صُبح جو باغ جو سير
سُبحان الله! پکين جون لاتيون به عجيب آهن. دل ائين پئي چاهيندي آهي ته، جيڪر اهو صُبح صادق سدائين قائم رهي ۽ پکين جون لولين ڀريون ٻوليون ٻُڌجن ئي ٻُڌجن پيون. مون اتي وضو ڪري نماز پڙهي ۽ دل ۾ اوچتو خيال اچي ويو ته، جيڪر پنهنجي باغ جو سير به ڪجي. اهو خيال ڪري ٻاهر نڪتس ته اُڀ تي نيرا نيرا، ڪارا ڪارا ڪڪر ڪڏهن اُتر ته ڪڏهن ڏکڻ، ڪڏهن اولهه ته ڪڏهن اوڀر ڏانهن صُبح جو پنهنجي سفر جي ڌُن ۾ مصروف هُئا. هوڏانهن ڪي ڳوٺ جا ماڻهو به پنهنجيءَ پوک جو سُڌ سماءُ وغيرهه لهڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي خيال سان بيٺا هُئا. مان جڏهن باغ جي ڀر سان پهتس ته ماڪ ۾ گهِميل ۽ ٽِڙيل گلڙن مُنهنجي پري کان ئي آجيان ڪئي. هوڏانهن ڪويل به ڪَڪر ڏِسي پنهنجيءَ ڌُن ۾ لڳي پئي هُئي. هيڙها، بُلبُل ۽ ڳيرا به ڌڻيءَ جي ذڪر ۾ مشغُول هُئا. وري جهرڪين ۽ ڪَٻرين جو پاڻ ۾ جهيڙو لڳو پيو هو؛ جو ڏِسڻ وٽان هو ۽ طوطا به پنهنجي مِٺڙي ۽ پياري ٻولي ٻولي رهيا هُئا.
ڪانوَ به ڪان ڪان ڪري، اُتان پنهنجي روزگار لاءِ اُڏاڻا. وري ڪَنگن جون قطارن جون قطارون به پنهنجي مقصد لاءِ اُڏاڻيون. ڪي ڪَنگ ڪنهن طرف ته ڪي ڪَنگ ڪنهن طرف اُڏامي هليا. هوڏانهن گلڙا به پنهنجيءَ پنهنجيءَ خوشبوءِ سان من موهي رهيا هُئا. بهار جي موسم هُئي. باغ ۾ جيڪي به وڻ ٽڻ هُئا. سڀ ٻُور ۽ گُل ٻاٽيءَ سان ٽِنڊريا پيا هُئا، سُرهاڻ سان پنهنجو جلوو جمال پَسائي رهيا هُئا.
مان سمجهان ٿو جيڪڏهن ڪو بيمار ماڻهو صُبح جو باغ جو سير ڪندو ته اُهو صحتياب ٿي ويندو. مُنهنجي دل اهڙن گلڙن، وڻن ٽڻن ۽ پکين پَکڻن جي لاتين کي ڇڏڻ ڪونه پئي چاهي پر اسڪول به وڃڻو هو. پوءِ گهر موٽي نيرن ڪري، وهنجي سهنجي ڪتاب کڻي اسڪول ڏانهن آيس.
****