪشي ڪئي. هو ڌيءَ جي ڏک ۾ چريو ٿي پيو. جڏهن ڪجهه نه ڪري سگهندو هيو ۽ کيس بي وسيءَ جو احساس ٿيندو هيو ته ڪلهي تي ڊگهي ڳن واري بندوق رکي آڱر ۾ چڪ پائيندو هيو. هن کي هر شيءِ مان ڌيءَ جي خوشبوءِ ايندي هئي.
    هو ان تلاءَ ڪناري اداس ويٺل هوندو هيو جنهن ۾ لزا وهنجندي هئي. ان تلاءَ ۾ گلابي ڪنول ڦٽي آيا هيا ۽ هر ڪنول ۾ هن کي ڌيءَ جو روپ نظر ايندو هيو. بنگلي جي ويراني ڏسي کيس خوف ٿيندو هيو. لڳندو هيو ڪو اندر گهري آيو آهي ۽ هو ڪتي ۾ تبديل ٿي ان کي ڏاڙهي رهيو آهي.
    لزا جي ڏک ۾ هن ڪيترا بي گناهه ماري وڌا، عقوبت خانو رڙين ۽ روئڻ جي آوازن کان ڪڏهن جان ڇڏائي نه سگهيو. ڪرنل مارٽن مياڻ ۾ تلوار ۽ هٿ ۾ چانديءَ جي ٽڪٽڪيءَ واري بندوق جهلي سپاهين سان گڏ گهوڙن جي ٽاپن سان ڌوڙ اڏائيندو هر ٿاڪ پيو لتاڙيندو هيو.
    هڪ اطلاع تي هو پراڻي ڊربي به ويو جتي کجين جا باغ هيا ۽ ڪرنل کي محسوس ٿيو کجين جا ڊگها وڻ ڦهليل ڦرهن سان هوا ۾ لڏي روئي رهيا هجن، لزا جي وڃائجي وڃڻ تي هر شيءِ ماتم ڪري رهي آهي. هن بابا ڀٽ ۽ منهوڙي جا ٻيٽ لتاڙي تمر جي جهنگن کي ڪٽي ناس ڪيو. هو شاهه بندر کان لاڙي بندر ۽ حب نديءَ ڪناري کارڪ بندر جي ڊٿل ڪنارن جي مٽي کوٽيندو. گابي پٽ کان مائي مرادان جي مزار کي ڳولهي ڪڍيو. مورڙي ۽ ڀائرن جي قبرن جي بي حرمتي ڪندي، ڀنڊ فقير جوکين جا ڪيترائي نوجوان گرفتار ڪري کين عقوبت خاني جو منهن ڏيکاريو، پر لزا جي ڪا خبر نه پئي.
    هڪ دفعي هو لياري نديءَ پريان چمڙو رنگيندڙ مزدورن جي ڳوٺ کان لنگهيو ته ڦهليل بوءِ ۾ کيس احساس ٿيو، لزا مري چڪي آهي. هو واپس موٽي رنو ۽ بي وس ٿي پاڻيءَ جو گلاس وات تي چاڙهي هيٺ نظرون ڪيائين ته در وٽ هڪ چٺي نظر آئي.
    هن اڳتي وڌي اها کنئي ۽ کولي پڙهيائين. ان ۾ لکيل هيو.
    “جيڪڏهن قلعي جي جيل اندر کولين مان موت جو انتظار ڪندڙ حريت پسندن کي آزاد ڪيو وڃي ته هو ان بدلي لزا کي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. هيٺ قيدين جي لسٽ هئي ۽ وڌيڪ لکيل هيو ته هو ديس پرست آهن، انهن لزا کي ڪو نقصان نه پهچايو آهي، لزا خير ۽ خيريت سان آهي. اها انهن وٽ ان وقت تائين مهمان رهندي جيستائين انهن جا مطالبا نه ٿا مڃيا وڃن.”
    پڙهي مارٽن ڇرڪي پيو، اهو سندس سمجهه کان ٻاهر هيو ته اهڙو پيغام ڪنهن پهچايو، پوءِ سوچيائين قلعي ۾ ضرور حريت پسندن جا ساٿي موجود آهن، جيڪي پيغام رسائيءَ جو ڪم ڪن ٿا ۽ هر خبر حريت پسندن تائين پهچائين ٿا. قلعي ۾ ڪيترائي مقامي فوجي هيا جن جو تعداد انگريز فوج کان وڌيڪ هيو. اهو ڏکيو ڪم هيو ته اهڙن پيغام رسائي ڪندڙ فوجين کي ڳولهي ڪڍجي، هو محتياط ٿي ويو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ هر ايندڙ ويندڙ فوجيءَ تي نظر رکڻ لڳو.
    هن ان چٺيءَ بابت برگيڊيئر باب هڊسن کي پڻ ٻڌايو. جنهن قلعي جي سيڪيورٽي ۽ امن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. هڪ ترت گڏجاڻيءَ جو حڪم صادر ڪيو، ته قلعي جي ڪمانڊنگ آفيسر سميت سڀ سيڪيورٽي عملدار شرڪت ڪن.
    برگيڊيئر جي حڪم تحت هڪ گڏجاڻيءَ ۾ سڀ شريڪ ٿيا ۽ امن امان جي مسئلي تي ڳالهايو. سڀني ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته “کولين ۾ موجود باغين کي ڪنهن به صورت ۾ آزاد نه ڪيو ويندو ۽ سرڪاري فوج ۾ موجود غدارن کي ڳولهي ماريو ويندو.”
    ڪرنل مارٽن جڏهن ڌيءَ جا ڏک روئڻ شروع ڪيا ته کيس سمجهايو ويو. “ان معاملي تي هو صبر کان ڪم وٺي، ڪو سياسي حل نڪري ايندو.”
    برگيڊيئر باب هڊسن حڪم جاري ڪيو ته “لزا جي باري ۾ جيڪو ٻڌائيندو، ان کي ويهه هزار ڪوڙيون انعام ۾ ڏنيون وينديون.”


    باب اٺون

    ڪرنل مارٽن ڌيءَ جي ڳولها ۾ اڌ چريو ٿي پيو، هن جي اڌ چريائپ دماغ جي کاٻي پاسي هئي. هن جي جيئري هجڻ جو سبب کاٻو پاسو هيو ڇو جو درد، پيڙا ۽ ڪاوڙ واري زندگيءَ ۾ ماڻهو پنهنجي چريائپ سبب جيئرو هوندو آهي.
    هن وٽ هڪ اهڙو مقامي سپاهي هيو جنهن کي نڪ ۾ ٽي سوراخ هيا، اهي ڏسڻ ۾ ٻه هيا پر هڪ سوراخ مخفي هيو، جيئن انسان کي ڇهون حواس عطا ٿيل آهي، جيڪو کيس اوچتو ٿيندڙ واقعن کان باخبر ڪندو آهي، ائين ان کي فطرت ٽيون نڪ ڏنو هيو، جيڪو بي بوءِ شين جي بوءِ محسوس ڪندو هيو. ڪرنل ان کي پاڻ وٽ گهرائي سندس ڳچيءَ ۾ لزا جو ڳاڙهو رومال ويڙهيو ۽ پوءِ ڊائننگ ٽيبل تان ڍڳي جي گوشت مان بچيل هڏي کي هٿ ۾ کڻي کيس اشارو ڪيو “وڃ ۽ وڃي ڳولهه، جيڪڏهن ناڪام ٿئين ته هڏي جو هڪ ڌڪ تنهنجي نڪ لاءِ ڪافي آهي.”
    سپاهيءَ کي خبر هئي ڪرنل چريو ٿي پيو آهي، سندس نڪ ۾ اهڙو حواس به هيو جو هو چريائپ سنگهي سگهندو هيو.
    “پرسرڪار” هن چيو ۽ ڪرنل محسوس ڪيو جيئن ان وات سان نه ڳالهايو هجي. “اڄڪلهه هوا بند آهي، جيئن کلي ته بوءِ جو سفر شروع ٿي ويندو.”
    ڪرنل وسري ويل ٽهڪ ياد ڪري روئي ويٺو.
    “وڏو ڪو...” ڪرنل چوڻ چاهيو پر وات تي هٿ ڏئي لفظ روڪيائين، هن هٿ هٽايو ته لفظن جي رواني شروع ٿي وئي. “منهنجو مطلب آهي تنهنجي ڳالهه نه سمجهي.”
    سپاهيءَ هٿ ٻڌي عرض ڪيو “هوا پنهنجي رخ سان بوءِ محسوس ڪرائيندي آهي، لزا جي بوءِ هوا ۾ سفر ڪري مون تائين پهچندي، هوا بند هوندي ته نڪ نه کلندو.”
    ڪرنل ان ڪالي ماتا جي مڃيندڙ کي يسوع جو قسم ڏنو ته “جتي تلوارون ڪم نه ڪنديون آهن اتي نڪ ئي اهڙو هٿيار آهي، جنهن سان مقصد ماڻي سگهجي ٿو.”
    سپاهي لزا جو ڳاڙهو رومال ويڙهي بنگلي کان ٻاهر نڪتو ته ڪرنل جي ٽيبل تي رکيل هڏي کي ياد ڪري سندس وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو.
    جماعت الاخصار جي سربراهه کي خبر پهچي وئي ته انگريزن کي لزا جي موجودگيءَ جو اطلاع ملي چڪو آهي، اهو سڀ هڪ فوجيءَ ڪري ٿيو آهي، جنهن جو تعلق بنگال سان آهي ۽ پنهنجين لڪيل شڪتين ڪري انسانن کي انهن جي شڪلين مان نه پر بوءِ مان سڃاڻي ٿو، کيس اهڙي بوءِ ڪوهن کان محسوس ٿئي ٿي. ان لزا جي بوءِ محسوس ڪري ڪرنل کي اطلاع ڏنو آهي ته لزا ڍاڍري بندر تي هڪ زمين دوز مدرسي ۾ قيد آهي، جنهن مدرسي مٿان مندر ٺهيل آهي ۽ ان مندر جا پنڊت پيشانيءَ تي ڀڳوان جو ٽڪو هڻي عربيءَ ۾ پڙهن ٿا.
    اهڙي خبر پهچڻ شرط جماعت الاخصار حرڪت ۾ اچي وئي ۽ حرڪت الاخصار نالي هڪ ٽولي ترتيب ڏني، ان ٽوليءَ جو سربراهه عثمان عليءَ کي مقرر ڪيو. عثمان علي انهن لاءِ هڪ قابل ڪارڪن ثابت ٿيو هيو، جماعت الاخصار جو سربراهه هن جي ڪم مان مطمئن هيو. عثمان عليءَ هندو مسلم اتحاد لاءِ ڪم ڪيو هيو.
    جماعت الاخصار جي سربراهه عثمان عليءَ کي حڪم ڏنو ته “هو هڪدم ڍاڍري بندر روانو ٿئي ۽ انگريزن جي پهچڻ کان اڳ لزا کي ڪڍي ٻيڙيءَ رستي اتر ڏانهن ڏهه ڪوهه سفر ڪري پالارا بندر پهچي، اتي خدا بخش کٽيءَ نالي هڪ مهاڻو ۽ مجاهد موجود آهن، جيڪي سندس مدد ڪندا.”
    عثمان علي اهڙي موقعي جي ڳولها ۾ هيو، حڪم ملڻ شرط سندس منهن ۾ رت ڀرجي آيو. اکيون روشن ٿي ويون، مرڪي عرض ڪيائين “قبلا مان توهان جي اميدن تي پورو لهندس. ڪوشش ڪندس ته انگريز لزا تائين پهچي نه سگهن، بس توهان جي دعا گهرجي، دعا ڪندا ته پنهنجو مقصد ماڻيان ۽ لزا کي ڪڍي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيان.”
    “آمين” جماعت الاخصار جي سربراهه سڀني سميت چيو، عثمان عليءَ کي ڍاڍري بندر رواني ٿيڻ کان اڳ هڪ طمنچو ڏنو ويو جنهن تي هڪ انگريز ڪمپنيءَ جي مهر هئي ۽ هيٺان بريڪيٽ ۾ سن پڙهي هو حيران ٿي ويو. اها هن جي جنم جي تاريخ هئي، کيس اکين تي يقين نه آيو. هن اکيون ڦاڙي وري پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ ڪارڪن کيس ٽوڪيو. “ڇا ٿو ڏسين طمنچو اصلي آهي، انگريز ڀل نقلي هجي پر انهن جو اصلحو اصلي هوندو آهي.”
    ڪارڪن جي ڳالهه تي عثمان عليءَ طمنچي جو جائزو ورتو. اهو ڊگهي ۽ ويڪري نليءَ وارو هيو. ويڪر ايڏي ته هئي جو ان ۾ ماڻهو جو منهن پئجي وڃي. ٽڪٽڪي ۽ ٽريگر چانديءَ جا هيا. جيئن ڪلاچيءَ ۾ مشهور هيو ته مسلمان سڄو سون جو هجي پر ان جي پٺ پتل جي هوندي آهي ۽ هندو ڀل سڄو پتل جو هجي پر ان جي پٺ سون جي هوندي آهي، ائين اهو طمنچو سڄو لوهه جو هيو پر ٽڪٽڪي ۽ ٽريگر چانديءَ جا هيا. عثمان عليءَ کي هر هنڌ نفرت جو عنصر نظر آيو، پوءِ اهي هندو مسلمان هجن يا طمنچو. هن هندو مسلم اتحاد کي قائم رکڻ لاءِ هڪ دفعي انهن کي صلاح ڏني ته اهي پنهنجي پٺ هڪ ٻئي سان مٽائين، ائين ڪرڻ سان اهي خالص ٿي پوندا، پر هن جي اهڙي صلاح تي ڪنهن عمل نه ڪيو ۽ هندوستان جو اڳ ۽ پٺ بدلجي ويو.
    عثمان علي ڪارڪنن سان گڏ جڏهن ڍاڍري بندر پهتو ته پري کان بدبوءِ شروع ٿي وئي. اها بدبوءِ ڪڇون ۽ ڪميون پچائيندڙ انهن ڍيڍن جي گهرن مان اچي رهي هئي جيڪي انهن جو ماس کائڻ ثواب سمجهندا هيا. ان بندر جو نالو انهن ڍيڍن پويان پيل هيو. ڍاڍري بندر انهن ڳوهن جي ڪري به مشهور هيو جيڪي ماڻهوءَ جي قد کان وڏيون هيون ۽ هر هر زبان ڪڍي ڄڻ ڪجهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون. دراصل اهي دانهن ڏيڻ چاهينديون هيون ته انهن جو نسل تباهه ٿي رهيو آهي. روز انهن جا جهاز ڀرجي خليج وڃن ٿا ۽ عرب انهن جو گوشت کائي زيادتي ڪن ٿا.
    اتي ڍيڍ عورتون سانڊن جي جيري مان تيل ڪڍي بوتلن ۾ محفوظ ڪنديون هيون. حڪمت ۾ اهو تاثر آهي ته ساڳي شيءِ ساڳي شيءِ کي فائدو پهچائي ٿي. سانڊو سخت ٿئي ٿو ان ڪري اهڙو تيل مرداڻي عضوي ۾ سختي پيدا ڪري ٿو. عثمان عليءَ ڏٺو بندر ڪناري آباد ان ڳوٺ جي گهرن جون ڇتيون ڪاريون هيون. سڄي ڳوٺ جي ڀتين کي دونهي جو رنگ ڏنل هيو ۽ ماڻهو هلڻ ۾ ايڏا سست هيا جيئن ڪمين جي ڊوڙ.
    عثمان علي جماعت الاخصار جي ٽولي جي اڳواڻي ڪندي جڏهن ان مندر کي ڳولهيندي هڪ مسجد ۾ پهتو ته اتي ويٺلن جي ڏاڙهيءَ جو رنگ گيڙو هيو. هن اتي پهچي ان مندر جو ڏس پڇيو جنهن هيٺان مدرسو آهي ته کيس ڪنهن جواب نه ڏنو، اهي هيٺ ڪنڌ ڪري ديو ناگريءَ ۾ لکيل ڪو ڪتاب پڙهي رهيا هيا. عثمان عليءَ کين يقين ڏياريو ته هو جماعت الاخصار جا ڪارڪن آهن ۽ انگريزن جا جاسوس نه آهن ته انهن مان هڪ گيڙوئين ڏاڙهيءَ کي کنهندي چيو “ثبوت ڏيو؟”
    عثمان عليءَ طمنچو ڪڍي ان کي ڏيکاريو. طمنچي جو منهن هن پاسي ۽ هٿيو ٻئي پاسي هيو، اتي ويٺل سمجهي ويو ته هي پنهنجا ماڻهو آهن ڇو جو طمنچي جو منهن جيڪڏهن انهن ڏي هجي ها ته پڪ سان اهي انگريزن جا جاسوس هجن ها پر هٿيو انهن ڏانهن هيو. اهي ڏاڙهين وارا شخص حرڪت الاخصار جي ٽولي کي مسجد جي هجري مان هوڪڙ ڏئي ويندڙ هڪ ڏاڪڻ مان هيٺ وٺي ويا جتي زمين دوز مندر هيو. ان مندر جي ديويءَ اڳيان پرساد پيل هيو. حرڪت الاخصار جي مجاهدن کي اتي ويهاري پرساد سان خاطر تواضح ڪئي وئي. انهن کي گاءِ ماتا جي ڇڊي کير جي لسي پيئاري تازو توانو ڪيو ويو. جڏهن انهن جا ٿڪ لٿا ته هڪ شخص ڳالهايو. “هيءُ سڀ هندو مسلم اتحاد جو مثال آهي، مسجدن هيٺان مندر آهن ۽ مندرن هيٺان مسجدون. جيئن هن مسجد هيٺان مندر آهي ائين هتان کان ڪوهه پري هڪ مندر هيٺان مدرسو آهي.”
    “ها، اسان کي ان مدرسي جي ڳولها آهي” عثمان علي چيو.
    “ٿورو ٿڪ ڀڃون ته توهان کي اوڏانهن روانو ڪيون ٿا.” ان شخص چيو ۽ پوءِ هليو ويو.
    عثمان علي سوچيندو رهيو. هيءُ ڪهڙو هندو مسلم اتحاد آهي، جو مدرسا، مسجدون ۽ مندر هڪ ٻئي ۾ لکيل آهن، هو سوچي ئي رهيو هيو ته ديويءَ واري پاسي کان آواز آيو. “اهو انڪري ته جڏهن ڪو قوم جو دشمن ۽ غدار، جيڪو عيسائي، هندو يا مسلمان ٿي سگهي ٿو، ان کي هتي آڻي ائين لڪائبو آهي جو ڪو شڪ نه ڪري. هندو هوندو آهي ته ان کي مندر هيٺان مسجد ۾، مسلمان هوندو آهي ته ان کي مندر هيٺان مدرسي ۾ لڪائبو آهي، اهي سڀ لڪڻ جون جايون آهن، عبادت سان انهن جو تعلق ڪونهي.”
    عثمان عليءَ جا ڪن کڙا ٿي ويا، کيس اعتبار ئي نه ٿي آيو ته ڪو سوچن جو جواب زبان سان ڏئي سگهي ٿو، هن ته صرف سوچيو هيو. هن جي سوچن کي ڪنهن ٻڌو؟ ۽ انهن جو جواب ڪيئن آيو؟ هن ديويءَ جي منهن ۾ ڏٺو، سندس وات مان نڪتل ڳاڙهي زبان گم هئي.
    گهڙي گذري ته هڪ گيڙو ڏاڙهيءَ وارو ڏاڪڻ مان لهي هيٺ آيو ۽ چيائين “هلو، هلڻ جو وقت ٿي ويو آهي.”
    اهي ان پويان ڏاڪڻ چڙهي مٿي آيا. سج لهي چڪو هيو ۽ هلڪي اوندهه هر طرف ڇانيل هئي. هو سڀ هڪ گيڙو ڏاڙهيءَ واري جي رهنمائيءَ ۾ ٻه ڪوهه سفر ڪري اهڙي مندر وٽ پهتا جنهن جي در تي هڪ وڏو گهنڊ لڙڪي رهيو هيو. ان شخص اتي پهچڻ شرط گهنڊ کي ائين لوڏيو جيئن هو ان جي آواز ۾ ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو هجي. ٻه ٻاوا ٻاهر نڪتا ۽ انهن نڪرڻ سان سوال ڪيو.
    “عيسائي آهن؟”
    “ها” گيڙو ڏاڙهيءَ واري جواب ڏنو.
    عثمان عليءَ سميت ٽولي ۾ موجود سڀني اعتراض ڪيو.
    “پر اسان ته مسلمان آهيون.”
    گيڙو ڏاڙهيءَ وارو کليو ۽ چيائين “اهي سڀ ڳجها اشارا آهن، عيسائي معنا مسلمان، مسلمان معنا هندو ۽ هندو معنا پارسي”
    “پارسي معني؟” عثمان عليءَ سوال ڪيو.
    “پارسي معنيٰ دربدر، ڪڏهن ڪنهن ملڪ جا ڌڪا ته ڪڏهن ڪنهن ملڪ جا ٿاٻا.”
    هو جڏهن مندر ۾ پهتا ته رکيل مجسمي ۾ حرڪت ٿي، اهو پٿر جو مجسمو نه پر رميش لال هيو، جنهن جا انگريزن خلاف قصا مشهور هيا. هڪ دفعي ان عورت جو روپ بدلائي هڪ انگريز آفيسر کي قتل ڪيو هيو، اهو اهڙو ٻهروپ ڌاريندو هيو جو آئيني اڳيان پاڻ کي سڃاڻي نه سگهندو هيو. ان لاءِ اهو قصو به مشهور هيو ته هڪ دفعي پاڻ تي عاشق ٿي پيو، هو پورو ڏينهن ڪجهه کائڻ پيئڻ بنا آئيني ۾ پاڻ کي ڏسندو رهيو ۽ جڏهن رات ٿي ته هو اوندهه ۾ پاڻ کي وڌيڪ ڏسي نه سگهيو ۽ هيٺ ڪري پيو. ٻين سمجهيو شايد ڪنهن انگريز جي حملي کان زخمي ٿي هيٺ ڪريو آهي، پاڻي پيئاري پڇيائونس.
    “ڪنهن حملو ڪيو؟”
    جواب ڏنائين “مون پنهنجو پاڻ تي حملو ڪيو ۽ گهايل ٿي پيس.”
    ٻيا خوش ٿيا ته رميش لال انگريزن خلاف مشقن ۾ ايڏو ته محو آهي جو پنهنجيون مشقون پاڻ تي ٿو ڪري.
    عثمان علي مندر ۾ گهڙڻ سان رميش لال جي روپ کان گهڻو متاثر ٿيو، جنهن ۾ هو پٿر جي ديويءَ جو روپ ڌاري ويٺل هيو، رميش لال اڳتي وڌي عثمان عليءَ جو جائزو ورتو. ان جي منهن ۽ اکين ۾ چتائي ڏٺو، پوءِ سوال ڪيائين “تنهنجو ڪرمنڊل ڪٿي آهي؟”
    عثمان علي اهڙي سوال تي وائڙو ٿي ويو، سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي.
    “ڪهڙو ڪرمنڊل؟” هن پڇيو.
    “جنهن ۾ پاڻي ڀرڻ آيو هئين.” رميش لال چيو.
    هن جي سوال تي عثمان علي حيران ٿي ٻين جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳو. هن وٽ ڪو جواب نه هيو. شايد هو پڪڙجي پيو هيو. رميش لال کي سڀ خبر هئي. اهو کيس سڃاڻي رهيو هيو.
    رميش لال هن جي حيرانگي ڏسي مرڪيو ۽ سندس ويجهو اچي پٺي ٺپيندي چيائين “ڪا ڳالهه نه آهي جڏهن واپس وڃي ته کڻجانءِ”
    عثمان علي ککو وکو ٿي ويو ۽ پوءِ ياد ڪيائين سولجر بازار وٽ نائيٽ ڪلب ۾ جنهن ويٽر کيس ڪرمنڊل ۾ برف اندر اسڪاچ جي بوتل وجهي ڏني هئي ۽ ان پاران ڏنل ڳجهو نياپو ڪلب اندر ڪيبري ڊانس جي گوڙ سبب ٻڌي نه سگهيو هيو. اهو ويٽر ٻهرو پيو رميش لال هيو. ڪيبري ڊانس دوران وڄندڙ سازن ۾ هو ايترو سمجهي سگهيو هيو. “اسڪاچ.... زهر... وڊبائرن... بيرڪ پنج”
    هن خوف کان اهو ڪرمنڊل سولجر بازار جي ڪچري ڪونڊيءَ ۾ ڦٽو ڪري گارڊن بازار جي رش ۾ پناهه وٺي جان ڇڏائي هئي.
    ڳالهه ياد ڪري هن رميش لال کي ڀاڪر پاتو ۽ چيو “او ويٽر تون هئين؟”
    “ها” رميش جواب ڏنو. “مان اڳ به توکي ساٿي سمجهيو هيو ۽ اڄ به سمجهي رهيو آهيان.”
    عثمان عليءَ اهو سوچي سک جو ساهه کنيو ته سندس پت رهجي آئي.
    سڀني کي ان ڳالهه جو احساس ٿيو ته گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ان کان اڳ جو انگريز ساڳي سپاهيءَ کي ساڻ ڪري، جنهن جي نڪ ۾ ٽي سوراخ هيا، اتي پهچن. انهن مناسب سمجهيو ته لزا کي اتان ڪڍي پالارا بندر موڪلڻ جو انتظام ڪيو وڃي. عثمان علي اجازت گهري ته کيس لزا سان ملڻ ڏنو وڃي، هن جي ڳالهه تي هڪ مجاهد چيو “هو لزا سان نه ٿو ملي سگهي، ڇو جو متان ڪا اهڙي حرڪت ڪري وجهي جنهن مان آزاديءَ کي خطرو هجي.”
    ٿوري دير گذري ته اڇي ٽوپيءَ سان هڪ ٻار ڪڇ ۾ گيتا کڻي انهن جي ڀر ۾ اچي بيٺو ۽ چيائين “توهان مندر ۾ ويهي عربي پڙهو ته هاڻي ٿو لزا سان هن جي ملاقات ڪرائي موٽان.”
    پوءِ هن عثمان عليءَ کي اشارو ڏنو. “هيڏانهن ڏاڪڻ مان هيٺ اچ.”
    عثمان عليءَ ان پويان ويندي پڇيو “رميش لال ڪٿي آهي؟” اڇي ٽوپي پاتل ٻار کليو ۽ جواب ڏنائين “مان رميش لال آهيان.”
    عثمان علي ان ٻهروپئي کي ڏسي سوچ ۾ پئجي ويو ته اڇي ٽوپي ۽ گيتا پنهنجيءَ جاءِ تي پر ان قد ڪيئن ننڍو ڪيو؟ هن جڏهن اهو راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جواب ڏنائين “اهو ان جو اصل قد آهي پر عام رواجي طور هو جنهن قد ۾ نظر اچي ٿو، اهو ٻهروپ آهي.”
    عثمان علي وڌيڪ ڪجهه نه ڳالهائي سگهيو، اندهيري ڏاڪڻ مان هيٺ لهي جڏهن هو مدرسي ۾ ويو ته مدرسي جي پوئين پاسي هڪ بيرڪ اندر لزا تمام خراب حالت ۾ ويٺل هئي. سندس جسم گندگيءَ سان ڀريل هيو، لباس ڦاٽي چڪو هيو، بيرڪ ۾ بوءِ ڦهليل هئي. هن جا ناسي وار مٽيءَ ۾ ڪارا ٿي چڪا هيا. هن ڏٺو سندس سامهون سوڀيا ويٺل نظر آئي. هو ان خدائي فلسفي سان متفق ٿي ويو ته توهان جهڙي دنيا ڪنهن ٻئي هنڌ توهان جهڙي دنيا جيان آهي، توهان جهڙا ماڻهو آباد آهن. انهن جا وجود توهان کان مختلف نه آهن. اهي توهان ئي آهيو جيڪي ٻن دنيائن ۾ موجود رهي هڪ ٻئي کان غافل آهيو.
    لزا، سوڀيا جو روپ هئي. لزا، لزا نه هئي، اها سوڀيا هئي. هو ان کي ڏسي روئي پيو ۽ رميش لال سوچ ۾ پئجي ويو ته شايد عثمان علي به ٻهروپيو آهي. روئڻ ان جو ٻهروپ آهي، نه ته ڪهڙو ضرور آهي، هڪ مجاهد دشمن کي ڏسي روئي پوندو.
    لزا انهن کي اتي ڏسي کين التجا ڪرڻ لڳي ته “کيس آزاد ڪيو وڃي، ڇو جو عورتن جي اغوا سان آزادي نه ملندي آهي.”
    رميش لال ان کي ٻڌايو ته “کيس مجاهدن جي بدلي آزاد ڪيو ويندو هوءَ ان وقت تائين صبر سان انتظار ڪري.”
    عثمان عليءَ جي من چاهيو، هو طمنچو ڪڍي سڀني کي سيني ۾ گوليون وهائي، لزا کي ٻاهر ڪڍي فرار ٿي وڃي پر کيس خبر هئي ته اهو ممڪن نه آهي. هو اڪيلو هيو ۽ ضرور نه هيو ته طمنچو صرف هن وٽ هجي. ٿي سگهي ٿو اتي هٿيارن جا ذخيرا هجن ۽ هو لزا سان گڏ مارجي پوي. هن رميش لال ڏي ڏٺو جيڪو کيس قد ۾ ڄنگهه تائين پئي آيو. اڇي ٽوپي ۽ ڪڇ ۾ جهليل گيتا ڪري اهو ٻهروپيو ائين پئي نظر آيو جيئن وقت جو سنگتراش مجسمو مڪمل نه ڪري سگهيو هجي.
    عثمان علي لزا سان هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهيو، سواءِ ان جي ته هو لزا جي ڪن ويجهو ويو ۽ سُس پُس ڪئي. ان جي اهڙي حرڪت تي لزا اکيون کڻي هن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ان جون اکيون چمڪي پيون.
    رميش لال، عثمان عليءَ جي اهڙي حرڪت کي غور سان ڏٺو ۽ سوال ڪيو “تو ڇا چيو؟”
    “ڪجهه نه” عثمان عليءَ جواب ڏنو. “بس ان کي ياد ڪرايو ته پالارا بندر هلڻو آهي.”
    “ته ڇا هن کي خبر هئي پالارا بندر هلڻو آهي.” رميش لال پڇيو.
    عثمان عليءَ ڳالهه لنوائيندي چيو “هر انسان کي خبر آهي، ڪاڏي هلڻو آهي.”
    رميش لال هن جي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ پهريون دفعو محسوس ڪيائين. هو ٻهروپيو نه آهي پر ٻين جي ٻهروپ ڪري، هن جو روپ بدليل آهي.
    لزا کي ٻيڙي ۾ چاڙهي جڏهن مجاهدن سنڌوءَ ۾ ونجهه هلايا ته اتر طرف پالارا بندر ڏي ڏهن ڪوهن جو فاصلو ڏهن ڏينهن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو. مٿان سڙهه واءُ ۾ ائين پئي ڦڙڪيا جو پکي پريشان ٿي ويا ته هي ڪهڙا زخمي پر آهن، جيڪي ڦڙڪن ٿا ۽ موت انهن تي نازل نه ٿو ٿئي، سنڌو گجگوڙ ڪندو اتر کان ڏکڻ وهي رهيو هيو. ان ۾ اتر طرف سفر ائين هوندو هيو جيئن ملڪ فتح ڪرڻ. اها پاڻي ۽ ونجهن جي ويڙهه هوندي هئي. ٻيڙو ائين هلندو هيو ڄڻ ڄاڻ ٿا سڙهه ان کي اونڌو ڪن. سنڌو سمنڊ جو سوٽ هيو. سوٽن جي ڪاوڙ ڀائرن کان وڌيڪ هوندي آهي. سنڌوءَ جي ڪاوڙ سمنڊ کان وڌيڪ هئي. اهو بدلبو هيو ته پنهنجن پراون کي ٻوڙي لاهيندو هيو. مجاهدن سنڌوءَ جي وهڪري جو مقابلو ڪندي، نيٺ پندرهين ڏينهن منزل ماڻي، اهي لزا کي ساڻ ڪري پالارا بندر پهتا ته خدا بخش کٽيءَ کي ڳولهيو جيڪو هڪ مهاڻو هيو.


    باب نائون

    پالارا بندر جو نالو پلن پويان پيل هيو، پلا جام مرندا هيا، سنڌوءَ جو هيءُ بندر سمنڊ کي ويجهو هجڻ ڪري پلي جو سفر هتان ئي شروع پئي ٿيو. پلو ايڏو ته سگهارو هوندو هيو جو پڪڙجڻ کان پوءِ ٻن جي هٿن ۾ ايندو هيو. ائين ڦتڪندو هيو جيئن چار هٿ ڏڪندا هجن. پالارا جي ٻي خصوصيت اها هئي ته سدائين ڪوهيڙو هوندو هيو. سيارو هجي يا اونهارو، مينهن هجي يا سوڪهڙو. هتي ڪوهيڙو ڪڏهن ختم نه ٿيندو هيو.
    عثمان علي مجاهدن سان گڏ لزا کي وٺي جڏهن پالارا پهتو ته هلڪو مينهن وسي رهيو هيو. ٻيڙي مان لهڻ وقت پير ترڪيا ٿي ويا. لزا مينهن ڪري آلي ٿي چڪي هئي، اکين مان لڳي رهيو هيو جيئن روئي رهي آهي، عثمان عليءَ مجاهدن کان چادر وٺي ان تي وڌي ۽ هوءَ چادر ۾ ائين لِڪي پئي جيئن کيس پناهگاهه هلي وئي هجي. ڍاڍريءَ کان رواني ٿيڻ کانپوءِ عثمان عليءَ لزا سان لفظ به نه ڳالهايو پر لزا محسوس ڪري هئي، عثمان عليءَ جي دل ۾ هن لاءِ همدردي آهي. لزا سڄي واٽ ٻيڙي جي هڪ ڪنڊ وٺي ويٺل هئي ۽ سندس نظرون سنڌوءَ جي لهرن جو جائزو وٺي رهيون هيون، جيئن هوءَ محسوس ڪندي هجي ته انگريزن خلاف هر دل ۾ نفرت آهي پوءِ اهي سنڌوءَ جون لهرون ڇو نه هجن جيڪي ڄڻ بي چيني ۽ جوش مان ڦتڪي زخمي شينهن جيان الر ڪري ٻيڙي سان ٽڪرائجي رهيون هيون ۽ مٿان ٻيڙي جا سڙهه هوا ۾ ڪنهن جهنڊي جيان لهرائي رهيا هيا.
    لزا پڙهيل لکيل عورت هئي. هوءَ سال پهريون سنڌ آئي هئي. هن جو پيءُ ڪرنل مارٽن ڪلاچيءَ جي قلعي جو ڪمانڊنگ آفيسر هيو. هتي اچڻ کانپوءِ کيس حالتن جي پروڙ پئي. هتان جون حالتون مختلف هيون. انگلينڊ ۾ اهو تاثر هيو ته هندوستان تي انگريزن جي مڪمل گرفت آهي پر هتي ائين نه هيو. هن ڏٺو سنڌ ۽ هند ۾ آزاديءَ جي تحريڪ عروج تي هئي ۽ ڪيترا انسان موت حوالي ٿي چڪا هيا.
    پالارا ٻيٽ تي قدم رکڻ وقت لزا عثمان عليءَ کي چيو “مان بي گناهه آهيان، مونکي ڇڏي ڏيو. آخر هڪ عورت کي سزا ڏئي ڪهڙي آزادي حاصل ڪري سگهجي ٿي.”
    لزا جي ڳالهه تي عثمان عليءَ جي جسم جو سڄو رت دل ۾ ڪٺو ٿي ويو ۽ هن جو سينو ڦاٽڻ لڳو. هو لزا کي ڪو جواب ڏئي نه سگهيو. ڪوهيڙو ڪپهه جيان هيو جنهن ۾ لزا ڪنهن روح جيان بي چين تڙپي رهي هئي. نظر جي حد، هڪ اک کان ٻي اک تائين هئي. عثمان علي مجاهدن سان اڳتي وڌيو ته کيس ڪچيون ڀتيون نظر آيون. اتي ڪو انسان نه هيو. ڀتيون ئي ڀتيون هيون. جڏهن ڪو نظر نه آيو ته سندس من چاهيو، هو ڪنهن ڀت کان پڇي “ته خدا بخش کٽيءَ جو گهر ڪٿي آهي.”
    هن ٻڌو هيو ته ڀتين کي ڪن ٿيندا آهن، پر شايد ڀتين اهو نه ٻڌو هيو ته انسانن کي ڪن هوندا آهن ۽ ڀتين جو آواز ٻڌي نه سگهندا آهن. ڪوهيڙي جو هڪ سبب اهو به هوندو آهي ته شهيدن جا روح ڌرتيءَ تي ڪٺا ٿي ويندا آهن. جڏهن قربانيون وڌي وڃن ته ڪوهيڙو گهاٽو ٿي ويندو آهي.
    عثمان علي لزا کي ساڻ ڪري مجاهدن سان اڳتي وڌي رهيو هيو ته کيس پويان آواز آيو. “بيهو.”
    انهن ورائي ڏٺو، اتي اڇن کير جهڙن ڪپڙن ۾ اڇي ڏاڙهيءَ سان جهڙ جهڙو شخص بيٺل هيو.
    “مان خدا بخش کٽي آهيان.” ان چيو ۽ پوءِ هٿ ۾ جهليل ٽوڪريءَ مان پلو ڪڍي ڏيکاريائين. “نالي جو کٽي ۽ ڪم جو مهاڻو.”
    عثمان علي ان اوچتي نروار ٿيندڙ شخص کي ڏسي ڇرڪي ويو.
    “پر تون اسان کي ڪيئن سڃاتو؟” هن سوال ڪيو.
    “جيڪو شخص مقصد لاءِ ذات فنا ڪري، ان وٽ اهو تجربو هوندو آهي ته ڪنڍيءَ جيان ڪوهيڙي ۾ ڦاٿل ڪير آهي؟”
    عثمان عليءَ کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي، پر ايترو محسوس ڪيائين ته هيءُ ساڳيو شخص آهي جنهن جي ڳولها ڪري رهيا آهن.
    “اسان جماعت الاخصار جا ڪارڪن آهيون....” عثمان عليءَ ايترو چيو ئي مس ته خدا بخش ڳالهايو.
    “مونکي سڀ خبر آهي.” هن چيو ۽ پوءِ پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪيو.
    هو لزا کي ساڻ ڪري هڪ سرن جي بٺي وٽ پهتا. بٺي جي چمني مٿي ڪوهيڙي ۾ گم پئي ٿي ۽ ڦهليل سرن جا ٽڪرا ڀڳل وجود جي ٽڪرن جهڙا هيا. عثمان عليءَ کي هر شيءِ ڏک ۾ ويڙهيل نظر پئي آئي. هن کان لزا جي حالت ڏٺي نه ٿي وئي. هوءَ مايوس ۽ ڊنل هئي. خدا بخش ڀرسان ٺهيل هڪ ٿلهين ڀتين واري جاءِ ۾ ويو ۽ هو سڀ اکيون بند ڪري ان پويان داخل ٿيا. لزا گهر ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ مجاهد اڳتي وڌي کيس وارن ۾ هٿ وجهڻ چاهيو. عثمان عليءَ ان کي روڪيو ۽ لزا کي چيو.
    “اسان توکي ڪو نقصان نه پهچائينداسين. تون اسان جي مهمان آهين، جيئن حالتون سازگار ٿينديون توکي آزاد ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين.”
    هن جي سمجهائڻ تي لزا کي آٿت مليو ۽ جڏهن ان عثمان عليءَ جي اکين ۾ ڏٺو ته محسوس ڪيائين جيئن ڳوڙها همدرديءَ جي احساس کان بخار بنجي ڪوهيڙي جو روپ ڌاريندا هجن.
    هو هڪ ڪشادي ڪمري ۾ داخل ٿيا، هيٺ فراشي وڇايل هئي ۽ فراشيءَ جا چٽ ائين هيا جيئن انهن جي ترتيب ۾ ڪو پيغام لڪيل هجي.
    “توهان اتي ويهو.” خدا بخش چيو. “مان توهان لاءِ پلو پچائي اچان ٿو.”
    خدا بخش هليو ويو ۽ عثمان علي لزا کي ڏسي سوڀيا جي خيالن ۾ کوئجي ويو. ڪراچيءَ جا رت سان رنگيل روڊ هن آڏو ڦري ويا. باهه ۾ سڙندڙ فيڪٽريون، روڊن تي مئل ماڻهو، نسل پرست تنظيم جا ڇڙواڳ دهشتگرد، ڀتي جون چٺيون، قربانيءَ جي کلن تي وڙهندڙ ڪتا، خوف، ڌرڻا ۽ بند پيل روڊ، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل گاڏيون، هڙتالون ۽ ٽائرن جي دونهي ۾ اغوا ٿي ويل سوڀيا جو گم ٿي ويل چهرو.
    جڏهن عثمان علي ڍاڍري بندر کان مجاهدن سان گڏ لزا کي ساڻ ڪري ٻيڙي ۾ روانو ٿيو هيو ته پويان انگريز فوج جو دستو چڙهائي ڪري ان هنڌ پهتو هيو جتي لزا قيد هئي. هن جي رواني ٿيڻ ۽ انگريزن جي پهچڻ ۾ ايتري وٿي هئي جيئن هڪ ساهه پويان ٻيو ساهه.
    قدرت جو ڪمال آهي ته ان هر شيءِ وٿي پيدا ڪئي آهي، هڪ ساهه پويان ٻئي ساهه جي وٿي نه هجي ها ته انسان ان وٿي بنا جيئرو نه رهي ها. اکين پيرن، هٿن ۽ هٿن جي آڱرين جون وٿيون. هر وٿي انسان جي فائدي لاءِ آهي، پوءِ اها وٿي ڪٿي به ڇو نه هجي. وٿيون انسان کي جيئري رکڻ جو بهانو آهن. وٿي وڏي هجي يا ننڍي. اها وٿي آهي، پوءِ اها وٿي وڇوڙي جي هجي يا مئل جي. بيوفائيءَ جي هجي يا وساري ويٺل جي. قدرت وٿي انسان جي اهميت لاءِ ٺاهي آهي.
    جيڪڏهن وٿي نه هجي ها ته عثمان علي ساٿين سميت ڦاسي گهاٽ تي هجي ها.
    انگريز فوج جو دستو جنهن جي اڳواڻي ڪرنل مارٽن ڪري رهيو هيو، ان انگلينڊ کان خاص دونالي بندوق گهرائي هئي، جنهن جي نليءَ ۾ ٻه نڪ جهڙا سوراخ هيا ۽ سنگهي وار ڪندي هئي. هن ان مقامي سپاهيءَ کي ساڻ کڻڻ پسند نه ڪيو، جنهن لزا جو ڏس ڏنو هيو، ڇو جو کيس پڪ هئي ته لزا کي ڳولهي لهندو پر جڏهن مندر وٽ آيو ته مندر ويران هيو. مندر جي پاسي کان هوڪڙ ڏئي هيٺ ويندڙ ان مدرسي ۾ ويو جتي لزا قيد هئي ته هو اتي ڦهليل بوءِ سڃاڻي ويو جيڪا کيس دکي من کي آرام ڏئي رهي هئي. هو ڪيتري دير ان جاءِ تي ويٺل رهيو جتي لزا ڪجهه ڏينهن قيد ۾ گذاريا هيا. هن ٿڌا ساهه ڀريا ته سندس من ۾ باهه ٻري پئي. هو ڪاوڙ مان اٿيو ۽ مدرسي مان مٿي ڏاڪڻ چڙهي مندر وٽ آيو، کيس اهو ڏسي حيرت ٿي ته اتي ڀڳوان جو مجسمو نه هيو. مدرسي جا سڀ ڪتاب ديوناگريءَ ۾ هيا ۽ مندر ۾ هر صفحي تي عربيءَ ۾ اکر اڪريل هيا. مندر جي در وٽ فوجي دستو قطارن ۾ بيٺل هيو ۽ فوجي دستي جي آخري سٽ ۾ ٻهروپيو رميش لال، فوجي لباس پائي، سنگين واري بندوق ڪلهي تي رکي دل ۾ مرڪي رهيو هيو، جيئن هو مرڪيو ته سندس فوجي لباس تي کٻي پاسي وارو کيسو ويڪرو ٿي ويو.
    ڪرنل مارٽن سانڊي جو تيل وڪڻندڙ ڍيڍ عورتن کان ڪن شڪي ماڻهن جي اچڻ بابت پڇا ڪئي هئي پر هو اتي ڪڇن ۽ ڪمين جي پچڻ ڪري ڦهليل دونهي کان ترسي نه سگهيو ۽ ڪاوڙ کان گهوڙي جي پوئين ڄنگهن ۾ چهبڪ هنيو، جيڪو اهڙي جاءِ تي لڳو جو گهوڙو ٽاهه کائي ڀڳو. ڪرنل مارٽن جي گهوڙي پويان، سپاهين جي گهوڙن جو جٿو ان ڪري ڀڳو جو، گهوڙا ئي گهوڙن جا سربراهه هوندا آهن، سربراهه ڀڄندو آهي ته پوئين کي ڀڄڻ ۾ دير ئي نه لڳندي آهي.
    ٿوري دير کان پوءِ جڏهن خدا بخش پلا پچائي موٽيو ته ڪمري ۾ مصالحن جي بوءِ وات ۾ پاڻيءَ جيان پکڙجي وئي. پالارا جا پلا سواد ۾ انڪري مشهور هيا جو فطرت انهن اندر قدرتي طور سڀ مصالحا ملائي پوءِ پيدا ڪيو هيو. عثمان عليءَ خدا بخش جي تعريف ڪئي.
    “بيشڪ آهين کٽي، ڪم مهاڻڪو ڪندو آهين، پر بورچي هجين ها ته توکي ٻيو ڪجهه ٿيڻ جي ضرورت نه پوي ها.”
    عثمان عليءَ جي ڳالهه تي خدا بخش کان ٽهڪ نڪري ويو.
    “مان ڪو به ڪم نه ڄاڻان” خدا بخش چيو. “سواءِ ان جي ته ڪو به ڪم ڪئين ڪبو آهي؟”
    عثمان علي کليو ته پلو کائيندي کيس ڪنڊو ڏندن ۾ وچڙي پيو. هن گرهه تڪڙ ۾ اڳري، زبان ڏندن کي هنئين ۽ پوءِ آڱرين سان ڪنڊو ڪڍڻ لڳو.
    “خيال سان” خدا بخش چيو. “پلو مرڻ کانپوءِ ماڻهوءَ جو شڪار ڪندو آهي.”
    “ڪنڊي ڦاسڻ جو سبب، تنهنجو ٽوٽڪو هيو، کليس ته ڪنڊي کي وجهه ملي ويو.”
    خدا بخش مرڪيو ۽ پوءِ پلو کائيندي سڀني ٻڌايائين. “پلو مڇين جو مجاهد آهي، پرسال پلو کائيندي ٻه انگريز مري ويا.”
    “اهو ڪيئن؟” هڪ مجاهد پڇيو.
    “اهو انڪري ته پلو کائڻ فن آهي. پلي ۾ ڪنڊا ايڏا هوندا آهن جو الڳ ڪرڻ ڏکيو، درياهه جا ماڻهو ڄاڻيندا آهن ته پلو ڪيئن چٻاڙجي. پرسال ڪجهه انگريز آيا، کين ڪجهه پلا سوکڙي طور ڏنا. خبر پئي ته پچائي کائڻ کانپوءِ انهن کي نڙيءَ جو آپريشن ڪرائڻو پيو. انهن مان ٻن جو موت واقع ٿيو.”
    عثمان عليءَ لزا کي ڏٺو. جيڪا ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ ويٺل هئي. ان جي اداسيءَ کي ڏسي بي خوديءَ مان من اندر سُڏڪيو.
    “سوڀيا... منهنجي سوڀيا.” هن جي دل مان نڪتل آواز ڪوهيڙي جي صورت ۾ چپن، اکين ۽ زلفن جا نقش ٺاهيندو لزا جي چهري ۾ گم ٿي ويو. لزا ڇرڪ ڀري هن ڏانهن ڏٺو ۽ هوءَ ڊيوڊ جي نقشن ۾ گم ٿي وئي.
    ڊيوڊ جيڪو لزا جو مڱيندو هيو. هن جو سمورو پيار ڊيوڊ لاءِ هيو، ڊيوڊ، جنهن سان هن ٽيمز ڪناري شامون بسر ڪيون، سرمئي لنڊن جنهن جي هر عمارت ڊيوڊ جهڙي هئي. لنڊن جو هر چوڪ، هر موڙ، ان جي پيار سان واسيل هيو. هن، ان سان جيئڻ مرڻ جا قسم کنيا هيا.
    عثمان عليءَ جي اندر مان اٿندڙ ڪوهيڙي جي آواز تي هوءَ تصور ۾ ٻڏي وئي، اهڙي تصور کيس آزاديءَ جو احساس ڏنو. هن کي لڳو هوءَ آزاد فضائن ۾ ڏور هلي وئي آهي.
    لنڊن جي رستن جي ٿڌي هوا هن جي هر لونءِ ۾ سمائجي وئي. هندوستان اچڻ کان اڳ لنڊن پورٽ تي ڊيوڊ کيس ڇڏڻ آيو ته ان التجا ڪئي. “لزا تڪڙ نه ڪر، شاديءَ کانپوءِ هلنداسين.”
    لزا ان ڳالهه کي اهميت نه ڏني.
    “مان ڪجهه ڏينهن ۾ موٽي ايندس” هن جواب ڏنو. “بابا اڪيلائي محسوس ڪري رهيو آهي، مصروفيتن سبب انگلينڊ موٽي نه ٿو سگهي، ان کي سهاري جي ضرورت آهي، ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي، مان بابا سان موٽي ايندس.”
    ڊيوڊ جي دل مطمئن نه پئي ٿي، کيس لڳي رهيو هيو، لزا اهڙي دوزخ ۾ وڃي رهي آهي جتي هر شيءِ سڙي رهي آهي.”
    “لزا، منهنجي دل نه ٿي مڃي.” هن چيو. “دنيا جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن. ڪنهن وقت به جنگ لڳي سگهي ٿي. ائين نه ٿي جو حالتون هٿن مان نڪري وڃن ۽ وري ملي نه سگهون.”
    لزا هڪ بهادر عورت جيان مرڪي.
    “وهمن جي دنيا مان نڪري اچ.” هن چيو. “دنيا مان جنگ ڪڏهن ختم نه ٿي آهي. امن جنگ جي ساهي هوندو آهي جنهن ۾ نوان هٿيار ڪٺا ڪيا ويندا آهن، جنگ ۽ پيار ڪڏهن ختم ٿيڻا نه آهن.”
    ڊيوڊ هن جي ڳالهه تي مرڪيو ۽ پوءِ کيس ويجهو آئي پيار ڪيائين.
    “جيڪا تنهنجي مرضي.” هن چيو. “پنهنجو خيال رکجانءِ”
    هوءَ تصور مان موٽي آئي ته ڪيتريون ئي اکيون هن آڏو ڪمري جي هلڪي روشنيءَ ۾ تري رهيون هيون. عثمان علي بي خود ٿي لزا کي ڏسي رهيو هيو ته هڪ مجاهد چيو. “تنهنجيون حرڪتون هڪ مجاهد جون حرڪتون نه آهن.”
    مجاهد جي ڳالهه تي عثمان عليءَ محسوس ڪيو، سوڀيا جي عشق کيس ديوانو ڪري وڌو آهي.هو لزا کي ڏسي بدحواس ٿي چڪو آهي. ٿورو به شڪ هن لاءِ مصيبت ثابت ٿي سگهي ٿو.
    “منهنجي همدرديءَ جو سبب عورت آهي.” هن چيو.
    “ڪهڙي عورت؟” هڪ مجاهد پڇيو.
    عثمان علي ڪو جواب ڏئي نه سگهيو.
    هيٺ پيل پليٽن ۾ پلن جا ڪنڊا پيل هيا. عثمان عليءَ محسوس ڪيو. پلي جو وچون ڪنڊو سندس ڪرنگهي ۾ ڦاٿل آهي.


    باب ڏهون

    پالارا بندر ڪوهيڙي ڪري اک اڳيان ان جهليءَ جهڙو هيو جيڪا قدرت پاڻيءَ اندر رهندڙ هر مخلوق جي اک ۾ تخليق ڪئي آهي. پاڻيءَ جي مخلوق ان جهليءَ سبب پاڻيءَ اندر ڏسي سگهندي آهي.
    عثمان عليءَ جون اکيون پالارا جي پلي جهڙيون هيون. هن محسوس ڪيو، ڦهليل ڪوهيڙو اکين ۾ پيدا ٿيل جهلين ڪري آهي، هن کي هر شيءِ ڌنڌلي نظر آئي سواءِ لزا جي. لزا ۽ هن جي وچ ۾ ڪو به ڌنڌ نه هيو. لزا اهڙي صاف هئي جيئن سوڀيا.
    عثمان علي ڪيترا دفعا هن ويجهو ويو ۽ کيس يقين ڏياريو ته هو ان جو همدرد آهي ۽ ٻين کان مختلف آهي، جنهن تي لزا سوال ڪيو ته “مختلف مان هن جي ڪهڙي مراد آهي؟”
    ان جي اهڙي سوال تي کيس کنگهه جو دورو پيو. پوءِ نڙي صاف ڪندي جواب ڏنائين “هو آهي به، نه به آهي، ان ڪري جو نظر اچي ٿو ۽ نه آهي انڪري جو پنهنجي هجڻ جي پڪ نه آهي.”
    اهڙي جواب تي لزا جي ذهن ۾ ڪيترن ئي سوالن ڪَرُ کنيو پر هن ضروري نه سمجهيو ته ان بابت وڌيڪ ڄاڻي ڇو جو وڌيڪ ڄاڻي، هوءَ ڇا حاصل ڪري پئي سگهي؟ عثمان عليءَ لزا کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو سندس گهڻگهرو آهي. ان کي پنهنجو سمجهي ۽ ڪنهن به قسم جو خوف محسوس نه ڪري پر لزا محتياط هئي.
    “تنهنجي ان همدرديءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟” لزا سوال ڪيو.
    عثمان عليءَ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن جو هر تصور پالارا جي ڪوهيڙي کي چيريندو اڳتي وڌندو، سنڌوءَ ڪناري پاڻيءَ ۾ ڪري پيو.
    “سوڀيا” هن چپن ۾ ڀڻڪيو ته سندس آواز وقت جو پڙاڏو بنجي ويو. ڪائنات ۾ وقت جي ٽن پاسن وڇوٽي آهي. وقت جو هڪ آواز وڇوٽيءَ ۾ وڃي ٽن آوازن ۾ موٽ کائي پڙاڏو پيدا ڪري ٿو.
    “تون لزا نه آهين، سوڀيا آهين” عثمان عليءَ چيو.
    “تون ڪير آهين؟” لزا پڇيو.
    “سوڀيا جو عاشق.” هن جواب ڏنو.
    لزا هن کي غور سان ڏٺو، هو واقعي ئي ٻين کان مختلف هيو.
    “پر مان سوڀيا نه آهيان.” لزا چيو.
    “تون سوڀيا آهين.” عثمان عليءَ جواب ڏنو. “وقت ٿيو لزا دهشتگردن هٿان گم ٿي چڪي آهي.”
    عثمان علي لزا جي چهري ۾ زمان ۽ مڪان کان آزاد ٿي چڪو هيو. ان جي اکين ۾ وقت ساڪت ٿي چڪو هيو. پاڻي صرف تاريندو نه آهي پر پاڻ به ترندو آهي. ماڻهو پاڻيءَ ۾ ۽ پاڻي اکين ۾ ترندو آهي.
    “مان توکي آزاد ڪرائيندس.” عثمان عليءَ چيو. “تون سوڀيا آهين.”
    “سوڀيا ڪير هئي؟” لزا پڇيو.
    “سوڀيا منهنجي محبوبا” عثمان عليءَ چيو ۽ پوءِ هو اهڙي دنيا ۾ موٽي ويو جتي هر طرف نفرت جي باهه هئي. نفرت جي باهه جو رنگ ڪارو هوندو آهي ۽ دونهو زرد، دونهي جي زرد هجڻ جوسبب نفرت ۾ سڙندڙ باهه جو پڇتاءُ هوندو آهي.
    عثمان عليءَ جي چپن ۾ لحظو لحظو خود ڪلاميءَ جي لفظن جو روپ ڌاري وهڻ لڳو. هن لزا کي ان الميي بابت هر شيءِ ٻڌائي جيڪا سندس من ۾ طوفان جيان گهلي رهي هئي. لزا کي يقين نه پئي آيو ته هو ڇا چئي رهيو آهي؟ هو چوڻ ڇا ٿو چاهي؟ ۽ هن جو ڪهڙو مقصد آهي؟
    “مان توکي پنهنجي دنيا ۾ واپس وٺي ويندس.” عثمان عليءَ بي قرار ٿيندي چيو. “ ان دنيا ۾ جيڪا تو بنا اڌ آهي. مان ان دنيا کي مڪمل ڪرڻ چاهيان ٿو.”
    لزا هن جي ڳالهين کي محسوس ڪري پرسڪون پئي ٿيندي وئي، هن لاءِ اهو سڀ راحت ۽ اطمينان جو سبب هيو ته ڪو ان کي آزاد ڪرائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
    “منهنجو هنن مجاهدن سان ڪو به واسطو نه آهي.” عثمان عليءَ چيو. “موقعو ڏسي مان توکي هتان وٺي هلندس، پر هڪ شرط تي ته تون منهنجي دنيا ۾ موٽي هلندينءَ جتي تو بنا منهنجي زندگي مڪمل نه آهي.”
    “پر مان تنهنجي محبوبا نه آهيان.” لزا چيو ۽ پوءِ محسوس ڪيو هزارين ميل ڏور انگلينڊ ۾ ويٺل ڊيوڊ جون اکيون گهورينديون هجن.
    “تون ڪير به آهين، سوڀيا آهين يا سوڀيا جهڙي، مان توکي آزاد ضرور ڪرائيندس ۽ تنهنجي آزادي منهنجي عشق جو ڪفارو هوندي.”
    لزا جي من ۾ عثمان عليءَ لاءِ همدردي پيدا ٿي، هن ايترو ڄاتو ته سندس محبوبا وقت جي نظر ٿي چڪي آهي ۽ هن کي منهنجي چهري ۾ ساڳي محبوبا نظر اچي ٿي.
    دنيا ۾ صورتون وقت جي نظر ٿي وڃائجي وڃن ٿيون ۽ ڪي صورتون ظاهر ٿي نظر جو وقت ٿي وڃن ٿيون، نظر جو وقت اها گهڙي آهي جنهن ۾ وقت جي نظر ٿي وڃائجي ويل صورتون ائين ظاهر ٿين ٿيون جو نظر قائم رهي ٿي ۽ وقت وجود وڃائي ويهي ٿو.
    لزا عثمان عليءَ کي اڃان به سمجهي نه سگهي، بس ايترو سمجهيائين ته اهو ئي شخص آهي جيڪو قدرت ڇوٽڪاري جي روپ ۾ موڪليو آهي.
    “جيڪڏهن مون کي هتان آزاد ڪرائين ته، مان توکي ان جو سِلو ضرور ڏيندس.” لزا چيو.
    عثمان عليءَ لزا جي اکين ۾ ڏٺو کيس اکين ۾ مرڪ نظر آئي.
    “سِلو انهن لاءِ هوندو آهي، جيڪي پوکيندا آهن.” عثمان عليءَ چيو. “منهنجو پيار گهاٽو وڻ آهي ۽ وڻن کي سِلي جي ضرورت نه هوندي آهي، وڻ پاڻ سِلو پيدا ڪندا آهن.”
    لزا جي اکين جي مُرڪ هيٺ وهندي چپن تي آئي. هن وڌيڪ نه ڳالهايو ۽ عثمان عليءَ جي اکين ۾ ڏسندي رهي.
    عثمان عليءَ ان ملاقات ۾ راز کان ڪم ورتو هيو. هو رات جي پهر نظر بچائي لزا وٽ پهتو هيو. سڀ ٿڪيل هيا ۽ ٿڪ ڀڃي رهيا هيا. ٿڪ سڪل ڪاٺين جيان آهي. ٿڪ جون سڪل ڪاٺيون آرام سان ڀڄي پونديون آهن. عثمان عليءَ جي ننڊ ڦٽي چڪي هئي. جڏهن سڀ ننڊ ۾ هيا ته هو اکين جي ڦٽيل ننڊ کڻي لزا وٽ آيو هيو. لزا هن جي ڦٽيل ننڊ ۾ خواب جيان جاڳي رهي هئي.
    لزا سان ملاقات کانپوءِ هو سوچڻ لڳو ته ان کي ڪيئن اتان آزاد ڪرايان. هو اهڙين ئي سوچن ۾ هيو ته صبح صادق نيري ڪنول جيان ڦٽي پيو. ڀنڀرڪو اميد جو اشارو آهي. هن ڦهليل نيري آڪاش کي ڏٺو، جنهن ڪوهيڙي کي هيڊو ڪري وڌو هيو، پرڀات اميد جو اشارو هوندي آهي.



    باب يارهون

    ڌيءَ جي ڏک ۾ ڪرنل مارٽن هر شيءِ وساري ويٺو، سندس مڇون جيڪي مٿي ڳٽن تائين ڏاڙهيءَ سان ملي رعبدار بنائينديون هيون، اهي چپن تائين وري آيون، ڏاڙهيءَ جا وار هيٺ لهي سيني جي وارن سان ملي ويا. اولاد جي ڏک ۾ انسان فلسفي ٿي ويندو آهي ۽ ڪرنل مارٽن جو فلسفو هيو ته اولاد جي آزادي ملڪ جي آزاديءَ کان وڌيڪ قيمتي هوندي آهي. هن جي فرضن ۾ اهڙي ويڙهه شامل هئي، جنهن سان لزا آزاد ٿي سگهي.ديس جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙن، هن جي آزاديءَ کي قيد ڪيو هيو. انڪري هو هڪ غلام جيان آزاديءَ جي دشمنن سان وڙهندو.
    جيڪڏهن فوجي فلسفي بنجي ته اهو سوچن جي بندوق هلائيندو آهي ۽ فلسفو پنهنجا هٿ مٿي ڪندو آهي، ڪرنل مارٽن بي وس ٿي پيو هيو. هن جي مياڻ ۾ پيل چمڪندڙ تلوار ڄڻ ڪٽجي وئي هئي. تلوار ڪٽڻ جي ڪم نه اچي ته اها ڪٽ چڙهي وڃڻ ڪري ڪٽجي ويندي آهي. مياڻ ۾ تلوار محفوظ نه هوندي آهي، تلوار محفوظ تڏهن هوندي آهي جڏهن هر گهڙي ان تان رت صاف ڪيو وڃي. ائين ان جي چمڪ برقرار رهندي آهي. مياڻ ۾ تلوار رکڻ سان مياڻ محفوظ هوندي آهي، ڇو جو مياڻ کي تلوار جو سهارو هوندو آهي.
    ڪرنل مارٽن جي دونالي بندوق جي ناليءَ مان نڪرندڙ بارود جي بوءِ ختم ٿي چڪي هئي. نڪ ڪم نه ڪري ته عزت خطري ۾ پئجي ويندي آهي. دوناليءَ جو نڪ، ناس پتي جيان ٻڏي چڪو هيو. ڪرنل مارٽن جو وڏي منهن وارو طمنچو جنهن جي ٽريگر ۾ اشهد آڱر لڙڪي رهي هئي. اهو سوئر جي چمڙي واري ڪوَر ۾ ائين پيل هيو جيئن ڪنهن جهنگلي جانور شڪاريءَ کان پناهه ورتي هجي.
    ڪرنل مارٽن ڪاوڙ ۾ ان سپاهيءَ کي، جنهن جي نڪ ۾ ٽي ناسون هيون پاڻ وٽ گهرائي، هڪ هٿ ڪنڌ ۾ وجهي ٻئي هٿ سان خنجر ڪڍي نڪ ڪٽي اهو سمنڊ ۾ اڇلرائي ڇڏيو ته ڀل مڇيون کائن ته انهن جي جسم جي بوءِ گهٽجي جيئن ماڻهو انهن کي آرام سان کائي سگهن. کاري پاڻي ۽ مٺي پاڻيءَ جي تفاوت جو سبب مڇي آهي. کاري پاڻيءَ جي مڇيءَ ۾ بدبوءِ ۽ مٺي پاڻيءَ جي مڇيءَ ۾ صرف بوءِ هوندي آهي.
    اهو نڪ ڪٽيل سپاهي جنهن کي عهدي تان هٽائي قاصد ڪيو ويو هيو. هڪ ڏينهن ڪرنل مارٽن وٽ ان نياپي سان پهتو ته “سمنڊ ڪناري مس لزا جو لاش هٿ آيو آهي.”
    نياپو ٻڌڻ شرط ڪرنل محسوس ڪيو ان نڪ ڪٽيل سپاهيءَ هن کان انتقام ورتو هجي.
    “سچي ڳالهه.” هن چيو. “مان اڃان جيئرو آهيان.”
    سپاهي ڄڻ لڙهي چڪو هيو، ان عاجزيءَ مان عرض ڪيو.
    “قبلا مون کي ٻڌائيندي، پنهنجيءَ ڳالهه تي پاڻ يقين نه ٿو اچي، پر اهڙي خبر سمنڊ ڪناري هڪ اهڙو شخص کڻي آيو آهي، جنهن ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو. ڀلا ڪنهن کي ڪهڙي ضرورت آهي جو الميي کي ڀوڳ جو روپ ڏيندو.”
    ڪرنل گوڏن ڀر ويهي رهيو ۽ پوءِ اهو چپ ڪري ڪيتري دير ڳوڙها وهائيندو رهيو. بهادرن جا ڳوڙها ٻاهر نه وهندا آهن، پر اندر وهندا آهن، ٻاهران انهن جون اکيون خشڪ هونديون آهن ۽ اندر آلو، ڳوڙها ڳلي ۾ گڏ ٿي وڃن ته ڍڪ جي صورت ۾ اندر اوتبا آهن.
    ڪرنل ڪيتري دير گوڏن ڀر ويٺو رهيو، هن جو جسم ٿڌو برف ٿي ويو، نڪ ڪٽيل سپاهي ڏک کان ڏڪڻ لڳو.
    “حضور همت ڪيو.” سپاهيءَ چيو. “ڏکيو وقت ايندو آهي.” ائين چئي اهو چپ ٿي ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ چيو “۽ ويندو آهي.”
    ڪرنل مارٽن ڌيءَ جي ڏک ۾ اهي رانديڪا ياد ڪيا، جيڪي تصور ۾ چاٻيءَ تي هلي کيس پرڀائڻ لڳا. اهڙو تصور کيس آٿت ڏئي رهيو هيو. هن ڪاٺ جو اهو سينگاريل گهوڙو ياد ڪيو جنهن جي پٺيءَ تي ننڍڙي لزا چڙهي گهوڙي جهڙو آواز ڪڍندي هئي، ڪرنل مارٽن جيڪو تن ڏينهن ڪيپٽن هيو، اهو ٽهڪ ڏئي رهيو هيو، اوچتو وات ۾ محسوس ٿيندڙ لگام کان ان جا ٽهڪ بند ٿي ويا.
    ڪرنل پنهنجون خشڪ اکيون کڻي سامهون رکيل ان فريم کي ڏٺو جنهن ۾ لزا ڪرسمس ٽريءَ وٽ بيٺل هئي ۽ ان جي منهن جي مُرڪ مرجهائجي چڪي هئي. لزا جي مرجهايل مُرڪ ڏسي ڪرنل جون خشڪ اکيون آليون ٿي ويون. هن وهندڙ اکين کي اگهڻ جي ڪوشش ڪئي ته وڌيل ڏاڙهيءَ ڪري هو پاڻ کي اهڙو سانتا ڪلاز لڳو جيڪو تصور ۾ ڪرسمس ٽريءَ وٽ بيٺل ڌيءَ کي ڏک مان ڪلها لوڏي چاڪليٽ آڇيندو هجي ۽ لزا جا هٿ وٺڻ کان قاصر هجن. لزا دنيا مان موڪلائي فوٽوءَ ۾ رهجي وئي هجي. هن ڏٺو تصور جا سڀ رانديڪا باغي بنجي ويا. هو اٿيو ۽ ان زمين تي بوٽ ائين هنيا جيئن رانديڪا ڀڃندو هجي.
    هو سپاهين جو جٿو ساڻ ڪري سمنڊ ڪناري پهتو ته اتي بندوق بردار دستو اڳ ئي موجود هيو. هڪ عارضي خيمي اندر لزا جو لاش پيل هيو. ڪرنل گهوڙي تان لهي هلڻ مهل ائين سهڪڻ لڳو جيئن گهوڙي هن تي سواري ڪئي هجي. هو تيز وکون کڻندو خيمي ۾ داخل ٿيو ته کيس لزا جو لاش اڇي چادر ۾ ويڙهيل نظر آيو. اهي ئي گهرا ناسي وار، ٽامڻي رنگ ۽ رسيل چپ، هن ڏٺو اها لزا هئي، ڪرنل مارٽن اڳيان ڪامنا جو چهرو ڦري ويو. راجستاني رڻ ۾ رلندڙ هرڻي جنهن جي اکين ۾ رُڃ پنهنجي انجام کي پهچي پاڻي بنجي وئي، ڪرنل ڏٺو لزا جي ٻانهن ۾ بيڪانير جي ڀتين جو رنگ ڀرجي آيو هيو. ڄڻ اهي ماءُ جي سرزمين تي موٽي نيريون ٿي چڪيون هيون.
    لزا جي لاش کي آلين اکين ۽ بندوقن جي ٺڪائن سان قبر ڀيڙو ڪيو ويو. ڳوڙها هيٺ ڪريا ۽ دونهون مٿي ويو. ڳوڙها زمين جذب ڪيا ۽ دونهون آسمان محفوظ ڪيو. گورا قبرستان ۾ جتي سيمينٽ جي صليب تي پٿر جو عيسا مصلوب آهي، ان کان ويهه قدم اتر طرف جتي ميريءَ جو ميرو ٿي ويل مجسمو پنهنجو سڄو هٿ کڻي هڪ معصوم ٻار جي قبر تي ڇانوَ ڪري بيٺل آهي، ان جي اولهه طرف جتي هڪ قبر جي پاسي کوٽيل يسوع جي يارنهن حوارين جون سمجهه نه ايندڙ تصويرون اڪريل آهن. سمجهه ۾ نه ايندڙ انڪري جو گهڻا ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃن ته اهي سمجهه ۾ نه ايندا آهن، جيئن لفظن مٿان لفظ. لفظن جي ڍير ۾ لفظن جي ڪا ترتيب نه هجڻ ڪري لفظ بي معنا ٿي ويندا آهن، ائين يسوع جا يارهن حواري، جن مان هڪ حواري آڱر سان اڳتي وڃڻ جو اشارو ڪري رهيو هيو ته ڪجهه قدم پري سڪل ٻوٽي وٽ لزا جي قبر آهي.
    اخبارن ۾ اها خبر عام ٿي وئي ته ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ لزا جو لاش سمنڊ ڪناري هٿ آيو آهي. لزا کي تشدد کانپوءِ قتل ڪري لاش سمنڊ ۾ اڇلايو ويو.
    سڄي ملڪ ۾ اها خبر باهه وانگر ڦهلجي وئي. خبر باهه جيان ۽ افواهه جراثيمن جيان ڦهلبا آهن. خبر سان دل سڙندي آهي ۽ افواهن سان دماغ. مغز ٻي شيءِ آهي ۽ چڱائي ان ۾ آهي ته انسان بي خبر هجي.
    عثمان علي بي خبر هيو، پالارا بندر پري هيو، خبر جي باهه کي پهچندي ٻه ڏينهن سڙي ويا، جڏهن اها خبر پالارا پهتي ته عثمان علي ان ڍنڍ ڪناري ويٺل هيو، جيڪا ڏرا ڏئي ويل هئي. ڏرن ڏيڻ جو سبب سنڌوءَ جو سڪڻ نه هيو پر اتي جبلن کان وهي ايندڙ پاڻي گهٽ مينهن ڪري ان سال نه پهتو هيو. خبر پڙهڻ شرط هو سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ان جون اکيون سڪل ڍنڍ ڏسي ڏرا ڏئي ويون.
    هن سوچيو، لزا ته پالارا ۾ موجود آهي، پوءِ اها ڪهڙي لزا هئي جنهن کي ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ سمجهي دفنايو ويو آهي، ضرور ڪا غلط فهمي آهي، لزا جهڙي ڪا ٻي عورت، لزا جي روپ ۾ دفن ٿي چڪي آهي، پوءِ اها ڪير هئي، جيڪا لزا جيئن هئي؟ ڇا هيءَ لزا نه آهي ۽ اها لزا هئي. جيڪڏهن اها لزا هئي ته هيءَ ڪير آهي؟
    عثمان عليءَ جون سوچون اڏري ويل پکيءَ ڪري لام جيان هيٺ مٿي ٿيڻ لڳيون، هيءَ لزا آهي، هن سوچيو، ڇو جو هو لزا کي مسلسل ڏسندو آيو آهي. اها لزا نه هئي جنهن کي دفنايو ويو، ته ڇا اها سوڀيا هئي؟ سوڀيا کي دهشتگردن قتل ڪري سمنڊ ۾ اڇلايو. هن جي سوڀيا جنهن کي سندس اکين سامهون اغوا ڪيو ويو. هن اڳيان ساڳيا منظر ڦري آيا. روڊن تي مئل ماڻهو، سڙندڙ ٽائر، ڌرڻا، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل گاڏين جون قطارون، خوف، وحشت ۽ اغوا ٿيندڙ سوڀيا جو دونهي ۾ گم ٿيندڙ چهرو.
    عثمان عليءَ سوچيو ۽ حقيقت ڄاڻڻ لاءِ هن ڪراچي وڃڻ جو ارادو ڪيو. وڃڻ کان اڳ هن لزا سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ان خبر کان آگاهه ڪيو. لزا جي چهري تي اهڙو ڪو به تاثر نروار نه ٿيو جنهن مان سندس ڳڻتيءَ جو اندازو لڳائي سگهجي.
    “منهنجي لاءِ اها ڏک جي خبر آهي ته مان مري چڪي آهيان.” هن چيو. “ڇو جو مرڻ کانپوءِ مئل ڏک نه ڪندو آهي ۽ مان جيئري آهيان.”
    عثمان علي جواب ٻڌي، لاجواب انڪري نه ٿيو جو پاڻ سوال هيو، جيڪو مري ويو ان کي موت جي ڪهڙي خبر، موت انهن لاءِ هوندو آهي، جيڪي جيئرا آهن. هو جيئرو هيو ۽ محسوس ڪيائين سندس وجود ۾ ٿوهر ڦٽيو آهي ۽ ان جا ڪنڊا جسم کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هجن.
    “لزا مان ڪجهه ڏينهن لاءِ شهر وڃي رهيو آهيان.” عثمان عليءَ چيو. “اها حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندس ته اها ڪير هئي، جنهن کي لزا سمجهي دفنايو ويو آهي.”
    ڳالهائيندي عثمان عليءَ جوروح لياري نديءَ جي پراڻي پل ٽپي هليو ويو. هن کان پوڙهو پيءُ وسري چڪو هيو، جيڪو وضوءَ لاءِ پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيو هيو، اهو پتل جو ڪرمنڊل جيڪو لزا جي حوض وٽ هڪ پٿرجي پويان پيل هيو. هو سڀ وساري ويٺو هيو سواءِ سوڀيا جي جيڪا سندس سوچن تي سوار، هڪ پراسرار دنيا ۾ گهمي رهي هئي، عثمان عليءَ جون نه کٽندڙ سوچون ان درياهه جيان هيون جنهن کي ڪو بند نه ٻڌو ويو هجي. هو مسلسل پاڻيءَ جيان وهي رهيو هيو ۽ سوڀيا ان پاڻيءَ ۾ وهنجي رهي هئي. وچ سپر ۾ بيٺل سوڀيا جي جسم کي پاڻي ڇهندو وهندو پئي ويو ۽ اوچتو سوڀيا پاڻيءَ سان گڏ وهڻ لڳي، هوءَ لاش هئي. هڪ زخمي لاش، جنهن جي وجود جا نشان تشدد تي چٿرون ڪري رهيا هيا.
    عثمان عليءَ لزا کي هڪ مجاهد جنهن جو نالو محافظ هيو حوالي ڪيو ۽ کيس نصيحت ڪئي ته انهن صلاحن تي عمل نه ڪري جيڪي هن جي نصيحت خلاف هجن. هن جو ايستائين خيال ڪري جيستائين هو شهر مان حال احوال وٺي موٽي اچي. محافظ واعدو ڪيو ته هو لزا جي حفاظت ڪندو، ڇو جو لزا جي حفاظت صرف هن جو ڪم نه آهي پر هر ان مجاهد جو آهي جيڪو حرڪت الاخصار ۾ شامل آهي.
    ٻيڙي ۾ سوار ٿيڻ وقت عثمان عليءَ کي اهو خيال پريشان ڪرڻ لڳو ته هن جي رواني ٿيڻ کانپوءِ متان مجاهد ڪا غلط حرڪت نه ڪري وجهن.
    شهر جون حالتون بدلجي چڪيون هيون، ڪيترن ئي مجاهدن کي توپن اڳيان ٻڌي اڏارڻ ۽ ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ ماٺار ڇانيل هئي، بغاوت کي ڪچلڻ کانپوءِ هر ڪو خوف ۾ ورتل هيو، ڪرنل مارٽن ان احساس کانپوءِ ته لزا مري چڪي آهي، هڪ اهڙي شخص ۾ تبديل ٿي چڪو هيو، جنهن جو روح مئل هجي ۽ جسم جيئرو. ان جي من جي ماٺار جو سبب سندس دل هئي، جنهن ۾ لزا دفن هئي. دل قبر ٿي وڃي ته جسم تي قبرستان جهڙي ماٺ ڇانيل هوندي آهي. هو چار ڏينهن دل کولي رُنو، پنج ڏينهن سيني ۾ سُڏڪيو ۽ ست ڏينهن آهون ڀريندي گذاريائين. اٺن ڏينهن کانپوءِ سانت ۾ آيو ته گورا قبرستان ۾ لزا جي قبر تي پيل ڳاڙها گُل سڪي واڱڻائي ٿي ويا. ٿڪيل قدمن سان تازا گُل کڻي قبرستان پهتو ته يسوع جي مجسمي جي اوٽ ۾ عثمان علي بيٺل هيو. عثمان عليءَ کي ڪرنل مارٽن نه ڏٺو پر مجسمو هيٺ ڪنڌ ڪري هن کي ڏسي رهيو هيو. هن منهن مٿي ڪري يسوع جي اکين ۾ ڏٺو ۽ سوچيو. پٿر ڀڳوان جو روپ اختيار ڪري وڏي رتبي تي پهچي ٿو، ماڻهو پٿر ٿي پنهنجي رتبي کان هيٺ ڪري ٿو، پٿر، پٿر نه آهي، پٿر رتبو آهي.
    عثمان عليءَ مجسمي جي اوٽ کان ڏٺو. ڪرنل مارٽن لزا جي قبر تي گل رکيا ۽ پوءِ سيءَ کان ڏڪندڙ ڪنهن گلر جو آواز آيو. ڪرنل مارٽن گل رکي واپس مڙيو ته عثمان علي ان جي قدمن ۾ ڪري پيو، قدمن ۾ ڪرڻ جو سبب عثمان عليءَ جي دل ۾ ڪرنل مارٽن جي عزت نه هئي پر پير جو وچڙڻ هيو، جيڪو هن تڪڙ ۾ کنيو ته هڪ پٿر جو ٿڏو اچڻ سبب عمل ۾ آيو. دراصل اها پٿر جي حسرت هئي ته عثمان علي، ڪرنل مارٽن جي قدمن ۾ ڪري، هن کي پنهنجي قدمن ۾ ڪريل ڏسي ڪرنل مارٽن هٿن جو سهارو ڏنو.
    “ڌيان سان.” ڪرنل چيو. “قبرستان آهي، ڪري سگهين ٿو، جنگ جي ميدان ۾ ائين ڪرندين ته ڪنڌ سلامت نه هوندئي.”
    عثمان علي اٿيو ۽ ڪرنل جي هشمت ڏسي سندس دل چاهيو ته وري ڪري پوي پر هن همت ڪئي ۽ ڪرنل کي چيو ته “هو ان کي ڪي راز جون ڳالهيون ٻڌائن چاهي ٿو پر کيس جان جي امان ڏني وڃي.” ڪرنل هن کي ٻئي نظر سان ڏٺو، نظرن جا درجا آهن، جيڪو جهڙي نظر جي قابل هوندو آهي، ان کي ان نظر سان ڏسبو آهي، ڪرنل سمجهي ويو ته هي ڪم جو ماڻهو آهي، هن عثمان عليءَ کي ويجهو آڻي سندس وات کي ڏٺو، عثمان عليءَ جا چَپ، چُپ هوندي به گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هيا.
    “چئه” ڪرنل چيو.
    عثمان علي ڄڻ همت هاري ويٺو، هو ڪرنل کي ايڏي وڏي ڳالهه ڪيئن پئي ٻڌائي سگهيو ته جنهن قبر تي هو گل چاڙهي موٽيو آهي اها لزا جي نه آهي، لزا جيئري آهي ۽ هتان کان ڪئي ميل ڏور مجاهدن جي قبضي ۾ آهي.
    هن جي چهري جا تاثر پڙهي ڪرنل شڪ ۾ پئجي ويو ته ڪا وڏي راز جي ڳالهه آهي.
    “ڇا ڪا اهڙي راز جي ڳالهه آهي جو توکي راز فاش ڪندي راز ۾ رهڻو پوي ٿو؟”
    “ها ڪرنل صاحب.” عثمان عليءَ چيو. “راز اهڙي ڳالهه آهي جو سڄي ڪن ۾ ٻڌاءِ ته کٻو ڪن ناراض ٿي ويندو آهي ۽ کٻي ڪن ۾ ٻڌاءِ ته سڄو ڪن ناراض ٿي ويندو آهي.”
    “ته پوءِ تون ٻڌاءِ، مان ڪنن سان نه ٻڌندس.” ڪرنل چيو.
    عثمان علي هٻڪيو ۽ پوءِ چيو. “لزا جيئري آهي”
    اها ڳالهه واقعي ئي ڪرنل ڪنن سان نه ٻڌي پر دل سان ٻڌي.
    “ڇا ٿو چوين؟” ڪرنل چيو. “مان کيس هٿن سان دفنايو آهي.”
    “مان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان.” عثمان علي چيو. “لزا جي باري ۾ توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.”
    ڪرنل کيس تجسس ۽ تڪڙ مان قبرستان کان ٻاهر وٺي ان وڪٽوريا ۾ ويهارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اڇو ۽ ڪارو گهوڙو ٻڌل هيا. ان وڪٽوريا جي مالڪ کي اها سزا آيل هئي ته هڪ سال ان گناهه جي ڏوهه ۾ ڪرنل جي ڪوچواني ڪندو ته ان ڪراچيءَ جي روڊن کي صاف رکڻ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. گهوڙن پويان ڪپڙي جو صافو نه ٻڌو هيو جنهن ڪري لڏ لاهڻ سبب، اهڙي لڏ روڊن تي ڪري ۽ ان جي ڪرڻ سبب اهڙي گندگي ڦهلي جيئن اها لڏ نه، انساني ڪرفٽي هجي. چون ٿا ته خدا گهوڙي ۾ فرشتي جو روح وڌو آهي. پر گهوڙي جي لڏ ۽ انساني ڪرفٽيءَ ۾ ساڳي بوءِ هوندي آهي، انڪري چئي سگهجي ٿو ته انسان سڄو انسان نه آهي ڇو جو ان جو پيٽ فرشتي جو آهي.
    عثمان عليءَ ڪرنل سان ان وڪٽوريا ۾ ويهڻ انڪري به پسند ڪيو ته جيئن هو ان ٻڌل ڪاري ۽ اڇي گهوڙي جو سبب پڇي سگهي. جڏهن وڪٽوريا روڊ تي هلي ته روڊ اهڙو صاف هيو جو گهوڙن جا کُر پئي ترڪيا.
    عثمان عليءَ ڪرنل سان وڪٽوريا ۾ ويهي لزا بابت ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو، هو اهڙي منزل جي انتظار ۾ هيو جتي ڪرنل سان نويڪلائيءَ ۾ ويهي اهو راز سِلي سگهي.
    “روڊ صاف آهن.” ڪوچوان چيو. “ان ڪري گهوڙن جا کُر ٿا ترڪن.”
    “انهن کي نعل هڻاءِ.” ڪرنل چيو. “روڊ صاف نه آهن، گهوڙن جا کُر صاف آهن.”
    وڪٽوريا هلندي رهي، ڪارو ۽ اڇو گهوڙو سهڪڻ لڳا.
    “هن ڪاري ۽ اڇي گهوڙي مان ڪهڙو مطلب آهي.” عثمان علي پڇيو.
    “ان جو جواب توکي ڪوچوان ڏيندو.” ڪرنل چيو.
    ڪوچوان جي سُڏڪن جو آواز ڄڻ ان چهٻڪ ۾ پيدا ٿيو جيڪو هو هوا ۾ هلائي گهوڙن جي پٺ تي هڻي رهيو هيو.
    “ڪارو گهوڙو غلاميءَ جي نشاني آهي ۽ اڇو گهوڙو آزاديءَ جي.” ڪوچوان چيو. “وڪٽوريا تڏهن هلندي جڏهن آزادي ۽ غلامي گڏ هلندا.”
    ڪرنل لزا جي ڏک ۾ کلي نه سگهيو، پر خوشي محسوس ڪيائين ته سندس ڀرسان ويٺل شخص لزا جي زندگيءَ جو پيغام کڻي آيو آهي.
    هن عثمان عليءَ ڏي منهن ڪري پڇيو. “لزا جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌاءِ؟” عثمان عليءَ ڪوچوان کي ڏٺو ۽ چيو “جيئن ڀتين کي ڪن هوندا آهن، ائين ڪوچوان کي به ڪن هوندا آهن، ٿورو صبر ڪريو. نويڪلائيءَ ۾ توهان کي سڀ ٻڌائيندس.”
    هو ٻئي جڏهن قلعي اندر ان ويران بنگلي ۾ پهتا ته ان جي هڪ خالي ڪمري ۾ تصويرن کان سواءِ ڪجهه نه هيو. ڪرنل هن کي ڪمبوڊيا جي ٿڌي ڪافي پيئاري. عثمان عليءَ ان کان اڳ ڪڏهن ٿڌي ڪافي نه پيتي هئي. ان جو سبب شايد اهو هيو ته انگريز ٿڌي ملڪ سان تعلق رکندي گرم ڪافي ان ڪري نه پيئندا هيا جو اها موسم سان ٺهڪندي نه هئي. عثمان عليءَ ٿڌيءَ دل سان ڪرنل کي حرف به حرف هر حقيقت کولي بيان ڪئي ته ڪرنل جو مٿو گرم ٿي ويو. “قدرت به انسانن جيان مذاق ڪندي آهي.” ڪرنل چيو. “هاڻي ان مذاق جو انجام الميو آهي.”
    “نه” عثمان عليءَ چيو. “تڪڙ نه ڪيو، توهان جي تڪڙ سان لزا جي آزادي خطري ۾ پئجي سگهي ٿي، اهو مسئلو مون تي ڇڏيو، مان لزا کي صحيح سلامت توهان تائين پهچائيندس.”
    ڪرنل کي هن جي ڳالهه تي اعتبار نه آيو ۽ حيرت مان سوال ڪيائين “پر تون آهين ڪير؟”
    عثمان علي اهڙي سوال تي لڄي ٿيو، هن کيسي ۾ هٿ وجهي پنجن روپين وارو سڪو ڪڍي ڪرنل کي هٿ ۾ ڏنو، ڪرنل سڪو وٺي ان کي ابتو سبتو ڪري ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ جهيڻا جي تصوير ڏسي اجازت ڏنائين ته کيس جيئن وڻي تيئن ڪري.


    باب ٻارهون

    ڪراچيءَ ڪجهه وقت امن جو منهن ڏٺو، ڪنهن کي دفنائڻ کان اڳ منهن ڏٺو ويندو آهي، ماڻهو جيئري منهن نه ڏسندا آهن، مئي منهن ڏسندا آهن، شايد انڪري ته جيئري ماڻهوءَ متعلق اها سوچ هوندي آهي ته جيئرو هوندو پيا منهن ڏسنداسين مرڻ کانپوءِ اها سوچ ته اهو منهن وري ڏسڻ لاءِ نه ملندو.
    ڪراچيءَ وارن به امن جو منهن ڏٺو. دفنائڻ کان اڳ امن جو منهن بي امنيءَ جي ڏينهن کان به دکدائڪ هيو.
    عثمان علي اڃان پالارا نه موٽيو هيو، هو گورا قبرستان ويو جتي سمينٽ جي صليب تي پٿر جو عيسا هيو. ان کان ويهه قدم اتر طرف جتي ميريءَ جو ميرو ٿي ويل مجسمو پنهنجو سڄو هٿ ڪڍي هڪ معصوم ٻار جي قبر تي ڇانوَ ڪري بيٺل هيو. ان جي اولهه طرف جتي هڪ قبر جي پاسي کوٽيل عيسا جي يارهن حوارين جون سمجهه ۾ نه ايندڙ مورتيون اُڪريل هيون، انهن مان هڪ حواري آڱر سان اشارو ڪري رهيو هيو، ڪجهه قدم پري سڪل ٻوڙن وٽ لزا جي قبر هئي.
    هو پهريون به اتي اچي چڪو هيو پر ڪرنل مارٽن جي موجودگيءَ ۾ قبر جي مٽي ڇُهي نه سگهيو هيو. ماڻهو مري ويل سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ قبر جي مٽيءَ ڇُهندو آهي، ڇو جو ماڻهو پاڻ مٽي آهي ۽ مٽيءَ جو مٽيءَ سان رابطو هوندو آهي. خبر نه آهي خدا ڇو ماڻهوءَ کي مٽيءَ مان ٺاهيو، جيڪڏهن اشرف المخلوقات هيو ته سون مان ٺاهي ها، گهٽ ۾ گهٽ غريب بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي ذرو ذرو پاڻ وڪڻي پيٽ گذر ته ڪري ها.
    عثمان علي لزا جي قبر تي پهتو ته ان ڪتبي تي نظر ڪئي، اتي لکيل هيو لزا مارٽن ۽ هيٺان موت جي تاريخ سترهن اپريل ٻه هزار اٺ، تاريخ پڙهي عثمان عليءَ جو ڇرڪ نڪري ويو. اها سوڀيا جي اغوا ڪرڻ کان چوڏهن ڏينهن پوءِ جي تاريخ هئي. هن کي پڪ ٿي وئي ته ان قبر ۾ لزا نه، سوڀيا دفن آهي، هو قبر کي ڀاڪر پائي رُنو ۽ هن جي ڍڍڪرون ڀري روئڻ تي قبرستان جو مجاور بائرن هن مٿان آيو. ان کي اتي هڪ اڻ ڏٺل چهري وارو شخص نظر آيو.
    “هيءَ ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ جي قبر آهي.” ان چيو. “تون ان جو ڇا ٿيئن؟”
    عثمان عليءَ آلا نيڻ کڻي ان کي ڏٺو ۽ پوءِ ڳوڙها اگهي وراڻيو.
    “مان ڪرنل مارٽن جي گهوڙن جو مالشي آهيان.”
    “هڪ مالشيءَ جو مالڪ جي ڌيءَ سان ايڏو لڳاءُ؟”بائرن چيو.
    “ڪجهه وقت اڳ اهو گهوڙو مري ويو جنهن تي لزا سواري ڪندي هئي. منهنجو ان گهوڙي سان لڳاءُ هيو. جيئن ته گهوڙن جون قبرون نه هونديون آهن، انڪري مان گهوڙي جي موت تي دل کولي روئي نه سگهيو هيس، هاڻي لزا جي قبر تي ان گهوڙي کي ياد ڪري رنو آهيان.”
    بائرن جيڪو ماچيس جي تيليءَ سان ڪن کوٽي رهيو هيو، ان محسوس ڪيو جيئن اها ٻري پئي هجي.
    “ڪرنل مارٽن کي منهنجا سلام چئجانءِ” بائرن چيو. “ٻڌائجانءِ ته قبر ۾ سندس ڌيءَ دنيا کان وڌيڪ محفوظ آهي.”
    بائرن هليو ويو ۽ عثمان عليءَ پنهنجي ڳالهايل ڪوڙ تي ان ڪري شرمندگي محسوس نه ڪئي جو اها ڳالهه پاڻ ڪوڙي هئي ته ان قبر ۾ لزا دفن آهي. هو قبرستان مان موٽي شهر آيو ته شهر قبرستان ٿي چڪو هيو، ڪجهه مجاهدن جي شهادت کانپوءِ آزاديءَ جي تحريڪ عروج تي هئي، تحريڪ جو عروج تڏهن ٿيندو آهي جڏهن جيلن جي آدمشماري وڌي ويندي آهي ۽ اهڙي آدمشماريءَ کي گهٽائڻ لاءِ منصوبابندي ڪئي ويندي آهي، جنهن ۾ ڦاهيون، ڦٽڪا، ٻوريون ۽ نامعلوم گوليون شامل هونديون آهن.
    هن کي ڪراچيءَ جي روڊن تي ڪارن ڌاڳن واريون ڳاڙهيون ترڪي ٽوپيون ائين نظر آيون، جيئن ڪميت پڇ لوڏي جنگ جي ميدان جي تياري ڪندو هجي. سلطنت عثمانيا جي سوويز معاهدي کانپوءِ ٽڪر ٿي وڃڻ ڪري مسلمان متحد ٿي ويا. انگريزن خلاف، خلافت تحريڪ ائين هلي جيئن “خلافت” ۽ “خلاف” ۾ “ت” جو فرق هجي، جيڪا “ت” تباهيءَ جو پيغام هئي.
    ڳاڙهي ترڪي ٽوپي ايڏي ته اهميت حاصل ڪري وئي جو دنيا جي انقلابين پنهنجين ٽوپين کي ڳاڙهو رنگ ڪيو.
    ڪميونسٽ انقلاب پويان ڳاڙهي رنگ جو وڏو ڪردار هيو، دنيا ۾ ڳاڙهي ٽوپيءَ ڪميونسٽ انقلاب ته ڪامياب ڪيا پر هندوستان ۾ ڳاڙهي ٽوپي ڪامياب نه ٿي سگهي، ٿي سگهي ٿو ان جو سبب ٽوپي ۽ ٽوپلو هجي ڇو جو ڪميونسٽ ڳاڙهي ٽوپي پائيندا هيا ۽ خلافت وارن جي ڳاڙهي ٽوپي دراصل ٽوپلو هيو.
    ان ڏينهن خالق ڏنا هال ۾ خلافت تحريڪ جي اڳواڻن تي مقدمو هلڻو هيو. عثمان عليءَ اهو تاريخي واقعو اکين سان ڏسڻ پئي چاهيو. بندر روڊ بند هيو. هن کي خبر هئي ته اهو سدائين بند هوندو آهي ڇو جو بندر جي “ر” رستو ۽ باقي “بند” هيو. هو قلعي پويان سٽي ڪورٽ وارو رستو وٺي لڪندو اتي پهتو، هن محسوس ڪيو، انگريز عملدارن کي لڪڻ باوجود هو نظر اچي رهيو آهي پر اهي کيس روڪي نه رهيا آهن. اهڙو احساس هن لاءِ حيرت جو سبب هيو. هن پاڻ کي هٿ هڻي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو موجود هيو ۽ ڪنهن به خواب جو حصو نه هيو، ته پوءِ هو ماڻهن جي نظرن کان محفوظ ڪئين هيو؟ اهو سوچي هو هلڻ لڳو ته سمجهيائين سندس قدم زمين کان ٻه فوٽ مٿي آهن. جيڪو احساس هن لاءِ نه وڻندڙ هيو. هن چاهيو پئي ته سندس قدم زمين تي هجن پر هو ائين ڪري نه سگهيو، جڏهن خالق ڏنا هال جي ڏاڪڻين تي پهتو ته ترڪي ٽوپيءَ وارا اڳواڻ اتي آيا. ان کان اڳ جو اهي اندر وڃي عدالت کي منهن ڏين، هو انهن جي قدمن ۾ ڪري پيو پر حيرت ٿي ته انهن مان ڪنهن به هن ڏي نه ڏٺو. جيئن هو نه هيو، هن جو پاڇو هيو، جيڪو جهڙ جي صورت ۾ خالق ڏنا هال مٿان لنگهي ويو. هن خلاف تحريڪ جي اڳواڻن کي پيرن ۾ وچڙي اهو عرض ڪرڻ پئي چاهيو ته “قبلا مان تاريخ جو شاگرد آهيان، منهنجي دانهن ٻڌو. مذهب جو ٻج نه پوکيو. اهو ٻج وڻ ٿيندو ۽ ان وڻ جي ڇانوَ ۾ بگهڙ انسانن جو گوشت کائيندا. اها خلافت نه هوندي پر اهڙا خليفا پيدا ٿي پوندا، جن جون اکيون ڦريل، مڇون وڌيل ۽ فوجي وردين ۾ هوندا. گدڙ انهن جا هٿ چمندا، بي گناهه ڦاهيءَ چڙهندا، مذهب جي نالي ۾ آمريت مڙهي ويندي. الله جي نالي امداد گهري ويندي.”
    عثمان علي ٻاڏائيندو رهيو پر ڪنهن هڪ نه ٻڌي، هو سوچڻ لڳو ته آخر هن جو آواز ڇو نه ٻڌجي رهيو آهي. ڇا هو گونگو آهي؟ هو پاڻ آهي يا نه آهي؟ پوءِ وري پاڻ کي ڇُهي ڏٺائين، پڪ ڪيائين ته روح نه آهي، پر جسم آهي ۽ ان اندر روح آهي. خلافت اڳواڻ هن کي لتاڙيندي عدالت ۾ ويا ۽ کين ٻه ٻه سال ٽيپ جي سزا آئي، عثمان عليءَ سوچيو، انهن جي سزا ۾ هن جو ڏوهه آهي، جيڪڏهن هو انهن کي روڪي سمجهائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته کين سزا جو منهن ڏسڻو نه پوي ها پر پوءِ سمجهيائين اهو قسمت جو فيصلو آهي ڇو جو تاريخ ۾ لکيل آهي ۽ تاريخ ۾ اڪثر قسمت جا فيصلا درج هوندا آهن، ڇو جو تاريخ مقدر جا ورق آهن ۽ مقدر جا ورق فرشتا آهن، انڪري تاريخ ۾ انسانن جو گهٽ فرشتن جو ذڪر وڌيڪ هوندو آهي.
    اهي اهڙا ڏينهن هيا جو ڪراچيءَ جو سڄو شهر هيٺ مٿي ٿي لڏي رهيو هيو. زلزلو نه آيو هيو ڇو جو زلزلي ۾ ڌرتي ڌڏندي آهي ۽ ماڻهو مرندا آهن پر تن ڏينهن ماڻهو ڌڏيا ۽ ڌرتي مري وئي. ماڻهن جي ڌڏڻ جو سبب هندو مسلم اتحاد کي ڪاپاري ڌڪ هيو. انگريزن اقتدار بچائڻ لاءِ مذهب جو سهارو ورتو. انهن ماڻهن ۾ مذهب جو روح ڦوڪيو. سنڌ ڌرتيءَ تي هندو، هندو ٿي پيا ۽ مسلمان، مسلمان. ان کان اڳ خدا ۽ ڀڳوان ۾ ڪو فرق نه هيو. هاڻي ڀڳوان جي بت مان خدا جو روح خارج ٿي ويو.
    پالارا پهچڻ کان اڳ عثمان علي تاريخ جا اهي سڀ واقعا اکين سان ڏسڻ پيو چاهي جن جو شهر ۾ هو اڪيلو گواهه هيو.
    شهر ۾ تاريخ جا واقعا قافلن جي صورت ۾ لنگهي رهيا هيا، سنڌ جي بمبئيءَ کان ڌار ٿيڻ جي تحريڪ زورن تي هئي. هندن اهڙي تحريڪ جي مخالفت ڪئي. شهر جي ڪٽر هندو تنظيمن هندن جي من ۾ مسلمانن خلاف نفرت جو ٻج ڇٽيو. من ۾ نفرت جو ٻج ڦٽندو آهي ته وڻ ٿي انسان کي چيري وجهندو آهي. مسلمانن جي سنڌ آزاد پارٽيءَ جي مقابلي ۾ آزاد هند پارٽي جوڙي وئي. سڀ پارٽيون انسانن کي ورهائڻ لاءِ هونديون آهن، سواءِ ٽي پارٽيءَ جي، جنهن ۾ ماڻهو ملندا آهن ۽ کير کنڊ ٿيندا آهن.
    هندو مها سڀا شنگهٽن جيڪا پنهنجي نالي جيان ڏکي پارٽي هئي، ان انسانيت کي وڏا ڏک ڏنا، اها ڪٽر هندو مذهبي پارٽي هئي، جنهن هندن جي دلين ۾ مسلمانن خلاف نفرت پيدا ڪئي. ويرو مل بيگراج ان پارٽيءَ جو اڳواڻ هيو. اهو پنهنجي وقت جو اهڙو مُلو هيو، جنهن هندن کي ڏاڙهيءَ خلاف ڀڙڪايو. مرهٽن جي تعاون سان قائم ڪيل “راشٽري سيوڪ سنگ” تنظيم مسلمانن سان ويڙهه لاءِ اهڙا هٿيار ٺاهيا جيڪي سڀ ڪاٺ جا هيا. سنڌي هندو هٿيارن ٺاهڻ ۾ به ايڏائي شريف هوندا آهن، جيڏا عام زندگيءَ ۾. سکر ۾ جڏهن مسجد منزل گاهه وارو واقعو ٿيو ته گهنٽا گهر تي هندن جا سوڍا واٽر جا دوڪان هيا. مسلمانن جڏهن هڪ جلوس جي صورت ۾ اتي پٿر وسايا ته هندن سوڍا واٽر جي بوتلن سان انهن تي حملو ڪيو. هو ڪريٽن مان سوڍا واٽر جون بوتلون ڪڍي جيئن انهن مٿان اڇلائين پيا ته انهن جي روڊ تي ڪرڻ سان بوتلن جي ڦاٽڻ جو آواز پئي ٿيو، ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ اها ڳالهه عام ٿي وئي ته مسلمانن جي جلوس تي هندن جو بمن سان حملو. ڳالهه وڌي وئي ۽ ساڌ ٻيلي کي بچائڻ لاءِ لکي ڏنائون ته مسجد منزل گاهه محمد بن قاسم جي اچڻ کان اڳ مسلمانن جي عبادت گاهه هئي.
    جنهن وقت ڪراچيءَ ۾ نٿو رام حضرت محمد صه جن خلاف چوپڙي لکي رهيو هيو ته عثمان علي هن مٿان بيٺل هيو. نٿو رام جي ڪچي ڪوٺڙيءَ ۾ ٽيبل تي گاسليٽ وارو لالٽين ٻري رهيو هيو. لالٽين تي هڪ ماڪوڙي جيڏو مڇر گول ڦري ڪڏهن نٿو رام جي ساڄي ڪن وٽ ته ڪڏهن کاٻي ڪن وٽ “ڀون ڀون” ڪري ڪجهه چوڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيو.
    عثمان عليءَ هن کان سوال ڪيو. “نٿو رام مڇر مارين ڇو نه ٿو؟” نٿو رام اهو اڻ ٻڌل آواز ٻڌو ۽ جواب ڏنائين “مڇر مارڻ ڏوهه آهي. ڇو جو مڇر ۾ به ڀڳوان آهي، مان مڇر ماري ڀڳوان مارڻ نه ٿو چاهيان.”
    عثمان عليءَ جو غيبائتو آواز وري آيو.
    “ته پوءِ تون سمجهين ٿو ته تنهنجي چوهٺ صفحن جي چوپڙيءَ ڪري گهڻا ماڻهو ماربا؟”
    “مان ماڻهن کي سڃاڻان، پر مسلمانن کي نه، انڪري ماڻهو نه مرندا آهن، پر مسلمان مرندا آهن.”
    عثمان عليءَ جي ڀٽڪندڙ پاڇي وري ڳالهايو. “نٿو رام ائين نه ڪر، تون پاڻ به مرندي ۽ ماڻهو آهين.”
    نٿو رام سوچيو ۽ پوءِ چيو. “ماريندو ڀڳوان آهي، انهن کي ڪهڙي طاقت؟” نٿو رام چوهٺ صفحن جي چوپڙي لکي، مسلمانن جي مذهبي غيرت جاڳي پئي، غيرت اچي ته ماڻهو هڪ يا ٻه ماريندو آهي، پر مذهبي غيرت اچي ته پنهنجا ۽ پراوا سڀ ڪسجي ويندا آهن، نٿو رام تي مقدمو قائم ٿيو. جيئن ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو ته عبدالقيوم نالي هڪ شخص ڇرين جا اهڙا وار ڪيس جو ٿڏي تي ڦتڪي مري ويو. عبدالقيوم کي پڪڙي ساڳي ڪورٽ ۾ وٺي ويا. بيٺي پير کيس ڦاهيءَ جي سزا ٻڌايائون، انگريز مئجسٽريٽ دير ئي نه ڪئي. ڇو جو مشهور هيو ته خدا وٽ دير آهي، انڌير نه ۽ انگريز وٽ انڌير آهي، دير نه، انگريز ٿڏي تي انصاف ڪندا هيا. انصاف ملڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته گولي ۽ ڦاهيءَ سان انصاف ڪري ڇڏيندا هيا، انصاف جو وڏو مثال توپ اڳيان ماڻهو ٻڌي اڏائڻ هيو. انگريز انصاف پسند جڙا نوالا باغ ۾ تفريح ڪندا هيا، جنهن جي ڳاڙهن گلن ۾ انسانن جو رت شامل هيو.
    انگريزن عبدالقيوم کي ڦاهي ڏيڻ کانپوءِ ڪنهن به اسلامي رسم کانسواءِ ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن ڪري ڇڏيو. مسلمانن ان جو لاش ڪڍي جنازي نماز ادا ڪئي ۽ ڪڪري ميدان کان جلوس جي صورت ۾ مظاهرو ڪري جلسو ڪيو. لياريءَ ۾ ان جلوس تي گوليون وسايون ويون، جنهن ۾ نٿو رام جي چوهٺ صفحن جي چوپڙيءَ پويان چوهٺ ماڻهو مارجي ويا.
    عثمان عليءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو، هو رنو ته محسوس ڪيائين روئڻ جي تعداد کان ڳوڙهن جو مقدار گهٽ آهي، ڳوڙها صرف اکين مان وهندا آهن، حد کان وڌي وڃن ته نڪ مان وهندا آهن، ماڻهو روئي صرف اکيون صاف نه ڪندا آهن پر نڪ به صاف ڪندا آهن. ڳوڙها جڏهن نڪ مان وهن ته ماڻهوءَ جو شان مٽيءَ ۾ ملي ويندو آهي.
    عثمان عليءَ جو هونءَ به ڪهڙو شان هيو. جيڏانهن ويو پئي ته ماڻهو هن جي ڳالهه ئي نه پيا ٻڌن. ماڻهو ڀونڪ جلد ٻڌندا آهن، اهو سوچي عثمان علي اطمينان محسوس ڪيو ته هو ماڻهو آهي، ڪتا آهن جن کي هرڪو غور سان ٻڌي ٿو.
    هن کي خبر پئي ته سيد، جهيڻا جي اعزاز ۾ ڪارلٽن هوٽل ۾ ماني جهلي آهي. هو ٻيا ڪم ڇڏي، جن ۾ هندو مسلم اتحاد، سوڀيا جي قبر تي ٻيهر حاضري، پالارا واپس وڃي لزا جي حفاظت، پوڙهو پيءُ جيڪو وضوءَ لاءِ پاڻيءَ جو انتظار ڪري رهيو هيو. پتل جو ڪرمنڊل جيڪو ڪرنل مارٽن جي بنگلي ۾ هڪ پٿر هيٺان پيل هيو ۽ جنهن تي سينور چڙهي وڃڻ ڪري، رنگ هيڊي مان ڦري سائو ٿي چڪو هيو ۽ ٻيا ڪم جيڪي هن کي انهن ڪمن کانپوءِ ڪرڻا هيا. سڀ ڪم ڇڏي هو هوٽل ڪارلٽن پهتو.
    هن ڏٺو اتي سڀ قومپرست، سنڌ جا عظيم ڏاها ۽ تعليمدان ويٺل هيا، اهي مسلمانن جي حقن بابت ڳالهائي رهيا هيا، الڳ ملڪ جو شوق ائين هيو جيئن گهوڙن پالڻ جو شوق. عثمان عليءَ نه ڪئي هم، نه تم. سڌو وڃي جهيڻا جي پيرن کي پڪڙيو.
    “سائين ائين نه ڪيو.” هن چيو. “وڏو قتل عام ٿيندو، بي گناهه ماڻهو مرندا، عورتون اغوا ٿينديون، هجرتون ٿينديون، هيڏانهن جا ماڻهو هوڏانهن ته هوڏانهن جا هيڏانهن ٿيندا. مذهبي نفرتون وڌنديون. ٻوليون، نسل ۽ قومپرستيون جاڳي پونديون. جنگيون لڳنديون، ملڪ ٽٽندو، ماڻهو دربدر ٿيندا.”
    عثمان علي جڏهن جهيڻا جي قدمن ۾ ڳالهائي رهيو هيو ته جهيڻا پاڻ تقرير ڪري رهيو هيو، اهو سڀني سامهون بيٺل هيو. تقرير ۾ ساڳيا جملا ورجهائي رهيو هيو جيڪي عثمان ان جي قدمن ۾ چئي رهيو هيو. پر ان ورجهايل جملن ۾ عثمان عليءَ جي جملن جو ضد هيو. جهيڻا جي ڳالهه سڀ ٻڌي رهيا هيا، پر عثمان علي ڄڻ ڀت سان ڳالهائي رهيو هيو. ڀت کي ڪن هيا ۽ ڀت ڳالهائي رهي هئي.
    عثمان علي سيد سان انڪري ڳالهائي نه سگهيو ڇو جو سيد ماني جهلي هئي، جڏهن هٿن ۾ ماني جهليل هجي ته رحمدل ماڻهو ڀورا ڪري پکين کي کارائيندو آهي، سيد مصروف هيو ۽ هن جي مانيءَ تي هڪ اهڙو جهرڪ لٿو جنهن کيس ٻڌايو ته “هو جهرڪن ۾ نه ڄايو آهي.” سيد کيس دلجاءِ ڏني ته “هو ڪوشش ڪندو ته جهرڪ پکين ۾ شمار ٿئي ڇو جو سنڌ، هند ۾ شمار ٿئي ٿي، وقت ايندو جو سنڌ، هند ۾ شمار نه ٿيندي، ان لاءِ هو سڀ کان پهريون سنڌ اسيمبليءَ ۾ اهڙي قرارداد پاس ڪرائيندو جيئن سنڌ ڪٿي به شمار نه ٿئي.”
    جهيڻا خوش ٿي سيد جي پٺي ٺپي ۽ ٺپڻ جي آواز تي ڄڻ عثمان عليءَ جا ڪن ڦاٽي پيا. هن ٻئي هٿ ڪنن کي ڏنا ۽ محسوس ڪيو جيئن ڇنڊڻ ڪري تاريخ جي صفحن تان مٽي اڏامندي هجي.
    عثمان عليءَ پڪو پهه ڪيو ته ڪو هن جي ٻڌي يا نه ٻڌي پر ڳالهائيندو ضرور، ڇو جو بند ڪمري ۾ ڪنهن عورت سان ڪو لچو زيادتي ڪري رهيو هيو ته عورت رڙيون ڪري رهي هئي. لچي چيس “بند ڪمري ۾ تنهنجيون رڙيون ڪير ٻڌندو؟”
    عورت جواب ڏنو “ڪو ٻڌي نه ٻڌي، منهنجو ضمير ته ٻڌندو ۽ گواهي ڏيندو ته زيادتيءَ وقت مون مزاحمت ڪئي.”
    عثمان علي به پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪرڻ پيو چاهي، هن جڏهن ٻڌو ته سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ قرارداد پيش ڪرڻ وارو آهي ته هو جهڙ مينهن ٿي ڀڳو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي دروازي تي ويهي سيد جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    سنڌ اسيمبليءَ ۾ بجيٽ اجلاس هلي رهيو هيو ۽ اسيمبليءَ جي هر سيٽ اڳيان لوٽو رکيل هيو، لوٽو انڪري ته گناهگار ضمير جو ڏوهي هوندو آهي، انڪري اهو عبادت گهڻي ڪندو آهي، رکيل لوٽي ۾ وضوءَ لاءِ پاڻي هيو جيئن قرارداد پاس ڪري اتي ئي لوٽي مان وضو ڪري خدا کان معافي وٺي سگهن. ان ڪري لوٽو ضمير فروشن لاءِ شرم جو نشان نه هوندو آهي پر انهن لاءِ نجات جو رستو هوندو آهي.
    جڏهن سيد نروار ٿيو ته عثمان عليءَ کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. سيد، عثمان عليءَ مان لنگهي اندر هليو ويو، عثمان عليءَ محسوس ڪيو هو هوا بنجي ويو آهي، هو پاڇو آهي، هو روح آهي، هو مئل آهي، ڪنهن کي روڪڻ هن جي وس جي ڳالهه نه آهي، هو ماڻهن کي نظر نه اچي رهيو آهي، ماڻهو هن جو آواز نه ٻڌي رهيا آهن پر ڳالهائيندو ضرور ڇو جو هن هر هاڃو پنهنجين اکين سان ڏٺو هيو. هو هر واقعي جو گواهه هيو.
    هن سيٽ تي ويٺل سيد سامهون ڳالهايو. “سائين ترسو، ان جو سِلو سٺو نه ملندو، سنڌ تباهه ٿي ويندي. توهان کي پڇتائڻو پوندو. سڄي حياتي جيل ڪاٽڻو پوندو. ايڏا مذهبي نه ٿيو ڇو جو اڳتي هلي توهان کي مذهب کان توبا تائب ٿيڻو پوندو. اسان جو لکيل پڙهيل ڪاروباري طبقو هليو ويندو. ٻاهران يلغار ٿيندي. اسان کي مهمان نوازيءَ جو سِلو سٺو نه ملندو. اسان کي روڊن تي ماريو ويندو. دهشت گردي عروج تي ايندي. ڀتي خوري ٿيندي. چوديواري محفوظ نه رهندي. فيڪٽرين کي ساڙيو ويندو. سوين مزدور سڙي ويندا، خودڪش ڌماڪا ٿيندا. منهنجي سوڀيا جيان سوين عورتون اغوا ٿينديون، خوف ۽ وهشت جو دور ايندو. اسان تي غداريءَ جا الزام لڳندا، ڪيترائي بي گناهه کڄي ويندا. بندرگاهه، گيس جي ذخيرن ۽ پيٽرول جي کوهن تي اسان جو حق نه رهندو. سنڌوءَ تي ڊيم ٺهندا. پاڻي روڪيو ويندو. اسين رُلي وينداسين. سيد ائين نه ڪر.” سيد ڪن وٽ مک هڪليندو رهيو ۽ قرار داد پاس ٿي وئي.
    عثمان علي سنڌ اسيمبليءَ جي ڏاڪڻ تي ويهي روئڻ لڳو. هن سنڌ کي ياد ڪيو جنهن جو لاش اتي بي گور ۽ بي ڪفن پيل هيو ۽ هو اڪيلو ڪنهن بي وس عورت جيان پار ڪڍي رهيو هيو.
    “اڙي منهنجي ماءُ مري وئي. اڙي منهنجي بي گور ۽ ڪفن ماءُ. او منهنجي سنڌوءَ جو جنازو، آهي ڪو ٻڌڻ وارو؟ آهي ڪو حيلو وسيلو؟ اهو منهنجي ماءُ....”
    عثمان علي پار ڪڍي روئي رهيو هيو ۽ شهر ۾ قرار داد پاس ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ بينڊ وڄي رهي هئي.


    باب تيرهون

    عثمان عليءَ جي شهر وڃڻ کانپوءِ پالارا جون حالتون ساڳيون نه رهيون. ڪوهيڙو ته ساڳيو هيو پر ڪوهيڙي مان گهوريندڙ اکيون ڪنهن جهنگلي جانور جهڙيون ٿي ويون. ماڻهوءَ جون اکيون روشنيءَ ۾ چمڪنديون آهن ۽ جهنگلي جانور جون اوندهه ۾. ان جو سبب اهو آهي ته ماڻهو روشنيءَ ۾ روزگار جو شڪار ڪندو آهي ۽ جانور اوندهه ۾ پاڻ کان ڪمزور جانور جو شڪار ڪندو آهي، انسان لاءِ رات جو شڪار ڪرڻ ڏوهه ۽ جانور لاءِ ڏينهن جو شڪار ڪرڻ ڀل هوندي آهي.
    لزا اهڙي هرڻيءَ ۾ تبديل ٿي چڪي هئي جيڪا پنهنجي پاڇي جي اوٽ ۾ لڪڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. مجاهدن جي نيت خراب ٿي چڪي هئي. مذهب ۾ هر شيءِ جي نيت هوندي آهي. ڪو به چڱو ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ نيت ڪئي ويندي آهي پر بري ڪم شروع ڪرڻ سان قدرتي طور نيت خراب ٿي ويندي آهي.
    پالارا جي خوابناڪ خاموشي، ڪوهيڙو ۽ هڪ خوبصورت عورت، موقعو ۽ مهل، ملي مجاهدن کي ڀڙڪائي وڌو. “محافظ” جنهن کي عثمان عليءَ ويندي لزا جي حفاظت لاءِ چيو هيو، اهو شيطان کان محفوظ نه رهيو، جيتري دير ۾ مجاهد ملڪ فتح ڪن، شيطان دنيا فتح ڪري چڪو هوندو آهي، دلين تي حسن جو اثر شيطان جي زير اثر آهن. حسن شيطان جي معرفت عاشق تي غالب ٿيندو آهي ۽ هاڻي شيطان مجاهدن جي اکين ۾ ويهي لزا جو جائزو وٺڻ لڳو، هڪ خوبصورت ناسي وارن واري عورت، ان جا گهاٽا وار راجستان تي وري آيل بادلن جهڙا هيا. وشال پيشاني ۽ ڳل يقين ڏياري رهيا هيا ته ٻيا سڀ رنگ گلابي رنگ کي ڏسڻ جي حسرت ۾ رنگجي ويا آهن.
    سڀ رنگ اڇي رنگ مان جنم وٺن ٿا، رنگ رنگن سان ملي سوين رنگ ٺاهين ٿا ۽ سڀني رنگن جو انجام ڪارو رنگ آهي.
    ان جي بند چپن ۾ ليڪ نه حاصل ڪري سگهڻ جي زخم کان دل تي چير جهڙي هئي.
    انهن سوچيو ته دشمن جي ڌيءَ آهي، مال غنيمت آهي، ڇو نه حصا ڪيون، ان رات مينهن ائين وٺو جيئن وڏ ڦڙي کي تڪڙ هجي ته وري وسڻ جو موقعو ملي الاءِ نه. ڇو نه وسي و ٺون. پاڻي ائين وسيو جيئن ڦڙا هڪ ٻئي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا هجن.
    ڪمري ۾ اوندهه هئي، محافظ لزا جي ڀرسان آيو ته وڄ ڪڙڪي ڄڻ اوندهه ۾ ڏار پئجي ويا ۽ اها پراڻي عمارت جيان ڪري پئي. هو اڳتي وڌيو ۽ ان لزا کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. لزا ائين سري وئي ڄڻ هوا جو جهوٽو هئي.
    “خبردار” لزا چيو. “تون انگلينڊ تي حملو ڪري سگهين ٿو پر هڪ عورت تي نه.”
    “مان حملو نه، قبضو ڪرڻ چاهيان ٿو، جيئن توهان ڪيو آهي.” محافظ جواب ڏنو ۽ پوءِ چيو. “ڳالهين ۾ وقت نه وڃانءِ؟ تڪڙ هجي ته وقت قيمتي ٿي پوندو آهي.” ۽ پوءِ هن دل ۾ چيو. “تڪڙ ڪم شيطان جو.”
    انسان تي شيطان غالب ٿئي ته انسان طاقتور ٿي وڃي ٿو. هن جون سوچون ۽ عمل اهڙي باهه جيان ٿي وڃن ٿا جنهن باهه کان ڄڻ دوزخ پناهه گهرندو هجي.
    مجاهد تيلي ٻاري ته روشن ٿيڻ کان اڳ ڪنهن ڦوڪ ڏئي وسائي ڇڏي. هو حيران ٿي ويو، کيس محسوس ٿيو ڪو ڀرسان بيٺو آهي، هٿ هڻي ڏٺائين، اوندهه ايڏي هئي ڄڻ گناهه ڄمي يخ ٿي ويا هجن.
    “لزا” هن سڏيو، ڪو آواز نه آيو. محسوس ڪيائين ڪمرو خالي آهي، گجگوڙ ٿيو، وڄ چمڪي، ڪمري ۾ ايڏي تيز روشني ٿي وئي جو ڪجهه ڏسي نه سگهيو. اوندهه ۽ روشنيءَ جي انتها ماڻهوءَ کي انڌي ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.
    محافظ اوندهه ۾ مجاهدن کي سڏيو.
    “ملان... مفتي... حافظ... او کبڙ وارا... او بڙ وارا...”
    آواز خاموشيءَ جي خوف کان ڀڄندو آهي، آواز پنهنجو دشمن پاڻ آهي، آواز، آواز سان ملي گوڙ ۾ تبديل ٿي ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي. آواز ڌاڳو آهي، ڌاڳو ڌاڳي سان وچڙي کوٿ تي پوندو آهي. آواز ۽ ڌاڳا الڳ هجن ته ٻڌڻ ۽ سبڻ جي ڪم ايندا آهن.
    مجاهد ڊڪندا ڪمري ۾ آيا ته اوندهه ڪري هڪ ٻئي مٿان ڪري پيا.
    “لزا نظر نه ٿي اچي.” محافظ چيو.
    “ميڻ بتي ٻاريو.” هڪ مجاهد چيو.
    “ميڻ بتيون ڪٿي آهن؟” ٻئي مجاهد چيو.
    “مان ميڻ بتيون ڳولهيان ٿو، توهان لزا ڳولهيو.” هڪ مجاهد ڪمري مان ويندي چيو. جنهن کي ٻاهر ويندي صرف در جي چانٺ ڏٺو.
    وڄ چمڪي انهن اکيون ڦاڙي ڏٺو، اتي انهن کانسواءِ ڪا به عورت نه هئي.
    “لزا ڀڄي وئي.” پوءِ سڀني ٻاهر ڀڄندي چيو.
    ٻاهر ڪمري جي بنسبت اوندهه گهٽ هئي، اوندهه روشنيءَ کان ايڏي ته ڊنل هوندي آهي جو لڪڻ لاءِ ڪمرو ڳولهيندي آهي، خدا سج کي ان لاءِ مقرر ڪيو ته اهو اوندهه ڳولهي پر اڄ ڏينهن تائين اوندهه ڳولهي نه سگهيو آهي، جنهن ڏينهن ان اوندهه ڳولهي، خدا کيس واپس گهرائي وٺندو.
    مجاهد لزا پويان ويا پر کين سمجهه ۾ نه آيو ته ڪهڙي طرف وڃن. انهن جون اکيون ۽ نظر ائين ڦرڻ لڳيون جيئن وڏ ڦڙي جي ڌرتيءَ تي ڪرڻ جي آوازن ۽ ڪنهن جي قدمن جي آوازن ۾ فرق ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا هجن ته اهي لزا جي پيرن جا آواز آهن جيڪي وڏ ڦڙي جيان ڌرتيءَ تي وسي رهيا آهن، کين محسوس ٿيو ڦهليل ڪوهيڙي ۾ جيڪو اندهه جي گهاٽائيءَ جو سبب هيو، انهن کانسواءِ ڪو ٻيو به آهي، جيڪو ساهه کڻي رهيو آهي، ڪنهن جي ساهن جي خوشبوءِ اهي محسوس ڪندا آهن جن کي گلاب مان خوشبوءِ نه اچي، ڇو جو ساهن جي خوشبوءِ کانپوءِ هر خوشبوءِ زائل ٿي وڃي ٿي.
    مجاهدن نرڙ تان مينهن جو پاڻي ائين صاف ڪيو جيئن پگهر صاف ڪيو هجي.
    “آهي ڪٿي، اتي” هڪ مجاهد چيو. “پر نظر نه ٿي اچي.” چمڪي ۽ پري کجيءَ جا وڻ ائين ظاهر ٿيا ڄڻ فوٽو لڳل هجي.
    “کجين کانسواءِ ڪجهه هيو ضرور” هڪ مجاهد چيو. “پر کجين جي اوٽ ڪري نظر نه آيو.”
    “ٿورو اڳتي هلو ته ڏسون.” انهن مان هڪ چيو ۽ پوءِ گپ ۾ ترڪندا، هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا اڳتي هلڻ لڳا.
    ان رات مينهن اهڙو وسيو جيئن کيس ڌرتيءَ تي ڪاوڙ هجي. مينهن جي ڪاوڙ ڌرتيءَ لاءِ رحمت هوندي آهي. مينهن ڪاوڙ ڪري پنهنجو نقصان ڪندو آهي ڇو جو مينهن جي اهڙي ڪاوڙ ڪري جهڙ فنا ٿي ويندو آهي.
    مجاهد لزا کي ڳولهي ٿڪجي پيا. اهي ان کجين جي باغ تائين ويا، جن کجين ۾ کسيون پيدا ٿينديون هيون ۽ انهن ۾ ڏوڪي کان وڌيڪ ذائقو هيو. ڀرسان ئي پراڻن کبڙن جا ڏنگا ڦڏا وڻ هيا جن ۾ بيٺل پيرون وڄ جي روشنيءَ ۾ ڄڻ لڪي ويٺل پکين جي چمڪندڙ اکين جيان ظاهر ٿي وري گم پئي ٿيا. هو نديءَ ڪناري بندر تي به ويا، جتي خدا بخش کٽيءَ جو بتيلو بيٺل هيو، ان اڪيلي بتيلي پويان نديءَ جي ان ڪناري کي بندر ڪوٺيندا هيا. اها بندر جي خوشنصيبي هئي جو ان ڪڏهن جهازن جو منهن نه ڏٺو. ڇو جو هر ڪاروبار ۾ سڀ کان پهريون انسان وڪامندو آهي.
    خدا بخش کٽيءَ جو بتيلو ڏسي انهن سوچيو ته آخر خدا بخش کٽي ڪاڏي ويو ۽ پوءِ سوچيائيون، ٿي سگهي ٿو اهو پلا کڻي شهر ويو هجي ۽ ڪنهن انگريز کي اهو سوچي سوکڙي طور ڏنا هجن ته “ڌارين کي پلي جو ذائقو، ڪنڊي تي ماريندو آهي.”
    هو واپس مڙيا ته سج ڪوهيڙي مان ائين ظاهر ٿيو جيئن ان سپ ٽوڙي موتي ڏٺو هجي. ٿڌ جي اثر سبب هڪ ٻئي کي ڏسي کنگها پئي. جڏهن موٽي جاءِ ۾ آيا ته ڏسي ٺپ ٺري وين. اتي لزا چادر پائي ليٽيل هئي ۽ ان ڀرسان خدا بخش کٽي ويٺل هيو. لزا چادر اندر ڏڪي رهي هئي. ائين پئي لڳو جيئن ان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي، ان ڀرسان ويٺل خدا بخش جون اکيون ٽانڊن جيان ڳاڙهيون هيون، اهي جيئن ڪمري ۾ داخل ٿيا ته خدا بخش جي دل چاهيو اهو انهن کي پنج آڱريون ڏيکاري پر پوءِ اهو سوچي عمل نه ڪيائين ته پنجن ۾ اثر نه رهيو آهي، گهٽ ۾ گهٽ ڏهه هجن پر هن جي هٿن ۾ اٺ هيون، ڇو جو آڱوٺا اهو چئي ڪٽرائي ڇڏيا هيائين جيئن انگريز پٽي نه سگهن.
    “اٿوَ ڪا پنهنجي ماءُ ڀيڻ.” خدا بخش ڪاوڙ مان چيو. “مائيءَ کي ڊيڪائي ساهه ڪڍيو اٿوَ.”
    مجاهد لڄي ٿيا ۽ پوءِ پنهنجي عمل کي حق بجانب ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هڪ مجاهد ڳالهايو. “اها انگريزن جي عزت آهي، انگريزن اسان جي عزت خاڪ ۾ ملائي آهي، اسان انگريزن جي خاڪ ۾ ملائينداسين.”
    “پوءِ توهان ۽ انگريزن ۾ ڪهڙو فرق ٿيو.” خدا بخش چيو. “جهڙا انگريز تهڙا توهان.”
    “اسان مجاهدن کي انگريزن سان نه ڀيٽيو.” هڪ مجاهد چيو. “مسلمان ۽ ڪافر ۾ وڏو فرق آهي.”
    خدا بخش وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، هن لزا ڏي منهن ڪندي موضوع بدلايو. “هيءَ توهان کان نظر بچائي سڄي رات وڻن جي اوٽ ۾ لڪندي رهي آهي. شڪر آهي. سمنڊ کان واپس ايندي نظر پئي ۽ منهنجي اڇي ڏاڙهيءَ تي اعتبار ڪري هيءَ موٽي آئي آهي، سڄي رات مينهن ۾ پسڻ ڪري بخار ۾ ڏڪي رهي آهي، خدا خير ڪري، هن کي ڪجهه ٿيو ته اسان سڀني جون ترغيبون ناڪام ٿي وينديون.”
    مجاهد لزا جي حالت ڏسي ٿورا لڄي ٿيا.
    “توهان مان ڪو وڃي ۽ حڪيم هادن کي وٺي اچي.” خدا بخش چيو. “جيڪڏهن هن جو علاج نه ٿيو ته هيءَ دنيا ڇڏي ويندي.”
    “حڪيم هادن ڪٿي ملندو.” انهن مان هڪ پڇيو.
    “حڪيم هادن هتان کان ٻه ڪوهه پري ماڙيچن جي ڳوٺ ۾ رهندو آهي.” خير محمد سمجهائيندي چيو. “هن تڪ جو مشهور حڪيم آهي.”
    حڪيم هادن جو ماڙيچن جي ڳوٺ ۾ رهڻ جو سبب اهو هيو ته ان دور جا حڪيم پڻ ڊاڪٽرن جيئن پئسي وارا هيا. فرق اهو هيو ته جيئن ڊاڪٽر اغوا ٿين ٿا، ان دور ۾ مريض اغوا ٿيندا هيا، حڪيم هادن ماڙيچن جو اهو ڳوٺ ٻڌرايو هيو. ماڙيچا جنسي آزاديءَ سبب اڪثر، پرميل، سوزاڪ، ليڪوريا، نامردي، ننڍي قد ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا هوندا هيا.
    جڏهن ٻه مجاهد ماڙيچن جي ڳوٺ پهتا ته منجهند ٿي وئي، ڪوهيڙي ڪري سج ايڏو ته هلڪو هيو جو منجهند جي خبر پاڇن مان نه ٿي پئي. اها خبر ان وقت پوندي هئي جڏهن ڪو مانجهاندي جي بک محسوس ڪندو هيو. هو ٻئي حڪيم هادن جي دواخاني ۾ ويا ۽ حال اوريائون.
    حڪيم ڳالهه سمجهي ويو ۽ انهن جي بک محسوس ڪندي کين مانيءَ جي صلاح ڪئي جيڪا انهن خوشيءَ سان قبول ڪئي. حڪيم کين کائڻ لاءِ اهڙيون گوريون ڏنيون جيڪي کائڻ کانپوءِ انهن جي هر قسم جي بک ختم ٿي وئي.
    حڪيم کين سمجهايو “بک جا قسم هوندا آهن، پيرن جي بک، سٿرن جي بک، دل جي بک ۽ دماغ جي بک، ٻار ننڍو هوندو آهي ته ان جا پير بکيا هوندا آهن، جنهن ڪري اهو ڊوڙندو آهي. جوان ٿيندو آهي ته ان جا سٿر بکيا هوندا آهن، جنهن ڪري جنس لاءِ جدوجهد ڪندو آهي. اڌوهيءَ جو ٿيندو آهي ته ان جي دل بکايل هوندي آهي جنهن ڪري عشق ڪندو آهي، جڏهن پوڙهو ٿيندو آهي ته ان جو دماغ بکايل هوندو آهي، جنهن ڪري ڏسي بک جو پورائو ڪندو آهي. بک وڻ آهي. جيڪو پيرن وٽ ڦٽي، سٿرن، دل ۽ دماغ وٽ پهچي پروان چڙهي ٿو.”
    حڪيم جون گوريون کائڻ سان مجاهدن جي وڻ جا ڏار ڪري پيا ۽ هر بک وڻ جي ڏار تي ويٺل پکيءَ جيان اڏامي وئي. مجاهدن حڪيم جا ٿورا مڃيا ۽ محسوس ڪيو هاڻي مرڻ کانپوءِ جنت ۾ بک نصيب ٿيندي.
    حڪيم ڏاند گاڏي تيار ڪرائي جيڪا مريضن تائين جلد پهچڻ لاءِ استعمال ڪندو هيو. هو مجاهدن کي ساڻ ڪري جڏهن پالارا پهتو ته خدا بخش کٽيءَ ان جو آڌرڀاءُ ڪيو.
    هو خدا بخش کٽيءَ کي سڃاڻيندو هيو جيڪو مهاڻي ٿيڻ کان اڳ کٽي هيو ۽ اهو ڌنڌو ڇڏي پلا مارڻ شروع ڪيا. ان جو سبب اهو هيو ته خدا بخش کان صرف انگريز ڪپڙا ڌوئاريندا هيا. ديس جا ماڻهو غريب هجڻ ڪري پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئي پائيندا هيا. پئسي نه هجڻ ڪري ڪڏهن پائيندا به هيا، ڪڏهن نه به پائيندا هيا، پائيندا هيا ته ماني نه کائيندا هيا، نه پائيندا هيا ته کين ماني نصيب ٿيندي هئي. اهي انگ اگهاڙا ماني کائي مٿي ڪنڌ ڪري خدا جو شڪر ڪندا هيا ته “اهو ڪوڙ آهي، ماني لٽي وارن کي نصيب ٿئي ٿي. لٽي وارا بک مرن ٿا ۽ اگهاڙا اناج کائين ٿا.”
    خدا بخش کٽي انگريزن جا ڪپڙا ڌوئي پنهنجو ضمير ڌوئي نه سگهيو. ان اهڙي ڌنڌي تي لعنت وڌي جنهن ۾ من ميرو ٿئي. سوچيائين سڄو ڏينهن انگريزن جا ڪپڙا ڌوئڻ کان چڱو آهي ته ماڻهو مهاڻو ٿئي. هو پالارا آيو ۽ پلن سان اهڙي دوستي رکيائين جو ٻه چار پلا هن جي ٽوڪريءَ ۾ سدائين پيل هوندا هيا.
    حڪيم هادن لزا کي تپاسيو، لزا جي حالت خراب ٿي چڪي هئي، سندس ساهه تيز هلي رهيا هيا ۽ بخار ۾ ٻري رهي هئي. بخار اهڙي باهه آهي جنهن ۾ مريض سڙي انڪري تيز ساهه کڻندو آهي جيئن هوا تي باهه ٻري يا وسامي. ڇو جو هوا باهه ٻاريندي به آهي ته وسائيندي به آهي. انڪري بخار ۾ مريض مرندو آهي يا صحتياب ٿيندو آهي.
    حڪيم جڏهن لزا جي ٻانهن هٿ ۾ وٺي تپاسي ته ٻانهن تي ٻليءَ جي نهنڊن جا نشان ڏسي هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن کي پنهنجو پيءُ حڪيم حضور بخش ياد آيو، جنهن سان پاڙي وارن مذاق ڪئي هئي، ٻليءَ جي ٻانهن ۾ ڌاڳو ٻڌي هن جي هٿ ۾ ڏنو هيو ۽ چيو هيو ته “مائي پرديدار آهي. پردي ۾ ويهاري سندس ويڻيءَ ۾ ڌاڳو ٻڌي توهان کي ڏنو آهي ته نبض سڃاڻي ان جو علاج ڪيو.”
    سندس پيءُ ڌاڳو ڪن تي رکيو ۽ پوءِ کلي چيو “ٻلي ڇڇڙا ٿي گهري.”
    لزا جي ٻانهن تي ٻليءَ جي نهنڊن جا نشان ڏسي حڪيم هادن سوچ ۾ پئجي ويو ته مجاهد هن سان مذاق ته نه ٿا ڪن.
    پوءِ سوچيائين مائي پرديدار نه آهي، هن سامهون آهي، بيمار آهي ۽ اهي نهنڊون ڪهڙي حيثيت رکن ٿيون.
    دراصل هر حڪيم پنهنجي من ۾ ٻلي پاليندو آهي ۽ سنڌ جي هر وڏي حڪيم جو قصو ٻليءَ جي ذڪر سان شروع ٿيندو آهي.
    “هيءُ ڇا جو نه نشان آهي.” حڪيم پڇيو. “اهو ڇو آهي؟” ڪنهن جواب نه ڏنو. سڀ هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳا. مجاهد “محافظ” مٺين ۾ ننهن سميت آڱريون لڪائيندي چيو.
    “حڪيم صاحب پريشان نه ٿيو، اهي ٻليءَ جا نه آهن.”
    “مون به اهو پئي سوچيو.” حڪيم هادن چيو. “هڪ انگريز عورت جي ٻانهن تي ٻليءَ جا نشان نه ٿا ٿي سگهن، انگريز ٻليون پاليندا آهن ۽ ٻليون انهن کي زخمي نه ڪنديون آهن، پر هر ٻليءَ مٿان انگريزن جي آڱرين جا نشان هوندا آهن.”
    حڪيم هادن پراڻي ڪاٺ جي پيٽي کولي نسخي موجب دوا ٺاهي تيار ڪئي ۽ کين ڏک جي ڳالهه ٻڌائي ته “مائيءَ ۾ حال ڪونهي. دوا لڳي ته واهه، نه ته مائيءَ کي مٽي لڳي ويندي.”
    سڀ پريشان ٿي ويا ۽ سوال پڇيائون “آخر هن کي بيماري آهي ڪهڙي؟”
    “مينهن ۽ ٿڌ ڪري هن کي نمونيا ٿي ويو آهي، ڇاتي بند آهي ۽ بخار پنهنجي انتها تي پهچي چڪو آهي، توهان هن جي مٿي تي ٿڌيون پٽيون رکي پئي سگهيا پر مينهن جي موسم آهي.”
    حڪيم هادن موڪلايو ته خدا بخش کيس پنج پلا سوکڙيءَ طور ڏنا ۽ علاج لاءِ اچڻ ڪري پئسن بابت پڇيو.
    حڪيم پنج پلا وٺندي چيو. “سوکڙيءَ جو اثر عيوض کان وڌيڪ هوندو آهي، ڇو جو شڪارپوري کٽاڻ جي هڪ برني نه ٿيڻ جهڙا ڪم ڪرائي وجهندي آهي.”
    حڪيم جي وڃڻ کانپوءِ سڀ سوچ ۾ پئجي ويا ته هاڻي ڇا ڪجي. انهن حڪيم جو نسخو آزمايو. لزا اکيون کوليون ۽ پوءِ اهڙيون بند ڪيون جو کلڻ جو نانءُ ئي نه پئي ورتو. آخر اهڙو وقت به آيو جو عثمان علي شهر کان موٽي هن مٿان آواز ڏئي رهيو هيو.
    “لزا... لزا... اکيون کول.”
    هو هر هر چئي رهيو هيو پر لزا اکيون ٻوٽي ائين پيل هئي جيئن موت جو انتظار ڪندي هجي.
    در حقيقت دنيا ۾ ڪو به موت جو انتظار نه ڪندو آهي ڇو جو انتظار ڪهڙو به هجي ان ۾ عمر وڏي ٿئي ٿي، انتظار جي هڪ گهڙي صديءَ برابر هوندي آهي، پوءِ اهو انتظار موت جو هجي يا محبوب جو. انتظار ۾ عمر وڏي ٿئي ٿي، ان ڪري موت جو انتظار موت سان بغاوت آهي، دراصل موت ماڻهوءَ جو انتظار ڪندو آهي، ائين موت جي عمر وڏي ۽ ماڻهوءَ جي عمر ننڍي ٿي وڃي ٿي.
    عثمان عليءَ اچڻ سان پالارا مٿي تي کنيو، کيس جڏهن لزا تي مجاهدن جي جنسي حملي جي خبر پئي ته باهه ٿي ويو. هن جا جوتا پراڻا ٿي پادرن جي ڪم جا نه رهيا هيا. هو اڃايل مور جيان پيرن کي ڏسي روئي پيو ۽ لزا جي هوش ۾ اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو، جيڪا هن جا ڳوڙها پي زندگيءَ جو سنيهو ڏئي ها.
    هن سوچيو، لزا جي موت جي صورت ۾ هو ڪرنل مارٽن کي ڪهڙو جواب ڏيندو. ڪرنل مارٽن هن تي ڀروسو ڪيو هيو. عثمان علي ٻيو ڪو آسرو نه ڏسي لزا جي ڀرسان آيو. هو هيٺ ويٺو ۽ هن جي ٻانهن تي مٿو رکي روئڻ لڳو.
    “سوڀيا... منهنجي سوڀيا....” هن جي اندر مان آواز اچڻ لڳا، کيس سوڀيا جي مرڻ تي دل کولي روئڻ جو موقعو نه مليو هيو، هاڻي هن دل کولي روئڻ پئي چاهيو. هو روئندو رهيو ۽ روئندو رهيو.
    مجاهد هن کي روئندو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا ته آخر هڪ انگريز عورت مٿان هڪ مجاهد جي اهڙي انداز سان روئڻ مان ڇا مراد؟


    باب چوڏهون

    قديم دنيا ۾ چئن موسمن کان اڳ پکين جي موسم هئي. موسمون گرمي ۽ ٿڌ تي نه بدلبيون هيون پر اهي پکين جي چرپر پويان سڃاتيون وينديون هيون. ان وقت جا عامل ونگوڙيدار لٺ سهاري آسمان ڏانهن اشارو ڪري پکين جي اڏام ڏسي قسمت جو حال ٻڌائيندا هيا ۽ موسمن جي اڳڪٿي ڪندا هيا.
    ان سال پالارا ۾ ڳيرن جي موسم هئي، پکي پرواز ڪري جونءِ مٽائي موسم بدلائي وجهندا آهن، سنڌوءَ ڪناري پالارا کان پري سمنڊ تائين ماڻهوءَ جي قد جيڏا ڳاڙها سارس برفاني ملڪن مان لڏي ديرو ڪندا هيا ۽ ڳيرا پالارا جي کجين، کٻڙن ۽ ڪرڙن تي، ڏيلهون، پيرون ۽ کسيون کائي کلندا هيا ته ماڻهن کي روئڻ ايندو هيو. ماڻهن جي روئڻ جو سبب انهن جو پکي هجڻ نه هيو، ماڻهو سوچيندا هيا ته پکي آزاد ۽ ماڻهو قيد آهن، پکي پرسڪون ۽ ماڻهو بي سڪون آهن. خاص طور بوبڪ جا ڳيرا جيڪي ڪيترا ميل سفر ڪري پالارا پهچندا هيا ته بوبڪ مان کاڌل ڀنگ جو نشو انهن تي اتي طاري ٿيندو هيو. اهي اکيون بند ڪري ڪنهن مفڪر جيان وڻن جي لامن تي ويهي جهومندا هيا. نشو انهن جي رڳن ۾ ٿيڙ کائي ڊوڙندو هيو.
    عثمان عليءَ جيان خدا بخش کٽيءَ جي دل ۾ لزا لاءِ همدردي جاڳي پئي هئي، مجاهد انهن جي حرڪت کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هيا. انهن مان هڪ ٻن اها به صلاح ڏني ته شهر وڃي اهي جماعت الاخصار جي سربراهن کي حقيقت کان آگاهه ڪن، اهي اهڙين تيارين ۾ مصروف هيا ۽ روز وڃڻ جا سانڀاها پئي ڪيا.
    لزا جي طبيعت ۾ ڪو فرق نه آيو، حڪيمن جون دوائون اثر ڪرڻ م وڏو وقت وٺنديون آهن. پرهيز تي ايڏو زور هوندو اٿن جو مريض ان شڪايت کان به پرهيز ڪندا آهن ته “حڪيم تنهنجين دوائن ۾ اثر نه رهيو آهي.” ڪا به پرهيز ٽوڙ ته، ڏوهه دوا کي نه، پرهيز کي ڏنو ويندو آهي ۽ شڪايت ڪر ته اها پرهيز نه ڪرڻ آهي ۽ شڪايت مرض جو سبب ٿي پوندي آهي، دراصل حڪيم جي دوا، اهڙي دعا هوندي آهي، جيڪا لڳي ته واهه، نه ته قبر ڏي ڪاهه.”
    عثمان عليءَ ڏينهن رات لزا جي خدمت ڪئي، مجاهد ان جي اهڙي حرڪت کي سٺو نه سمجهندا هيا.
    “ڪهڙي تنهنجي پنهنجي آ؟” هڪ مجاهد چيو. “سڄو ڏينهن تيمارداري ڪري انگريزن جي خدمت ٿو ڪرين، ڇڏيس حياتي هوندس ته بچندي، نه ته پهتي پرينءَ کي.”
    عثمان علي انهن کي ڪو جواب نه ڏيندو هيو. بس ايترو چوندو هيو.
    “خدا توهان کان ان جو حساب وٺندو ته توهان هڪ عورت سان زيادتي ڪئي.”
    اها مجاهدن لاءِ شرم جي ڳالهه هئي، پر شرم جي عمر ننڍي هوندي آهي، ڄمندو آهي ۽ شرم کان جلدي مرندو آهي. گهوڙن جيان شرم جا قسم آهن. شرم سٺو ۽ خراب هوندو آهي. هڪ شرم اهڙو هوندو آهي، جنهن تي ماڻهو کي پيار ايندو آهي. ٻيو شرم اهڙو هوندو آهي، جنهن تي پڇتاءُ ٿيندو آهي. شرم ڳاڙهي، نيري، هيڊي ۽ ٻين رنگن ۾ به ظاهر ٿيندو آهي. شرم ۾ گلابي ٿي ويندا آهن، ڪو شرم ماڻهوءَ کي نيرو ڪري ڇڏيندو آهي، ڪو شرم ۾ پڇتاءُ سبب هيڊو ٿي ويندو آهي ۽ ڪنهن جو شرم کانپوءِ منهن اڇو ٿي ويندو آهي، پر مجاهدن کي تي ڪيل گناهه جي شرم جو اثر ڪارو پيو ۽ ڪاري منهن تي ڪو رنگ ظاهر نه ٿيندو آهي.
    هڪ ڏينهن عثمان علي ۽ خير محمد صلاح ڪئي ته ڪيئن به ڪري لزا کي هتان ڪڍڻو آهي، جيئن شهر جي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرائي ان جو علاج ڪيو وڃي.
    عثمان عليءَ خير محمد کي صلاح ڏني “اڃان زمانو نه بدليو آهي، جنگ مردن جو ڪم آهي، عورتن جو نه، هڪ عورت جو ڪهڙو ڏوهه جو ان کي سزا ڏني وئي.”
    خير محمد کٽيءَ لزا لاءِ من ۾ همدردي محسوس ڪئي.
    “ها واقعي” هن چيو. “عورت ڪمزور آهي، انڪري هر مرد جي ڪمزوري آهي.”
    عثمان عليءَ خدا بخش کي تجسس سان ڏٺو، جيڪو وڏي رمز جون ڳالهيون ڪري رهيو هيو ۽ سوچيو، واقعي ئي هن جي ڪمزوريءَ جو سبب سوڀيا هئي ۽ هاڻي هو لزا سبب پاڻ کي ڪمزور ۽ بي وس محسوس ڪري رهيو هيو. کيس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هو ان کي شهر اسپتال ڪيئن پهچائي. مجاهدن جي هوندي هو ڪا به اهڙي چرپر نه پئي ڪري سگهيو، جيڪا چرپر مجاهد محسوس ڪن.
    “مجاهدن هوندي هو ان کي اتان ڪيئن ڪڍي سگهي ٿو؟” هن خدا بخش کان سوال ڪيو.
    “تون فڪر نه ڪر.” هن چيو “هن موسم ۾ بوبڪ جا ڳيرا ماڳ مٽائي ايندا آهن. اسان کي اها خبر نه هئي ته ڪو بوبڪ جي ڳيرن کائڻ سان ست ڏينهن ننڊ ايندي آهي. پالارا جي پوري ڳوٺ شڪار ڪري اهڙا ڳيرا کاڌا هيا. ڳيرن کائڻ کانپوءِ ڳوٺ تي ست ڏينهن ننڊ جو حملو ٿيو ۽ وري ڳيرن کائڻ کان قسم کڻي ڇڏيو. مان ڪوڙڪو وجهي بوبڪ جا ڳيرا ڦاسائي پچائيندس. اهي پاڻ ٻنهي کانسواءِ سڀ کائيندا، آزاديءَ لاءِ ڪڏهن رکي ماني به کائڻي پوندي آهي.”
    عثمان عليءَ کي صلاح وڻي ۽ هن خير محمد جا ٿورا مڃيا، جنهن کيس اهڙي راز کان واقف ڪيو هيو نه ته هن وڻن تي اکيون ٻوٽي ويٺل ڳيرن جي اداسيءَ جو سبب لزا جي بيماري سمجهيو هيو. هن سمجهيو هيو ته لزا جي ڏک ۾ صرف هو اداس نه آهي پر پالارا جا پکي به ان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.
    خير محمد مجاهدن وٽ ويو جيڪي هيٺ تڏي تي ويهي سرگوشين ۾ ڪنهن نئي مهم جي مشق ڪري رهيا هيا. مجاهد هن کي ڏسي چپ ٿي ويا، جيئن پنهنجي جاءِ ۾ ڪو ڌاريو داخل ٿيو هجي. جڏهن توهان جي گهر ۾ چار واقفڪار ملي، ڌارين جيان سرگوشيون ڪن ۽ توهان جي اچڻ تي چپ ٿي وڃن ته پوءِ سمجهيو توهان پنهنجي گهر ۾ پاڻ ڌاريا آهيو، خير محمد پاڻ کي ڌارين وچ ۾ ڌاريو سمجهيو ۽ اهو ئي آٿت هن لاءِ ڪافي هيو ته هو ڳيرن جو بندوبست پنهنجن لاءِ نه، پر ڌارين لاءِ ڪري رهيو آهي. ڌاريا ست ڏينهن ننڊ ڪندا ته پنهنجن کي جاڳڻ جو موقعو ملندو ۽ پنهنجا جاڳي ڌارين جي ننڊ ڦٽائڻ جي ڪوشش ڪندا ڇو جو ننڊ جو مقدار مقرر آهي. ننڊ تي مستقل قبضو، ٻين لاءِ ننڊ جو ڏڪر پيدا ڪري ٿو.
    ان ڏينهن خير محمد ڳچ ڳيرا پڪڙي آيو. ڪوڙڪي ڪمال ڪيو هيو. ڪوڙڪو ڪرتب ڏيکاريندو آهي، خير محمد جو ڪوڙڪو به جادوگرهيو ۽ ڪوڙڪي جو جادو بوبڪ جي ڳيرن تي اثر انداز هيو.
    هن جڏهن ڪشمير جا گرم مصالحا وجهي ٻوڙ پچايو ته ان مان آزاد ۽ مقبوضا قسم جي بوءِ ٻاڦ جيان اڀري خير محمد جي گهر کان ٻاهر نڪري هيڏانهن هوڏانهن ڄڻ پوري برصغير ۾ ڦهلجي وئي. خير محمد کي اهڙي بوءِ کان بچڻ لاءِ نڪ تي ڪپڙو ڏيڻو پيو ۽ خدا کان پناهه گهري، کائڻ کان بوءِ جو اثر وڌيڪ هوندو آهي. جيڪڏهن اهڙي بوءِ اثر ڪيو ته ملڪ وڙهي انڌا ٿي پوندا.
    ان رات خير محمد مجاهدن کي بوبڪ جا ڳيرا کارايا. ڳيرن جو ذائقو اهڙو هيو جو ماڻهو موت جو ذائقو وساري ويهي. موت کي به ذائقو آهي جيڪو هر ماڻهوءَ کي چکڻو آهي پر ٻوڙ جو ذائقو اهڙو هيو جيئن، جنهن نه چکيو معنا مئو ئي ڪونه، مجاهد ويا کائيندا ۽ ائين کائيندا ويا جيئن ٻوڏ کان اڳ سامان ڍوئيندا هجن. جڏهن کائي پورو ڪيائون کين اهو سوچي سڄي رات ننڊ نه آئي ته انهن ان کان اڳ اهڙو لذيذ کاڌو ڪڏهن نه کاڌو آهي.
    صبح جو سج اڀريو مجاهدن سڄي رات ننڊ نه ڪئي، اهي خوشيءَ مان کلندا رهيا ۽ جاڳندا رهيا. جڏهن ٽهڪ ڏئي ٿڪا ته خير محمد کين ٻڌايو. “رات انهن جيڪا ماني کاڌي اهي بوبڪ جا ڳيرا هيا.”
    ٻڌڻ شرط مجاهدن مٿان ننڊ جو حملو ٿيو ۽ اهي اتي جو اتي سمهي ڊگهي ننڊ جي نشن ۾ کوئجي ويا. خير محمد انهن کي مٿان بيهي سڏ ڪيا، پر هڪ مجاهد نه اٿيو. خير محمد کي پڪ ٿي وئي ته اهي ست ڏينهن سوگها آهن. عثمان عليءَ خدا جو شڪر ڪيو جنهن کيس اکين جي وڻ کان پناهه ڏني. مجاهد جڏهن ڪوهيڙي ۾ ڪٺا ٿي هن ڏانهن ڏسندا هيا ته ائين لڳندو هيو ڄڻ وڻ مان ڪئي اکيون هن جي هر حرڪت جو جائزو وٺنديون هجن. هو هاڻي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪري رهيو هيو. لزا سفر ڪري نه پئي سگهي. نيم بيهوشيءَ جو دورو هن مٿان طاري هيو ۽ صحت سڌرڻ جو نانءُ نه پئي ورتو. عثمان علي ان انتظار ۾ هيو ته لزا هلڻ جهڙي ٿئي ته هو مجاهدن جي جاڳڻ کان اڳ ان کي بتيلي ۾ وٺي شهر روانو ٿي سگهي.
    هن لزا جي تيمارداري ڪئي، حڪيم هادن جي ڏس موجب ڪيتريون ئي جڙي ٻوٽيون آزمايون، هن جي هٿن ۾ پيرن کي ٻارهن وڻن جي پيٺل ٻجن جي تيل سان مالش ڪئي. پويان سهارو ڏئي اٿاري صاف پاڻيءَ جا ڍڪ ڀرايا. ڏاڙهونءَ جي رس ۾ سنڪونا پيئاريو. نيٺ لزا سامت ۾ آئي ۽ ان اکيون کڻي عثمان عليءَ کي ڏٺو. عثمان علي لزا جي بيماريءَ ۾ ڪمزور ٿي چڪو هيو. هن جون اکيون ڏرا ڏئي ويون هيون، منهن هيڊو، ڳٽا اندر ۽ آڱريون ڪاٺ جون ٿي چڪيون هيون. هو هر وقت لزا مٿان بيٺل هوندو هيو. ان جي چهري کي پيو ڏسندو هيو، کيس محسوس ٿيندو هيو، هن سوڀيا کي ڳولهي لڌو آهي. دهشتگردن سوڀيا کي زخمي ڪيو آهي ۽ زخمن کان چور هوءَ بستر تي پيل آهي، دراصل موت اهڙو هاڃو آهي جيڪو ڪڏهن ناقابل يقين ٿي پوندو آهي. ڪنهن ويجهي جو موت مڃڻ ۾ نه ايندو آهي. لڳندو آهي، اهو ڪوڙ آهي ۽ مئو نه آهي. مئو آهي ته واپس ورندو ڇو جو اهو مري نه ٿو سگهي. موت اهڙو احساس آهي جنهن کي وجود نه آهي. موت محسوس ڪبو آهي، موت کي روپ نه آهي، جيڪڏهن هاڃا ۽ الميا جسماني وجود رکندا هجن ها ته انسان انهن جون اکيون ڪڍي ڇڏي ها.
    سوڀيا عثمان عليءَ جي من ۾ جيئري هئي. لزا جي تيمارداري کيس لاشعوري يقين ڏياري رهي هئي ته هو سوڀيا لاءِ ڪجهه ڪري رهيو آهي. هن لزا جي تيمارداريءَ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي، لزا جي صحت پهريون کان بهتر ٿي ۽ اها هلڪي غذا وٺڻ لڳي، عثمان عليءَ لاءِ ان جي دل ۾ همدردي وڌي وئي. هوءَ ان کي سٺو انسان سمجهڻ لڳي. عثمان عليءَ کي لزا جي تيمارداريءَ لاءِ هر هر ان جي ويجهو ٿي اچڻو پيو. ان کي ڇهڻو ٿي پيو. لزا ان جي ڇهڻ تي ڪو ردعمل ظاهر نه ٿي ڪيو، ان پنهنجا خماريل نيڻ کڻي کيس ڏٺو پئي.
    “مون کي مجاهدن جي حرڪت تي افسوس آهي.” عثمان عليءَ چيو. “وقت آيو ته انهن کي سزا ضرور ملندي.”
    لزا ڪجهه نه ڳالهايو. بس ايترو چيو ته “جيترو جلد ٿي سگهي هوءَ پنهنجي پيءُ ڪرنل مارٽن تائين پهچڻ چاهي ٿي. جيڪڏهن عثمان عليءَ ان تائين پهچايو ته هوءَ ڪرنل کي انعام لاءِ چوندي، جيڪو کيس وڏي اعزاز سان ڏنو ويندو.”
    عثمان عليءَ پيار مان لزا کي ڏٺو ۽ چيو. “منهنجو انعام تون آهين، منهنجو اعزاز تنهنجي صحت آهي. ٿورو گهمڻ جهڙي ٿيءُ ته توکي ڪرنل مارٽن تائين ضرور پهچائيندس.”
    لزا جي هيڊي چهري تي ڦڪي مرڪ اچي وئي.
    “تون هنن کان مختلف ڇو آهين؟” لزا سوال ڪيو.
    عثمان علي ماضي ڏي موٽي ويو. هرڪو ائين سمجهندو آهي ته ماضيءَ جو واسطو حال سان آهي. حال کانپوءِ ماضي ايندو آهي پر ائين نه آهي ڇو جو مستقبل کي به ماضي هوندو آهي ۽ ضروري نه آهي ته مستقبل، حال ۾ تبديل ٿئي. مستقبل سڌو سنئون ماضيءَ ۾ ڦري حال کي مات ڏيندو آهي. عثمان عليءَ جو ماضي به ائين هيو. اهو اهڙو مستقبل هيو جنهن جو حال سان واسطو نه پيو. عثمان عليءَ جو ماضي، ماضيءَ ۾ ڦاٿل هيو. جيڪو مستقبل جي ماضيءَ ۾ ٿي گذريو اهو هن لاءِ سبق هيو. هن ماضيءَ جي ماضيءَ ۾ اچي تاريخ جا ورق ڦاڙڻ پئي چاهيا جيئن اهي مستقبل تي اثر انداز نه ٿين. هن لزا کي ٻڌايو ته “منهنجي سنڌ جي قسمت جو فيصلو هنن گهڙين ۾ ٿيڻ وارو آهي. جيڪو فيصلو ٿي چڪو هيو ان منهنجي سنڌ کي برباد ڪري ڇڏيو، منهنجي سنڌ تباهه ٿي وئي. هندوستان جي آزاديءَ ۾ سنڌ غلام ٿي وئي.”
    لزا هن جون ڳالهيون ٻڌي کيس عجب مان ڏسڻ لڳي، جيئن هو ڪو ديوانو هجي ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهيون ڪندو هجي.
    “هندوستان جي آزادي؟” هن صرف ايترو چيو.
    “ها، هندوستان جي آزادي” عثمان عليءَ چيو. “هندوستان آزاد ٿيندو ۽ ان جي آزادي لکين انسانن جو موت ثابت ٿيندي، مذهبي رجحان وڌندو ۽ مذهب جي نالي ۾ وڏي تباهي ايندي. نفرتون وڌنديون، قومون ورهائبيون، لڏ پلاڻ ٿيندي، زيادتيون ۽ زوريون ٿينديون، سنڌ رت سان رنگجي ويندي.”
    لزا پهريون دفعو محسوس ڪيو، هو ڪنهن ٻئي دنيا جو ماڻهو آهي، هن دنيا سان سندس واسطو نه آهي، هن جون ڳالهيون موقعي ۽ مناسبت سان ٺهڪي ايندڙ نه آهن. اهو سوچي هن موضوع بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “تنهنجي مون سان ايڏي همدردي ڇو آهي؟” هن پڇيو.
    “ڇو جو تو ۾ مان سمايل آهيان.” هن چيو. “تون منهنجو وقت آهين، وقت ڪائنات جو نه هوندو آهي، پر وقت ماڻهوءَ جو هوندو آهي، هر ماڻهوءَ جي ڪلهي تي ڪائنات وقت جيان رکيل آهي. اهو وقت جو قطرو ٿي وهي ٿو. پنهنجي ڪائنات کڻي پيدا ٿئي ٿو. جوان ٿئي ٿو ۽ ڪائنات سميت دفن ٿئي ٿو. وقت انسان سان گڏ جيئي ٿو ۽ انسان سان گڏ مري ٿو. تون منهنجي ڪائنات آهين، مون توکي ئي وقت جي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ڏٺو آهي، تون روپ مٽايو آهي پر آهين اهو ئي روپ جيڪو مٽجڻ کان اڳ هيو.”
    لزا جي اکين ۾ پيار ڀرجي آيو. هن عثمان عليءَ جو هٿ پنهنجن هٿن ۾ وٺي ان سان پيار ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو.
    “عثمان علي” هن چيو. “مان تنهنجي ٿي نه سگهندس، ڇو جو ڪنهن ٻئي جي آهيان. جيڪڏهن ڪنهن جي نه هجان ها ته تنهنجي ٿيان ها.”
    “پر مان سدائين تنهنجو هوندس.” هن چيو. “خدا کي ڪيترائي نانءَ هجن پر آهي خدا، توکي ڪيترائي نانءَ هجن پر آهين اها جيڪا دل ۾ ويٺل آهي.”
    لزا محسوس ڪيو سندس من ۾ عثمان عليءَ لاءِ عزت جي جاءِ محبت والاري آهي.
    “عثمان علي” هن چيو. “تنهنجي هٿن جو ڇهاءُ مان سڄي زندگي محسوس ڪندي رهندس.”
    عثمان عليءَ جي دل چاهيو، هو لزا جو درد چوسي دل ۾ ائين سانڍي جو زماني جي دردن کي دل ۾ جاءِ نه ملي.
    لزا جڏهن کيس ٻڌايو ته “هوءَ ڊيوڊ جي مڱ آهي ۽ اهو انگلستان ۾ هن جو انتظار ڪري ٿو، ان محسوس ڪيو جيئن سيني اندر آکيرو هجي ۽ پکي ڀڙڪو ڏئي اڏامي ويو هجي ۽ پوءِ کيس لزا اهو به ٻڌايو ته “هوءَ ان جي ٿي نه سگهندي پر فيصلو وقت ڪندو.”
    عثمان عليءَ لزا جي آسري کي سياست سمجهيو. اسين سڀ دنيا ۾ لاشعوري سياستدان آهيون. روزگار تائين رسائيءَ جو وسيلو سياست آهي. سياست جوئا آهي، ڪي ننڍا جوئاگر آهن، ڪي وڏا جوئاگر. ننڍا جوئاگر عوام ۽ وڏا جوئاگر حڪمران آهن، هر ڪاروبار ۾ ڳجهي سياست پنهنجو ڪردار نڀائيندي آهي.
    ماڻهو، ماڻهوءَ جي ڪردار مان نه پر ان جي سياست مان متاثر ٿيندو آهي. خيرات اهڙي سياست آهي جنهن سان ڪاروبار ۾ تيزي اچي ٿي.
    عثمان عليءَ جو مقصد لزا نه، سوڀيا هئي. وقت هن کي موقعو ڏنو هيو ته هو سوڀيا جي اغوا جو ڪفارو ادا ڪري. هو سوڀيا لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيو پر سوڀيا جي روپ جهڙي لزا لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ پئي چاهيو.
    “پياري لزا.” هن چيو. “تون ڀل ڪير به هجين پر مونکي انڪري عزيز آهين جو هوبهو ان جهڙي آهين جنهن سان منهنجو پيار هيو. توکي بچائي، مان پنهنجو ضمير بچائيندس، جيڪو سوڀيا جي غم ۾ ٻڏي چڪو آهي.”
    لزا جي من ۾ هن جي محبت ائين ڪٺي ٿي وئي. جيئن ماکي ماناري ۾.
    “مان تنهنجو احسان ڪڏهن وساري نه سگهندس.” لزا چيو ۽ پوءِ عثمان عليءَ جي هٿن سان ڪَرن ڦلن جو رس پيتو، ڪرن ڦلن جي رس ۾ ڀاڪر جو ذائقو هيو.
    مجاهدن کي ستي اڃان ست ڏينهن نه گذريا هيا، پنج ڏينهن گذريا ته لزا پنهنجي پيرن تي بيهجي وئي. عثمان عليءَ وسان نه گهٽايو هيو. لزا جي صحتيابي عثمان عليءَ لاءِ تازي هوا جو جهوٽو هئي. لزا جيئن صحتمند ٿيندي وئي ته عثمان عليءَ جي منهن ۾ رت موٽي آيو. هن جون ڏرا ڏئي ويل اکيون خوبصورت ٿي ويون. ڳل تازا توانا ٿي ويا ۽ آڱريون اهڙيون ٿي ويون، جيئن جلترنگ ڇهي ساز وڄائينديون هجن. ان رات کيس خواب ۾ شيطان آيو. جاڳ ۾ شيطان جو تصور جيڏو بدصورت آهي. خواب ۾ ايڏو ئي خوبصورت آهي. شيطان ساڳيو فرق خواب جو آهي.
    جنهن ڏينهن عثمان علي ۽ خير محمد کٽي لزا کي وٺي ڪلاچي بندر روانا ٿيا ته لزا خوش هئي، کيس هلندڙ هير ۽ سنڌوءَ جون ڇوليون اها تسلي ڏئي رهيا هيا ته هاڻي هوءَ آزاد آهي پر سندس دل ۾ دٻيل خوف هيو ته رستي ۾ ڪٿي مجاهدن جي روڪ ٿي ته هوءَ وري آزار ۾ اچي ويندي. دل ۾ چار خانا آهن، هڪ ۾ الله، ٻئي ۾ گاڊ، ٽئين ۾ ڀڳوان ۽ چوٿون خالي آهي. ان دل جي چوٿين خاني ۾ انسان پاڻ لڪندو آهي.
    جڏهن خوف محسوس ڪندو آهي ته خالي خانو ان کي جاءِ ڏيندو آهي، لزا ان خالي خاني ۾ لڪيل هئي.
    ٻيڙي هلي ته ائين هلي، جيئن جهاز، سنڌوءَ ۾ چاڙهه طرف ٻيڙي ائين چرندي آهي جيئن جونءَ پر لاهه طرف ائين هلندي آهي جو سڙهه ٻيڙو نه، پر ٻيڙو سڙهه هلائيندو آهي، ڪلاچي پهچندي گهڻو وقت نه لڳو پر پوءِ به پراڻي وقت جي حساب سان هڪ ڏينهن لڳي ويو، ان جو سبب اهو آهي ته پراڻو وقت گذرندو نه هيو ۽ نئين وقت وٽ وقت نه آهي جو گذري. ڪنهن جي گذرڻ کان اڳ وقت گذري وڃي ٿو.
    جڏهن اهي شهر پهتا ته شهر جون حالتون خراب هيون، ان ڏينهن شهر ۾ هندو مسلم فساد ٿيا هيا ۽ هندن کي ڳولهي ماريو ويو هيو، گهٽ ۾ گهٽ يارهن سوَ انسان موت حوالي ٿيا هيا. ڪلاچيءَ جا روڊ رت ۾ آلا ۽ لاشن سان ڀريل هيا. لڏپلاڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون. گوڙ ايڏا ته وڌيا جو شهر ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.
    عثمان علي لزا کي ساڻ ڪري ڪلاچيءَ پهتو ته خدا بخش هن کان موڪلايو.
    “مون پنهنجو واعدو پورو ڪيو.” هن چيو. “هاڻي تون ڄاڻ تنهنجا ڪم ڄاڻين. مون کي واپس وڃي مجاهدن کي منهن ڏيڻو آهي. جيڪڏهن هوش ۾ آيا ته مون کي بي هوش ڪري ڇڏيندا، ان لاءِ ضروري آهي ته پهريون پهچي وري انهن لاءِ مانجهاندي جو بندوبست ڪيان.”
    خدا بخش موڪلايو ۽ عثمان علي لزا کي ساڻ ڪري اڳتي وڌيو ته انگريز سپاهين جو جٿو انهن کي ورائي ويو.


    باب پندرهون

    ڪلاچيءَ وٽ سمنڊ جي سطح ڌرتيءَ کان مٿاهين آهي، سمنڊ مٿي چاڙهيءَ تي آهي ۽ عمارتون هيٺ. سمنڊ جي سطح ڌرتيءَ کان هيٺ هوندي آهي پر ڪلاچي ائين نه آهي. سمنڊ جي سطح مٿي هجڻ جو سبب آهي. ڳوڙهن ۽ سمنڊ جو پاڻي نمڪين هوندو آهي. سمنڊ جي سطح جو مٿي هجڻ ڳوڙها آهن. سنڌ ايڏا سور ڏٺا آهن جو وهندڙ ڳوڙهن ڪري سمنڊ جي سطح وڌي وئي.
    هندوستان جا عظيم اڳواڻ دعا ڪن هٽلر کي، جنهن سندن آزاديءَ ۾ مدد ڪئي. هٽلر نه هجي ها ته هندوستان آزاد نه ٿئي ها. ٻئي جنگ عظيم هندوستان جي آزاديءَ جي جنگ هئي، جيڪا هٽلر وڙهي. هڪ ظالم ڊڪٽيٽر جنهن لکين يهودي ماريا ۽ پنهنجي قوم سميت فنا ٿيو، ان غلام قومن جي آزاديءَ جا رستا کوليا. ٻئي جنگ عظيم ۾ انگلستان سميت پورو يورپ ڪمزور ٿي ويو. فاتح فتح ڪندو آهي پر فتح جا نشان زخمن جي صورت ۾ ايڏا ته گهرا هوندا آهن جو انهن جي ڇٽڻ ۾ وقت لڳي ويندو آهي. ٻئي جنگ عظيم کانپوءِ انگلستان بگهڙ وانگر ٻيلي ۾ زخم چٽيندو رهيو ۽ ان کان رڍون سنڀالجي نه سگهيون، پوءِ رڍن جا مالڪ گانڌي، نهرو ۽ جهيڻا ٿيا.
    ڪڏهن وقت ماڻهوءَ جو دوست ٿي پوندو آهي. وقت سچائيءَ تي اچي ته سڀ گهڙيال ڪوڙا ٿي پوندا آهن. اهو وقت هيو جنهن هندوستان کي آزادي ڏني، نه ته اڳواڻن جا منهن گهڙيالن ڏي هيا.
    جڏهن فوجي دستي عثمان علي ۽ لزا کي تحويل ۾ ورتو ته شهر جون حالتون خراب هيون، شهر جي خراب حالت هجڻ جو اندازو ان جي عمارتن تي ويٺل ڪبوترن مان لڳائيو ويندو آهي، جڏهن ڪبوتر هر هر اڏري وري وري ويهن ته سمجهو حالتون خراب آهن. ڪبوتر گولين، ڳوڙها گيس جي گولن ۽ ٻين ٺڪائن کان اڏري ساڻا ٿي پوندا آهن، انهن جو ٿڪ ڪڏهن نه لهندو آهي. جيئن دانشور لاءِ گوڙ تشدد جي حيثيت رکي ٿو ائين ڪبوترن لاءِ ٺڪاءُ، گوليءَ کان وڌيڪ عذابناڪ آهي پر ان ڏينهن جڏهن ڪلاچيءَ جي بندر تان هندوستان نالي سامونڊي جهاز جي توپ مان گولو ڇوڙي نيويءَ وارن بغاوت جو اعلان ڪيو ته ڌماڪي تي ڪبوتر شهر ڇڏي ڀڄي ويا. ڪبوتر بغاوت نه ڪندا آهن. ڪبوترن کي بغاوت کان نفرت آهي. ڦاسي باغين لاءِ هوندي آهي، ڪبوترن لاءِ نه، اهو ئي سبب آهي جو ڪبوترن کي ڦاسي نه ايندي آهي پر ڪُهي کائبا آهن. جن کي ڦاسي ايندي آهي اهي ڪُهي کائڻ جي قابل نه هوندا آهن.
    سباش چندر بوس ۽ هندوستان جي سياسي اڳواڻن ۾ اهو ئي فرق هيو، سباش چندر بوس بندوق سان ڳالهائيندو هيو ۽ سياسي اڳواڻ زبان سان. بندوق ڊيڄارڻ لاءِ هوندي آهي ۽ زبان مارڻ لاءِ. ماڻهو ۽ نانگ ۾ اهو ئي فرق آهي، نانگ زبان ڏيکاري ڏندن سان ڏنگيندو آهي ۽ ماڻهو ڏند ڏيکاري زبان سان ڏنگيندو آهي. انگريز ڊڄندا گهڻو هيا پر کين موت جو خوف نه هيو. اهي بندوق کان ڊڄندا هيا، زبان کان نه. جڏهن ڪلڪتي ۾ سباش چندر بوس جي ساٿي ڪيپٽن عبدالرشيد کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ته نيويءَ ۾ بغاوت ٿي. نيوي جي بغاوت پڻ پاڻيءَ واري جهاز ۾ چڙهي ايندي آهي. اها ڪلڪتي کان بمبئي آئي ۽ بمبئيءَ کان ٻيا بندر لتاڙي جڏهن ڪلاچيءَ پهتي ته نيويءَ جي مقامي فوجين هندوستان نالي بحري جهاز تي قبضو ڪري توپ جو گولو ڇڏيو. ڪلاچيءَ جو آسمان ڪبوترن کان خالي ٿي ويو ۽ هر طرف هليون اڏرڻ لڳيون. انگريزن نيويءَ جي باغي سپاهين سان مقابلو ڪري، کين ٻوٽيون ڪري سمنڊ ۾ اڇلايو. ڪلاچيءَ جي ڪپر تي ان ڏينهن کانپوءِ هلين جا هجوم ڪڏهن نه کٽا. هليون ٻوٽين جون ايڏيون ته هيراڪ ٿي ويون جو عثمان عليءَ کي ياد هيو نيٽي جيٽيءَ تي ڍورن جي ٻوٽين جو ڪاروبار ٿيندو هيو. ماڻهو پئسن سان پليٽ ٻوٽين جي وٺي هوا ۾ اڇلي هلين کي کارائيندا هيا ۽ هليون ائين کائينديون هيون جيئن باغين جوگوشت کائينديون هجن.
    جڏهن عثمان علي ۽ لزا کي حراست ۾ ورتو ويو ته لزا محتياط هئي، ان فوجين کي اهو نه ٻڌايو ته اها ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ آهي ڇو جو حالتون بدلجي چڪيون هيون. مقامي فوجي انگريزن خلاف ٿي پيا هيا. لزا نه پئي چاهيو ته هوءَ پنهنجي باري ۾ ٻڌائي ڪنهن مصيبت کي دعوت ڏئي ڇو جو فوجين جي نيت جي ڪا خبر نه هئي. انڪري لزا خاموشي اختيار ڪئي. عثمان عليءَ حراست ۾ وٺندڙن کي ٻڌايو ته هو شهر ۾ ان ڪري داخل ٿيو آهي جو هڪ بيمار عورت جو علاج ڪرائي سگهي. هن لزا کي پنهنجي گهرواري ڄاڻائيندي چيو ته “کيس انساني همدرديءَ جي بنياد تي ڪنهن اسپتال ۾ داخل ڪرايو وڃي ڇو جو گهڻو وقت بخار رهڻ ڪري ان جي طبيعت ٺيڪ نه آهي.”
    سپاهين جي دلين ۾ انهن لاءِ همدردي پيدا ٿي ۽ اهي کيس ينگ ڪرسچين اسپتال وٺي آيا. جتي ٿوري لک پڙهه، سڃاڻ ۽ ضمانت کانپوءِ لزا کي اسپتال ۾ داخل ڪرايو. لزا اسپتال جي بستر تي ليٽي جڏهن سامهون ڀت تي ٽنگيل يسوع جي تصوير کي ڏٺو ته سندس ڪمزور جسم ۾ رت ڀرجي آيو. ان احساس کان ته هوءَ آزاد ٿي چڪي آهي پنهنجن ڪپڙن ۾ نه ٿي ماپي.
    عثمان علي لزا جي آزاديءَ تي خوش هيو، خوشيءَ جو سبب سوڀيا هئي، هن کي لڳو، لزا نه، سوڀيا آزاد ٿي هجي. هن سوڀيا جي روح کي خوش ڪرڻ لاءِ لزا کي آزاد ڪرايو هجي ۽ لزا محسوس ڪري رهي هئي عثمان علي اهڙو نيڪيءَ جو فرشتو آهي جنهن وٽ انسان جي دل آهي. فرشتو تڏهن مڪمل ٿيندو آهي جڏهن ان وٽ دل هجي. فرشتن کي دل نه هوندي آهي ڇو جو فرشتا انسان نه آهن. شيطان اهڙو فرشتو هيو جنهن وٽ دل هئي. دل ئي آهي جيڪا خانو خراب ڪري ٿي. شيطان جي دل ۾ خدا جي محبت هئي، جڏهن خدا شيطان کي انسان اڳيان سجدي جو حڪم ڪيو ته اهو چئي انڪار ڪيو “اي خدا جنهن دل ۾ تنهنجي محبت هجي، اهو ٻئي اڳيان جهڪي منافق ڪيئن ٿي سگهي ٿو، منهنجو سجدو تولاءِ آهي. انسان اڳيان جهڪي مان مشرڪ نه ٿيندس.”
    شيطان کان سواءِ سڀ فرشتا انسان آڏو جهڪيا ڇو جو انهن وٽ دل نه هئي. دل، دل آهي، لڳي ته انسان ڪري وجهي، نه ته شيطان پري نه آهي.
    عثمان عليءَ لزا کي سختيءَ سان منع ڪئي ته ڪنهن اڳيان به اهو ظاهر نه ڪري ته هوءَ ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ آهي. ماڻهن ۾ انگريزن خلاف نفرت وڌي چڪي هئي. جيڪڏهن اهڙي خبر اسپتال کان ٻاهر پهتي ته مجاهد کيس وري اغوا ڪندي دير نه ڪندا.
    عثمان عليءَ لزا کان اهو چئي موڪلايو ته هو قلعي طرف وڃي رهيو آهي، جتي ڪرنل مارٽن سان ملاقات ڪري کيس صورتحال کان آگاهه ڪندو. ڪرفيوءَ ۾ ساهيءَ دوران هو اسپتال کان نڪتو، ڪرائيسٽ چرچ وٽ پهتو ته هن کي پري کان اهي مجاهد نظر آيا جيڪي پالارا ۾ هن سان گڏ هيا. اهي جڏهن هوش ۾ آيا هيا ته خدا بخش کٽيءَ انهن کي خماري کارائي هئي ۽ کائڻ کانپوءِ وري ست ڏينهن سمهي پيا هيا. جڏهن هوش ۾ آيا هيا ته سندن دل چاهيو هيو اهڙو مزيدار کاڌو کائي وري سمهي پون. خماريءَ جو اهو ڪمال هيو ته جيڪو هڪ دفعو کائيندو هيو ان کي وري کائڻ جي ٻاڙ لڳندي هئي. اها مڇي سنڌوءَ ۾ صدين کان موجود هئي پر انگريزن پاران سنڌوءَ ۾ افزائش لاءِ ڇڏيل فوجي کڳي جي ٻج انهن کي تباهه ڪري ڇڏيو. انگريزن کي فوجي کڳا جن جي چمڙيءَ تي ورديءَ جهڙا نشان هيا، کاڌي ۾ وڻندا هيا. فوجي کڳن خماريون کائي موج ڪئي ۽ فوجي کڳا کائي انگريزن جا پيٽ نڪري آيا، جنهن ڪري انهن جي ورديءَ جا بٽڻ صرف سيني وٽان بند ٿيندا هيا.
    پالارا ۾ جڏهن مجاهد هوش ۾ آيا هيا ته خير محمد سوچيو هيو، اهي ضرور لزا ۽ عثمان عليءَ بابت سوال ڪندا، پر انهن اٿڻ سان خير محمد جي خماريءَ جي تعريف ڪئي ۽ فرمائش ڪئي ته کين اهڙو کاڌو وري کارائي. هن مجاهدن مان جان ڇڏائڻ لاءِ کين ٻڌايو ته “رات مينهن وسڻ ڪري ڪاٺيون آليون ٿي چڪيون آهن، چلهو نه ٻرندو.”
    اهو ٻڌي مجاهدن جون اکيون آليون ٿي ويون، ڪاٺين ۽ اکين ۾ اهو ئي فرق آهي ته ڪاٺيون مينهن ۾ آليون ٿينديون آهن ۽ اکيون ڏک ۾. آليون ڪاٺيون باهه ۾ ٻري نه سگهنديون آهن، پر اکين ۾ سدائين باهه ٻرندي آهي.
    مجاهد پالارا مان روانا ٿيا ته ڪراچي بندر پهچي کين لڳو اڃان پالارا ۾ موجود هجن. جڏهن وانجهيءَ کين ٻڌايو ته اهي ڪلاچي پهچي ويا آهن ته کين يقين ئي نه پئي آيو. ان کي چيائون “جڏهن سفر ڪيو ئي ڪونه آهي ته ڪلاچيءَ ڪيئن پهتا؟”
    وانجهي سمجهي ويو انهن کي خماريءَ جو اثر آهي، خمار وقت جو دشمن آهي، وقت نانگ آهي ۽ خمار نور. وقت نانگ جيان هلندو آهي، ان جي چال، ڊگهي، سنهي ۽ وڪڙدار هوندي آهي. ڪنهن وٽان خاموشيءَ سان لنگهي ويندو آهي ته اهو ان لاءِ سٺو وقت هوندو آهي ۽ ڪنهن وٽان لنگهيندي ڏنگي وجهندو آهي ته اهو ان لاءِ خراب وقت هوندو آهي.
    خمار وقت جو مٿو چچري وجهندو آهي، خمار کي ڪا خبر نه هوندي آهي ته وقت سٺو آهي يا خراب. وقت ڪهڙو به هجي، ان کي ماري مات ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو خمار مان نڪرندڙ کي ٻيا ٻڌائيندا آهن ته وقت لنگهي چڪو آهي پر خماريل کي اعتبار نه ايندو آهي ته ڪو ايڏو وقت لنگهي ويو.
    ڪرائيسٽ چرچ اڳيان جڏهن عثمان عليءَ کي مجاهد نظر آيا ته هن انهن کان لڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مجاهدن جي هن مٿان نظر پئجي وئي ۽ اهي لزا کي ياد ڪري هوش ۾ اچي ويا. انهن جيئن عثمان عليءَ ڏي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته عثمان علي بندر روڊ طرف هلڻ لڳو. اهي ان پويان تيز هلڻ لڳا ۽ کيس اچي سوگهو ڪيائونس. عثمان عليءَ انهن کان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “ڇڏيو.” هن چيو “نه ته هڪ کي نه ڇڏيندس.”
    مجاهدن هن کي ٻانهن کان قابو ڪندي پڇيو. “توکي نه ڇڏينداسين، اهو ٻڌاءِ لزا ڪٿي آهي؟”
    عثمان عليءَ جي ڪاوڙ وڌي وئي.
    “لزا جو نانءُ نه وٺو.” هن چيو. “توهان وٽ ماءُ ڀيڻ جي عزت نه آهي.” هو روڊ تي وڙهي رهيا هيا ته ڪجهه سپاهين جن کي چڍيون پاتل هيون، مٿي تي ڳاڙهي پڳ ۽ هڪ هٿ ۾ ڏنڊو هيو، اهي سيٽيون وڄائيندا اتي پهتا ۽ انهن بغير ڪنهن پڇڻ جي ڏنڊن جو وسڪارو لائي ڏنو. عثمان عليءَ کي مجاهدن سميت پڪڙي بيرڪن ڏانهن روانا ٿيا.
    سپاهين کين ٻڌايو ته “ڇا توهان کي خبر نه آهي ته ڪرفيوءَ ۾ وٿيءَ دوران قلم 288 لڳل آهي ۽ اٺن يا اٺن کان مٿي ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي آهي، توهان گڏ ته ٿيا آهيو وري وڙهي به رهيا آهيو.”
    عثمان علي قلم 288 تي حيران ٿي ويو، ڇو جو هن کي قلم 144 ياد هيو، جيڪو 288 جو اڌ هيو، قلم 144 ۾ چئن يا چئن کان مٿي ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هئي. هن سوچيو، آزاديءَ جو اڌ فائدو اهو هوندو آهي جو قلم ته اڌ ٿي ويندو آهي پر اڌ قلم جي حساب سان ماڻهو به ورهائجي اڌ ٿي ويندا آهن. اسلامي قانون ۾ ائين ئي آهي ڇو جو عورت اڌ آهي ۽ مرد سڄو. عورت اسلامي قانون آهي ۽ مرد انگريزي قانون.
    بيرڪ ۾ بند ڪرڻ کان اڳ جڏهن سپاهين انهن کي فوجي آفيسرن سامهون پيش ڪيو ته آفيسر اکيون چنهنجيون ڪري انهن جو جائزو ورتو.
    “ڇا هي انگريز سرڪار سان وڙهي رهيا هيا؟” هن سوال ڪيو.
    “نه” هڪ سپاهيءَ جواب ڏنو. “هي پاڻ ۾ وڙهي رهيا هيا.”
    آفيسر خوش ٿيو ۽ پوءِ حڪم ڏنائين ته “انهن کي آزاد ڪيو.”
    ان کان اڳ جو اهي آزاد ٿين، عثمان عليءَ کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پنجن روپين وارو سڪو ڪڍي آفيسر کي ڏنائين. آفيسر سڪو هٿ ۾ وٺي جائزو ورتو. سڪي تي جهيڻا جي تصوير ڏسي کيس ڪرسيءَ تي ويهڻ جي صلاح ڪيائين. عثمان علي ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ آفيسر هن کان پڇيو. “مان تنهنجي ڪهڙي مدد ڪري سگهان ٿو؟”
    “مان ڪرنل مارٽن سان ملڻ چاهيان ٿو.” هن چيو.
    “ڪرنل مارٽن اڄڪلهه دل جي مرض ۾ مبتلا آهي.” آفيسر چيو. “ڌيءَ جي مرڻ کانپوءِ هن جي صحت جواب ڏئي چڪي آهي. پر مان هن لاءِ صحت جو پيغام کڻي آيو آهيان.” عثمان علي چيو.
    آفيسر سڪي کي هڪ دفعو وري ڏٺو، ڪجهه سوچي هن مجاهدن کي جيل ۾ وجهڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ عثمان عليءَ کي ساڻ ڪري قلعي طرف ڪرنل مارٽن ڏي روانو ٿيو. هو ٻئي “ماڻهو بگي” ۾ سوار ٿيا. بگي شاندار ۽ سينگاريل هئي، جنهن کي ٻه ميرا ماڻهو گهلي رهيا هيا. جڏهن بگي هلي ته ٻه ميرا ماڻهو جن کي پڳون پاتل هيون، پيرن ۾ پاتل چپلن ڪري رستي جي گپ جا ڇنڊا انهن کي پويان اڌ ڄنگهن تائين پاتل ڌوتين کي ٿي لڳا. اهي پويان پورا گپ ۾ ٿڦيل ها.
    اهڙي حالت ڏسي عثمان عليءَ آفيسر کي عرض ڪيو. “جيڪڏهن انهن کي پيرن ۾ چپل نه هجن ته بگيءَ کي ڇڪڻ دوران گپ جا ڇنڊا انهن جي ڌوتين تي نه پون.”
    آفيسر اعتراض ڪيو ۽ ڪاوڙ مان هن ڏانهن ڏسندي چيو. “اها ڳالهه انساني حقن جي خلاف آهي. انهن کي عزت ڏيڻ لاءِ پيرن ۾ چپلن پائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. توکي خبر هجڻ گهرجي ته پيرين اگهاڙي بگي ڇڪڻ انسانيت جي توهين آهي.”
    جڏهن اهي ڪرنل مارٽن جي بنگلي تي پهتا ته اردليءَ کي اهو چئي اندر روانو ڪيائون ته “ٻاهر اوهان جو انتظار پيا ڪن.”
    اردلي اندر ويو ۽ پيغام کڻي آيو. “اهي انتظار ڪن، صاحب ٿوري دير ۾ انهن کي اندر گهرائي ٿو.”
    ٿوري دير کانپوءِ جڏهن اهي اندر پهتا ته ڪرنل مارٽن هڪ وڏي صوفي تي اڌ ليٽيل هيو، سندس مٿو ٽيڪ تي رکيل هيو، عثمان علي ڪرنل جي حالت ڏسي سمجهي ويو ته جڏهن ماڻهو ويهي، چيلهه بجاءِ مٿي کي ٽيڪ ڏئي ته ان جي چيلهه ٽيڪ جو وزن برداشت نه ڪري سگهندي آهي. ڪمري ۾ گهرڻ شرط ڪرنل مارٽن پريان ئي عثمان عليءَ کي سڄاڻي ويو ۽ اتان ئي رڙ ڪيائين.
    “ڏي پتو... خبر خير جي آهي؟”
    عثمان علي اڳتي وڌي خوشيءَ مان ان کي ڀاڪر پائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪرنل جون ٻانهون ڪرنل کي ائين وريل هيون جيئن انهن ڪرنل کي ڀاڪر پاتو هجي.
    “مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو.” عثمان علي چيو ۽ چپ ٿي ويو. مارٽن اتي بيٺل آفيسر ڏانهن ڏٺو، آفيسر سمجهي ويو ۽ سلوٽ ڪري روانو ٿيو ته عثمان علي ڪرنل کي صفا ويجهو آيو ۽ کيس ٻڌايائين “لزا نيو ڪرسچين اسپتال ۾ آهي. ان جي طبيعت ٺيڪ آهي ۽ اوهان جو انتظار ڪري ٿي.”
    اهو ٻڌڻ شرط ڪرنل ائين سڌو ٿي ويو جيئن صوفي ان کي ڌڪو ڏنو هجي. هو جهمپ ڏئي اٿيو ۽ قلعي ۾ ڪوڊ ٿري نافذ ڪري ڇڏيائين. ڪوڊ ٿري جو مطلب هيو جيڪو جتي جهڙي حالت ۾ آهي هڪدم اچي حاضر ٿئي. پَلَ ۾ اتي پهتل ڪجهه اهڙا سپاهي به حاضر ٿيا جن کي ڪپڙا پاتل نه هيا. ڪرنل ڌيءَ جي موجودگيءَ جو ٻڌي ايڏو ته خوش ٿيو جو اگهاڙا سپاهي ڏسي کيس کل جو دورو پيو. هن هٿ وات کي ڏنو ڇو جو دورو ڪهڙو به هجي هٿ ڏيڻو پوندو آهي. دل جو دورو هجي ته دل تي هٿ ڏبو آهي. کل جو دورو هجي ته وات تي هٿ ڏبو آهي. دماغ جي دوري ۾ ماڻهو دماغ تي هٿ ڏيندو آهي. دماغ جي دوري جو سبب اها دل ئي آهي جيڪا دماغ اندر هوندي آهي، انساني وجود ۾ ڪيتريون ئي دليون آهن. هڪ دل آهي جيڪا نظر اچي ٿي. ٻيون دليون نظر نه اينديون آهن. جيئن جنسي عضون جون دليون جيڪي پنهنجي دماغ تي ڪم ڪنديون آهن.
    جڏهن ڪرنل جٿو ساڻ ڪري عثمان عليءَ کي اڳيان جيپ ۾ ويهاري روانو ٿيو ته ڪرفيوءَ جي وٿي ختم ٿيڻ جو گهگهو وڳو. ماڻهو ائين ڀڳا جيئن کين گهگهوءَ جو آواز ڊيڪائي پيو هجي. روڊ صفا صاف ٿي ويا. روڊن تي ڪاغذن، سگريٽ جي ٽوٽن، ميوي جي کلن، پان جي ٿڪن ۽ ڌڌڙ جو ايترو گند نه هوندو آهي جيترو ماڻهن جو، جيڪڏهن ڪفر نه ڪجي ته ائين چئي سگهجي ٿو ته ماڻهو گند جا خدا آهن.
    ڪرفيوءَ جو وقفو ختم ٿيو ته لڳو رستو ڪرنل جي ڏندن جيان چمڪي رهيو آهي، ڪرنل جو جٿو ڪرفيوءَ ۾ روڊن تي نيو ڪرسچين اسپتال روانو ٿي ويو.
    ڪرفيو لڳائيندڙن کي حق حاصل هوندو آهي ته اهي ڪرفيوءَ جي خلاف ورزي ڪن، ڇو جو انهن لاءِ اها خلاف ورزي نه هوندي آهي.


    باب سورهون

    ڪرنل مارٽن نيو ڪرسچين اسپتال جو در ٽپي وارڊ ۾ داخل ٿيو ته پري کان هن جي نظر لزا تي پئي. لزا بستري تي ليٽيل هئي ۽ پاتل ڳاڙهي ڪمبل مان ان جو هيڊو منهن ائين ظاهر ٿي رهيو هيو جيئن ڪنهن شهيد جو جنازو جنهن جو جسم رت ۾ وهنتل هجي ۽ موت کانپوءِ منهن مان رت ڇڏائجي ويو هجي. لزا ڪرنل کي ڏٺو ته سندس اکين مان ڳوڙها وهي هيٺ ڪرڻ لڳا. ڪرنل کي ان جو چهرو ڏسي يقين ٿي ويو ته مئل روئندا نه آهن. جيڪڏهن مئل روئڻ شروع ڪن ته جيئرا کلڻ شروع ڪري ڏيندا، ڇو جو کين پڪ ٿي ويندي ته انسان مرڻ کانپوءِ روئندو نه آهي، اهو جيئرو آهي ۽ اها خوشيءِ جي ڳالهه آهي ته اهو مئو نه آهي.
    لزا جو روئڻ به ڪرنل لاءِ خوشيءَ جو سبب هيو. ڪرنل کي ڏسي لزا اٿڻ جي ڪئي پر مٿان بيٺل نرس کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو.
    ڪرنل لزا کي ڏسي خوش ته ٿيو پر کيس يقين نه پئي آيو ته اها ساڳي لزا آهي جنهن جو منهن موتيي جيان مهڪندو هيو ۽ ان مان لزا جي خوشبوءِ ايندي هئي. لزا اهڙو گل هئي، جنهن گل جهڙو ڪو به انسان روءِ زمين تي موجود نه هيو. گلن جي انفراديت انهن جي خاصيتن مان ظاهر ٿيندي آهي ۽ لزا انڪري منفرد هئي جو انسان هوندي ان ۾ گل جي خاصيت هئي پر ڪرنل کي لڳو بستر تي ليٽيل لزا اها نه آهي جيڪا هن کان وڇڙي وئي. لزا ٿوري مختلف هئي ۽ سندس دل ۾ سڃاڻپ جو اٿيل اهو اختلاف اهڙي سوچ ۾ مبتلا ڪري رهيو هيو ته شايد لزا اها هئي جنهن کي هو دفن ڪري چڪو آهي، هن اڳيان جيڪا لزا آهي، اها لزا نه، پر لزا جي چهري واري ڪا ٻي عورت آهي. جنهن کي روپ بدلائي هن سامهون پيش ڪيو ويو آهي.
    دراصل حرفت جو دور انسان جي دل ۾ سئو وسوسا پيدا ڪري وجهندو آهي. ٽيڪنالاجي هر شيءِ کي مشڪوڪ بنائي وجهندي آهي. جرمني جنهن هڪ هزار جنگي قيدين، جن ۾ خاص ڪري انگريز هيا. انهن جي پلاسٽڪ سرجري ڪري جرمن بنائي وڌو هيو. حيرت جي ڳالهه ته انهن جي ناسي اکين کي نيري ڪرڻ ۾ به ڪا ڪثر نه ڇڏي. انگريزن برلن فتح ڪرڻ وقت جيڪي هڪ هزار فوجي جرمن سمجهي ماريا هيا اهي سڀ انگريز هيا. ٻي جنگ عظيم اکين جو مقابلو هئي. نيريون اکيون هارائي ويون. ناسي اکيون کٽي ويون. اکين جي ويڙهه ۾ ڪهڙيون به اکيون فاتح ٿين پر ڪاريون اکيون سدائين غلام رهيون آهن.
    ٽيڪنالاجيءَ جو اعلان ڌماڪي سان ٿيندو آهي. ناسي اکين ڪري آئنسٽائين کي جرمني ڇڏڻي پئي. ملڪ ڇڏڻ جي ڏک ۾ هن مٿي جا وار ڪڏهن نه ڪٽايا. آئنسٽائين جا وار انڪري اڀا هوندا هيا جو ان جو حضرت موسا سان عشق هيو. اهڙي عشق ۾ ان جا وار وڏا ٿي ويا. آئنسٽائين جو عشق دنيا کي مهانگو پئجي ويو. جرمني ڇڏڻ کانپوءِ آمريڪا ۾ ايٽمي ڌماڪو ڪيو ۽ دنيا محسوس ڪيو، جاپان ۾ لکين ماڻهن جي مرڻ سان آئنسٽائين موسا جو انتقام ٻڌ کان ورتو.
    اهو ئي سبب هيو جو ڪرنل مارٽن بستر تي ليٽيل ڌيءَ کي ڀاڪر پائڻ کانپوءِ هر هر هٿ هڻي ان جو چهرو جانچي رهيو هيو ڇو جو ٽيڪنالاجي ڪنهن جي ميراث نه هئي. ٽيڪنالاجي ڌماڪي سان زيڊيئيشنز جيان ڦهلجي ٿي. ڪرنل مارٽن سوچيو، متان مجاهدن وٽ اهڙا جراح هجن، جن ڪنهن عورت جو چهرو بدلائي ان کي لزا جو روپ ڏنو هجي.
    لزا محسوس ڪيو سندس پيءَ وٽ اها گرمجوشي نه آهي، جيڪا ان سدائين محسوس ڪئي هئي. ڪرنل محتياط هيو ۽ هر هر عثمان عليءَ ڏانهن نهاري رهيو هيو. لزا ڪرنل جي ڀاڪر ۾ روئندي رهي ۽ ڪرنل جي اکين ۾ ڳوڙها ائين چمڪي رهيا هيا جيئن پيار جي روشني اکين سان ٽڪرائجي شڪ ۾ موٽ کائيندي هجي.
    “ڇا تون لزا آهين؟” نيٺ ڪرنل سوال ڪيو.
    اهڙي سوال تي لزا محسوس ڪيو سندس پيءُ کاٻي پاسي کان مري ويو هجي. ماڻهو کاٻي پاسي کان مري وڃي ته مرڻ کان وڌيڪ مئل هوندو آهي، ڇو جو دل کاٻي پاسي آهي ۽ دل نه هجي ته ساڄو پاسو ڪهڙي ڪم جو؟
    “ها، بابا مان لزا آهيان.” هن بس ايترو چيو، جيئن کيس پڪ ٿي وئي هجي ته هوءَ پيءُ سان نه پر ڪرنل مارٽن جي تصوير سان ڳالهائيندي هجي، جيڪا ڀت تي لڳل هجي. هن جي ماءُ جيسونيءَ جي تصوير به ڀت تي لڳل هوندي هئي، اها راجستاني عورت تصوير ۾ ائين لڳندي هئي، جيئن واقعي ئي مئل هجي. مئل ماڻهن جون مرڻ کان اڳ نڪتل تصويرون به ائين لڳنديون آهن جيئن مري چڪيون هجن. ڪا به تصوير ڏسي اندازو لڳائي سگهبو آهي ته اهو جيئرو هوندو يا مئل. تصويرن کي به روح هوندا آهن، محرومن جون تصويرون پري کان پڌريون هونديون آهن.
    ڪرنل لزا جي اکين ۾ اميدن جا ٻگهه ترندي ڏٺا، جن جون چهنبون هو سيني اندر محسوس ڪري رهيو هيو.
    “پوءِ اها ڪير هئي جنهن کي دفنايو ويو؟” ڪرنل سوال ڪيو.
    هن جي اهڙي سوال تي هوءَ چپ ٿي وئي. عثمان عليءَ ڳالهايو. “ان کي مان سڃاڻان! اها پڪ سان لزا نه هئي، لزا توهان جي سامهون آهي.”
    ڪرنل لزا جي وارن ۾ هٿ ڦيريا، کيس محسوس ٿيو اهي اهڙي گاهه جيان آهن جنهن تي سالن کان مينهن نه وسيو هجي. پاڻي نه هجي ته گاهه ناسي ٿي ويندو آهي پر لزا جا وار مٽي ٿي چڪا هيا. وار جيئري مٽي ٿيندا آهن ۽ جسم مئي. مرڻ کانپوءِ وار نه مرندا آهن، خوبصورت انسان جا وار وقت سان قبر ۾ به وڌندا رهندا آهن.
    فوجي هر سوال جو جواب هٿيار سان ڏيندو آهي، پوءِ هو پيار کي هٿيار طور استعمال ڪري يا نفرت جو اظهار گوليءَ سان ڪري. هن جي محبت جنگي جهاز جيان هوندي آهي، جنهن مان چميون اڇلي زير ڪري وجهندو آهي ۽ عشق اصلحي خاني ۾ محفوظ ڪندو آهي.
    ڪرنل مارٽن وٽ ان منجهيل سوال جو هڪ ئي جواب هيو، سندس موڪلائي ويل زال جي کاٻي ٻانهن تي سمجهه ۾ نه ايندڙ پيدائشي نشان، جيڪو ساڳيو نشان لزا جي ساڄي ٻانهن تي هيو. جيسوني جيڪا راجستاني مهاراجائن جي کنڊرن ۾ دفن ٿيل ڪنهن سڪي جهڙي هئي، هن ان کي کوٽي ڪڍيو هيو. جسونيءَ جي کاٻي ٻانهن تي پيدائشي سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪنهن قديم لکت جهڙو نشان هيو، ٻوليءَ جي ماهرن جي زبان ڪٽيل هوندي آهي، جنهن ڪري انهن جون اکيون ڳالهائڻ سکنديون آهن، جسونيءَ جي ٻانهن جا چٽ ڪو به ماهر پڙهي نه سگهيو. ضروري نه آهي ته ساخت کي لفظ ڏنا وڃن. ساخت پاڻ پنهنجي اندر سڃاڻ سمائيندي آهي ۽ اها سڃاڻ ڪرنل مارٽن جي اکين ۾ دفن هئي. جسونيءَ کي مرڻ کانپوءِ ساڙيو ويو. سڙيل جي قبر نه هوندي آهي، پر ڪرنل مارٽن جي هڪ اک ان جي قبر هئي ۽ ٻئي اک مان لزا جنم ورتو هيو. لزا جي ساڄي ٻانهن جو چٽ اهو آخري نشان هيو جنهن ۾ جسونيءَ جي ياد سمايل هئي. هن کي ياد هيو جڏهن ڪجهه وقت پهريان هن لزا کي دفنايو هيو ته لاش کي غسل ڏيڻ وقت اهو نشان موجود نه هيو پر هن لزا جي ساڄي ٻانهن ڏسي پڪ ڪرڻ پئي چاهي ته اها واقعي ئي جسونيءَ جي ميراث آهي يا ڪو دوکو. جيئن جرمنيءَ جنگ عظيم ۾ انگريزن کان انگريزن کي مارائي شڪست جو انتقام ورتو هيو. هٽلر وقت جو سياڻو حڪمران هيو جنهن کي عقل نه هيو. ڪرنل مارٽن لزا جي ساڄي ٻانهن تي اهو نشان ڏسڻ لاءِ جيئن آستين مٿي ڪيو ته هن جو ڇرڪ نڪري ويو. اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته اهڙو نشان اتي موجود نه هيو. هن ڪجهه سوچي لزا جي کاٻي ٻانهن جو آستين مٿي ڪيو ته هن کان ذري گهٽ رڙ نڪري وئي. اهو نشان اتي موجود هيو.
    “اهو ڪيئن؟” ڪرنل پنهنجي اندر سوال ڪيو. “کاٻي ٻانهن تي ڪيئن، اهو ته ساڄي ٻانهن تي هيو!”
    هن جي حيرانگيءَ ڏسي لزا جي هيڊي منهن تي ڦڪي مرڪ اچي وئي.
    “بابا تون ڀليو آهين.” هن چيو. “وڇوڙو فرق وڃائي ويهي ٿو، ڪا شيءِ گم ٿي وڃي ته هر شيءِ گم ٿيل شيءِ جهڙي نظر اچي ٿي.”
    ڪرنل ڪجهه سوچيو ۽ پوءِ ڪنڌ کي “ها” ۾ لوڏيو.
    “ها واقعي ئي.” هن چيو “مان ساڄي ۽ کاٻي جو فرق وساري ويٺو هيس. توکي نه، تنهنجي ماءُ کي ساڄي ٻانهن تي نشان هيو.”
    جڏهن ماڻهو راهه ۾ رلي وڃي ته اهو ڇڏيل نشان ڳولهيندو آهي، نشان ڇڏيل نه هوندو ته اهو ٻين جي منزل ڳولهي لهندو ۽ هن جي منزل کي اهي پهچندا جن کي منزل جي خواهش نه هوندي.
    ڪرنل مارٽن جو من ڏک ۽ پيڙا کان ڀرجي آيو. هن ڌيءَ کي ائين ڀاڪر پاتو جيئن پندرهن سالن جي وڇوڙي کانپوءِ هوءَ ماءُ سان گڏ موٽي هجي. هو روئندو رهيو ۽ هن چمين جي بارش ائين ڪئي جيئن هو پيار جو جهڙ هجي.


    باب سترهون

    ڪرنل مارٽن ڌيءَ جي ملڻ تي ايڏو ته خوش هيو جو هن کان آزاديءَ جي مجاهدن پاران مليل سڀ ڏک وسري ويا. لزا ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ساڳي صحتمند ۽ حسين ٿي پئي.
    حسن خوبصورت عورتن جو تعبيدار هوندو آهي، انڪري عقل جيان کڙين ۾ هوندو آهي، اها عقل جي سعادتمندي آهي جو اهو عورت کي کڙين ۾ آهي.
    ڪرنل مارٽن عثمان عليءَ جو شيدائي ٿي پيو. عثمان علي ان لاءِ اهڙو اهم ٿي ويو جو سندس وس پڄي ها ته هو ان کي “بادشاهه” ڪوٺي ها پر بادشاهه ڪوٺڻ برطانوي سلطنت سان بغاوت ٿي پوي ها، ڇو جو هن بادشاهه سان وفاداريءَ جو حلف کنيو هيو، هو عثمان عليءَ سان اهڙي وفاداريءَ جو حلف ڪيئن پئي کڻي سگهيو، پر محسوس ڪيو ته عثمان عليءَ هن سان جيڪو وفاداريءَ جو حلف کنيو اهو پورو ڪيو. هڪ مسلمان ائين ڇو ڪيو؟ سا ڳالهه هن جي سمجهه کان ٻاهر هئي. ان مسلمان جو ڪهڙو مفاد ٿي سگهي ٿو؟ اهو سوچي هن فيصلو ڪيو ته لزا جي آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ هو اهڙي جشن جو اهتمام ڪندو جنهن ۾ گورنر سر ڊائو کانسواءِ سڀ آفيسر شريڪ ٿيندا ۽ هو انهن سامهون عثمان عليءَ کان سوال ڪندو ته کيس جيڪي گهرڻو آهي اهو گهري! ان جي اهڙي فرمائش کي پورو ڪيو ويندو ۽ هو گورنر کي راضي ڪندو ته عثمان عليءَ کي ان وفاداريءَ جي سِلي ۾ هر اها شيءِ ڏني وڃي جنهن جي کيس خواهش آهي.
    ڪرنل مارٽن ان ڏينهن پاڻ ٽرمپٽ وڄائي گورنر سر ڊائو جو استقبال ڪيو. سرڪاري بينڊ ماسٽر جنهن کي قيمتي لباس ۽ ڪنهن جنرل کان به وڌيڪ بيج لڳل هيا، اهو پنهنجين وڏين مڇن هيٺان وات تي رکي، بگل کان وٺي باجي تائين هر ساز ائين وڄائيندو هيو، جو سندس مڇن جا وار ساز جي سُرن تي سدائين هيٺ مٿي ٿي نچندا هيا. عورتن ڀرسان ان کي بگل وڄائڻ کان منع ٿيل هئي، جيڪو هو پکال جيان ڪلهي ۾ وجهي ڦوڪ ڏيندو هيو ته هوا انهن جا مني اسڪرٽس اڏاري ڇڏيندي هئي.
    ان ڏينهن جڏهن ڪرنل مارٽن، سر ڊائو جو استقبال ڪرڻ لاءِ بينڊ ماسٽر کان ٽرمپٽ ورتي ته، هن اهو چئي اعتراض نه ڪيو ته “جيڪڏهن توهان منهنجو ڪم سنڀاليندءُ ته مان توهان جو ڪم سنڀالي نه سگهندس، ڇو جو توهان بندوق هلايو ٿا ۽ مان ساز وڄايان ٿو. جيڪڏهن توهان ساز وڄائيندا ته بندوق ڪير هلائيندو؟”
    ڪرنل مارٽن ساز به ايڏو ئي خوبصورت وڄائيندو هيو، جهڙي جنگ جي ميدان ۾ بندوق هلائيندو هيو.
    سر ڊائو آيو ته سندس قدمن ۾ ڳاڙهو قالين وڇايو ويو، هو ڪار مان لهي قالين تي ائين هلڻ لڳو ڄڻ اڏرندو هجي. ڏند ڪٿائن ۾ ماڻهوءَ هيٺان قالين اڏرندا آهن. حقيقت ۾ قالين مٿان ماڻهو اڏرندا آهن. ٻنهي صورتن ۾ قالين ڪم ايندو آهي. قالين کان محروم ماڻهو حضرت سليمان جو انتظار ڪندا آهن. صديون گذري ويون حضرت سليمان ٽوپ نه لاٿو آهي.
    ڪرنل مارٽن ٽائون هال ۾ انتظام ڪيو هيو. سائي وسيع لان ۾ اهو ڳاڙهو طنبو هيو جنهن ۾ هيڊا گولا ٻري رهيا هيا. هرڪو ائين ڏسجي رهيو هيو جيئن ميڻ مان ٺهيل هجي ۽ انهن جي چرپر ميڻ جو رجڻ هجي. خوبصورت چپن جي مرڪ ڪنارن کان وهندي هجي. هر طعام ائين هيو جيئن چانديءَ جي طشترين جو پيٽ ڀريل هجي. سڀ کان لذيذ طعام اهي سوئر هيا جن کي ريٻاڙي ديهه جي جهنگ مان لڳ ڪندي ماريو ويو هيو. ڪرڙن جي جهنگ ۾ ڏيلهون کائڻ سان ڪو غيرتمند نه ٿيندو آهي. ريٻاڙي ديهه جا ڪرڙ ڏيلهن سان سٿيل هوندا هيا. سوئر وٽ غيرت جو تصور اهو آهي، ته ڪو ان جي ماديءَ سان لڳ ڪري ته روڪڻ بي غيرتي آهي. اهو ئي سبب آهي جو گورن لاءِ سوئر جو گوشت لذيذ ۽ شراب جهڙي ناياب شيءِ آهي. ناياب انڪري ته ان جي پيئڻ سان انسان مري ٿو ۽ ماڻهو جيئي ٿو. ڀل شيطان ڪنهن کي نه وڻي پر ان جهڙي مزيدار شيءِ دنيا ۾ نه آهي. هر سٺي شيءِ اندر شيطان لڪيل آهي. شيطان جي ناراضگي محبوب جي ناراضگيءَ کان وڌيڪ آهي، ڇو جو شيطان ناراض ٿئي ته جنت، محبوب ناراض ٿئي ته دوزخ جو منهن ڏسڻو پوندو.
    ڳاڙهي طنبوءَ جي هيڊي روشنيءَ ۾ متل ميلي اندر بينڊ ماسٽر اڪيلو ڪلارنيٽ وڄائي رهيو هيو. جوڙا جهومي رهيا هيا. ناچ جو طبيعت تي وڏو اثر آهي. گورن جو ناچ ڏسو ته ننڊ اچي ويندي. ڪارن جو ناچ ڏسو ته ننڊ ڦٽي ويندي. ڳاڙهي طنبوءَ جي پراسرار گورائپ هر شيءِ تي حاوي هئي. عثمان علي خوشيءَ ۾ سڏڪي رهيو هيو. هن کان ڪرنل مارٽن ڏٺو نه ٿي ويو جنهن جا ڏند سدائين کليل هيا ۽ لزا ائين هئي جيئن ماڻهن جي ڍنڍ ۾ ڪنول هجي. ناچ هلندو رهيو ۽ جوڙا هڪ ٻئي ايترو ويجهو اچي ويا جو اڪيلي ڪلارنيٽ وڄائيندڙ بينڊ ماسٽر جي اوچتي چپ تي انهن کي الڳ ڪرڻ مشڪل ٿي ويو.
    “حاضرين.” اوچتو ڪرنل مارٽن جو آواز گونجيو. “مان ٿورائتو آهيان گورنر سر ڊائو جو، جن هن محفل کي مانُ ڏنو. هيءَ محفل مان پنهنجي ڌيءَ لزا جي نانءُ ڪريان ٿو، جنهن کي دهشت گردن کان آزادي نصيب ٿي. ان هيرو کي سڏ ڪيان ٿو جنهن منهنجي ڌيءَ جي آزاديءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو. مان عثمان عليءَ کي چوندس ته هو اچي گورنر صاحب سان ملي پنهنجو اعزاز حاصل ڪري.”
    ڪرنل مارٽن جي اهڙن لفظن تي سڀني ڪنڌ ورائي عثمان عليءَ کي ائين ڏٺو جيئن انهن ڪڏهن ڪو انسان نه ڏٺو هجي. انهن تاڙيون وڄايون ۽ تاڙين جو آواز ايڏو ته تيز هيو جو عثمان عليءَ محسوس ڪيو هن چوڌاري ڪبوتر اڏامندا هجن ۽ انهن جا پر هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ائين کڙڪندا هجن جو لڳندو هجي ڪنهن انسان ڪبوتر نه، پر ڪبوترن انسان پاليو هجي.
    هو گورنر سان ملڻ لاءِ ڌڙڪندڙ دل سان اڳتي وڌيو، دل جي ڌڙڪڻ جو سبب اهو هيو ته هن اتي موجود اعليٰ قسم جو شراب نه پيتو هيو. جنهن جي پيئڻ سان دل جي ڌڙڪڻ ختم ٿي ويندي آهي. دل جي ڌڙڪڻ جا سبب دنيا ۾ تمام گهڻا آهن. عام حالتن ۾ دل هلندي آهي پر اوچتو ڌڙڪي پوندي آهي ۽ دل جي ڌڙڪڻ جو سبب، ڪڏهن ڪو سبب نه هوندو آهي. وسري ويل سبب ڪَرُ کڻي سمهي پوندا آهن ۽ سبب هوندو ئي ان لاءِ آهي ته اهو بي سبب هوندو آهي پر عثمان عليءَ سوچيو کيس ٿورڙو شراب پيئڻ گهربو هيو، ڇو جو جتي سڀ سوئر کائن اتي شراب جو هڪ ڍڪ حلال هجڻ گهرجي.
    عثمان عليءَ اڳتي وڌي سر ڊائو سان هٿ ملايو ته اهو ڪپهه جو هٿ هيو. سر ڊائو، بادشاهه جارج جي محل جو وهاڻو هيو. فوجي حڪمرانن جا بستر هوندا آهن، اهي ڪمبل، چادرون، سوڙيون ۽ فوم هوندا آهن.
    جنگيون صرف گرم نه هونديون آهن، سرد به هونديون آهن، سرد جنگ جي ڏينهن ۾ فوجي انهن کي ٿڌ کان بچائيندا آهن. گرم جنگين جي ڏينهن ۾ اهي وهاڻن جيان ڦاٽي شهيد ٿي ويندا آهن. ڪپهه فوجين جو رت هوندي آهي.
    سر ڊائو سان جڏهن هن هٿ ملايو ته ڪرنل مارٽن ٻن هٿن جي وچ ۾ ڳالهايو. “هيءُ آهي اهو شخص جنهن منهنجي عزت بچائي ۽ تاج برطانيا سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو.”
    سر ڊائو هن ڏي مهربان نظرن سان ڏٺو ۽ کيس چيو “اسان تنهنجي ڪارنامي تي خوش آهيون.”
    عثمان علي چپ هيو، هن جي چپ اهڙي ڪينچيءَ جيان هئي جيڪا وهندڙ وقت کي اتي ڪٽڻ لاءِ تيار هئي جتي وقت دوکي جي سرحدن ۾ داخل ٿي رهيو هيو. ان کان اڳ جو ڪرنل مارٽن گورنر سر ڊائو کي ڪنهن وڏي انعام لاءِ چئي. سر ڊائو پاڻ ئي ڳالهايو.
    “اسان توکي ان وفاداريءَ جي سلي ۾ گهڻو ڪجهه ڏيڻ چاهيون ٿا.”
    ائين چئي سر ڊائو خوشيءَ مان مرڪيو ۽ ان ڪرنل مارٽن کي ڏٺو، ڪرنل مارٽن جي چپن تي مستقل مرڪ هئي. ڌيءَ جي ملڻ کانپوءِ اهو وقت خالي نه هيو جو هو مرڪيو نه هجي. جڏهن سمهندو هيو ته خواب ۾ ان جي مرڪ جسونيءَ جي چهري ۾ منتقل ٿي ويندي هئي. نيٺ سر ڊائو هن کان پڇيو “هن خوشيءَ جي موقعي تي توکي جيڪي گهرڻو آهي، گهر”
    جڏهن سر ڊائو اهي لفظ چيا ته انگريزن هڪ ٻئي جي ڪن ۾ سُس پُس ڪئي. شايد انهن ائين سمجهيو ته هڪ هندوستاني جنهن کي جاگير جي لالچ نه هجي، اهو آزاديءَ کانسواءِ ڇا ٿو گهري سگهي؟ عثمان عليءَ ڪنڌ ورائي عورتن جي صف ۾ بيٺل لزا کي ڏٺو. عورتن جي صف ۾ قيامت هئي، ماتم هيو. لزا قهر هئي، اهي ئي سوڀيا جون ادائون، نظرون جن مان پيار پيرن تي ڪري رهيو هيو، ٻانهون، ڪرايون، لاهيون،چاڙهيون ۽ اڀار، لزا حسين وادي هئي، جنهن جي جبلن پويان هن جي چهري جو سج زلفن جي ڪرڻن سان ڍڪيل هيو.
    عثمان عليءَ جي من ۾ آيو، هو موقعي جي مناسبت سان پنهنجين وفادارين جي سلي ۾ لزا جو هٿ گهري، ڪرنل مارٽن ۽ سر ڊائو کي چوي ته وفاداريءَ جو سبب عشق هيو. هو لزا سان اهڙي ڪچي ڌاڳي سان ٻڌل هيو جنهن کي هن ويجهو رهي ٽٽڻ نه ڏنو. لزا هن جي محبوبا آهي. لزا ۾ سوڀيا جو روح آهي. لزا کي هن حوالي ڪيو وڃي ته سيني جو کٽيل خال ڀرجي سگهي. پر هو چئي نه سگهيو، لزا ڊيوڊ جي امانت هئي. لزا جو پيار ڊيوڊ لاءِ هيو. لزا ڄاڻي پئي ته عثمان عليءَ جي دل ۾ هوءَ سمايل آهي. عثمان علي هن کي چاهي ٿو ۽ اها چاهت ئي هئي جنهن سبب هن کي آزادي نصيب ٿي.
    سر ڊائو جواب جو منتظر هيو.
    “ٻڌاءِ” هن چيو “توکي ڇا گهرجي؟”
    ڪرنل مارٽن شرارتي نظرن سان هن ڏانهن ڏسي رهيو هيو، نظرون الڳ شخصيت هونديون آهن. ڪڏهن پوڙهيون ٿي اداس ٿي وينديون آهن. ڪڏهن جوان ٿي شوخ ٿي وينديون آهن ۽ ڪڏهن ٻار ٿي شرارت ڪنديون آهن. ڪرنل مارٽن جي نظرن جي شرارت جو سبب پيدا ٿيندڙ اهو فتنو هيو جنهن ۾ سندس خيال موجب عثمان علي انعام طور وطن جي آزاديءَ جي گهر ڪري پئي سگهيو.
    عثمان علي چپ هيو، هن جون نظرون هيٺ هيون. هيٺ ڌرتي هئي جنهن کي ڳاڙهي قالين پويان هو ڏسي نه پئي سگهيو. ڌرتي مٽيءَ جو ڍير آهي ۽ انسان ڌرتيءَ جي مٽي، هر انسان پنهنجي وطن جي مٽيءَ مان ڳوٿل هوندو آهي. اوَر مٽيءَ ۾ دفن هوندي آهي. آنڊا اور سان ڳنڍيل هوندا آهن. اور جو ڪم ڳنڍڻ هوندو آهي. پيٽ۾ ماءُ سان، جيئري ڌرتيءَ سان ۽ مُئي مٽيءَ سان، عثمان عليءَ جا آنڊا سُتل نانگ جيان چرڻ لڳا. نفرت ڪَرُ کڻي هن جي من کي ڏنگ هنيو.
    “ڪجهه نه” هن چيو “صرف هڪ ڪرمنڊل پاڻي”
    هن جي جواب تي سڀ حيران ٿي ويا.
    “ڇا توکي وطن جي آزادي نه گهرجي؟” سر ڊائو سوال ڪيو. “مون سمجهيو هيو تون اهڙي وفاداريءَ جي سلي ۾ آزاديءَ جي گهر ڪندين؟ تنهنجي گهر منهنجي سمجهه ۾ نه آئي ته تون اهو ڇا گهريو؟”
    عثمان عليءَ سوچيو، هو انهن کي ڪيئن ٻڌائي ته جيڪا آزادي ملڻ واري آهي. ان آزاديءَ پويان ڪهڙيون غلاميون سمايل آهن، هو وڌيڪ ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو.
    “ڇا تون ان ڳالهه جي وضاحت ڪندين ته، تون ڪهڙي شيءِ گهري آهي؟” ڪرنل مارٽن پڇيو.
    عثمان عليءَ ڪنڌ مٿي ڪيو ته کيس روشني ايڏي تيز محسوس ٿي جو سڀ چهرا ڌنڌلايل هيا. سر ڊائو سميت سڀ ائين بيٺل هيا جيئن صرف لباس هجن ۽ هو پوشاڪن جي بازار ۾ بيٺل هجي. هن ڳالهايو ته کيس لڳو هو نه ڳالهائيندو هجي پر آواز هن سان ڳالهائيندو هجي.
    “مان اهڙي آزادي حاصل ڪري ڇا ڪندس، جنهن سان لکين انسان قتل ٿين، ڪيترا بي گهر ٿين، هزارين عورتون جبر جو شڪار ٿين، لڏ پلاڻون ٿين، تهذيبن ۾ وريون پون، مذهبي انتهاپسندي عروج تي پهچي، لساني تضاد ٿين، سنڌ جا روڊ ۽ رستا رت سان رنگجي وڃن. سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪري ماڻهن کي مفلوج ڪيو وڃي. هندوستان جي آزادي سنڌ جي غلامي آهي. مون کي آزادي نه گهرجي. هيءَ غلامي آزاديءَ کان سوَ درجا بهتر آهي.”
    گورنر ڊائو هن جون ڳالهيون ٻڌي حيران ٿي ويو.
    “تون نجومي آهين؟” هن پڇيو.
    “نه” عثمان عليءَ چيو. “مان مستقبل آهيان؟”
    معاملو منجهي ويو، سڀ هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسڻ لڳا. ڪرنل مارٽن ڳالهايو. “تون انعام جي توهين ڪري رهيو آهين، تون اسان پاران مليل ايڏي وڏي آڇ تي صرف هڪ ڪرمنڊل پاڻي گهريو آهي.”
    “ها هڪ ڪرمنڊل پاڻي” عثمان علي چيو. “سنڌ ۾ پاڻي ناياب آهي.”
    “ڇو؟” ڪرنل مارٽن چيو.
    “اهو سڀ آزاديءَ جو سِلو آهي.” عثمان علي جواب ڏنو.
    انهن عثمان علي کي ديوانو سمجهيو. اهو ئي سبب آهي جو ڪڏهن ديوانا بزرگ هوندا آهن، چريا مرشد هوندا آهن ۽ فقير، اميري عطا ڪندا آهن.
    ڪرنل مارٽن لزا کي اشارو ڏنو ته اها عثمان عليءَ سان ساڻ وڃي کيس هڪ ڪرمنڊل پاڻي ڏي. لزا عثمان عليءَ ڀرسان آئي ۽ مرڪي پويان اچڻ جو اشارو ڏنو. عثمان علي ان پويان ائين ويو جيئن سندس آڱر ۾ ٻڌل هجي.
    اهي جڏهن بنگلي ۾ پهتا ته عثمان علي کيس ان تلاءَ وٽ وٺي آيو جتي لزا وهنجندي هئي. هو ٻاهرين ڀت وٽ ان ساڳي پٿر وٽ ويو جتي هن جو ڪرمنڊل موجود هيو، پتل جي ڪرمنڊل تي سينور ائين چڙهي ويو هيو جيئن پيلي پتل کي سائو بگ نڪتو هجي.
    هن ڪرمنڊل لزا کي ڏنو ۽ چيو “هڪ ڪرمنڊل پاڻي، تنهنجي وجود سان ڌوتل پاڻي، تنهنجي تلاءَ جو پاڻي، جنهن ۾ تنهنجو جسم وهنجي پاڻيءَ کي پرفيوم ڪري ٿو.”
    لزا هن کان ڪرمنڊل ورتو ۽ اها تلاءَ تي وڃي ان مان پاڻي ڀري آئي. هن ڪرمنڊل عثمان عليءَ کي ڏنو ته عثمان عليءَ پاڻي ۾ ڏٺو. ان اندر سوڀيا جو عڪس لڏي رهيو هيو. هن ڪنڌ کڻي لزا کي ڏٺو. لزا جي اکين ۾ پيار ڀرجي آيل ڳوڙهن اندر پکين جيان تري رهيو هيو، لزا جا چپ اهڙا ڳاڙها هيا جيئن جسم جو رت انهن ۾ ڀرجي ويو هجي. ان عثمان عليءَ کي ويجهو آڻي چمي ڏني. عثمان عليءَ ان جا چپ چوسيا ته کيس لڳو زندگي موٽي آئي هجي. روح پنهنجي جاءِ والاري هجي، پيار هن جي رڳن ۾ لهندو جسم اندر ڦهلجي ويو.
    هڪ ڊگهي چمي عمر کي ننڍو ڪري ٿي. چميون ماڻهوءَ کي جوان رکن ٿيون، عزرائيل کي طاقت نه آهي جو هو ماڻهوءَ کي چميءَ مان ڇڏائي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي. عزرائيل عشق جي ڏينهن ۾ مئل هوندو آهي. عثمان عليءَ لزا کان موڪلايو ۽ لزا نه چاهيندي کيس موڪل ڏني. هو ڪرمنڊل کڻي روانو ٿيو ۽ ويندي لزا کي چيائين.
    “تنهنجي هڪ چميءَ تان سئو آزاديون قربان.”


    آخري باب

    عثمان علي ڪرمنڊل ۾ پاڻي کڻي هليو ته ڇلڪندڙ پاڻيءَ مان کيس سوڀيا جي خوشبوءِ اچي رهي هئي. هن ڪرمنڊل ۾ ڏٺو. آسمان ۾ اڀريل چوڏهينءَ جي چنڊ جو عڪس پاڻيءَ ۾ لڏي رهيو هيو. هو ماٺ ڪري بيهي رهيو. هن نه پئي چاهيو ته هلي ۽ چنڊ جو عڪس لڏي. هن جا قدم بيهجي ويا. هن پٺ ورائي رستي کي ڏٺو ته ڄڻ پنڊپهڻ ٿي ويو. رستي تي پپل جا پيلا پن پيل هجن ته اهو صاف رستي کان به سهڻو نظر ايندو آهي. عثمان عليءَ جي پنڊپهڻ ٿي وڃڻ جو سبب پوئتي ڏسڻ هيو. خواب ۾ پوئتي نه ڏسبو آهي، پوئتي ڏسڻ سان ننڊ خواب تي حاوي ٿي ويندي آهي. عثمان عليءَ محسوس ڪيو هن جي دل گورا قبرستان ۾ دفن آهي. اهو خوابن جو گورا قبرستان رات جي ڪاراڻ ۾ دفن هيو. هو هليو ته پويان کيس سڏ ٿيو. “موٽ”
    صرف آواز پڙاڏو پيدا نه ڪندو آهي پر ڏک جو پڙاڏو به موٽ کائي سڏڪو بڻجي ويندو آهي، هو نه موٽيو، اهو ماضيءَ جو آواز هيو، ماضي وچڙيل بيماري آهي، سڄي عمر ساٿ نه ٿي ڇڏي، ماڻهو مري ڳري وڃي ٿو. انسان آوازن جي واچوڙي ۾ ڦاٿل آهي. ڪَنَ انسانن کي نه، آوازن کي هوندا آهن، آوازن جا ڪن چپن جا محتاج هوندا آهن. ڳالهائڻ ان قابل نه آهي جو اندر جي تشريح ڪري سگهي. لفظ احساسن جون چڪون آهن.
    عثمان عليءَ وري مڙي نه ڏٺو. چوڏهين جي چنڊ ۾ رات مڪمل نه هئي. چنڊ مڪمل هوندو آهي ته اوندهه کٽيل هوندي آهي. اوندهه مڪمل هوندي آهي ته چنڊ کٽيل هوندو آهي. هن کي پويان ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز آيو. اهي سڀ ماضيءَ جا ڪتا هيا. ماتا جا نشان منهن تان مٽجي سگهن ٿا پر ماضيءَ جي ڏندن جان نشان روح ۾ رهجي وڃن ٿا.
    هو چوڏهينءَ ۾ ائين هلي رهيو هيو ڄڻ چانڊوڪي. هن جو پاڇو هن جهڙو هيو ۽ هو پاڇي پويان پاڻ ڳولهي رهيو هيو. اهو پراسرار شهر ائين محسوس ٿي رهيو هيو جيئن هن لاءِ ٺاهيو ويو هجي. هو موٽي رهيو هيو ته شهر ڊهي رهيو هيو. رستن جي ويراني دل جهڙي ويران انڪري نه هئي جو رستن تي هوا ۾ پپل جا پيلا پن اڏري رهيا هيا ۽ دل جي رستن تي ڪو وڻ نه هيو.
    هو لياري نديءَ جي اڀرندي ڪناري پهتو ته کيس پري کان اها پراڻي پل نظر آئي جيڪا کوٽائيءَ کانپوءِ اتي ظاهر ٿي هئي ۽ هو ڏيڍ صدي اڳ اها پل ٽپي آيو هيو. پراڻي پل ائين ئي پراڻي هئي جيئن ڏيڍ صدي اڳ. عمارتن کي سنوارجي ته انهن تي عمر جو اثر نه ٿيندو آهي. عظيم عمارتون کنڊر بنجي خوبصورت ٿينديون آهن. اها پل دفن ٿي وري ظاهر ٿي هئي ۽ ان جو ڪفن ماضيءَ جو ڪفن ٿي چڪو هيو.
    هو پل وٽ آيو ۽ ان نديءَ وٽان هيٺ کاهيءَ ۾ لهڻ شروع ڪيو، پل هيٺ هئي ۽ هو مٿي. هن ڪرمنڊل سنڀالي کاهي لهي پل تي قدم رکيو ته اها کاڌل هڏي جهڙي هئي. پل نه هئي، پل جو ڍانچو هيو، هو ڄڻ ڪرنگهي تي هلي رهيو هيو، ڍور جي قرباني ڪري ماڻهو وار جهڙي پلصراط ٽپي جنت ۾ ويندو پر هو پاڻ کي قربان ڪري ڍور جي ڪرنگهي جهري پلصراط ٽپي ڄڻ جنت کان دوزخ ۾ وڃي رهيو هيو.
    عثمان علي پل ٽپي ٻئي پاسي آيو، هن نظرون کڻي آسمان کي ڏٺو، اها عجيب رات هئي، جيئن اڻ کٽ الم ڪري رات جو ماتمي لباس پراڻو ٿي ڦاٽي ويو هجي. نائين تاريخ جو چنڊ نامڪمل هيو. ان جو اڌ پاسو سڪل هيو. اهو اڌ رنگو نه هيو. اڌ رنگو انسانن لاءِ هوندو آهي. جيئرو اڌ، مئل اڌ کي سهارو ڏيندو آهي، چنڊ اڌ هجي ته وڇوڙي جي علامت هوندو آهي. سوڀيا جو وڇوڙو، سونهري وارن واري سوڀيا، جنهن کان چنڊ متاثر هيو، چنڊ جي روشني، سوڀيا جي چانڊوڪي هئي، نائين تاريخ جو چنڊ، اڌ اونداهو، اڌ روشن، سوڀيا کي ياد ڪري عثمان عليءَ جي اکين ۾ ڳوڙها ترڻ لڳا. ماڻهو پاڻيءَ ۾ ۽ پاڻي اکين ۾ ترندو آهي. اکيون روح جي ڀريل جام جو ڪنارو آهن ۽ ڪنارن تان پاڻي ڇلڪي پوندو آهي.
    عثمان علي ڪرمنڊل ساڻ ڪري ان سوڙهي گهٽيءَ ۾ پهتو جيڪا بغير پلستر جي اگهاڙن بلاڪن وارن ننڍن گهرن جي وچ مان لنگهيندي ٻين گهٽين کي ساڻ ڪري گلٻائيءَ وٽ مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي ڊٿل قبرن وٽ اچي ٿي کٽي. اتي ٽرڪ اڏي جي قبضاگيرن جا قبرن کي ڊاهڻ لاءِ هٿوڙن ۽ ٽيڪمن جا نشان ڄڻ انقلاب جا نشان بنجي چڪا هيا.
    هو گهر جي ڪمري ۾ داخل ٿيو ته سگريءَ ۾ ٽانڊا ٽمڪي رهيا هيا. چڻگون اڏامي رهيون هيون، اوندهه کي مات ڏيڻ جي خوشيءَ ۾ باهه آتشبازي ڪندي آهي. اتي ويٺل سندس پوڙهو پيءُ مانيءَ جا گرهه ائين چٻاڙي رهيو هيو جيئن رزق کي چميون ڏيندو هجي. گرهه چٻاڙيندي ان جو آواز اڀريو.
    “ايڏو جلدي!” ان چيو “وئين ۽ موٽي آئين.”
    پيءَ جي ڳالهه تي عثمان علي حيران ٿي ويو، ان کان اڳ جو جواب ڏئي، پڻس وري ڳالهايو.
    “پاڻي مليو؟”
    “ها” هن چيو.
    عثمان عليءَ ڪنڌ ورائي ڏٺو، هر شيءِ ساڳي هئي. سگريءَ ۾ دکندڙ ٽانڊا هيا جن کي هو وڃڻ وقت وجهي ويو هيو، پيءُ جي پنڊيءَ ۾ ماني اهائي هئي جنهن مان هن پهريون گرهه ڀڳو هيو.
    “پٽ تون آذان ٻڌو؟” پيءُ سوال ڪيو.
    عثمان علي چپ ڪري عجب مان ان ڏانهن ڏسندو رهيو.
    “گهڻو ڪري نه ٿيو آهي.” پيءُ پاڻ ئي جواب ڏنو ۽ پوءِ چيائين “پاڻي رک، ماني کائي وضو ڪرڻو آهي.”
    عثمان عليءَ ڪرمنڊل پاسي سان رکيو ۽ پوءِ ان کٽ تي ليٽي پيو، جنهن جو بستر هن جي وڃڻ کانپوءِ اڃان گرم هيو ڄڻ وقت اک ڇنڀ ۾ گذري ويو.
    ٻئي ڏينهن هو گورا قبرستان ويو، جتي سيمنٽ جي صليب تي پٿر جو عيسا مصلوب هيو. ان کان ويهه قدم اتر طرف، ميريءَ جو ميرو ٿي ويل مجسمو پنهنجو سڄو هٿ ڪڍي هڪ معصوم ٻار جي قبر تي ڇانوَ ڪري بيٺل هيو، ان جي اولهه طرف جتي هڪ قبر جي قطبي تي کوٽيل يسوع جي يارهن حوارين جون سمجهه ۾ نه ايندڙ مورتيون اڪريل هيون. يسوع جي يارهن حوارين مان هڪ آڱر جو اشارو هن کي اڳتي وڃڻ جو اشارو ڪري رهيو هيو. ڪجهه قدم پري سڪل ٻوڙن وٽ سوڀيا جي قبر هئي. ان قطبي تي نظر ڪئي، اتي لکيل هيو لزا مارٽن ۽ هيٺان موت جي تاريخ سترهن اپريل ٻه هزار اٺ درج ٿيل هئي. تاريخ پڙهي عثمان عليءَ جو ڇرڪ انڪري نه نڪتو جو کيس خبر هئي ته اها سوڀيا کي اغوا ڪرڻ کان چوڏهن ڏينهن پوءِ جي تاريخ هئي. هن ڄاتو پئي، اتي لزا نه، سوڀيا دفن آهي.
    هو قبر کي ڀاڪر پائي رنو ۽ هن جي ڍڍڪريون ڀري روئڻ تي قبرستان جو مجاور هن مٿان آيو. ان کي هڪ اڻ سڃاتل چهري وارو شخص نظر آيو.
    “هيءَ ڪرنل مارٽن جي ڌيءَ جي قبر آهي.”
    هن مجاور کي ڏٺو ۽ پوءِ ڳوڙها اگهي، قبرستان مان ٻاهر ويندي، چيو:
    “مون کي خبر آهي مسٽر بائرن.”
    مجاور بائرن هن کي پويان قبرستان مان ويندي حيرت مان ڏسندو رهيو.


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 881
    ڪتابن جو مشاهدو: 2589273
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 663432
    2020 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ