ٻاراڻو ادب

بهادر ڇوڪري

ڪتاب ۾ شامل هي لکڻيون ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ان وقت لکيون، جڏهن هو ٻار يا ڇوڪرو هو. سندس پراڻين لکڻين شايع ڪرائڻ جو مقصد ٻارن کي اُتساهه ڏيارڻ آهي. هي لکڻيون 1986ع کان 1990-91ع تائين جون لکيل ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ڪي ڪهاڻيون وري ريڊيو پاڪستان خيرپور جي پروگرام ٻارڙن جي دنيا ۾ بہ پڙهيون ويون. هڪ مضمون 1998ع جو لکيل آهي
Title Cover of book بهادر ڇوڪري

بهادر ڇوڪري

هڪ ڳوٺ تي وڏيري ڪانڀُو خان جي نالي سان هڪ ڏاڍو ظالم زميندار راڄ ڪندو هو. کيس شير دل نالي هڪ پُٽ هو، جيڪو به کانئس گهٽ ظالم ڪونه هو. اڃا به پيءُ کان پنج وِکُون اڳڀرو هو ۽ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن، ٻُڍن توڙي ٻارن، مردن توڙي ماين تي حُڪم هلائيندو هو. مطلب ته ڏاڍو ٽرڙو هو. وڏيري جو پُٽ هيو ان ڪري ڪنهن کي همٿ نه ٿيندي هُئي، جو ڪو وڏيري ڪانڀُو خان جي پُٽ کي کڻي اُف چئي. وڏيري کي ته گهڻا ئي نوڪر هُئا، جيڪي سندس ڪُتن ۽ ڪُڪڙن کي پالڻ ۽ سندس چمچاگيري ڪرڻ جي ڪِرت بنا پگهار ڪندا هُئا. وَڌوءَ نالي سندس هڪ هاري به هو، جنهن کي هڪڙي ڌيءُ هُئي. اهو پنهنجيءَ ڌيءُ کي وڏيري کان چوريءَ شهر ۾ رهائيندو هو.
وڌو هڪ دفعي هر ڪاهي رهيو هو. اُن ڏينهن سندس ڌيءُ جيڪا هتان جي ماحول کان بلڪُل بي خبر هُئي، جنهن جو نالو سنڌو هو، تنهن کي موڪل هُئي ۽ سندس زال سڀائي بيمار هُئي؛ سو پنهنجيءَ نياڻيءَ کي چئي ويو هو ته:“ڌيءُ! مان هر تي ٿو وڃان، پوءِ تون ماني کڻي اچجانءِ!”
هوڏانهن وڏيري جو پُٽ شير دل به سير سفر تي هٿيار هٿ ۾ کڻي نڪتو هو. جيڪا شيءِ سندس آڏو پئي اچي اُن کي وهائي پيو ڪڍي. پوءِ اُهو ماڻهو هُجي يا جانور. جڏهن سنڌوءَ جي پيءُ وٽ پهتو ته، ماني کائيندڙ کي ٺڪاءُ کڻي چماٽ ڪڍايائين. اهو ڏِسي سنڌوءَ کان برداشت نه ٿي سگهيو ۽ ٺڪاءُ کڻي شير دل کي چماٽ هنيائين. شير دل چماٽ جهلي واپس وريو ۽ وڃي پنهنجي پيءُ کي دانهن ڏنائين. اهو پهريون دفعو هو جو هڪ غريب هاريءَ جي نينگريءَ اڳ جو رڪارڊ ٽوڙي وڏيري جي پُٽ کي چماٽ هنئي.
وڏيرو باهه ٿي ويو. هاريءَ ۽ وڏيري ۽ ڪمزور ۽ طاقتور بابت هڪ چوِڻي به آهي ته: “ڏاڍي تي ڪاوڙ چڙهي ڪانه ۽ هيڻي تان لهي ڪانه!” سو هاريءَ ڏانهن ماڻهو موڪليائين. هيڏانهن وڌو ويچارو پنهنجيءَ نياڻيءَ سنڌوءَ کي پِٽڻ لڳو ۽ چوَڻ لڳس ته :“جيڪر نه ڄمين ها ته ههڙن سُورن کان ئي آجو ٿي پوان ها. مون تو کي ان لاءِ ته ڪونه پڙهايو هو ته... هاڻي وڏيرو سائين اسان جو جهُڳو ئي جهڻ ڪري ڇڏيندو.” سنڌوءَ پيءُ کي چيو :“مان وڏيري سان پاڻهي ڳالهائينديس. پڙهبو ان لاءِ آهي ته هر ڏاڍ جي آڏو سينو تاڻي بيهجي ۽ جيئن حق سچ کي سُڃاڻي سگهجي.”
وڌو وڏيري وٽ حاضر ٿيو ۽ هٿ ادب جا ٻَڌي، ڳچيءَ ڳل ڪپڙو پائي عرض ڪرڻ لڳو:“ سائين! مون ته پنهنجيءَ ڌيءُ کي ماري ماري سڄائي ڇڏيو آهي. هاڻي توهان جي هٿن ۾ ٿو ڏيان. توهان کي جيتري وڻيوَ تنبيهه ڪريوس. سنڌو پاڻ سان گڏ ڪتاب کڻي آئي هُئي. وڏيري جي سامهون لاڌڙڪ ۽ بنا ڀوَ جي هڪ بهادر سپهه سالار جيان بيٺل هُئي. وڏيرو ڪاوڙ مان ڏَڪندي سنڌوءَ ڏانهن اشارو ڪندي چوَڻ لڳو :“اَئِي ڇوري! تو کي اها جُرئت ڪيئن ٿي جو تون مُنهنجي پُٽ سان کونسي آهين؟ تو کي خبر آهي ته تون ڪنهن جو کائيندي ۽
پائيندي آهين؟”
سنڌو چوَڻ لڳس: “وڏيرا سائين! اها طاقت مون کي هن ڪتاب ارپي آهي. مان پنهنجي ڌڻيءَ جي در جو کانوان ٿي. ڇا رب پاڪ تو کي ان لاءِ پيدا ڪيو آهي ته، تون غريبن تي ڏاڍ ۽ ظلم ڪرين؟ اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ماني کائيندڙن کي بي گناهه ماريو وڃي؟ هيءَ ڌڻيءَ جي ڌرتي آهي. هن تي هر ڪنهن کي رهڻ جو حق آهي. ڇا اهي انسان نه آهن جن کي لٺيون ٿا هڻو؟ توهان جي پُٽ کي خسيس ٿڦاڙ لڳي آهي ته هيتري واويلا مچائي اٿوَ؟ جيڪڏهن تون زميندار آهين ته تنهنجي مرضي هلي. ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. تنهنجو بيڪار پُٽ ڀل هر ڪنهن کي پيو ڏُکائي، تون هت ڀلي اسان تي جبر هلاءِ پر ياد رک قيامت جي ڏينهن تو کان هر حساب چُڪائي وٺبو. هت ظالم کي ڊگهو رسو هُوندو آهي ۽ هاڻي تنهنجي ظلم جا ڏينهن باقي ٿورا بچيا آهن.”
هوڏانهن سنڌوءَ جي پيءُ جو ساهه پيو وڃي ۽ هر هر پنهنجيءَ ڌيءَ کي روڪي پيو ته ڌيءُ! وڏيري سائينءَ سان ائين نه ڳالهائبو آهي. انهن جوشيلن لفظن وڏيري تي ايڏو ته اثر وِڌو جو وڏيري سائينءَ جون وايون بتال ٿي ويون ۽ صفا چُپ ٿي ويو ۽ ڇوڪريءَ مان اچي ڦاٿو.
نيٺ ڳالهه سمجهه ۾ آيس. پوءِ ته سنڌوءَ کي ڏاڍن انعامن سان نوازيائين ۽ پنهنجي پُٽ شير دل کي به شهر ڏانهن پڙهڻ لاءِ موڪليائين ۽ ڳوٺ ۾ به پنهنجي خرچ تي هڪ اسڪول ٺهرايائين، ڪُتن ۽ ڪُڪڙن ويڙهائڻ وارا ڌنڌا ڦِٽي ڪيائين.
ٻارؤ! توهان ڏٺو ته علم ۾ ڪيڏي نه سگهه آهي، جو ظالم وڏيري کي به هڪ پڙهيل نياڻيءَ آڏو جهُڪائي وِڌائين ۽ بهادر ڇوڪري وڏيري جي اڳيان پنهنجي دليريءَ سان شينهن جيان گجندي رهي ۽ هڪ غريب ڇوڪري هوندي به علم سبب بهادريءَ جو نئون مثال قائم ڪيائين.
****