ساروڻيون: منهنجي امڙ اشرف خاتون
مان پنهنجيءَ امڙ سانئڻ اشرف خاتونءَ جون ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون لکان؟ ۽ شروعات ڪٿان ڪريان؟ پنهنجون ڪهڙيون ڪوتاهيون ۽ امڙ سانئڻ جي ڪهڙي ڪهڙي ٻاجھه بيان ڪريان؟ هوءَ ڏاڍي ٻاجھاري هئي. اسان سڀني کي پنهنجين مائرن جو سندن جيئري ئي قدر ڪرڻ گهُرجي ۽ سندن چيو مڃڻ گهُرجي. آئون اڄ جيڪو ڪُجھه به آهيان امڙ سانئڻ جي تربيت، پيار، پاٻوهه ۽ دعائن جي ڪري ئي آهيان.
منهنجي امڙ اشرف خاتون هڪ نيڪ سيرت، سُلجهيل، سڄاڻ ۽ سُگهڙ سياڻي عورت هُئي. هُوءَ ٻه درجا سنڌي پڙهي هُئي. مان سمجهان ٿو ته پنهنجي ڳوٺ، ڳوٺ گل محمّد ڄامڙي ضلعي خيرپور جي هوءَ پهرين نه تڏهن به پهريُن ڪُجهه پڙهيل ڳڙهيل عورتن ۾ شامل هُئي. هن کان پوءِ هتان جي ٻين نياڻين پڙهڻ شروع ڪيو.
منهنجيءَ امڙ ٻين ماين جا ڪپڙا لَٽا سبي نه رڳو مون کي پڙهايو لکايو پر هر خواهش پوري ڪرڻ جا جتن ڪندي هُئي. پاڻ بُکي ڏکي رهي اسان کي سُکيو رکيائين. هوءَ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪپڙن سبڻ جي ماهر هُئي. سندس پڙهيل ڳڙهيل ذهن اسان جي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. هوءَ هڪ ته پڙهيل لکيل هُئي ٻيو سندس ادب سان به وڏو لڳاءُ هو. صُوفي شاعرن جو ڪلام پڙهڻ ۽ جھُونگارڻ سندس اڪيلائيءَ جا ساٿي هُوندا هُئا ڇا ڪاڻ ته، اسان جو گھر ڳوٺ کان ٻاهر بلڪُل اڪيلو جھنگ ۾ هُوندو هو. بابو سائين لونگ خان ٻنيءَ ٻاري جي ڪم سانگي رات پِرات جو ٻاهر هُجي ته اڪيلي امڙ سانئڻ اسان کي سنڀاليندي هُئي. سندس آواز ڏاڍو سُريلو هُوندو هو ۽ شاهه سائينءَ جو ڪلام اڪثر جهُونگاريندي رهندي هُئي. هُوءَ شاعري به ڪندي هُئي.
ڪُجھه گيت خاص ڪري منهنجي لاءِ ڳائيندي هُئي ۽ اُنهن ۾ مون کي نالو کڻي مخاطب ٿيندي هُئي ۽ دعائون ڏيندي هُئي. ڳوٺ جي ٻين ماين جي هر معاملي ۾ رهنمائي ڪندي رهندي هُئي. مان سندس ٻولين ۽ لولين مان ايترو ته مُتاثر ٿيس جو سنڌي شعر ۽ ادب ۾ پير پاتم. ڪٿي به ڪو ادبي ميڙاڪو ٿيندو هو ته، بابي سائينءَ کان لڪائي مون کي ڀاڙي ڀُتي جا پيسا ڏئي موڪليندي هُئي. سندس تربيت ئي منهنجيءَ دل ۾ راڳ رنگ ۽ راڳين لاءِ محبت پيدا ڪئي. انهيءَ محبت جي نتيجي ۾ فنڪارن بابت ڪتاب ‘سنڌي ثقافت جا امر آواز’ لکيم، جيڪو سندس نالي ڪيم پر مون کي افسوس آهي ته هوءَ اهو ڪتاب ڏِسي نه سگھي. جيڪڏهن ڏسي ها ته تمام گھڻي خوش ٿئي ها.
هتي امڙ سانئڻ بابت هڪ يادگار واقعو به اوهان کي ٻڌايان ٿو، جنهن سبب امڙ سانئڻ کي ڏاڍي پريشاني ۽ مون کي ڏک پلئه پيو. ٿيو هينئن جو امڙ سانئڻ کي علاج لاءِ مان ۽ امڙ جو ماسات ۽ منهنجو مامو لحاظ علي ڄامڙو ريل رستي لاڙڪاڻي وٺي وڃي رهيا هُئاسين. روهڙيءَ ۾ امڙ کي ريل ۾ ويهاري ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ وياسين. ٽڪيٽ وٺڻ تي وڏي قطار لڳل هُئي، جنهن ڪري ڪُجهه دير ٿي. جڏهن واپس آياسين ته، گاڏي هلي چُڪي هُئي. اسان اسٽيشن تي ۽ اَگھِي امڙ سانئڻ ريل ۾ هُئي. اڳي موبائل فون ته اسان وٽ هيا ڪونه، جو هڪ ٻئي سان رابطو ڪري وٺون ها. سو اسان ڇا ڪيو، جو ويگن ذريعي لاڙڪاڻي پهچڻ جو فيصلو ڪيو. پوءِ اسان هڪ دم رڪشو ڪري سکر پهتاسين؛ جتان ويگن ۾ چڙهي لاڙڪاڻي پهتاسين. سفر دوران دعائون گھرندا رهياسين ته، الهه ڪري امڙ لاڙڪاڻي خير خيريت سان پهچي ۽ امڙ وري اسان لاءِ دعائون گھرندي رهي. بهر حال جڏهن اسان لاڙڪاڻي ريلوي اسٽيشن تي پُڳاسين ته اُها ريل گاڏي به اچي پهتي. امڙ سانئڻ ملي وئي ۽ الله سائينءَ جو شڪر ادا ڪيوسين.
امڙ سانئڻ جي زندگيءَ جا آخري سال بيماريءَ ۾ گذريا. اڌ رنگي جي مرض، جنهن کي فالج به چوَن ٿا، تنهن کيس وَڪوڙي وِڌو هو ۽ اٽڪل ساڍا ٽي سال کٽ تي پئي رهي.فالج جو علاج ته هئو پراسان وٽ وري ايترا پيسا ڪونه هُئا ۽ نه ئي ڪو مدد ڪرڻ وارو هو. سندس حالت مان ڏِسي به نه پئي سگھيس. نيٺ چُڙي چُڙي 28هين جُولاءِ 2002ع تي الله سائينءَ کي پياري ٿي وئي.
اِهو به افسوس آهي ته امڙ سانئڻ جي جنازي ۾ به نه پهچي سگھيس. سندس فوتيءَ جي خبر ٻُڌندي ئي ڪراچيءَ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته، ريل نڪري چُڪي هُئي. الآصف اسڪوائر پهتاسين ته اُتي به بسُون شام جو نڪرڻ جو چيو ويو. وري ريلوي اسٽيشن ڏانهن وياسين ته هڪڙي ريل ملي جنهن وڃي روهڙيءَ لاٿو، جڏهن ته اسان کي ريلوي اسٽيشن راڻي پور تي لهڻو هو پر ان ريل جو راڻي پور ۾ اسٽاپ ئي نه هو. ايتري ۾ امڙ سانئڻ جو دفن ڪفن ٿي چُڪو هو ۽ سندس منهن ڏسڻ کان به محروم رهيس، جنهن جو ڏک اڃا تائين نه ٿو ختم ٿئي. ڌڻي سائينءَ کان دُعا آهي ته امڙ سانئڻ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ ڏئي. آمين!
****