سچار ڇوڪر
حاڪم هڪ ڏينهن شهر ڏانهن وڃي رهيو هو، ته واٽ تان هُن ٽيهه رپيا ۽ سون جي مُنڊي لَڌي ۽ کڻي اچي هُو هڪ جاءِ تي ويهي دل ۾ سوچڻ لڳو ته: “هي پيسا ۽ مُنڊي ڪاڏي ڪجي؟” هيءُ اهو سوچي رهيو هو ته، سندس هڪ دوست شريف به اچي ويو. حاڪم سڄو احوال شريف کي ٻُڌايو. شريف هُن کي چيو :“يار! پيسا مون کي ڏي، باقي مُنڊي تون کڻ. تو ته اِهي لَڌا آهن، ڪنهن جا چوري ته ڪونه ڪيا اٿئي؟ جيڪڏهن ڪو مالڪ ٿيُن ته ڏٺو ويندو.” پر حاڪم ائين نه ڪيو ۽ هُن شريف کي چيو سُڀاڻي مان اهو احوال پنهنجي اُستاد کي ٻُڌائيندس. ان تي شريف حاڪم سان ڪاوڙجي هليو ويو.
حاڪم ٻئي ڏينهن جڏهن اسڪُول آيو ته اُستاد جي ڪمري ۾ گهڙڻ سان سڀ ٻار اُٿي بيٺا. اُستاد ويهڻ لاءِ چيُن ته سڀ شاگرد ويهي رهيا؛ پر حاڪم اُٿيو بيٺو رهيو. اُستاد کانئس سبب پُڇيو ته ڇوڪرا! تون ڇو بيٺو آهين؟
حاڪم وراڻيو سائين! مان هڪ ڳالهه توهان کي ٻُڌائڻ ٿو چاهيان. اُستاد کيس چيو تنهنجي ڳالهه پوءِ ٿا ٻُڌئون؛ پهريان مُنهنجي ڳالهه ٻُڌو! ان تي سڀني شاگردن ڌيان ڌريو ۽ اُستاد کي چيائون سائين! ٻُڌايو. اُستاد چيُن ڪالهه شهر ويو هُئم، سو اُتي مُنهنجي هڪ مُنڊي ۽ ٽيهه رپيا ڪِري پيا. توهان مان ته ڪنهن کي هٿ نه آيا آهن؟
ان تي حاڪم رڙ ڪري چيو ته، سائين! مان اها ئي ڳالهه ته اوهان کي ٻُڌائڻ پيو چاهيان. اهي شيون مُون لَڌيون آهن ۽ هي آهن.
ان تي اُستاد پيسا ۽ مُنڊي حاڪم کان وٺي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس شاباس سان گڏ ڏهه رپيا انعام به ڏنائين.
سو ٻارؤ! توهان به سدائين سچ ڳالهائيندا ڪريو ۽ حاڪم وانگر ائين مانُ ماڻيندا ڪريو.
سچ چوَڻ سان ملندو پيار، ڪڏهن ٿيندس ڪين خوار
****