ٻاراڻو ادب

بهادر ڇوڪري

ڪتاب ۾ شامل هي لکڻيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان وقت لکيون، جڏهن هو ٻار يا ڇوڪرو هو. سندس پراڻين لکڻين شايع ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي اُتساهه ڏيارڻ آهي. هي لکڻيون 1986ع کان 1990-91ع تائين جون لکيل ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪي ڪهاڻيون وري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام ٻارڙن جي دنيا ۾ بہ پڙهيون ويون. هڪ مضمون 1998ع جو لکيل آهي
Title Cover of book بهادر ڇوڪري

ساڙيلو ڀولو

هڪ ڏينهن وڏ ڦُڙو مينهن وَسي رهيو هو. مان به ڪُهاڙي کڻي جهنگ مان ڪاٺيون ڪرڻ ويو هُئس ۽ جهنگ ۾ مِينهن جي ڦُڙين کان بچڻ لاءِ هڪ وڻن جي جهُڳٽي هيٺان پنهنجي ڀِڳل ڪپڙن سان وڃي بيٺم ته اوچتي هڪ ڀولي تي نظر پئي. ڏِسي ڪُجهه ڀئو به ٿيو، پر ڪُهاڙي مضبُوطيءَ سان هٿن ۾ جهلي دل ٻَڌي بيٺو رهيس. پر هُو مِينهن جو ماريو ڪُجهه پَرڀَرو وڃي وڻن هيٺان ويهي رهيو ۽ سيءَ جي ڪري ڏَڪڻ لڳو. جن وڻن هيٺان ڀولو ويٺو هو، اُنهن وڻن جي جهُڳٽي ۾ هڪ ڦُوسي پنهنجي آکيري ۾ مينهن کان لڪي ڏاڍي خوش لڳي ويٺي هُئي، سا ڀولي خان کي چوَڻ لڳي ته: “جيڪر تون به مون وانگر پنهنجو اَجهو يعني گهر اَڏين ها ته هينئرآرام سان نه ويٺو هُجين ها؟” اها ڳالهه ڀولي صاحب کي نه آئُڙي ۽ کيس ڏاڍي مَٺيان لڳي. سو ٽپ ڏئي ويچاريءَ ڦُوسيءَ جو آکيرو ڊاهي هيٺ ڦِٽي ڪري ڇڏيائين. ڦُوسي هُن کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏِسي آکيري مان نڪري وڃي وڻ جي لامن تي ويهي رهي ۽ مِينهن ۾ ڀولي وانگر ڀِڄڻ لڳي. ڏَڪڻ لڳي ۽ ڀولي کي پِٽڻ لڳي. ان تي هُن کي خوشي به ٿي ته ڪاوڙ به لڳي. ڀولو خوش ان ڪري ٿيو جو ڦُوسيءَ کي پاڻ جهڙو بڻايائين ۽ ڪاوڙيو ڦُوسيءَ جي گهٽ وڌ چوَڻ تي. سو ڀولي هُن کي مارڻ جي ڪوشش به ڪئي پر هوءَ پري اُڏري وئي ۽ ڀولي به اُن طرف رُخ رکيو پر پوءِ ڀولو ڦُوسيءَ کي نه پُڄي سگهيو، ڇاڪاڻ ته ڀولو اڏري ناهي سگهندو.
ڀولي ساڙ ۾ ڦوسيءَ جو آکيرو ته ڊاهيو پر وريس ڪُجهه به ڪونه. ڇا ڪاڻ ته بد نيت ۽ ساڙ سڙيو انسان توڙي جانور ٻئي کي وقتي نقصان ته ڏئي سگهي ٿو پر ڪو فائدو حاصل ڪري نه سگهندو. نتيجي ۾ کانئس نفرت ڪئي ويندي، جنهن سان کيس ڪو وڏو نقصان به پهچي سگهي ٿو.
ڀولي ۽ ڦوسيءَ جي منظر کان پوءِ مينهن به ڪُجهه گهٽيو ته مان به مِينهن سان پسيل ڪاٺين جي مُني ڀَري ڪري گهر ڏانهن تڪڙيون تڪڙيون وِکون کڻي وڃڻ لڳس ۽ ڪَڪر به موج ماڻي پنهنجي ماڳ اُسهي رهيا هُئا ۽ ڪِرڻا وري زمين جي سر سبز سيني تان ڌرتيءَ جو پسينو پي رهيا هُئا ۽ هوا وهنجاريل وڻن جا وار سموهي رهي هُئي.
****

(ٻارهين جنوري 1989ع)