ٻاراڻو ادب

بهادر ڇوڪري

ڪتاب ۾ شامل هي لکڻيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان وقت لکيون، جڏهن هو ٻار يا ڇوڪرو هو. سندس پراڻين لکڻين شايع ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي اُتساهه ڏيارڻ آهي. هي لکڻيون 1986ع کان 1990-91ع تائين جون لکيل ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪي ڪهاڻيون وري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام ٻارڙن جي دنيا ۾ بہ پڙهيون ويون. هڪ مضمون 1998ع جو لکيل آهي
Title Cover of book بهادر ڇوڪري

حرڪتي ٻار

حرڪتي ٻار مٿي جو سُور ۽ سُلڇڻا هر ڪنهن جي ڳچيءَ جو هار هُوندا آهن. سَدورڙا ٻار پيءُ، ماءُ، وڏڙن ۽ اُستاد جي ٻُڌايل واٽ تي هلندا آهن پر نندورا ٻار وڏڙن جو چيو هڪ ڪَن سان ٻُڌندا آهن ۽ ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندا آهن. چوِڻي آهي ته، “مائٽ ميڻ، اولاد پٿر!” جيڪڏهن چڙهيا ڪنهن بينش تي ته الله پيو رحم ڪري. تيستائين مُور نه مُڙندا، جيستائين ڪا سزا ملين.
رياض ۽ بدر نالي ٻه ڇوڪرا هڪ ئي ڳوٺ جا، هڪ ئي درجي ۾ پڙهندا هُئا. رياض هوشيار ۽ بااخلاق ڇوڪرو هو ۽ هر سال پهريون نمبر کڻندو هو؛ پر بدر حرڪتي، ڪم چور ۽ جَڏو شاگرد هو. رياض بدر کي گهڻو ئي سمجهائيندو هو ته ادا! شرارتون ڪرڻ سُٺن ٻارن جو ڪم ڪين آهي. تون پڙهڻ سان دل رک ته وڏو ماڻهو بڻبين؛ پر هُو رياض جي ڳالهين تي ڪو به ڌيان ڪونه ڌريندو هو. پنهنجيءَ ڌُن ۾ مگن لڳو پيو هُوندو هو.
آخر هڪ دفعي ائين ٿيو جو ڦٽاڪن جي عيد آئي ته، ٻنهي کي پنهنجن پنهنجن مائٽن عيد جي خرچي ڏني. رياض ته سياڻو ڇوڪرو هو سو اُن سڄي خرچي خرچڻ بدران ڪُجهه بچائي رکي ڇڏي؛ پر بدر کي ته، آرام ئي نه پيو اچي. بس ڳڻتي هئس ته، ڪيئن به ڪري ڦوڪجي، سو ڦٽاڪا وٺي آيو. ڦٽاڪن کي باهه ڏئي ڌماڪا ڪرڻ لڳو. ڪُجهه ڦٽاڪا اُڏايائين ته، هڪ ٻَرندڙ ڦَٽاڪو سِڌو وڃي هُنن جي گهر جي لوڙهي ۾ ڪِريو ۽ لوڙهي کي باهه وٺي وئي. جڏهن ڳوٺ جي ماڻهن کي خبر پئي ته بدر جي گهر کي باهه لڳي آهي ته، باهه وِسائڻ لاءِ ڪو پاڻيءَ جا ڀريل دِلا ته ڪو مَٽ ته ڪو چونريون ته ڪو ٽينَ کڻي اچي پهتو.
نيٺ باهه ته ڳوٺ وارن وِسائي ورتي. باهه سبب لوڙهي کان سواءِ مَنَهُن ۽ هڪ ڳئونءَ جي پُٺيءَ جو ڇوڙو سڙي ويو. اهو ڏِسي ڊَپ کان بدر ڳوٺ ۾ لڪي ويو. جڏهن بدر جو پيءُ شهر کان موٽي آيو ته، ڏٺائين ته، لوڙهو وغيرهه سڙيو پيو آهي ۽ پُڇا ڪيائين ته، ههڙو قهر ڪنهن ڪيو آهي؟ سڄي حقيقت کيس گهران پئي. پوءِ پڻهنس بدر کي ڳولي ڳولي ڏاڍي مار ڏني.
بدر ايلاز منٿون ڪري مار مان جان ڇڏائي ۽ واعدو ڪيائين ته، اڳتي مون شرارتن کان توبهن ڪئي.
اُن کان پوءِ هُن ٻيا سڀ ڪِنا ڪم ڇڏي ڏنا ۽ شريف ۽ سُٺو شاگرد ٿي پڙهڻ لڳو ۽ ايندڙ امتحان ۾ پهريون نمبر آيو. پوءِ ته بدر جا سڀ مِٽ مائٽ کيس پيار جي نگاهه سان ڏِسڻ لڳا ۽ پنهنجي منزل رياض وانگر محنت ۽ سُلڇڻائپ سان ماڻڻ لڳو.
جيڪڏهن بدر ڪنهن زيان ڪرڻ يا نقصان کائڻ کان پهريان ئي سُلڇڻو ۽ پڙهاڪو ڇوڪرو هُجي ها ته وڌيڪ سُٺو ٿئي ها.
****

(20 هين سيپٽمبر 1989ع)